سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 9

 

(9)

سنڌ، ستين ۽ اٺين صدي عيسويءَ ۾

 

ان کان پوءِ اسين سنڌ کي هڪ چيني مسافر جي اکين سان ڏسون ٿا. اهو مسافر ناليرو ”قاعدي قانون جو ماهر“ يوئان چوانگ آهي. جيڪو 641 عيسويءَ ڌاري هت آيو هو. اهو ڀڪشو ڏکي ۽ اڙنگي مسافري ڪري هندستان آيو هو ۽ هتي ڪي سورهن ورهيه ٽڪيو هو. هن جو مقصد پنهنجي ڌرم جي سڳورن آستانن جي ياترا ڪرڻ، ڌرمي مخطوطا ۽ وٿون گڏ ڪرڻ ۽ جن جن هنڌن تي ٻڌ مت مڃيو ٿي ويو يا اڳي مڃيو ويندو هو، تن تن هنڌن تي وڃي ڌرمي صورتحال جا جائزو وٺڻ هو. انهيءَ ڪري، سندس ڪتاب ”الهنديءَ دنيا جو اتهاس (1) ۾ سنتن ۽ رشين منين جا احوال ته جام ملن ٿا، مسافري ڪندي جيڪي هنڌ ماڳ ڏٺا هئائين، تن جو بيان تمام ٿورو، اصل اٽي ۾ لوڻ جيترو، ملي ٿو. البت، هن ياتريءَ کان پنهنجن مکيه منزلن جي وچ وارن مفاصلن جون ڪٿون توڙي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن مسافريءَ جو عام طرف ڏيڻ ڪونه وسريو آهي. ان لاءِ اسان سندس ٿورائتا آهيون.

يوئان چوانگ هنڌان ماڳن جا جيڪي نالا ڏنا آهن، تن مان گهڻا يقيني طرح سڃاڻي سگهجن ٿا، پر سنڌ ۽ انهن علائقن  ۾، جن کي هن سنڌ جي بادشاهت جي تابع ڄاڻايو آهي، اها خبر به کائنس گهڻي واضع ڪانه ٿي ملي. سندس مسافريءَ جي ان ڀاڱي جي مطالعي لاءِ اسان کي ڪجهه قياس آرائي به ڪرڻي پوي ٿي. ان سلسلي ۾ هڪ ڏکيائي هيءَ به آهي ته جنهن ترتيب سان يوئان چوانگ اهي ڏيهه ڏٺا هئا، سا سندس ”اتهاس“ ۾ هڪڙي ڏنل آهي، ته هواءِ- لي ۽ يين تسانگ جي لکيل ”يوئان چوانگ جي سوانگ عمري“ ۾ ٻيءَ طرح جي بيان ڪيل آهي (2).

اسان کي بهرحال گهڻو تڻو پهرينءَ تصنيف تي ڀاڙڻو پوندو، ڇو ته ان ۾ هر هنڌ مفاصلا ۽ طرف ڄاڻايل آهن. پر هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته ياتريءَ جو مفاصلي وارو  ڪاڇو، لي متان هڪ ڪرو نه هجي. مطلب هيءُ آهي ته هن شايد سراسري حالتن ۾ پنهنجي هڪڙي ڏينهن جي مسافري 50 لي يا ڏهاڪو انگريزي ميل پئي ڪئي (3). جتي حالتون اڻ-رواجي هونديون، اتي هن جو ڏينهن ۾ پنڌ سراسريءَ کان وڌ يا گهٽ به ٿي پئي سگهيو، پر انهن بابت پوءِ لکڻ وقت هن ڪيل پنڌ جو ليکو سراسريءَ ۾ ڪيو هوندو.

ڀانئجي ٿو ته يوئان چوانگ راجپوتانا جي ڏکڻ-اولهه ۾ گُجر (Gujara) ملڪ کان سنڌ آيو هو (4). پهرين هو اتر ۾ 1900 لي ڪري،هڪڙي جهنگلي هيٺ مٿانهينءَ واري ملڪ منجهان لنگهيو ۽پوءِ سنِ-تو ندي اڪري سنڌ جي بادشاهت ۾ داخل ٿيو (5). ان بادشاهت جو گهيرو، هن جي چوڻ موجب، 7000 هزار لي هو ۽ ان جي گادي، جنهن کي پ.ا .پ و. پوُ. لو (p’s-shan-p’o-pu-lo) سڏي ٿو. گهيري ۾ 30 لي هئي ملڪ جي پيدائش ڪڻڪ ۽ ٻاجهري، سون، چاندي، تءِ يو. شيهه (جنهن مان مراد گهنڊ جو ڌاتو ورتي وڃي ٿي) هئي ۽ ڍڳا، رڍون، اٺ ۽ خچر به هئس. اتي اڇي لوڻ سميت ڪيترن ئي قسمن جو لوڻ پڻ ٿيندو هو. سن-تو جي ڀر پاسي واريون زمينون هيٺانهيون ۽ ڌٻڻ واريون هيون.

سينڌي لوڻ جو ذڪر اسان کي ايئن وسهڻ تي ٿو لاڙي ته اها بادشاهت اتر ۾ پري لوڻ جي کاڻين (Salt range) تائين هئي. هيءَ ڳالهه ”چچنامي“ ۾ انهيءَ بادشاهت جو جيڪو احوال ڏنل آهي، تنهن سان ٺهڪي اچي ٿي. ائين وسهڻ سان يوئان چوانگ جي مسافريءَ جي ترت پوءِ واريءَ واٽ بابت هڪ مونجهارو به سلجهي وڃي ٿو. يوئان چوانگ چوي ٿو ته ”آءُ سنڌ کان 900 لي اوڀر طرف ويو هوس ۽ سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪنڌيءَ ڏي اڪري مُو-لو-سان پُو-لونالي ملڪ ۾ گهڙيو هوس. ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سنڪسرت جي ”مول اسٿان پور“ جي چيني اچار ائين نه ٿيندو ۽ ڇاڪاڻ ته ملتان سنڌ جي اتر-اوڀر ۾آهي ۽ نه اوڀر ۾ پر ياتريءَ سج-ديوتا جي جنهن مشهور مندر ۽ ان جي سوني مورتيءَ جو جيڪو احوال ڏنو آهي، سو اسان کي ملتان بابت جيڪي ڪجهه ٻيا لکندڙ ٻڌائين ٿا، تنهن سان ملي ٿو اچي (6). جيستائين ان جي سنڌ جي نسبت سان بيهڪ جو لاڳاپو آهي ته سنڌ واريءَ بادشاهت جي مٿئين ڀاڱي جي اوڀر ۾ واقع هوندو، جو اها بادشاهت تڏهن ديراجات تائين ڦهليل هئي. پر ڪتاب نقل نويسيءَ جي چُڪن سان ڀريل آهي، سو متان هيءَ ڪا اهڙي ئي پُل هجي ۽ اتر -اوڀر جي بدارن اوڀر لکجي ويو هجي. (7)

کڻي 900 لي رڳو 9 ڏينهن جي مسافري ظاهر ڪندا هجن. تڏهن به هاڻوڪي زماني جي مٿينءَ سنڌ يا ان کان مٿئين ديراجات کان سڌي اوڀر ڏانهن مسافري ياتريءَ کي موٽائي رڻ ۾ وٺي وڃي ها؛ پر هن مو-لو-سان-پو-لو وارو بيان چٽيءَ ريت ڏيکاري ٿو ته اهو ڪچي ۾ هو.

ٻيو مونجهارو آهي يوئان چوانگ وارو سنڌ جي گاديءَ جو نالو -پ ا-شان-پوء-لو-ان چيني اُچار جي اصل ڳولڻ لاءِ ڪئين ڪوششون ڪيون ويون آهن. عام انومان هيءُ آهي ته 2-641 عيسويءَ ۾ سنڌ جي گادي اروڙ (الور) هئي. جيڪڏهن اهو صحيح آهي ۽ ان جو نالو به تڏهن اهوئي هو، ته پوءِ ياتري ان کي پنهنجيءَ ٻولي ۾ ضرور اَ-لو-لو لکي ها (8)هڪڙو امڪان هيءُ به آهي ته تن ڏينهن ۾ اروڙ جو متان ڪو ٻيو نالو هجي.پر اهو پڻ وسارڻو ناهي ته يوئان چوانگ سنڌو پار ڪرڻ کان پوءِ ئي گاديءَ ۾ پهتو هو. ۽ اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو درياهه ان وقت اروڙ جي اوڀر ۾ وهندڙ هو (9).

سنڌ (ان مان مراد هاڻوڪي مٿين سنڌ وٺي سگهجي ٿي) اندر هو ڏکڻ -اولهه ڏانهن ويندي، ڪي 1500 يا 1600 لي ڪري، وڃي هڪڙي اَ-تائين-پوء-چيهه-لو نالي ڏيهه ۾ نڪتو. هو ان کي پري اولهه ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ۽ سمنڊ جي ويجهو ڄاڻائي ٿو ۽ وڌيڪ چوي ٿو ته اتان جي زمين هيٺانهين، پوسل واري ۽ ڪلراٺي هئي. هيءُ ظاهر ظهور سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ آهي. اهو ملڪ گهيري ۾ 5000 لي ٻڌايو ويو آهي. ان جي گاديءَ کي اسان جو سيلاني ”ڪاءِ  (ڪا) -چي سُو-فا-لو سڏي ٿو. اتي ميهشور جو هڪڙو تمام سهڻو سينگاريل مندر هو. ڪننگهام ۽ هيگ اَ-تائين -پوء-چيهه-لو  کي ڪڇ ان جي گاديءَ کي ڪوتيشور سمجهن ٿا (10): پر  معتبر ۾ معتبر مصنف صاف چون ٿا ته ان نالي جو چيني اچار اهو ٿي نٿو سگهي. اسان کي ٻين ماخذن مان معلوم آهي ته ڊيلٽا واري ملڪ جو تنهن زماني ۾ مکيه شهر دبيل سڏبو هو: پر جيئن ته اهو ”ديول“ لفظ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهو نالو آل هجي ۽ چيني سيلانيءَ ان جي بدران شهر جي اصل پر گهٽ مشهور نالي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هو پوءِ ڄاڻائي ٿو ته پوين ڏينهن ۾ ان ملڪ جو ڪو حاڪم ڪونه هو ۽ سندس ڏينهن ۾ اهو ”سنڌ جي هٿ هيٺ“ هو.

 اتان يوئان چوانگ وڏو پنڌ اٽڪل 2000 لي، ڪري اولهه طرف ويو ۽ وڃي هڪڙي لانگ -ڪاءِ (ڪا)-لو نالي ملڪ کان نڪتو ؛ ۽ جيئن ته هن جي چوڻ موجب اهو ملڪ سمنڊ جي هڪڙي اپسمنڊ لڳ ۽ ايران جي تابع هو، ان ڪري اهو بنا شڪ جي هاڻوڪو لسٻيلو هوندو، جنهن ۾ شايد جهالاوان ۽ اڀرندي مڪران جا ڪي ڀاڱا به شامل هئا. يوئان چوانگ اسان کي هيءُ به ٻڌائي ٿو ته ان ملڪ جي ڪائي مرڪزي حڪومت ڪانه هئي، بلڪ هر ماٿريءَ ۾ الڳ حڪومت هئي. اتي جا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. سا ”هند“ جي ٻوليءَ کان قدري ڦريل هئي (11). اهو ڄاڻي ڪيقدر حيرت ٿئي ٿي ته ان ملڪ جي رزخيز زمين ڀلا فصل لاهيندي هئي ۽ ماڻهو به جام ۽ آسودا هئس. اهڙيون حالتون رواجي طرح ننڍين ننڍين ايراضن ۾ ملنديون، جئين لسٻيلي جي ويلپٽ نيابت ۾. ان جي سمجهاڻي هيءَ به ٿي سگهي ٿي ته جنهن سال ياتريءَ اهوملڪ ڏٺو هو، تنهن سال شايد سڻائي برسات پيئي هئي. هو گاديءَ جو نالو سُو-ت ئي-لي-سو -فا -لُو ڪري ٿو. واٽرس (Watters) ان جو ترجمو ”استري ايشور“ ڪري ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”زال حاڪم“ يوئان چوانگ ٻڌائي ٿو ته لانگ-ڪا-لو ”اولهه واري زالاڻي ڏيهه“ ڏانهن رستو هو.“ اهو ڏيهه ضرور بربهت سمهنا جي اتر-اولهه حصي وارو استري راجيه يا ”عورت جي بادشاهي“ وارو ملڪ هوندو (12). ان تان اسان ک هيءَ ڳالهه ياد ٿي اچي ته نيارڪس کي ٻڌايو ويو هو ته مورنتوبار کي ”زال جو بندر“ به ڪوٺيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ ان ڏيهه ٽي هڪ زائفان راڄ ڪندي هئي.ان هنڌ کي مون ڪراچي ڪري سڃاتو آهي ۽ ڪراچيءَ جو طبعي ڏيک بلوچستان جي طبعي ڏيک سان وڌيڪ مشابهه آهي. ٽالميءَ  ان جي بيهڪ سنڌوءَ جي پاڻ واري ساگپ نالي ڇوڙ کان ٽن کان به وڌيڪ ڊگريون اولهه ۾ ڏيکاري آهي (13).

ڀانئجي ٿو ته ياتري پويان پير ڪري وري ڊيلٽا (1-تائين-پ وء-چيهه-لو) آيو هو ۽ اتان اتر پاسي 700 لي کان سرس مفاصلو ماري، پي-تو-شيهه -لو ملڪ ۾ رسيو هو. ان جو احوال ڏيندي ڄاڻايو اٿس ته ملڪ جي زمين ٿوري ڪلراٺي آهي ۽ اهو سخت ٿڌين هوائن جي اثر ۾ رهي ٿو، ڪڻڪ ۽ دال اتي جام پوکي وڃي ٿي، پر ”ميوا ۽ گل جهڙا ٿين تهڙا نه ٿين.“ يوئان چوانگ ان جي گاديءَ جو  ذڪر ته ڪري ٿو، پر ان جو نالو نٿو ٻڌائي. ان ملڪ جي ڪا پنهنجي حڪومت ڪانه هئي، پر سنڌ هي هٿ هيٺ هو. ڪننگهام پي-تو-شيهه-لو کي پاتل سمجهي ٿو ۽ سندس نظريي موجب، اهوهاڻوڪي حيدرآباد هو (14). جنرل هيگ کي جيئن ته اَ-تائين-پ وء-چيهه-لو جي ڪڇ هجڻ جي پڪ هئي، سو هو پي- تو -شيهه-لو کي ننگر پارڪر يا عمر ڪوٽ وٽ بيهاري ٿو. سندس چوڻ آهي ته جيئن ته يوئان چونگ بظاهر ان سفر ۾ سنڌو ڪونه اڪريو هو (هو جڏهن به ڪو وڏو درياهه پار ڪري ٿو، تڏهن اهڙو ذڪر ضرور ڪري ٿو)، سو پي-تو-شيهه-لو ضرور درياهه جي اوڀر ۾ هوندو (15) درحقيقت، اهو دليل بنهه ابتڙ ڳالهه ٿو ثابت ڪري. ياتري سنڌ (مٿينءَ سنڌ) ۾ داخل ٿيڻ وقت سنڌو اڪري، کاٻيءَ ڀر کان ساڄيءَ ڀر آيو هو، درياهه-گهٽ ۾ گهٽ مکيه وهڪرو-وري اڪرڻ کانسواءِ آ-تائين -پ وء-چيهه -لو ويو هو ۽ لانگ-ڪا -لو جو چڪر هڻي، موٽي آيو هو، ۽ اتر طرف پي-تو-شيهه-لو ويو هو. اهڙيءَ طرح هو اڃا به درياهه جي اولهه ۾ ئي سفر ڪري رهيو هو.

