سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:23 

خوارزمي سفير جڏهن مٿيون پيغام پنهنجي حاڪم کي ٻڌايو تڏهن هو تپي باهه ٿي ويو ۽ هڪدم زبردست فوج رواني ڪيائين. مٿئين ناسازي ۽ خونريزي کي مٽائڻ لاءِ حضرت شيخ جلال الدينرحه جو اُن وقت جو بزرگ هو ۽ قيش جو رهاڪو هو. تنهن خوارزمي ۽ سمر قندي تلوارن جي وچ ۾ پئي طرفين جو پاڻ ۾ صلح ڪرايو، پر حسين آخر باز نه آيو. سن 773هه مطابق 1371ع ۾  ختلان جي حاڪم ڪيخسرو سندس چرچ تي سمرقند تي فوج ڪشي ڪئي. پر خوارزمي لشڪر سخت شڪست کاڌي. حسين جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. سندس ڀاءُ يوسف صوفئ امير تيمور سان صلح ڪيو. جنهن جي عيوض پنهنجي ڀائٽي شهزادي سيوين جا وڏي حسن واري هئي. امير جي پٽ شهزادي جهانگير سان شادي ڪرائڻ جو انجام ڪيائين. پر جڏهن امير تيمور سمرقند موٽيو تڏهن ڪيخسرو جي چرچ تي پنهنجي ڪيل انجام جي انحرافي ڪيائين. سن 774هه مطابق سن 1372ع ۾ وري جنگ شروع ٿي. جنهن ۾ يوسف هارايو ۽ پنهنجي ڀائٽيءَ جي ٻانهن اَمير تيمور جي حوالي ڪيائين. جنهن جي شادي شهزادي جهانگير سان سمرقند ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. يوسف ٽيون گهمرو سرڪشي ڪئي ۽ گهڻي خونريزي ٿي. هن امير تيمور کي دوبدو وڙهڻ لاءِ لکيو ته ”خدا جي مخلوق اجائي پئي ٿي مارجي تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته اسين ٻئي پاڻ ۾ وڙهي فيصلو ڪريون“.

سيف الدين برلاس لکي ٿو ته امير تيمور نڪري ميدان ۾ آيو، پر امير يوسف وڃي خوارزم جي قلعي ۾ لڪو، سن 781هه مطابق سن 1379ع ۾ چوٿون گهمرو شڪست کائي مارجي ويو. چون ٿا ته امير تيمور کي خوارزم مان بيشمار دولت هٿ لڳي، پاڻ سان بيشمار ڪاريگر قيش ڏانهن وٺي آيو، جتي سردئ جي رهڻ لاءِ محلات جوڙايائين. جنهن تي ڪاريگرن چڱو ڪم ڪيو ۽ عيش عشرت لاءِ هر ڪنهن قسم جو سامان تيار ڪيائون.

جڏهن ترڪستان جي حاڪمن کي مات ڪيائين. تڏهن بيروني فتوحات جو ارادو ڪيائين، هن وقت سڄي براعظم ايشيا ۾ هن جهڙو ڪو ورلي شهنشاهه هو. سندس اقبال ۽ بخت جو ستارو بلند ٿيڻ لڳو. پاڻ چوندو هو، دنيا جو بادشاهه به هڪڙو ٿيڻ گهرجي“. امير تيمور جو مٿيون خيال پورو ڪين ٿيو جيئن ته ابتدا کان هن فرش تي ڪيتريون ئي قومون آيون ۽ ويون، هر ڪنهن پنهنجي اقبال جو ڏونڪو وڄايو، سندن ڦٽلن نشانن مان سندن عروج جي حقيقت معلوم پئي ٿئي. واقعي اِن ۾ ڪو شڪ ڪونه هو، ته امير تيمور جهڙو سندس نالو هو اهڙو ئي هو(1)  پنهنجي وقت جو نامور شهنشاهه ۽ پنهنجي ارادن جو پختو هو. هن جڏهن سمرقند مان تلوار پنهنجي مياڻ مان ڪڍي تڏهن خراسان، فارس، عراق، شام، مصر، هندوستان، روس ۽ روم ۾ زلزلو پئجي ويو ۽ مٿيون دولتون سندس تلوار جهاندار فتح ڪيون. سندس افواج ۾ جيڪي فوجي امير هئا، سي پڪي اِرادي وارا ۽ فولاد جا پتلا هئا، جن جي امير تيمور سان ڪمال محبت ۽ دوستي به هئي، اُهي اول کان وٺي آخر تائين پنهنجي آقا سان ڏک سک ۾ شريڪ رهيا. مثلاً جهانگير برلاس، سيف الدين برلاس، اڪبونما، عثمان عباس، محمد سلطان شاهه تابان بهادر، عروس بوغا، پير حسين برلاس، حمزو بن امير موسيٰ، محمد قزغان ۽ مظفر اُشبڪارا ۽ ٻيا. امير تيمور جي سلطنت ايتري وسيع هئي جو سندس حدون اُتر ۾ روس جي درياه اِرٽش IRTISH کان وٺي ڏکڻ ۾ بنديل کنڊ تائين اُڀرندي ۾ گوبئ جي رڻپٽ کان وٺي اولهندي ۾ باسفورس جي ڪناري تائين هيون. ترڪستان جي تاريخ سندس عهدمهد ۾ جيترو عروج هن شهنشاهه جي ڏينهن ۾ ورتو اوترو ڪنهن ٻئي زماني ۾ نه ورتو هوندو.سندس فتوحات جا ڪيترائي ڪتاب آهن، جن جا ڪي نالا اڳ ڏيئي چڪا آهيون. امير تيمور جي سوانح عمري علامه ميرقند جوڙي، تنهن جو انگريزي ۾ ترجمو (لائيف آف تيمور) Life of Timouur ميجر ڊيوڊ پرائيس پنهنجي تاريخ (محمدن هسٽري) ۾ جاچي پڌرو ڪيو. تنهن کان سواءِ هئمر Hammer پنهنجي ڪتاب (هسٽري آف پَرشيا) History of Persia ۾ سندس فتوحات جو احوال ڏنو آهي. مسٽر ويل Wail پنهنجي تاريخ (خلافت آف عباسيڊ اِن اجپٽ) “Khilafate of the Abbasides in Egypt” ۾ پڌري ڪئي. امير جي فتوحات نسبت ڊي- هر بيلاٽ De- Herbelot (بائيب لاٿيڪ اورينٽل) Bibe Loth Egne Oriental ۾ ذڪر ڏنو آهي وغيره.

اُتر ترڪستان ۾ چنگيز جي اولاد مان جو جئ جي پوين جو پاڻ ۾ تڪرار هو. توڪتمش پنهنجي پئ عرس خان سان تڪرار ڪيو. جنهن امير وٽ 777هه مطابق سن 1375ع ۾ اچي پناهه ورتي. عرس خان خوشئ سان پنهنجي پٽ توڪتمش کي سمرقند وٺي آيو ۽ اُترار ۽ سابران جا ٻه علائقا کيس سپرد ڪيائين. پر سندس وڏي پٽ توختا ڪايا لشڪر وٺي توڪتمش تي ڪاهه ڪئي. ٻن جنگين ۾ هن زخمي ٿي اچي امير وٽ پناهه ورتي. جڏهن توڪتمش امير جي درٻار ۾ آيو تڏهن سندس جسم به اُگهاڙو هو. امير تيمور کي هن ڏانهن ڏسي مٿس رحم آيو. امير عرس خان ۽ توختا ڪايا تي چڙهائي ڪئي. سن 778هه مطابق سن 1376ع ۾ عرس خان پنهنجي ٻن پٽن توختا ڪايا ۽ تيمور ملڪ سميت جنگ ۾ مارجي ويو. هن کان پوءِ جو جئ جي اولاد جو خاتمو ٿيو، پويون توڪتمش شهزادو پوءِ امير وٽ رهڻ لڳو.

سن 786هه مطابق سن 1384ع ۾ توڪتمش امير تيمور جي پاران فوج وٺي رشيا تي ڪاهه ڪئي ۽اُتي جي تختگاهه ماسڪو Moscow کي فتح ڪري ساڙائي ڇڏيائين. سن 789هه مطابق سن 1386ع ۾ بحيره خضر جي اُتر اولهندي  ڪيپشاڪ Kipchak جي تاتاري حڪومت کي امير جي جهنڊي هيٺ آندائين. هن فتوحات جي ڪري توڪتمش ايتريقدر مغرور ٿيو جو امير سان مقابلي ڪرڻ جو ارادا ڪيائين. هئمر لکي ٿو ته توڪتمش هن ڪري سرڪشي ڪئي جو امير تيمور سلطان حسين نالي هڪڙي چغتائي شهزادي کي مارايو هو. امير تيمور جنهن هن وقت آذربائيجان تي گهيرو ڪيو هو ۽ سندس پٽ ميران شاهه لشڪر وٺي توڪتمش کي شڪست ڏني، پر 791هه مطابق سن 1389ع ۾ امير پاڻ سمرقند مان فوج وٺي نڪتو. توڪتمش خوف کان سائيبريا جي ڏاکڻي ميدانن ڏانهن ڀڄي ويو. 793هه مطابق سن 1391ع ۾ گهڻي مشڪلات کان پوءِ سلطان اُتي جي پهاڙي علائقن کي لتاڙي يورل URAL  جبل جي دامن ۾ هن سان مقابلو ڪيو، ٽن ڏينهن جي گهمسان جي جنگ کان پوءِ توڪتمش همت هاري روس جي اندروني علائقن ۾ وڃي لڪو. امير ماسڪو تائين سندس پٺيان پيو، اُتي جي رهاڪن سلطان کان پناهه گهري، جن کي پناهه ڏيئي سلطان امير تيمور سمرقند ڏانهن موٽيو. پاڻ سان گهڻا قيدي توڪتمش جي حرم ۽خزاني سميت آندائين، جنهن خزاني ۾ بيشمار جواهرات به هئا.

خراسان ۽ ايران فتح ڪرڻ

اُتر ترڪستان کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان امير تيمور مغربي ملڪن جي فتوحات لاءِ رخ رکيو. سن 782هه مطابق سن 1380ع ۾ پنهنجي پٽ شهزادي ميران شاهه مرزا کي، جو هن وقت تيموري فوجن جو مشهور سپهه سالار هو، لشڪر ۽ تجربيڪار عملدار همراهه ڪري خراسان فتح ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. خراسان تي هن وقت ٻه خاندان حڪومت ڪندا هئا. اُتر تي جيڪي سلاطين حڪومت ڪندا هئا تن کي ”سوبيدار“ جي لقب سان سڏيندا هئا. هن خاندان جو باني شهاب الدين هو، جو مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ عراق کان آيو هو ۽ پنهنجو نسل امام حسن رضي الله تعالى عنھ کان ۽ حضرت خالد رضي الله تعالى عنھ کان ڇڪيندو هو، کيس 5 پٽ: (1) اميرالدين (2) عبدالرزاق (3) واسط الدين (4) نصيرالدين (5) شمس الدين نالي هئا. هن خاندان اٽڪل 35 ورهين تائين خراسان تي حڪومت ڪئي. عبدالرزاق هن خاندان جو پويون حاڪم هو جنهن امير تيمور جي آڻ مڃي.

ڏاکڻئي خراسان تي ڪيراتي خاندان جا فرمانروا حڪومت ڪندا هئا. امير غياث الدين پير علي هن خاندان جي حاڪم امير تيمور جو تلوار سان مقابلو ڪيو. سندس تختگاهه هرات هو، جو گهڻي مقابلي کانپوءِ امير تيمور فتح ڪيو. ڪبوشان، طوس، نيشاپور ۽ سبزاور جا شهر به پوءِ فتح ڪيائين. خراسان فتح ٿيڻ کانپوءِ سيستان، بلوچستان ۽ افغانستان جا ملڪ پاڻمرادو امير جي سلطنت سان لاڳو ٿي ويا.

سن 788هه مطابق سن 1386ع ۾ امير ايران ۽ عربستان جي ملڪن تي ڪاهه ڪئي. اِيران تي هن وقت جدا جدا خاندان جا حاڪم حڪمراني ڪندا هئا، جيئن ته فارس ڏاکڻؤ جو ڀاڱو اصفهان سميت مظفرين خندان جي هٿ هيٺ هو. عراق عرب ۽ آذربائيجان تي ايلخاني حڪومت ڪندا هئا. مظفرين خاندان جي حاڪم امير شاهه شجاع پاڻ کي ڪم طاقت سمجهي اجائي خونريزي کي مٽائڻ لاءِ پنهنجي سياڻپ سان امير سان صلح ڪيو ۽ پنهنجيءَ نياڻي جو سڱ امير جي پوٽي شهزادي جهانگير جي پٽ پير محمد کي ڏيڻو ڪيائين، پر آذربائيجان جي حاڪم شيخ اويس جي پٽ هٿان شڪست کاڌي. سندس تختگاهه ۽ سلطانيه جو مشهور قلعو امير فتح ڪيو ۽ سلطان احمد بغداد شريف ۾ وڃي پناهه ورتي. هن فتح کان پوءِ تخت شيوان، اِروان، طفلس ۽ شيروان جا شهر امير جي جهنڊي هيٺ اچي ويا. تنهن کان پوءِ عراق عجمي، گيلان ۽ آرمينيا جا علائقا فتح ڪيائين. ايراني فتوحات ۾ اڪثر يورپي مؤرخ امير تيمور کي بدنام ڪن ٿا، ته هن اصفهان ۾ 70،000 ماڻهو قتل ڪرايا! پر تنهن جو سبب هي هو جو اصفهان (قراقويونلو) خاندان وارن امير جو مقابلو ڪيو ۽ اٽڪل 30،000 سمرقندي سپاهي ماري ڇڏيائون. جڏهن تاتارين سندس هيترا سپاهي ماري ڇڏيا، تڏهن امير به قتل عام جو حڪم ڏنو ۽ هڪڙي لحذي اندر ستر هزار ماڻهو قتل ٿي ويا، جن جي سرن کي وڍرائي هڪڙو کوپرين جو منارو جوڙايائين، ان لاءِ ته وري ٻيا امير سرڪشي نه ڪن. شيراز جو حاڪم زين  العابدين هو، جو شاهه شجاع جو پٽ هو. هي اصفهان جي قتل عام کي ڏسي پاڻ اچي پيش پيو.

سن 791هه مطابق سن 1389ع ۾ سلطان موٽي سمرقند آيو، جتي ڪجهه وقت شڪار ۽ محفلن ۾ گذاري لشڪر کي به آرام وٺايائين، 794هه ۾ ڪجهه بيمار ٿي پيو پر سُتت ئي شفاياب ٿيو.

جڏهن سلطان تندرست ٿيو ۽ سندس لشڪر به آرام ورتو تڏهن ايران جي اُتر ۾ اُستراآباد، مزين دران ۽ آمول جي رهندڙ فدائي حاڪمن سان سخت جنگ ڪيائين. سندن علائقا فتح ڪري لورستان، خوزستان، همدان ۽ برد جرد، دزفل فتح ڪيائين، پر قلعي سفيد جي حاڪم شاهه منصور پنهنجي شهسوارن سان شينهن وانگر امير تي ڪاهه ڪئي ۽ خود وڃي امير تي گهيرو ڪيائين. شرف الدين لکي ٿو شاهه غازي جي تلوار آبدار ٻه گهمرا امير جي مٿي تي يلغار ڏني پر عادل اغتاش سپر بردار ٻئي گهمرا شاهه جي تلوار جي ڌڪن کي روڪي برجستائيءَ سان امير جي جان بچائي ورتي. شهزادو شاهه رخ مرزا هڪدم فوجن کي چيري شاهه کي گهيري ۾ آندو ۽ سندس سر تلوار جي هڪڙي ڌڪ سان وڍي آڻي امير جي اڳيان ڦٽو ڪيائين. شاهه منصور غازيءَ جي مرڻ کان پوءِ مظفرين خاندان جو خاتمو ٿيو . جيڪي باقي وڃي بچيا هئا تن جون امير اکيون ڪڍرائي کين سمرقند ڏياري موڪليو. سڄو سندن ملڪ پنهنجي اميرن کي ورهائي ڏنائين، شاهه منصور جي خزاني مان امير کي بيشمار دولت هٿ لڳي.

سن 795هه مطابق سن 1393ع ۾ سلطان ٻيهر عراق عرب تي حملو ڪيو. دجله نديءَ کي لتاڙي بغداد ۾ وارد ٿيو، هتي جي خليفي خوف کان وڃي ڪربلا جي رڻ ۾ پناهه ورتي، سندس حرم ۽ پٽ کي امير قيد ڪيو. ماردين ۽ دياربيڪر جا قلعا فتح ڪندو آرمينيا کان لنگهي جارجيا پهتو، جتي کيس امير توڪتمش جي ڪاهه جي خبر پهتي، جو هن وقت ڪاڪيشيا ۾ جنگ جون تياريون ڪري رهيو هو. امير کيس بحيره خضر جي ڪناري تي شڪست ڏني. هو ٽيون ڀيرو روس ڏانهن ڀڄي ويو. امير به سندس پٺيان پيو، ماسڪو ۾ ڦرلٽ جو حڪم ڏنائين. هتي عرس خان کي حاڪم مقرر ڪري جارجيا ڏانهن موٽيو، جتان گهڻو ڦرلٽ جو مال سمرقند روانو ڪيائين. سندس خوف کان گهڻن ئي حاڪمن سندس درٻار ۾ پنهنجا سفير ۽ بيشمار سوغاتون روانون ڪيون، آڻ به مڃيائون. سن 799هه مطابق سن 1396ع ۾ 5 سالن جي سفر کان پوءِ پنهنجي تختگاهه ڏانهن موٽيو، جيئن سلطان محمود غزنويءَ سمرقند کي عروج تي آندو، تيئن سلطان تيمور جي ڏينهن ۾ سمرقند وڏي اوج تي پهتو. موٽندي امير تيمور پهريون قيش ويو، جتي پنهنجي پيءُ جي قبر تي فاتحا پڙهي، پوءِ ڏاڍي شان ۽ تجمل سان سمرقند ۾ وارد ٿيو، سندس حرم جي راڻين ۽ شهزادين مٿس بيشمار خزانو گهور ڪيو، جن ۾ هيرا ۽ جواهر به هيا. سندس عمر هن وقت 63 ورهيه هئي، هتي شهزادي توڪل خانم سان شادي ڪيائين، جنهن کي رهڻ لاءِ دلڪش محلات ڏنائين.

هندوستان تي ڪاهه

ڪجهه وقت تختگاهه ۾ عيش ۽ آرام ۾ گذاري هندوستان ۽ روم جي ولايتن کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، ڇاڪاڻ جو ٻئي ملڪ پنهنجيءَ دولت جي ڪري مشهور هئا. هن ڀيري جهانگير جو لقب ورتائين. هندستان تي ڪجهه وقت اڳ سندس پوٽي شهزادي پير محمد هرات کان لشڪر وٺي ملتان تي ڪاهون ڪيون هيون. پر امير اهو خيال ڪيو ته هندوستان جي فتح جو نشان به سندس نالي تي رهجي اچي. انهيءَ ارادي سان هو بلخ کان مضبوط ترڪمانين جو لشڪر وٺي هندوڪش جبلن جي گهاٽين سنڌونديءَ کي لتاڙي ستلج نديءَ جي ماٿريءَ ۾ اچي خيما کوڙيا. سندس تيغ برق انداز جا ڪڏهن ماسڪو تي چمڪڻ لڳي، ڪڏهن ڪوهه ڪاف تي چمڪاٽ ڪيائين ڪڏهن اصفهان کي ساڙي پائمال ڪيو هئائين، هينئر دهليءَ تي چمڪڻ لاءِ منتظر هئي. ستلج نديءَ جي سبز ماٿريءَ کان هن دهليءَ تي ڪاهه ڪئي. سلطان محمود تغلق، جو هن وقت هندوستان جو حاڪم هو، سو سندس خوف کان گجرات ڏانهن ڀڄي ويو. امير تيمور دهليءَ ۾ وارد ٿيو، سندس تاتاري فوجن شهرن جا شهر لٽي رهاڪن کي قيد ڪري مشرق جي مايهء ناز تختگاهه جي سموري دولت لُٽي شهر کي برباد ڪيو. دهليءَ کي ماتم ۾ وجهي مٿرا تي ڪاهه ڪيائين، جو هن وقت هندوستان ۾ وڏو بت خانو هو. سندس ترڪمانين هتي جي بتن کي نيزن سان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. بتن کي ايتري طاقت نه ٿي جو هن چڪرورتي جي سينا کي روڪي سگهن. مطلب ته مٿرا سان به دهليءَ جهڙو حال ڪري گنگا جي ڀر وارن شهرن کي ناس ڪندو بنديل کنڊ جي ٻيلن ۾ چيتن، واگهن ۽ گينڊن جو شڪار ڪري سن 801هه مطابق سن 1399ع ۾ وڏي خزاني، هاٿين جي رٿن، ڪاريگرن ۽ ڪيترن ئي قومن جي قيدين جي هجوم سان موٽي سمرقند آيو.(1) هندوستان تي سندس ڪاهه رڳو دولت ۽ خزانن لاءِ هئي، جيئن ڪجهه وقت اڳ تاتارين ڪيو هو. کانئس پوءِ هڪ صدي سندس اولاد مان شهزادي بابر مرزا دهلي فتح ڪري هندوستان ۾ مغل سلطنت جو پايو وڌو.

