سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 8

 

تاريخي سنڌو سنبت

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

البيروني پھريون مورخ ھو، جنھن اُنھن مختلف سَنن جو تفصيلي اڀياس ڪيو ھو، جي ايامن کان ھندوستان ۾ رائج ھئا. ھن پنھنجي تصنيف ڪيل ٻنھي ڪتابن ”انڊڪا“ (Indica) ۽ ’القانون‘ (Canon) ۾ ھر ھڪ ڪتاب ۾ ھڪ مضمون مختصر طور انھيءَ سلسلي ۾ صرف ڪيو آھي. ’القانون‘ واري مضمون ۾ ھن فقط ساڪا سنبت (Saka Era) متعلق بحث ڪيو آھي(1) ۽ ’انڊيڪا‘ ۾ وري انھن مختلف تاريخي سنن بنسبت واضح طور ذڪر ڪيو اٿس، جي ھندوستان جي جدا جدا حصن ۾ استعمال ۾ ھئا. (2) پنھنجو رايو پيش ڪندي ڄاڻايو اٿس تھ ھتي جي رھاڪن زماني جي ھر دور ۾ جيڪي سن عمل ۾ پئي آندا آھن، اُھي ڳاڻاٽي ۾ ضرور بي انداز ھوندا، ”ڇاڪاڻ تھ ھندن جا تاريخي دور نھايت قديم زماني کان شروع ٿين ٿا.“ مکيھ سن؛ جيڪي انھن وقتن ۾ واقعي ڪتب آندا ٿي ويا، سي پنج عدد ھئا. اُھي ھن طرح آھن:

1.        ھرشا سنبت               مٿرا ۽ قنوج ۾

2.       وڪرمي سنبت            ڏاکڻي ۽ الھندي وارن علائقن ۾

3.       ساڪا سنبت              اتر ھندوستان جي ڪشمير سميت سمورن علائقن ۾

4.       ولڀي سنبت               فقط گجرات تائين محدود ھو

5.        گپتا سنبت               گجرات ۽ ڪن ٻين علائقن ۾

انھن پنجن سنبتن ۾ گمان غالب آھي تھ ساڪا سنبت يا ساڪاڪل انھن حالتن جي پيداوار آھي، جي واقعا ان زماني ۾ سنڌ اندر رونما ٿيا، جڏھن منجھس ھڪ ڌارئي بادشاه جو دور حڪومت جاري ھو ۽ (ھڪ روايت مطابق) سندس گاديءَ جو ھنڌ پڻ سنڌ ۾ ھو.

اھو واقعو سن 78/79ع ڌاري ٿيو. انھن حالتن جو ذڪر ڪندي، جن جي ڪري ساڪا سن وجود ۾ آيو، البيروني ڄاڻائي ٿو تھ:

”مٿئين (حاڪم) جي ظالم حڪومت سندن ملڪ تي حاوي ھئي، جيڪو سنڌو نديءَ کان ويندي سمنڊ تائين پکڙيل ھو. جڏھن ھن ”آريھ ورت“ کي، جو سندس حڪومت جي مرڪزي حصي ۾ واقع ھو، پنھنجي جاءِ رھائش لاءِ منتخب ڪيو، سندس جاري ڪيل ھڪ فرمان مطابق ھندن لاءِ ھي ناممڪن ھو تھ اھي پاڻ کي، ساڪا ھئڻ يا ساڪا سڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ تصور ڪري سگھن. ڪن جو حاڪم متعلق ھي پڻ خيال آھي تھ اھو منصوره شھر جو ھڪ سودر ھو. ٻين جو رايو ھي ھو تھ ھو ھندو ھرگز ڪين ھو ۽ ھو الھندي طرف وارن ملڪن کان ھندوستان ۾ وارد ٿيو ھو. ھندن کي ھن جي دور حڪومت ۾ ڪافي نقصان رسيو. ان وقت تائين – جڏھن وڪرما جيت سندس خلاف پيش قدمي ڪري، کيس ڀاڄ لاءِ مجبور ڪيو ۽ آخرڪار کيس ”ڪروڙ“ جي علائقي ۾، جيڪو ملتان ۽ ڪوٽ لوڻيءَ درميان آھي، شڪست ڏئي کيس قتل ڪيو. ان واقعي بعد ظالم جي انت اچڻ واري تاريخ ايتري قدر عام مشھور ٿي، جو بطور سنبت جي استعمال ۾ آندي ويئي، خاص طور علم ھيئت جي ڄاڻن طرفان.“(3)

جيئن تھ ھن سنبت کي جوتشين طرفان عمل ۾ آڻڻ جي شروعات ڪئي ويئي، انھيءَ ڪري ساڪا سنبت عام طور نھايت وسيع پئماني تي استعمال ۾ اچڻ لڳو. حالانڪ ھن سنبت جون جنتريون جي رواجي طور ڪتب آنديون ٿي ويون، تن جي ابتدا وارا مھينا مختلف علائقن ۾ مختلف نوعيت وارا ھوندا ھئا. (4)

ست سؤ سالن بعد سنڌ ۾ ٻئي ھڪ نئين سنبت جي ابتدا ٿي. جيئن تھ ان جي پيدائش سنڌي ھئي، ان ڪري کيس سنڌ ملڪ جو سنبت سڏيو ويو (و سن ملک سندھ)

’البيرونيءَ جي ھند‘ واري ڪتاب ۾ ان سنڌو سنبت متعلق ذڪر آيل آھي، جنھن حقيقت ڏانھن اڄ سوڌو ڪنھن جو ڌيان نھ ويو آھي. اھڙو اشارو ”الارڪنڊ“ جي ھڪ مضمون ۾ موجود آھي، جنھن ۾ برھم گپتا جي علم ھيئت واري تصنيف کنڊ اکنڊيڪا جي عربي ترجمي جو ذڪر ڪيل آھي. اھرگنا (يعني سال جي مھينن ۽ ڏينھن جو ڳاڻاٽو) جي حساب ڪرڻ واري طريقي متعلق بحث ڪندي البيروني ڄاڻائي ٿو تھ:

”زيج الارڪنڊ (Zij Alarkand) جو طريقو ھڪ اڌو گابري ترجمي مطابق ھن طور آھي: جيڪڏھن اوھين ارڪنڊ يعني اھرگنا سمجھڻ چاھيو ٿا تھ پوءِ اول 90 جي انگ کي 6 سان ضرب ڪريو. جيڪو جوڙ اچي، ان ۾ 8 شامل ڪريو ۽ ان سان گڏ سنڌو سنبت جا سال پڻ گڏيو، يعني اھو وقت جيڪو 117 ھجري جي ماه صفر تائين آھي، سو 109 سال جي ماه چيٽ مطابق آھي. ان مان 587 وضع ڪريو تھ بقايا جو انگ بچندو، اھي ’ساڪا‘ يا ’شاڪا‘ سنبت جا سال ھوندا.“(5)