ان ڪري اسان فرض ڪري سگهون ٿا ته اهو ڏيهه سيوهڻ جي ڀرپاسي ۾، يا شايد کير ٿر جبل جي اولهه پاسي، جهلا وان ۾ هو. وڌيڪ امڪان سيوهڻ جو آهي، ڇاڪاڻ ته ياتريءَ جي بيان ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، جنهن مان ڀانئجي ته اهو ڪو جابلو ملڪ هو.

يوئان چوانگ اتان-اوڀر طرف 300 کان وڌيڪ لي ڪري، اَ-فان-ت وء ملڪ ويو (16) جو پڻ پي-تو-شهيه-لو وانگر، بادشاهه کانسواءِ ۽ سنڌ جي هٿ هيٺ هو. ان ڏيهه جي هنڌن ماڳن جو ڪو تفصيل ڪونه ڏنو ويو آهي. ان ڪري ملڪ جي ڊول جو ڪو انداز نٿو ٿئي ۽ اسان جو ائين وسهڻ واجبي ٿيندو ته اهو ڏيهه به گهڻي ڀاڱي اهڙوئي هو، جهڙي ڏيهه منجهان لنگهي، هو اتي آيو هو. جيڪڏهن پي-تو-شيهه-لو سيوهڻ جي ڀرپاسي ۾ هو  ته پوءِ اَ-فان-ت وء يوئان چونگ جي ڏنل معاملي پٽاندر ، ڪيقدر لاڙڪاڻي جي ڏکڻ ۾ ٿيندو، بشرطيڪ هن جي ڄاڻايل طرف اتر-اوڀر مان مراد اتر جي اوڀر ۾ وٺون. هن ڳالهه جي ائين مڃڻ سان ائين وسهڻ واجبي ٿو لڳي ته ان ڏيهه جي گادي باڊهه  ۾ هوندي: جڏهن ته ”اتر-اوڀر ۾ گاديءَ کان گهڻو پر ي نه “ جيڪو ”اشوڪ ٽوپ“ هو ۽ جيڪو ”اڃا به سو فٽ اتانهون ٿيندو توڻي جو بنياد لٽجي نظرن کان غائب ٿي ويا اٿس“ سو ضرور موهن-جي-دڙي وارو ٻڌڪو ٺلُ هوندو (17).

ان احوال موجب ياتري ا-فان- ت وء لي لتاڙي، اچي هڪ اهڙي ملڪ پهتو، جيڪو ٽڪرين ۽ ٻيلات سان ڀريل هو، جتان جي آبهوا سيتل هئي، جتي فصل نيم سان ٿيندڙ هئا ۽ جتان جا ماڻهو ڪرڙا ۽ ڪنا هئا. نالو فا-لا-نا هوس ۽ ڪافرن جي تابع هو. ان ايراضيءَ کي ڪافرستان سان مشابهه سمجهيو ٿو وڃي، جيڪو ڪابل نديءَ جي اتر -اوڀر ۾ آهي؛ ۽ فا-لا-نا بابت عام ڪري ائين ڄاتو وڃي ته اهو گومل نديءَ جي اڌ تي ڪنهن هنڌ هو. يوئان چوانگ چوي ٿو ته اتان آءُ اتر-اولهه طرف اٽڪل 2000 لي ڪري هڪڙيءَ ولايت ويس. ان ولايت جي گادي ظاهر ظهور غزنيءَ سان ٺهڪي اچي ٿي. گومل نديءَ جي ونيهه (Vaneh) کان غزنيءَ تائين اصل فاصلو 200 ميلن کان گهٽ ٿيندو. منهنجو انومان وري هيءُ آهي ته فا-لا-نا بر کان جي ڀرپاسي ۾ هو.

ڌيان ۾ رهي ته ”سوانح عمريءَ“ موجب، ياتري اَ-فان- ت وء کان 700 لي اوڀر ڏي جي، سنڌ جي بادشاهت کان نڪتو هو، ۽ اتان ٻيا 900 لي اتر ۾ ڪري، سنڌو اڪري، ميُو-لو-سان -پو-ليو يعني ملتان وڃي پڳو هو (18) ”اتهاس“ڏي موٽندي، اسين ڏسون ٿا ته يوناني چوانگ  اڃا فا-لا-نا ۾ هو، جو هن ماڻهن کان ٻڌو ته فا-لا-نا جي اولهه ۾ ٽڪرن اندر ڪي-ڪيانگ-نا نالي ولايت آهي، ۽ جتي رڳو سردار آهن ۽ ڪو بادشاهه ڪونهي. ان ڏيهه ۾ رڍون ۽ گهوڙا جام ٿين ٿا، گهوڙن جو هڪڙو نسل اهڙو ته شاندار ۽ قداور اٿن، جو ٻين ولايتن ۾ ان جو وڏو قدر ڪيو و ڃي ٿو.

هيءُ تمام مُلهائتو ڏس آهي، ڇاڪاڻ جو تاريخ-هند و سنڌ (چچنامي) ۾ ڪُئڪنان جو نالو ڪيترائي ڀيرا آيل آهي. چيو وڃي ٿو ته راءِ سهاسيءَ جي پٽ راءِ سهيرس جي ڏينهن ۾ سنڌ راڄ جي اتر واري حد ڪئڪنان جا جبل هئا؛ جڏهن ته تحفته الڪرام جي پهرين ڀاڱي ۾، جو چچنامي تي مشتمل آهي، ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي حد قنڌار، سيستان، سليمان جبل ۽ ڪئڪنان جا ٽڪر هئا (19). جيئن ته سليمان جبل سنڌوءَ جي ميدان سان لڳو لڳ آهن، سو ڪئڪنان جا ٽڪر ضرور ان جي اتر ۾ هوندا ۽ ائين فرض ڪري سگهجي ٿو ته اهو علائقو لورالائي يا زهوب هوندو. عرب، مڪران تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ هيستائين پيهي آيا هئا۽ اتي  کين مڪاني رهواسين سان ڇتي چڪري کائڻي پيئي هئي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته خليفي معاويه جڏهن عبد الله بن ثوار کي انهن ملڪن تي، جي اڃا تائين مات نه ٿيا هئا، امير مقرر ڪيو هو، تڏهن کيس هيءَ نصحيت ڪئي هئائين: ”سنڌ ملڪ ۾ هڪڙو جبل آهي جنهن کي ڪئڪنان ڪوٺيو وڃي ٿو. اتان جا گهوڙا قداور ۽ سهڻا آهن. . . ماڻهو ڏاڍا چالاڪ آهن ۽ انهن جبلن جي اجهي ۾ سرڪش ۽ باغي ٿي ويا آهن.“ (20) ان مان ظاهر آهي ته چيني ۽ عرب ليکڪ ساڳئي ڏيهه جي ڳالهه پيا ڪن ۽ ڀانئجي ٿو ته اهو بلوچستان جي اتر واري ڀاڱي ۾ هو. ”مسالڪ وممالڪ“، ”اشڪال البلاد“ ۽ ٻين عربي تصنيفن ۾ ان علائقي جا جيڪي ڪُڍنگا نقشا ڏنل آهن، تن ۾ هڪڙو هنڌ ڪرڪوان جي نالي سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان هنڌ جي جا بيهڪ ڏيکاريل آهي، سا مٿئين بيان سان ٺهڪندي نظر اچي ٿي. انهن نقشن موجب، مذڪور هنڌ سنڌوءَ جي ڪافي اولهه ۾ ۽  خضدار (ان جو پراڻو نالو اڃا تائين قائم آهي) جي اتر ۾ ۽ ذري گهٽ ملتان جي سامهون هو.  ٿي سگهي ٿو ته ان جو نالو ”ڪئڪنان“ جي ڦريل شڪل هجي. ٻئي پاسي اهو ڄاڻائڻ به واجب آهي ته هڪڙو جهونو هنڌ ٻيو به آهي،جيڪو ڪئڪنان يا ڪئڪان جي نالي سان سڏجي ٿو. اهو هنڌ گهڻو پرتي ڏکڻ طرف اترئين جهالاوان ۾ نال وٽ آهي. پر اها بيهڪ ياتريءَ جي مسافريءَ واريءَ واٽ سان ٺهڪي نٿي بيهي (21).

يوئان چوانگ سنڌ ۽ ان جي پاسي وارن ملڪن جو جيڪو احوال ڏنو آهي، سو سندس مهان ڪتاب جو هڪ نراس ڪندڙ ڀاڱو ٿو سمجهيو وڃي (22)، تحقيق، هو گاديءَ ۽ ٻين شهرن جا جيڪي نالا ڏئي ٿو، تن جو سڃاڻپ ۾ نه اچڻ ماڻهوءَ کي نراس ڪيو ڇڏي ۽ ان ۾ جاگرافيائي تفصيل تمام گهٽ هجڻ تي ڏک ٿو ٿئي، پر جيڪڏهين اسين سندس مفاصلن ۽ طرفن کي ڌيان ۾ رکنداسون ۽ انهن کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪنداسون ته سان کي سندس ڄاڻايل علائقن جي لڳ ڀڳ بيهڪ معلوم ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي تڪليف نه ٿيندي. البت ”لي“ جي ڪاڇي ۾، لتاڙيل ملڪ جي ڊول انوسار، لچڪ رکڻ ۽ ان امڪان جي گنجائش رکڻ ۾ اهم ڪونهي ته مسافريءَ جي طرف ڄاڻائڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن هو اهو ٿلهي ليکي طرف ڄاڻائي ٿو، جيڪو اصل  طرف کي ويجهي ۾ ويجهو ٿئي ٿو: جيئن اتر-اوڀر-اتر بدران ”اتر“.

هن جي احوال موجب، 642ع ۾ سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هو، جنهن جي ماتحت ڪيترائي پرڳڻا هئا. اهو بيان، راءِ سهاسيءَ جي پٽ راءِ سهيرس جي ڏينهن ۾ سنڌ جي جوڙجڪ جو جيڪو احوال ”ڇچنامي“ يا ”تاريخ -هنڌ و سنڌ“ ۾ ڏنل آهي، تنهن سان ٺهڪي اچي ٿو. عربي تاريخ جو اهو ڀاڱو ضرور مڪاني ماڻهن يعني هندن يا ٻڌن جي ڏنل معلومات جي آڌار تي لکيو ويو هوندو؛ ۽ ممڪن آهي ته مڪاني ماڻهن ماضيءَ جي شان تي فخر ڪرڻ ۽ مَرڪڻ جي خيال کان سنڌ راڄ جون حدون ٿوريون وڌائي ٻڌايون هجن. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي حدون اوڀر (اتر-اوڀر) ۾ ڪشمير تائين، اولهه ۾ مڪران تائين، ڏکڻ ۾ سمنڊ تائين ۽ اتر (اتر-اولهه) ۾ ڪردستان ۽ ڪئڪنان جي جبلن تائين پکڙيل هيون (23). چار ”گورنرن جا پرڳڻا“ هئا ۽ انهن مان ٻه پنجاب جي ندين جي هيٺين وهڪرن واري سموري علائقي تي ڦهليل هئا ۽ منجهن ملتان به شامل هو. پويون علائقو، يوئان چوانگ موجب، چيهه-ڪا ملڪ جي تحت هو، جنهن جي گادي ڀانئجي ٿو ته هاڻوڪي سيالڪوٽ جي ڀرپاسي ۾ هئي (24). ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته چيني ياتريءَ جي مسافريءَ کان ستر ورهيه پوءِ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي هئي، تڏهن اهو علائقو سنڌ راڄ ۾ شامل هو، ۽ ممڪن آهي ته ان کان اڳ به ائين هجي، پر ٿوري مدي لاءِ خودمختيار ٿي ويو هجي. گهٽ ۾ گهٽ يوئان چوانگ چيهه-ڪا جي ڪنهن راجا جو ذڪر نٿو ڪري؛ ۽ جيئن ته شاهي گهراڻي جي ٻڌ مت ڏانهن روش هن لاءِ هر هنڌ وڏي اهميت رکندڙ هئي ۽ هن جي ”اتهاس“ ۾ ان روش جو ذڪر وري وري آيل آهي، سو ائين وسهڻ لاءِ چڱو سبب آهي ته تنهن وقت چيهه -ڪا جو ڪو الڳ راجا يا حاڪم ڪونه هو (25).

پر اهي معاملا اهڙا آهن، جو ٻئي جلد ۾ انهن جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي.

اٺين صديءَ عيسويءَ جي منڍ ۾، جڏهن خلافت جون فوجون، محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ، سنڌ ٿي ڪاهي آيون هيون، تڏهن سنڌ ڪيئن هئي، تنهن بابت چچنامي ۾ ڪافي جاگرافيائي معلومات ڏنل آهي.