انقره جو هولناڪ معرڪو امير تيمور جي روم تي ڪاهه

بجلی کوضد ہوئی ہے کہ گلشن کو پھونک دے،

لے جائوں یا الاھی کہاں آشیان کو میں۔

امير تيمور جڏهن هندوستان ۾ هو تڏهن سندس پٽ شهزادو ميران شاهه آزربائيجان ۾ هو. چون ٿا ته هڪڙي ڀيري گهوڙي تان ڪري پيو، جنهنڪري سندس حواس بدلجي ويا. هو چريائي جي حالت ۾ شهرن ۾ مساجد، مقبرا ۽ جايون اُکاڙڻ لڳو. آخر اهڙي بدحواسيءَ جي حالت ۾ دم ڏنائين. سندس موت کان پوءِ اولهندي وارا ملڪ امير کي پاڻ سنڀالڻا پيا. هندوستان کان موٽڻ کان پوءِ هن اولهندي ايشيا ڏي رخ رکيو، هتي پهچڻ سان پنهنجي پٽ جي صلاحڪارن کي قتل ڪرائي جارجيا جي حاڪم مَلڪِ جرجين سان وڙهڻ نڪتو جنهن سندس خلاف فساد ڪيو هو. سلطان تيمور جيڪي به بيروني ملڪ فتح ڪيا اُنهن مان جارجيا تي سندس ڪاهه گهڻي شهرت رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو ملڪ جرجين جي فساد جي اُماڙيءَ وڏو ماڌاڻ مچائي ڏنو ۽ هن فساد جي ڪري ٻن زبردست ترڪ قومن جو پاڻ ۾ ٽڪرو ٿيو. هن تصادم جو عثماني ترڪن تي برو اثر پيو، نه ته هو گهڻو اڳ قسطنطنيه فتح ڪن ها. مَلڪِ جرجين جي فسادن کي ٽارڻ لاءِ امير تيمور هرات مان وڏي لشڪر سان جارجيا تي ڪاهه ڪئي ۽ قزوين کان ٿيندو طفلس پهتو، جو هن وقت مٿئين علائقه جو تختگاه هو.

جڏهن سلطان جي فوجن قارا بيگ جي ميدان ۾ اچي خيما کوڙيا، تڏهن روم جي سلطان کي خوف جاڳيو. هن وقت سرزمين روم تي عثماني ترڪن جي سلطان (بايزيد يلدرم) جي حڪومت هئي، جو پنهنجي فوج ظفر موج جو سپهه سالار عظيم هو. سندس رومته الڪبرى جي مشرقي بازنظيني سلطنت سان عداوت هئي ۽ مشرقي سلطنت کي بچائڻ لاءِ سڄي يورپ جي هن سان عداوت هئي. پر غياث الاسلام و المسلمين سلطان بايزيد يلدرم رحمت الله عليھ 1396ع ۾ نڪاپالس جي خونريز معرڪي ۾ فرانس، لمبارڊي، جرمني، جنيوا ۽ اسپين جي متحد فوجن کي سخت شڪست ڏني هئي، ايتريقدر جو واديءَ الدانوب جا سرسبز ميدان عيسائين جي خون کان لالهء زار بنجي پيا ۽ عثماني ترڪن جي تلوار خون آشام کان رومته الڪبرى جي ديول سينٽ پيٽرس ۽ ويانا جي ديوارن ۾ زلزلو پئجي چڪو هو، ڇاڪاڻ جو غازي اعظم سلطان بايزيد يلدرم روم جي پوپ بونيفس تائين کي پنهنجي اعلان ۾ اطلاع ڏنو هو ته ”جي خداوند تعالى مون کي سوڀ ڏني ته انشاء الله تعاليٰ رومة الڪبرى جي ديول ۾ پنهنجا گهوڙا اچي ٻڌندس.“

ٻئي طرف پوپ جي اشاري تي سڄو براعظم يورپ ترڪن جي مقابلي لاءِ کڙو ٿي بيٺو هو ۽ ترڪ به قسطنطنيه کي اسلام جي جهنڊي هيٺ آڻڻ لاءِ هر طرح جي قرباني ڪرڻ لاءِ تيار هئا. پر خداوند تعالى جي قدرت جا ڪارناما ڏسو جو اهڙي تگ و دو جي زماني ۾ جڏهن هڪڙي طرف فرزندان توحيد مٿن سان ڪفن ٻڌي هنگريءَ جي ميدان ۾ تثليث جي فرزندن جي مقابلي ۾ وڃي بيٺا هئا ته مٿن مشرق کان اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو، اُهو طوفان جو اصفهان ۽ دهلي جي خونن کان سندس رنگ به بدلجي ڳاڙهو ٿي ويو هو. سلطان بايزيد يلدرم به پنهنجي وقت جو نامور سلطان هو. سندس مجاهدانه ڪارواين ۽ فياضي جي هاڪ سڄي دنيا ۾ هئي، جنهن جي قدم کان هن وقت يورپ پي ڪنبيو. جڏهن امير تيمور اصفهان فتح ڪيو تڏهن اُتي جي شاهي خاندان جي شهزادن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪرايون هئائين، جنهنڪري هن خاندان جي گهڻن ئي شهزادن اصفهان ڇڏي سلطان عياث الاسلام بايزيد يلدرم وٽ اچي اُنقره ۾ پناه ورتي هئي. سلطان مٿئين شهزادن جي گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ کين گهڻي عزت ڏني هئائين. امير تيمور جنهن پنهنجيءَ تاجپوشيءَ جي پهرين ڏينهن اهو اعلان ڪيو هو ته ”مان دنيا کي فتح ڪندس ۽ انهيءَ ساڳئي ارادي جي پردي هيٺ هن اسلامي دنيا تي ڪاهون ڪيون هيون، تنهن جڏهن ايشيا جي ٻين حڪومتن مٿان هٿ صاف ڪيا، تنهن صورت ۾ سندس اها خاص مراد هئي ته باقي شام، مصر ۽ روم جي فتوحات جي ناموري به سندس نالي تي لکجي، کيس سلطان بايزيد يلدرم سان جنگ جي خاص مراد هئي پر کيس رڳو بهاني جي ضرورت هئي، پر هينئر جو فياض سلطان اصفهاني شهزادن کي پنهنجي الطاف جي دامن ۾ پناهه ڏني هئي، تنهن صورت ۾ اهڙي سونهري موقعي کي نيڪ فال سمجهي امير تيمور رُوم تي ڪاهه ڪئي! مڃيوسين ته امير تيمور فاتح هو سندس هيبت کان زمين جي تختي ۾ زلزلو پيو، پر تاريخ ۾ روم تي هن جيڪا جنگ ڪئي تنهن مان اسلام کي سخت نقصان پهتو.

اُنقره ANGORA جي ميدان ۾ جڏهن تاتاري لشڪر ٽپي پيا تڏهن لاچار هن درد بي درمان جي علاج لاءِ سلطان بايزيد رحمت الله عليھ ڇهن لکن عثماني ترڪن جي فوجن سان امير جي جواب ۾ لبيڪ چئي ميدان ۾ ٽپي پيو. عيسائي خواهه مسلمان مؤرخ لکن ٿا ته دنيا ۾ جيڪي به خونريز جنگيون ٿيو تن مان هيءَ به هڪ سخت هولناڪ جنگ هئي. ڇاڪاڻ جو ٻئي اسلام جا زبردست شهنشاهه هئا، جن مان هڪڙو ته تيمور هو، ته ٻيو به سلطان الروم هو، جنهن جي جوانمرديءَ کي ڏسي ترڪن کيس يلدرم  جو لقب ڏنو هو جنهن جي معنيٰ آهي (بجلي آسماني) واقعي سلطان بايزيد رحمت الله عليھ هو به (برق سوزان) جنهن جي چمڪاٽ کان يورپ ڪنبي رهيو هو. عثماني ترڪن توراني، اُزبڪن ۽ تاتارين کي پورو جوهر ڏيکاريو پر تاتاري فاقيه مستن اڳيان زرهه پوش ترڪي شهسوارن جا قدم اُکڙي ويا، رڻ ٿيو سلطان بايزيد يلدرم باز جي چنبي ۾ گرفتار ٿي ويو، تاتارين کيس زنجيرن سان ٻڌي امير جي ڇانوڻيءَ ۾ آندو، چون ٿا ته امير سان سلطان نهايت ئي لاپرواهيءَ سان گفتگو ڪئي، جنهن تي امير تيمور هن اسلام جي مجاهد عظيم کي لوهه جي پنڃري ۾ بند رکيو ۽ کيس کائڻ لاءِ ڪچو گوشت ڏيندو هو، آخر اهڙيءَ حالت ۾ سلطان الغازي امير جي ترنگ ۾ دم ڏنو. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. هن خوفناڪ معرڪي ۾ گهڻا ئي ترڪ شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي بهادريءَ سان وڙهندي امير جي ڇانوڻيءَ ۾ قيد ٿي آيا، جن کي امير جيئري زمين ۾ پورائي ڇڏيو. هن معرڪي کان پوءِ ترڪن جو قدم ڪجهه وقت لاءِ رڪجي پيو، نه ته گهڻو اڳ جيڪر هو قسطنطنيه فتح ڪن ها. اُنقره (انگوره) جي معرڪي کان جيڪو اسلام کي نقصان پهتو سو پڙهندڙ مٿئين بيان مان بخوبي معلوم ڪري سگهندا، وڌيڪ احوال اسين تڏهن قلم هيٺ آڻينداسون جڏهن عثماني ترڪن جو سونهري باب پنهنجي تاريخ ۾ ڏينداسون، هن وقت رڳو ايترو لکون ٿا ته اَنقره جي معرڪي ۾ جڏهن ترڪن جي شڪست جي خبر يورپ جي حلقن ۾ پهتي تڏهن طول عرض يورپ  ۾ عيسائين خوشيون ملهايون. سندن چوڻ هو ته سلطان بايزيد هڪ آسماني آفت هئي جا اسان مٿان ٽري ويئي! تنهنڪري هينئر وڌيڪ نڪته چيني ڪري نه ٿي سگهجي.

پاسِ آدابِ محبت ہی کہ خاموش ہوں میں،

یہ نہ سمجھو کہ مجھے طاقتِ فریاد نہیں۔

مصر تي ڪاهه

جڏهن اُنقره ۾ سلطان بايزيد يلدرم شڪست کاڌي تڏهن امير تيمور جي هيبت کان مصر ۾ اچي ٿرٿلو پيو. انهن ڏينهن ۾ مصر ولايت تي عباسي خليفن جي حڪومت هئي. خليفو ابوبڪر المعتضد بالله ثاني ابن المستڪفي، جو هن وقت مصر جي خلافت تي هو، تنهن جي درٻار ۾ سلطان پنهنجي سفير حضرت شيخ صفوّي کي ڏياري موڪليو پر هن غلطي ڪئي جو سفير کي مارائي ڇڏيائين. المعتضد بالله به سُتت وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ ابوعبدالله محمد المتوڪل علي الله ثاني تخت تي ويٺو، مٿس بدلي وٺڻ لاءِ امير ڪاه ڪئي ۽ پهريائين دمشق تي ڪاهه ڪيائين، شام تي سلطان الملڪ الظاهر بيبرس جي پوين جي حڪومت هئي. امير جي فوجن شام تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترائي شهر ناس ٿي ويا. هتي عربن کي آڻ مڃائي سلطان پٺتي موٽيو. سندس مرضي هئي ته يورپ فتح ڪيان. اهڙي ارادي سان از مير هاڻوڪي سمرنا تائين پهتو، پر آخر ضعيفي جي ڪري اڳتي وڌڻ جو خيال لاهي پٺتي موٽيو. ڇاڪاڻ جو يورپ جي حاڪمن وٽس پنهنجا سفير روانا ڪيا.

امير جو سمرقند موٽڻ ۽ سندس وفات

سن 807هه، مطابق 1404ع ۾ امير تيمور وڏي شان ۽ تجمل سان نائون گهمرو فتح حاصل ڪري سمرقند ڏانهن موٽيو. هتي فتوحات جي يادگارن ۾ وڏيون وڏيون محفلون برپا ڪرايائين، جتي سڄي دنيا جي بادشاهن جا سفير موجود هئا. امير جيتوڻيڪ هن وقت ضعيف العمر هو ته به بهادريءَ جي جوش کان سندس رڳون لبريز هيون. هن ڏهون گهمرو به فتوحات جو خيال ڪيو ۽ هن ڀيري چين جي خاقان تي جنگ جو اعلان ڪيائين. ماهه جنوري سن 1405ع مطابق سن 807هه ۾ برفاني موسم ۾ چين تي ڪاهه ڪيائين پر سرديءَ جي وگهي رستي ۾ بيمار ٿي پيو. شاهي حڪيم مولانا فضل الله امير تيمور جي زندگيءَ لاءِ اُميد ڏيکاري پر امير ڪا پرواهه نه ڪئي. سندس بهادر دل کي ڪنهن به قسم جو لوڏو نه آيو. سندس پلنگ جي اردگرد سندس قبيلي جا ننڍا وڏا روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳا. پر هن سڀني کي دل مضبوط ڪرڻ لاءِ تسلي ڏني ۽ پاڻ وصيت ڪيائين ته مرڻ کان پوءِ تخت تي منهنجو پوٽو پير محمد ويهي. پنهنجي شهزادي شاهه رُخ مرزا سان ملاقات ڪرڻ جو گهڻو خيال هوس پر هن وقت موجود نه هو. مولانا هيبت الله امير جي سرهاڻي کان قرآن شريف پڙهندو رهيو، کيس پڙهڻ لاءِ پاڻ حڪم ڏنو هئائين. آخر 7 شعبان المعظم 807هه مطابق 17 فيبروري سن 1405ع ۾ هن فاني جهان کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. انا لله و انا اليھ راجعون.

سندس جنازو سمرقند کڻائي آيا، جتي سندس مرشد حضرت شيخ برقيرحه جي مقبري ۾ مٽيءَ حوالي ڪيائون. حضرت شيخ برقيرحه اُهو بزرگ هو جنهن سندس عظمت ۽ اقبال جي اڳ پيشنگوئي گوئي ڪئي هئي. مٿيون مقبرو اڃا تائين سمرقند ۾ موجود آهي ۽ (تربتِ تيمور) ڪري ليکبو آهي.(1) امير تيمور 71 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، هو براعظم ايشيا ۾ مشهور نامور اسلام جو شهنشاهه ٿي گذريو. هو فوجي لحاظ سان رومن شهنشاهه سيزر Caesar ، اسڪندر مقدوني ۽ چنگيز جي برابر ليکجي ٿو.

بارگاهه تيموري ۽ سمرقند تي هڪ نگاهه

سلطان امير تيمور قد جو پورو پنو پر بدن ۾ مضبوط. سندس آڱريون ڊگهيون ۽ هڪ ٽنگ کان منڊو هو جا سيستان جي جنگ ۾ ڀڄي پئي هئي. سندس آواز سنهو پر ايتريقدر تيز هو جو گهمسان جي جنگ ۾ به پري کان ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. 70 ورهين جي ڄمار ۾ سندس نظر گهڻو گهٽجي ويئي هئي، پوين ڏينهن ۾ درٻار ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن کي سڃاڻي ڪين سگهندو هو. سندس رنگ گورو ۽ ڏاڙهي ڊگهي هئي. اڪثر ايراني يا رومي لباس پهريندو هو. ترڪستان ۾ ٻُڌڌرم، آتش پرستي ۽ اسلام جي ٽڪرجڻ ڪري ماڻهن جي پوشاڪن جو نمونو گهڻو بدلجي ويو هو، پر شرف الدين لکي ٿو ته امير تيمور ڊگها چوغا پائيندو هو ۽ مٿي تي وڏي دستار پهريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن مغلن جي نموني جي ڊگهي ٽوپي قلي جهڙي پائيندو هو. جنهن جي مٿان هيرن ۽ لعلن جون قطارون لڳل هونديون هيون. ڪنن ۾ مغلن وانگر ڊگهيون مُرڪيون به پائيندو هو. پاڻ چوندو هو، ته سلطنت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن هڪڙي هٿ ۾ تلوار هوندي. گهڻا ماڻهو اڪثر مغربي مصنفن جي قول موجب امير تيمور ظالم هو، پر سندن اهڙو خيال غلط آهي ڇاڪاڻ جو هو ظالم ڪين هو پر فاتح هو ۽ ظلم اُنهن تي ڪيائين جن سندس مقابلو ڪيو. جڏهن اصفهان فتح ڪيائين تڏهن اُتي جي علمائن ۽ بزرگن جي گهڻي خاطرداري ڪيائين. کين درٻار ۾ گهرائي گهڻا ئي بي بها تحفا بطور نذراني جي مرحمت ڪيائين. جيئن شمس الدين، محمد جزيري ۽ حضرت شيخ بخاريرحه جڏهن سندس ڇانوڻيءَ ۾ قيد ٿي آيا، تڏهن سندن پاڻ اُٿي عزت ۽ تعظيم ڪيائين. ساڳيءَ طرح جڏهن حلب ۾ قاضي شرف الدين ۽ سندس ٻن هزارن مريدن ساڻس ملاقات ڪئي تڏهن کين گهڻا ئي انعام اڪرام ڏنائين، جتي به ويو، اُتي جي ڪتب خانن جا ڪتاب کڻائي سمرقند آندائين.

چنگيز جي ظلمن ڪري ترڪستان قتل ۽ غارتگريءَ جو مرڪز بنجي چڪو هو، پر سندس عهدِ مهد ۾ ترڪستان اسلام جو مرڪز هو. مشرق ۾ جيڪي به با اقتدار شهنشاهه ٿي گذريا جن بخارا شريف يا غزني يا نيشاپور تي حڪومتون ڪيون اُنهن سڀني کان وڌيڪ امير تيمور جي درٻار سمرقند ۾ شاندار ۽ دولتمند هئي. مغليه خاقانن جي درٻار به شاندار هئي پراُنهن کان وڌيڪ سمرقند اُها درٻار هئي جتي براعظم ايشيا خواه يورپ يا آفريقا جي بادشاهن جا سفير امير جي خدمت ۾ رهندا هئا. ان لاءِ ته هفت اقليم جي شهنشاهه سان سندن حڪومتن جو دوستيءَ جو رستو قائم ٿي گذريو، جنهن جي هيبت کان دنيا ڪنبندي هئي ان ڪري وقت جا بادشاهه امير سان دوستيءَ جي ناتي رکڻ کي پاڻ لاءِ باعث فخر سمجهندا هئا، سندس درٻار پُرجلال ۾ جيڪي به امير، وزير ۽ ٻيا اُمراء رهندا هئا، سي اڪثر ريشم يا مخملي لباس ۾ جلوه گر رهندا هئا. سندس حرم جون زالون قديم ايراني پوشاڪون پهرينديون هيون، اُهي اڪثر سرخ ريشمي لباس پائينديون هيون، جن تي زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو. سندن آستين کليا ۽ جهولدار هوندا هئا، هر هڪ شهزاديءَ جي چوغي کي جهلڻ لاءِ 15 ٻانهيون مقرر هونديون هيون. سندن منهن تي باريڪ ريشمي پردو نقاب جيان پيل هوندو هو. سندن گيسو مشڪ ۽ عنبرين سان مائل هئا جن جي خوشبو کان محلات معطر رهندو هو. مٿي تي سرخ تاجدار ٽوپيون رکنديون هيون، جنهن جي چؤطرف هيرن، لعلن ۽ جواهرن جون لڙيون لڙڪنديون هيون. اُنهن ٽوپين جي چوٽين تي سفيد قيمتي پَر لڳائينديون هيون. حرم جي شهزادين جون پوشاڪون ملتان، اصفهان، دمشق، بصره ۽ وينس جي لعلن ۽ جواهرن سان جڙيل هونديون هيون. ڪلاوجو جو اسپين جي بادشاهه طرفان امير جي درٻار ۾ سفير هوندو هو لکي ٿو، ته امير جي ڇانوڻيءَ ۾ سندس تنبوءَ ۾ جتي سندس برتن رکيل هونداهئا، اُتي هڪ وڏو سون جو مرتبان رکيل ڏٺم، جنهن تي هيرن ۽ جواهرن سان جڙت جو ڪم ٿيل هو. اُن ميز تي جيڪي به پيالا رکيل هئا، تن تي به بيش بها جڙت جو ڪم ٿيل هو. مٿئين ميز سون جي هئي، جنهن جي پاسن تي جواهر نگاري جو ڪم ٿيل هو. مٿس هڪ سونو شاهه بلوط جو وڻ رکيل هو. جنهن جون شاخون ۽ پن سندس ميوا به هيرن جواهرن سان جڙيل هئا ۽ سندن شاخن ۾ جيڪي به پکي ويٺل هئا، سي به هيرن ۽ لعلن سان جڙيل هئا. اُهي جدا جدا رنگن جا هئا، جن کي ڏسي نگاهه ڦريو ويندي هئي.

وري جڏهن محفل لڳندي هئي ۽ مختلف ملڪن جا شهزادا ۽ امير پنهنجي قيمتي پوشاڪن سان ويهي شراب پيئندا هئا، تڏهن سندن جواهر نگار ساغرن ۽ شراب ارغواني ۽ پيالن جي گردش جو عجيب ڏيک هو. مغل تاجدار اڪثر شراب پيئندا هئا.

ہاتھوں میں جام لیا اور مُنہ سے کہا بسم اللہ،

کون کہتا ہے کہ رندوں کو خدا یاد نہیں۔

مطلب ته امير تيمور جي شان ۽ دٻدٻي جو حيرت انگيز نظارو هو. مٿيون سفير لکي ٿو ته وٽس ايتري دولت هئي جو قلم کي طاقت نه آهي جو بيان ڪري سگهي. ترڪ اڪثر کلئي ميدان ۾ رهڻ پسند ڪندا  آهن، تنهنڪري شاهي محفلون اڪٿر سمرقند جي ٻاهران (ڪان گل) جي زرخيز ميدان ۾ لڳنديون هيون، جتي تنبو لڳندا هئا. اُهي تنبو قيمتي ۽ شاندار هئا. جڏهن زرافشان جي ڪپ تي شاهي محفل برپا ٿيندي هئي تڏهن گهٽ ۾ گهٽ 15000 تنبو لڳي ويندا هئا. اُنهن تنبن ۾ شهزادن ۽ اميرن کان سواءِ عام ۽ خاص ماڻهن کي به اچڻ جي موڪل هئي. ڇاڪاڻ جو هتي هزارين دڪان کلي ويندا هئا ۽ جابجا حمام به کلي ويندا هئا، جتي هر طرح جو واپار به هلندو هو. شاهي تنبو اڪثر وچ ۾ لڳندا هئا. چؤطرف اميرن، وزيرن، اهلڪارن ۽ سفيرن جا تنبو لڳندا هئا. اُنهن تنبن جي سڃاڻپ لاءِ سندن چوٽين تي جدا جدا رنگن جا بيرق لڳندا هئا. اُهي تنبو چؤرس نموني جا سو فٽ ڊگها ۽ ٽن نيزن جيتريءَ بلنديءَ تي هئا. سندن ستون سونا ۽ نيلگوني هئا، جن جا ڍڪ ريشمي ۽ اطلس جا هوندا هئا. سندن نوڙين  تي به ڳاڙهي ريشم جو ڪم ڪيل هوندو هو. سندن ڪناتون ڪاري، سونهري ۽ سفيد ريشم جا هئا. منجهن ڪرمچي قيمتي غاليچا هوندا هئا، جي جواهر نگار هئا.تنبن جو ٻاهريون ڏيک قلعي جي نموني تي هو، جن تي گنبذ ۽ مينار به هوندا هئا. سندن غاليچا ايران يا بصره جا هئا.