ظاھر آھي تھ ھتي عربي ترجمان جي خواھش ھيءَ ھئي تھ کنڊ اکنڊيڪا جو طريقو وڌيڪ واضح ڪري تھ جيئن مقامي سنڌو سنبت جي مثال مطابق اھرگنا جو حساب لڳائي سگھجي. اھو ھڪ فطري امر آھي تھ ھو سنڌو سنبت جو چالو مھينو ۽ سال حساب ۾ آڻي، ڇاڪاڻ تھ ھي سال اھو ئي ساڳيو ھو، جنھن ۾ کنڊ اکنڊيڪا جو عربي ترجمو ٿي رھيو ھو ۽ اھو سال 109 ساڪا سنبت ۽ ماه چيٽ جو ھو، جيڪو سال 117 ھجري ۽ ماه صفر جي مطابق آھي. البيرونيءَ ان ڏس ۾ وڌيڪ جيڪا راءِ زني ڪئي آھي، سا ھن طور آھي:

”مون کي خاطري آھي تھ جو ’شاک‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آھي، سو ’ساڪا‘ جي نعم البدل آھي. ماه صفر جي تاريخ پھرين جا مصنف ڄاڻائي آھي، اھا تاريخ 8 ’ديماه‘ يزدگرد سن سان ھوبھو ملندڙ آھي. انھيءَ ڪري ھو ماه چيٽ کي ديماه جي نئين چنڊ تي منحصر ڪرڻ گھري ٿو. حالانڪ ايراني مھينا انھيءَ زماني کان وٺي اصلي وقت کان اڳڀرا پئي رھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ ڏينھن جا چوٿائي حصا (365 مڪمل ڏينھن کان پوءِ) ڪڏھن بھ حساب ۾ شامل نھ ڪيا ويا آھن. مصنف جي راءِ مطابق سنڌو سنبت جنھن بنسبت ھو ذڪر ڪري رھيو آھي، ان کي يزدگرد جي سن کان ڇھھ سال اڳ ھئڻ گھرجي.“(6)

ھتي ھي ڄاڻائڻ ضروري آھي تھ ماه صفر ھجري 117 جي پھرين تاريخ دراصل مطابق آھي ماه چيٽ سنڌو سنبت 109 جي 4 تاريخ جي، جيڪو اربع جو ڏينھن ھو. ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي تھ ماه صفر ھجري 177 جي پھرين تاريخ برابر ھئي سنڌو سنبت 109 پھرئين مھيني جي 4 تاريخ جي. ان حساب مطابق سنڌو سنبت 109 جو پھريون ڏينھن 657 شاڪاڪلا ماه چيٽ جي تاريخ پھرين ڏينھن آچر کان شروع ٿئي ٿو، جو برابر آھي ديماه 103 سن يزدگرد، 27 فيبروري 745ع ۽ 28 محرم الحرام 117 ھجريءَ جي. ھجري سن جي نقطھ نظر کان سنڌو سنبت جي ابتدا 4 ھجري ۽ 626 عيسويءَ ۾ ٿي.

سنڌو سنبت جو پھريون ڏينھن يعني ماه چيٽ ٻڙي، سنڌو سن جو پھريون ڏينھن ھو. اڱارو، ماه چيٽ جي پھرين تاريخ 548 شاڪاڪلا (گذشتھ) ۽ 20 آذر ماه 7 قبل از يزدگرد (يعني يزدگرد کان اڳ) برابر آھي 4 مارچ 626 عيسوي يا ماه رمضان 4 ھجري. (7)

ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو تھ اھي ڪھڙيون حالتون ھيون، جن ماتحت سنڌو سنبت جي ابتدا ٿي؟ عام طور مڪاني، تاريخي، سماجي ۽ سياسي پس منظر جي روشنيءَ ۾ جيڪڏھن ڏٺو ويندو تھ ھندوستان ۾ نوان سن تڏھن وجود ۾ آندا ويا آھن، جڏھن ڪنھن ٻاھرئين حملھ آور ظالم کي مقامي عام مقبول حاڪم طرفان ماري مات ڪيو ويو آھي؛ يا وري ڪنھن ظالم ۽ جابر حاڪم جي حڪومت جو انت آندو ويو آھي؛ يا وري ڪنھن وڏي آفت کي ٽاريو ويو آھي. جيئن البيروني ڄاڻايو آھي تھ ھندوستان ۾ جيڪي بھ قديمي سن استعمال ۾ رھيا آھن؛ اھي پڻ اھڙي نموني وجود ۾ آيا آھن. (8) پر پوءِ سنڌ ۾ اھو ڪھڙو حاڪم ھو، جڏھن سنڌو سنبت جاري ڪيو ويو ۽ اھو ڪھڙو خاص ڪارنامو ھو، جو 4 ھجري يا 262ع ۾ رونما ٿيو، جنھن جي ياد قائم رکڻ لاءِ سنڌو سنبت جي شروعات ڪئي ويئي؟

4 ھجري مطابق 626ع ۾ سنڌ جو حاڪم

مسلمانن جي آمد (712ع/93ھھ) کان اڳ سنڌ جي حاڪمن جو تاريخي سلسلو گھڻي قدر منجھيل آھي، ڇاڪاڻ تھ واسطيدار دستاويزي ثبوت موجود نھ آھن. مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد کان پيشتر فقط ٻن گھراڻن برھمڻ گھراڻي ۽ راءِ گھراڻي، جن سنڌ تي حڪومت ڪئي ھئي، تن متعلق تفصيلي حال احوال جو واحد ذريعو آھي. ’فتحنامھ سنڌ‘ يا جنھن کي عام طور ’چچنامو‘ چيو وڃي ٿو. ھن ڪتاب جي مدنظر سنڌ جي حڪمرانن جا نالا ۽ سندن عھدِ حڪومت جا سال ھن طرح ڄاڻايل آھن:

راءِ گھراڻو

سھارس راءِ پٽ ڏيوا – يا (ڏياچ) راءِ

سھاسي راءِ پٽ سھارس راءِ

سھر راءِ پٽ سھاسي راءِ

سھاسي راءِ پٽ سھارس راءِ

برھمڻ گھراڻو

چچ جي حڪومت چاليھھ سال

چندر جي حڪومت ساڍا ست سال

ڏاھر جي حڪومت 85 ھجري/704عيسوي

ڏاھر جو جنگ ۾ موت ڏينھن خميس ماه رمضان 93 ھجري/712 عيسوي.

مٿي ڄاڻايل انگن اکرن کان سواءِ فتحنامي ۾ ڪي ٻيون تاريخون پڻ ذڪر ڪيل آھن، جي ڪنھن بھ حالت ۾ صحيح ٿي نھ ٿيون سگھن. مثال طور ڄاڻايو ويو آھي تھ چچ سنڌ جو حاڪم ھجري 2 ۾ تخت تي ويٺو ۽ 35 سال سانده حڪومت ڪرڻ بعد ھجري 15 مطابق 636ع ۾ پڻ بدستور سنڌ تي حڪومت ٿي ڪيائين، جڏھن مغيره بن ابي العاص ديبل تي دريائي فوج سان حملو ڪيو ھو. (9) جيڪڏھن چچ چاليھھ سال حڪومت ڪئي تھ پوءِ سندس موت 20 ھجري مطابق 641ع ۾ ٿيو ھوندو ۽ سندس بعد جي حاڪم چندر 27 يا 28 ھجري بمطابق 647ع يا 648ع ڌاري وفات ڪئي ھوندي. ڏاھر جيڪو چندر جي مرڻ بعد تخت تي ويٺو ۽ فرض ڪريو تھ تاجپوشيءَ وقت سندس عمر 15 سال ھئي تھ پوءِ 93 ھجري مطابق 712ع ۾ سندس عمر 80 سالن کان بھ زياده ھئڻ گھرجي، جڏھن محمد بن قاسم سان جنگ ۾ وڙھندي مري ويو. ليڪن انھيءَ فيصلھ ڪن جنگ جا تفصيل فتحنامھ ۽ ٻين حوالن ۾ ڄاڻايل آھن، انھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تھ ان وقت ڏاھر جوانمرد ۽ ڪافي ننڍي عمر جو ھو. (10)

