سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 10

(10)

سنڌ مسلمانن جي زماني ۾

سنڌ جي برهمڻ راجائن جي وسيع سلطنت کي عباسي خليفن جي صاحبيءَ ۾ ٻن پرڳڻن ۾ ورهايو ويو، جن جون گاديون مُلتان ۽ منصوو هيون. هيءَ جوڙجڪ، جيئن سر مارٽيمر ويلر چوي ٿو، اهڙي ئي هئي، جهڙي تاريخ جي زماني کان اڳ جي ”سنڌو“ رياست جي هئي، جنهن جا مرڪز هڙاپا ۽ موهن -جي- دڙي ۾ هئا (1).

اروڙ جي حيثيت هاڻ مرڪزي نه رهي هئي، پر اهو ٻنهي پرڳڻن جي گڏيل سرحد کي ويجهو هو. ان جي اهميت جيئن پوءِ گهٽبي ويئي، پر ان جو نالو تيرهين صدي عيسويءَ تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو (2).

 البيروني، المسعوديءَ کان ڪي نوي ورهيه پوءِ لکندي، اروڙ بابت چوي ٿو ته اهو ڀائيا (Bhatia) نالي هڪ هنڌ کان اٽڪل 15 فرسخ اولهه ۾ سنڌ درياهه جي ٻن شاخن جي وچ ۾ آهي (3). پر هو پنهنجي ڪتاب ”الهندو“ ۾ ٻئي هنڌ ماڳهين ٻي ڳالهه ڪري ٿو. پنجاب جي گڏيل ندين جي زبردست وهڪري کي بيان ڪرڻ کان پوءِ هو چوي ٿو ته جڏهن ”اهو گڏيل وهڪرو اروڙ ٽپي ٿو“، تڏهن اهو مهراڻ جي نالي سان سڏجي ٿو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته اڳتي هلي اهو پنهنجي پيٽ اندر ٻيٽن جا ٻيٽ ڇڏيندو وهي ٿو، تان جو اهو منصوري پهچي ٿو، جيڪو شاخن  جي وچ ۾ آهي ۽ پوءِ اهو ٻن شاخن رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، هڪڙي ڇوڙ لوهاراڻي (Loharani) شهر لڳ ۽ ٻيو اڃا اوڀر ۾ ڪڇ اندر هڪڙي سنڌو- ساگره (4) يعني ”سنڌ جي سمنڊ“ نالي هنڌ وٽ ٿئي ٿو.

المسوديءَ ڄاڻايو هو ته مهراڻ جون ٻيڻي شاخون ”شاڪره جي شهر وٽ“ سمنڊ ۾ ڇڙنديون هيون (5) ۽ الاصطخري ۽ ابن – حوقل، جن هن کان ستت پوءِ لکيو ۽ جن هن جيان سنڌ گهمي ڏٺي هئي، سي ٻيئي ڄاڻائين ٿا ته مهراڻ جو هڪڙو ئي ڇوڙ هو، جو ديبل جي اوڀر ۾ هو. الادريسيءَ، پنهنجي جاگرافي اڳوڻين لکڻين جي آڌار تي سهڙيندي، البيرونيءَ کي نظر انداز ڪيو ۽ الاصطخريءَ ۽ ابن- حوقل جو بيان اختيار ڪيو (6)، شايد ان ڪري، جو هڪ پوءِ واري زماني جي لکندڙ جي ڀيٽ ۾، جو سنڌ ويو ئي ڪونه هو، اڳين ٻن لکندڙن جي احوالن تي ڀاڙڻ وڌيڪ ڀروسي وارو  هو، جي پاڻ سنڌ مان ٿي آيا هئا. انهيءَ بحث ۾ پوڻ کان اڳ ته مٿين لکندڙن مان ڪهڙو وڌيڪ ويساهه جوڳو آهي، آءُ ان نالي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندس، جيڪو البلاذريءَ سمنڊ جي ان کاريءَ کي ڏنو آهي، جنهن تي عرب گورنر جُنيد ۽ راءِ ڏاهر جي پٽ جئسين جي وچ ۾ سامونڊي لڙائي لڳي هئي ۽ جنهن جو ذڪر اڳئين باب ۾ اچي چڪو آهي (7) هو ان کي ”بطيته الشرقي“ سڏي ٿو. جنرل هيگ ان جو ترجمو ”اوڀر وارو اندر ڀوو سمنڊ“ ۽ ريورٽي ”الشرقيءَ (يا شاگره) جو دو آبو“ ڪري ٿو (8) هيگ جو رايو آهي ته انهيءَ اندر ڀري سمنڊ (inland sea) يا اپسمنڊ جي والار هاڻوڪي ڪڇ واري رڻ جو الهندو ڀاڱو هئي. ريورٽيءَ جو انومان آهي ته اهو اتر ۾ڪافي پري سامارو ڍنڍ تائين، ۽ بظاهر بدين تائين پڻ، ڦهليل هو (9). اسان جو هيءَ انومان شايد بيواجبي نه ٿئي ته جيڪڏهن اهو دوآبو يا کاري (Lagoon) اها سڏيو ويو آهي ۽ جنهن ۾ البيرونيءَ جي چوڻ موجب مهراڻ جو اوڀر واري شاخ ڇوڙ ڪندي هئي، ته ان سان اها ڳنڍيل ضرور هئي. اهڙيءَ ريت اها حقيقت ڪري اُهائي هجي ها، جنهن کي اڄ ڪوري کاري (Kori Creek) سڏيو وڃي ٿو. لڙائي ضرور، جيئن هيگ جو خيال آهي، ان ڪري لڳي هوندي، جو جئسين ڪڇ کان لشڪر آڻي مسلمانن کان قبضي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. (10).