امير تيمور محلات ساز بادشاهه ٿي گذريو، وٽس هندستان، اصفهان، شيراز ۽ دمشق ولايتن جا ڪاريگر رهندا هئا. پنهنجي سلطنت جي جدا ڀاڱن ۾ محلات، ۽ عمارتون جوڙايائين، جيئن ته تبريز ۾ شاهي جامع مسجد، شيراز ۾ شاهي محلات، بغداد شريف ۾ وڏو مڪتب ۽ هڪ يادگار جوڙايائين. حضرت شيخ احمد صفويّ جي مزار تي وڏو مقبرو جوڙايائين، جا عمارت ترڪستان ۾ مشهور آهي. قيش جي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي والد ماجد ۽ پٽ جهانگير جي تربتن تي وڏا مقبرا تعمير ڪرايائين. هڪ وڏي جامع مسجد به تيار ڪرايائين، جتي سوين مُلان هر وقت روحن جي ثواب لاءِ قرآن شريف جو ورد ڪندا هئا. سمرقند ۾ هڪ شاهي مڪتب ۽ ڪتب خانو تيار ڪرايائين، جنهن تي (ڪتب العلم والادب) نالو رکيائين جتي فرغانه، خوارزم ۽ بخارا جا وڏا وڏا علماء ۽ ڪماليت جا صاحب گهرائي وهاريائين، جن لاءِ ڪثير وظيفا مقرر ڪيائين، هڪ وڏو محلات به تيار ڪرايائين، جو ڏهن سالن ۾ جڙي تيار ٿيو، مٿس ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل هو، جا ايران کان گهرائي وئي، هن جي چؤطرف وڏو باغ به هو، سمرقند هن وقت وڏي اوج کي پهتل هو ۽ ڇهن ميلن ۾ هو. سندس چؤطرف عاليشان باغ بستان به هئا، منجهس وڏا وڏامحلات هئا، جن جا سونهري ڪنگرا نيلي آسمان هيٺ گهڻي رونق ڪندا هئا. تيموري درٻار جو چهچٽو به عجيب ۽ غريب هو، درٻار جي پهرين دروازي تي شاهي چوبدار قيمتي پوشاڪن سان بيٺل هوندا هئا. ٻئي دروازي تي فيل سوار اُزبڪ فولادي گرزن سان ويٺل هوندا هئا. ٽيون دروازو شاهي درٻار جو هو، جتي غاليچا ۽ قيمتي گاديلا وڇايل رهندا هئا. درٻار اڳيان هڪ پاڻيءَ جو چشمو هو، جنهن جي چؤطرف وڻ رکيل هوندا هئا. ڏکڻ پاسي ٻيو هڪ شاهي محلات هو جو (باغ بهشت) ۾ هو. علامهّ شرف الدين لکي ٿو ته هتي سڄو محلات تبريز جي اڇي سنگ مرمر جو جڙيل هو. سندس ارد گرد وڏي کاهي ڏنل هئي. هي محلات امير پنهنجي پوٽيءَ ميران شاهه جي نياڻيءَ کي ڏنو. باغِ شمال ۽ باغ نو به وڏا سنگ مرمر جا هئا جي شامي ڪاريگرن جوڙيا هئا. سمرقند ۾ هڪ شاهي جامع مسجد تعمير ڪرايائين، جنهن جا مينار سمرقند جي اڳوڻي کنڊراتن ۾ اڃا به مظهر آهن، جا مسجد شاهه جي نالي سان سڏبي هئي. شهزادو بابر مرزا لکي ٿو، ته مسجد شريف جي دروازي تي قرآن شريف جا ڪي اکر به اُڪريل هئا اُهي ايترا وڏا هئا جي ٻن ميلن جي فاصلي تان نظر ايندا هئا. سمرقند کانسواءِ هرات، مشهد ۽ اصفهان ۾ به وڏيون وڏيون مسجدون ۽ محلات شهزادن لاءِ تعمير ڪرايائين. واپار ۽ صنعت حرفت جي لحاظ سان سمرقند دنيا ۾ وڏو مرڪز هو. هتي بيشمار ڪاريگر رهندا هئا، جيئن ريشم جي ڪارخانن ۾ دمشق جا ڪوري ڪم ڪندا هئا، سو نارا روم ولايت جا ۽ ٻيا گهڻا ڪاريگر جدا جدا ملڪن جا رهندا هئا، جي امير پاڻ سان گڏ دعوت ڏيئي آندا هئا. علمي لحاظ سان به امير کي گهڻي دلچسپي هئي، شام ۽ مصر جي سفر تي امير علامهّ ابن خلدون کي سمرقند اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، پر علامهّ اچڻ کان انڪار ڪيو هو. سمرقند جي آبادي اُن زماني جي لحاظ سان 150،000 هئي. هتي هندوستان جا واپاري مصالحن جا قافلا ڀري آڻيندا هئا. وري چين ولايت کان واپاري مشڪ، عنبر، ريشم ۽ قيمتي پٿر آڻيندا هئا. هتان وري هزارين قافلا پشم جا جدا جدا ڏينهن تي اُسرندا هئا. سمرقند ۾ واپارين جي هر وقت ڀيڙ لڳل هوندي هئي. هتان قافلا ايشيا ۽ يورپ ڏي ويندا هئا. هڪڙا قافلا خوارزم، اُستراآباد کان لنگهي مانيڪو، اُتان وري پولينڊ ۽ هنگري ولايتن ڏي ويندا هئا. ٻيا تبريز مان لنگهي روم جي بندرگاهه طرابزون کان ٿيندا ويس ۽ جنيوا کان يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندا هئا.

امير تيمور جي عهد مهد ۾ ترڪستان وڏي عروج کي پهتو، ڇاڪاڻ جو چين، هندوستان، اِيران، روس، روم ۽ شام ويندي مصر تائين ترڪستان جو سلام ڀريندا هئا. درٻار ۾ ڌارين ملڪن جا سفير ۽ فيلسوف، رهندا هئا. حڪومت جو سمورو ڪاروبار ترڪي زبان ۾ هلندو هو. سلطان زمان خدا دوست ۽ پڪو مرد مسلمان شهنشاهه ٿي گذريو، فقيرن، درويشن ۽ علمائن جو ڄڻ غلام هو. حضرت سيد علي همدانيرحه جو امام زين العابدينرضهّ جي اولاد مان هو تنهن جي گهڻي خاطرداري ڪيائين، مٿئين بزرگ سن 786هه مطابق سن 1384ع ۾ وفات ڪئي. هن گهڻا ئي ڪتاب جوڙيا. حضرت خواجه بهاءُ الدين نقشبنديرحه جو نقشبندي طريقي جو باني ليکجي ٿو، سو به سلطان تيمور جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو، تنهن سن 791هه مطابق سن 1388ع ۾ وفات ڪئي. اڄ ڏينهن سوڌو بخارا شريف ۾ وڏو بزرگ ليکجي ٿو. سندس مزار بخارا کان هڪ ميل جي فاصلي تي آهي. لطف الله سلطان جي درٻار ۾ وڏو شاعر ڪمال ٿي گذريو. امير هن جي گهڻي عزت ڪئي. سن 786هه مطابق سن 1384ع ۾ هن شاعر وفات ڪئي. شيخ ڪمال الدين خجنديرحه، جو اصفهان جو رهاڪو هو. جڏهن توڪتمش کيس ڪاڪيشيا جي پار پنهنجي نئين تختگاهه ۾ وٺي ويو. 4 سالن کان پوءِ سلطان حسين مرزا هرات جي واليءَ کيس گهرائي سندس گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ هن شاعر لاءِ هڪ وڏي خانقاهه تيار ڪرايائين. سن 793هه مطابق سن 1380ع ۾ جڏهن وفات پاتائين، تڏهن کيس مٿئين خانقاهه ۾ دفنايائين. تغتزني جو هن وقت سمرقند ۾ هو ۽ شيخ ڪمال الدين جي مرڻ کان هڪ ورهيه پوءِ وفات پاتائين، سو سن 722هه ۾ عراق ۾ ڄائو اڃا 17 ورهين جو مس هو ته سندس ڪمال مٺاس ۽ سهڻي آواز کان بخارا، هرات ۽ خوارزم وارن کي عبرت وٺي ويئي. هو وڏو عالم به ٿي گذريو، جيئن ته فقھ ۽ صرف نحو تي هن گهڻا ڪتاب لکيا.

حضرت احمد ڪرمانيرحه به اَمير جي ڏينهن ۾ نامور شاعر ٿي گذريو. امير جي هن سان ايتريقدر محبت هئي جو ساڻس گڏ کائيندو پيئندو هو. هو امير سان ايتريقدر گستاخ هو، جو هڪڙي ڀيري جيئن حمام ۾ امير سان گڏ ٿي غسل ڪيائين، تڏهن دوران گفتگو ڪي اهڙا جملا ڪم آندائين جي امير کي پسند آيا. امير چيس ته گهُر جيڪي گهرين؟ چيائين ته ويهه پنجويهه هزار ڏيم. امير جواب ڏنو ته ايتري جي ته هن وقت مون کي پوشاڪ به ڪانه پيل آهي. تڏهن ايترو ڪيئن ٿو گهرين؟ شاعر وراڻي ڏني ته جيئندا قبلا سچ ٿا چئو، ڇاڪاڻ جو هزار ته پري رهيا، پر توهان جي قيمت هڪ ڪوڏي به نه آهي!! سلطان ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏيئي سرفراز ڪيائين.

سمرقند يا بخارا کانسواءِ عهدِ تيموري ۾ نيشاپور، هرات، مروّ ۽ بغداد جا ڪيترائي شاعر بارگاهه تيموري ۾ رهندا هئا، جن کي درٻار ۾ گهڻي عزت هئي. خاص جزري مشهور عربي دان هو، جنهن کي درٻار ۾ وڏي عزت هئي، اڃا تائين بخارا شريف ۾ اهي مڪتب قائم آهن، جي امير تيمور جي ڏينهن ۾ جاري ٿيا هئا، جتان معرفت ۽ طريقت جي فيض جا چشما وهي نڪتا هئا ۽ بخارا علم ۽ ادب جي لحاظ سان اسلامي دنيا ۾ روشن اختر هو.

امير تيمور جا پويان(*)

چنگيز فاتح هو، هن گهڻا ملڪ فتح ڪيا هئا، پر سندس پويان ڪم طاقت هئا، سندس مرڻ کان پوءِ تاتارين جي وسيع سلطنت ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي. وري جو سندس اولاد ۾ اچي گهرو فساد جاڳيو تنهن ته سندن رهيل طاقت کي به مٽائي ڇڏيو ۽ تاتارين جي سلطنت آخر صفحهء هستيءَ تان مٽجي ويئي. تاتارين ڪل ٻن صدين تائين سلطنت ڪئي. امير تيمور به پنهنجي عاليشان سلطنت کي مرڻ مهل پنهنجي پوين ۾ ورهائي ويو، پر اُنهن رڳو هڪڙيءَ صديءَ تائين سلطنت ڪئي. جيتوڻيڪ سندس پويان فاتح ڪين هئا، پر ايترو چئبو ته منجهائن گهڻا شهزادا ڪماليت جا صاحب ٿي گذريا. اڃا سمرقند ۾ امير تيمور جي فاتح خواني ۽ ماتم سازيءَ جو ڪم پورو ئي ڪين ٿيو هو، ته دولت ۽ حڪومت لاءِ اچي لٺ لڳي. مرحوم امير کي حرم ۾ اٺ راڻيون هيون، جن مان کيس چار پٽ هئا. (1) غياث الدين جهانگير (2) معزالدين عمر شيخ (3) ميران شاهه (4) شاهه رخ مرزا. شاهه رخ مرزا هن وقت خراسان جو والي هو، باقي ٻيا سڀ شهزادا مري چڪا هئا. شهزادو پير محمد جو امير جو پوٽو هو، سو ڪابل ۽ افغانستان جو والي هو. ننڍيءَ عمر ۾ هو گهڻيون جنگيون وڙهيو هو، پر هينئر جواني ۾ عيش عشرت جي محفلن ۾ گذارڻ کانسواءِ کيس ڪو ٻيو ڪم ڪين ياد هو. سندس حڪومت جون واڳون سندس وزير پير علي يار جي هٿ ۾ هيون. کيس جڏهن ڏاڏي جي وفات جي خبر پهتي تڏهن خاموش رهيو، پر جهڙو بهادر هو، جيڪڏهن تلوار کڻي نڪري ها، ته جيڪر سمرقند فتح ڪرڻ هن لاءِ معمولي ڪم هو، پر عيش آرام کان کيس فرست ڪانه هئي. شهزادو خليل مرزا جو ميران شاهه جو پٽ هو ۽ هن وقت 21 ورهين جو هو، تنهن ڪن نمڪ حلال اميرن جي پشت سان پنهنجي ڏاڏي جي تخت ۽ تاج هٿ ڪيو. هوڏانهن وزارت امير مرحوم جي وصيت موجب شهزادي پير محمد کي تخت تي ويهارڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهي، پر شهزادو خليل مرزا جڏهن سمرقند ۾ وارد ٿيو، تڏهن ڪنهن کي مجال نه ٿي  جو ڪجهه ڪُڇي سگهي. شهزادي خليل مرزا سلطنت جون واڳون هٿ ڪرڻ سان پنهنجي ڏاڏي جي نمڪ حلال پراڻن اميرن کي سندن عهدن تان لاهي ڦٽو ڪيو، جنهنڪري اُهي سندس خلاف ٿي بيٺا. وڏي ڳالهه ته شهزادو سليم طبع ۽ شاعر مزاج هو، کيس شاهي ڪاروبار هلائڻ ۽ ملڪي انتظام رکڻ جي ڪا خبر ڪانه هئي. ٽيون ته هن جي هڪڙي غلام سيف الدين حاجيءَ سان گهڻي محبت هئي. چوٿون (شاد مَلِڪ) نالي هڪڙي خوبصورت نوعمر ڇوڪريءَ سان سندس عشق هو. تخت تي جڏهن ويٺو تڏهن ڏاڍي ڌام ڌوم سان هن سان شادي ڪيائين. اُها ڇوڪري امير مرحوم جي حرم ۾ دراصل ٻانهي هئي، پر ڏاڍي چالاڪ هئي ۽ چالاڪين ڪري رسوا ٿي چڪي هئي.

امير خداداد ۽ شيخ نُورالدين پهريان ٻه سردار هئا، جن بغاوت ڪري ترڪستان ۽ فرغانه جي ڪن علائقن تي قبضو ڪيو ۽ ٿوري عرصي گذرڻ بعد صحرا جي قبيلن خودمختياري اختيار ڪئي، پر سلطان خليل مرزا کي اهڙن انقلابن جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي، هو پنهنجيءَ رفيقه حيات سان محلات ۾ راز ۽ نياز جي صحبتن ۾ گذارڻ لڳو.

سلطان خليل مرزا جي ڀائيٽي به وجهه ڏسي پاڻ کي خودمختيار ڪرڻ جي ارادي سان بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. سندس نالو سلطان حسين مرزا هو. هن سلطان خليل کان جيتوڻيڪ شڪست کاڌي پر اهڙن فسادن جي ڪري ملڪ ۾ اندروني فساد جي باهه پکڙجي ويئي. وزير پير علي يار، جو هن وقت سفيد ۽ سياه جو مالڪ بنجي چڪو هو، تنهن هڪڙي ڀيري وجهه وٺي شهزادي حسين مرزا کي مارائي ڇڏيو. پير علي يار دراصل ته هڪڙو غلام هو، جو هن وقت وڏي مرتبي کي وڃي پهتو هو. سندس اها دلي مراد هئي ته پنجاب ۽ ڪابل تي بادشاهي ڪيان، پر هينئر جو شاهي خاندان جي هڪڙي شهزادي کي مارائي ڇڏيائين، تنهنڪري خوف کان هرات ڏانهن ڀڄي ويو، جتي شاهه رخ مرزا قيد ڪرائي مارائي ڇڏينس. سلطان خليل مرزا پير علي يار جي تباهيءَ کان پوءِ شيخ نُورالدين ۽ خداداد ٻن باغي سردارن جي مقابلي لاءِ اَرغون شاهه(1) ۽ الله داد نالي ٻن اَميرن کي فوجون ڏيئي سندن مقابلي لاءِ روانو ڪيو، پر اُهي ٻئي وڃي باغين سان گڏيا، آخر سلطان پاڻ فوجون وٺي نڪتو، پر قضا سان شيراز جي معرڪي ۾ قيد ٿي ويو. باغي سردارن کيس قاشغر جي علائقي جي حڪومت بخشي ۽ پاڻ سمرقند تي قبضو ڄمائي سموري دولت تي قبضو ڄمايائون. هنن شهزادي مَلڪ شاد سان گهڻي بي ادبي ڪئي. سلطان خليل مرزا پنهنجي راڻيءَ جي جدائي ۽ فراق ۾ گهڻا شعر لکيا. شاهه رخ مرزا، جو هن وقت هرات ۾ هو، سو پنهنجي آبائي وطن ۾ بدامني ۽ سردارن جي نمڪ حرامي ڏسي ويتر پنهنجي ڀائيٽي جي ڪم نصيبيءَ کي ڏسي وڌيڪ رهي نه سگهيو. هن امير خداداد تي فوج ڪشي ڪئي جو چغتائي خاندان مان هو، هن وقت سندس جهنڊي هيٺ گهڻن ئي مغلن ۽ ترڪن جا قبيلا هئا، پر هن شڪست کاڌي، جڏهن سلطان شاهه رخ مرزا سمرقند ۾ وارد ٿيو، تڏهن سمرقند وارن سندس گهڻي مرحبا ڪئي. خداداد تاشقند ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اُتي جي هڪڙي مغل سردار محمد خان کان مدد گهريائين، پر اُن سردار جي ڀاءُ کيس شاهي خاندان جو نمڪ حرام سمجهي شمس جهان خان سندس سر وڍرائي سلطان شاهه رخ مرزا جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو. شاهه رخ مرزا پنهنجي ڀائٽي سلطان خليل کي گهرائي ساڻس گهڻي مروت سان گڏيو، کيس راڻي مَلِڪ شاد وري ملايائين. پوءِ سمرقند جو تخت ۽ تاج سندس حوالي ڪري کيس عراق جي حڪومت به مرحمت ڪيائين، جتي هن 812هه مطابق سن 1409ع ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ شاد مِلِڪ به هڪڙي خنجر آبدار سان سندس فراق ۾ هڻي پاڻ کي ماري وڌو. کيس ساڳئي مقبري ۾ دفنايائون، جتي سلطان خليل مرزا دفنايل هو.

سلطان الغ بيگ

ترڪستان ۾ باقي شيخ نورالدين باغي وڃي رهيو هو، جنهن کي تيموري شهزادگان سان عداوت هئي. هو سمرقند فتح ڪرڻ جي هر وقت خيال ۾ لڳل هو. آخر سلطان شاهه رخ جي سپه سالار شاهه ملڪ جي هٿان شڪست کائي تاشقند ڏانهن ڀڄي ويو، سندس پوئلڳن کي به مٿئين سپهه سالار سخت گوشمالي ڏني. هن وقت شام ۽ عربستان کانسواءِ سمورو ملڪ شاهه رخ مرزا جي هٿ هيٺ هو، جڏهن سلطان خليل مرزا وفات ڪئي تڏهن هن ترڪستان جون واڳون پنهنجي وڏي پٽ شهزادي الغ بيگ مرزا جي سپرد ڪيون، الغ بيگ جو اصل نالو محمد ترغائي هو. امير تيمور جي مرڻ وقت سندس عمر 15 ورهيه هئي. هو 20 سالن جي عمر ۾ ترڪستان جي تخت تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ هر طرف کان اَمن امان هو، فقط اتر ترڪستان ۾ مغلن جي ڪن قبيلن ۽ توران ۾ ڪي فساد ٿيندا رهيا. اُنهن فسادين جي حملن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ملڪ جي اندروني حصن ۾ به فساد ٿيندا رهيا.