طبري ”درياء واري جنگ“ جيڪا مڪران ۾ لڳي ھئي، تنھن جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ سنڌ جي بادشاه جو حوالو ڏنو اٿس، جو 23 ھجري مطابق 644ع ۾ تخت نشين ھو. (11) ھي حوالو تاريخي نقطھ نظر کان نھايت اھم آھي. ان حاڪم جو نالو ”راسل“ ڄاڻايل آھي. ڏسجي ائين پيو تھ سنڌ ۾ اھو نالو ان زماني ۾ عام مقبول ھو، ڇاڪاڻ تھ بلاذريءَ جي بيان ۾ اھڙا نالا ڪيترن ئي ماڻھن سان منسوب ڪيا ويا آھن، جن مان ڪوبھ سنڌ جو حاڪم ڪونھ ھو. (12) پر ڇاڪاڻ تھ طبريءَ جيڪو ”درياءَ واري جنگ“ جو تذڪرو ڪيو آھي، ان جا تفصيل عجيب وغريب نوعيت جا آھن، انھيءَ ڪري ان ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش ناھي تھ جنھن حاڪم کي ’راسل‘ سڏيو وڃي ٿو، اھو واقعي 23 ھجري مطابق 644ع ۾ سنڌ جو حاڪم ھو. گمان غالب آھي تھ طبري وارو ”راسل“ (راد راساھ) ٻيو نھ بلڪ راءِ سھاسي آھي، جو راءِ گھراڻي جو آخري تاجدار ھو.

جيڪي دستاويزي ثبوت موجود آھن، تن جي مدنظر ۽ قابل اعتبار حوالن تي ڀروسو رکندي، سنڌ جي حاڪمن جي 4 ھجري مطابق 626 تائين، مختلف حڪمراني ڪرڻ واري مدت کي ھن طرح ترتيب ڏيئي سگھجي ٿو:

برھمڻ گھراڻو

ڏاھر    13 سال                80-93 ھجري مطابق 699-712ع

چندر   ساڍا 7 سال    72-80 ھجري مطابق 691-699ع

چچ     40 سال                32-72 ھجري مطابق 652-691ع

راءِ گھراڻو

راءِ سھاسي (آخري حاڪم) 28 سال  4-32 ھجري مطابق 626-652ع

راءِ سھارس                    4 ھجري مطابق 626ع (مري ويو)

4 ھجريءَ وارو واقعو

ھي اھو سال ھو، جڏھن راءِ سھارس مري ويو ھو ۽ سندس پٽ راءِ سھاسي تخت تي ويٺو. فتحنامي مطابق راءِ سھارس جو موت ھيٺ ڄاڻايل حالتن ۾ ٿيو:

”سھارس راءِ ولد سھاسي راءِ جنھن جي حڪومت جون الھندي واريون سرحدون ڪُرد جبلن ۽ قيقا نان (قلات ۽ مڪران) تائين وسيع ھيون، تنھن پنھنجي گاديءَ وارو ھنڌ اَروڙ ۾ نھايت ڪاميابي نموني بدستور حڪومت ٿي ھلائي. جڏھن اوچتو ئي اوچتو فارس طرف کان نيمروز جي بادشاه جي فوج اچي ڪرمان ۾ وارد ٿي(13) ۽ سھارس کي اھا خبر پھتي تھ ھن پاڻ پنھنجي سر پيشقدمي ڪري حملھ آور فوج سان سخت جنگ جوٽي، جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا ڪئي جنگي جوڌا ڪسجي ويا. ان بعد ايرانين سخت حملو شروع ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ سھارس جي فوج گھيري ۾ اچي ويئي. پنھنجي مان شان ۽ عزت برقرار رکڻ خاطر سھارس پنھنجا قدم مضبوط کُپائي اَڏول ٿي بيھي لڙيو ۽ ان وقت تائين خونخوار جنگ ڪندو رھيو، جيستائين پاڻ قتل ٿي ويو. ان بعد ايرانين جو بادشاه نيمروز(14) واپس ٿيو (پنھنجي وطن ڏانھن). راءِ سھاسي، سھارس جو پٽ، بعد ۾ پنھنجي پيءُ واري راج گديءَ تي ويٺو ۽ پنھنجي ملڪ جو طاقتور حاڪم ثابت ٿيو.“(15)

ھڪ فاتح حاڪم بجاءِ ان جي، جو سنڌين جي ملڪ طرف پيشقدمي ڪري، پنھنجي ملڪ ڏانھن واپس موٽي، اھو ڏيکاري ٿو تھ سھارس جنھن طريقي پنھنجي موت تائين بھادريءَ سان جنگ ڪئي، ان جو نتيجو اھو نڪتو جو حملھ آور فوج کي اڳتي وڌڻ جي جرئت ئي ڪانھ ٿي. سھارس جي ھار ۽ موت دراصل فتح ۾ تبديل ٿي ويا، جنھن ڪري راءِ سھاسي، جيڪو شڪست کاڌل جوڌي جو پٽ ھو، سو پنھنجي ملڪ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي ويو ۽ 4 ھجري مطابق 626ع ۾ نئين سنڌو سنبت جي ابتدا ٿي.

5 صدي عيسوي کان وٺي سنڌين جي حڪومت ۽ فارس جي ساسانين جي وچ ۾ دوستانا ناتا ھئا. اھڙا تعلقات تڏھن کان ئي شروع ٿيا، جڏھن بھرام گور (430-438ع) سنڌ ۾ وارد ٿيو ھو، جيئن جو راءِ چنگل (شايد راءِ ڏيوائي جو ڏاڏو ھو) سنڌ جي حاڪم کيس پنھنجي ڌيءُ جو سڱ ڏنو ھو. (16) ھن واقعي کان بعد سنڌ حڪومت ۽ ساسانين جي شاھي درٻار درميان ڳوڙھا ۽ قريبي سياسي تعلقات دائمي طور تي قائم ٿي ويا. ان وقت کان وٺي سنڌ جي حڪمرانن پاڻ کي ايران جي شاھي خطاب ”ڄام“ سڏائڻ شروع ڪيو ۽ ايران جي شاھي درٻار ڏانھن سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا رھيا. (17) بعد ۾ جڏھن ساسانين جي طاقت جو زوال شروع ٿيو تھ سنڌي حڪمرانن پنھنجي خودمختياري جو علم بلند ڪيو، جنھن باعث ساساني گھراڻي جي آخري ۽ ڪمزور حاڪمن پنھنجو اختيار طاقت جي ذريعي مڃائڻ لاءِ حملا ڪيا ۽ نيمروز يعني سيستان جي گورنر واري ڪاھھ اھڙي پروگرام جو ھڪ حصو ھو. راءِ سھارس ان حملي جو مقابلو ڪيو ۽ بھادريءَ سان وڙھندي پنھنجي جان ڏنائين. (18) ليڪن اھو ئي واقعو ھو، جنھن جي بدولت سنڌ ۾ سياسي غلامي جي دور جو خاتمو ٿيو. راءِ سھاسي جو پٽ راءِ سھارس ھو، تنھن بحيثيت ھڪ خودمختيار بادشاھھ جي حڪومت ھلائڻ شروع ڪئي ۽ ھاڻي اھي ساسانين جي شاھي درٻار واري راڄ ماتحت نھ ھئا. اھو ئي سبب ھو، جنھن ڪري انھيءَ سال کان وٺي سنڌو سنبت (نئين سن) جي شروعات ڪئي ويئي، جيڪو اسان جي بحث جو موضوع آھي.