هاڻ ان سوال کي کڻجي ته اروڙ سنڌو نديءَ جي ڪهڙي پاسي هو. الادريسيءَ پنهنجي ڪتاب، ”نزهت المشتاق“، ۾ صاف ڄاڻائي ٿو ته مهراڻ اروڙ جي اولهه ۾ وهندو هو، يعني اهو شهر تڏهن درياهه جي اڀرندي ڪپ تي هو ۽ اسان جي توقع پٽاندر هجڻ به ان پاسي کپي. الادريسي اهو پڻ چوي ٿو ته درياهه ٻن شاخن ۾ اروڙ کان هيٺ هڪڙي ڪلري (Kalari) نالي هنڌ ورهائبو هو، جي منصوري کان ڪي ٻارهن ميل هيٺ وري ڳنڍجي وينديون هيون. ان لکندڙ کي به، البيرونيءَ جيان، سنڌ جي ڪا شخصي ڄاڻ ڪانه هئي. سندس طريقو اسان کي ٽالميءَ جو طريقو ياد ڏيکاري ٿو. ٿلهي ليکي ائين چئجي ته هو ڏهين صديءَ جي لکندڙن جا اهي بيان کڻي، جي سندن وقت ۾ ته درست هئا پر اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته مدي –خارج ٿي ويا هجن، پنهنجي زماني جي ڄاڻ جي اسمن سان ڳنڍيندو  ويندو هو. ان جو نيتجو اڪثر مونجهاري ۾ ۽  بعضي حماقت ۾ ظاهر ٿئي ٿو (11). البت جيستائين اروڙ جي بيهڪ جو سوال آهي ته سچ پچ الادريسي درست ٿو لڳي (12). پر جڏهن هو ائين چوي ٿو ته مهراڻ ڪلريءَ وٽ جن ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو، تن مان هڪڙي اتر ڏي ويندي هئي، تڏهن هو پڌري پٽ طبعي طرح اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪري ٿو (13).

سو، اوائلي عرب جاگرافيدانن جي لکڻين ۾ اسان کي ڪو اهڙو اشارو نٿو ملي، جنهن مان سمجهجي ته اروڙ درياهه جي دڳ- مٽ جي ڪري پاڻيءَ کان محروم ٿي ڦٽي ويو هو. جيترو مون کي پتو آهي ته ان آپدا ڏانهن پهريون اشارو ”تاريخ- طاهريءَ“ ۾ ملي ٿو، جا 1030 هجريءَ (1621 عيسوي) ۾ جڙي راس ٿي هئي (14). ان ڪتاب جي ليکت مان پڌرو ٿو ٿئي ته اها دڳ- مٽ سنڌ ۾ سومرن جي صاحبيءَ  جي پچاڙي ڌاري ٿي هئي. پر ”تحفته الڪرام“ ۾ جو 150 ورهيه پوءِ لکيو ويو، ڦيري جي تاريخ ٻي صدي هجريءَ جي منڍ ڌاري ڏسي ويئي آهي (15).