سن 828هه مطابق سن 1421ع ۾ بوراق اُغلان، جنهن جو پيءُ امير مرحوم جي ڏينهن ۾ هڪڙي علائقي جو حاڪم هو، تنهن سگا ناڪ قلعن تي قبضو ڪري فساد کڙو ڪيو. سلطان الغ بيگ سندس مقابلو ڪيو، پر سخت شڪست کاڌائين، ايتريقدر جو فسادي خوجند کي اچي ويجهو پهتا. اهڙن فسادن هوندي به هي سلطان هر وقت بزرگن جي محفلن ۾ گذاريندو هو. سندس درٻار ۾ اڪثر وقت جا وڏا وڏا علماء ۽ حڪمت جا صاحب رهندا هئا. هن پنهنجي ڏاڏي جي تختگاهه شهر سمرقند ۾ گهڻيون يادگارون قائم ڪيون. سلطان بابر مرزا لکي ٿو ته هن سمرقند ۾ هڪڙي ايڏي وڏي خانقاهه جوڙائي جنهن جو گنبذ دنيا جي عمارتن کان اُوچو هو. هڪ عاليشان مڪتب تيار ڪرايائين، جتي طالبن واسطي حمام به جڙيل هئا. سن 828هه مطابق 1424ع ۾ مٿيون مڪتب جڙي راس ٿيو. هڪڙي رنگين مسجد به جوڙايائين، جنهن جي اندرئين پاسي به نقش ڪاريءَ جو ڪم ٿيل هو. تنهن کانسواءِ هڪ عاليشان محلات تعمير ڪرايائين، جنهن کي (چهل ستون) سڏيندا هئا. هن عمارت جا چار وڏا مينار هئا. پنجين هڪڙي خلوت گاهه جوڙايائين، جا سڄي سنگ مرمر جي هئي، منجهس هڪ نيلي پٿر جو ٿلهو هو، جتي ويهي سلطان عام ۽ خاص سان عدالت ڪندو هو. هن محلات جي چؤطرف عاليشان باغ به هو، جنهن کي شيني خانو ڪري ڪوٺيندا هئا. ڇاڪاڻ جو باغيچي جو سڄو فرش چينيءَ جو هو، جنهن تي خِطائي ڪاريگرن سحر نگاري جو ڪم ڪيو هو. جڏهن شيشي خانو جڙي راس ٿيو تڏهن سلطان پنهنجي شاعرن جي جماعت سان محفل برپا ڪرائي جنهن محفل ۾ قاضي زادِ روم حضرت غياث الدين، حضرت معين الدين ڪاشانيرحه ۽ ٻيا موجود هئا. سن 832هه ۾ مٿئين محلات جو ڪم شروع ٿيو ۽ اڃا گهڻو ڪم رهيل هو، ته مٿئين بزرگن وفات ڪئي. منجهانئن علي خوش، جو وڏو عالم ۽ نجومي هو، جنهن سن 841هه ۾ سيارن جي گردش جو نئون شمار ڪيو ۽ شجرو تيار ڪيائين. هن شجري مان وقت جي ڦير ڦار، وقت جي شمار، سيارن جي برجن ۽ ستارن جي طبقن جي پوري خبر پوندي هئي. علامهّ عبدالرزاق لکي ٿو، ته هن شجري جي جاچ لاءِ جدا جدا نموني جا اوزار ۽ دوربينون رکيل هيون، جن جي وسيلي سان ڪرهء ارض جي طبق جي ماپ خط استوا Equator، عرض بلد Latitude سيارن جي گردش جي پوري جاچ ٿيڻ لڳي.(1) تنهن کانسواءِ جاگرافيءَ ۾ ايتريقدر ترقي ٿي، جو سڀني ملڪن جي جبلن ۽ ندين جا نقشا موجود هئا. چون ٿا ته جڏهن حڪيمن مٿيون شجرو تيار ڪيو. تڏهن سمرقند ۾ هڪ وڏو نماءُ ٿيو. سن 823هه مطابق سن 1420ع ۾ عام ۽ خاص ماڻهن کانسواءِ زالن به هن نماء ۾ حصو ورتو. مثلاً شاهه رخ مرزا جي راڻي شهزادي گوهر شاد به هرات کان نماءُ ڏسڻ آئي. علم نجوم کانسواءِ سلطان الغ بيگ مرزا ٻين گهڻن علمن کي زور وٺايو. سندس درٻار ۾ علمائن، شاعرن جي گويا محفل هئي. اُنهن ڪماليت جي صاحبن مان خواجه عصمت بخاري، خيالي، برون دوق، رستم خورياني ۽ طاهرا بيودري مشهور هئا. مطلب ته سرزمين تاتار تي جڏهن اسلام جو سايو ٿيو، تڏهن هن سرزمين مان اُهي ڪماليت جا صاحب جاڳيا جن يونان جي حڪمت کي مات ڪري ڏيکاريو. تيموري خاندان جي شهزادن مان سلطان شاهه رخ مرزا ۽ سلطان الغ بيگ اُهي ٿي گذريا جن سماني سلاطين کانپوءِ بزم علميت کي نئين سر رؤنق وٺائي، پر اهو اوج ترڪستان کي تيسين نصيب رهيو، جيسين سلطان شاهه رخ مرزا جيئرو هو، جيئن ته سن 850هه مطابق سن 1448ع ۾ سندس وفات کانپوءِ ترڪستان جي آسمان تي اَزل جا ڪارا ڪڪر وري هوا ۾ پرواز ڪرڻ لڳا، هتي جي سرزمين وري فسادن جي ڪري ناس ٿيڻ لڳي.

سمرقند جي بربادي

جڏهن سلطان شاهه رخ مرزا هرات ۾ وفات ڪئي، تڏهن پيءَ جي مرڻ جو ٻُڌي سلطان اَلغ بيگ خراسان ڏانهن ويو. سندس غير حاضريءَ ۾ سندس ڀائيٽي شهزادي علاءُ الدين سندس پٽ عبداللطيف کي هرات ۾ قيد ڪيو. الغ بيگ مرزا حليم طبع ۽ صلح پسند بادشاهه هو، هن جي اها مرضي نه هئي، ته ڪو ڀائيٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪري. ان ارادي سان هن ڀائٽي کي هدايت ڪئي، ته شهزادي عبداللطيف کي سندس خزانن سميت آزاد ڪري. علاءُ الدين پهريون انجام ڪيو، پر پوءِ سموري خزاني تي قبضو ڪيائين، جو  سڄو سلطان شاهه رخ مرزا جي دولت هئي. لاچار الغ بيگ فوج تيار ڪئي. هوڏانهن علاؤالدين، جو خزانن جو مالڪ هو، تنهن وڏيءَ فوج سان مقابلو ڪيو. آخر هرات جي ويجهو ترناب TURNAB جي جنگ لڳي، جنهن ۾ اَلغ بيگ فتح پاتي، علاءُ الدين لشڪر ۽ خزانا ڇڏي مشهد ڏانهن ڀڄي ويو. اَلغ بيگ، جو پنهنجي پيءُ جي سڄي ملڪيت جو وارث هو، تنهن هرات تي قبضو ڪيو، ۽ سڄو خراسان پنهنجي ڀاءُ ابوالقاسم جي مدد سان فتح ڪيائين.

جن ڏينهن ۾ سلطان اَلغ بيگ مرزا خراسان جي اميرن سان جنگ ۾ مشغول هو، جن خودمختياري حاصل ڪئي هئي، اُنهن ڏينهن ۾ يار علي بيگ اُزبڪن جي سردار ڪنهن بهاني سان تيموري قيدخاني مان آزاد ٿي اُزبڪن جي قبيلن مان فوج گڏ ڪري هرات تي ڪاهه ڪئي، اُتي جي گهڻين محلاتن کي مسمار ڪري ڦرلٽ ڪيائين، ساڳئي وقت سمرقند تي به قبضو ڪيائين، هتي به اُزبڪن لٽ مار ڪئي. عبدالرزاق لکي ٿو، ته سمرقند، جو ورهين جي فتوحات ۽ محنت کانپوءِ هن وقت حيرت جو مڪان بنجي چڪو هو، سندس محلاتن جي نقاش ڪاري ۽ باغن جي گلڪاري، جي بوستان اَرم جو مثال هئا، وري قيمتي محلات، جي امير تيمور ورهين جي فتوحات ۽ محنت کانپوءِ تيار ڪرايا هئا، اُهي سڀ محلات ۽ باغ بوستان اُزبڪن هڪڙي لحذي ۾ برباد ڪري ڇڏيا. اُهي شاندار مقبرا ۽ عمارتون، جي ورهين جي محنت کانپوءِ شام، روم ۽ چين جي ڪاريگرن تيار ڪيون هيون، اُهي سڀ هن طوفان جي هڪڙي چماٽ سان برباد ٿي ويا. سلطان الغ بيگ هن وقت بيوس ۽ ڏکن جي بحر ۾ غرق هو، ڇاڪاڻ جو جنهن پٽ جي ڪاڻ هن ڀائٽي سان خراسان ۾ جنگيون ڪيون، اُنهيءَ ساڳي پٽ شهزادي عبداللطيف سعادتمنديءَ جي عيوض پيءُ جي برخلاف هرات ۾ سندس خزاني تي قبضو ڪري بلخ تي ڪاهه ڪئي. هن آمودرياهه جي ڪپ تي فوجون گڏ ڪيون. الغ بيگ به لشڪر وٺي نڪتو، پر شاهه رفيع جي معرڪي ۾ شڪست کائي پنهنجي ننڍي پٽ شهزادي عبدالعزيز هٿان قيد ٿي ويو، جنهن پنهنجي ايراني غلام عباس جي حوالي ڪري ڇڏيس، آخر پٽن ئي جي اشاري تي شهيد ٿي ويو. سلطان الغ بيگ مشرقي دنيا جي سڀني شهزادن مان نامور ٿي گذريو، سندس حڪومت جو زمانو 853هه مطابق 1449ع ليکجي ٿو. هن 40 ورهيه ترڪستان تي پيءُ جي طرفان حڪومت ڪئي.

سلطان عبداللطيف

عبداللطيف پنهنجي سعادتمنديءَ جي عيوض پيءَ کي مارايو هو پنهنجي ناعاقبت ارادن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. سمرقند تي شهزادي ابو سعيد جو قبضو ٿيو، جو ميران شاهه جو پڙپوٽو ۽ الغ بيگ جو ناٺي هو. شهزادي عبدالعزيز هن سان مقابلو ڪيو، پر پڄي نه سگهيو، پر عبداللطيف کيس شڪست ڏئي بخارا ڏانهن لوڌي ڪڍيو. سلطان عبداللطيف سمرقند تي 6 ورهيه حڪومت مس ڪئي، ته سن 854هه مطابق سن 1450ع ۾ سندس پيءَ جي هڪڙي غلام بابر حسين بدلي وٺڻ جي عيوض کيس ماري سندس سر وڍي سمرقند جي مڪتب جي برج تي لڙڪائي ڇڏيو.

سلطان عبدالله مرزا

سلطان عبداللطيف جي مرڻ کانپوءِ سلطان شاهه رخ مرزا جو پوٽو عبدالله مرزا سلطان الغ بيگ جو ناٺي سمرقند جي تخت تي ويٺو. ابو سعيد اُزبڪن جي سردار جي مدد سان عبدالله تي فوج ڪشي ڪئي ۽ سن 855هه مطابق سن 1452ع ۾ سلطان عبدالله جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو.

سلطان ابو سعيد

ابو سعيد جنهن هن وقت سمرقند تي قبضو ڪيو هو، تنهن پنهنجي ڏاڏي وانگر فتوحات جي ارادي سان خراسان ۽ ايران تي حملا ڪيا، پر هن وقت گورگاني شهزادن جي پاڻ ۾ دشمني پيل هئي ۽ ابو سعيد پنهنجي فتوحات جي ارادن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو.

اندروني جنگ ۽ ابوسعيد جي ڪاميابي

ابوسعيد خراسان تي حملو ڪيو، پر شاهه رخ جي پوٽي ابوالقاسم، جو هرات جو والي هو ۽ گورگاني شهزادن ۾ مامور هو، تنهن اُزبڪن جي سردار علي يار بيگ کي به شڪست ڏني هئي. سندس راڄ ۾  آسودگي هئي ۽ اهل خراسان وارا کيس گهڻو ڀائيندا هئا. تنهن سمرقند تي ڪاهه ڪئي. 40 ڏينهن جي گهيري کانپوءِ جڏهن ڪامياب ٿي نه سگهيو تڏهن ابو سعيد سان صلح ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانه هيس. ابو سعيد به پنهنجي مائٽن کي هڪ ٻئي پٺيان مات ڪندو رهيو. ابوالقاسم کانپوءِ عبداللطيف جي ٻن پٽن احمد ۽ محمد هڪ ٻئي پٺيان سمرقند تي حملا ڪيا. سن 1455ع ۾ بلخ جي معرڪي ۾ احمد مارجي ويو. باقي محمد اُزبڪن جي سردار اَبو خير وٽ وڃي پناهه ورتي.اُزبڪن جي قوم ترڪستان ۾ زبردست هئي. ڪجهه وقت اڳ امير تيمور کين شڪست ڏئي سندن سردار کي قيد ۾ رکيو هو. ڪجهه وقت اڳ سندن سردارن مان علي يار بيگ گهرو فساد مان فائدو وٺي سمرقند ۽ هرات ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي. هينئر وري جو گهرو جنگ زور ورتو ۽ شهزادي محمد امير ابوخير وٽ وڃي پناهه ورتي، ته اُزبڪن کي وري ڦرلٽ ڪرڻ جو وجهه مليو. امير ابو خير صحرا جي هڪڙي امير بُرغي سلطان کي، جو پنهنجي پهلواني جي ڪري مشهور هو تنهن کي سمرقند تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. هو ابوخير جي اشاري تي تاشقند ويو، اُتان اُزبڪن ۽ چغتائن جي فوج وٺي سير درياهه کي لتاڙي سمرقند تي حملو ڪيائين. امير مزيد، جو ابو سعيد جو سپهه سالار هو، تنهن ابو خير ۽ برعي سلطان جي فوجن سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. سندس شڪست کائڻ کانپوءِ سڄي ملڪ تي شهزادي محمد جو قبضو ٿي ويو ۽ اُزبڪن جا امير ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.

ابوسعيد جو هن وقت خراسان جي جنگين ۾ مشغول هو، تنهن کي جڏهن امير مزيد جي شڪست جي خبر پهتي، تڏهن 867هه مطابق سن 1463ع ۾ واندو ٿي محمد جي مقابلي لاءِ نڪتو. محمد پاڻ کي اڪيلو ڏسي سلطان کي صلح لاءِ درخواست ڪئي. آخر خواجه عبيداللهرحه اُن وقت جي هڪڙي بزرگ طرفين جو وچ ۾ پئي صلح ڪرايو، پر سلطان شهزادي محمد کي اخترالدين جي قلعي ۾ قيد رکيو ويو، جتي آخر هن دم ڏنو.

سلطان ابو سعيد جي فتوحات

جڏهن سلطان ابوسعيد ترڪستان جي جنگين کان فارغ ٿيو، تڏهن سمرقند جي تخت تي پنهنجي پٽ ولي عهد شهزادي احمد سلطان کي وهاري، پاڻ خراسان ڏانهن موٽيو، جتان هن عراق ۽ عربستان جا ڪي علائقا فتح ڪيا. فرغانه جي حڪومت هن پنهنجي ٻئي پٽ شهزادي عمر شيخ مرزا جي حوالي ڪئي، پاڻ فارغ ٿي خراسان ۾ عيش جي محفلن ۾ گذارڻ لڳو. سندس درٻار مروّ ۾ لڳندي هئي.

ابوسعيد جو حسن بيگ هٿان قيد ٿيڻ ۽ مارجڻ

آذربائيجان جو حاڪم هن وقت امير حسن بيگ ترڪمان هو، جو پنهنجي وقت جو مشهور حاڪم هو. حسن علي نالي هڪڙي ٻي ترڪماني شهزادي جي ساڻس عداوت هئي. حسن علي سلطان ابو سعيد جي درٻار ۾ ويو ۽ کانئس مدد گهريائين. ٻئي طرف اسحاق بيگ نالي هڪڙي پاشا ترڪيءَ جي سلطان محمد ثاني فاتح قسطنطنيه جي خلاف اِناطوليه ۾ بغاوت ڪئي هئي، جڏهن سلطان المعظم پنهنجي هڪڙي جرنيل احمد پاشا کي فوجون ڏيئي اسحاق بيگ جي مقابلي لاءِ اِناطوليه روانو ڪيو، تڏهن اسحاق بيگ خوف کان ڀڄي اچي امير حسن بيگ واليءَ آذربائيجان وٽ پناهه ورتي، جنهن تي ترڪ فوجن آذربائيجان تي ڪاهه ڪئي. اهڙي موقعي کي نيڪ فال سمجهي سلطان ابو سعيد سن 872هه مطابق سن 1465ع ۾ وڏي لشڪر سان مروّ مان آذربائيجان تي ڪاهه ڪئي. امير حسين بيگ، جو هن وقت ترڪي فوجن سان جنگ ۾ مشغول هو، تنهن کي جڏهن سلطان ابو سعيد جي ڪاهه جي خبر پهتي، تڏهن هن جنگ کي ٽارڻ لاءِ هڪڙو وفد تيموري سلطان جي خدمت ۾ روانو ڪيو، پر سلطان جو هن وقت فتوحات جي نشي ۾ مست هو تنهن مٿئين وفد جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي ۽ حملو جاري رکيائين، آخر جنگ لڳي جنهن ۾ تيموري فوجن ترڪمانين هٿان شڪست کاڌي ۽ سلطان ابو سعيد امير حسن بيگ جي هٿان قيد ٿي ويو، جنهن سندس ٻانهن شهزادي يادڪيار مرزا شاهه رخ جي پٽ جي حوالي ڪئي جنهن مارائي ڇڏيس. ڇاڪاڻ جو سلطان ابو سعيد جڏهن هرات فتح ڪيو هو، تڏهن سلطان شاهه رخ جي راڻي گوهر شاد کي مارائي ڇڏيو هئائين. ان موت جي بدلي ۾ هينئر سندس جان هلي ويئي. سلطان ابو سعيد گورگاني خاندان مان پويون بادشاهه هو جنهن جي حڪومت اُتر ۾ ڪرغستان کان سنڌ ۽ ايراني نار تائين هئي ۽اوڀرندي ۾ تين شان جبلن کان اولهندي ۾ بغداد تائين هئي. هو پنهنجي ڏاڏي تيمور وانگر فاتح هو، پر سندس حياتي ٿوري هئي هن فقط 18 ورهيه حڪومت ڪئي.

سلطان احمد مرزا

سلطان احمد مرزا ڪم طاقت هو، پنهنجي پيءُ جي وسيع سلطنت کي سنڀالي ڪين سگهيو. سندس حڪومت رڳو ترڪستان تي هئي. اولهندي ۾ صفويّ خاندان زور وٺندو ويو. هرات ۾ سلطان مرزا حسين زور ورتو، جنهن 25 سالن تائين اُتر ايران، خراسان، افغانستان ۽ سيستان تي حڪومت ڪئي. فرغانه ۾ شهزادي عمر شيخ مرزا خودمختياري اختيار ڪئي. سير درياهه جي اُتر وارن علائقن تي امير يونس بيگ جي حڪومت هئي، جو چنگيز جي اولاد مان هو. سلطان احمد مرزا خوش خلق ۽ نيڪ نيت بادشاهه ٿي گذريو. هو خواجه عبيداللهرحه جو مريد هو، کيس پنهنجي مرشد ڪامل ۾ ايتريقدر عقيدو هو جو هميشه سندس قدمن اڳيان سر جهڪائي ويهندو هو. هڪڙي ڀيري جيئن مٿو بزرگ جي پيرن تي جهڪايائين تيئن کيس پيشانيءَ ۾ هڪ هڏي جو ٽڪرو، جو زمين تي پيل هو، لڳو. جنهنڪري سندس پيشاني زخمي ٿي پئي پر تنهن هوندي به شوق عقيدت ۾ خاموشيءَ سان مٿو جهڪائي ويٺو. هو زاهد خشڪ مزاج ۽ پڪو مسلمان هو. سندس عقيدو ۽ اعمال بلڪل مضبوط هئا. هر روز پنج وقت نماز ادا ڪندو هو. باقي فرست جو وقت به مذهبي ڪتابن جي پڙهڻ ۾ بسر ڪندو هو. اهڙي پارسائي هوندي به ڪڏهن ڪڏهن مهينن جا مهينا شراب جي محفلن ۾ گذاريندو هو.

هن امير يونس بيگ کي شڪست ڏئي تاشقند فتح ڪيو. شهزادو عمر شيخ مرزا هر وقت ڀاءُ جي چئي ۾ رهندو هو، پر پوءِ سندن پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي، آخر خواجه احراررحه جي حسن انتظام سان ڀائرن جو پاڻ ۾ سلوڪ ٿيو، سندس ڏينهن ۾ ترڪستان ۾ اَمن اَمان هو.

هرات ۾ سلطان مرزا حسين، جو انتظام به بينظير هو. پر انهن ڏينهن ۾ هرات کي مجال نه هئي جو زرافشان جي ڪناري وارن شهرن سان ڪلهو هڻي سگهي. سلطان احمد مرزا رعايا جي ڀلي لاءِ محلات، مڪتب ۽ عبادتگاهون ۽ حمام جوڙايا. اُنهن سڀني عمارتن مان محمد ترفان محلات جو سلطان اونهاري جي رهڻ لاءِ جوڙايو هو، سو بقول بابر مرزا سمرقند ۾ هڪ عجيب مرغ زار تي ٻڌل هو، منجهس عيش جو هر قسم جو سامان موجود هو. سلطان احمد مرزا سمرقند ۾ ۽ سلطان مرزا حسين هرات ۾ ٻئي هوشيار نامور مشرق جا بادشاهه ٿي گذريا. جهڙيءَ طرح ترڪستان ۾ امن امان ۽ آسودگيءَ جو دور هو، ساڳيءَ طرح هرات ۾ به ماڻهو آرام ۽ سک ۾ وقت گذاريندا هئا.

سلطان احمد مرزا 27 سال حڪومت ڪئي، کيس سن 899هه مطابق سن 1493ع ۾ موت جو سڏ ٿيو، هن وفات پاتي، اِنالله و اِنا اِليھ راجعون، بقول سيد رقيم ته سلطان رعيت لاءِ هڪڙي خدائي ڏات هو، سندس وفات تي ماڻهن گهڻو ماتم ڪيو.

سلطان محمود مرزا

سلطان احمد مرزا جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ سلطان محمود مرزا تخت تي ويٺو. شروعات ۾ هن سلطان سان بغاوت ڪئي هئي، پر مرحوم سلطان کيس معافي ڏئي مروت سان گڏيو هو. هينئر تخت تي ويهڻ سان هن پنهنجن چئن ڀائيٽن کي ڪاڪسراءِ محلات ۾ قيد ڪري مارائي ڇڏيو، اهڙي قتل ناروا جي ڪري عام طرح سان سندس رعيت ۽ اهلڪارن ۾ بيچيني پئجي وئي. هو ڪم عقل بادشاهه هو ۽ شريعت جي خلاف ڪم ڪرڻ لڳو ۽ حضرت خواجه اَحراررحه جو ان وقت جو ذي عزت صاحبِ ڪمال بزرگ هو، تنهن سان عداوت رکيائين. هن جمله 6 مهينا حڪومت ڪري وفات پاتي.

وزير خسرو شاهه جي غداري

وزير خسرو شاهه، جو دراصل ترڪي نسل مان هو ۽ ننڍي هوندي سلطان ابو سعيد وٽ نوڪر هو ۽ سلطان محمود جي ڏينهن ۾ 5 هزاري لشڪر جو مهندار مقرر ٿيو ۽ پوءِ بدخشان جو صوبيدار به مقرر ٿيو هو ۽ وزارت جو قلمدان به سندس قبضي ۾ هو، تنهن پاڻ کي بادشاهه ڪرڻ جي ارادي سان سلطان جي موت کي گهڻن ڏينهن تائين لڪائي رکيو. انهيءَ لاءِ ته بيت المال تي قبضو ڪري، پر آخر سندس راز فاش ٿي پيو. ماڻهن سندس خلاف بغاوت کڙي ڪئي، هو خوف کان ڀڄي ويو. وٽس هن وقت 20،000 لشڪر هو، جنهن جي زور تي هن آمودرياهه کان وٺي ويندي هندوڪش جبل تائين ملڪ تي پنهنجو قبضو ڪيو ۽ مرحوم سلطان جي هڪڙي پٽ جون اکيون به ڪڍائي ڇڏيائين.