سنڌو سنبت جي اھميت

جيتوڻيڪ ھندوستان ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترا ئي سن عمل ۾ پئي آيا آھن، تڏھن بھ فقط ست سن اھڙا آھن، جي عام طور مشھور آھن، اھي ھي آھن:

ياوانا سنبت، ھرشا سنبت، وڪرماجيت سنبت، ساڪا سنبت، ولڀي سنبت، گپتا سنبت ۽ سنڌو سنبت. انھن مان پنجن جي شروعات ھندوستان کان ٿي، يعني ھند جي ٻين علائقن کان ٿي. باقي سنبت توڙي جو انھن حالتن جي پيداوار آھن، جي سنڌ ۾ ھيون، تڏھن بھ ظالم حاڪم ۽ ظلم کان نجات ڏيندڙ جوڌو جوان، اھي ٻئي سنڌ جي نڪتھ نظر موجب ڌاريا ماڻھو ھئا. اھو فقط سنڌو سنبت ئي آھي، جيڪو ....... جي بادشاھيءَ وارين سرحدن اندر شروع ٿيو ۽ بعد ۾ انھن ٻين علائقن ۾ پڻ رائج ٿيو، جي ھن وقت پاڪستان جا حصا آھن. سورمو بھ بذات خود سنڌي ۽ سنڌ جو حاڪم ھو، جنھن پنھنجي جندجان سنڌ تان صدقي ڪئي ۽ سنڌ کي اھڙي طرح ڌارين جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو.

انھن سڀني نڪتن جي لحاظ کان سنڌو سنبت ھڪ واحد سنھ آھي جو بنيادي طور تي پاڪستان جو ورثو آھي. انھيءَ حقيقت جي مدنظر سنڌو سنبت جي بنياد تي ھڪ شمسي جنتري ترتيب ڏئي، ان کي سرڪاري طور ”پاڪستاني قومي جنتري“ جي حيثيت ڏني وڃي تھ جيئن زرعي، مالي، خزاني ۽ ٻين انتظامي مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگھي، جھڙي طرح شمسي جنتري ايران ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي. ان حد تائين جو گريگورين جنتري جي بجاءِ پڻ ڪم اچي سگھي ۽ اھو فقط بين الاقوامي مقصدن لاءِ بدستور قائم رکيو وڃي، جھڙي طرح ھجري جنتريءَ کي مذھبي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

سنڌو سنبت، جيڪو پھرين تاريخ چيٽ کان شروع ٿئي، ان جي نوعيت قمري – شمسي آھي. ھيٺ ڄاڻايال تقابلي يا برابري جون تاريخون اڳيئي بيان ڪيون ويون آھن.

قمري – شمسي جنتريءَ جو ھڪ نمونو

سنڌو، عيسوي، ساڪا ۽ ھجري سنبتن جون ھڪ ٻئي سان برابر تاريخون

سنڌو سنبت گذشتھ سال جو پھريون ڏينھن (چيٽ جي پھرين تاريخ )

ھفتي جو ڏينھن

عيسوي سنھ

ساڪا سنبت

ھجري سنھ

00 (گذشتھ)

اڱارو

4-3-626ع

1 چيٽ 548

29 رمضان ؟؟ ھھ

109 (گذشتھ)

آچر

27-2-735ع

1 چيٽ 657

28 رمضان 117ھھ

سنڌو سنبت جي ابتدا کان وٺي اڄ ڏينھن تائين جملي سنبتن جھڙوڪ سنڌو، عيسوي، ساڪا ۽ ھجريءَ جي تقابلي تاريخن جي حساب لاءِ جدول ترتيب ڏيڻ ھڪ مونجھاري وارو معاملو ٿيندو، جو عام ماڻھن جي رواجي استعمال لاءِ سھوليت وارو نھ ٿيندو. ان جي بدران جيڪڏھن سنڌو سنبت جي بنياد تي، جنھن ۾ مھينن جا ساڳيا نالا بدستور قائم رکيا وڃن، ھڪ سولي شمسي جنتري ترتيب ڏني ويندي تھ اھا عام رواجي استعمال لاءِ سھوليت واري ٿيندي. منھنجي درخواست ڪرڻ تي مسٽر سيد صمد حسين رضوي، جو پاڪستان جو مشھور معروف عالم ھيئت واري مطالعي سان چڱيءَ ريت آشنا آھي، تنھن نھايت محنت ڪري ھڪ اھڙي سولي قسم جي شمسي جنتري ترتيب ڏني آھي، جيڪا 700 سال (قبل از سنڌو سنبت) کان ويندي 1400 سالن (سنڌو سنبت گذشتھ) تائين حساب ڪئي ويئي آھي ۽ جنھن جو ھڪ مختصر ۽ مثالي نمونو ھيٺ ڄاڻايو وڃي ٿو، جو اُن جنتريءَ مان ورتو ويو آھي:

سنڌو سنبت جي بنياد تي ترتيب ڏنل شمسي جنتريءَ جو ھڪ نمونو

چيٽ سنڌو سنبت سال ق ۽گ

ھفتي جا ڏينھن

ھجري تاريخ، ماھ، سال ھلندڙ

عيسوي سن تاريخ، ماھ، سال ھلندڙ

625ق[1]

خميس

-

24-3-001ع

003 ق

ڇنڇر

14-10-6 ھھ

19-3-624ع

000 گ[2]

اربع

14-10-4 ھھ

19-3-626ع

001 گ

خميس

25-10-6 ھھ

19-3-427ع

1257 گ

خميس

13-5-1300ھھ

22-3-1883ع

1274 گ

خميس

20-11-1317ھھ

22-3-1900ع

1349 گ

ڇنڇر

9-3-1395ھھ

22-3-1975ع

مٿين ڄاڻايل جدول جي آخري تقابلي تاريخن مان ڪوبھ ماڻھو ھن تاريخي سيمينار جون ’سنڌو سنبت‘ واريون تاريخون ليکو ڪري سگھي ٿو، جيئن ھيٺ ڄاڻايو وڃي ٿو:

سنڌو سنبت

ھجري سال

عيسوي سنھ

12 ڦڳڻ 1348

18-2-1395ھھ

2-3-1975ع

13 ڦڳڻ 1348

19-2-1395ھھ

3-3-1975ع

14 ڦڳڻ 1348

20-2-1395ھھ

4-3-1975ع

15 ڦڳڻ 1348

21-2-1395ھھ

5-3-1975ع

16 ڦڳڻ 1348

22-2-1395ھھ

6-3-1975ع

17 ڦڳڻ 1348

23-2-1395ھھ

7-3-1975ع

18 ڦڳڻ 1348

24-2-1395ھھ

8-3-1975ع

اھڙي طرح اسان جي سيمينار جي رسمي شروعات 12 ڦڳڻ 1348 سنڌو سنبت، مطابق 18 صفر 1395 ھجري، مطابق 2 مارچ 1975ع جي ڪئي ويئي ھئي.