عجيب ڳالهه آهي ته خليفي عثمان کي ”هند ۽ سنڌ “ بابت جا پهرين خبر چار ملي هئي، سا پڻ اهڙي ئي اڻوندڙ هئي جهڙي سڪندر کي هيٺينءَ سنڌوءَ ماٿريءَ بابت تنهن مهل ملي هئي، جنهن مهل هو هندستان تي حملي لاءِ سنڀريو ويٺو هو (26). خليفي کي ٻڌايو ويو: ”اتي جو پاڻي ڪارو ۽ گدلو آهي، اتي جو ميوو ڪڙو ۽ زهريلو آهي، اتي جي زمين ٽاڪرو ۽ مٽي ڪلر واري آهي.“ پر جڏهن عرب آيا، ته هنن ڏٺو، جيئن سڪندر ڏٺو هو، ته ملڪ وسندڙ ۽ ڀريو  ڀپاڳيو هو؛ ۽ عرب لشڪر کي سيڌي سامان  هٿ ڪرڻ ۾ سڄن سارن ٻن ورهين جي مهم دوران فقط هڪڙو ڀيرو ڏکيائي ٿي هئي، اها به تڏهن جڏهن لشڪر ڀريا ٻه مهينا هڪڙي ئي هنڌ پڙاءُ وجهيو ويٺو؛ رهيو هو پر تنهن وقت به لڳي ٿو ته ڪا مڪاني طرح کوٽ ئي پيئي هئي، جو واپاري اناج ڪنهن ٻئي هنڌان گهرائيندا هئا (27). اسين اهو پڻ پڙهون ٿا ته جڏهن لشڪر نيرون وٽ پهريون ڀيرو پڙاءُ ڪيو هو، تڏهن پاڻي کٽي ويو هون، ڇاڪاڻ جو ”جيهون يعني مهراڻ جي اٿل اڃا ان هنڌ تائين ڪانه پهتي هئي.“ ”چچ نامي“ جي هڪ ٻئي ٽڪري مان پتو ٿو پوي ته نيرون تي هلان مئي مهيني ۾ ڪئي ويئي  هئي (28). صاف ظاهر آهي ته عربن کي اهي مشلاتون ملڪ کان اڻڄاڻ هجڻ جي ڪري درپيش آيون هيون. ڪجهه مهينا پوءِ جڏهن محمد بن قاسم سيوستان تي حملو ٿي ڪيو، تڏهن مينهوڳيءَ جي ٻوڏن جي ڪري اهڙا ڪي ٿورا هنڌ وڃي بچيا هئا؛ جتان حملو ڪري پئي سگهيو. تڏهن ائين ٿي لڳو، ڄڻ ٻوڏون ٽن پاسن کان شهر تي چڙهي آيون هجن (29). اها ساڳي ڪار سنڌ سان اڃا به ٿيندي رهي ٿي.

سنڌوءَ ۽ ان سان ڳنڍيل واهڙن برابر مهم ۾ ڪافي رڪاوٽون پيدا ڪيون هيون. ملڪ ۾ وڏين ٻوڏن هجڻ جو وڌيڪ ڪو ذڪر نٿو اچي (30)، پر ڪيترين ئي ڍنڍن جا نالا ڏنل آهن ۽ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انهن مان ڪي وڏيون به هيون. محمد بن قاسم پنهنجو منجنيق خانو سنڌوءَ جي هڪڙي ساڪرا (Sakra) شاخ نالي ڇوڙ کان ٻيڙين ۾ مٿي اماڻيو هو (31) ۽ برهمڻ آباد تي ڪاهن وقت مانجهل (Manjhal) شاخ کي سامان سڙي نيڻ لاءِ واپريو هئائين. ساڳيءَ ريت، سنڌين ٻيٽ (Bet) جي ڀرسان پنهجن مهڙ وارن مورچن کي ڀرتي ڏيڻ ۽ زور وٺائڻ لاءِ ڪوتڪ (Kotak) نالي شاخ رستي ڪمڪ ۽ رسد موڪلي هئي (32). انهن مثالن سان گڏوگڏ، اهو به ثابت آهي ته واهڙ گهڻو ڪري بچاءَ جي مورچن طور ڪم ايندا ٿي رهيا.

عربن جي ڪاهه وقت سنڌو سنڌ منجهان جيڪو دڳ وٺندي هئي، سو ڄاڻڻ لاءِ چچنامو پوري ساري واهر ڪري ٿو. اها ڄاڻ گهڻو تڻو انهن ٿورڙن شهرن جي حوالي سان ملي ٿي، جي درياهه جي ويجهو هئا ۽ جن جي بيهڪ جو پتو اٿئون. اسين ان خاڪي جا خال ڪن نامور عرب جاگرافيدانن جي تصنيفن جي آڌار تي ڀري سگهون ٿا، پر ساڳئي وقت هيءُ ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته انهن مان هيءَ اوائليءَ ۾ اوائلي تصينف  يه فتح کان ڏيڍ صدي کن پوءِ لکي ويئي هئي.

اسين پنهنجو جائزو سمنڊ کان شروع ڪريون ٿا.

ديبل جو شهر (جنهن جو ڪو ٻيو نالو به بيشڪ هوندو) هڪ بندر هو، جيڪو، البلاذريءَ موجب، سنڌوءَ جي مکيه ڇوڙ جي اولهه ۾ هڪ کاريءَ تي بيٺل هو (32). ان ڳالهه تي چڱو وارو وار رهيو آهي ته هاڻوڪن هنڌن ماڳن جي حوالي سان ديبل جي بيهڪ ڪٿي هئي. هيگ ان بندر جي بيهڪ بگهاڙ جي ڪنڌيءَ تي ڪڪڙ بڪيرا وٽ ۽ ريورٽي پير پٺي کان ٿورو ڏکڻ-اولهه طرف ڏسي ٿو. آءُ ڀانيان ٿو ته اهو يا ته انهن مان ڪنهن هڪڙي هنڌ هو يا ٻنهي جي وچ ۾ پر جيئن ته اهو يقيني طرح معلوم نه اٿئون ته تنهن زماني ۾ ڪپر ليڪ يا سنڌوءَ جا ڇوڙ ڪٿان هئا، سو ان کان وڌيڪ خاطريءَ سان ڪجهه چوڻ ممڪن نه آهي. اوائلي انگريز جهاز ران جنهن ديول (Dewal) يا ديول (Diul) کان واقف هئا، سو هيءُ جهونو هندڪو شهر نٿو ٿي سگهي.

انهن اوائلي جاگرافيائي تصنيفن مان ڪن ۾ جيڪي ڪڍنگا نقشا ڏنل آهن، سي درياهه شاهه کي سمنڊ ۾ هڪ ئي وهڪري جي شڪل ۾ ڇڙندي ڏيکارين ٿا. پر المسعوديءَ جي  ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته اهو ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويو ٿي ۽ ٻيئي شاخون وڃي شاگره (Shagarah) جي شهر ويجهو سمنڊ ۾ پيون ٿي. البيروني پڻ، ذري گهٽ هڪ صدي پوءِ لکندي، چوي ٿو ته درياهه ٻن شاخن جي شڪل ۾ سمنڊ منجهه پوي ٿو. اهي ڇوڙ هڪٻئي کان ڪافي پنڌ پري هئا: هڪڙو لهاراڻي شهر جي ڀرپاسي ۾ هو، ۽ ”ٻيو اوڀر ۾ ڪڇ جي رڻ ڏانهن هليو ٿي ويو ۽ نالو هئس ”سنڌ ساگر“ يعني ”سنڌ جو سمنڊ“. اهو مصنف درياهه جي دو شاخي ٿيڻ جو هنڌ منصوره يا ان جو ڀرپاسو ڄاڻائي ٿو؛ پر هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته اروڙ ”سنڌوءَ جي ٻن شاخن جي وچ ۾“ هو (34).

”چچنامي“ ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا ڏانهن هڪڙوئي اشارو آهي ۽ اهو هڪڙي تر جي نالي يعني ”ٻيٽ“ ۾ ملي ٿو. عرب فوجون مهراڻ اڪرڻ کانسواءِ ان علائقي ۾ داخل ٿيون هيون. اڪار وٽ درياهه قدري سوڙهو  هو ۽ ان جي وهڪري جي ورڇڻ ڪري وچ  سير ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ ٺهي پيو هو. پر ان تر تي اهو نالو ان ٻيٽ تان نه پر ان ڳالهه جي ڪري پيو هوندو ته ان کي ڪافي پنڌ اوڀر ۾ سنڌوءَ  جي هڪڙي وڏي شاخ ڦريو ٿي آئي. ان شاخ جي موجود هجڻ جو ڏس هڪ سامونڊي لڙائيءَ بابت البلاذريءَ جي احوال مان ملي ٿو. هيءَ لڙائيءَ محمد بن قاسم جي مهم کان  ڏهاڪو ورهيه پوءِ شاخ جي دوآبادي اندر عربن ۽ راءِ ڏاهر جي پٽ جئسينه جي وچ ۾ لڳي هئي (35). محمد بن قاسم کي اوڀر ۾ ايڏو پري هن کٻي هٿ واريءَ شاخ تائين وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانه پيئي هئي ۽ اسين يقين سان نٿا چئي سگهون ته اها ٻيءَ شاخ کان ڪهڙي هنڌ ڌار ٿيندي هئي. چچنامو رڳو ان ٻيءَ شاخ کي ئي وڏو مهراڻ ڪري ڄاڻائي ٿو. ان کي ساگره (Sangarah) يا ساڪره وٽان پار ڪيو ويو هو، جيڪو جهم (Jhim) علائقي ۾ هو (36). پهريون نالو ايرئين جي سانگل ۽ ٽالميءَ جي ساگپ جو پڙاڏو ٿو ڳلي، ۽ سمجهيو ٿو وڃي ته اهو ميرپور ساڪري جي شڪل ۾ اڃا تائين قائم آهي. ميرپور ساڪرو  سچ پچ آهي به ان هنڌ وٽ، جتان درياهه جو الهندو ڇُوڙ آڳاٽي زماني ۾ لنگهندو هو. ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي جهمپير ان تر جي پراڻي نالي کي قائم رکيو اچي.

عرب سپهه سالار اڃا ”ٻيٽ“ جي سامهون سنڌو ٽپي الهندي ڪنڌيءَ ڏي ڪونه ويو هو، جو نيرون جو شهر پيش اچي پيو ۽ اشبهار (Ishbehar) جو قلعو فتح ٿي ويو. اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته اهي هنڌ هڪٻئي جي ڪهڙي پاسي هئا. نيرون بابت ايترو سو پتو  اٿئون ته اهو هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي هو، جنهن تي هڪڙو ڪوٽ ٺهيل هو. ڀانئجي ٿو ته هيءَ ڪا ننڍي ٽڪري نه هئي، بلڪ ٽڪرين جي قطار هئي. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم سيوستان کان موٽيو ته ”هڪڙي ڪوٽ فٽ پڙاءُ ڪيائين، جيڪو نيرون جي ٽڪرين تي هو. ان جي ڀر پاسي ۾ هڪڙو تلاءُ هو، جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان وڌيڪ اجرو هو ۽ ان جو ويءَ  ارم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ هو“ (37). عرب لشڪر سيوستان تي ڪاهڻ کان اڳ نيرون ويجهو بلبار (Balbar) نالي هڪ چراگاهه ۾ ڇانوڻي ڪئي هئي.

نيرون بابت مڪاني طرح ائين سمجهيو وڃي ٿو ته اهو هاڻوڪي حيدرآباد واريءَ جاءِ تي هو ۽ ان جي ساک  تحفته الڪرام جي هڪ ٽڪري مان به ملي ٿي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ميان غلام شاه 1768ع ۾ آئينده گاديءَ لاءِ نيرون جو ”شهر“ چونڊيو ۽ اتي هڪدم هڪڙو اڏول ڪوٽ جوڙائڻ شروع ڪري ڏنائين (38). سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان ساک جي هوندي ريورٽي آخر اهو ڪيئن ٿو چئي سگهي ته ”حيدرآباد جي پايي پوڻ بابت سنڌ جي تذڪرن ۾ اهڙو ڪو مذڪرو ڪونهي ته ڪو اهو نيرون واري هنڌ تي ٻڌو ويو هو.“ هو پاڻ ڏهين ۽ ٻارهين صديءَ عيسويءَ جي عرب لکندڙن جيڪي ڪجهه ان جي بيهڪ بابت ڄاڻايو آهي، تنهن جو بي ساڱاهو لحاظ ڪندي، پنهنجي لکت اندر نيرون جي بيهڪ ٽن الڳ الڳ هنڌن تي ڏيکاري ٿو (39). حيدرآباد کي نيرون سمجهڻ تي کيس وڏو اعتراض هيءُ ٿو ڏسجي ته اهو منصوره (برهمڻ آباد) کان، جنهن جي بيهڪ پڪيءَ طرح معلوم ٿي چڪي آهي، ايترو ويجهو ۽ ديبل جي ڪنهن به امڪاني بيهڪ کان ايترو  پري آهي، جو ان لاءِ نه چئي سگهبو (جيئن الاصطخريءَ جو چوڻ آهي) ته اهو منصوره ۽ ديبل جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي هو. اهي ٻئي هنڌ هڪٻئي کان ڇهن ڏهاڙن جي مسافريءَ تي ڄاتا ٿي ويا (40). تڏهن به، ابن حوقل موجب، نيرون وارو تر ديبل کان وڌيڪ منصوره کان ويجهو هو (41). سچ پچ ته اڄڪلهه حيدرآباد کي برهمڻ آباد-منصوره کان ٻن نه پر ٽن ڏينهن جي پنڌ تي ليکيو ويندو (42) ۽ اسان کي ياد رکڻو پوندو ته مسلمانن جي فتح وقت ۽ ان کان پوءِ هزار کان به وڌيڪ ورهين تائين سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو انهن ٻن هنڌن جي وچ ۾ وهندڙ هو ۽ ان کي اڪرڻ اڪثر ڪري گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڏينهن جي مسافريءَ جيترو ضرور وڃي بيهندو هوندو. پر نيرون ۽ ديبل جي وچ ۾ اهڙي ڪا رستي-روڪ نظر نٿي اچي؛ تنهن هوندي به ابن حوقل (جيڪڏهن ريورٽيءَ جي پڙهڻي قبول ٿي ڪجي) ڄاڻائي ٿو  ته اهي هڪٻئي کان چئن ڏينهن جي پنڌ تي هئا (43)، جڏهن ته اڳرائي ڪري ايندڙ عرب لشڪر ان مفاصلي طي ڪرڻ ۾ ڇهه ڏينهن ورتا هئا (44) اهو مفاصلو 25 فرسخ يا اٽڪل 90 ميل ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ اسان کي سڌ آهي ته لشڪر کي واٽ تي ڪٿي وڙهڻو نه پيو هو.

سو نيرون کي حيدرآباد سمجهڻ واري ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي (45). سنڌو تنهن وقت ان اوڀر ۾ سورهن ميلن کان وڌيڪ پري وهندڙ هئي، نيرون کان محمد بن قاسم  سيوستان (هاڻوڪي سيوهڻ) روانو ٿيو ۽ 30 فرسخ يا ذري گهٽ 110 ميل ڪري، وڃي واٽ تي هڪڙي موج (Moj) نالي هنڌ وٽ ڊاٻو ڪيائين، جيڪو ڀانئجي ٿو ته سيوهڻ جي ڀرسان هو. هيگ جو چوڻ آهي ته انهن ٻن هنڌن جي وچ ۾ سڌو رستو رڳو 80 ميل ٿيندو، سو عرب سپهه سالار شايد ٽڪرين منجهان لنگهندڙ وڌيڪ وڏي واٽ ورتي هئي، ڇو جو هن ان واٽ کي جنگي لحاظ کان وڌيڪ محفوظ ڄاتو هوندو (46).