تيموري شهزادن جي تخت ۽ تاج لاءِ جنگ

تيموري شهزادن جي فسادن جي ڪري طاقت ويئي ڏينهون ڏينهن گهٽجندي. تازو سلطان محمود مرزا جي مرڻ ڪري سندس ٽن پٽن مسعود، بائسنيڪور ۽ سلطان عليءَ جي تخت ۽ تاج لاءِ پاڻ ۾ جنگ لڳي. منجهانئن شهزادي مسعود خسرو شاهه وزير سان، جو هن وقت حصار، قندوز ۽ بدخشان جي علائقن جو حاڪم ٿي ويٺو هو. دوستي رکي. پر هرات جي والي سلطان مرزا حسين خسرو شاهه کي اهڙيءَ حڪمت عمليءَ تي ڌمڪي ڏني. بائسينڪور مرزا جو پيءُ جي ڏينهن ۾ بخارا جو حاڪم هو، تنهن کي هڪ صلح ساز جماعت سمرقند جي تخت تي ڪري ٿاڦيو، جو هن وقت 18 ورهين جو هو. سندس چال نسوري ترڪمانن جهڙي هئي، هو شاعريءَ ۽ فن مصوريءَ ۾ ماهر هو، پر حڪومت جي ڪاروبار کان واقف ڪار ڪين هو. حڪومت جا اهلڪار، جي هن باهمي فسادن ڪري زور وٺي ويا هئا، تن آخر تڙي ڪڍيس. هنن آخر سلطان محمود جي ٽئين پٽ شهزادي سلطان عليءَ کي سمرقند جي تخت تي وهاريو. بائسنيڪور مرزا، جو هن وقت باغ نو محلات ۾ قيد هو، تنهن اتان نڪري شهر جي هڪڙي ذي عزت شخص خوجڪ خواج وٽ پناه ورتي. فسادي هر وقت سندس ڳولا ۾ هئا، پر آخر هڪڙي سردار ابوالمڪرم جي مدد سان وري سمرقند جي تخت تي ويٺو. سندس خلاف شهزادي علي بخارا ۾ فساد کڙو ڪيو. ٻئي طرف شهزادي مسعود به سندس طرفداري ڪئي. فوقند ۾ شهزادي بابر مرزا عمر شيخ مرزا جي پٽ پنهنجي ڏاڏي جي تخت لاءِ دعويٰ ڪئي، اهڙي طرح مرڪزي حڪومت ڪم طاقت ٿي ويئي.

آبائي وطن کي آزاد ڪرڻ لاءِ بابر مرزا جي جدوجهد

هن وقت سڀني تيموري شهزادن مان شهزادو بابر مرزا مشهور ليکجي ٿو. سندس تاريخ مشرق جي تاريخ ۾ اظهر من الشمس آهي. هي اُهو بابر هو جنهن پوءِ هندوستان ۾ عظيم الشان مغل شهنشاهت جو بنياد وڌو. سن 903هه مطابق سن 1496ع ۾ سمرقند جي تخت لاءِ مٿيان ٽي وارث جاڳيا، جن جدا جدا طرفن کان جلوه آرائي ڪئي. شهزادي بابر مرزا جڏهن پنهنجي آبائي سلطنت کي پرزا پرزا ٿيندو ڏٺو. تڏهن تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي قسمت کي آزمائڻ لڳو. هن نهايت ئي سرفروشي ڏيکاري. هن سلطان علي مرزا سان هڪ عهدنامون ڪيو جنهن موجب ٻنهي شهزادن ترڪستان جي حڪومت کي پاڻ ۾ ورهائي کڻڻ لاءِ انجام ڪيو. شهزادي مسعود مرزا جنهن شيخ عبدالله برلاس جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، سو هن شهزاديءَ جي عشق ۾ سراپا غرق هو، سندس خاص مرضي هئي ته هيڪر تخت ۽ تاج هٿ ڪريان ۽ ڪو وقت آرام ۾ گذاريان. ان وچ ۾ شهزادي بائسينڪور اُزبڪن کان مدد ورتي، جن ڦرلٽ ڪرڻ جي ارادي سان کيس مدد ڏني. پر بابر مرزا ۽ سلطان عليءَ جي گڏيل فوجن هٿان شڪست کاڌائون. بائسينڪور مرزا جڏهن پاڻ کي هيڪلو ڏٺو، تڏهن لاچار پنهنجي ڀاءُ مسعود مرزا وٽ پناهه ورتائين. سن 905هه مطابق سن 1496ع ۾ وفات ڪيائين. هو آزمودگار ۽ عادل هو. ظاهري سنت جماعت جو پابند هو، پر باطني اصل تشيع جو پابند هو ۽ سندس رنگ به ڪارو هو. جڏهن فاتح شهزادن فتح حاصل ڪئي، تڏهن عهدنامي موجب بخارا تي سلطان علي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سمرقند بابر مرزا جي هٿ ۾ آيو. سلطان علي پاڻ ته حڪومت هلائي نه سگهيو، پر بابر مرزا کان به اهلڪارن حڪومت جون واڳون کسي ورتيون، هن اچي سلطان حسين واليءَ هرات وٽ پناه ورتي. بخارا تي هن وقت عبدالعلي ترخان ۽ سمرقند تي سردار خواجه ابوالمڪرم جو قبضو ٿي ويو. پر بابر مرزا کي اهي سڀ ڳالهيون ڪين وڻيون، ڇاڪاڻ جو بخارا ۽ سمرقند سندس ڏاڏي تيمور جا تختگاهه هئا جن تي سندس بزرگن 140 ورهين تائين حڪومت ڪئي هئي، کيس دل ۾ ساڙ هو ۽ هر وقت بي آرام رهندو هو. واقع سلطان ابو سعيد مرزا کانپوءِ شهزادو بابر پويون تيموري شهزادو هو، جنهن جي رڳن ۾ همت مردانگي ۽ غيرت جو جوش هو، پر لاچار هو، ڪجهه ڪين ڪري پي سگهيو، ترڪستان ۾ سندس دشمن گهڻا ۽ رفيق ٿورا هئا. گهرو فساد ۽ اندروني جنگين جي ڪري تيموري خاندان جي عظمت ۽ اقبال جو آفتاب غروب ٿي چڪو هو ۽ نوعمر بابر کي ايتري طاقت ڪانه هئي جو ٻيڙي کي طوفان جي لهرن کان بچائي سگهي. شيباني محمد خان، جو چنگيز جي نسل مان هو ۽ وٽس مضبوط اُزبڪن جي فوج هئي. جنهن اڳ به تيموري سلاطين سان جنگيون جوٽيون هيون. تنهن هينئر آسانيءَ سان سمرقند تي قبضو ڪري ورتو. هو طاقتور امير هو ۽ تيموري شهزادن مان ڪنهن کي مجال ڪانه هئي جو ڪو سندس مقابلو ڪري سگهي.

تيموري سلاطين تي هڪ نگاهه

امير تيمور پنهنجي وقت جو زبردست فاتح ٿي گذريو، سندس سلطنت جي شان ۽ سندس دٻدٻي دنيا جي بادشاهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. چغتائي خاندان جا سڀ شهزادا توڙي امير علم جا دوست ٿي گذريا. هنن علمائن ۽ درويشن جي گهڻي عزت ڪئي، سندن درٻار ۾ هر وقت علم ۽ ادب جو چرچو لڳو رهندو هو. هن خاندان مان جيڪي به ٿي گذريا سي نيڪ اخلاق انسان ٿي گذريا. سندن فضل ۽ ڪمال ۽ فيض سخا جو هر وقت سمنڊ جاري هو. علامهّ مير شير علي پنهنجي تاريخ (مجلس نفائس) ۾ تيموري خاندان جي شهزادن جو ذڪر ڏنو آهي، هو صاحب لکي ٿو ته ”سلطان شاهه رخ مرزا پاڻ شاعر هو. هن فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ شعر جوڙيا، کيس پنهنجي راڻي گوهر شاد سان ڏاڍي محبت هئي. ٻنهي جي عشق ۽ محبت جي افسانن جو ذڪر اڃا تائين اَهل هرات جي زبان تي آهي. سلطان جي درٻار ۾ هر وقت شاعرن، فاضلن ۽ مصورن جو مجموعو رهندو هو. فن مصوري سان هن سلطان کي بيحد دلچسپي هئي. هن پنهنجئ درٻار جي مشهور مصور عبدالرزاق کي هندوستان اِنڪري موڪليو هو ته هندوستان جي مندرن جي مورتن ۽ نقاش ڪاري کي جاچي اچي. سلطان اِسڪندر شيرازي ۽ سلطان خليل مرزا اهي ٻئي به مشهور شاعر ٿي گذريا  هنن ترڪي ۽ فارسي زبانن ۾ شعر چيا.

 شهزادو اَلغ بيگ مرزا به حڪمت، علمِ نجوم ۽ علم رياضي کي گهڻو زور وٺايو ۽ پاڻ به علم رياضئ جو ماهر هو، تنهن کانسواءِ شاعري ۽ مصوريءَ سان به گهڻو ذوق هوس. هو قرآن شريف جوبه حافظ هو. سندس ڏينهن ۾ علمِ نجوم جي باري ۾، جيڪو سمرقند ۾ نماءُ ٿيو سو يادگار آهي. سندس پٽ بابر مرزا، جو شرابي هو تنهن مشهد مقدس ۾ اچي ڏهاڙا حضرت اِمام موسيٰ رحه جي روضي تي ويهي توبه ۾ گذاريا، پر پوءِ وري شراب پيئڻ لڳو. آخر مٿئين علت ۾ مئو سو به شاعر هو. هن ترڪي زبان ۾ گهڻا شعر چيا. سيد احمد مرزا، جو ميران شاهه جو پٽ هو، جنهن (الطافت نامو) جوڙيو، سو وڏو حڪيم ۽ شاعر به هو ۽ آئين جهاندارئ جي قانونن کان به واقف هو. آمدم برسر مطلب ته جيئن اِسپين ۾ قرطبه ۽ غرناطه علم ۽ ادب خواه هنرن جي لحاظ سان اِسلامي دنيا ۾ مايهء ناز ٻه مرڪز ٿي گذريا تيئن سلاطين آل تيموريه جي عهدِ مهد ۾ سمرقند ۽ هرات به ڪمال عروج کي پهتل هئا، جن جي شهرت تاريخن ۾ عيان آهي. سندن عهدمهد ۾ سندن فيض ۽ سخا جي هاڪ ٻڌي گهڻائي ڪماليت جا صاحب سندن درٻار ۾ اچي گڏ ٿيا، جتي بيحد عزت حاصل ڪيائون. مولانا عبدالرحمٰن جاميرحه پنهنجي وقت جو مشهور شاعر، حڪيم ۽ صرف و نحو جو اُستاد ٿي گذريو. مشهور شاعر سوهيلي، جو سلطان اَبو سعيد جي درٻار جو شاعر هو ۽ پوءِ سلطان حسين مرزا والئ هرات جي درٻار ۾ رهڻ لڳو. پنهنجي وقت جو وڏو نامور شاعر ٿي گذرريو. خواجه عبداللهرحه، جو قاسم انور جي نالي سان مشهور هو، سو پهريان شاهه رخ مرزا جي درٻار ۾ رهندو هو پوءِ اچي سمرقند ۾ رهيو. سن 737هه مطابق سن 1434ع ۾ انتقال ڪيائين. حضرت خواجه عبداللهرحه مشهور تاريخ نويس ٿي گذريو هن (تيمور نامو) شاهه نامي جي صورت ۾ شعرن ۾ جوڙي تيار ڪيو. خواجه عصمت بخاريرحه سلطان خليل مرزا جي درٻار ۾ شاعر هو ۽ فن شاعرئ جي لحاظ سان سلطان الغ بيگ جو اُستاد به هو. وڏو شاعر ٿي گذريو. سن 845هه مطابق 1441ع ۾ وفات ڪيائين.

حضرت مولانا حسين الڪبريٰرحه جو جناب قدرة الاوليا زبدة الاصفيا حضرت خواجه نجم الدين ڪبريٰ رحه جي اولاد مان هو ۽ مغلن هٿان شهيد ٿي ويو. خواجه نجم الدين ڪبريٰرحه، حضرت خواجه اَبو الوفا خوارزميرحه جو شاگرد رشيد هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو صوفي ٿي گذريو. سندس تصوف جي ڪتابن مان ”مرصاد العباد“ تصوف جي باري سٺو ڪتاب آهي.

حضرت مولانا جلال الدين روميرحه جي مثنوي مولانا حسين رحه  شاعر ٻيهر تصنيف ڪئي. حضرت خواجه عبدالله (مرواريد) رحه  (مونس الاحباب) جو ڪتاب جوڙيو. حضرت مولانا بينائي رحه جو هرات جي هڪڙي رازي جو پٽ هو، پر شاعرئ جي لحاظ سان سلطان حسين مرزا والئ هرات جي درٻار ۾ کيس عزت حاصل هئي(1) سندس پير علي شير سان عداوت پئجي ويئي. اُتان سلطان محمود مرزا جي درٻار ۾ رهڻ لڳو ۽ پوءِ سلطان محمد خان شيباني جي درٻار ۾ وڃي رهيو. سن 922هه مطابق سن 1516ع ۾ وفات ڪيائين. حضرت محمد صالح، جنهن مثنوي جي نموني تي شيباني نامون جوڙيو، سو سڄو ترڪي زبان ۾ هو، کيس محمد خان شيباني جي درٻار ۾ عزت حاصل هئي. مولانا هلالي رحه (شاهه ۽ درويش) نامون مثنوي جي نموني تي لکيو کيس ٽيهه هزار شعر ياد هئا. پير علي شير مشهور اهل قلم ٿي گذريو، هو خوش نويس به هو، ترڪي زبان ۾ سڄي مشرق ۾ ڀڙ هو. سندس ڪتاب اڃا تائين موجود آهن. هو ملڪي ڪاروبار کان به واقف هو.

مٿين بزرگن کانسواءِ ٻيا گهڻا ڪماليت جا صاحب ٿي گذريا. خواجه حسامرحه به وڏو بزرگ هو. حضرت خواجه احرار جو دوست هو. حضرت خواجه احراررحه جي حضرت خواجه بهاءُ الدين نقشبندئ جا مريد هئا. وڏي ڪرامات جا صاحب ٿي گذريا. شاهي خاندان جا شهزادا سندن صحبت لاءِ پاڻ تي رشڪ کائيندا هئا. هي بزرگ اِن حيثيت وارو هو جو جڏهن شهزادن جو پاڻ ۾ ڪو تڪرار لڳندو هو، ته مٿيون بزرگ سندن فيصلو ڪندو هو. اهڙي حيثيت هوندي به پاڻ فرمائيندا هئا: ”الفقرفخري ڪوٺائيندا هئا. يعنيٰ، فقر منهنجي ميراث آهي. هي بزرگ قراقول جي ڳوٺ جي ويجهو رهندا هئا ۽ پنهنجو گذران پنهنجي هٿن سان ٻني کيڙي پيدا ڪندا هئا. مشهور ڪتاب (تحفة الاحرار) سندن جڙيل آهي. سن 895هه مطابق 1489ع ۾ وفات پاتائون. ۽ سمرقند ۾ مدفن آهن. هزارين ماڻهو اڄ به پري پري کان اچي سندن زيارت ڪندا آهن. مولانا  فسيح الدينرحه سلطان حسين مرزا جي درٻار ۾ وڏو عالم فاضل هو. علامه مير علي شير به کيس عزت ڏيندو هو، سندس جڙيل ڪتاب اڃا سوڌو ترڪستان جي مڪتبن ۾ پڙهجڻ ۾ اچن ٿا. هن فاضل مرد 919هه مطابق سن 1513ع ۾ وفات پاتي. حضرت مولانا عبدالقادررحه جو مولانا جاميرحه جو شاگرد رشيد هو تنهن به گهڻا ڪتاب جوڙيا. سن 916هه ۾ وفات پاتائين. مولانا معاون جناب سرورِ ڪائنات رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ چئن اصحابن سڳورن جي سوانح عمري تيار ڪئي. حضرت خواجه ڪمال الدين حسين قرآن شريف جون روايتون گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ آنديون. زبردست صاحب قلم هو. مولانا محمد قاضيرحه سلسله عارفين تصنيف ڪيو.

تاريخ نويسن مان وري علامه شرف الدين علي يزدي مشهور تاريخ نويس ٿي گذريو. هن صاحب امير تيمور  جي تاريخ جوڙي جنهن مان گبن جهڙن مؤرخن روشني ورتي. علامه عبدالرزاق به تاريخ آل تيمور جوڙي، (دابستان) سندس ڪتاب جڙيل آهي، جنهن ۾ مشرق جي ٻارهن مذهبن جو بيان ڏنل آهي. مٿيون ڪتاب امير تيمور جي ڏينهن ۾ جڙيو. علم طبعي سان به شهزادن کي دلچسپي هئي. جيئن ته جامي هندوستان جي جاگرافي تيار ڪئي. هو سلطان شاهه رخ مرزا جي شاهي وفد سان گڏ چين جي تختگاهه پيڪن PEKIN ڏانهن به ويو هو. چغتائي خاندان جا سلاطين باتهذيب هئا. اها مدني  تهذيب جنهن جو بنياد عربن وڌو ۽ سماني  ۽ سلجوقيه تاجدارن کيس پاڻي پهچائي وڏو ڪيو. اُن وڻ سلاطين آل تيموريه جي علمي ادبي خدمتن ڪري وڌي ميوي ڏيڻ وارو ٿيو. اِسلامي تهذيب ۽ تمدن سمرقند ۽ هرات جي درٻارين ۾ روشن هئي، تيموري شهزادا اهل سنت ۽ جماعت جا پيرو هئا. پر فن مصوري سان کين قدرتي اهڙي ته دلچسپي هئي جو سندن محلاتن جي ديوارن تي جنگين جي ميدانن جون تصويرون نڪتل هيون. منجهائن گهڻا شهزادا وڏا بزرگ ۽ ڪماليت جا صاحب ٿي گذريا. هنن ڪاريگرن جي گهڻي عزت ڪئي. سندن ڏينهن ۾ هنرن گهڻو زور ورتو. نيشاپور، هرات، سمرقند، مرو ۽ بخارا وڏا واپار جا مرڪز هئا. جتي دنيا جا قافلا ايندا هئا. مرزا شاهه رخ، الغ بيگ ۽ سلطان مسعود ۽ سلطان حسين مرزا جي ڏينهن ۾ گهڻيون عمارتون ۽ محلات جڙيا. محمد ۽ قوام الدين مشهور نامور ڪاريگر ٿي گذريا، رڳو مير علي شير خراسان ۾ ٽي سو ستر مساجد، مڪتب، قافلي سرائون، شفا خانا ۽ پليون تعمير ڪرايون. مير علي شير ته رڳو هڪڙو صاحب قلم هو، جنهن ايتريون عمارتون جوڙايون، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته وڏن وڏن سلاطين الائي ڇا ڇا تعمير ڪرايو هوندو؟ اڃا سوڌو طول ۽ عرض ترڪستان ۾ بيشمار عمارتن ۽ محلاتن جا ڦٽل نشان بيٺل آهن، جي اڳئين زماني جي اسلامي عروج جي شاهدي ڏين ٿا. هرات ۾ خواجه عبدالله انصاري جي مقبري جي اڏاوت يا سمرقند ۾ امير تيمور جو مقبرو ۽ مرغاب ندئ جي ڀروارين ٽڪرين تي اڃا به جيڪي عمارتون زماني جي نيرنگ گردش کان بچيل آهن، تن مان اسلام جي فياض سلاطين جي شان ۽ تجمل جي پوري پوري خبر پئجي سگهي ٿي. مطلب ته جتي جتي چغتائي شهزادن قدم رکيو، اُها زمين جنت جو نمونو بڻجي پئي پري نه وڃو هندوستان جي سرزمين تي جيڪي تيموري نشان موجود آهن، تن لاءِ هندوستان ڪيترو به ناز ڪري سگهي ٿو. سمرقند ۽ هرات جا سلاطين وڏيون وڏيون پُر جلال محفلون برپا ڪندا هئا. جتي شاعري، مذهب، مصوري ۽ حڪمت جي بازار گرم لڳندي هئي. جت علمائن حڪيمن، فاضلن، شاعرن، مصورن ۽ ڪاريگرن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ملندا هئا. انهن محفلن ۾ شراب ارغوني جو دور به هلندو هو، ڇاڪاڻ جو مغل شراب پيئڻ جا شوقين هوندا هئا. سندن شراب جا ظروف به قيمتي هئا. سلطان حسين مرزا جي درٻار ۾ مشهور ايراني مصور بهزاد کي گهڻي عزت حاصل هئي. جڏهن مٿئين سلطان وفات ڪئي تڏهن بهزاد شاهه اسماعيل صفوي جي درٻار ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي به کيس گهڻي عزت حاصل هئي.

