سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:14 

”ڪروزيڊ“ مسيحي جهاد جو زمانو  THE CRUSADES

 

رومي سلطنت ۽ يورپ جي مذهبي حالت

اِسلام کان اڳ يورپ ۾ رومي شهنشاهت وڏي عروج کي پهتل هئي. براَعظم ايشيا توڙي آفريقا ۾ وڏا علائقا سندس اقتدار هيٺ هئا. پر جڏهن اِسلام جو ظهور ٿيو. تڏهن شام، مصر، اُتر آفريقا، اسپين، بحيره روم جا ٻيٽ ۽ ايشيا ڪوچڪ جا علائقا مسلمانن فتح ڪيا. اُهي عرب هئا، جن هن عظيم الشان سلطنت جي تجمل کي هڻي ڪيرائي وڌو. مغرب ۾ عربن جي تلوار خون آشام پرنيس جبل پريان سرزمين فرانس ۾ چمڪڻ لڳي ۽ پڻ مغرب ۾ ئي قسطنطيه تي جيڪي اسلام جا هڪ ٻئي پويان حملا ٿيندا رهيا، تن مان رومةالڪبريٰ جي شهنشاهت کي گهڻو خوف هو. سندن مرڪزي حڪومت جنهن جو يورپ ۾ روم تختگاهه هو. اُها هن وقت ٻن حصن ۾ ڇڄي ورهائجي وئي. هڪڙي مغربي سلطنت ليکبي هئي. جنهن جو تختگاهه روم هو ۽ ٻي مشرقي سلطنت جنهن جو تختگاهه قسطنطنيه هو. هن مشرقي حڪومت کي بازنطيني شهنشاهت به ڪري  سڏيندا هئا. سن 335ع ۾ ساس رومي سلطنت جو شهنشاهه ٿيو. هن عظيم الشان سلطنت کي ٻن حصن ۾ ورهائي مشرقي حصو پنهنجي پٽ آرڪيڊاس جي حوالي ڪري ڇڏيو. قسطنطنيه جي بازنطيني خاندان جي شهنشاهن اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين حڪومت ڪئي. مگر پويان اڪثر عياش ۽ ڪمزور هئا. جنهنڪري مشرقي سلطنت جو اندروني انتظام به ويو ڪمزور ٿيندو. سندن ڪمزورئ جي ڪري ماتحت قومن مثلاً سلاف، بلغاري ۽ ٻين پنهنجئ آزادئ لاءِ فساد ڪيا. پر پهرين تاجدارن مان جو سطينين وڏو عقلمند ۽ بهادر شهنشاهه ٿي گذريو، جو سن 527ع ۾ تخت تي ويٺو. وٽس ٻه مشهور جرنيل بليسارس ۽ ناراساس نالي هئا. جن حڪومت جي انتظام ۾ پنهنجي شهنشاهه کي چڱي مدد ڏني. هن شهنشاهه قسطنطنيه ۾ هڪڙي وڏي ديول تعمير ڪرائي جا روم جي سينٽ پيٽر جي ديول جي مقابلي ۾ شاندار هئي. مٿس سينٽ صوفيا St.Sophia نالو رکيائين. سن 1453ع ۾ جڏهن عثماني ترڪن قسطنطنيه فتح ڪيو تڏهن هن کي جامع اَبا صوفيه جي نالي سان سڏڻ لڳا. سن 1923ع ۾ ترڪن مٿس جامع محمدي نالو رکيو. سن 610ع ۾ هرقل هن سلطنت جي تخت تي ويٺو جنهن فارس (ايران) جي آتش پرست شهنشاهن سان هڪ ٻه دفعا جنگيون جوٽيون هيون. بعد عيسوي ڇهين صدئ جي جڏهن مسلمانن (عربن) فارس، اَفغانستان، وسط ايشيا ۽ آفريقا جي اُتر وارا ملڪ فتح ڪيا. تڏهن رومين سان سن 716ع ۾ پهريون ڀيرو ايشيا ڪوچڪ ۾ مقابلو ٿيو، پر اُن زماني ۾ لِيو قسطنطنيه جي تخت تي هو، جنهن عربن کي شڪست ڏني. جنهن کان پوءِ وري ٽن صدين تائين عربن ڪڏهن به مغرب تي حملو نه ڪيو. مگر جيئن پوءِ جڏهن اِسلامي طاقت ويئي وڌندي، تڏهن نه فقط رومين کي پر سڄي يورپ جي عيسائين کي اچي اِسلام مان خوف جاڳيو، ته متان سڄي يورپ تي نه اِسلام پکڙجي وڃي. ٻيو ته رومين کان يورپ جون ٻيون عيسائي قومون اچي گهڻو تنگ ٿيون هيون. رومي پنهنجو اعتقاد وڃائي ويٺا هئا. تنهنڪري اِسلام سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هنن يورپ جي ٻين قومن کي سجاڳ ڪيو. اهڙئ تحريڪ جي پردي هيٺ هو پنهنجيءَ وڇايل طاقت کي وري حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪرڻ لڳا.

عيسائي مذهب جا چار فرقا آهن، جي اڄ سوڌو موجود آهن. (1) فرقي کي رومن ڪئٿولڪ ROMAN CATHOLIC (2) پروٽيسٽنٽ PROTESTANT (3) گريڪ چرچ GREEK CHURCH ۽ (4) فرقي کي ڪاپٽڪ COPTIC ڪوٺين ٿا. رومن ڪئٿولڪ فرقي ۾ فرينچ، اطالين، اِسپئنش، پرچوگيز، سُئس ۽ پالش قومون اچي وڃن ٿيون.

پروٽيسٽنٽ فرقي ۾ انگريز، جرمن، آسٽرين، سڪئڊينيون ۽ سئڪزن قومون آهن. گريڪ چرچ فرقي ۾ يوناني، سلاف، روسي ۽ ٻيون قومون شامل آهن. مٿيان فرقا پوءِ ٿيا پر اڳ رڳو ڪئٿولڪ فرقو هو. ڪاپٽڪ فرقي وارا مصر ۾ رهندا هئا. تن سان قسطنطنيه جي شهنشاهن جي عداوت هئي. هن فرقي وارن تي رومين طرح طرح ظلم ڪيا پر عهد فاروقي ۾ جڏهن مسلمانن مصر سن 640ع ۾ فتح ڪيو. تڏهن ڪا پٽ لوڪن خوشئ سان اِسلام جي جهنڊي هيٺ رهڻ کي پسند ڪيو. ڇاڪاڻ جو اسلام جي سايي هيٺ کين رڳو جزيه ڍل ڏيڻي پئي. جا هنن ڏيڻ خوشئ سان منظور ڪئي.