سيوستان بابت ڄاڻايل آهي ته اهو شهر مهراڻ جي اولهه ۾ هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي ڪوٽ اندر ٻڌل هو، جنهن وقت عرب اتي پهتا هئا، تنهن وقت ”مينهوڳيءَ جون ٻوڏون ڪوٽ جي اتر ۾ سنڌو اڙل نالي واهي منجهان وهي رهيون هيون“ (47). ائين وسهڻ واجبي ٿو لڳي ته جيڪڏهن مهراڻ سيوستان کان ڪافي پنڌ پري اوڀر ۾ هو، ته پوءِ اهي ٻوڏون منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه جي ڪر ي آيون هونديون ۽ اڙل ندي واڌو پاڻي کڻي، ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪجهه پنڌ پري وڃي، سنڌوءَ منجهه وجهندي هوندي. منڇر ڍنڍ کي شايد ڪا ڇاڙ، جا پوءِ وارن ڏينهن جي الهندي ناري سان هڪ موافق هوندي، توڙي ٽڪرن تان وهي ايندڙ ڇرون پاڻي ڏينديون هونديون (48). جن عرب جاگرافيدانن سنڌ جو احوال ڏنو آهي تن مان ڪنهن به منڇر جو خاص ڪري ذڪر نه ڪيو آهي، (49) پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته انهن عربن جو گهڻو  مطلب مسافريءَ جي واٽن سان هو ۽ منڇر تڏهوڪين واٽن کان ڳپل پنڌ پري هئي. هاڻ وٺو ڇاڙ کي. سيوستان جو هندو گورنر ڀڄي هڪڙي سيسم (Sisam) نالي شهر هليو ويو. سيسم ۾ ٻڌيا (Budhia) جو گورنر رهندڙ هو ۽ چيو وڃي ٿو ته  اهو ڪنباهه (Kambah) جي ڪپ تي هو. هيگ جو رايو آهي ته اهي ٻئي هنڌ منڇر جي ڪنڌيءَ تي هئا (50). پر ان راءِ تي وڏا اعتراض آهن. هڪ ته سيوستان واري پرڳڻي ۾ اها زرخيز ايراضي به ضرور هوندي، جا ان سان لڳو لڳ اتر ۾ هئي، ڀر واري پرڳڻي جو مکيه شهر ڏهن ٻارهن ميلن کان ته ضرور مٿي هوندو: جيئن ته گورنر عربن خلاف لشڪر ڪشي  ڪرڻ جي ارداري سان ڀڳو هو، سو ايتري ٿوري پنڌ تي وڃي ويهڻ هن لاءِ بيڪار ٿئي ها. ڪنباهه نالي ڪا ڍنڍ هئي به سهي ته اها منڇر نه هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها ڪا ڇاڙ يا چور ندي هجي، جا خود الهندو نارو نه ته ان سان لڳو لڳ وهندي هجي. (51). جيئن اڳيئي چيو اٿئون، وڏا ڳوٺ ضرور اهڙن ننڍن واهڙن جي ڪنڌين تي وسايا ويا هوندا. سو منهنجو اندازو آهي ته سيسم گهڻو ڪري اتر ۾ اوترو  ئي پري هوندو،  جيترو ڪڪڙ.

 سيسم جو وارو آيو ته محمد بن قاسم ان تي به قبضو  ڪري ورتو ۽ ڪيئي سردار ۽ ماڻهو ڀڄي ٻُڌيا ملڪ اندر هليا ويا. انهن مان ڪي وڃي ”ڀٽلور (Bhatlor) جي ڪوٽ ۾ لڪا، جو سالج (Saluj) ۽ قندابيل جي وچ ۾ هو.“ پوءِ جا جاگرافيدان عرب انهن مان قندابيل جونالو وري وري وٺن ٿا ۽ اهو  سندن نقشن ۾ ڏيکاريل آهي. ابن حوقل اسان کي ٻڌائي ٿو ته نُڌيا =Nudia) ٻڌيا) مهراڻ جي الهندي  ڪپ تي هڪ سنئون کليل ڏيهه هو، جنهن جي هڪ طرف توران ۽ مڪران هئا ته ٻئي طرف ملتان ۽ منصوره جا شهر هئا؛ ان جو وڻجارڪو شهر قندابيل هو. ظاهر آهي ته نڌيا جي هاڻوڪيءَ ڪڇيءَ سان ڀيٽ ٿي سگهي ۽ شايد ان ۾ سنڌ جي ميدانن جو اتر-اولهه وارو ڀاڱو به شامل هو. عام طرح قندابيل کي گنداو (Gandav) سمجهيو وڃي ٿو  (52). اها بيهڪ ڪتاب ”مسالڪ و ممالڪ“ جي نقشن ۾ ڏيکاريل ان شهر جي بيهڪ  سان ٺهڪي اچي ٿي ۽ اتان ملتان اٺن ڏينهن ۽ منصوره ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي آهن (53) البت، ”مسالڪ و ممالڪ“ جي متن ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻُڌيا (Budhia) ملڪ جو مکيه شهر قندابيل چڱو وڏو شهر آهي ۽ خضدار کان پنج فرسخ پري ٿيندو. ان بيان موجب، قندابيل وڃي جهالاوان جي ٽاڪرو علائقي اندر بيهندو. ريورٽي ان کي زهري سان هڪ موافق ڄاڻائي ٿو، جيڪو خضدار کان 15 ميل کن ڏکڻ-اوڀر طرف آهي (54). پر ائين ڪرڻ سان مٿي جاڻايل نقشي جا ترا نڪريو وڃن، توڻي جو هو پنهنجن بيانن جي تائيد ۾ اڪثر ان نقشي جا ئي حوالا ڏئي ٿو (55). جيتوڻيڪ نقشو ماپ تي ٺهيل نه آهي، تڏهن به خضدار ۽ قندابيل هڪٻئي کان ٻيو نه ته 50 ميل ضرور ڀري ٿيندا ۽ ڪڪنان (Kirkanan) جي بيهڪ چٽيءَ ريت انهن جي وچ ۾ ڏيکاريل آهي.”چچنامي“ جي شروعاتي ڀاڱي تي نظر ورائبي، ته اسان کي قندابيل جي گنداو سان سان ساڳوڻاڻيءَ جي ساک هڪ ٽڪري مان پڻ ملندي، جنهن ۾ راءِ چچ جي پوئينءَ مهم جو احوال ڏنل آهي. چچ مڪران کان موٽيو ته ارميل (Armail) وٽان اتر طرف لڙندي توارن (خضدار جي ڀر پاسي واري ڏيهه) منجهان لنگهيو ۽ پوءِ ”هڪڙي رڻ پٽ کان وڃي نڪتو  ۽ ڪنهن کي به ساڻس ويڙهه کائڻ جي جرئت نه ٿي، تان جو هو قندابيل وڃي پهتو، جنهن کي قنڌار به ڪوٺيو وڃي ٿو. چچ شهر تي ماٿريءَ کان اوچتي حملي جا سانباها ڪيا. اها ماٿري ان هنڌ جي آسپاس واي کليل ميدان تائين ڦهليل هئي“ وغيره (56). هيءُ رستو ان وٽ سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. جا خضدار کان مُولا نديءَ واريءَ ماٿريءَ منجهان ٿيندي، هيٺ گندارو وڃي ٿي. انهن ٻنهي هنڌن جي وچ ۾ اصل مفاصلو اٽڪل 80 ميل، ٿلهي ليکي پنجن ڏينهن جي مسافريءَ جيترو، يا ائين کڻي چئجي ته 25 فرسخن کان گهٽ ٿيندو ۽ وسهڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ”مسالڪ ۽ وممالڪ“  ۾ ان هنڌ ڪو غلط اکر يا انگ اچي ويو آهي.

عرب سپهه سالار ان ملڪ تي ڪونه ڪاهيو (57)، پر خليفي جي اوڀر واري واليءَ حجاج جي حڪم تي سيسم کان پويان پير ڪري نيرون ڏانهن وڌيو. هن حجاج کي ٻڌايو ته مون ٻڌيا جو ملڪ ”اغرور (Aghror) جي ڪوٽ تائين، جو مهراڻ جي ڪپ تي آهي، فتح ڪري ورتو آهي“ (58). اسين ائين فرض ڪري سگهون ٿا ته اغرور يا بغرور (Baghror) مهراڻ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي، روهڙيءَ يا بکر جي ڀر پاسي ۾ ڪنهن هنڌ هو. مٿينءَ سنڌ ۾ درياهه جي دڳ بابت اسان کي ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ ”اڻسڌو اشارو“ ملي ٿو. راءِ چچ اروڙ کان ٻڌيا ۽ سيوستان جي مهم تي روانو ٿيو ته هو ديهايت (Dihayat) نالي هڪ ڳوٺ وٽان مهراڻ اڪري، کاٻي ڪپ کان ساڄي ڪپ تي ويو. ”اهو ڳوٺ سمهه ۽ اروڙ جي وچ ۾ حد جو ڪم ڏيندو هو.“ هيءُ ڳوٺ، جيئن جنرل هيگ ڏيکاري ٿو، ضرور ديهات (Dehat) هوندو، جو ڪنڊياري تعلقي جي اترينءَ حد تي آهي. اتي درياهه جو هڪ پراڻو ڦاٽ لوهاڻو ڍورو (Lohano Dhoro) چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ڦاٽ هاڻوڪيءَ سنڌوءَ جي اوڀر ۾ سراسري طرح 17 ميلن جي پنڌ تي هلي ٿو (59).

محمد بن قاسم کي شايد جنگي ضرورت توڙي حجاج جي حڪم انوسار هيٺينءَ سنڌ ۾ ”ساگرهه جي علائقي مان“ سنڌو پار ڪرڻي پيئي هئي. عربي درياهه اڪري وڃي جهم ۽ ”ٻيٽ“ جهليو ويٺو جي قلعن کي زور وٺايو ۽ پوءِ راوڙ (Rawar) ڏانهن وڌيا، جنهن جي ڀرسان راءِ ڏاهر سنڌ جي مکيه لشڪر سان گهٽ جهليو ويٺو هو. ان ڪوٽ جو پايو چچ وڌو هو ۽ سندس وڏي پٽ، ڏاهر سيهه، ان کي راس ڪرايو هو (60). اهو سنڌ جي ساڳئي پرڳڻي ۾ هو، جنهن ۾ برهمڻ آباد هو، پر ضرور ان شهر کان ڳپل پنڌ پري ڏکڻ ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته انهن شهرن جي وچ ۾ بهرور (Bahrur) ۽ ڍاليلا (Dhalila) نالي ٻه اڏول ڪوٽ هئا. جڏهن کان ڏاهر سڄيءَ سنڌ جي اڪيلو راجا ٿيو هو، تڏهن کان هو اونهاري جا چار مهينا وڃي رواڙ ۾ گذاريندو هو، ”ڇو ته ان پُر فضا شهر جي آبهوا صحت بخش (61) ۽ پاڻي مٺو“ هو. عربن کي راوڙ ويندي ٻه ڍنڍون يا نديون  اڪرڻيون پيون هيون، جن مان ٻيءَ بابت چيو ويو آهي ته اهو واهو هو ۽ نالو ڏاڍ واهه (Dadha wah) هئس. جيڪڏهن سنڌو، اڳين ۽ پوين ڏينهن جيان، تن ڏينهن ۾ به هڪ وڏي ڊيلٽا جي شڪل ۾ سمنڊ منجهه ڇوڙ ڪندي هئي ته پوءِ ڏاڍ واهه ٿي سگهي ٿو ته ان جي اوڀر واري ڇاڙ هجي. چيو وڃي ٿو ته اهو واهو هڪڙي جئپور (Jaipur) يا جئوار (Jaiwar) نالي شهر جي وچ ۾ وهندو هو. جنهن ويڙهاند ۾ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ٿيو ۽ جنهن ۾ راءِ ڏاهر پنهنجو سر صدقي ڪيو، سا ويڙهاند مهراڻ ۽ ڏاڍ واهه وچ ۾ لڳي. ڀانئجي ٿو ته راوڙ جو ڪوٽ ٻنهي کي ويجهو هو (62). البلاذري ڄاڻائي ٿو ته عربن جنهن هنڌان مهراڻ پار ڪيو هو، ”هند ۾ قصا (Qassa) جي واليءَ راسل (Rasil) جي ملڪ سان لڳو لڳ هو. قصا جي هڪڙي صورت ڪڇ به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪڇ ڀانئجي ٿو ته راجا ڏاهر جي راڄ جو پرڳڻو ۽ راسل هن پاران اتان جو والي هو. پر اهو انومان ناهي ڪڍڻو ته ڪو درياءَ جي اڪرڻ جو هنڌ ڪڇ جي هاڻوڪيءَ حد جي ڀرسان هو . انهيءَ ڪري راوڙ کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. منهنجي خيال ۾ هيگ جو هيءَ انومان ته اهو بهرهمڻ آباد کان اسي ميل پري هو يا ”اڀرندي ناري“ جي ڪپ تي هو (63)، واجبي نه آهي.

محمد بن قاسم پوءِ برهمڻ آباد ويندي، بهرور ۽ ڍاليلا جا قلعا هڪٻئي پٺيان فتح ڪيا. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڍاليلا مانجهل (Manjhal) نالي هڪڙي ننڍيءَ نديءَ جي ڀرسان هو. جيڪي ماڻهو رات جي اونداهيءَ ۾ رامل (Ramal) ۽ هندستان ڏي ڀڄي نڪرندا هئا؛ تن کي مانجهل اڪرڻي پوندي هئي (64). هيءَ ندي چڱيءَ اهميت واري هئي. تنهن مند ۾ اها جهاز رانيءَ لائق هئي؛ سو ٻيڙيون ڪٺيون ڪري عربن کي اوڀارو واڌ تيهه (Wadhatiah) تائين نيو ويو، جو برهمڻ آباد کان ڪي ٽي ميل هو. سپهه سالار پاڻ جلوالي (Jalwali) (65) واهڙ جي ڪنڌين تائين ويو ۽ اتي ڊاٻو ڪيائين. اهو واهڙ چيو وڃي ٿو ته برهمڻ آباد جي اوڀر ۾ هو.