خواجه مرواريد عبدالله، گل محمد، شيخ ۽ حسين اُهي وقت جا راڳيندڙ ٿي گذريا، جي پنهنجئ خوش ڪلامئ ڪري مشهور هئا. مير شادي غلام به مشهور گويو ٿي گذريو. سيد بدر مشهور صوفي سرمست ۽ ناچو ٿي گذريو. جنهن ناچ جا گهڻا نمونا ڪڍيا هئا. جيتوڻيڪ اسلامي دنيا ۾ مصر ولايت عورتن جو ناچ مشهور آهي. اِهو مصر ئي هو جتان اڄ يورپ ناچ سکيو. مصر جون ناچو عورتون اُگهاڙي بدن تي نفيس زرئ جي ڄاري ويڙهي اهڙي ته انداز ۽ لوڏ سان قدم کڻنديون آهن، جو ڏسڻ سان عبرت وٺيو وڃي، پر اُن زماني ۾ خراسان ۽ هرات جو ناچ به دلفريب هو. هتي جا ناچو سفيد باريڪ ململ جون اڳڙيون هٿن جي آڱرين ۾ ٻڌي اهڙي نموني سان ڦيريون پائيندا هئا، جي دل کي وڻندڙ هيون. ملڪ آسودو ۽ ڀاڳن ڀريو هو. چؤطرف رحمت الاهي جا در پٽيل هئا. ترڪستان زمين جي طبقي تي باغ اَرم جو نمونو هو. منجهس بيشمار باغات ۽ اڪيچار ميوات لهندي هئي. خود عربن فاتحن سمرقند جي باغن جي تعريف ڪئي آهي. هتي جا ميوا واقعي دنيا ۾ افضل آهن. مطلب ته جڏهن کان تيمورين ترڪستان مان لاڏاڻو ڪيو، پوءِ ترڪستان وري اُن اوج کي نه پهتو، نه رڳو تهذيب يا تمدن جي لحاظ سان ويو پٺتي پوندو، پر سياسي نڪته نگاهه سان به ترڪماني، اُزبڪ، تاجڪ يا ڪاسڪ ۽ ڪرغيري ويا ٻين جا غلام ٿيندا. پر بقول مرحوم غازي انور پاشا، ته دنيا اسلام جون اکيون اڃا به سمرقند جي خاڪ ۾ کُتل آهن.(1)


 

 

اُزبڪ ۽ شيباني محمد خان

Ozbegs & Sheibani Mohamad Khan

امير اُزبڪ

اُزبڪ OZBEGS ترڪي يا توراني نسل مان ڪين هئا بلڪ سندن اصلي وطن روس جي وُلگا VOLGA نديءَ کان اَڙل ARAL جي ڍنڍ تائين وچ وارو ملڪ هو. يا ائين چئجي ته ڪرغستان جا رهاڪو هئا. سندن وڏو امير اُزبڪ، جو هن خاندان جي نائين پيڙهيءَ مان هو سو مغلن جي سردار جوجيءَ جي نسل مان هو. سن 1150ع جي ڪتابن جي ليک مان معلوم ٿو ٿئي، ته اُزبڪ اُن امير کي لقب ڏيندا هئا، جو خودمختيار ۽ طاقتور هوندو هو. ]نوٽ: ترڪستان يا خراسان ۾ اڃا به ڏاڍي مڙس کي اُزبڪ سڏيندا آهن[  خان ابوالغزي پنهنجي تاريخ (شجرهء ترڪيه) ۾ ڏيکاريو آهي ته امير اُذبيگ خودمختيار ۽ طاقتور ۽ هن خاندان جو امير هو. هن پنهنجي قوم جي سردارن کي سندن لياقت موجب عهدا ڏنا. حضرت امير اُذبيگرحه اُهو عارف صوفي ٿي گذريو، جنهن پنهنجيءَ سڄيءَ قوم کي اسلام جي دائري ۾ آندو ۽ سندس دعوت تي سڀئي اُزبڪ مسلمان ٿي پيا. کانئس پوءِ سڄي قوم (اُزبڪ) جي نالي سان مشهور ٿي. ترڪستان يا اسلامي دنيا ۾ اهو رواج هوندو هو جو پنهنجي خاندان جي بزرگن جي يادگار لاءِ پنهنجي پوين تي به ساڳيا نالا رکندا هئا. مثلاً سلجوقي سلطاني سلجوق خان جي اولاد هئا ۽ اُن نالي سان سڏبا هئا، پر اسلام جي ممتاز خاندانن ۽ قومن تي نظر ڪبي ته اهو رواج حضرت آدم عليھ السلام جي اولاد ۾ قديم زماني کان پيل هو. مثلاً هاشمي، اسماعيلي، حميري، وغيره وغيره، پر سلطان عثمان خان، جنهن عثماني ترڪن جي سلطنت جو بنياد اِنا طوليه ۾ وڌو، کانئس پوءِ ترڪ سلطنت به عثماني سلطنت ليکجڻ ۾ آئي، يا هندوستان ۾ مغل شهنشاهن، جن صدين کان هفت ڪشور تي شهنشاهي ڪئي، سي چغتائي سڏبا هئا ڇاڪاڻ جو اُهي چغتائي خان جي اولاد مان هئا. يا عباسي خليفن، جن بغداد شريف تي حڪومت ڪئي سي عباسي سڏبا هئا، ڇاڪاڻ جو هن خاندان جو وڏو بزرگ حضرت عباسرضهّ هو. يا سنڌ ۾ سومرا، ٿهيم يا سما ۽ ٻيا جيڪي به نسل ڇڪين ٿا، سي پنهنجي خاندان جي وڏن جي نالن تي سڏجن ٿا. مطلب ته اهڙو سلسلو هر ڪنهن هنڌ هلندڙ آهي۽ اڃا سوڌو هلي ٿو. ڪي وري پنهنجي وطن کي فخر ڏيڻ لاءِ اُن سرزمين جي نالي تي پاڻ کي سڏائيندا آهن. مثلاً غزنوي، مرّوي، يمني، موصلي، ڪوفي، بغدادي، بصري، اُندلسي وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح اُزبڪ به دراصل تاتاري يا مغل هئا پر هينئر تورانين ۽ ترڪن سان رلي ملي ڪري هو تاتاري ڪين سڏجڻ لڳا، پر هو هڪ نئين قوم جي صورت ۾ هن خاندان جي نامور امير اُزبڪ جي نالي سان اُزبڪ سڏجڻ لڳا. هنن تاتارين يا مغلن وانگر ڪا دٻدٻي جي سلطنت ڪانه ڪئي، پر اڪثر ترڪستان جي ٻين قومن سان گڏ هن قوم جو به ذڪر ڏنل آهي ۽ تيموري تاريخن ۾ هن قوم جو ذڪر ڏنل آهي. شيخ ابن بطوطا مشهور عربي سياح به پنهنجي سفرنامي ۾ هن قوم جو ذڪر ڏنو آهي.

امير ابوالخير

چنگيز جي مرڻ پڄاڻان جڏهن تاتاري وسيع سلطنت چئن حصن ۾ ڇڄي پرزا پرزا ٿي ويئي ۽ جڏهن روس جو شهنشاهه ”ايوان واسليوش“ پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جوجيءَ جي اولاد سان ويڙهه ۾ مشغول هو، اُن وقت وُلگا نديءَ جي مٿانهين ڀاڱي تي امير ابوالخير اُزبڪ حڪومت ڪندو هو. سندس روسي شهنشاهه سان دوستي هئي. هن شهنشاهه کي سندس ويڙهه ۾ مدد به ڏني هئي، جنهن جي عيوض شهنشاهه سندس خودمختياريءَ کي تسليم ڪيو هو. وري جڏهن عيسائين صليب جي جهنڊي هيٺ بيت المقدس تي ڪروزيڊ ڪيا هئا، اُن زماني ۾ امير ابوالخير پنهنجي قوم جي قبيلن سان اچي ڪرغستان ۾ رهڻ لڳو. وري جڏهن تيموري شهنشاهت ڇڄي پرزا پرزا ٿي ويئي تڏهن هن خاندان جي شهزادن مثلاً ابوسعيد محمد جُغي ۽ سلطان حسين مرزا هڪٻئي جي خلاف امير موصوف کان مدد گهري، جن جو بيان اڳين باب ۾ ڏيئي چڪا آهيون. اُزبڪ وحشي ۽ تند مزاج هئا، پر اسلام جي فيض ۽ برڪت سان هو تيمورين وانگر مهذب ۽ شائسته مزاج ٿي پيا. پر هو جنگجو هئا، تنهنڪري جنگ جو عناصر منجهن هو. حضرت خواجه احمدرحه جو پنهنجي وقت جو گويا اِمام به هو، تنهن ڪرغستان جي ڪرغيز قوم ۽ اُزبڪن کي، جي اڪثر پوستينون ۽ گهوڙن جي کلن جون پوشاڪون پائيندا هئا، تن جي وجود ۾ اسلام جي پاڪ روحاني تعليم جو ٻج ڇٽيو. خواجه صاحب اِمام به هئا، شاعر به هئا، سندن مثنوي به چيل هئي. اُزبڪن جي مهذب هئڻ ۽ بهادريءَ جو سُتت ئي ترڪستان ۾ چرچو مشهور ٿيڻ لڳو، ايتريقدر جو اڃا تائين اسلامي دنيا ۾ خاص ڪري خراسان ۾ گهڻيون قومون پاڻ کي اُزبڪ سڏائڻ ۾ فخر سمجهنديون آهن، نه ته ڪرغستان جون قومون اڳ مهذب قومن جي نڪته نگاهه سان قذاق ڪري ليکبيون هيون.

امير ابوالخير ڪائي فتوحات ڪانه ڪئي، بلڪ تيموري شهزادن جو جڏهن پاڻ ۾ گهرو فساد هو، تڏهن مٿئين فسادن ۾ چڱو بهرو ورتو. هن سلطان ابو سعيد مرزا، شهزادي منوچهر ۽ سلطان حسين مرزا کي جنگين ۾ مدد ڏني ۽ ڀيري ڀيري سان اُزبڪ ڦرلٽ جي مال سان موٽيا ۽ چاليهن سالن تائين اها روبڪار جاري رهي. مطلب ته ڪرغستان جا جيڪي به صحرائي امير هئا تن مان امير ابوالخير ڦرلٽ جي مال هٿ ڪرڻ ڪري آسودو هو. سندس آسودگيءَ کي ڏسي ڪيترائي امير سندس برخلاف ٿي بيٺا، جي سندس ويجها مائٽ به هئا. تاتارين ۾ پهاڪو مشهور آهي ته ”جيڪڏهن ڪو دشمن سڳي پيءُ جي تنبوءَ تي ڪاهي اچي، ته ڊوڙي سندس همراهه ٿجي، ڇاڪاڻ جو ڦرلٽ مان ضرور حصو ملندو!“

سو ابوالخير جي مائٽن به ساڻس ساڳيا پير کنيا، نتيجو اهو نڪتو جو هڪ لڱا صحرائين سان وڙهندي وڙهندي جنگ ۾ شهيد ٿيو. سندس وفات کانپوءِ سندس قبيلو صحرا جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو. کيس يارهن پٽ هئا (1) بوداغ سلطان (2) خواجه محمد سلطان (3) احمد سلطان (4) محمد سلطان (5) شيخ حيدر سلطان (6) سنجر سلطان (7) ابراهيم سلطان (8) ڪوتشڪي نجي سلطان (9) سيونج سلطان خواجه (10) اق برق سلطان (11) سيد بابا سلطان، سيونج سلطان خواجه جي ماءُ سلطان الغ بيگ مرزا جي ڌيءَ هئي. سندس پهرين ٻن پٽن جو بيان ترڪستان جي تاريخ ۾ ڏنل آهي، باقي ٻين جو ملي نه ٿو سگهي.

شيباني محمد خان

امير ابوالخير جي وفات کانپوءِ سندس پٽن مان پنجون پٽ شيخ حيدر سلطان پيءَ جي گادي والاري پر اُزبڪن ابوالخير جي پوٽن مان شهزادي محمد شيباني کي وارث مقرر ڪيو ۽ کيس (شاهه بخت) جي لقب سان سڏڻ لڳا. ايراني کيس شاهي بيگ سڏيندا هئا. هو سلطان بوداغ جو پٽ هو.سندس والده ماجده جو نالو نوري بيگم هو. سن 855هه ۾ ڄائو.

خودمختياريءَ جو اعلان

پهريون پهريون هن صحرا جي مشهور پهلوان برغي سلطان کي شڪست ڏيئي پنهنجي جوان مرديءَ جو ثبوت ڏنو. پوءِ اُزبڪن جو وڏو لشڪر گڏ ڪري تيموري شهزادن سان چوٽون کاڌائين. اُنهن ڏينهن ۾ سمرقند جي تخت تي سلطان ابو سعيد جو فرزند سلطان احمد مرزا حڪومت ڪندو هو. جنهن جي سلطنت جي حدن کي امير مزيد ترخان سنڀاليندو هو. امير شيبانيءَ مزيد ترخان جي پيءَ ڪشڪل کي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڪئي، جا هن منظور ڪئي ۽ شهزادي کي بخارا جي والي عبدالعلي ترخان جي درٻار ۾ ڏياري موڪليائين جنهن هن جي مرحبا ڪئي. اُنهن ڏينهن ۾ بخارا تي اڪثر تاتاري حملا ڪندا هئا. عبدالعلي شهزادي کي تاتارين تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ اُزبڪ شهزادي کي سابران، سگاناڪ ۽ عطرار جا شهر سپرد ڪيا، جتي پوءِ هن شيباني سلطنت جو مستقل بنياد وڌو. شروعات ۾ کيس گهڻن ئي صحرا جي اميرن مدد ڏني، ڇاڪاڻ جو تيموري سلطنت جو آفتاب غروب ٿيڻ تي هو. وري جڏهن سلطان احمد مرزا وفات ڪئي، تڏهن هن آمو درياهه جي علائقن تي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ مزيد ترخان تي دوستي رکڻ لاءِ زور وڌائين.

سن 1499ع مطابق سن 905هه ۾ شيباني خان پهريون گهمرو سمرقند  تي جهٽ هنيو. سندس ڀاءُ سلطان محمود بائسينڪور مرزا جي ڏينهن ۾ جزاق تائين ڪاهه ڪئي، پر شڪست کائي موٽيو، جنهن تي شيباني محمد خان هن کي گهڻي ملامت ڪئي. سيد رقم پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو، ته سلطان محمد شيباني جو مرشد حضرت شيخ منصوررحه هو، جو ڪامل بزرگ هو. هڪڙي ڏينهن جڏهن هن پنهنجي مرشد سان گڏجي دسترخوان تي ماني ٿي کاڌي، تڏهن شيخ کيس هدايت ڪئي، ته پهريائين دسترخوان جا پاسا کولبا آهن، پوءِ فرش تي وڇائبو آهي. وري جڏهن ويڙهبو آهي، تڏهن پهريائين پاسا ويڙهبا آهن، تهڙيءَ طرح سان مرشد مريد کي فرمايو، ته ترڪستان به تڏهن فتح ٿيندو، جڏهن پهريائين سرحدن تي حملو ڪندين تنهن کانپوءِ تختگاهه پاڻمرادو فتح ٿيندو.

سمرقند جو فتح ٿيڻ

جيتوڻيڪ تيموري سلطنت هن وقت ڪمزور ٿي وئي هئي، پر تنهن هوندي به اڃا به گهڻائي اهڙا ترڪي امير موجود هئا، جي آل تيمور جا وفادار نمڪ خوار هئا. پر جڏهن شيباني محمد خان جنگ جو اعلان ڪيو، تڏهن سندس چاچن سيونج سلطان ٻين اميرن ڪثوم سلطان، حمزا سلطان، مهدي سلطان ۽ ٻين سندس اعلان تي لبيڪ چيو. سمرقند تي هن وقت شهزادي علي مرزا جي حڪومت هئي، جنهن شهزادي بابر مرزا کي عندجان مان تڙي حڪومت پنهنجي قبضي هيٺ رکي هئي. سندس حڪومت جون واڳون وزير خواجه يحى جي هٿ ۾ هيون، جنهن قاصي خواجه ابوالمڪرم جو خطاب ورتو هو ۽ سندس خاندان افضل هو. شيباني نامي ۾ لکيل آهي ته سندس وڏا چئن سون ورهين کان سمرقند جي شيخ الاسلاميءَ جي منصبيءَ تي ممتاز هئا. پر قاضي ابوالمڪرم حڪومت ڪرڻ جي لائق ڪين هو ۽ علي مرزا سندس هٿن ۾ محظ رانديڪو هو. شيباني محمد خان ڏهن ڏينهن تائين شهر تي گهيرو ڪيو ۽ قلعن جي شاهراهه جي رستي کان باغ نو محلات ۾ وارد ٿيو. انهيءَ وچ ۾ امير عبدالعلي جي پٽ باقي ترخان فوجن سان مقابلو ڪيو. شيباني محمد خان ٻئي طرف بخارا تي حملو ڪيو. اُهو فتح ڪري قاراقول به فتح ڪيائين. جڏهن عبدالعليءَ جي فوجن جو خاتمو ٿيو، تڏهن هن فارغ ٿي سمرقند تي ڪاهه ڪئي. نون مهينن تائين شهر تي گهيرو ڪيائين. شهر جي رستن بند ٿيڻ ڪري شهر ۾ اچي ڏُڪر پيو. شيباني محمد خان هڪڙو خلاصو خط سلطان علي مرزا ڏي لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائين ته:

”بهتر ائين ٿيندو ته ابوالمڪرم جي غلامي ڇڏي ابوالخير جي جهنڊي جي سلامي وٺ، ڇاڪاڻ جو ابوالخير جي قسمت جو ستارو هن وقت بلند آهي.“

وڏي ڳالهه ته سلطان علي مرزا جي ماءُ سان شيباني محمد خان شادي ڪئي، هن ميل جي ڪري شهر وارن ازبڪن لاءِ شهر جا در پٽي ڇڏيا. محمد شيباني خان شهر ۾ وارد ٿيو. ابوالمڪرم ان وقت عبادت ۾ مشغول هو. سن 906هه مطابق سن 1500ع شيباني محمد خان سلطان احمد جي راڻي (زهرا بيگم) سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي. سلطان علي مرزا به هڪڙي ڏينهن زراَفشان نديءَ تان پار لنگهندي ٻُڏي مُئو.

بابر مرزا جو سمرقند تي قبضو ۽ تڙجي وڃڻ

سلطان حسين مرزا هرات جي حاڪم جي مرضي هئي ته سمرقند تي حملو ڪري، پر سندس پٽ شهزادي بديع الزمان انهن ڏينهن ۾ فساد کڙو ڪيو هو. حصار ۾ خسرو شاهه ۽ بابر مرزا جي اڻبڻت هئي. غرض سمرقند وارن جڏهن ڪرغستان جي صحرا نشينن کي امير تيمور جي تخت تي ڏٺو تڏهن هنن بابر مرزا کي سمرقند تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. شهزادو بابر مرزا هن وقت پنهنجي سخاوت ۽ بهادريءَ جي ڪري مشهور هو پر هن وقت وٽس رفيق ڪي ٿورا هئا. هو پنهنجي آبائي تختگاهه کي هٿ ڪرڻ لاءِ مضطرب هو پر بيوس هو، تنهن هوندي به ذراَفشان جي ڪناري تي سو بحري باز جيان لامارا هڻندو رهيو. سن 906هه مطابق سن 1500ع ۾ اهل قوقند سمرقند تي حملو ڪيو ۽ شيباني خان جهڙيءَ طرح سان شهر فتح ڪيو هو، اُهڙيءَ طرح سان نڪري ويو. بخارا ۾ وڃي ڇانوڻي هڻي ويٺو.

بابر مرزا کي وجهه مليو، هن آسانيءَ سان سمرقند تي قبضو ڪيو، پر ڏاي جو تخت سندس قسمت ۾ لکيل ڪين هو، ڇاڪاڻ جو هڪڙي سال اندر جڏهن ازبڪن جي سردار پاڻ ۾ وري طاقت ڏٺي تڏهن ٻيهر اوچتو سمرقند تي حملو ڪيائين. زراَفشان جي ڪپ تي سخت معرڪو لڳو. بابر بهادريءَ جو چڱو جوهر ڏيکاريو پر بدنصيبيءَ سان هارائي سمرقند جي قلعي ۾ وڃي لڪو. وٽس چاليهه هزار فوج هئي پر اُها فاتح اُزبڪن سان پڄي ڪين سگهي. چون ٿا ته شيباني محمد خان چئن هفتن تائين گهيرو ڪيو. بابر جي ٽن اعليٰ آفيسرن مثلاً ابراهيم ترخان، ابراهيم سارو ۽ ابراهيم جاني گهڻي ڪوشش ڪئي پر هٽجي ويا. شهر ۾ ايتريقدر ڏُڪر اچي پيو جو ماڻهو گهوڙن ۽ خچرن جو ماس کائڻ لڳا. آخر وڻن جا پن به کائي کپائي ڇڏيائون، بابر جڏهن پنهنجي لشڪر کي ڪمزور ڏٺو، تڏهن لاچار هڪڙيءَ رات جو وجهه وٺي قلعي کان ٻاهر نڪري جان بچائي ڀڳو. هن ڀاڄ ۾ سندس وڏي همشيره شهزادي (خان زادي بيگم) دشمنن هٿان قيد ٿي ويئي، جنهن سان شيباني محمد خان شادي ڪئي. اُزبڪن سمرقند ۾ ڦرلٽ ڪئي، شهر جا گهڻا ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا. خواجه يحى به ڏاڙهي مٿو ڪوڙائي ڀڳو، ان لاءِ ته ڪو سڃاڻي نه سگهيس پر آخر قيد ٿي ويو. جڏهن شيباني محمد خان جي روبرو آندائونس، تڏهن سلطان پڇيس ته مولانا صاحب ”توهين شريعت جا صاحب ٿي ڪري به ڏاڙهي مٿو ڪوڙائي ڇڏيو اَٿو؟

جڏهن خواجه جواب ڏنو تڏهن شيباني جلاد کي حڪم ڏنو، جنهن قتل ڪري ڇڏيس. ساڻس گڏ ٻيا به گهڻا تيموري شهزادا هئا، جي قتل ٿي ويا.

سمرقند فتح ڪرڻ کانپوءِ شيباني محمد خان خراسان تي اکيون کوڙيون .خراسان جو حاڪم سلطان حسين مرزا بائيقرا بلڪل طاقتور هو. سندس گاديءَ جو هنڌ هرات هو. اُڀرندي ۾ بدخشان تي خسرو شاهه جي حڪومت هئي. بلخ تي بديع الزمان جي حڪومت هئي، جو سلطان حسين جو پٽ هو. هن پيءَ سان فساد ڪيو هو، تنهنڪري شيباني محمد خان بلخ ۽ بدخشان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ترڪستان ۾ اڃا سندس بازو آزاد ڪين هئا، ڇاڪاڻ جو تاشقند ۽ شاهه رخيءَ جا حاڪم خانڪي مرزا ۽ الاجا سلطان جي مغل هئا ۽ شهزادي بابر مرزا جا ناناڻا هئا، تن مان اُزبڪ سردار کي خوف هو. شهزادو بابر مرزا هن وقت ڪم طاقت هو، پر وڏي استقلال وارو جبرو مڙس هو. هن جي مرضي هئي، ته سمرقند پنهنجو ڏاڏڻو تختگاهه پنهنجي قبضي ۾ رکان. مغل شهزادا هن وقت گهڻو ڪم طاقت هئا منجهان فقط بابر مرزا هڪڙو ئي وڃي رهيو هو، جنهن جي پيشانيءَ مان فتح جا آثار نظر پي آيا. پر اُزبڪ هڪ اوچتي قوم ڪرغرستان جي ميدان مان نمودار ٿي هئي جنهن جي اڳيان ڪنهن به سردار يا خان خانان جي مجال نه هئي جو سهي سگهي. پر سلطان حسين مرزا خانڪي مرزا سان دوستي رکي، ان ارادي سان ته شيباني خان جي طاقت کي گڏجي روڪجي.