ڪئٿولڪ بت پرست هئا سندن ديلون ۾ يسوع مسيح ۽ بيبي مريم جو تصويرون رکيل هونديون هيون تنهن کانسواءِ عيسائي پادرين جا به بت رکيل هئا. رومي سلطنت جي ٻن حصن ۾ سينٽ پيٽر روم ۾ سينٽ صوفيا قسطنطنيه ۾ ٻه وڏيون ديولون هيون باقي ٻين وڏن شهرن ۾ به ديولون هيون جن ۾ پادري رهندا هئا. جن سڀني مٿان رومةالڪبريٰ جي وڏي پادري پوپ جو اقتدار هو. پوپ جو بادشاهن مٿان به حڪم هلندو هو. پر سن 716ع ۾ جڏهن ليو قسطنطنيه جي تخت تي ويٺو. تڏهن ديولن ۾ جيڪي به بت رکيل هئا، تن کي ڀڃائي ڇڏيائين. هن فرقي وارن کي گريڪ چرچ سڏيندا آهن. اڃا تائين ڏکڻ يورپ ۾ مٿيون فرقو هلي پيو.

رومي ڄڻ پاڻ کي خدائي فرشتا سمجهندا هئا. سندن شهنشاهت ۾ ڪن ٿورن قومن کي جمهوري حقوق مليل هئا، پر اُنهن جمهوري رياستن جا مالڪ رومي هئا. هنن ڌارين قومن مان وڏا وڏا لشڪر تيار ڪيا هئا، پر اُنهن فوجن جي حالت غلامن جهڙي هئي. وڏا وڏا رومي امير فقط اٽليءَ ۾ ويهي زندگي عيش ۽ آرام ۾ گذاريندا هئا. کين ڌارين ملڪن ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون مليل هيون. جن جي سموري پيدائش اٽلي ڏي گهرائي وٺندا هئا ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو سندن چوپايو مال چاريندا هئا. خاص ڪري اَهل مصر ۽ اُتر آفريقا جي رهندڙ قومن جي حالت زار هئي. پر يورپ ۾ گال، سلاف، وينيٽرس، فلئنڊرس ۽ يوناني سندن سپاهي هئا. اُهي امير ايتريقدر اچي مالدار ٿيا، جو آخر هر ڪنهن کي پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ جدا جدا لشڪر رکڻا پيا ۽ پاڻ ۾ اچي حسد جاڳين. مثال طور جڏهن گال قوم الارڪ جي هٿ هيٺ روم فتح ڪيو. تڏهن فقط روم جي شهر ۾ 17،575 عدد امير رهندا هئا ۽ هر هڪ امير جي سالياني آمدني 150000 پاؤنڊن کان گهٽ ڪين هئي. ۽ هر هڪ قبيلي وٽ 400 کان گهٽ غلام ڪين هئا! ٻانهن جو واپار به هلندڙ هو. خاص ڪري مصر ۽ لبيا جا رهاڪو روم جي مارڪيٽن ۾ غلام ٿي وڪامندا هئا. الپس جبل جي ماٿرين ۾ رومي اميرن جا چوپايا مال چرندا هئا. مصر ۽ اُتر آفريقا جا ملڪ، جو عربن فتح ڪيا، سو نه رڳو تلوار جي زور سان پروٽن هڪڙي دولت به هئي. جنهن ۾ انساني آزادئ جو خزانو ڀرپور هو. اُها دولت هئي اسلام.(1)پس ناظرين هن ڳالهه مان اندازو ڪري سگهندا ته جي رومي مهذب ۽ متمدن لوگ هئا، ته پوءِ ڇو سندن ماتحت قومن عرب جي صحرا نشينن اڳيان سرِ تسليم خم ڪيو؟ وري اُهي ئي عرب، جي مغربي روايتن موجب محض جاهل SAVAGES هئا؟ تنهن جو جواب فقط ٿورن لفظن ۾ هن ريت ڏجي ٿو ته رومي مهذب به هئا، متمدن به هئا، قانون ساز به هئا، پر جڏهن دنيا جي نعمتن جا هو مالڪ بنجي پيا ۽ فتح ۽ نصرت سندن  قدم چميا، تڏهن خود غرضي ۽ عياشئ جا اصول به منجهن گهر ڪري ويا. کين پنهنجئ طاقت تي فخر هو. ڌاريا ملڪ ۽ ڌاريون قومون سندن عياشئ جي ساز و سامان کي پوري ڪرڻ ۾ غلام ٿي چڪا هئا. هوڏانهن مظلومن جي فريادن آسمان کي به هڻي چاڪ ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح دنيا ويٺي ڏٺو ته عرب جاهل هئا ۽ غير متمدن هئا، پر خدا وند تعاليٰ مٿان پنهنجو پيارو پيغمبر فخرِڪائنات محمد مصطفيٰ رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڏياري موڪليو. جنهن جي پاڪ تعليم سندن دلين کي وحدانيت جي نور سان ڌوئي پاڪ ڪري ڇڏيو. وٽن قانون الهيٰ جو زخيرو به موجود هو ۽ اُها دولت قرآن الحڪمت جي ئي تعليم هئي. جنهن جي مقابلي ۾ فارس، يونان ۽ روم جون سڀئي فلاسافيون ۽ حڪمتون مات ٿي ويون!! نه فقط اِسلام جي عالمگير دعوت جي ڪري شام، مصر يا آفريڪا جي قومن رومين جي چنبي کان نڪري آزادئ جو جامو پهريو، پر خود يورپ جون عيسائي قومون به هن انقلاب جي ڪري غلامئ جي زنجيرن کي ڀڃڻ لاءِ تيار ٿيون. صقليه ٻيٽ ۽ اسپين ۾ جن عيسائي فرزندن اِسلامي تعليم ورتي. تن تعليم وٺڻ کانپوءِ فارغ ٿي وڃي. پنهنجن قومن کي بيدار ڪيو جنهن جو اهو نتيجو نڪتو، جو نه رڳو يورپ جي قومن آزادي گهري پر پنهنجي مذهبي نظام کي به بدلائڻ گهريائون. روم جي پوپ کي هو اڳ بطور خدا جي ڪري مڃيندا هئا، ڇاڪاڻ جو سياسي خواهه مذهبي اختيار رڳو پوپ جي حوالي  هو. اَمير توڙي غريب خواهه بادشاهه مطلب ته جيڪو به پوپ کي رشوت ڏيندو هو. پوپ تنهن جي طرفداري ڪندو هو. پوپ جي حڪم کي ادنيٰ توڙي اعليٰ کي مڃڻو پوندو هو. بادشاهه ۽ امير وڏا وڏا نذرانا پيش ڪندا هئا. بعض اوقات نو عمر جميل ڇوڪريون به خدمت ۾ پيش ڪندا هئا ۽ وري جڏهن اهڙين حسين ۽ جميل ڇوڪرين جي شباب جو عرصو گذري ويندو هو ته اُنهن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙائي ماري ڦٽو ڪندا هئا! روم جي شهر ۾ ان ڪم لاءِ ته ڪي خاص تلاءَ جڙيل هوندا هئا. گهڻي عرصي تائين ته يورپ اهڙئ تاريڪئ ۾ رهندو آيو، پر جڏهن آفتاب اسلام جي شعاعن کان هي سر زمين منور ٿيڻ لڳي. تڏهن ٽيوٽان، هنس، سئڪزن قومن پوپ جي ڪرتوتن کان تنگ ٿي هڪڙو انقلاب برپا ڪيو. جيئن ته سن 1600ع کان ويندي سن 1630 تائين جيڪا يورپ ۾ ٽيهن ورهن جي ويڙهه لڳي، سا تاريخ ۾ دي ٿرٽي ايئرس رليجس وار “The Thirty Years Religiouswar” جي نالي سان مشهور آهي. هن مذهبي جنگ ۾ جرمني، ڊينمارڪ ۽ انگلينڊ جي قومن پوپ جي خلاف جهنڊو کڙو ڪيو. هوڏانهن وري پوپ جي اشاري تي ڏاکڻئي يورپ جي قومن اُتر جي قومن جو مقابلو ڪيو آخر رومن ڪئٿولڪ وارن جي هار ٿي ۽ مٿيان لوڪ پوپ جي زنجيرن کان نڪري آزاد ٿيا. هن مان پڙهندڙن کي معلوم هئڻ گهرجي، ته جڏهن رومين جي سياسي طاقت ڪمزور ٿيڻ لڳي، تڏهن هنن مذهبي تحريڪ سان يورپ تي قبضو قائم رکيو، ويندي سن 1630ع تائين.