برهمڻ آباد جي سچيءَ پچيءَ بيهڪ تان چڱو اختلاف آهي. ان جو وڏو سبب هيءَ آهي ته جيڪي جاگرافيدان عرب برهمڻ آباد جي جاءِ وٺندڙ اسلامي شهر منصوره لکن ٿا، تن جي احوالن کي پاڻ ۾ ٺهڪائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. انهيءَ ڇڪ ۾ ٽي مکيه پڊ آهن: ٻه درياهه جي هڪ پراڻي ڀيٽ جي الهندي يعني ساڄي ڪپ تي، هڪٻئي کان اڌ ميل کن پري آهن ۽ هاڻ برهمڻ آباد ۽ دلور (Dalur) سڏجن ٿا. ٽيون پڊ ڪي پنج ميل اتر-اوڀر طرف هڪ ننڍي سڪل واهي جي اڀرندي يعني کاٻي ڪپ تي آهي ۽ نالو اٿس ڏيپر گهانگهرو (Depart Ghangro) منصوره نالو اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

برهمڻ جي هڪ بيهڪ تي بحث ڪرڻ لاءِ ان جي جائنشين شهر جي نسبتي بيهڪ کي آڏو رکڻ نهايت ضروري آهي. ”مسالڪ و مماڪ “ جو سهيڙيندڙ الاصطخري ۽ الادريسي ان ڳالهه تي متفق آهن ته منصوري جي پکيڙ هڪڙو چورس ميل هئي ۽ چوڌاري مهراڻ ۽ ان درياهه جي هڪ ڇاڙ هيس. الادريسي چوي ٿو ته اهو شهر مهراڻ کان ڪجهه مفاصلي تي ان جي مکيه شاخ جي الهندي ڪپ تي هو. (66). ”مسالڪ و ممالڪ“ ۽ ”اشڪال البلاد“ ۾ جيڪي جهڙا تهڙا نقشا (67)ڏنا ويا آهن، سي ٻئي سنڌوءَ يا سنڌ جي مهراڻ کي سنڌ جي وچ منجهان وهندي ۽ ان مان اوڀر طرف هڪڙي شاخ ڦٽندي ڏيکارين ٿا. اها شاخ هڪ چڱي چوکي ايراضيءَ کي وڪوڙيندي، وري وڃي مکيه وهڪري سان ملي ٿي. پر ان ”ٻيٽ“ اندر منصوري جي بيهڪ هڪڙي نقشي ۾ هڪڙي ته ٻئي ۾ ٻي ڏني ويئي آهي. ”مسالڪ و ممالڪ“ موجب اهو  ڇاڙ جي الهندي يعني ساڄي ڪپ تي هو. ”اشڪال البلاد“ ان کي مکيه وهڪري جي کاٻي اڀرندي ڪپ تي ونگ اندر رکي ٿو.

درياهه جي وڏي سڪل پيٽ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ وٽ جنهن وڏي پڊ جو ذڪر مٿي آيو آهي، تنهن جي اصل بيهڪ کي ڏسندي، ظاهر آهي ته اسان جو لاڙو ”مسالڪ و ممالڪ“ جي نقشي کي وڌيڪ معتبر سمجهڻ ڏانهن ٿيندو. اهو ڦٽل پيٽ مکيه درياهه جي شاخ هئي، جا اولهه ۾ اڃا اڳتي لڳ ڀڳ لوهاڻي ڍوري واري واٽ وٺيو هلي ٿي ويئي. جيئن ته هڪ چورس ميل تي ڦهليل هن پڊ کي تر جا ماڻهو اڄ ڏينهن تائين برهمڻ آباد يا ڀانڀرن جو ٺل ڪري سڏيندا آهن، سو ائين وسهڻ واجبي ٿيندو ته منصوره اڳوڻي شهر واريءَ جاءِ تي ٻڌو ويو هو.

البلاذريءَ وارو احوال وري هڪ وڏو مونجهارو ٿو سامهون آڻي. هن صاحب پنهنجو ڪتاب 270 هجريءَ (4-883 عيسوي) ڌاري جوڙيو هو. ان ڪري هو برهمڻ آباد جي پڇاڙيءَ ۾ منصوري جي پايي پوڻ واريءَ تاريخ کي وڌيڪ ويجهو هو. هو چوي ٿو: ”قاسم جو پٽ محمد بهمن آباد * ويو، جيڪو منصوري

کان ٻه فرسخ هو. سچ پچ ته منصوري جو شهر تنهن زماني ۾ موجود ڪونه هو ۽ تڏهن اتي جهنگ هوندو هو.“ ڏاهر جو رهيو کهيو لشڪر وڃي برهمڻ آباد ۾ گڏ ٿيو ۽ وري به هار کاڌائين. سپهه سالار اتي هڪڙو گورنر مقرر ڪيو. ”اهو شهر هاڻ ڦٽي ويو آهي“ (68)  ٻئي هنڌ البلاذري ڄاڻائي ٿو ته هڪڙي دو آبي يا ڍنڍ جي اورار واري پاسي، جنهن جو منهن هند ڏانهن هو، منصورو، ته پرار واري پاسي محفوظ ٻڌو ويو. محفوظ ننڍڙو ڪوٽ هو، جيڪو عربن سوڀ کان ستت پوءِ جڏهن ملڪ ۾ هندو وري ڪر کڻي رهيا هئا، اتي رکيل لشڪر ۽ عام مسلمانن جي بچاءِ لاءِ ٻڌايو هو. منصوري جو پايو ڪجهه ورهيه پوءِ وڌو ويو-- تڏهن جڏهن اسلام غالب اچي چڪو هو.

ڪُزينس وڏي پڊ جي کوٽائي، جو ڪرائي، ته پتو پيو ته مسلمانن واري شهر جي هيٺان ڪو شهر به هو ۽ اسين خاطريءَ سان سندس اهو انومان پنهنجو ڪري سگهون ٿا ته اهو هندڪو شهر برهمڻ آباد هو: سو تر جا ماڻهو جيڪي چون ٿا، سچ ٿا چون. اسان ڪزينس جو هيءَ دليل به قبول ڪري سگهون ٿا ته دلور ضرور محفوظ وارو ماڳ هوندو ۽ سندس هيءَ ڳالهه به ته البلاذريءَ جي ”هند-رخي دوآبي يا ڍنڍ“ جا اهڃاڻ انهن پڊن ۽ برهمڻ آباد واري وڏي پڊ جي وچ ۾ جيڪو اڌ ميل کن ويڪرو وائکو ميدان آهي، اتي ڏسي سگهجن ٿا، اهو ڏيک مان ئي درياهه جي ڦٽل پيٽ سان ڳنڍجندڙ تلاءُ يا ڍنڍ ٿو لڳي (69).

اڃا اهو ڏسڻو آهي ته البلاذريءَ جي انهيءَ بيان کي ڪيترو وزن ڏنو وڃي ته منصورو پراڻي برهمڻ آباد کان اٽڪل ڇهن ميلن تي ٻڌو ويو هو. ان بيان جي ڪري ريورٽيءَ تي هيگ کي هيءَ رايو قائم ڪرڻو پيو هو ته ڏيپر گهانگهري وارو دڙو برهمڻ آباد هو، جو اهو لڳ ڀڳ ايترو ئي پنڌ اتر-اوڀر ۾ آهي (70). پر اهو هنڌ هاڻ برهمڻ آباد ڪوٺجندڙ هنڌ کان گهڻو ننڍو آهي ۽ اهو ڪڏهن به چڱو موچارو شهر نه رهيو هوندو. اتي شهر پناهه جي ڀتين جا ڪي به اهڃاڻ ڪونهن. تنهن کان سواءِ اهو هڪ واهي جي سڪل ڀيٽ جي کاٻي يعني اڀرندي ڪپ تي آهي. اهو واهو ڪنهن زماني ۾ ان جي پاسي مان وهندو هو. پر ”چچنامي“ ۾ صاف ڄاڻايل آهي ته برهمڻ آباد جلوالي نالي هڪ ننڍي واهڙ جي ساڄي پاسي هو ۽ محمد بن قاسم ان جي ڪپ تي خيما کوڙيا هئا (71).

سو ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نٿو رهي ته برهمڻ آباد جو ماڳ ان وڏي پڊ ۾ آهي، جنهن جو نالو (غلط صورت ۾) اڃا قائم آهي، توڻي جي اڳتي هلي ساڳئي هنڌ منصوري جو شهر ٻڌو ويو. محمد بن قاسم برهمڻ آباد کي تباهه ڪونه ڪيو، پر جنهن وقت مسلمانن محفوظي جو شهر ٻڌو، تنهن وقت شايد هنن هندڪي شهر جي رهاڪن کي تڙي ڪڍيو، جنهن ڪري اهو ڦٽي ويو. ڪجهه ورهيه پوءِ برهمڻ آباد جي پڊ مٿان ۽ ان منجهان منصورو جوڙيو ويو (72). البلاذري سنڌ ڪونه آيو هو. سو هن محفوظي ۽ منصوري بابت ٻڌو هڪ هوندو ۽ سمجهيو ٻيو هوندو. ”مجمل التواريخ“ ۾، جنهن لاءِ هندن جي هڪ پراڻي پستڪ تان ورتل هجڻ جو اقرار ڪيل آهي، ان ڄاڻائڻ کان پوءِ ته ”برهمن آباد“ جو پايو بهمن ڪيئن وڌو هو، چيل آهي ته ”هڪڙي بيان موجب اهو منصوريه آهي، وڌيڪ رب ڄاڻي“ (73) منهنجي خيال ۾ هيءُ نتيجو  خاطريءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو ته ڏيپر گهانگهري وارو واهو جلوالي هو، ۽ هي به ته درياهه جو جيڪو وڌيڪ وڏو پيٽ برهمڻ آباد ۽ دلور جي ڀر مان لنگهي ٿو، سو مهراڻ جي ڇاڙ ”مانجهل“ هو، جنهن منجهان عرب پنهنجا ٻيڙا مٿي هاڪاري ڍاليلا کان پري واڌ ٽياهه تائين ويا هئا. هي جو سپهه سالار برهمڻ آباد کان ٻه ڪوهه اورتي درياهه ڇڏي اوڀر طرف جلواليءَ ڏانهن ويو هو، ته ان جو سبب ظاهر آهي ته هيءُ هو ته هن برهمڻ آباد جهڙي مضبوط ۽ وڏي لشڪر واري شهر کان پري رهي، پنهنجي لشڪر کي حملي لاءِ منظم ڪرڻ ٿي گهريو. مانجهل ڇاڙ شهر واري ڪوٽ جي ڀتين وٽ بلڪل ويجهو وهندڙ هئي، ۽ عرب ان جي پرار واري پاسي رهي؛ اوچتن حملن کان بچي پئي سگهيا. گهيري دوران، جيڪو چيو وڃي ٿو ته ڇهه مهينا هليو، اسان سمجهون ٿا ته ڇاڙ جو پاڻي لهي ويو هوندو ۽ اها وڏي رنڊڪ نه رهي هوندي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته پويان حملا سڪيءَ واري پاسي يعني اولهه کان ڪيا ويا، ڇو ته ڪوٽ جي لشڪر بابت ڄاڻايل آهي ته مسلمان جڏهن ڪوٽ اندر گهڙيا ته اهو لشڪر اتر واري در کان ڀڄي نڪتو.

ڪزينس ان راءِ جو هو ته ڏيپر گهانگهري جو پڊ، جنهن جو سڀني ۾ مکيه انگ ”ٻڌ جو جو ٺل“ آهي، سو ٿي سگهي ٿو ته ٻڌن جي ساوندي (Sawandi) نالي وسندي هجي. محمد بن قاسم برهمڻ آباد ڇڏڻ تي پهرين منزل ساونديءَ وٽ ڪئي هئي. ڪزينس هيءُ دلچسپ ڏس به ڏئي ٿو ته اها متان ”ٻڌنوبهار“ واري مڙهي هجي. جا راءِ چچ برهمڻ آباد تي قبضي ڪرڻ کان ستت پوءِ ڏسڻ ويو هو (74).

محمد بن قاسم اتان بهرور (Bahrowar) تي چڙهي ويو ۽ پوءِ وٽس سما ۽ سهتا هڪٻئي پٺيان اچي پيش پيا. سهتن ته کيس اروڙ تائين سڻائن منزل گاهن جا ڏس  به ڏنا. جيڪو وارياسو ٽڪرو روهڙي ٽڪرين جي ڏکڻ تائين هليو وڃي ٿو، تنهن جي ترت اولهه وارو ڏيهه اڃا تائين ساهتي (Sahiti) سڏجي ٿو ۽ اسان جو اهو انومان بيواجبي نه ٿيندو ته عربن جي ڪوچ واري واٽ درياهه کان گهڻي پرتي نه هئي، يعني اها لوهاڻي ڍوري کان قدري اوڀر طرف هئي.

ريورٽيءَ جو چوڻ آهي نه تن ڏينهن ۾ (جيئن اڳي ۾ پوءِ به ڪيترين صدين تائين) مهراڻ ناريءَ ماٿريءَ منجهان وهندو هو ۽ جکرائوءَ جي لڳ ڀڳ هڪ هنڌ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو؛ منجهائنن هڪڙي شاخ ٿلهي ليکي ڏکڻ-اوڀر ڏانهن ۽ ٻي ڏکڻ-اولهه ڏانهن ويندي هئي. اسين اڳيئي ڏيکاري آيا آهيون ته ان تر جا مهانڊا مٿينءَ ڳالهه جي برخلاف ساک ٿا ڏين، سو اها وسهڻ جهڙي نه آهي (75). ريورٽي پاڻ ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته جيتوڻيڪ عرب لشڪر کي برهمڻ آباد کان اروڙ طرف ڪوچ جي ڪنهن اوائلي مرحلي ۾ مهراڻ- يعني سندس مٿي ڄاڻايل ساڄي هٿ واريءَ شاخ تان-ٽپڻو پيو هوندو، پر ”چچنامي“ ۾ اهڙيءَ اڪار جو ڪو ذڪر ٿيل ناهي. سو هو وري به اها اڻ ٿيڻي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته متان هنن ائين اتي ڪيو  هجي، جتي ”ڪرڀائي“ ڍنڍ (76) جو ذڪر اچي ٿو، يعني سندن پهريئن پڙاءَ جي ڀر وٽان. حقيقت ۾، صاف ظاهر آهي ته اهڙي اڪار ماڳهين ٿي ئي ڪا نه  هوندي، ڇاڪاڻ جو برهمڻ آباد ۽ اروڙ ٻئي مهراڻ جي ساڳئي پاسي هئا. پر ائين پڻ ٿي سگهي ٿو ته عرب مکيه وهڪرو ڪٿي هيٺ ئي اڪريا هجن ۽ پوءِ کين برهمڻ آباد پهچڻ لاءِ درياهه جي اڀرندي ڇاڙ به ٽپڻي پئي هجي ۽ اها ڇاڙ متان ڏاڍ واهه نالي وارو واهو هجي.