”تاريخ- طاهريءَ“ جو ڏسيل زمانو چوڏهين صديءَ عيسويءَ جو پهريون اڌ آهي. پر ان زماني جي ڪنهن به لکندڙ سنڌوءَ جي رخ  ۾ ڪنهن وڏي ڦيري جي ڳالهه ناهي ڪئي. ابن- بطوطه جو 1333ع ۾ بکر مان لنگهڻ ٿيو هو. هو ان هنڌ جو جيڪو احوال ڏئي ٿو، تنهن ۾ اهڙو ڪو اشارو ڪونهي ته ڪو تڏهوڪي صورتحال (جا الڳ ڀڳ اڄوڪي صورتحال جهڙي هئي) ويجهڙائيءَ ۾ واقع ٿيل هئي (16). جيڪو اروڙ ايترو گهڻو وقت ڀريو ڀاڳيو درياهه جي آڌار تي رهيو هو، سو ڦٽو به درياهه جي ڇڏي وڃڻ ڪري هو: اهو خيال سنڌ ۾ ايترو ته عام آهي، جو ان کي رڳو ان ڳالهه جي ڪري بي بنياد ٺهرائي، ٿڏي نٿو سگهجي ته اهو ڦيرو هاڻ جنهن زماني ۾ آيل چيو وڃي ٿو، تنهن زماني ۾ ڪونه آيو هو.

جنهن روهڙيءَ واري وٿيءَ منجهان اڄڪلهه سنڌوءَ جو سمورو وهڪرو لنگهي ٿو، اتان ڪي چار ميل ڏکڻ ۾ هڪڙي ڦاٽ جا چٽا نشان آهن. اهو ڦاٽ اروڙ جي ترت اتر ۾ روهڙيءَ وارين ٽڪرين کي ورهائي ڇاڙ ان ڦاٽ منجهان وهندي هئي (17). سنڌوءَ اروڙ وارو ڦاٽ آخر ڪيئن ڇڏيو، ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ جي هڪ سو هڪ ڏند ڪٿا جو موضوع آهي. هيءَ ڏند ڪٿا مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڪتابن ذري گهٽ هوبهو ڏني آهي. چيو وڃي ٿو ته ان جو رخ هڪڙي سيف الملوڪ نالي امير سوداگر هٿرادو طرح ڦيرايو هو، ڇو جو هن کي پنهنجي ملڪيت ۽ بديع الجمال نالي سهڻي زال بچائڻي هئي. اروڙ جي ظلم راجا، دلوراءِ، سوداگر جي وکر تي بيواجبي محصول مڙهيو ۽ ان سان گڏ، جيئن سندس نيم هو، سوداگر کان سندس زال جي ٻانهن به طلبيائين. سوداگر ٽي ڏهاڙا مهلت ورتي. پوءِ هو وڏي تعداد ۾ ڪاريگر وٺي، ڳرا خرچ ڪري، درياهه تي ڪجهه مٿڀرو اهڙي ٻنڌ ٻڌائڻ لڳو، جيئن اهو اروڙ کان منهن مٽي وڃي: ڪاريگرن ٻنڌ ٺاهي ورتي ۽ درياهه نئون دڳ وٺي، ”سيوهڻ ۽ لڪي ٽڪرين ڏانهن“ وهڻ لڳو. هڪڙي صبح جو اروڙ وارا جان کڻي ڏسن، ته مار، جتي اڳ تار وهندڙ درياهه هو، اتي هاڻ گپ ۽ گپائين پاڻيءَ ري ٻيو ڪي ڪينهي (18).