پهريون ڪروزيد

ڪروزيڊ CRUSADE جنهن جي معنيٰ آهي عيسائي جهاد (صليبي جنگيون)، سي حملا مغرب کان اسلامي دنيا تي اڪثر قسطنطنيه جي رستي ۽ سمنڊ کان ٿيندا رهيا. اِنهن صليبي جنگين جو بيان هتي مختصر ڏيڻ ضروري آهي. پڙهندڙن کي خبر هجي ته فلسطين جي سرزمين کي نصارا، يهودي توڙي مسلمان پاڪ زمين ڪري مڃيندا آهن. ڇاڪاڻ ته مٿين ٽن مذهبن جي پيغمبرن هتي ڪجهه وقت گذاريو هو. حضرت موسيٰ عليھ السلام کي جبل طور تي هتي تجلي نصيب ٿي، حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو هتي ظهور ٿيو. حضرت خاتم المرسلين پيغمبر دو جهان معراج تي وڃڻ کان اڳ بيت المقدس جي مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح ٽنهي مذهبن جي پيروي ڪندڙن لاءِ بيت المقدس هڪڙي پاڪ جاءِ آهي. حضرت عيسيٰ عليھ  السلام جتي ڄائو، جتي پرورش ورتائين، جتي نبوت جي دعويٰ ڪيائين ۽ وري رومين ۽ يهودين جتي کيس صليب تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، اُهي سڀ هنڌ هتي موجود آهن، جنهن کي (يروشلم) JERUSALEUM سڏيندا آهن. اُتي عيسائي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. جنهن وقت جو اسين هتي ذڪر ڏيئي رهيا آهيون. اُن زماني ۾ يروشلم جي زيارت ڪرڻ کي عيسائي پاڪ اصول ڪري ليکيندا هئا. سندن چوڻ هو ته ”جنهن سرزمين تي يسوع مسيح صليب تي چاڙهيو  ويو، اُن هنڌ جي زيارت ڪرڻ سان ڪو به عيسائي آسماني برڪتن جي لاءِ مستحق ٿي سگهي ٿو.“ اڳ جهاز راني آسان ڪم ڪين هو، نه وري ڪي ريل جا رستا جڙيل هئا، تنهنڪري جيڪي زيارت ڪرڻ ايندا هئا تن کي ڏاڍيون تڪليفون سهڻيون پونديون هيون، تنهنڪري ڪو ورلي ايندو هو. عيسائي زيارتين جي اها نشاني هوندي هئي ته هنن جي هٿن ۾ عصا، ڳچين ۾ جهولي پيل هئي ۽ رلندا ڏاکڙا سهندا زيارت گاهن جو سير ڪري پوءِ اردن JORDON درياهه مان غسل ڪري هڪڙي کجيءَ جي ٽاري پٽي موٽي يورپ ڏي ويندا هئا، پوءِماڻهو اُنهيءَ ٽاريءَ کي ديولن ۾ رکندا هئا. گويا مٿين ٽاري سندن زيارت ڪرڻ جي هڪڙي نشاني هئي.

عيسوي يارهين صديءَ ۾ جڏهن اسلام جا ڪارا ڪڪر شهر قيصر قسطنطنيه تي سايو ڪرڻ لڳا، تڏهن روم وارن اِن ڳالهه کي محسوس ڪري ڇڏيو هو ته ڪڏهن نه ڪڏهن مسلمان ضرور هن شهر تي قبضو ڪندا ۽ واقعي قسطنطنيه جا مينار به مسلمانن کي مرغوب لڳندا هئا ۽ سندن دلي مراد اِن ڪري وڌيڪ جوش سان هئي، ڇاڪاڻ جو هن شهر لاءِ فخر ڪائنات رسول عربي صلي الله عليھ و آلھ وسلم گهڻو اڳ پيشنگوئي ڪئي هئي ته قيصر ۽ ڪسريٰ جي تختن جا وارث مسلمان ٿيندا. اِن ڪري پادرين جي تحريڪ سان طول و عرض يورپ ۾ عيسائين کي زيارت لاءِ شوق جاڳيو ۽ ٿوري عرصي ۾ سون بلڪه هزارن جي تعداد ۾ زيارتي گڏ ٿيڻ لڳا ۽ يروشلم ڏي سفر ڪرڻ لڳا. هن مذهبي جهاد جو بنياد سن 491هه مطابق سن 1097ع ۾ پيو. هن مسيحي جهاد ۾ زرهه پوش سوار ۽ پيدل هئا، جن يورپ جي مشرقي گهاٽين مان نڪري ايشيا تي حملو ڪيو، برابر ٽن صدين تائين هنن اولهندي ايشيا ۾ قتل ۽ غارتگري مچائي ڏني ۽ يورپ کان کين فوجي ۽ مالي امداد برابر ملندي رهي. هن مذهبي پردي اندر صليب جي فرزندن اسلام تي لڳاتار حملا ڪيا پر اسلام جي تلوار خون آشام جو شڪار ٿي ويا  يا ته مختلف اِمراض جي وگهي موت جو شڪار ٿي ويا. صليب جي مايهء ناز فرزندن هنن جنگين ۾ جيڪا بي عزتي ۽ پشيماني حاصل ڪئي سا دنيا جي تاريخ ۾ رنگين حرفن سان مظهر آهي.

