سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ 1

صفحو ؛ 1

سنڌ صدين کان

ممتاز مرزا

 

 

انتساب

سنڌ جي عظيم دانشور، محقق ۽ مؤرخ

مرحوم پير حسام الدين راشدي

جي نالي

 

 

ناشر طرفان

 

عظمت جي سڀني خاموش تماشائين وانگر، سنڌ بھ ڪيترين ئي تھذيبن کي قائم ٿيندي، وڌندي ويجھندي، تباھھ ۽ برباد ٿيندي ۽ ٻين تھذيبن سان ملندي جلندي جو ڊگھو زمانو ڏٺو آھي. شايد ڌرتيءَ جي سمورن علائقن جي اھا ئي آکاڻي آھي، پر انساني تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ، ڪٿي بھ ايتري بلندي يا اوج تي ڪين پھتي، جيتري دنيا جي ھن حصي ۾ رسي ھئي. انھيءَ ڪري ئي اسان کي سنڌو ماٿري جي ھن صوبي جي ھن قديم ترين تھذيب تي فخر آھي، جيڪا اڄ بھ ايتري ئي اڇي اُجري ۽ نج نبار آھي، جيتري قديم زماني ۾ ھئي. موئن جي دڙي جي رھاڪن جي صاف سٿري رھائش ۽ مھذب شھري تمدن تي علم الانسان جي ماھرن توڙي تاريخ جي شاگردن کي حيرت ۽ تعجب آھي – ڇاڪاڻ تھ انھن بابت اڃا تائين پوريءَ طرح خبر نھ پئجي سگھي آھي تھ اھي ڪير ھئا، پنھنجي زندگي ڪيئن گھاريندا ھئا، سندن ڪرت ڪاروبار ڪھڙو ھو ۽ ڪھڙي ٻولي ڳالھائيندا ھئا، ڪھڙن ملڪن سان سندن ڏيتي ليتي ۽ وڻج واپار ھو ۽ آخرڪار ايڏي مڪمل تھذيبي ۽ تمدني نظام جو انت ڪيئن ٿيو. ان کان سواءِ، سنڌ جي تاريخ جا ٻيا بھ ڪيترا ئي اھڙا دور آھن، جن بابت تمام گھٽ معلومات ملي سگھي آھي. اھي، اسان جي تاريخ جا، اھڙا خال آھن، جيڪي اڄ تائين ڀرجي نھ سگھيا آھن. سنڌ جي تاريخ تي، اھم ۽ بنيادي دستاويز ”چچ نامون“ موجود آھي، پر ان جو بھ اصلي ماخذ موجود ناهي. انھيءَ زماني کان وٺي، تاريخ لکجي پئي، پر ان جو وڏو ڀاڱو افسانوي انداز جو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اسان جي تاريخ ۾، انھيءَ زماني جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن ۽ انھن جي عروج ۽ زوال جي نھايت معمولي جھلڪ ملي ٿي.

”سنڌ، صدين کان“ سيمينار جو مقصد ئي اھو ھو تھ ھن خطي جي تاريخي، ثقافتي ۽ تھذيبي روايتن کي ميڙي چونڊي، مرتب ڪري، انھن علمي خيالن سان بحث ڪجي ۽ خاص طور تي انھن عالمن جو ڌيان، پاڪستان ڏانھن ڇڪائجي، جيڪي انھيءَ ميدان ۾ ماھر سمجھيا وڃن ٿا. انھيءَ سيمينار وسيلي سنڌ جي مطالعي ۽ ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ دنيا کي ٻڌايو ويو تھ سنڌ خطو، جيڪڏھن وڌيڪ نھ تھ، تڏھن بھ ايترو شاھوڪار ضرور آھي، جيترا نيل ندي ۽ بابل جا خطا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھن خطي ۾ نھ رڳو قديم انساني تھذيب اُسري، پر ان جا آڳاٽا مدفن بھ ھن ئي خطي ۾ موجود آھن.