ضميمو:

سيد صمد حسين رضوي

1- ابتدائي ويچار

البيرونيءَ پنھنجي تصنيف ۾ ”انڊيڪا“ ۽ ”سنڌو سنبت“ جو ذڪر ڪيو آھي، جو سنھ يارھين صدي عيسويءَ جي شروعات ڌاري، سندس ھندوستان ۾ آمد واري زماني ۾ مروج ھو. ھن سنڌو سنبت جي عملي صورتحال متعلق ڪوبھ تفصيلي حال احوال نھ ڏنو آھي. ليڪن تڏھن بھ اھڙو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل نھ آھي تھ ڪھڙي قسم جا سال يا مھينا استعمال ڪيا ٿي ويا. سنڌو سنبت، ھندوستاني بنياد جي ٻين سنبتن جيان، فقط ٻن طريقن ۾ ڪتب آڻي سگھجي ٿو. ھن سنبت کي استعمال ڪرڻ جو ھڪڙو طريقو ھي آھي تھ قمري – شمسي مھينن کي قمري – شمسي تاريخن سان ملحق ڪري سنبت عمل ۾ آندو وڃي، جنھن کي ”تٿيون“ چيو ويندو آھي؛ ۽ ٻيو طريقو ھي آھي تھ رسمي شمسي مھينن کي ملڪي ڏينھن سان گڏ ليکيو وڃي، جتي ھر شمسي مھيني کي مقرر ڪيل انداز شھري ڏينھن جو ھوندو جو تخميني روءِ مدت جو ھوندو، جيڪو عرصو سج کي نظام شمسيءَ جي ھرھڪ گرھھ مان گذرڻ ۾ صرف ٿيندو. جيڪڏھن ان ۾ ”اعتدال شب وروز“ جو بھ حساب شامل ڪيو ويندو تھ پوءِ شمسي مھينا موسمن سان زياده ٺھڪي ايندا ۽ پوءِ شمسي سال کي گرم ملڪن جو سال سڏجي ٿو. جيستائين قمري – شمسي مھينن ۽ تٿين جو سوال آھي تھ سندن حساب لڳائڻ نھايت مونجھاري ۽ خفي وارو مسئلو آھي ۽ اھي فقط جوتش، نجوم يا مذھبي مقصدن جي نڪتھ نظر مطابق ڪتب آندا ويندا آھن، جي ھڪ عام ماڻھوءَ جي آڏو اھميت نھ ٿا رکن.

سنڌو سنھ جي جنتري گرم ملڪن واري سال جي بنياد تي قائم ٿيل آھي، جيڪا سڀني عملي مقصدن لاءِ اختيار ڪري سگھجي ٿي. مون ھن جنتريءَ کي البيروني طرفان ڏنل احوال جي بنياد تي راس ڪيو آھي، يعني ٻين لفظن ۾ ھن جيڪو ھڏانئون پڃرو اسان جي حوالي ڪيو ھو، تنھن جي ھڏن تي مون ماس چاڙھيو آھي.

مون سنڌو سنبت جي تقابلي عيسوي ۽ ھجري سنن جون 2200 سالن جي مدت تائين جدولون تيار ڪيون آھن، جي 700 بي.ايس (سنڌو سنبت کان اڳ) کان ويندي چوڏھن سؤ نوانوي ايس.اي (سنڌو سنبت) واري ايام سان لاڳو آھن ۽ 76 (ق.۾) کان 2125 واري زماني سان نسبت رکندڙ آھن، جنھن ۾ سنڌو سنبت جي واڌو سال (366 ڏينھن وارو سال) سامھون خاص نشان ڏنل آھن. انھن تقابلي جدولن جي مدد سان، جيڪڏھن اھڙي ضرورت آھي تھ ھڪ سنبت کان ٻئي سنبت جي تاريخ ھڪدم حساب ڪري سگھجي ٿي. مون ڪجھھ نقشا پڻ تيار ڪيا آھن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل ٽنھي سنبتن جي مھينن ۽ تاريخن جي نظام کي ھفتي جي ڏينھن سميت واضح ڪري سگھجي ٿو. انھن مان ھڪ نقشي ۾، سنڌي جنتري جي مھينن ۽ ڏينھن جي گريگورين جنتريءَ سان جيڪا موافقت آھي، سا ڄاڻايل آھي؛ ڇاڪاڻ جو اھي ٻئي جنتريون بنيادي طور ھڪجھڙيون آھن ۽ ٻنھي جا واڌو سال پڻ ھڪٻئي سان ٺھڪي اچن ٿا. مثال طور سنڌو سنبت جي پھرئين مھيني جي پھرين تاريخ (چيٽ جي پھرين) ھميشھ 22 مارچ تي ٿيندي، سواءِ واڌو سال جي، جنھن ۾ وري 21 مارچ جي برابر بيھندي. ليڪن بقايا يارھن مھينن جي تاريخ جي مدنظر ٻنھي سنبتن جا تقابلي ڏينھن ساڳيا ۽ سواءِ بدلجڻ جي رھندا ۽ واڌو سال اندر پڻ اھا ئي نوعيت برقرار رھندي.

ھيءَ اھم ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ بلڪل ضروري آھي تھ سنڌو سنبت جا انگ اھو صاف طور واضح ڪن ٿا تھ ڪيترا مڪمل سال موجوده سال جي شروعات کان اڳ گذري چڪا آھن، ليڪن عيسوي سنھ جي حالت يا وري ھجري سال جي حيثيت ۾ جي انگ ھوندا، اھي اھڙو انداز سالن جو ڄاڻائيندا جن ۾ ھلندڙ سال پڻ شامل ھوندو. ٻين لفظن ۾ سنڌو سنبت ٻڙي سال سان شروع ٿئي ٿو، ليڪن ٻين ٻن سنبتن جا سال بجاءِ ’ٻڙي‘ سال جي ھڪ سال سان شروع ٿين ٿا. ظاھر آھي تھ سائنسي لحاظ کان ٻڙيءَ سان شروعات ڪرڻ بھتر آھي، بنسبت ھڪ جي.

2- مھينن ۽ تاريخن جي ترتيب

سنڌو سنبت جي جنتريءَ ۾ ھڪ سال اندر ٻارنھن مھينا ٿين ٿا. پھريون مھينو ھر عام سال ۾ 30 ڏينھن جو ۽ ھر واڌو سال ۾ 31 ڏينھن جو ٿيندو ۽ ان کان پوءِ جا پنج لاڳيتا مھينا في مھينو 31 ڏينھن جو ٿيندو ۽ بقايا ڇھھ مھينا في مھينو 30 ڏينھن جو ٿيندو. اھڙي طرح ھر دستوري عام سال ۾ 365 ڏينھن ۽ ھر واڌو سال ۾ 366 ڏينھن ٿيندا. جيستائين عيسوي جنتريءَ جو سوال آھي تھ سندن مھينن ۽ ڏينھن جا نالا عام طور مشھور آھن ۽ انھيءَ ڪري آءٌ انھن جو ھتي ذڪر ڪرڻ نظرانداز ڪريان ٿو.