فتوحات بلخ، بدخشان سلطان حسين جي شڪست

خداوند تعاليٰ کي ابوالخير جي اولاد جي اقبال کي بلند ڪرڻو هو تنهنڪري مغل فاتحن جي قوم کي طاقت نه ٿي جو شيباني محمد خان جي قبيلي جي قدم کي روڪي سگهي يا ته اُهي مغل هئا جن جي فتح ۽ نصرت جو ڏؤنڪو دنيا جي تختي تي پئي وڳو، پر هينئر منجهن تفرقو پئجي چڪو هو. سلطان امير تيمور اُهو باجبرو حيثيت وارو انسان ٿي گذريو، جنهن جي پاڇي کان وقت جا شهنشاهه ڪنبدا هئا، جڏهن هو سمرقند کان ٻاهر نڪرندو هو ته هڪ طرف خاقان چين جي درٻار ۾ زلزلو پوندو هو، ته ٻئي طرف شام ۽ روم جون ديوارون ڪنبنديون هيون پر اهو شان ۽ دٻدٻو ايتري وقت تائين قائم رهيو، جيسين امير صاحب قران پاڻ حيات هو، پر جڏهن هن باجبروت شهنشاهه اکيون پوريون کانئس پوءِ ترڪستان جي سلطنت، جنهن جي جهنڊي جي روءِ زمين جا بادشاهه سلامي وٺندا هئا، سو فسادن جو مرڪز بنجي پيو.

هتي جي بيابانن مان هڪ اُها قوم پيدا ٿي جنهن آل تيمور جي باقي رهيل هستيءَ کي پائمال ڪري ڇڏيو.

سن 911هه مطابق سن 1505ع ۾ شيباني محمد خان مغلن سان آخري فيصلي ڪرڻ لاءِ هٿيار کنيا، هن ڏاڍي تزڪ ۽ حشام سان شاهه رخيءَ جي مقام تي حملو ڪيو. آمو درياهه کان پنجن ميلن جي فاصلي تي اَحسنيءَ جي مقام وٽ ٻن ڏينهن تائين سانده اُزبڪن ۽ مغلن جي وچ ۾ خونريز معرڪو لڳو، هن جنگ ۾ مغلن اُزبڪن جي تلوار خارا شگاف جو تاب آڻي نه سگهيا ۽ هارايائون، مغل فوجن جو مهندار خانڪي مرزا پنهنجي ڀاءُ سميت قيد ٿي ويو، پر اُزبڪن جي سردار ڪمال مروّت سان کانئن شاهه رخيءَ جي قلعي لاءِ گهر ڪئي، جڏهن سردار قلعو شيباني خان جي سپرد ڪيو، تڏهن کين آزاد ڪيائين. خانڪي مرزا جي والده ماجده جا هن وقت قلعي تي قابض هئي، تنهن اُزبڪ امير جي مٿئين فياضي کي ڏسي گهڻو خوش ٿي، جلدي طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو.

خسرو شاهه جي ناڪامي ۽ سندس موت

بدخشان جي والي خسرو شاهه ۽ بلخ جي حاڪم شهزادي بديع الزمان جي جيتوڻيڪ پاڻ ۾ گهڻي وقت کان ناچاڪي هئي، پر هينئر جڏهن مغلن جي شڪست جي خبر کين پهتي تڏهن سندن اک پٽجي پئي، هو پاڻ ۾ گڏجي دوست ٿي پيا. هن وقت خوارزم جي حاڪم شين صوفي سلطان حسين هرات جي واليءَ جي اشاري تي اُزبڪن جي روڪ ڪئي. سلطان شيباني خان جو سير درياهه کي ٽپي آيو هو، تنهن پنهنجي ڀاءُ امير محمود کي سندس مقابلي لاءِ موڪليو، پر هو قندوز جي معرڪي ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کان شيباني محمد خان پنهنجي ڀاءُ جي فوجن جي سرڪردي  لاءِ پنهنجي پٽ عبيدالله کي جنگ جي ميدان ۾ گهرائي ورتو، شهزادي جنهن تازو شادي ڪئي هئي، سو پيءُ جي حڪم جي پيروي ڪري جلد ميدان ۾ وارد ٿيو، پوءِ ٻنهي پيءُ پٽن گڏجي خوارزم جي قلعي تي گهيرو ڪيو. هوڏانهن ترڪماني زره پوش لشڪر به چڱي مردانگي ڏيکاري، پر خسرو شاهه وجهي ڏسي انهيءَ وچ ۾ ميدان ۾ ٽپي پيو، هن اُزبڪن هٿان سخت شڪست کاڌي، پنهنجي ست سو اميرن سميت قيد ٿي ويو. ميرقند لکي ٿو ته اُزبڪن جي سردار سندس هٿ پير ٻَڌائي کيس گڏهه جي پڇ سان مضبوط ٻڌرائي قندوز جي ڳلين ۾ ڦيرايو، جنهن عذاب کان ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو!

خسرو شاهه والي بدخشان انصاف پرست ۽ زاهد خشڪ مزاج بادشاهه ٿي گذريو، پر دل جو ڪٺور به هو. ڪنهن ڪنهن وقت ظلم به ڪندو هو. وڏو نقص منجهس اهو هو جو پنهنجيءَ صحبت ۾ احسان فراموش به هو. اُزبڪن سندس سر وڍي شين صوفي ڏي ڏياري موڪليو، جنهن ڪائي پرواهه نه ڪئي، برابر ڇهن مهينن تائين توراني وڙهندا رهيا. جمله 9 مهينن جي ويڙهه کان پوءِ اُزبڪن طوفان وانگر خوارزم جي قلعي تي گهيرو ڪري هٿ ڪيو ۽ شين صوفي پنهنجي ترڪمانن جي تيرن جو شڪار ٿي ويو. آمدم برسر مطلب ته سمرقند فتح ڪرڻ کان پوءِ5 سالن جي ساندهه ويڙهه کان پوءِ سڄو توران، عندجان، شاهه رخي، تاشقند، حصار ۽ بلخ بدخشان جا علائقا اُزبڪن جي جهنڊي هيٺ اچي ويا.اولهندي ۾ خيوا باقي رهيل هو سو به هينئر فتح ٿي ويو ۽ طول عرض ترڪستان جي ڪشور جي اميرن سندس سلامي ورتي.

سلطان حسين بائيقرا واليءَ هرات کي شڪست

اُزبڪ سردار جڏهن سمرقند فتح ڪيو، تڏهن کيس يا سندس ماڻهن کي بدن تي پورو ڪپڙو به ڪين هو، سمرقند جي مهم ۾ مفلسيءَ کان پاڻ ۽ سندس قبيلو بيزار هو، پر جڏهن اَبر رحمت جا درمٿس پٽجي پيا، تڏهن سڄي ترڪستان جو حاڪم بنجي پيو. اُهي اُزبڪ جي ڪرغستان جي ميدان ۾ سرديءَ ۾ تنبن ۾ رهندا هئا، هينئر الله تعالى جي فضل سان شاهي محلاتن ۾ رهڻ لڳا، جن ۾ زندگيءَ جي عيش ۽ عشرت جو پورو سامان موجود هو. هو هن وقت سڄي ترڪستان جو مالڪ ۽ زبردست امير هو، سندس اڳيان ڪنهن به امير جي مجال نه هئي جو اک کڻي سگهي، پر سلطان حسين بائيقرا هرات جو حاڪم باقي وڃي رهيو، جو پنهنجي وقت جو نامور حاڪم هو. پر اڪيلو رهجي ويو هو، ڇاڪاڻ جو ترڪستان جا امير هن وقت شيباني محمد خان جا ڄڻ مريد هئا ۽ ڦرلٽ جي مال مان حصي وٺڻ لاءِ سندس مددگار هئا.

سلطان حسين بائيقرا به غافل ڪين هو، هن سڄي خراسان جي اميرن کي گهرائي اُزبڪن جي مقابلي لاءِ کين فوجن سميت تيار ڪري رکيو هو. هرات جي اُتر ۾ سندس وڏي ڇانوڻي هئي، جنهن ۾ افغانستان، خراسان، سيستان، فارس ۽ جرجان جا سپاهي شامل هئا. آخر سن 911هه مطابق سن 1505ع ۾ طوفان وانگر سير درياه کي لتاڙي اُزبڪ امير جي مقابلي لاءِ نڪتو، پر شڪست کائي ڀاڄ کاڌائين، تان جو اِن غم ۾ سُتت ئي روح پرواز ڪري ويس. اِنا لله و اِنا اِليھ راجعون.

سلطان بديع الزمان واليءَ بلخ کي شڪست

سلطان حسين مرزا کي گهڻا ئي پٽ هئا پر سڀني کان شهزادو بديع الزمان ممتاز ليکبو هو. هن پيءُ جي شڪست کان پوءِ پنهنجي خاندان جي بااقتدار ماڻهن کي گهرائي هڪ وڏي مجلس برپا ڪرائي،  هن محفل ۾ شهزادو بابر مرزا به موجود هو، جو هن وقت ڪابل جي تخت تي هو. ساڻس گڏ سندس وزير جهانگير به شامل هو. هوڏانهن شيباني محمد خان به مرغاب درياهه جي ڪپ تي اچي ڇانوڻي هنئين هئي. اُزبڪ سردار هڪڙو خط سلطان بديع الزمان ڏي موڪليو جنهن ۾ کيس لکيائين ته:

”تنهنجو پيءُ سلطان حسين بائقرا منهنجي ڏاڏي امير ابوالخير جو دوست هو، تنهنڪري بهتر ائيندو ٿيندو ته اچي صبرسان آڻ مڃ.“

پر سلطان نهايت ئي لاپرواهيءَ سان اُزبڪ اَمير کي رکو جواب لکي موڪليو، جنهن تي اُزبڪن فوج مرغاب کان مروّ تي ڪاهه ڪئي، سندن مهندار تيموري سلطان، عبدالله خان ۽ محمود سلطان نالي هئا، جي اڪثر شيباني خان جا رشتيدار هئا. هوڏانهن تيموري فوجن جو مهندار (امير ذوالنون) هو، جو هن وقت ضعيف العمر هو، پر تجربيڪار سپاهي هو. هن ڪارزار جنگ ۾ ڏاڍي بهادري ڏيکاري، پر اُزبڪن فتح پاتي. هن شڪست کان پوءِ سلطان حسين بائقرا جي خاندان جي شهزادن جان بچائي جدا جدا هنڌن تي وڃي پناهه ورتي، جيئن ته عبدالله مرزا مشهد ۾، شهزادو عبدالباقي ۽ امير محمد سبزاور ۾ پناهه ورتي. باقي شهزادي بديع الزمان ۽ مظفر هرات ۾ پناهه ورتي پر جڏهن سن 913هه محرم مطابق سن 1507ع ۾ شيباني خان هرات تي ڪاهه ڪئي تڏهن شهر وارن خوف کان شهر جا در پٽي ڇڏيا. اُزبڪ امير شهر وارن کان 100،000 سڪا بطور تاوان جي ورتا، اهڙيءَ طرح هرات، جو ورهين کان اسلامي تهذيب، علم ۽ ادب جي لحاظ سان مشهور هو، سو اُزبڪن جي چنبي کان محفوظ رهجي ويو. تيموري خاندان جو خزانو، جنهن ۾ بيش بها جواهر، لعلون ۽ بيشمار سون رپيو هو، سو شاهي خاندان سميت اُزبڪ امير جي ڇانوڻي ۾ پيش ڪيو ويو. شاهي خاندان سان گڏ شهزادي مظفر حسين جي ڪنوار به هئي، جا شهزادي بلڪل حسين هئي، جنهن کي ڏسي شيباني محمد خان مٿس چريو ٿي پيو. جيتوڻيڪ امير جي عمر هن وقت 58 ورهيه هئي، تنهن هوندي به مٿئين شهزاديءَ سان زوريءَ نڪاح وڌائين، باقي ٻين سان مروت سان گڏيو، کين عزت ڏنائين، پر سندس فوج جي ماڻهن دولت جي لالچ تي شهر وارن سان گهڻا ظلم ڪيا، جيئن تاتارين ڪيو هو. هرات فتح ٿيڻ کانپوءِ خراسان به شيباني محمد خان جي جهنڊي هيٺ اچي ويو.

مغل شهزادن ۽ اميرن کي شڪستون ڏيڻ

تيموري شهزادن مان ابوالمشين، جو هن وقت عراق جو حاڪم هو، سو عراق مان وڏي فوج گڏ ڪري مشهد وٽ مقابلي ڪرڻ لاءِ آيو، پر هڪڙيءَ رات جو اوچتو اُزبڪن جي هٿان پنهنجي سردارن سميت مارجي ويو. سندس مارجي وڃڻ کان پوءِ سڄو اولهندو خراسان اُزبڪ امير جي هٿ هيٺ اچي ويو. سبزاور وٽ هڪڙي تيموري شهزادي ابن حسين مرزا مقابلو ڪيو، پر ڀاڄ کاڌائين، هن معرڪي ۾ گهڻا ئي تيموري شهزادا مارجي ويا، جن مان عبدالباقي ۽ امير محمد مرزا ۽ ٻارهن ٻيا مشهور هئا.

خراسان فتح ڪرڻ کانپوءِ شيباني محمد خان پنهنجي پٽن کي خراسان ڇڏي پاڻ بخارا شريف آيو. جتي ماڻهن سندس عزت ڪئي. سندس غير حاضريءَ ۾ هڪڙي مغل سردار امير محمود مرزا يونس جي پٽ پنهنجي پنجن پٽن سميت عندجان ۽ سمرقند تي حملو ڪيو، سندس اها خواهش هئي ته اُزبڪ امير جي غير حاضريءَ ۾ سمرقند تي جهٽ هڻان. سن 914هه مطابق سن 1508ع ۾ اچي جنگ لڳي. امير محمود پٽن سميت مارجي ويو. هن فتح کان پوءِ اُزبڪ امير موٽي خراسان آيو. ڇاڪاڻ جو فتوحات جو گهڻو ڪم رهيل هو. ساڳئي سال ۾ هن جرجان جو علائقو به فتح ڪيو. تنهن کان پوءِ امير تيمور وانگر جدا جدا فتح ڪيل ملڪ پنهجن فوجي اميرن جي حوالي ڪيائين، سي هن ريت هئا. ”هرات جان وفائي بائي کي، بلخ کان خيوا تائين ملڪ سلطان شاهه کي، حصار ۽ گردنواح علائقا مهدي سلطان ۽ حمزه سلطان کي، قندوز احمد سلطان کي. تاشقند سيونج خواجه خان کي. عندجان جاني بيگ ۽ محمود شاهه سلطان کي. ترڪستان ڪشڪنجي خان. بخارا ۽ قراقول پنهنجي ڀاءُ محمد خان جي حوالي ڪيائين. سندس مرڻ کان پوءِ سمرقند ۽ قيش جا علائقا پنهنجي وڏي پٽ محمد تيمور سلطان جي حوالي ڪيائين.

ايران ۾ صفويّ خاندان شاهه اسماعيل صفويّ

چنگيز خان ۽ امير تيمور وانگر اَبوالخير جي پوٽي محمد شيباني خان پنهنجو ملڪ پنهنجي فوجي اميرن کي ورهائي ڏنو ۽ پاڻ فوجن جو سرڪردو ٿي عمر بسر ڪرڻ لڳو. امير تيمور وانگر سندس خاص مرضي هئي، ته مغربي دنيا فتح ڪريان.ا سين اڳ چئي چڪا آهيون، ته عثماني ترڪن جي سلطان غازي بايزيد يلدرم سان جيڪڏهن سلطان امير تيمور اُنقره ۾ جنگ نه ڪري ها، ته شايد ترڪ روما جي مشهور ديول سينٽ پيٽر جي گنبذ تي اسلامي پرچم وڃي کوڙين ها، پر امير تيمور جي فوج سدِ اسڪندريءَ وانگر ترڪن جي قدم کي يورپ تي حملي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو قسطنطنيه فتح ڪرڻ جو ڪم ڪجهه عرصي تائين روڪجي ويو. ساڳي طرح شيباني محمد خان اُزبڪ جو قدم فتوحات جي شاهراهه تي ڪنهن سبب ڪري روڪجي پيو. کيس روڪڻ وارو شاهه اسماعيل صفويّ هو، جو هن وقت ايران جو شاهه هو. صفويّ خاندان جي شاهن به ڏاڍي دٻدٻي سان ايران تي شهنشاهي ڪئي ۽ هن خاندان جا تاجدار به نامور ٿي گذريا. سندن بيان تاريخن ۾ روشن آهي.

شاهه اسماعيل صفويّ شيخ صفويّرحه جي اولاد مان هو. شيخ صفويّ جو هن خاندان جو باني ليکجي ٿو، سو اصل اَردبيل جو رهاڪو هو. هن هڪ جدا فرقو جاري ڪيو هو، کيس اڃا به ايراني ترڪ گهڻي عزت جي نگاه سان ڏسن ٿا. هو ايران جو هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو، کيس بيشمار مريد هئا، جي اڪثر درويشي جي حالت ۾ زندگي بسر ڪندا هئا. شاهه اسماعيل چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي مريدن کي گڏ ڪري آخر وڃي ايران جو تخت هٿ ڪيو. پاڻ به ترڪي نسل مان هو ۽ درويش هو، پنهنجو نسل حضرت امام موسى رضا جي پيڙهي مان ڇڪيندو هو. کيس ترڪن جا ست خاندان، جي گهڻو ڪري ڪاڪيشيا ۽ بحيره خضر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۽ عراق عجمي ۾ رهندا هئا، جي سلاطين سلجوقيه جي ڏينهن ۾ وچ ايشيا مان لڏي اچي ايران ۾ گهر ڪري ويٺا هئا، پنهنجو امام ڪري مڃيندا هئا. اُهي اُستجلو، شملو، نڪالو، بهارلو، ذالقدر، قاچار ۽ افشار خاندان هئا. شاهه اسماعيل مٿين قبيلن جي مدد سان ايران جي گهڻي ڀاڱي ۽ عربستان تي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪيو هو، تشيع مذهب جو پابند هو، جنهنڪري اهل بيت کي مڃيندڙ خوشيءَ سان اچي سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. هن وقت شيعه فرقي وارن ايتريقدر زور ورتو جو اهل سنت جماعت وارا ايران کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳا ۽ تاريخ شاهد آهي، ته ترڪستان ۽ ايران جي جيڪا پاڻ ۾ جنگ لڳي، تنهن جو وڏو سبب مذهبي فرقي بندي هئي، جنهن تي وقت جي علمائن به طرح طرح جو رنگ چاڙهيو، جيئن ته مولانا شمس الدين هراتيرحه ۽ بخارا شريف جي ڪن نامور علمائن سڳورن گڏجي هڪ فتويٰ ڏني، ته ايراني جي شيعا آهن، سي بطور غلامن جي وڪامجڻ گهرجن پر سندن زالن لاءِ به ساڳي فتوى صادر ڪيائون. هن اهو به ظاهر ڪيو ته ڪو به سني شيعن مان شادي نه ڪري، ڇاڪاڻ جو شيعا مڪروه آهن، درحقيقت سندن اهڙي فتوى اسلامي مساوي اصولن جي سراسر خلاف هئي، ڇاڪاڻ جو اهڙي ناجائز فتوى جي ڪري سنين ۽ شيعن جو پاڻ ۾ نفاق پئجي ويو، جنهنڪري افغانين، ايرانين ۽ ترڪن جي وچ ۾ جيڪي به وقت بوقت جنگيون لڳيون، تن جو مکيه ڪارڻ مٿيون نفاق هو.

شيباني محمد خان ۽ شاهه اسماعيل صفويّ جي پاڻ ۾ ناسازي

شيباني محمد خان، جو فتوحات جي ارادي سان هن وقت ايران جي سرحد تي اچي پهتو هو، اُن وقت ملڪ ۾ مذهبي نفاق جي باهه پي ٻري. هن هڪڙو خط شاهه جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو جنهن جو بيان هن ريت هو:

بقول سيد رڪن الدين هن ريت ڌمڪي ڏني هئي.

”اي اِيران جا شاهه مون کي پوريءَ طرح سان معلوم ٿيو آهي، ته تون شيعي فرقي کي ناجائز طرح سان همٿائڻ لڳو آهي. اهي تنهنجا شيطاني خيال آهن، جي توکي تاريڪيءَ ۾ ڌڪي رهيا آهن. خبردار رهه ۽ هن هدايت نامي تي غور ڪر ۽ اهل سنت و الجماعت ۾ شامل ٿي وڃ، ڇاڪاڻ جو تو سياسي فسادن کانسواءِ ظلم جو جهنڊو کڙو ڪيو آهي. مان توکي وري به هدايت ڪريان ٿو ته تون گناهن ۾ غرق ٿيڻ لڳو آهي ۽ شيطان جي چنبي ۾ گرفتار آهين. ياد رک ته جيڪڏهن تون منهنجيءَ ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندين ته مان بيشمار لشڪر سان ايران تي ڪاهه ڪندس ۽ پنهنجيءَ تلوار جي نوڪ سان تنهنجي اصفهان جي قلعن کي زمين ۾ ملائي ڇڏيندس ۽ ايران جا ماڻهو اهڙي قهر جي درياه کي عمر تائين ياد رکندا.“

شاهه اسماعيل کي جڏهن ازبڪ  سردار جو خط پهتو، تڏهن سواءِ خاموشي ۽ صبر جي کيس ٻي واهه ڪانه هئي. شيباني محمد خان کي به وجهه مليو، ته پنهنجي حڪومت هيٺ ايران کي آڻي. ٻئي طرف ڪن اُزبڪن ايران ۾ ڦرلٽ ڪرڻ به شروع ڪئي ۽ اُهي ڪرمان تائين اچي پهتا هئا. شاهه اسماعيل لاچار هڪڙو وفد اُزبڪ سردار جي خدمت ۾ روانو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ اُزبڪ سردار هڪڙي عصى ۽ هڪڙو ڪشتو خط سميت ڏياري موڪليائينس، جنهن ۾ لکيل هو ته:

”اي درويش جا پٽ هي ڪشتو ۽ عصى وٺ جا تنهنجي وڏن جي ميراث آهي، جيڪڏهن تون پنهنجي وڏن جي ميراث تي راضي ٿي قناعت ڪين ڪندين ته سڀني جوابدارين لاءِ تون جوابدار رهندين ڇاڪاڻ جو مان تلوار جو ڌڻي آهيان، منهنجو ڏاڏو چنگيز هو“.