اسلامي پرچم هيٺ عيسائين کي مڪمل آزادي هئي. خاص ڪري فلسطين ۾ کين گهڻيون رعايتون نصيب هيون. جيئن ته جابجا سندن ديولون هيون، کين جائدادون مليل هيون، سرڪاري دفاتر به هنن لاءِ ايتري ئي پيماني تي کليل هئا، جيترو مسلمانن لاءِ. بيت المقدس جي شهر ۾. يهودي نصارن خواهه مسلمانن لاءِ جدا جدا جايون مقرر هيون، جتي سندن مجاور ويٺل هئا. خاص ڪري سن 969ع ۾ جڏهن فاطمي خليفن جو شام تي اقتدار ٿيو تن عيسائين سان خاص رعايتون ڪيون ويون. عيسائي سال بسال ايندا هئا واپار ڪندا هئا. عرب اُنهن سان هر طرح سان همدردي ڪندا هئا پر اندروني طور عيسائي دلين ۾ بغض ۽ حس رکندا هئا. سندن اها ئي خواهش هوندي هئي ته بيت المقدس مٿان صليب جو جهنڊو بلند رهي.

عيسوي ڏهين صديءَ ۾ حالتن گهڻو ڦيرو کاڌو جيئن يورپ مان ڪثير التعداد عيسائي لڏي اچي شام ۾ رهڻ لڳا. شام جا حاڪم هن وقت (اُورطاق) خاندان جا ترڪماني امير هئا، جي سلجوقي سلطان جي ماتحت هئا. عيسائين جي تعصبي ڪارروائين کي ڏسي مٿيان امير اچي منجهانئن ڪڪ ٿيا ۽ کانئن ڦُرلُٽ ڪرڻ لڳا، جيئن بدوي عرب حج جي موقعي تي حجاج کي لُٽيندا آهن. مٿيون حقيقتون عيسائين وڃي يورپ وارن سان ڪيون. پوپ مٿئين مسئلي کي پنهنجيءَ تحريڪ جو خاص سبب قرار ڏنو. سن 1095ع ۾ پوپ اَربن ثاني URBANE-II  جي زير صدارت پليسينشيا ۾ هڪ ڪانفرنس برپا ٿي. ساڳئي سال ۾ مسئله فلسطين معتلق ماهه نومبر فرانس جي شهر ڪليرمانٽ ۾  عيسائين جي هڪ وڏي ڪانفرنس ويٺي جنهن ۾ 14 آرچ بشپ، 225 بشپ، 400 ايبٽ موجود هئا. پوپ اربن مسلمانن جي خلاف ويڙهه جو ته اڳ ئي ارادو ڪري ڇڏيو هو. هو مسند تان اُٿي عيسائين ڏانهن مخاطب ٿي چوڻ لڳو ”ته خدا جي اها ئي مرضي آهي ته اِسلام سان وڙهو، يسوع مسيح جي قبر کي آزاد ڪرائڻ توهان تي فرض آهي، توهان مان جيڪي به هن پاڪ جنگ ۾ شامل ٿيندا تن جا گناهه مٽجي ويندا ۽ وري جيڪي مرندا تن لاءِ بهشت جا دروازا کليل رهندا.“ مطلب ته مذهبي فرض کانسواءِ کين بهشت جي به لالچ ڏيکاري ويئي. تنهن کانسواءِ مشرق ادنى NEAR EAST  ۾ عيسائي سلطنت قائم ڪجي، لُٽ مار مان شاهوڪار ٿجي، رُوم ۽ شام جا اَنگوري شراب پيئجن، مٿين افسانن کانسواءِ ناز نينانِ يونان جي حسن و ادا جي به مجمعه ۾ تعريف ڪئي ويئي.(1) مٿين  مذهبي ۽ نفساني خواهشن جي پردي ۾ مختلف عيسائين جون قومون اچي صليب جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيون، جن پنهنجن سينن تي صَليب جو ڳاڙهو نشان هنيون، وڏي رعايت ته هن تحريڪ ۾ اها پيش ڪئي ويئي ته جيڪو مسيحي جهاد ۾ حصو وٺندو تنهن کان هر ڪنهن قسم جي ڍل ۽ محصول معاف ڪيا ويندا.

 

نوٽ: مٿين تصوير هڪڙي ڪروزيڊر جي آهي: (عمل اَبو هلال)

“A crusader in the Holy Land”

پهريون ڪروزيڊ

ڪروزيڊرن جو پهريون فوجي دستو والٽر گاديئر Walter Gauthier جي زير سرڪردگيءَ هيٺ مشرق ڏانهن رخ رکيو پر خوشقسمتيءَ جي ڪري اُهي سڀ بلغاري عيسائين هٿان قتل ٿي ويا.

ٻيو ڪروزيڊ

سن 1096ع پيٽر دي هرمٽ Peter the Hermit چاليهه هزار فوج گڏ ڪئي. هن مهم ۾ طول ۽ عرض يورپ مان مرد زالون ۽ ٻار گڏ ٿيا، جن ماليوائلي MALLEVILLE جي شهر کي ڦرلٽ ڪري اٽڪل ست هزار ماڻهو قتل ڪيا، خاص ڪري هنگري ۽ بلغاريا جا ملڪ هن مهم جي ڪري تاراج ٿي ويا. اليگزيوس alexius قسطنطنيه جي قيصر، هن فوج کي جهازن جي مدد سان باسفورس جي سوڙهي لنگهه وٽان سمنڊ کان پار لنگهايو. مچاڊ MICHAUD لکي ٿو، ته نائيس جي شهر تائين هنن فوجن قتل عام کي جاري رکيو. هتي جي سلجوقي سلطان پندرهن هزار سپاهه سان هن طوفان جو مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏنائين، جنهن کان پوءِ سڀئي مسلمان ٿيا. سندن مهندار رگنالڊ RIGNALD به اسلام دين اختيار ڪيو، باقي جيڪي بچيا، سي ترڪن هٿان جهنم داخل ٿيا.

ٽيون ڪروزيڊ

ٽيون ڪروزيڊ، جو سڀني کان خوفناڪ هو، سو گاڊشيل GODESCHAL هڪڙي جرمن پادريءَ جي هٿ هيٺ روانو ٿيو. هن ڪروزيڊ جي سپاهين جو ڪم رنڊي بازي ۽ مئي خوري کانسواءِ ٻيو ڪي به ڪين هو. کين يروشلم لاءِ ڪائي محبت ڪانه هئي. جتي ويا اُتي قتل ۽ ڦر مار ڪيائون. هنس سندن مقابلي ۾ هٿيار کنيا، بيلغراد جو سڄو ميدان ڪروزيڊرن جي لاشن سان ڀرجي ويو. فقط ڪي ٿورا بچيا، جن وڃي يورپ کي يارانِ رفتگان جو احوال ڏنو.