ھجري سنھ ۾ اِڪي مھينن جا ڏينھن 30 آھن ۽ ٻڌي مھينن جا 29 ڏينھن آھن، سواءِ واڌو سال جي، جنھن ۾ آخري يا ٻارھون مھينو اوڻٽيھي ھئڻ بجاءِ ٽيھون ٿئي ٿو. ھر ٽيھن سالن جي عرصي ۾ جيڪي ھجري سال شروع ٿين ٿا، تن جا نمبروار يارنھن واڌو سال ھن طرح آھن: 2، 5، 7، 10، 13، 16، 18، 21، 24، 26، 29 وغيره. اھڙي طرح انھيءَ عام ھجري سال ۾ 354 ڏينھن ٿين ٿا ۽ واڌو سال 455 ڏينھن جو ٿئي ٿو. ھتي اھو ذھن ۾ رکڻ بلڪل ضروري آھي تھ ھجري سنھ جون تاريخون، جي ھن رسمي ھجري جنتري ۾ ڄاڻايل آھن، اُھي سج ۽ چنڊ جي وچولي تحرڪ تي مدار رکندڙ آھن. انھيءَ ڪري حقيقي تاريخون جي چنڊ جي صحيح ڏسجڻ تي منحصر آھن، سي ھنن رسمي تاريخن کان ٿي سگھي ٿو تھ ھڪ ٻن يا ٽن ڏينھن جي تفاوت تي وڃي بيھن. انھيءَ ردوبدل جو سبب چنڊ يا سج جا حقيقي تحرڪ آھن، يا وري ٻيا ھيٺيان دليل ٿي سگھن ٿا، جيئن ويڪرائي ڦاڪ، ڊگھائي ڦاڪ، ملڪ جي جاگرافيائي حيثيت، موسمون، آٻھوا ۽ جنھن ھنڌ کان اھو اندازو ڪيو ٿو وڃي، تنھن جي وايومنڊل جي صورتحال. انھيءَ باعث انھن تاريخي واقعن جي چڪاس ڪرڻ وقت نھايت خبرداريءَ کان ڪم ورتو وڃي، جي ھجري تاريخن سان منسوب ڪيا وڃن ٿا. ٻين لفظن ۾ ھفتي جا ڄاڻايل ڏينھن انھن ھجري تاريخن کان وڌيڪ درست آھن. ڇاڪاڻ تھ ھفتي جا سڀئي ۽ ست ئي ڏينھن باقاعدي ڦرندا گھرندا رھن ٿا ۽ سندن سلسلي ۾ ڪو ڦيرو ڪونھ ٿو اچي. مثال طور ھجري سنھ جي جنتريءَ مطابق 10 محرم 61 ھجري ۾ حضرت امام حسين رضھ ڪربلا ۾ شھيد ٿيو، جو عيسوي سنھ مطابق اربع ڏينھن 10 آڪٽوبر 680ع ھو، ليڪن صحيح تاريخون جي چنڊ جي ڏسڻ تي مدار رکن ٿيون، انھن مطابق 10 محرم 61 ھجري برابر ٿئي ٿي جمعي 12 آڪٽوبر 680ع جي. انھيءَ مان صاف ظاھر آھي تھ ھيءَ جنتري ھجري سنھ جي اصلي تاريخن ڳولي لھڻ ۾ ڪارگر نھ آھي. ليڪن مون ڪيترن اڻڄاڻ ماڻھن کي ڏٺو آھي، جي ھجري جنتري جي بنياد تي مشھور تاريخي واقعن جي ھفتيوار ڏينھن ۽ تاريخن جي حقيقتن کي ردوڪد ڏيندا آھن.

سنڌو سنبت جي مھينن جا نالا سندن مقرر ٿيل ڏينھن جي انداز سميت ھيٺ ڄاڻايا وڃن ٿا ۽ ساڻن گڏ عيسوي سنھ جون تاريخون، جي ھر سنڌي ماه جي پھرين تاريخ سان مطابق آھن، سي پڻ ڏنل آھن.

    سنڌو سنھ

 

     عيسوي سنھ

 

تاريخ

مھيني ۾ ڏينھن جو تعداد

مطابق تاريخ

مھيني ۾ ڏينھن جو تعداد

پھرين تاريخ چيٺ

30/31 ڏينھن

21/22مارچ

31 ڏينھن

پھرين تاريخ ويساک

31 ڏينھن

21 اپريل

30 ڏينھن

پھرين تاريخ ڄيٽ

31 ڏينھن

22 مئي

31 ڏينھن

پھرين تاريخ آساڙھھ

31 ڏينھن

22 جون

30 ڏينھن

پھرين تاريخ سراوڻ

31 ڏينھن

23 جولاءِ

31 ڏينھن

پھرين تاريخ ڀادر وا

31 ڏينھن

23 آگسٽ

30 ڏينھن

پھرين تاريخ آسوينھ

30 ڏينھن

23 سيپٽمبر

31 ڏينھن

پھرين تاريخ ڪارتڪ

30 ڏينھن

23 آڪٽوبر

30 ڏينھن

پھرين تاريخ اگھونياناسري

30 ڏينھن

22 ڊسمبر

31 ڏينھن

پھرين تاريخ پوس

30 ڏينھن

22 ڊسمبر

30 ڏينھن

پھرين تاريخ ماگھھ

30 ڏينھن

21 جنوري

31 ڏينھن

پھرين تاريخ ڦالگنا

30 ڏينھن

20 فيبروري

28/29 ڏينھن

 

 

 

 

 

 

جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل ٻارنھن مھينن جا نالا اُچارڻ ۾ ڏکيا محسوس ٿين تھ ٻيا ڪي موزون نالا انھن جي بدران مقرر ڪيا وڃن، ليڪن ڏسڻو ھي آھي تھ سندن سلسلي ۽ ڏينھن جي انداز کي ھيٺ مٿي نھ ڪيو وڃي. انھن مھينن جا عام نالا ھن طور آھن: چيٺ، ويساک، ڄيٺ، آکاڙُ، سانوڻ، بڊو، اسڪو، ڪَتِي، ناھري، پوھھ، مانگھھ ۽ ڦڳڻ.

3- واڌو سال

عام طور جيڪڏھن سنڌو سنبت (گذريل) چئن سان ونڊ ٿي سگھي ٿو (2 گڏڻ کان پوءِ) تھ پوءِ اھو واڌو سال آھي. پر جيڪڏھن منجھس 26 شامل ڪيا وڃن ۽ پوءِ مڪمل صدين ۾ تبديل ٿي وڃن تھ ان حالت ۾ رواجي طريقو عمل ۾ نھ آندو وڃي تھ بھتر. اھڙي حالت ۾ جڏھن مڪمل صدين جي ونڊ 4 سان ٿي سگھي (2 گڏڻ کان پوءِ) تھ پوءِ اھو واڌو سال سان آھي، نھ تھ ناھي. سنڌو جنتريءَ جا واڌو سال گريگوري جنتريءَ جي واڌو سالن سان ھوبھو ٺھڪي اچن ٿا. ساڳي ريت جيڪڏھن گريگوري سنبت 4 سان ونڊ ٿي سگھي تھ پوءِ اھو واڌو سال آھي، ليڪن مڪمل صدين طئي ڪرڻ لاءِ طريقو مختلف آھي.