مهراڻ جي لاڳاپي سان اروڙ جو پهريون احوال المسودي جي ڪتاب ۾ملي ٿو، جو 944 عيسويءَ ڌاري لکيو ويو هو. هو چوي ٿو ته اروڙ ان هنڌ وٽ يا ان جي ڀر پاسي ۾ آهي، جنهن هنڌ درياهه ٻن شاخن ۾ ورهائجي ٿو ۽ اهي ٻيئي شاخون هڪڙي ئي نالي مهراڻ سان سڏجن ٿيون، تان جو اهي وڃي هڪڙي شاڪره نالي شهر ويجهو، جيڪو ”ديبل شهر کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي“ سمنڊ ۾ ڇڙن ٿيون. ان بيان کي ملڪ جي طبعي جاگرافيءَ سان ٺهڪائڻ ناممڪن ٿو لڳي سمجهو کڻي ته سندس کاٻي هٿ واري شاخ نارو هوندي ۽ سندس ساڄي هٿ واريءَ شاخ هيٺينءَ سنڌ ۾ پراڻ وارو دڳ ورتو هوندو. اهڙيءَ ريت، ٻيئي شاخون ڪڇ واري رڻ ۾ ڇوڙ وٽ گڏ اچي ٿينديون. اتان ديبل تائين مفاصلو ٻن ڏينهن جي پنڌ کان گهڻو مٿي ٿيندو. تنهن کان سواءِ پاڻ المسودي پنهنجي هڪڙي ٻئي ڪتاب ۾ اهو مفاصلو  گهٽائي ٻه فرسخ ٻڌائي ٿو (78). هو اسان کي هيءُ پڻ ٻڌائي ٿو ته اروڙ مهراڻ جي الهنديءَ ڪنڌيءَ تي هو. هن جو اهو چوڻ تڏهن ئي سمجهه ۾ ايندو، جڏهن اسين هيءُ فرض ڪريون ته جيڪو اٿل جو پاڻي اوڀر واري پاسي کان وهندو لنگهيو ٿي، تنهن کي هُن درياهه جومکيه وهڪرو ڪري ڄاتو هوندو. اروڙ جي اصل ماڳ کي هڪ اڳئين باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي (79). ”چچنامي“ جو لکندڙ اروڙ بابت چوي ٿو ته راءِ سهيرس جي صاحبيءَ ۾ ”اهو شهر شاهي محلاتن، ماڙين، باغن، ڦوهارن، نهرن، چراگاهن ۽ وڻن سان سينگاريل هو ۽ هڪڙي مهراڻ نالي درياهه جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هو“ (80).

البلاذري چوي ٿو ته اروڙ هڪ ٽڪريءَ تي ٻڌل هو. هو ٻه ڀيرا ان جو ذڪر ”بغرور“ سان گڏ ڪري ٿو. ”چچنامو“ به ڄاڻائي ٿو ته بغرور جو قلعو اروڙ جي ملڪ ۾ مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي اروڙ واري قلعي جي ”بلڪل سامهون“ هو (81).

الاصطخري بغرور جو ذڪر نٿو ڪري. البت هيءُ ڄاڻائي ٿو ته اروڙ يا الور (ال رور) پکيڙ ۾ ذري گهٽ ملتان جيترو هو، ان جون ٻه شهر پناهون هيون ۽ اهو مهراڻ ڀرسان هو (82). ”چچنامو“ ان جي اتانهين پناهه ۽ ان جي بتڪدي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته محمد بن قاسم ان کان ميل کن پري خيما کوڙيا هئا. پر اهو ڄاڻايل نه آهي ته اهو پڙاءُ شهر جي ڪهڙي پاسي هو ۽ نه اهو ته هو ڪهڙي پاسي کان آيو هو.

اروڙ جي پيش پوڻ کانپوءِ مسلمان سنڌ راڄ جي ٻن اترين پرڳڻن کي فتح پوڻ لاءِ پنجاب تي چڙهي ويا. ان مهم جي احوال سان تن ڏينهن ۾ پنجاب جي ندين جا جيڪي دڳ هئا، تن تي پڻ ڪجهه روشني پوي ٿي. عربن پهرين باٽيه (Batiah) جي ڪوٽ تي قبضو ڪيو (83). جيڪو بياس جي کاٻي يعني ڏاکڻي ڪپ تي بيٺل هو. بياس تڏهن پنهنجي الڳ پيٽ منجهان وهندي، ملتان کان هيٺ وڃي، چناب سان ڳنڍبي هئي. هي ءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته ستلج جو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويو. ٿي سگهي ٿو ته ستلج ۾ چاڙهه ايندو هجي ته ان جي پاڻيءَ جو چڱو چوکو ڀاڱو وڃي هاڪڙي ۾ پوندو هجي ۽ اهڙيءَ  ريت اهو اروڙ جي اوڀر کان ۽ ڪجهه پنڌ ناري ماٿريءَ منجهان به وهندو هجي. پر آءُ هڪ ٻئي حَل کي ترجيح ڏيڻ تي مائل آهيان، جو هيءَ آهي ته بياس نالو ستلج ۽ بياس جي گڏيل پوئين وهڪري سان لاڳو ٿي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو اهو گڏيل وهڪرو  ان دڳ تان ٿي وهيو، جتان اڳ فقط بياس وهندڙ هئي ۽ گهڻو پنڌ هي ٻيئي نديون ائين گڏ وهنديون هيون. پر اوائلي تاريخ نويسن ۽ جاگرافيدانن جي ليکتن ۾ ستلج جي ذڪر نه هجڻ تي ڪي وڏا نتيجا  ڪڍڻ مناسب نه ٿيندا.

محمد بن قاسم پوءِ بياس اڪري ساڄي ڪپ تي ويو ۽ وڃي اسڪنداهه (Askandah) جي ڪوٽ سان سنڌين سان اٽڪيو (84). ڪجهه ويڙهاند کان پوءِ ڪوٽ جو سردار رات جو ڀڄي ويو ۽ وڃي هڪڙي ڪوٽ ۾ ويٺو جنهن جو نالو سيڪهءِ ملتان (Sikka-i-Multan) هو. اهو راويءَ جي ڏاکڻي (کاٻي) ڪپ تي هو. هت وري اسان ان درياهه جي بيهڪ هاڻوڪي زماني کان ڪافي ڦريل ڏسون ٿا. هاڻ وري ملتان کان چاليهارو ميل مٿي چناب ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. پر تنهن زماني ۾ ڀانئجي ٿو ته رواي چناب سان، يا شايد بياس سان، ان شهر کان ذري گهٽ ايتروئي پنڌ هيٺ گڏبي هئي. سنڌين سڪههءِ ملتان ۾ به چڱي ويڙهه کاڌي، پر هار کائي ملتان شهر ڏي موٽي ويا، جنهن تائين رسڻ لاءِ کين راوي پار ڪرڻي پيئي هئي.

نيٺ ملتان به ويو ۽ هڪڙي بيان موجب، عرب سپهه سالار جهلم نديءَ ۽ پرڳڻي جي ٻين هنڌن تي جيڪي قلعا هئا، تن تي والي مقرر ڪري موڪليا (85) ۽ پڻ مکيه لشڪر سان پنج ناهيت (Panj Nahiyat) تائين ويو، جتي راجا ڏاهر ڪشمير سان پنهنجي سرحد جي نشان طور  دڙي هڻائي ڇڏي هئي، هن پنهنجي نائبن مان هڪڙي کي قنوج جي سرحد ڏانهن اماڻيو ۽ هڪڙي اڌاپور (Udhapur) نالي هنڌ تان راجا راءِ هرچندر کي چورائي موڪليائين ته دين اسلام کي قبول ڪريو. ريورٽي ان هنڌ جي بيهڪ هاڪڙي تي هاڻوڪي بيڪانير رياست اندر هڪ اهڙيءَ جاءِ تي ٿو رکي. جا سوهنڪوٽ سان ٺهڪندڙ لڳي ٿي ۽ سردار ڳڙهه کان گهڻي پري نٿي ڀانئجي (89). ”چچنامي“ جي متن ۾ هت ڪنهن درياهه جو ذڪر ڪونهي. پر اتفاق اهڙو ٿيو، جو  محمد بن قاسم اڃا اڌاپور ۾ هو، جو کيس موٽي اچڻ جا حڪم اچي پهتا. سو هن فتوج تي حملي جو حڪم رد ڪري ڇڏيو. اهو حملو هن راجا جي آڻ مڃڻ کان انڪار تان ٿي ڪرايو.

پسگردائيءَ وارن ڏينهن جو ٿورو گهڻو  احوال ”چچنامي“ جي ڇڙوڇڙو ٽڪرن ۾ ملي ٿو. آءُ اڳيئي هڪڙي مسئلي ڏانهن اشارو ڪري آيو آهيان. اهو مسئلو يوئان چوانگ جي انهيءَ بيان جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ته مُو- لو-سان - پو- لو، جنهن کي ملتان ئي چئي سگهجي ٿو، (642 عيسويءَ ۾) جي-ڪا جي ماتحت هو ۽ نه سنڌ جي ماتحت ، هو اسان کي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته چي-ڪا جي پکيڙ 10،000 لي هئي ۽ اهو ٽڪرين جي هيٺان سنڌو ۽ بياس جي وچ ۾ هو (87). جنهن تڪيه (Tahiah) نالي ڏيهه بابت ”چچنامي“ ۾ آيل آهي ته اهو چتور ۽ ڪشمير جي وچ ۾ هو، سو شايد چي-ڪا هو، پر پکيڙ ۾ ڪافي گهٽجي ويل هو (88). قنئوچ، يا فتوج، جي راڄ جو ذڪر هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آيل آهي، ۽ ڀانئجي ٿو ته ان ۾ رامل (Ramal) نالي ملڪ به شامل هو. ڍاليلا جي ماڻهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان ڪي رامل رستي هندستان ڏانهن ڀڄي ويا هئا. ريورٽيءَ جو رايو آهي ته ان ملڪ ۾ ”ڀاٽي“ (Bhati)  قبيلو رهندڙ هو، يعني اهو جيسلمير هو  (89) انهن ڀاڄ کائيندڙن شيرو (Shiro) ملڪ ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان جو حاڪم راءِ ڏاهر جو هڪڙو سوٽ (يا ماسات يا پڦاٽ) هو. پوءِ اسان کي جاسم (Jasam) ڏيهه بابت ٻڌايو ٿو وڃي، جتان جي حاڪم جا ڏاهر سان دوستاڻا ناتا هئا. شيرو ۽ جاسم ٻيئي گهڻو ڪري اترئين راجپوتانا ۾ هئا (90).

ڏاهر جي پٽ جئيسه يا جئسين جڏهن ڏٺو ته برهمڻ آباد ڪونه بچندو تڏهن هن پنهنجن ٻارن ٻچن سان ”وارياسو رڻ پٽ لتاڙي“ وڃي چتور ۾ پناهه ورتي (91). ڀانئجي ٿو ته هو چتور کان ڪئراج (Kairaj) جي ملڪ ويو، جتان جي راجا جو نالو دروهر راءِ هو. پڪ ناهي ته اهو راڄ يا علائقو ڪٿان هو. اتان جو حاڪم سنڌ جي ماتحت نٿو ڀانئجي. تنهن هوندي به، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب سپهه سالار، برهمڻ آباد تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي هڪڙي عملدار کي ”ڪُريج (Kurij) جي راجا دروهر جي راڄ“ جو والي ڪري رکيو هو (92). ڪئراج کان جئسيه ڪشمير ويو، جتي هو ڪي ورهيه راجا جو مهمان ٿي رهيو (93).

سنڌ جي پاڙيسري ملڪن بابت اهي احوال گهڻو تڻو هيءُ تاثر ٿا ويهارين ته ان اتهاس جي اصل سهيڙيندڙ کي انهن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانه هئي ۽ ضرور انهن کي هڪ جو ٻيو سمجهيو هوندائين. تڏهن به ”چچنامي“ پڙهڻ سان سنڌ جي جا تصوير اڀري ٿي، سا طبعي لحاظ کان اڻپوريءَ ۽ اڻ چٽي هوندي به، بنيادي طرح سچي ٿي لڳي.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

سي-يُو-ڪي لاءِ مون گهڻو تڻو واٽرس جي تصنيف، ”يوئان چوانگ جي هندستان ۾ مسافرين بابت“ (ر. ا. س، 5-1904) تي ڀاڙيو آهي. پر ايس. بيل وارو ترجمو (ٽربنر، 1884) به نظر مان ڪڍيو اٿم.

”هوئن تسانگ جي آتم ڪهاڻي“، فرنيچ ۾ ترجمو از اسٽانسلاس جو ليان (پئرس، 1852).

”يوئان چوانگ جو سفر نامو“، سهڙيندڙ: ونسينٽ سٿ،پڻ ڏسو واٽرس، اڳ ڄاڻايل ليک، جلد ٻيو، ص 332 فوٽ نوٽ 337). جنرل هئگ هڪ ڏينهن جي مسافري 100 لي ڪٿي ٿو. ان بنياد تي مو-لا پ وء ۾  ڪ -ا - ت اِ جي وچ ۾ مفاصلو ”اتهاس“ جي هڪڙي نسخي ۾ 300 لي ڄاڻايل آهي ته ٻئي ۾ ”ٽن ڏينهن جي مسافريءَ جيترو“. (هيگ، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 38 ۽ نوٽ 54، واٽرس، اڳ ڄاڻايل ليک، جلد ٻيو، ص 245، بيل اڳ ڄاڻايل  ليک،ٻيو، ص 265 (فوٽ نوٽ)، جوليان، اڳ ڄاڻايل ليک، ص 206).

هيگ هڪڙي سراسري ڏينهن جي مسافري سورهن ميل ڪري وٺي ٿو. پر اسان کي اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته يوئان چوانگ کي ننڍا ننڍا پنڌ وڻندا هئا ۽ آءُ ننڍي پيماني (هڪ لي برابر آهي ڏيڍ فرلانگ جي ته 50 لي برابر ٿيا ذري گهٽ ڏهن ميلن جي، جيڪي برابر ٿيا هڪ ڏينهن جي پنڌ جي) جي آڌار تي ليکي ڪرڻ جي فائدي ۾ آهيان، ڇو ته ان بنياد تي ياتريءَ سنڌ اندر ۽ پاڙيوارن ملڪن ۾ پنهنجين ننڍين توڙي وڏين مسافرين جا جيڪي نانگ اکر ڏنا آهن، سي جاگرافيءَ سان سهنجا ٺهڪي ايندا، جيئن منهنجي نقشي (نمبر 7 ) مان پڌرو ٿيندو.

”اتهاس“ ۾ ته ائين ڄاڻايل آهي. پر ”سوانح عمري“ کيس سوراشٽر کان هيٺينءَ سنڌ ۾ داخل ٿيندو ڏيکاري ٿي. جوليان. ص 207.