سنڌ تي ٿيل تحقيق تي جيڪڏھن اُڇاتري نظر وجھبي تھ معلوم ٿيندو، اڪثر محققن، ھن علائقي جي تاريخ مان روايتي نموني ۾ استفادو ڪيو آھي. اھو تاريخ سان انصاف نھ چئبو. نتيجو اھو نڪتو آھي تھ ھن دور جو پڙھندڙ، انساني ارتقاءَ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ جي باوجود، پنھنجي تجسس جي اُڃ پوري طرح سان اجھائي نٿو سگھي. اسان جي ماضيءَ جا يادگار، يقينًا اسان جي فڪر ۽ سوچ لاءِ سنگ ميل آھن. حال جي پيڙھھ تي، آئندي جي تعمير ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ڏس ۾ ماضيءَ جي گھراين تائين پھچڻ بھ نھايت ضروري آھي، جنھن جا پرزم وانگر سوين بدلجندڙ جادوئي رنگ آھن. انھن رنگن جي جادو سان انساني اک کي روشناس ڪرائڻ ھن وقت جي اھم ضرورت آھي. انھيءَ سلسلي ۾، ھر مؤرخ ۽ محقق جو نڪتئھ نظر جدا ۽ پنھنجي پنھنجي فڪر تي مبني ھوندو آھي، پر لٿي پٿي اھي سمورا داناء انسان ذات جي آئنده کي نئين رخ ڏيڻ جا خواھشمند يقينًا رھندا آيا آھن.

ڌرتيءَ جو داستان، سنڌ جي تاريخي سفر جي ڪھاڻي، انساني تھذيب ۽ تمدن جي پيڙھھ – سنڌو ماٿري، ۽ سنڌ، صدين کان جو تاريخي پس منظر، ھن ڪتاب جو مکيھ نقطئھ نظر آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل مقالا ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن جي مطالعي ۽ ڄاڻ جو بھترين نچوڙ آھن، اھو فيصلو آئنده جي محققن تي آھي، تھ جديد دور جي تنقيدي روين جي معيار تي ھي مقالا ڪيتري قدر ڪامياب ثابت ٿين ٿا.

ثقافتي تاثرات سدائين جيئرا جاڳندا رھيا آھن، اھي اھڙن روين ۾ ملوث نٿا ٿين، جيڪي وقتي ھوندا آھن، يا اڳ گذري چڪا آھن، پر اُھي زندگيءَ جا سچا ردعمل ھوندا آھن؛ اھي ردعمل زندگيءَ جي طويل پس منظر، تجربن ۽ ان جي معروف قدرن جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيندا رھندا آھن. انھيءَ لحاظ سان اُھي ڄڻ انساني حياتي جا سچا تاثرات بنجي ويندا آهن. وچور بدلجي سگھي ٿو، پر ان جي بنيادي حيثيت ساڳي رھي ٿي، خواه اھا تبديلي قابل قبول ھجي، يا انتھائي حد تائين پکڙيل، انھيءَ جي باوجود، اھا مٽ سٽ پنھنجي پر ۾، پنھنجي جدا رنگ ۾ رڱيل رھندي آھي.

ھن ڪتاب ۾ شامل مقالن جو انگريزي ڇاپو شايع ٿي چڪو آھي، ۽ ھيءُ اُنھن جو سنڌي ترجمو آھي، جيڪو شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپجي پڌرو ٿي رھيو آھي. ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز جي تحقيق جو بنيادي مرڪز، شاه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام لاءِ آھي، پر رسالي جي تاريخي پس منظر ۽ سنڌ جي سماجي نظام کي بھتر طور سمجھڻ لاءِ اسان ھن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو بار پنھنجي ذمي ڪيو، اسان کي يقين آھي تھ اسان جي ھن ڪوشش کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت خواه ادب سان دلچسپي رکندڙ حلقا تحسين جي نظرن سان ڏسندا.

عبدالحميد آخوند

ڪراچي

28-11-1982ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org