مثال طور جيڪڏھن اھي صديون 4 سان ونڊجي سگھجن تھ پوءِ اھو واڌو سال آھي، ورنھ نھ آھي. جولين جنتريءَ ۾ جيڪڏھن سنھ4 سان ونڊ ٿو ٿئي تھ پوءِ اھو واڌو سال آھي، پوءِ ڇو نھ اھا صدي مڪمل صدي ھجي. ھجري سنھ جا واڌو سال ھر ٽيھن سالن جي گروه لاءِ، جي ھجري سنھ جي ابتدا کان وٺي شروع ٿين ٿا، انھن جي شمار جو سلسلو ھن طرح آھي: 2، 5، 7، 10، 13، 16، 18، 21، 24، 26 ۽ 26، جيئن ھن کان اڳ ڄاڻايو ويو آھي. ھي پڻ ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن سنڌو سنبت ۾ 626 شامل ڪيا وڃن تھ پوءِ عيسوي سنھ مطابق ٿي ويندو (مارچ کان ڊسمبر تائين) ۽ جيڪڏھن منجھس 627 گڏيا ويندا تھ پوءِ عيسوي سن (جنوريءَ کان مارچ) مطابق تبديل ٿي ويندا.

4- مختلف جنترين درميان لاڳاپو

منھنجي حساب موجب سنڌو سنبت جي ٻُڙي سال واري پھرئين مھيني جي پھرين تاريخ اڱاري جو ڏينھن، 4 مارچ 626 (جولين)، 29 رمضان 4 ھجري ۽ 194967 جولين يوم نمبر مطابق بيھي ٿي. ليڪن سنڌو سنبت جي ٻُڙي سال جي پھرئين شمسي ماه جي پھرين تاريخ، گرم ملڪن جي مھينن مطابق اربع 19 مارچ 626 (جولين)، 14 شوال 4 ھجري ۽ 194982 جولين يوم نمبر مطابق ٿئي ٿي. ان جو مطلب آھي تھ شروعات ۾ سنڌو سنبت جي ٻنھي قسمن جي جنترين درميان 15 ڏينھن تفاوت ھو. اھو 15 ڏينھن وارو فرق ھر سال لاءِ ھڪجھڙو ڪونھ ھو، پر 30 ڏينھن جي دائري اندر ۽ اڳتي پٺتي ھيٺ مٿي ٿيندو ئي رھيو. جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ قمري – شمسي مھينن وارا حساب نھايت مونجھاري وارا آھن ۽ اھي اھڙا نھ آھن، جن کي ھڪ قابل اعتبار جنتريءَ لاءِ ڪتب آڻي سگھجي. اھي قمري – شمسي مھينا ۽ تِٿيون فقط جوتش جي حساب ڪرڻ ۽ ھندو ڌڻن جي ليکي ڪرڻ لاءِ فائديمند آھن.

ھيءَ ڳالھھ پڻ ياد رکڻ جھڙي آھي تھ جمعي 5 آڪٽوبر 1582ع (جولين) تي، جولين جنتري، گريگوري جنتريءَ ۾ تبديل ڪئي ويئي ھئي ۽ پاپاءِ روم گريگري تيرھين حڪم صادر ڪيو تھ 5 آڪٽوبر کي 15 آڪٽوبر ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ اھڙي طرح ڏھن ڏينھن جي تفاوت کي مٽايو ويو، جيڪو ھن ڪري پيدا ٿيو ھو جو جولين جنتريءَ جي ھر سال کي واڌو سال جي حيثيت ڏنل ھئي. پوپ گريگريءَ طرفان ھن طريقي ۾ سڌارو آندو ويو ۽ ھدايتون جاري ڪيائين تھ فقط انھن صدين کي واڌو سال واريون صديون سمجھيو ويندو، جيڪي 4 سان ونڊي سگھبيون. اُن خاص ڏينھن تي سنڌو سنھ جو ڏينھن ھو 23 ماه آسو 956 سنڌو سنبت ۽ جولين ڏينھن جو انگ ھو 2299161. ھن تبديل ڪيل جنتري کي 170 سال بعد انگلينڊ ۾ عمل آندو ويو ۽ خميس ڏينھن تاريخ 3 سيپٽمبر 1752ع (جولين) ۾ 11 ڏينھن جو فرق مٽايو ويو ۽ ان لاءِ 3 سپٽيمبر 1752ع (جولين) کي 14 سيپٽمبر 1952ع (گريگري) قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ وقت ڏھن ڏينھن وارو تفاوت وڌي يارنھن ڏينھن ٿيو ھو. ھڪ خاص ڏينھن تي سنڌو تاريخ ھئي 23 بڊو 1126 سنڌو سنبت ۽ جولين ڏينھن جو انداز ھو 2361222- انھيءَ ڪري ھاڻي اھو صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ جيڪڏھن جولين ڏينھن جو تعداد ڪنھن خاص ڏينھن لاءِ معلوم ھجي (جو ڪنھن بھ جديد جنتريءَ سان معلوم ڪري سگھجي ٿو) تھ سنڌو جنتريءَ جي گذريل ڏينھن جو پتو لڳائي ٿو سگھجي ۽ ان لاءِ ھيئن ڪيو ويو، جو منجھانئس 1949781 ڪٽ ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌو سنبت جا سال، مھينا ۽ تاريخون آسانيءَ سان تخمينو ڪري سگھجن ٿيون.

5- ڪي ڪارائتا تفصيل ھيٺ ڄاڻايا وڃن ٿا

 (الف)   جولين جنتريءَ جي جملي ڏينھن ۽ جولين ڏينھن جي تعداد درميان فرق آھي 1721423، يعني پھرين جنوري (جولين) ڏينھن جو انگ ھو 1721423.

(ب) جيڪڏھن ڪرن تلڪ يا غرة الزيجات جي اھرگنا ۾ 203972 جوڙ ڏنو ويندو تھ اوھان کي جولين ڏينھن جو تعداد مھيا ٿي سگھندو.

(ج) پھرين جنوري 1 ع (جولين) تي ڇنڇر جو ڏينھن ھو ۽ پھرين جنوري 1ع (گريگري) تي سومر جو ڏينھن ھو.

(د)  پھرين محرم ھجري 1 ڏينھن جمعو مطابق ھو 16 جولاءِ 622ع (جولين) ۽ 19 جولاءِ 622ع (گريگري) جي.

(هه) سنڌو سنبت جي جملي گذريل ڏينھن ۾ 1949781 جوڙ ڏنا ويندا تھ اوھان کي جولين ڏينھن جي تعداد جو پتو پوندو ۽ جولين ڏينھن جو پھريون شروعاتي ڏينھن اڱارو ھو.

(و)  جيڪڏھن اوھان سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن ۾ 1342 جوڙ ڏيندا تھ اوھان کي ھجري سن جي گذريل جملي ڏينھن جو تعداد معلوم ٿيندو ۽ ھجري سن جو پھريون ڏينھن جمع ھو.

(ز)  اگر اوھان سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن ۾ 228358 جوڙ ڏيندا تھ اوھان کي عيسوي سن (جولين) جي گذريل جملي ڏينھن جو تعداد ملندو ۽ جولين جنتري جو پھريون ڏينھن ڇنڇر ھو.

(ح) سنڌو سنبت جي جملي گذريل ڏينھن مان جيڪڏھن 2281 ڪاٽيا ويندا تھ اوھان کي يزدگرد سنبت جي گذريل جملي ڏينھن جو تعداد ملندو ۽ يزدگرد سنبت جو پھريون ڏينھن اڱارو ھو.