ريورٽيءَ ڪئين صفحا ڪارا ڪندي، دليل ڏنا آهن ته اهڙي قسم جي رٿا کي عمل ۾ آڻڻ اڻ ٿيڻي نه آهي. ڪا ننڍڙي شاخ هجي ها ته ائين ٿي به پئي سگهيو، جو اتفاق سان ڀر ۾ هيٺاهين لاهه واري ماٿري به هئي، جنهن ڏانهن ٽُڪو ڏيئي، پاڻي وهائڻ ممڪن هو. پر اسان لاءِ ائين وسهڻ وڌيڪ سڀاويڪ ٿيندو ته اروڙ پنهنجي پاڻيءَ کان ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي ڪري نه، پر درياهه جي پورالي سڀاءَ جي ڪري محروم ٿيو هوندو.

ريورٽي هيءُ دليل پڻ وڏي شدمد سان ڏئي ٿو ته اهڙي دڳ-مٽ درياهه کي ”ضرور انهين چن- پٿر وارين ٽڪرين جي وٿيءَ  کان اولهه ۾ گهڻو پري کڻي ويئي هوندي، جتي پوءِ بکر ۽ روهڙي جا شهر ٻڌا ويا هئا“ (19). جيڪڏهن درياهه پنهنجي هاڻوڪي پيٽ تائين ئي هتي اچي ها ته ان سان اروڙ ڏانهن ڪو چڱو موچارو واهه کڻڻ گهڻو ڏکيو نه ٿئي ها- جهڙو واهه لائڊ بئراج واريءَ آبياشيءَ جي چالو ٿيڻ کان اڳ موجود به هو (20).

پر جڏهن ٻين لاڳاپيل ڳالهين ڏي نظر ڪجي ٿي، تڏهن هيءَ ڳالهه تمام شڪ جوڳي ٿي لڳي ته ڪو اروڙ سڌيءَ طرح سنڌوءَ جي دڳ- مٽ جي ڪري ڦٽو هو. مٿي ڏنل عرب جاگرافيدانن ته خير ان کي ڪنهن حيثيت وارو شهر ڪري ڄاڻايو ئي آهي، پر ٻارهين صديءَ دوران جيسلمير ۽ مارواڙ جي تاريخن به ان جو پنهنجيءَ پر ۾ ذڪر ڪيو آهي. پوئين تاريخن ۾ لکيل آهي ته اهو شهر 1201ع ۾ مارواڙ جي شاهي گهراڻي جي هڪ فرد کي ڪابل طرفان جاگير طور مليل هو (21). وري اسان وٽ ”چچنامي“ جي مترجم، علي ڪوفيءَ جي ساک به آهي، جيڪو پنهنجي ديباچي ۾ چوي ٿو ته 1216ع ڌاري آءُ بکر ۽ اروڙ ويو هئس، ۽ اروڙ جي هڪڙي قاضيءَ وٽان، جيڪو محمد بن قاسم طرفان اتي مقرر ڪيل پهرئين قاضيءَ جي پيڙهيءَ مان هو، عربيءَ جو اصل نسخو هٿ آيم (22). دهلي سلطنت جون تاريخون ان زماني ڌاري بکر جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪن ٿيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته نئين شهر جي حيثيت وڌڻ سان پراڻي شهر جي حيثيت گهٽجڻ لڳي هجي (23). اهو ممڪن آهي ته ان وقت سنڌوءَ کي بکر واريءَ وٿيءَ منجهان واٽ وٺندي ڪا گهڻي مدت نه ٿي هجي.