چوٿون ڪروزيڊ

انگلينڊ فرانس ۽ فلينئڊر مان جاڳيو. ترڪ ته پري رهيا، پر هنن يهودين سان ظلم ٻاري ڏنو. ڪالوني ۾  هنن هزارن جي تعداد ۾ يهودي ماري ڇڏيا. رائين نديءَ جي شهرن ۾ جيڪي به يهودي رهندا هئا تن کي ماري ڇڏيائون، پوءِ ڏاکڻئي يورپ جو رخ ورتائون، پر واٽ تي ميمسبرگ جي معرڪي ۾ هنگريءَ وارن جي تلوارن جو شڪار ٿي ويا.

پنجون ڪروزيڊ

هيءَ مهم يورپ جي شهزادن جي سرڪردگيءَ هيٺ تيار ٿي ۽ شهزادي گاڊ فري GODREY جي سرڪردگيءَ هيٺ اڳي وانگر قسطنطنيه پهتي. باسفورس کي لتاڙي ماهه مئي سن 1097ع ۾ نائيس جي ميدان ۾ پهتا. ملس صاحب لکي ٿو، ته سندن تعداد لکن ۾ هو. اچڻ شرط هنن سلجوقي سلطان کي شهر خالي ڪرڻ لاءِ  حڪم ڏنو. 9 مهينن تائين مقابلو هليو. ڪروزيڊرن ترڪ فوجن هٿان شڪست کائي، ائنٽايش ڏي موٽ کاڌي. مِلس MILLS صاحب لکي ٿو، ته عيسائي سپاهي ڪپڙن بدران جانورن جون کلون پائڻ لڳا ۽ سندن خوراڪ مڙدن جو سڙيل گوشت هو. ٻه هزار مسلمان، جي ويڙهه ۾ قيد ٿيا هئا، تن جا سر وڍي پنهنجي نيزن تي چاڙهي پنهنجن ڇانوڻين جي چؤطرف زمين ۾ کوڙي ڇڏيا هئائون، جن مسلمانن جا لاش زمين ۾ دفنايل هئا، تن کي کوٽي ٻاهر ڦٽو ڪيائون. شهر ۾ جملي 1500 ماڻهو، جي باقي وڃي بچيا هئا، تن کي ماتم ۾ وجهي هليا. سلجوقي سلطان جو پٽ، جو جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي قيد ٿيو، تنهن کان شهر خالي ڪري ڏيڻ جي گهُر ڪيائون. هن اِنڪار ڪيو، جنهن تي کيس صغير ٻارن سميت ماري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس لاش کي قلعي جي ديوار سان لڙڪائي ڇڏيائون. تاريخ نويس لکن ٿا: بابل وارن جيترا ظلم شام وارن سان ڪيا، تنهن کان وڌيڪ ڪروزيڊرن ايشيا ڪوچڪ وارن سان ڪيا!

سقوط بيت المقدس ۽ مسلمانن تي حشر برپا ٿيڻ

ائنٽياش اڃا سلجوقي جرنيل قربوغا جي نگرانيءَ هيٺ هو. هن قلعي جي دروازي کي بند ڪري ڇڏيو هو، پر سندس هڪڙي نمڪ حرام ارمني چوبدار بهروز نالي رات جو قلعي جي ديوارن تان رسا لٽڪائي ڇڏيا، جن وسيلي سان ڪروزيڊر قلعي جي ديوار ٽپي اندر داخل ٿيا. هنن قتل عام شروع ڪيو. قلعي وارا ته هڪڙي ئي يلغار ۾ شهيد ٿي ويا، پر شهر جي محلاتن ۽ مساجد کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. محلاتن جي نيسارن مان مظلومن جو رت ريلا ڪري وهڻ لڳو.  وري شهر جي سوڙهين ڳلين ۾ ته رت جا درياهه وهي هليا، ڪل ڏهه هزار بيگناهه مخلوق ڪفار فرنگين هٿان مارجي ويا! هي دردانگيز هولناڪ حادثو ماهه جون سن 1098ع ۾ ٿيو، جڏهن اَنئٽياش سڙي تالان ٿي ويو. تڏهن طوفان بي تميزيءَ مارت النعامن جي شهر ڏانهن رخ رکيو، جو بلڪل وسيع شهر هو. هتي هنن هڪ لک ماڻهو قتل ڪيا. خون جون نديون وهڻ لڳيون، قيد ٿيل ماڻهن مان جيڪي خوش لباس ۽ خوبصورت هئا، سي مصر جي بازار وانگر اَئنٽياش جي بازارن ۾ وڪامڻ لڳا. باقي جيڪي صغير العمر يا عمر رسيد هئا، سي بدقسمتيءَ جي سبب ڪري تلوارن جي نوڪن سان ماريا ويا. هو پنهنجن ڇانوڻين ۾ اِنسانن جو گوشت کائڻ لڳا.

ناصر خسرو، جو هڪ سياح هو، پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو، ته بيت المقدس هن وقت فاطمي خليفن جي هٿ هيٺ هو، تنهن تي 23 شعبان العظم سن 492هه مطابق 15 جولائي سن 1099ع ۾ ڪروزيڊرن ڪاهه ڪري قتل عام کڙو ڪيو. عربن (مسلمانن) پاڻ کي قلعي جي ديوارن ۽ برجن ۾ لڪائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو صليبي بدمست جهنگلي درندن وانگر مسلمانن کي ڳولڻ لڳا. جيڪو هٿ ٿي لڳن، تنهن کي بيرحميءَ سان ماري ٿي ڇڏيائون، باقي جيڪي شهر جا غريب مسلمان رهاڪو هئا، تن خوف کان خدا جي گهرن يعني مسجدن ۾ وڃي پناهه ورتي. خاص ڪري جامع عمر ۾ هزارن جي تعداد ۾ پناهه هيٺ هئا، پر صليب جي متوالن فاتحن مغروريءَ سان مسجد شريف ۾ گهڙي قتل عام شروع ڪيو. ريمانڊ نالي هڪ تاريخ نويس لکي ٿو، ته جڏهن صليبي ڪافر مسجد اندر گهڙيا تڏهن مسلمانن جي فرياد ۽ آهه و زاريءَ کان آسمان به ڪنبڻ لڳو. هنن ايتريقدر قتل عام ڪيو جو جامع عمر خون سان سڄي ڀرجي ويئي ۽ عيسائين جا گهوڙا رت ۾ غرق ٿيڻ لڳا. قتل عام کان پوءِ هنن مسجد شريف جي گنبذ تي صليب جو نشان وڃي کوڙيو.