(ط) جيڪڏھن سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن جي تعداد مان 124191 وضع ڪبا تھ غرة الزيجات جو پھريون ڏينھن آچر ھو.

(ي) جيڪڏھن اوھين سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن جي تعداد ۾ 165454 ڪٽ ڪندا تھ اوھان کي گذريل جملي ڏينھن جو تعداد جلالي يا مالڪي جنتريءَ جو ملي سگھندو؛ جيسا جنتري دنيا جي مشھور شاعر عمر خيام تيار ڪئي ھئي ۽ جلالي جنتري جو پھريون ڏينھن جمعو ھو.

(ز)  جيڪڏھن سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن جي تعداد ۾ 1361316 جوڙ ڪندا تھ اوھان کي ڪالي يگ جي اھرگنا جو پتو پوندو ۽ ڪالي يگ واري اھرگنا جو پھريون ڏينھن جمعو ھو.

(ل) جيڪڏھن سنڌو سنبت جي گذريل جملي ڏينھن جي تعداد ۾ 714403657843 جوڙ ڏيندا تھ اوھان کي سُوريا سڌانت جي اھرگنا معلوم ٿيندي ۽ سوريا سڌانت جو پھريون ڏينھن آچر ھو. ھي سوريا سڌانت اھرگنا دراصل انھن ڏينھن جو ڪاٿو آھي، جي شروعاتي نظام شمسي جي پيدائش واري ڏينھن کان شروع ٿيا آھن ۽ اھڙو حساب قديم زماني جي علم ھيئت جي ماھرن طرفان لڳايو ويو آھي ۽ اُھي ماھر ھند وپاڪ کنڊ جا باشندا ھئا.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)     القانون المسعودي، متن حيدرآباد دکن 1954/1373ع جلد اول باب6 ص150-172

(2)    البيرونيءَ جو ’ڪتاب الھند‘ (سخائو جو انگريزيءَ ۾ ترجمو) لنڊن 1910ع. جلد2، باب ص1-10، سترھين داستان ۾ ولپي سنبت بابت علحده طور تي بحث ڪيل آھي.

(3)    ايضًا جلد2 ص60

(4)    ايضًا جلد2 ص80 مثال طور سنڌ، قنوج جي علائقي، نرھر ۾ اوڀر وارين سرحدن تڪشير تائين ۽ اڃا بھ اڳڀرو لاھور واري علائقي تائين ۽ لمگھان ۾ پڻ ساڪا سنبت منگھر جي نئين چنڊ کان (جيڪو مھينو ڪرتيڪا بعد اچي ٿو) شروع ٿئي ٿو، ليڪن ڪنر (جو ڪشمير لڳ شھر آھي) جي ماڻھن وري ڀادرواپت کان شروع ٿي ڪيو. برداري ۽ ماريگلا وارن ڪرتيڪا کان ابتدا ٿي ڪئي. ڪشميرين وري چيٽ جي نئين چنڊ سان شروعات ٿي ڪئي.

(5)    ڪتاب الھند (عربي متن) ص383 ۽ البيرونيءَ وارو ھندوستان ڊاڪٽر سخائو جو انگريزي ترجمو ص48/11.

(6)    ڪتاب الھند ص384 ۽ البيرونيءَ جو ھندوستان ص49/11.

(7)    مون سنڌو سنبت جي اھميت ۽ مقصد بنسبت اڳيئي البيروني جي ڪتاب غرة الزيجات يا ’ڪرن تلڪ‘ جو مھاڳ لکندي ذڪر ڪيو آھي (ھي ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌ الاجي شعبي طرفان شايع ڪرايل آھي) ص20-23. منھنجي گذارش تي سيد صمد حسين رضوي طرفان ھم مقابل تاريخون حساب ڪري ڄاڻايون ويون آھن.

(8)    البيرونيءَ وارو ھندوستان، ص93/1 ۽ 7-5/11

(9)    ايضًا ص171، 178 ۽ 179.

(10)         بلاذري: فتوح البلدان. ڊي گوجيءَ واري اشاعت 1866ع، ص 438.

(11) طبري: يونيورسل ھسٽري – عربي متن، لنڊن، جلد1 ص2707.

(12)         بقول طبريءَ جي (فتوح البلدان ص438) راسل ڪڇي يا ڪاڇي جو حاڪم ھو، ليڪن فتحنامي (ص51-53، 126، 132، 156، 157، 164-167) ۾ چار عدد راسل ڄاڻايا ويا آھن.

(13)         ڪرمان، جيڪو ٿي سگھي ٿو تھ لکندڙ جي ’مڪران‘ بجاءِ ’ڪرمان‘ لکڻ جي غلطي ھجي. مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۾ حوالا آھن (فارسي متن، پونو، 1938ع ص9) ۽ تحفة الڪرام (فارسي متن، حيدرآباد سنڌ 1971ع ص11) ۾ جو بيان آيل آھي، اھي سڀ حوالا فتحنامي تان ورتل آھن؛ جن ۾ ضروري درستي تھ فوج ڪرمان ذريعي ڪيچ مڪران پھتي ھئي. ٻين حالتن ۾ بعد وارا بيان اصلي ڪتاب کان علحده نوعيت جا آھن ۽ جيستائين راءِ سھرس جي ھار جو تعلق آھي تھ منجھن ڪافي قدر وڌاءُ کان ڪم ورتل آھي.

(14)         ”شاه فارس نيمروز“ نيمروز سيستان جو ٻيو نالو ھو. سيستان کان سنڌ ڏانھن سڌو رستو ھو. ڏسو البيروني جو ڪتاب الھند، عربي متن حيدرآباد دکن، 1377/1958 ص157

(15)فتحنامو، ص16-17

(16)         راءِ چنگل پنھنجي ڌيءَ جو سڱ بھرام گور کي ڏنو ۽ انھيءَ موقعي تي ٿيل موسيقيءَ جو ميلو وڏي اھميت وارو واقعو ليکيو ويو. بعد ۾ شھنشاه جي فرمائش تي راءِ چنگل طرفان سنڌي موسيقارن جو ھڪ وڏو ٽولو ڏانھس روانو ڪيو ويو، جن وڃي ايران ۾ سنڌي لوڙائو راڳ جو بنياد وڌو (شادي ۽ راڳيندڙن واقعي جي حوالن لاءِ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”سنڌ ۾ موسيقيءَ جي ارتقا“ حيدرآباد سنڌ 1973ع ص1-3) بقول فردوسيءَ جي:

بھ نزديک ”شنگل“ فرستاد کس

چنين کاي شاه فرياد رس

ازان لوريان بر گزين ده ھزار

نر وماده بر زخم بربط سوار

کھ استاد بر زخم دستان بود

و ز آواز او رامش جان بود

چو نامھ بنزديک شنگل رسيد

سر از فخر بر چرخ گردون کشد

ھم آنگاه شنگل گزين کرد زود

ز لولي، کجا شاه فرمود بود

(17)         جاحظ: ڪتاب المحاسن والاضداد، ص28

(18)         ھي واقعو ثعالبي جي راءِ مطابق قباد جي ڏينھن ۾ ٿيو. غرر اخبار ملوک الفرس. ايڇ.زوٽنبرگ، اشاعت پئرس ص53

(ترجمو: علي احمد بروھي)

 


[1] ق = قبل21

[2] گ = گذشتھ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org