هڪڙو معقول رايو هيءُ به آهي ته دلوراءِ واري ڏند ڪٿا جيئن ته سنڌ جي ٻنهي تاريخن ۾ سومرن حاڪمن جي ظالمن ۽ زوال سان ڳنڍيل آهي، سو اها حقيقت ۾ هيٺئين هاڪڙي جي سڪي وڃڻ ۽ اروڙ نه پر سومرن جي گاديءَ ”محمد طور“ جي ڦٽي وڃڻ جي ياد ڏياري ٿي (24). اهڙو انومان ”تاريخ طاهري“ جي بيان مان ڪڍي سگهجي ٿو- اهو فرض ڪندي ته ان جي لکندڙ جيڪي تاريخون ڏنيون آهن، سي درست نه آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جو جيڪو ڀاڱو ”هينئر سکيو ۽ وسندڙ“ آهي- يعني 1620ع ۾- سو سومرن جي صاحبيءِ وقت مٿيئن نالي سان سڏجي ٿو، پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري نسوري سڃ“ هو (25). هت سنڌ جي جنهن ڀاڱي ڏانهن اشارو آهي، سو شايد ”الهندي ۽ ڏکڻ الهندي“ سنڌ هئي. جيڪو درياهه اروڙ کان هيٺ وهندڙ هو، سو ”پنجاب جو درياهه هو، جنهن کي ساڳئي وقت بنا ڪنهن ساڱاهه جي هاڪڙو، واهندا ۽ واهڻ به سڏيو وڃي ٿو. – ائين کڻي چئجي ته جنهن جنهن ڳوٺ منجهان لنگهي ٿو، تنهن تنهن ڳوٺ ۾ نالو مٽجي وڃيس ٿو. درياهه زمين آباد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙي ٿو“ (26). اهڙيءَ ريت ٻه بلڪل جدا ۽ پاڻ – وهيڻيون نديون هيون، جن کي سوکائيءَ جي خيال کان سنڌو ۽ هاڪڙو سڏي سگهجي ٿو. سنڌوءَ  جي هيٺئين وهڪري ۾ پاڻيءَ جي کوٽ مان مراد هيءَ به وٺي سگهجي ٿي ته اها کوٽ مڪاني هئي ۽ نه سموري درياهه ۾ - ٻين لفظن ۾، ان جو وڏو وهڪرو انهي دڳ کان نه پر ڪنهن ٻئي پاسي ويندڙ هو، جنهن دڳ کان ان تاريخ جو لکندڙ واقف هو (27). ٻئي طرف وري، ڏکڻ- اڀرنديءَ سنڌ ۾ پاڻي جام هو. آءٌ انهيءَ صورتحال جي هيءَ سمجهاڻي آڇيندس: اروڙ کان مٿي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو سکر جي اتر- اولهه طرف ويندڙ هو، شايد پراڻي سنڌ ڍوري ۽ سنڌ واهه جي پيٽ جي لڳ ڀڳ، پر ساڳئي وقت ان مان هڪڙي ڇاڙ کاٻي هٿ تي ڦٽي، وڃي اروڙ واريءَ وٿيءَ منجهان وهندي هئي.

انومان آهي ته ان هنڌ کان هيٺ درياهه پنهنجي هاڻوڪي پيٽ کان ٿورو اوڀر طرف وهندڙ هو ۽ هيٺينءَ سنڌ ۾ سندس وهڪرو اتان هو، جتي هاڻ پراڻ جو پيٽ آهي. جي ڪي شاخون ساڄي ڪپ کان ڦٽينديون به هونديون، ته اهي بنهه خسيس هونديون.

ٿي سگهي ٿو ته هاڪڙي کي انهن سائو گهارن جي معرفت، جي ان کي ستلج سان ڳندين ٿا، ستلج جي پاڻيءَ جو ڪجهه ڀاڱو، شايد رڳو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، ملندڙ هجي. ساڳيءَ مند ۾ شايد اروڙ کان مٿڀرو سنڌوءَ   جي ليٽ واري پاڻيءَ جو چوکو ڀاڱو پڻ نيم سان نارا ماٿري پار ڪندو، وڃي مٿئين هاڪڙي واري پاڻيءَ سان گڏبو هو. ڏکڻ- اڀرنديءَ سنڌ جي نسبتي سرڇائيءَ جو سبب متان اهو هجي.

منهنجي خيال ۾ ڇا ٿيو هوندو ته ستلج جي ڪنهن ڦيري جي ڪري هاڪڙي کي هر مند تي رسندڙ پاڻي ملڻ بند ٿي ويو هوندو ۽ پجند جو پاڻي وڌي ويو هوندو. ان جي نتيجي ۾، يا شايد ان سان گڏ و گڏ، خود سنڌوءَ ۾ ڦيرو آيو هوندو ۽ ان سکر جي اتر وارو دڳ ڇڏي وڃي سڄو زور بکر ويجهو ٽڪرين ڏي رکيو هوندو. اتي، جا وٿي هئي، ساکرڙ جي کرڙجي اونهي ٿي ويئي هوندي، تان جو سمورو وهڪرو ان منجهان لنگهڻ لڳو هوندو ۽ اروڙ ڏانهن ويندڙ شاخ وهڻ بند ٿي ويئي هوندي، سواءِ شايد آبڪلاڻيءَ واري مُند جي.