جيڪڏهن ياتري گجر رياست جي گاديءَ، ڀيلمل، کان هليو هوندو ته سندس واٽ جيسلمير جي ٽاڪرو ۽ وارياسيءَ سُڃ منجهان لنگهندي، مٿينءَ سنڌ ۾ سنڌونديءَ تائين پهچڻ لاءِ کيس ذري گهٽ اتر-الهندي طرف رلڻو پيو هوندو. پيلمل کان ايستائين سڌو مفاصلو تي سوء ميل ٿئي ٿو.

”اتهاس“، ترجمو : ايس. بيل، ٻيو، 274. ڀيٽي ڏسُو: جوليان ص. 21، ايليئٽ جي ڪتاب، ”هندستان جي تاريخ ان جي پنهنجي تاريخنويسن جي زباني“ (جلد پهريون ص 28) ۽ الاصطخريءَ جو حوالو، البيروني، ”هندستان“، انگريزي ترجمو: سچاءُ پهريون، 16.

ڀيٽيو: هيگ، ”سنڌو، جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 35.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 45 ۽ نوٽ ڀيٽيو: ونسينٽ سمٿ، ”هندستان جي اوائلي تاريخ“، ڇاپو ٻيو، ص 328.

”مجمل التوايخ“ موجب، سنڌ يعني مٿينءَ سنڌ جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي گادي عستلندوسيه هئي. ان لاءِ ڪي چينائي اکر هوندا، سو ممڪن نٿو لڳي. رينو، ٽڪرا، ص 18. ايليئٽ پهريون، ص 109. جيڪڏهن پي-شان-پ وء -پُو-لُو ڪچي ۾ هو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته درياهه ان کي پائي ويو هجي ۽ ان جو نالو (ويشو پور : Vichavapura) وسارجي ويو هجي. درياهه پائي ڇڏيون هيون، تنهن کان پوءِ ٿي غلام شاهه نيرون ڪوٽ جي سلامتيءَ واري ۽ آڳاٽي ماڳ تي حيدرآباد ٻڌايو هو. متان سنڌ جي راءِ پڻ، هنن جيان مجبور ٿي پنهنجي گادي ڪڇي مان ڪڍي، ساڳيءَ ريت اروڙ جي سلامتيءَ واري ۽ آڳاٽي ماڳ تي کڻي کڻي ويو هجي. ان انومان جي روشنيءَ ۾، ٿي سگهي ٿو ته پي-شان-پ وء- پوُ-لُو ٿلهي ليکي پني عاقل ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي وچ ۾ ڪنهن هنڌ سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي هجي. اها بيهڪ ياتريءَ جي ”سن-تو“ کان مسافريءَ سان بلڪل ٺهڪي ايندي.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص 7-36، ڪننگهام، ”هندستان جي آڳاٽي جاگرافي“، ص ص 204-202.

ڀيٽيو؛ ايريئن، ”انڊيڪا“، پنجهويهون، پلائني ڇهون، 23، 95 (ڏسو ”اورئتائي لوڪ“).

”بربهت سمهتا“، ترجمو: ايڇ ڪرن، ر. ا. س. ر. نئون سلسلو، جلد پنجون، (1871) ، باب سورهون، 22. ڀيٽيو: جوليان، اڳ ڄاڻايل ليک، ص 207، واٽرس، اڳ ڄاڻايل ليک، ٻيو ، ص 257، بيل اڳ ڄاڻايل ليک، پهريون، ص ص 240، 279. ميڊ (Med) جي مهاڻن وٽ اڃا به ائسٽول (Astolo) ٻيٽ بابت اهڙيون ڏند ڪٿائون آهن، جو ٻڌي دهشت وٺيو وڃي. ڀيٽون: ٽي. ايڇ . هولڊچ، ”هندستان جي سرحد وارو ملڪ“ ص ص 7-206.

ڏسو هن ڪتاب جو باب اٺون، حوالو 26.

ڪننگهام، هه. آ. ج،  ص ص 2-281.

هيگ ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“  ص ص39-37.

جوليان ان کي او-فان-تشا ( ا و د: (Avada سڏي ٿو، ص 209.

اهو مڃڻو پوندو ته باڊهه لڳ ڌامراهن جي دڙي کان موهن-جو-دڙو اوڀر طرف آهي ۽ نه اتر-اوڀر طرف.

جوليان، ص 206. فا-لا-نا کي گومل ماٿريءَ اندر سمجهڻ جو وڏو سبب هيءَ آهي ته ”سوانح عمري“ موجب ياتريءَ چين ڏانهن موٽ واريءَ مسافريءَ جي اوائلي مرحلن ۾ لان-پ و (لغمان: Laghman) کان وڏو چڪر ڪيو  هو ۽ سڌو ڏکڻ طرف پندرهن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ فا- لا- نا پهتو  هو. گومل ندي لغمان کان سڌو ڏکڻ طرف 150 ميلن کان به وڌيڪ مفاصلي تي آهي. ملڪ ٽاڪرو هو، ان ڪري مسافريءَ جي اها رفتار معقول ٿي لڳي. (جوليان، اڳ ڄاڻايل ليک، ص 265، واٽرس، اڳ ڄاڻايل ليک، جلد ٻيو، ص ص3-262).

پر جيڪڏهن فا-لا- نا گومل جي ڪپ تي هو ته پوءِ اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته ان ۽ اَ-فان-تُو، جتان ”اتهاس“ موجب ياتري (900 لي) آيو هو، ٻنهي جي وچ ۾ مفاصلو تمام گهٽ ڏيکاريل آهي، جڏهن ته اتان تسائو-ڪو- ت، تائين مفاصلو (2000 لي) ذري گهٽ تيتروئي وڌائي ڄاڻايل آهي. ٻئي طرف، جيڪڏهن فا-لا-نا جي بيهڪ اهائي هئي، جا مون ڏسي آهي، ته پوءِ ٻيئي مرحلا ٽڪرن منجهان ورتل واٽن جي اصل مفاصلن سان پوريءَ طرح ٺهڪندا نظر ايندا.

انگريزي ترجمو: ٽي. پوسٽنس، ا. س. ب. ، جلد چوڏهون (1845)، ص 78.

”چچنامو“، ايڊيٽر: قليچ بيگ، ص 61.

”جهالاوان گزيٽيئر“، ص 221.

مثال طور، هيگ طرفان، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 34.

قليچ بيگ، ص 11. ”تاريخ- معصومي“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾، جن جو تنهن زماني جو سمورو احوال ”چچنامي“ تان ورتل ٿو ڏسجي، حدون اتر (اتر-اولهه) ۽ ڏکڻ طرف اڃا به اڳتي ڏيکاريل آهن.

ڌيان ۾ رهي ته ”مجمل التواريخ“ پڻ ڄاڻائي ٿي ته سنڌ اندر هندن جي صاحبيءَ جي پوئين دور ۾ ملڪ چئن ننڍن راڄن ۾ ورهايو ويو هو، جن جا حاڪم راجائون هئا. (ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص110-109).

جوليان، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص ص7-94؛ واٽرس، اڳ ڄاڻايل ليک، ٻيو، ص 337.

ونسينٽ سمٿ چيهه-ڪا کي ”راڄ“ ڪري ڄاڻائي ٿو. ”هندستان جي اوائلي تاريخ“، ص ص 8-327. ڀيٽيو: واٽرس، پهريون، ص 286، ٻيو 5-254.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص 60- 59 ڀيٽيو: اسٽرابو، پندرهون، پهريون، 26.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص 8- 117.

”سنڌ جو مهراڻ“، ص 231، نوٽ 183.

قليچ بيگ، ص 94، ”مهراڻ“ ص 233، نوٽ 164. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ريورٽي اهو  ڪهڙي بنياد تي چوي ٿو ته سيوستان خلاف ڪاروئي ”ضرور ڊسمبر 711ع يا جنوري 712ع ۾“ ڪئي ويئي هوندي – يعني نيرون خلاف ڪاروائيءَ کان ڇهه يا وڌيڪ مهينا پوءِ ! 71ع جو جولاءِ يا آگسٽ مهينو وڌيڪ واجبي ٿو لڳي.

 مهراڻ، ص 239 (نوٽ187) جي پڇاڙي.

”مهراڻ“ جي ص 231 جي نوٽ 183 ۾ ”سنڌ ساهگر“ ڄاڻايل  آهي، قليچ بيگ (ص 90) ان جو ترجمو ”سنگرهه جي ڍنڍ“ ڪري ٿو.

 قليچ بيگ، ص 117.

البلاذري ”خور“ لفظ ڪتب آندو هو. رينو ان جو (غلط) ترجمو “Baje” ڪري ٿو. اها کاري سنڌوءَ جو نيڪر نٿي ٿي سگهي، جي هئي به ته ڪنهن اهيت واري نه هوندي. ترت پوءِ واري دور جي مسلمان جاگرافيدانن موجب، درياهه جو ڇوڙ ان کان ٻه فرسخ اوڀر ۾ هو. المسودي پنهنجي”مروج الذهب“ نالي تصنيف ۾ سچ پچ ته مفاصلو ”ٻن ڏينهن جي مسافري“ ڪري ڄاڻائي ٿو. پر هيءَ ضرور ڪا ڀل هوندي، ڇو ته هو ساڳئي ڪتاب اندر ڪنهن ٻئي هنڌ چوي ٿو ته مهراڻ ”الديبل وٽ“ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجي پوءِ جي تصنيف، ڪتاب التنبيهه، ۾ هو ان کي ٻن فرسخن جي مفاصلي تي ڏيکاري ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ابن-خودازبهه سان شامل راءِ ٿئي ٿو.

(هوديوالا، هند-مسلم تاريخ جو اڀياس، ص نائون). البلاذريءَ لاءِ ڏسو ايليئٽ، جلد پهريون، ص 116. ابن خرداربه، ايضاً، ص 15. المسودي، ”مروج الذهب“، انگريزي ترجمو: الائز اسپرينگر ”سون ورناويءَ“ وغيره، (اوڀر جي ٻولين مان ترجمي وارو فند، 1841)،  ص ص234، 386.

ايليئٽ واريءَ تاريخ جي صفحي 37 تي هيءَ نوٽ ته ابن حوقل چوي ٿو ته ديبل مهراڻ جي اوڀر ۾ هو، درست ناهي، هو چوي ٿو (ايضاً، ص 40) ته مهراڻ ديبل جي اوڀر ۾ سمنڊ منجهه ڇوڙ ڪري ٿو.

ان هنڌ جي هيگ ۽ ريورٽيءَ موجب اٽڪل روءِ بيهڪ لاءِ ڏسو: ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص50-42) ”مهراڻ“، ص 322 (نوٽ 315). ريورٽيءَ جي نوٽ مان هيءُ انومان ٿو نڪري ته هن اڳوڻي ۽ پوئين ”ديول“ کي ساڳيءَ جاءِ تي ٿي ڄاتو. پر اڳواڻي ديول جي آخري ذڪر ۽ پوئين ديول جي پهرئين ذڪر جي وچ ۾ چئن صدين جي وٿي آهي. پڻ ڏسو: مئڪمرڊو ، ر، ا. س. ر. ۾ ، جلد پهريون، ص 29، ڪننگهام، هه. اَ. ج. ص 299.

ڏسو ”اشڪال البلاد“ ۽ ”مسالڪ و ممالڪ“ جا نقشا، ”مروج الذهب“، المسعودي ترجمُو: اسپرينگر، ص 385، ”البيرونيءَ جو هندستان“، ترجمُو: سچاءُ، ص ص205، 206.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 200، مهراڻ، ص ص 256- 255.

هيگ ان نالي کي جاهم (Jaham) لکيو آهي. (”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 62). شايد هيءُ اهوئي هنڌ آهي، جنهن کي مئڪرڊو هيماڪوٽ يا جهامڪوٽ جي نالي سان مڪلي ٽڪرين تي يا انهن جي ڀرپاسي ۾ ڏيکاري ٿو. (ر. ا. س. ر، جلد پهريون، ص 31)

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 99. محمد بن قاسم هت ڊاٻو ڪندي حجاج کي لکيو هو ته مون مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي منزل ڪئي آهي. ان مان آءُ ائين ٿو سمجهان ته درياهه تڏهن گنجي ٽڪر جي ڏکڻ- اوڀر واري ڇيڙي جي ويجهو وهندڙ هو. ريورٽي ان تلاءَ يا ڍنڍ کي سونهري ڍنڍ سان هڪ سنئون ٿو ڄاڻي. ڏسو هيٺ حوالو 39.

قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيو، ص 162، مئڪمرڊو، ”سنڌ ملڪ جو احوال“ وغيره، ر . ا. س. ر. جلد پهريون، ص ص 5- 234. پڻ ڏسو ڪننگهام، هه. ا. ج. ص ص 281- 279.

”مهراڻ“،   ص ص7-226، نوٽ 173، ”هاڻوڪي حيدرآباد کان ڪي 35 يا 40 ميل ڏکڻ ۾ ۽ اٽڪل ايتروئي پنڌ ٺٽي جي اوڀر ۾“. ايضاً، ص ص 9- 228، نوٽ 173- گنجي ٽڪر جي ڏاکڻي ڇيڙي لڳ. ايضاً، ص ص 5- 234 نوٽ 187- (نيرون جون ٽڪريون) سونهري ڍنڍ لڳ جهرڪن جي اوڀر ۾.

لاصطخري، ايليئٽ ۾، پهريون، ص 29. ابن- حوقل، ايضاً ص 39. الادريسي؛ ايضاً، ص 78.

”مهراڻ“، ص 218، ريورٽي هت نيرون پڙهي ٿو. ايليئٽ ان ٽڪري جو ماڳهين ترجمو ئي ٻيو ٿو ڪري (پهريون ص 40). پڻ ڏسو ”مهراڻ“ جي ص 227 تي ريورٽيءَ جو نوٽ 173.

هيگ، ر. ا. س. ر ۾، جلد سورهون، نئون سلسلو، (1884)، سنڌ ۾ برهمڻ آباد ۽ منصوري جي ماڳن بابت وغيره، ص 285.

ريورٽيءَ جي پڙهئي. ڏسو حوالو 33 مٿي.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 91.

پڻ ڀيٽيو: ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص ص5- 124.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو  ملڪ“، ص 5 5.

مون هيگ جي ترجمي کي ريورٽيءَ جي ترجمي تي ترجيح ڏني آهي، ”اڳوڻن ڏينهن ۾ جوءَ سنڌ اتر واري پاسي کان، يا پاسي تي، نه وهندي هئي“-ڇاڪاڻ ته ٿورو اڳتي هلي عبارت بلڪل چٽي ٿي وڃي ٿي ته گورنر جابرا (Bajra) اتر واري در کان نڪري ”درياهه پار ڪري“ ٻڌيا ڏانهن ڀڳو. پڻ ڏسو هوديولا،  اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 88. سندس پڙهڻي آهي اڙل  جي ڍنڍ- ”دهنده ارل“.