 

 

جامع عمر، بيت المقدس، جنهن جي گنبذ تي عيسائين صليب جو نشان کڙو ڪيو هو  (عمل ابو هلال)

مسجد کي ديول بنائي عيسائي پادرين فتح لاءِ دعا گهري. پوءِ مسلمانن کان، جي هن وقت وٽن قيد هئا، مال ۽ زر جي گهر ڪيائون، پرمظلومن وٽ الله جي نالي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هو، جڏهن قاتلن ڏٺو ته هنن وٽان ڪي به هٿ ڪين ٿو اچي، تڏهن کين قتل ڪيائون، ايتريقدر جو بيت المقدس جون ڳليون مسلمانن جي لاشن سان ڀرجي ويون. اُهي جيڪي قلعن جي ديوارن اندر لڪل هئا، تن کي نڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائون، جڏهن اُنهن انڪار ڪيو، تڏهن قلعن ۽ محلاتن کي وٺي باه ڏنائون، جي جيئرو باهه  ۾ سڙي کپي ويا. جيڪي زالون ۽ ٻار هٿ لڳن، تن کي شهر ۾ چؤسولن تي سرِ بازار قتل ڪيائون. يهودين کي هنن ڪا به تڪليف ڪانه ڏني. هڪڙي هفتي تائين ساندهه اها روبڪار جاري رهي، اٽڪل 70,000 مسلمان عيسائين هٿان شهيد ٿيا. مسلمانن جي قتل عام کان پوءِ يهودين سان به ساڳي حالت ٿي، ڪنهن کي به مجال ڪانه ٿي جو ڀڄي، هولناڪ فاتحن کان جان بچائي سگهي. گاڊ فري، جو هن مهم جو مهندار هو، تنهن کي ڪروزيڊرن بيت المقدس جو بادشاهه مقرر ڪيو، کانئس پوءِ بالڊوين بادشاهه ٿيو، جنهن قيصريا جي شهر ۾ قتل عام ڪيو.

طرابلس TRIPOLI ٽائيري TYRE ۽ سيڊان SIDON ۾ به ساڳيو ئي محشرستان برپا ٿيو، جهڙو بيت المقدس ۾ ٿيو، ناصر خسرو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو، ته سڀني شهرن مان طرابلس شام جو هڪ عجيب بندرگاهه هو، جو فونيشن PHOENICIAN قوم وارن بحيره روم جي ڪناري تي اڏيو هو. جو هن وقت وڏي اوج تي رسيل هو. شام جي ڳوٺن ۾ عجيب پيداوار ٿيندي هئي. ماڻهو آسودا هئا. شام جي پهاڙين هيٺان نارنگين، صوفن، کجور ۽ ڪمند جا کيت هوندا هئا، جن مرغ زارن جي عجيب رونق هئي. شهرن جي ڳوڙهي آدمشماري هئي، منجهس وڏا وڏا محلات هئا، جن جا مينار ۽ گنبذ پري کان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. دڪانن ۾ عيش ۽ عشرت جو سامان موجود هو، وري چؤسولن ۾ صاف پاڻيءَ جا چشما وهندڙ هئا. طرابلس ۾ هڪ وڏي ديول هئي، جنهن جي ايوانن جي ستونن تي جڙت جو ڪم ڪيل هو، تنهن کانسواءِ ڪاغذن جوڙڻ جو به ڪارخانو هو. اڳتي هلي مٿيون سياح لکي ٿو، ته سمرقند ۽ دمشق هن زماني ۾ وڏي اوج تي پهتل هئا. تن کان وڌيڪ طرابلس شاندار هو. سن 1109ع ۾ ڪروزيڊرن سمنڊ جي رستي ٻيڙين جي وسيلي ۽ خشڪيءَ جي رستي بندرگاهه تي ڪاهه ڪئي. ڪيترن ئي مهينن جي مقابلي کانپوءِ شهر کي هڻي مسمار ڪيائون ۽ سڀئي رهاڪو فاتحن جو مقابلو ڪندي قتل ٿي ويا. وڏا وڏا محلات ۽ ديولون سڙي خاڪ ٿي ويون. قيدين کي زنجيرن سان ٻڌي ڳلين ۾ گهلڻ لڳا، جيئن اُن زماني ۾ يورپ ۾ رواج هو. فلسطين ۽ شام جو گهڻو حصو فرنگين جي قبضي ۾ اچي ويو. مسلمانن جي آبادي بلڪل گهٽجي ويئي. عيسائين جي حڪومت جو نمونو طوائف الملوڪي جي نموني سان هو. امير عثمان، جنهن ڪجهه وقت پوءِ بيت المقدس جو سير ڪيو هو، تنهن هتي جي غريب الوطن مسلمانن جي گهڻي حوصله افزائي ڪئي. ڪروزيڊر شام ۾ گهر ڪري ويٺا، جيئن پوءِ تيئن نوان وحشين جا جٿا يورپ کان اچڻ لڳا، حالتن ۾ گهڻي ڦير ڦار ٿيڻ لڳي، مطلب ته سرزمين شام تي وحشت جو دور طاري رهيو.

سلجوقي سلطنت جي گهٽتائي

اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته سلطان اَلپ اَرسلان ايشيا ڪوچڪ جو علائقو پنهنجي سؤٽ سلطان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. شام  جو علائقو پنهنجي ڀاءُ امير تتش تاج الملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين. اهي ٻئي امير خودمختيار هئا، پر سلطان کي ساليانو خراج ڀريندا هئا، جو بغداد جي خليفة المسلمين جو پاسبان هو. غازي ملڪ شاهه جي مُئي پڄاڻان عراق، شام ۽ فلسطين تي چپي چپي تي جدا جدا امير حڪومت ڪندا هئا. اُهي رڳو جنگ جي وقت سلطان کي مدد ڏيندا هئا، پر مٿيون سلسلو به تيسين زير عمل رهيو، جيسين وزيراعظم نظام الملڪ جيئرو هو، پر وزير ۽ سلطان جي وفات کان پوءِ مٿيان امير پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. جنهنڪري سلجوقي سلطنت کي لوڏو اچي ويو. سلطان جي مرڻ کان پوءِ شهزادي خاتون الجلاليه هڪ طرف پنهنجي پٽ محمود کي تخت تي وهارڻ لاءِ سرڪاري اهلڪارن کي وڏيون وڏيون رشوتون ڏنيون ته ٻئي طرف سلطان جي ٻئي پٽ برڪيارق اِصفهان جي واليءَ بغداد تي فوجي ڪشي ڪئي. خليفي کي سندس شهنشاهيءَ جي اعلان کي تسليم ڪرڻو پيو. سنه 487ع ۾ کيس رڪن الدوله جو خطاب مرحمت ڪيائين. اڃا ڀائرن ۾ فيصلو مس ٿيو ته سلطان جي ڀاءُ تتش شام جي حاڪم رڪن الدوله سان جنگ شروع ڪئي. شهزادو محمود، جو هن وقت اصفهان ۾ هو، تنهن به چاچي جو طرف ورتو، پر سن 488هه ۾ تتش جنگ ۾ مارجي ويو ۽ رڪن الدوله دياربيڪر، موصل ۽ آذربائيجان جا علائقا فتح ڪيا. غازي ملڪ شاهه مرحوم جو ڀاءُ ارسلان ارغون، جو هن وقت خراسان جو حاڪم هو، تنهن تي رڪن الدوله پنهنجي ڀاءُ سنجر جي مدد سان ڪاهه ڪئي، ارسلان مارجي ويو ۽ رڪن الدوله خراسان تي به قبضو ڪري ورتو. (نوٽ) نيشاپور سلجوقي سلاطين جو تختگاهه هو، جو علم ۽ دولت جي ڪري وڏي اوج کي پهتل هو. رڪن الدوله سنجر کي خراسان جي حڪومت سپرد ڪئي.