خند مير لکي ٿو، ته جڏهن شاهه کي خط پهتو تڏهن لاچار کيس هيٺيون جواب موڪليائين.

”مان بيشڪ درويش آهيان، ڪشتو ۽ اعصى منهنجي وڏن جي ميراث آهي، مان اِمام موسيٰ رضارضه جي مزار مبارڪ جي زيارت ڪرڻ لاءِ اچان ٿو. انشاء الله توهان سان به اچي ملاقات ڪندس.“

محمود آباد جي جنگ شاهه اسماعيل هٿان شيباني محمد خان جو شهيد ٿيڻ

انهيءَ وچ ۾ فيروز ڪوهي نالي هڪڙي جابلو سردار شيباني محمد خان سان جنگ شروع ڪئي ۽ اُزبڪن جي فوج مٿئين سردار سان جنگ ۾ رڌل هئي، پر شيباني محمد خان جي اک تڏهن کلي جڏهن قاصدن اچي خبر ڏنس، ته شاهه اسماعيل صفويّ وڏي لشڪر سان مشهد تي ڪاهه ڪندو ٿو اچي. ساڳئي وقت وري ترڪستان مان کيس اها خبر پهتي، ته شهزادي محمد تيمور سلطان کي ڪرغيزستان جي هڪڙي سردار بايونس سيردرياه جي ڪپ تي سخت شڪست ڏني آهي. مطلب ته شگون بدسمجهي شيباني محمد خان منجهي پيو. اُزبڪن کي هن وقت ٽن مصيبتن سان مقابلو ڪرڻو پيو. اُهي ڊگهين مسافرين ڪري گهڻو ٿڪل هئا. شاهه اسماعيل آسانيءَ سان دمغان، سبزاور ۽ نيشاپور تي قبضو ڪري ورتو. اُزبڪ سردار پاڻ ۾ همت نه ڏسي وڃي مروّ ۾ پناهه ورتي ۽ شهر جي عالم پناه جا در کڻي بند ڪيائين، تنهن تي شاهه هيٺيون خط روانو ڪيس

”اُزبڪن جا سردار توهان مون سان واعدو ڪيو هو، ته توسان آذربائيجان ۾ اچي ملاقات ڪندس، پر تون پنهنجي واعدي تي قائم رهي نه سگهئين! تنهنڪري مان توسان ملاقات ڪرڻ لاءِ خراسان اچي پهتو آهيان. تنهنجو رتبو بيشڪ مون کان بلند آهي، پر ٻڌان ٿو ته تو قلعي جا دروازا کڻي بند ڪيا آهن ۽ منهنجي شڪل ڏسڻ نه ٿو گهرين. پس جيڪڏهن تو لڪڻ پسند ڪيو آهي، ته مان موٽي آذربائيجان وڃان ٿو. وري جڏهن ملاقات ڪئيسون ته انشاء الله نصيب آزمائي به ڪنداسون.“

ايراني فوجن بلڪل تيزيءَ سان اُزبڪن تي حملا ڪيا. هنن مرغاب جي پل ڀڃي ڇڏي ۽ 17،000 جانبازن محمدو آباد شهر تي گهيرو ڪيو ۽ سخت خونريز جنگ لڳي، جتي اُزبڪ به دل کولي وڙهيا. شيباني محمد خان به ايراني لشڪر جي صفن ۾ ٽپي پيو، پر اُزبڪن جو اڌ کان وڌيڪ لشڪر هن معرڪي ۾ چٽ ٿي ويو. اُزبڪ سردار ڀڄڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا پر گهيري ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي اميرن سميت جنگ جي ميدان ۾ شهادت جو جام پيتائين. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. سندس لاش کي گهڻي مشڪلات کان پوءِ ڳولي لڌائون، جو زخمن ڪري چُور هو. جمعي جو مبارڪ ڏينهن هو، جڏهن هي بهادر مرد شهيد ٿيو، سندس عمر هن وقت 61 ورهيه هئي. سندس کوپريءَ مان شاهه اسماعيل صفويّ ڪشتو جوڙايو. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته اُهو ڪشتو ترڪيءَ جي سلطان ڏي ڏياري موڪليائين پر اسين ان ڳالهه تي اعتبار نه ٿاڪيون.(1) سندس سڄو هٿ وڍرائي آقا رسم مزيدران جي حاڪم ڏي ڏياري موڪليائين جو اُزبڪ سردار جو دوست هو، کيس هن ريت هڪڙو خط به روانو ڪيائين.

”تون هر وقت اُزبڪن جي سردار جي دوستيءَ جو دم ڀريندين هيئن، پر افسوس جو هو توسان ملاقات ڪري نه سگهيو، مان سندس هٿ ان ڪري موڪليان ٿو ته تون هن کي مضبوط جهلي پنهنجي سڪ لاهه.“

شيباني محمد خان سنه 916هه مطابق سن 1510ع ۾ شهيد ٿيو. سندس لاش کي اُزبڪن وڃي سمرقند ۾ هڪڙي مڪتب ۾ دفنايو، جو هن پاڻ جوڙايو هو. اڃا تائين گهڻا ماڻهو سندس زيارت ڪرڻ اچن ٿا، هو شهيد ليکجي ٿو. هو پنهنجي وقت جو نامور بادشاهه ٿي گذريو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ شاندار مثال ڇڏي ويو.سندس ڏينهن ۾ ترڪستان جي سياسي حالت گهڻو بدلجي ويئي. هن بخارا جي خانات جو بنياد وڌو. ترڪستان ۾ جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا، تن مان هي پويون فاتح ٿي گذريو. کانئس پوءِ ڪو ورلي اهڙو ٿيو جو آمو درياهه جي پريان قلمرو ترڪستان جي حدن کي وڌائي سگهجي. هو صحرا نشين هو، پر وحشي ڪين هو. اسلامي تهذيب جو سچو مجسمو هو. علم دوست، خدا پرست ۽ عُلمائن جو رفيق ٿي گذريو. سندس ڏينهن ۾ علمائن جي گهڻي عزت هئي. علم سان کيس ايتريقدر دل  هئي جو هر وقت ڪتب خانو پاڻ سان گڏ کڻندو هو. جيئن امير تيمور صاحب قران دمشق ۽ حلب جي علمائن سان مذهبي ڳالهين تي بحث مباحثا ڪندو هو تيئن شيباني محمد خان قاضي اختيار ۽ محمد يوسف هراتيرحه سان ساڳي گفتگو ڪندو هو. هو شاعر به هو، هن عربي، فارسيرحه ۽ ترڪي زبانن ۾ شعر چيا. سلطان حسين بائيقرا جي وفات کانپوءِ جڏهن هرات جي علمي ادبي محفل ڦٽڻ لڳي. تڏهن شيباني محمد خان ڪمال فياضيءَ سان هرات ۾ جيڪي به علماءُ سڳورا رهندا هئا، تن جي هن گهڻي خاطرداري ڪئي. کين هر طرح سان آزادي ڏيئي هنن لاءِ معقول وضيفا مقرر ڪيائين. بخارا، سمرقند ۽ تاشقند ۾ مڪتب ۽ مساجد تعمير ڪرايائين. حضرت مولانا بينائيرحه سندس درٻار جو مشهور شاعر هو. هو سليم الطبع ۽ مستقل مزاج بادشاهه ٿي گذريو. جيتوڻيڪ سمورو وقت جنگين ۾ گذاريائين، ته به مخلوق خدا لاءِ گهڻا ڪم ڪيائين.

شاهه اسماعيل جي مدد سان بابر مرزا جو وري سمرقند فتح ڪرڻ

جڏهن ازبڪن جي قتل عام جي خبر ترڪستان ۾ پهتي تڏهن شيباني خاندان وارا عجيب مشڪلات ۾ مبتلا هئا، جيئن ته هڪڙي طرف تاتاري صحرا نشين سندن دشمن هئا ته ٻئي طرف تيموري شهزادن سان سندن دشمني هئي، ته ٽين طرف شاهه اسماعيل جون فوجون آمو درياهه جي ڪپ تي ويٺل هيون. جنهنڪري شاهه سان صلح ڪرڻ کانسواءِ کين ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. هنن گڏجي شاهه سان هيٺين شرطن تي صلح ڪيو.

(1) جيئن ته آمو ندي قديم زماني کان ايران ۽ ترڪستان جي حد شمار ڪئي ويندي هئي تيئن هينئر به ساڳي حد قائم ڪئي ويئي. (2) ته بابر مرزا، جو هن وقت ڪابل جو حاڪم هو، تنهن شيباني محمد خان جي مرڻ کانپوءِ وري پنهنجي ڏاڏي جي تخت سمرقند هٿ ڪرڻ لاءِ قسمت آزمائي جو خيال ڪيو. هن شاهه سان دوستي رکي. سن 917هه مطابق سن 1511ع ۾ شاهه جي مدد سان آمو درياهه کي ٽپي ايران ۽ افغان فوجن جي مدد سان سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ سمرقند تي قبضو ڪري ورتائين.

بابر مرزا جو پويون ڀيرو سمرقند مان تڙجي وڃڻ

محمد تيمور سلطان، جو شيباني محمد خان جو پٽ ۽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن وقت اُزبڪن جو سردار هو، تنهن کي سندس قبيلي تخت تان لاهي اَمير اَبوالخير جي اٺين پٽ ڪوتشڪونجي سلطان کي پنهنجو مهندار تسليم ڪيو، جو هن وقت اُزبڪن ۾ ذي عزت ۽ پريو مڙس هو. محمد تيمور سلطان آخر پنهنجي ماڻهن هٿان مارجي ويو. ڪوتشڪونجي تخت هٿ ڪيو. پر محمد شيباني خان کي ٻيا به ٻه پٽ هئا خرم سلطان ۽ محمد سلطان، پر هنن مٿئين حادثي کي ڏسي کڻي ماٺ ڪئي. ڪوتشڪونجي سلطان جو اثر رفته رفته اهل تورانين جي دلين تان ويو مٽجندو، ڇاڪاڻ جو هو نه فاتح هو نه وري بهادريءَ جا ڪي منجهس آثار ئي هئا. آخر کيس گاديءَ تان لاهي محمود خان جي پٽ شهزادي عبيدالله کي تخت تي وهاريائون، جو پنهنجي چاچي شيباني محمد خان وانگر بهادر هو ۽ خراسان جي جنگين ۾ به شامل هو. حضرت شيخ احمد رحه جو مريد هو، جنهن بزرگ سندس فائدي ۾ فتوى ڏني ۽ کيس دعا به ڪئي هئائين. عبيدالله 15،000 اُزبڪ سوارن جو لشڪر وٺي سير درياهه جي ڪپ تي پهريون بخارا تي حملو ڪيو، جو بابر مرزا جي هٿ هيٺ اچي چڪو هو. اُزبڪ فوجن خيرآباد جي ڍنڍ وٽ اچي ڇانوڻي هنئين. هوڏانهن بابر مرزا 70،000 فوج سان عبيدالله جو مقابلو ڪيو. امير شجاع الدين ۽ عرس مرزا اُزبڪن جي فوج جا مکيه مهندار هئا، جن سخت حملا ڪيا. بابر مرزا به پنهنجي آبائي وطن کي بچائڻ لاءِ وس ڪيا، پر کيس جان بچائڻ به مشڪل ٿي، سندس لشڪر کي اُزبڪن شڪست ڏني، هو موٽي سمرقند آيو، جتي فقط پنهنجا خزانا ۽ قبيلو ساڻ ڪري اچي حصار جي قلعن ۾ پناهه ورتائين. سمرقند ۽ بخارا تي هن دفعي فقط 6 مهينا حڪومت ڪيائين. هي پويون گهمرو هو، جو پنهنجي آبائي وطن کي ڇڏڻو پيس. سن 918هه مطابق سن 1512ع ۾ عبيدالله سمرقند ۾ وارد ٿيو، جتي پنهنجي چاچي ڪوتشڪونجي سلطان کي هتي جي گاديءَ تي وهاري پاڻ بخارا جي خانات تي قبضوڪيائين. هتي پنهنجي فوجن کي مضبوط ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو کيس اڃا به بابر کان خوف هو.

بابر جو سمرقند تي آخري جدوجهد ۽ ناڪامياب ٿيڻ

جڏهن شاهه اسماعيل صفويّ کي بابر جي شڪست جي خبر پهتي، تڏهن کيس به ازبڪن مان وري خوف جاڳيو، تنهنڪري پنهنجي خراسان جي واليءَ مير يار محمد کي، جو نجم ثاني جي لقب سان مشهور هو، هدايت ڪيائين ته ڪنهن نه ڪنهن طرح بابر مرزا کي مدد ڏيئي ترڪستان تي چڙهائي ڪر. ائين نه ٿئي ته متان ازبڪ وري زور نه وٺن. شاهه جي فرمان موجب ٻنهي گڏجي ترڪستان تي ڪاهه ڪئي پر رستي تي قارشئي جي مقام وٽ مير يار محمد گهڻن ئي سنين کي مارائي ڇڏيو، جن ۾ مشهور شاعر حضرت مولانا بينائي به شهيد ٿي ويو. هن قتل عام جي ڪري بابر جي دل کي اهڙو ته صدمو پهتو جو پنهنجو لشڪر موٽائي وٺي آيو. پر مير يار محمد ويو قلعن پٺيان قلعا وٺندو ۽ اذبڪ ويا پٺتي هٽندا. جڏهن سندس لشڪر وڏي مسافري ڪري ٿڪجي پيو، تڏهن ازبڪن مٿس حملو ڪيو، هو لشڪر سميت مارجي ويو. شهزادي بابر مرزا جي پنهنجي آبائي تختگاهه کي هٿ ڪرڻ لاءِ هيءَ آخري جدوجهد هئي، جنهن ۾ هن ناڪام ٿي ڪري آخر هندوستان ڏي رخ رکيو.

شاهه اسماعيل هٿان اُزبڪن جي شڪست

توران ۽ ايران ۾ ساندهه جنگيون لڳڻ شروع ٿيون تن جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته ايراني شيعا هئا ۽ ترڪمان سنت جماعت جا پابند هئا. سن 919هه مطابق سن 1513ع ۾ عبيدالله پنهنجي چاچي جاني بيگ ۽ تيمور سلطان واليءَ سمرقند جي مدد سان 30،000 اُزبڪن جي فوج سان آمو درياهه کي ٽپي مشهد تي ڪاهه ڪئي. سام مرزا ۽ درمش مرزا سندس فوجن جا مکيه عملدار هئا پر شاهه اسماعيل صفويّ هن وقت ترڪيءَ جي سلطان سليم خان سان جنگ ۾ مشغول هو ۽ ترڪ افواج اولهندي ايران تي ڪاهه ڪئي هئي. شاهه اچي مونجهاري ۾ پيو. اُزبڪن وجهه وٺي اوڀرندي خراسان تي قبضو ڪيو هو. پر آخر شاهه هٿان اُزبڪن شڪست کاڌي.


(1)  تيمور بيگ جي معنيٰ آهي فولاد جو امير. مغليه زبان ۾ فولاد کي تيمور ۽ بيگ امير کي چوندا آهن- گبن رومن ايمپائر

(1)  دهلي فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان امير تيمور هردوار تي ڪاهه ڪئي. جيئن ته مٿيون شهر هندن جو پاڪ آستان هو، تنهنڪري هندوستان جي هندو راجائن هن شهر کي بچائڻ لاءِ هر طرح امڪاني ڪوشش ورتي. ٽن ڏينهن جي گهمسان جي لڙائي کان پوءِ تيموري فوجن شهر تي قبضو ڪيو. تيموري فوجن ڪنهن به قسم جي شهر وارن سان دست درازي نه ڪئي پر ڪن مهنتن امير جي لشڪر سان ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي ۽ ڳچ جيترن سپاهين کي ماري وڌائون، پوءِ ته قتل عام جي بازار گرم رهي. هر دوار جون ڳليون جتي جانورن جو خون ڪرڻ به ممنوع هو، اُتي رت جا درياهه وهي هليا. هتي امير جي هڪڙي ڪنواري ڇوڪري سان دل لڳي ويئي، جنهن سان امير نڪاح وڌو. جا عظمت النساء جي نالي سان دنيا جي نامور راڻي ٿي گذري. نهايت ئي پاڪدامن ۽ دلير هئي. ترڪستان جي جنگين ۾ چڱو نالو ڪڍيو هئائين. امير تيمور کي هن سان گهڻي محبت هئي. هن راڻي مان کيس ٽي پٽ به ڄاوا جي پوءِ اندروني جنگين ۾ مارجي ويا.

اوراق پارينه اخبار ”رياست“ دهلي.

(1)  شروعات 1930ع ۾ جڏهن جمهوريه شوريه روس جي سفير قاراخان انقره ۾ جمهوريه ترڪي جي قائداعظم غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا سان ملاقات ڪئي تڏهن غازي لاءِ جيڪي سوغاتون آنديون هئائين، تن ۾ تربتِ تيمور جي هڪڙي بيش بها تصوير به هئي. ريوٽر ايجنسي.

(*)  امير تيمور جي پٽن مان ميران شاهه سڀني کان وڏو هو، جو امير جي جيئري عراق، آذربائيجان، ديار بيڪر ۽ شام تي حڪومت ڪندو هو. امير جي وفات کان پوءِ 20 اپريل 1408ع مطابق 24 ذي القعد 810 هه ۾ قرا يوسف ترڪمان هٿان شهيد ٿي ويو. هو تيموري شهزادن ۾ سڀني کان علم دوست هو. سندس پٽن مان ابوبڪر مرزا، علي مرزا ۽ عمر مرزا هڪ ٻئي پٺيان حڪومت ڪئي. شهزادي ميران شاهه 810هه ۾ نجم الدين طارمي هٿان علامهّ ابن اثير جي تاريخ ڪامل جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرايو هو.

(1)  ارغون شاهه به مغل هو ۽ چنگيز جي اولاد مان هو. سندس پڙڏاڏي جو نالو اَرغون خان هو. اَرغون شاهه امير تيمور جي اولاد جي پاران هرات ۽ قنڌار جو والي هو. امير ذوالنون به هن خاندان مان قنڌار ۽ هرات جو زبردست حاڪم ٿي گذريو. سن 1505ع ۾ جڏهن محمد خان شيباني اُزبڪن جي سردار خراسان تي ڪاهه ڪئي، تڏهن امير ذوالنون مغل سلطان جي طرفان وڙهندي شهيد ٿيو. کانئس پوءِ مرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار جو حاڪم ٿيو. کيس بابر مرزا هتان لوڌي ڪڍيو. هن سنڌ تي پوءِ ڪاهه ڪئي، پر ڄام نندي سنڌ جي حاڪم جي سنڌي سپهه سالار دريا خان جي هٿان شڪست کاڌائين. آخر سن 1508ع ۾ هن ڄام فيروز کان سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ ارغون گهراڻي جي هٿ هيٺ اچي ويئي: ”تاريخ سنڌ از شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب“.

(1)  هي شجرو مغربي دنيا وارن کي سن 1643ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر جان گريوز J. Graves کان معلوم ٿيو. سن 1665ع ڊاڪٽر ٿامس هائيڊ T.Hydes فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو. سن 1767ع ۾ مغرب وارن هن شجري ۾ ڦيرڦار ڪئي.

(1)  ملا جلال الدين دواني سلطان اَبو الغازي حسين مرزا جي درٻار ۾ علماء ۽ فضلاء جي جماعت ۾ ڪافي شهرت رکندڙ هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو مصنف هو. هن (اخلاق جلالي) نالي ڪتاب جوڙيو. سندس تعليمي نصب العين مان معلوم ٿو ٿئي ته تعليم ۽ تربيت هر هڪ انسان مرد خواهه عورت  لاءِ لازمي آهي ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو والدين تي فرض آهي. سندس مذهبي تعليم جو نظام خالص مذهبي آهي. هن جيڪي به پنهنجي ڪتاب ۾ مسئلا پيش ڪيا آهن، سي قرآن ۽ حديث مان ثابت ڪري ڏيکاريا اٿئين. تعليم نسوان جي باري ۾ ملا صاحب جيڪا روشني وڌي آهي، سا قابل تعريف آهي. تعليم نسوان جي باب ۾ ملا صاحب اهو به ڏيکاريو آهي ته تعليم يافته عورتن ۾ ڪهڙيون برايون ٿين ٿيون. جنهن جو اثر نظام سوسائٽي تي برو پوي ٿو. سندس قول آهي ته عورتن جي تعليم زندگي جي ضروريات مطابق جداگانه هئڻ گهرجي.

(1)  بطل حريت غازي اَنور پاشا مرحوم سن 1914ع ۾ جنگ عظيم جي زماني ۾ سلطنت عثمانيه جو وزير جنگ هو. سن 1918ع جي زماني ۾ جڏهن زارِ روس جي شهنشاهيت جو خاتمو ٿيو، تڏهن غازي موصوف بخارا وارن کي آزاديءَ لاءِ سجاڳ ڪرڻ آيو، پر روسين هٿان مارجي ويو. هينئر بخار، جي ويجهو مدفون آهي.

(1)  دولت عثمانيه ۽ ترڪستان جي تيموري سلطان جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو پهريون سلطان محمد فاتح ۽ سلطان ابو سعيد مرزا جي ڏينهن ۾ پيو. تان جوسلطان غازي سليمان اعظم جي عهد مهد تائين قسطنطنيه ۽ سمرقند جا ڊپلوميٽڪ تعلقات قائم رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org