ياد رهي ته هاڻوڪي زماني ۾ جڏهن سنڌوءَ منجهه وڏو چاڙهه اچي ٿو، تڏهن ان جو پاڻي اڙل جي معرفت منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوي ٿو. (ڏسو مٿي باب 3، ص 28). پر جڏهن سنڌو سيوهڻ جي اوڀر ۾ ڳپل پنڌ پرڀرو وهندي هئي، تڏهن اڙل جو ان سان ميلاپ ڏکڻ ۾ گهڻو هيٺ ٿيندو هوندو، جنهن ڪري سنڌوءَ جي چاڙهه جي پاڻي اڙل رستي منڇر نه ويندو هوندو.

پر ڏسو ابن- حوقل (ايليئٽ، پهريون، ص 40) جتي سنڌوءَ جي اولهه واريون ڍنڍون نظر چڙهن ٿيون.

هيگ، ”سنڌو جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص 9-58 پڻ ڏسو هوديوالا، ص ص9-88.

ڀيٽيو: ريورٽي، ”مهراڻ“ ص 240 نوٽ 189.

هيگ (”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“ ص 59، نوٽ 82) جو ويچار آهي ته اهو شايد گنداو هو ۽ هو اڳتي هلي چوي ٿو ته اهو ڪيڪنان ڏيهه جو مکيه شهر هو.

مڃڻو پوندو ته اهي مفاصلا شايد ”زهريءَ“ سان به لاڳو ٿي سگهن ٿا، جنهن هنڌ کي رورٽي قندابيل سان ساڳوڻائي ڏيکاري ٿو. ڏسو هيٺ.

ريورٽي، ”افغانستان تي نوٽ“، ص ص 556 ۽ 558، فوٽ نوٽ. گهٽ ۾ گهٽ ”جهالاوان گزيٽيئر“ (ص 231) مان ائين نٿو لڳي ته ڪو اتي ڪنهن جهوني ماڳ جا اهڃاڻ به آهن.

مثال طور، ريورٽي، ”افغانستان تي نوٽ“، ص 524.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 39.

قندايل بابت ڄاڻايو ويو آهي ته عربن ان کي هجري سن 85 (704 عيسوي) ۾ فتح ڪيو هو. (قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 69). پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اتر بلوچستان ۾ سندن سوڀن کي سنڌ جي فتح کان پوءِ جٽاءُ نصيب ٿيو هو.

ساڳيءَ ريت، ”چچنامو“ اسان کي هي پڻ ٻڌائي ٿو (قليچ بيگ، ص 156) ته راوڙ جي وڃڻ کان پوءِ ڏاهر جي پٽ جئيسهه يا جئسين راڄ جي ڪيترن ئي پرڳڻي-ڌڻين کي مدد لاءِ لکيو ۽ انهن ۾ سندس سوٽ (يا ماسات يا پڦاٽ) ڍال پٽ چندر به شامل هو، جو ”ٻڌيا ۽ ڪيڪوان جي ملڪ ۾ هو.“ ڀيٽيو: ريورٽي، مهراڻ، ص 241، نوٽ 189. برهمڻ آباد پيش پيو ته محمد بن قاسم پنهنجي هڪڙي ”مالڪ“ نالي عمدار کي قندابيل جو والي ڪري موڪليو. قليچ بيگ، چچنامو، ص 173.

قليچ بيگ، ”چچنامو“،ص 99. جيڪڏهن ۽ ان جو امڪان به آهي، اغرور اهو ساڳيو بغرور هو، جنهن کي البلاذري توڙي ”چچنامو“ اروڙ جي ڀرپاسي ۾ ڄاڻائن ٿا، ته پوءِ هيءُ ٽڪرو مٿي ڄاڻايل (ص 14) راءِ جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته اتر ۾ جيترو پري سيسم هو، تيترو پري منڇر ڍنڍ نه هئي. ڀيٽيو: هوديوالا ۾ نوٽ، ص 90.

قليچ بيگ، ”چچنامو“،ص 30. هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 133 (ضميمو) ان جي پاڙي واري شهر ڪوٽڙيءَ ۾ لوهاڻي ڍوري جو ٻيٽ خاص ڪري چٽو آهي ۽ اڃا تائين ڪئين اهڙيون ڳالهيون مشهور آهن، جي ڪوٽڙيءَ کي ديومالائي راجا دلوراءِ سان ڳنڍين ٿيون. ڏسو س. ت. س. ر جلد اٺون، ص 49

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص  43-42-54 پڻ.

ڇڙو اهو بيان ئي ڪزينس جي ان نظريي جا پير ڪڍي ٿو ڇڏي ته راوڙ مٿينءَ سنڌ ۾ هو. ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، هوديوالا، ص 86.

ڏاهر جي مماتيءَ واري هنڌ بابت عبارت جو ترجمو ايليئٽ ”مهراڻ“ ۽ واڌواهه (يا ڏاڍ واهه) نالي واهي جي وچ ۾ “ (پهرين، 172) ۽ قليچ بيگ ”مهراڻ“ جي پاڻيءَ منجهه ڍاواهه جي نار ۾“ (اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 153) ڪيو آهي. ٻنهي مان ايليئٽ وارو ترجمو وڌيڪ آئڙي ٿو.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص 4-62.

ايضاً، ص 175.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 157. ”اشڪال البلاد“وارو نقشو منصوري کان مٿي مهراڻ مان اوڀر طرف ڦٽندڙ ڇاڙ جي ڪپ تي هڪڙو هنڌ ”بلري“ (ايليئٽ جي پڙهئيءَ موجب ”بلاري“) نالي ڏيکاري ٿو. هيءُ شايد اهو ساڳيو هنڌ آهي، جنهن جو ذڪر ”چچنامي“ جي هن ٽڪري ۾ اچي ٿو. (ايليئٽ واري ڪتاب جي جلد پهرئين ۾ ص 32 جي سامهون وارو نقشو). ڀيٽيو: ”مهراڻ“، ص 215 ۽ نوٽ 144.

منصوري لاءِ ڏسو الاصطخري (ايليئٽ ، جلد پهريون، ص 27)، ابن-حوقل (ايضاً، ص ص 5-34)، الادريسي (ايضاً، ص 78).

”اشڪال البلاد“ وارو نقشو ايليئٽ جي جلد پهرين ۾ ص 32 جي سامهون نقل ٿيل آهي. ”مسالڪ و ممالڪ“ وارو نقشو ميجر ريورٽيءَ جي ڪتاب، ”سنڌ جو مهراڻ“ جي پچاڙيءَ ۾ پليٽ نمبر ڏهين ڪري ڏنو ويو آهي. پهرئين لاءِ ڏسو هن ڪتاب جو نقشو نمبر 9.

البلاذري، ايليئٽ ۾، جلد پهريون، ص 122. ڀيٽيو: ”مهراڻ“ ص 200، نوٽ 105.

ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص ص 70-69.

”مهراڻ“،  ص 239، هيگ، ر. ا. س. ر. ۾، سورهون، نئون سلسلو، (1884)، سنڌ ۾ برهمڻ آباد ۽ منصوري جي ماڳن بابت وغيره، ص ص 294- 281.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 158، ڀيٽيو: ڪزينس جي ڪتاب، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ۾ نقشو، پليٽ پنجين ۽ متن جا ص ص 60-59. جنهن واهڙ بابت هيگ قياس آرائي ڪري ٿو ته اهو اتر- اوڀر کان ڏکڻ- اولهه ڏانهن وهندڙ هو (ڏسو ر. ا. س. ر. جي جلد سورهين، مضمون اٺين اندر سندس نقشي جو خاڪو) سو موجود ئي ڪونهي. اهو واهڙ ملڪ جي عام لاهه سان گوني ڪنڊ تي هجي ها، يعني هت اتر- اولهه کان ڏکڻ – اوڀر جي لڳ ڀڳ.

ڪزيٽس، ”سنڌ جون نيون جهونيون وٿون“،  ص 67.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص 106.

شهرڪ بنا کرد و بهمن آباد نام نهاد و بروايتي فگته اند منصوره است: والله اعلم.  رينو، ٽڪرا ص 15).

ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص ص 60- 59. قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص 36-33. هيگ (ر. ا. س. ر، سورهون، ص 292) ساوندي لاءِ هڪ ٻئي ڀر واري ماڳ جو ڏس ڏئي ٿو. اهو ماڳ سو ساڳيو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو ”دلوراءِ وارو ڀڙو“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ان ڀڙي جو ٿورو احوال س. ت. س. ر. ۾ جلد اٺين جي صفحي 48 تي ڏنل آهي.

ڏسو پٺتي هن ڪتاب جو باب 3.

”مهراڻ“، ص 233، نوٽ 189، قليچ بيگ (”چچنامو“، ص 173) جي پڙهڻي آهي ”ڍنڍ وڪرڀا“، پڻ ڏسو هوديوالا، ص 94.

ايليئٽ، جلد پهريون ص ص4-23 ريورٽي ڄاڻائي ٿو ته هن تصنيف (”مروج الذهب“) جي هڪڙي نسخي ۾ ”اتي“ (اروڙ ۾) جي بدران ”اڳڀرو“ آيل آهي. مهراڻ، ص 110 ان ٽڪري جي معنيٰ منجهيل آهي. پڻ ڏسو اسپرينگر واري ترجمي جو ص 386.

ڏسو پٺتي حوالو 33. هوديوالا جو چوڻ (اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص نائون) آهي ته المسوديءَ ضرور اهو بيان پنهنجي ڪتاب ”التنبيهه“ ۾ خردازيه (ڏسو ايليئٽ، جلد پهريون، ص 15) تان نقل ڪيو هوندو. تحقيق، المسعوي پنهنجي ڪتاب، ”مروج الذهب“ جي مهاڳ ۾ ان لکندڙ کي واکاڻي ٿو، پر هو پنهنجيون سنڌ توڙي ٻين ولايتن ۾ ڪيل مسافريون پڻ ڄاڻائي ٿو. اسپرينگر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص ص 4-3، 26-8.

باب 7، ص 108. المسعوديءَ جي تصنيف جي ان ٽڪري جو ريورٽيءَ وارو ترجمو سندس ”مهراڻ“ جي ص ص 210- 209 تي ڏنل آهي. ڌيان ۾ رهي ته الادريسي ”دور“ يا ”رور“ کي، جنهن مان هن جي مراد ظاهر آهي ته الور يا اروڙ هوندي، درياهه جي کاٻي ڪپ تي ڏيکاري ٿو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته ”اهو شهر پکيڙ ۾ ملتان سان برميچي ٿو ۽ درياهه ان جي اولهه ۾ وهي ٿو“ ريوٽي، ”مهراڻ“، ص 229.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 11.

البلاذري، ايليئٽ ۾، جلد پهريون، ص 3-211، ”چچنامو“ ايضاً، ص 164، مقابل حصار ارور. هيگ (”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 62)جو لاڙو بغرور کي بکر سان هڪ سنئون سمجهڻ ڏانهن هو. ريورٽي ۽ ڪزينس جو رايو آهي ته بکر ان وقت موجود ئي ڪونه هو. منهنجي خيال ۾ اهو هاڻوڪي روهڙيءَ سان هڪ موافق ٿي سگهي ٿو.

ايليئٽ، جلد ص 28.

قليچ بيگ واري ”چچنامي“ (ص 187) ۾ ائين آهي. ايليئٽ ”يابيهه“ ڄاڻائي  ٿو. هن جيڪو ٻيو نسخو حوالي طور ڪم آندو هو. تنهن ۾ هو اهو نالو ”باسهه“ ڪري پڙهي ٿو. ريورٽي ان کي ”السڪهه“ لکي ٿو. ايليئٽ جلد پهريون، ص 202، ”مهراڻ“، ص 244 ۽ نوٽ 190.

قليچ بيگ ”غولڪنڌا“ (اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 188 لکي ٿو. ان جون ڪيتريون ئي الڳ الڳ پڙهڻيون آهن. ڏسو ايليئٽ جو ضميمو، جلد پهريون،ص  ص 7- 365. ريورٽي انهن نظرين تي پورو پورو بحث ڪري ٿو، جيڪي اسڪنده کي سڪندر اعظم، اَگزيڊريڪاءِ لوڪن ۽ اُچ سان ڳندين ٿا. (”مهراڻ“، ص ص 52-244، نوٽ 192). البلاذريءَ جو السهه (ايليئٽ، جلد پهريون، ص 122) هيءُ هنڌ به ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو هنڌ به، جنهن کي قيلچ بيگ ”بابيه“ ڪري پڙهي ٿو (ڏسو اڳيون حوالو). پتو ئي نٿو پوي ته ڪهڙو ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙو ڪهڙو.

اسڪنده ڀانئجي ٿو ته ساڳيو هنڌ ”عسقلند“ آهي، جنهن کي ”مجمل التوايخ“ ۾ قديم سنڌ جي پهرين گادي ڪري ڄاڻايو ويو آهي. (ايليئٽ، جلد پهريون ص 104). ساڳئي ڪتاب ۾ اهو اڳتي هلي ”عسقلندوسه“ ڄاڻايل آهي. (رينو، ٽڪرا، ص 18).

”تاريخ معصوميءَ“ ۾ ديبل پور جي فتح جو ذڪر آيل آهي، جيڪو (پراڻي) بياس جي ڪپ تي هو. قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 192، فوٽ نوٽ ڀيٽيو: مهراڻ، ص ص 4- 253، نوٽ 194.

”مهراڻ“، ص 254، نوٽ 194. پر هوديوالا ڌيان ڇڪائي ٿو ته ان نالي جون ڪئين الڳ الڳ پڙهڻيون آهن. (اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص 100).

واٽرس، ”يوئان چوانگ“، جلد پهريون، ص 286.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 160.

ايضاً، ص ص 55، 157، ”مهراڻ“ ص 241، نوٽ 189. رملا (Rumlo) يا رومل (Rumal) کي ابن خردازيه سنڌ جي هڪڙي ولايت ڪري ڄاڻائي ٿو (ايليئٽ، جلد پهريون ص 14)، ۽ الادريسي ان کي ملڪ اندر ريگستانن جي حدن تي (ڀروچ واري ڪپر کان ليکيندي) ڄاڻائي ٿو. ايضاً، ص 86.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص 122، 157.

ايضاً، ص ص1- 160؛ ”مهراڻ“، ص 242، نوٽ 189.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص172، 180.

ايضاً، ص 185.


* لئمبرڪ صاحب جتي جتي به برهمڻ آباد ۽ الور لکيو آهي، اتي اتي مون برهمڻ آباد ۽ اروڙ ڄاڻايو آهي، ڇو جو سنڌ ۾ انهن شهرن جي نالن جون اهي سورتون ئي رائج آهن. پر هيءُ جيئن ته حوالو آهي، ان ڪري اصل برهڻي قائم رکي ويئي آهي. ----مترجم

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org