ساڳئي سال ۾ ماوراءِ النهر (ترڪستان) ۾ خوارزمي سلطنت جو بنياد پيو، جنهن جو پايو وجهندڙ سلطان محمد خوارزم شاهه ابن انوش بڪين هو، جو سلطان سنجر جي طرفان بخارا ۾ عامل هو. محمد خوارزم شاهه وڏي شان ۽ تجمل سان حڪومت ڪئي، جنهن جو بيان بخارا جي تاريخ ۾ اڳتي هلي ڏبو. شام ۽ خراسان ۾ جنگيون مس بند ٿيون، ته عراق ۾ وري اندروني فساد پيا. ملڪ شاهه جي چوٿين پٽ محمد سن 492هه ۾ ايتري طاقت ورتي، جو بغداد تي قبضو ڪري ورتائين. سن 493هه ۾ رڪن الدوله ۽ سندس وچ ۾ جنگ لڳي. محمد شڪست کائي خراسان ڏانهن ڀڄي ويو. سلطان سنجر کيس پناهه ڏني. هن خراسان مان وري فوج وٺي رڪن الدوله سان جنگ ڪئي. هن جنگ ۾ رڪن الدوله شڪست کاڌي. محمد بغداد جو والي ٿيو. هڪ طرف ڀائرن جي نااتفاقي ڪري ورهين تائين جنگيون ٿينديون رهيون، ٻئي طرف کان ڪروزيڊرن جي ڪاهن ۽ ظلم ڪري هزارن جي تعداد ۾ مسلمان مهاجرين بغداد جي مسجدن ۾ اچي پناهه ورتي. اهو رمضان المبارڪ جو مهينو هو. سندن پردرد فريادن کي ٻُڌي سڄي بغداد ۾ ماتم ڪِنعان مچي ويو. اَبو الفدا لکي ٿو ته سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ ماتم مچي ويو. خليفة المسلمين پنهنجيءَ درٻار مان پنهنجي ٽن اميرن کي رڪن الدوله ۽ محمد جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو. انهيءَ ارادي سان ته ڀائر پاڻ ۾ صلح ڪن ۽ شام جي مظلوم مسلمانن جو وڃي عيسائي ڪفارن کان بدلو وٺن. تاريخ نويس اِئين لکن ٿا ته جيڪڏهن سلجوقي اَميرن جو پاڻ ۾ اتفاق هجي ها ته عيسائين کي بلاد اِسلاميه تي حملن ڪرڻ جي مجال نه ٿئي ها، پر مٿين اميرن جي نااتفاقيءَ جي ڪري ڪروزيڊرن کي حملي ڪرڻ جو وجهه ملي ويو.

ڀائرن ۾ فتح ۽ شڪست جي بازار گرم رهي. آخر سن 497هه ۾ ٻنهي پاڻ ۾ آخر صلح ڪيو. هن صلح نامي مطابق رڪن الدوله الجزيره، موصل ۽ شام جا علائقا پنهنجي قبضي ۾ رکيا هئا، سي محمد جي حوالي ڪري ڇڏيا. سن 498هه مطابق سن 1104ع ۾ رڪن الدوله وفات ڪئي. شهزادي محمد سلطان جو لقب ورتو. هن پنهنجيءَ ڌيءَ شهزادي فاطمه جو نڪاح خليفي المستظهر بالله سان ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته هي شهزادي علم ۽ سياسي ڪمن ۾ گهڻو ماهر هئي. هوءَ جدا هڪ محلات ۾ رهندي هئي. جنهن کي درگاههِ خاتون سڏيندا هئا. سلطان محمد جي درٻار ۾ سندس مشهور وزير حجته الاسلام محمد بن محمد اِمام غزاليرحه هو، جو علم تصوف ۽ فلسفه جو حقيقي امام هو. سلطاني بارگاهه ۾ کين وڏي عزت حاصل هئي. سلطان محمد به رحمدل ۽ سخي ۽ انصاف وارو بادشاهه ٿي گذريو. کيس يتيمن سان ڏاڍي محبت هئي، وقت جي شاعرن پنهنجي قصيدن ۾ سندس گهڻي تعريف ڪئي آهي.

امير ظهيرالدين واليءَ دمشق کان عيسائين جي شڪست کائڻ

امير تتش تاج الملڪ ٻه پٽ ڇڏي  مري ويو. سندس وڏي پٽ دقاق جي مُئي پڄاڻان سندس پٽ توعناقين (ظهير الدين) دمشق جو والي ٿيو، جو پنهنجي وقت جو زبردست حاڪم ٿي گذريو. فلسطين ۽ شام جا بحري ڪنارا، جي فاطمي خليفن جي هٿ هيٺ هئا، تن عيسائين کي روڪڻ ۾ ڪو حصو ڪين ورتو. سلطان محمد هڪ ٻه ڀيرا عيسائين سان چوٽ کاڌي پر ڪو کڙتيل ڪين نڪتو.

سن 1113ع ۾ بيت المقدس جو عيسائي بادشاهه بالڊوين دمشق تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪتو، 13 محرم الحرام سن 507هه ۾ سلطان توعناقين موصل جي واليءَ کي مدد لاءِ لکيو ۽ جهاد جو اعلان ڪيائين، سندس اعلان تي گهڻا ئي امير سندس جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا، تبربيز جي معرڪي ۾ عيسائين سخت شڪست کاڌي، سندن لشڪر چٽ ٿي ويو. منجهانئن گهڻا ته اردن جي ڍنڍ ۾ ڀاڄ کائي ٻڏي مُئا. سن 1119ع ۾ اَلبلاد جي معرڪي ۾ عيسائين ٻيو ڀيرو مسلمانن هٿان شڪست کاڌي ۽ ساحلي علائقن م فاطمين به ڪجهه فتح پاتي. تبربيز جي معرڪي کان پوءِ اميرن جي وري پاڻ ۾ اچي ناسازي پيدا ٿي. ٻئي طرف عيسائين کي سڄي يورپ کان مدد ملندي رهي. نتيجو اهو نڪتو جو هنن وڃايل ملڪ وري هٿ ڪيو. هو جتي ويا اُتي قتل عام ڪري ماڻهن کي قيد ڪندا ويا.

المسترشد بالله ابن مستظهر

سن 512هه مطابق سن 1118ع ۾ خليفي المستظهر 25 سال حڪومت ڪري 41 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس ڏينهن ۾ تاج الملڪ، رڪن الدوله ۽ سلطان محمد ٽن سلجوقي اميرن جي نالي تي خطبو پڙهبو هو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ شهزادو ابو المنصور المسترشد بالله تخت تي ويٺو،ترت ئي سلطان محمد به وفات ڪئي. سندس پٽ سلطان محمود تخت تي ويٺو. سندس ڀاءُ طغرل عليء البته فساد ڪيو، پر سن 513هه ۾ محمود کيس شڪست ڏني. هن وقت سلجوقي اميرن مان سلطان سنجر ناليوارو حاڪم هو، جنهن جي خراسان تي حڪومت هئي. کيس جڏهن ڀاءُ جي وفات جي خبر پئي تڏهن ڀائيٽي سان جنگ ڪيائين، پر سن 513هه طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو، جنهن موجب محمود ايران به سلطان سنجر کي سپرد ڪيو.

سلطان سنجر به نهايتي عادل ۽ علم دوست بادشاهه ٿي گذريو. پر سلطان اَلپ اَرسلان يا ملڪ شاهه وانگر پنهنجي آبائي سلطنت کي وڌائي نه سگهيو، پر تنهن هوندي به پنهنجي وقت جو مشهور شهنشاهه ٿي گذريو ۽ سلجوقي خاندان جو پويون چشم و چراغ هو.

سلطان سنجر سلجوقي

سلطان سنجر علم پرور ۽ عادل بادشاهه ٿي گذريو. مشهور شاعر اَنوري ۽ ٻيا علماء ڪرام ۽ بزرگ سندس عهدِ مهد ۾ ٿي گذريا. اَبوالفتح عبدالرحمان خازني، جو ابو علي خازن مروّ جي رئيس جو غلام هو، سو علم هندسه ۾ ڪمال مهارت رکندڙ هو، وڏو عالم ۽ فاضل هو.

سلطان کي هن عالم لاءِ گهڻي عزت هئي. عبدالرحمان جڏهن پوين ڏينهن ۾ گوشي نشيني اختيار ڪئي، تڏهن هڪڙي سلطان پنج هزار دينار سندس خدمت ۾ روانا ڪيا پر هن لاغرضيءَ سان موٽائي ڇڏيا چيائين ته ”منهنجي خوراڪ سڄي ڏينهن ۾  فقط ٻه نان آهي ۽ هن وقت مون وٽ 50 درهم موجود آهن جڏهن اُهي کپي ويا تڏهن پنهنجي خدا کان گهرندس.“

حضرت شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليھ، جو غوث الاعظم دستگير جي نالي سان مشهور آهن. جي پنهنجي وقت جا وڏا عارف ۽ ڪامل اولياء ٿي گذريا آهن ۽ اڄ سوڌو سندن يارهين جي خيرات جاري آهي، جنهن سن 561 هجري المقدس ۾ وفات ڪئي. سندن روضو مبارڪ بغداد شريف ۾ آهي. سندن خدمت اقدس ۾ سلطان سنجر ينمروز جو صوبو وقف ڪرڻ ٿي گهريو، پر پاڻ سڳورن وٺڻ کان انڪار ڪيو.

حجة الاسلام امام غزاليرحه به سن 499هه ۾ حضرت ابراهيمرحه جي مزار مبارڪ تي وڃي ٽن ڳالهين لاءِ قسم کنيو (1) ته ڪنهن بادشاهه جي درٻآر ۾ نه ويندس (2) ڪنهن به بادشاهه کان تحفو نه وٺندس (3) ڪنهن به محفل ۾ بحث مباحثو نه ڪندس. سلطان سنجر جو بي علم هو ۽ کيس عالمن لاءِ محبت هئي تنهن اِمام صاحب کي درٻار ۾ اچڻ لاءِ دعوت موڪلي، پر اِمام صاحب صاف انڪار ڪيو، جنهن تي پاڻ سلطان مشهد وڃي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. اِمام صاحب سلطان کي چيو ته طوس جا غريب رهاڪو سرديءَ کان گهڻو تنگ آهن ۽ سندن گردنون ڀڄي پيون آهن، پر تنهنجي گهوڙن کي سونا طوق پيل آهن“ اي سلطان خدارا رعايا تي رحم ڪر اَلله توتي رحمت ڪندو.“

صدرالدين محمد بن فخر الملڪ بن نظام الملڪ، جو سلطان جو وزير هو تنهن بغداد جي نظاميه ڪاليج جي مدرسي صدراعظم جي عهدي لاءِ اِمام صاحب جي خدمت ۾ خط لکي موڪليو، پر اِمام صاحب جواب ڏنو ته بغداد ۾ اچي بک مرندس ڇاڪاڻ جو مون وظيفن وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي.

سلطان سنجررحه وڏو سخي مرد هو. حضرت مصلح الدين سعدي شيرازيرحه ”گلستان“ ۾ به سندس سخي جي باري ۾ ذڪر ڏنو اٿئين ته هڪڙي ڏينهن مستيءَ جي عالم ۾ سلطان سنجر ابوبڪر بن سعد ۽ ٻين پنهنجن ٻن دوستن کي شيراز ۽ موصل جون حڪومتون ڏنيون هيون، جن جي باري ۾ هڪ قصيدو لکيو اٿائين.

زنگي خاندان

زنگي خاندان The Zangides Dynesty جو پايو وجهندڙ قاسم الدوله هو. جو سلطان غازي ملڪ شاهه جي درٻار ۾ وزارت جي عهدي تي ممتاز هو. هن خاندان جا امير سلجوقي سلاطين جي درٻار ۾ وڏن وڏن عهدن تي ممتاز هئا، کين بارگاهه خلافت کان اتا بيگ PRINCE TUTOR جو خطاب مليو. هن خاندان جي اميرن جو تختگاهه موصل هو. جيئن امير قاسم الدوله وزارت جي عهدي تي رهي ۽ رعيت جي ڀلي لاءِ گهڻي ڪوشش وٺي جس کٽيو هو، تيئن سندس پوين به اسلام جي گهڻي خدمت ڪئي. سندن نالو اسلام جي تاريخ ۾ گهڻو مشهور آهي. هنن اڪثر شام ۾ عيسائين سان جنگيون جوٽيون.


(1) فرينچ رِووليوشن علامه آرچ اِبالڊ ائلي سن

(1)  تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي.

نوٽ: حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن معراج ۽ براق جي لهڻ جي هنڌ بابت جناب فاروق رضهّ سان ذڪر ڪيو هو. جڏهن بيت المقدس مسلمانن فتح ڪيو، تڏهن حضرت فاروق اعظمرضه پاڻ وڃي براق جي لهڻ واري هنڌ کي ڳولي لڌو. اڳ هن کي هيڪل سليماني ڪري سڏيندا هئا. جناب فاروق اعظمرضه پنهنجي هٿن سان هن جاءِ کي صاف ڪيو ۽ پوءِ مسلمانن اُن هنڌ تي هڪ عظيم الشان مسجد تعمير ڪرائي، جنهن کي مسجد اقصى سڏين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org