درياهه جو هيٺينءَ سنڌ منجهان دڳ پڻ ڦريو هوندو: پراڻ منجهان گهٽ پاڻي وهڻ لڳو هوندو ۽ هاڪڙي کي نيم سان مندائتو ملندڙ پاڻي بند ٿي ويو هوندو؛ جنهن جي ڪري پرڳڻي جي ڏکڻي- اڀرندي ڪنڊ، جا هيلتائين ايتري سائي ستابي هئي، پوئتي پئجي ويئي هوندي. ان سموري عمل راس ٿيڻ ۾ ڪئين مندون ورتيون هونديون. ساڳئي وقت هيٺين هاڪڙي کي به ڪڏهن ڪڏهن ناري جي معرفت سنڌوءَ جو پاڻي ملندو رهندو هو، جنهن درياهه جي اڳوڻن دڳن جي حقيقي صورتحال کي سمجهڻ ۾ ڪافي دقت پيدا ڪري ٿي ڇڏي – معلوم هجي ته سنڌوءَ منجهان هيٺين هاڪڙي ۾ ناري جي معرفت ڪڏهن ڪڏهن ائين پاڻي وهي اچڻ هاڻوڪي زماني تائين به جاري رهندو ٿي آيو، جيتوڻيڪ هاڻي صورتحال بنهه ختم ٿي چڪي آهي.

اروڙ جي جيڪا ٻنڌ ڏند ڪٿا  ۾ ايڏي اهميت رکي ٿي. تنهن سان واسطو رکندڙ ڪي ثابت ٿيل حقيقتون ان ڳالهه کي پاڻ ڪجهه وڌيڪ منجهائڻ جون ذميدار آهن. ”تاريخ طاهريءَ“، جي اصل عبارت هيءَ آهي ته ٻنڌ ”اروڙ کان هيٺ“ ٻڌي ويئي هئي. (28). پر جيئن ته ڏند ڪٿا جي تقاضا هئي ته ٻنڌ ڪجهه پنڌ اوڀاري ٺهي ها، سو ايلئٽ کي  پنهنجي ترجمي ۾ ”تاريخ طاهري“ جي ان ٽڪري اندر درستي ڪرڻي پئي. ٻئي پاسي وري ڦاٽ جي آرپار اوڀر کان اروڙ واريءَ وٿيءَ ڏانهن ويندڙ هڪڙو دڪو به موجود آهي، يا ويجهڙائيءَ تائين موجود هو. ان کي ڏسي، ڪن جو خيال ٿيو ته اهوئي ”اروڙ واري ٻنڌ“ هو، حالانڪ ان جو ڪم ڏند ڪٿا واريءَ ٻنڌ جي ابتڙ ۽ مئڪمرڊو جي چوڻ موجب، اهو ارڙهين صديءِ عيسويءَ جي ٻئي اڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٻڌايو هو (29).

ملڪ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ، رچرڊ برٽن ۽ ٻيا انهن ڳاهن ۽ بيتن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، جن ۾اروڙ جي ٻنڌ جو ذڪر هو: ”اروڙ جي ٻنڌ ڀڄندي ته هاڪڙو وري وهندو (30) ان ڳالهه ۾ اشارو آهي ته خود هاڪڙي تي به ڪا ٻنڌ هئي ۽ جڏهن ناري کي سنڌوءَ منجهان پاڻيءَ ڏيڻ واريءَ رٿ جي پڙتال ڪئي ٿي ويئي، تڏهن صلاح ڏني ويئي ته پهرين ٻنڌ ڀڃي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. سنڌوءَ جي هڪ سائو گهاري تي، جيڪو هيٺ ناري ماٿريءَ منجهان وهي ٿو، اروڙ کان پنج ميل کن اوڀر ۾ بهرا (Bihra) وٽ هڪڙي ٻنڌ هئي. پر ان جو مقصد به چٽيءَ طرح اهوئي هو، جو ان زماني ۾ انگريز عملدارن کي نظر آيل ٻنڌن مان گهڻين جو هو: اهو هو ٻوڏن جي پاڻيءَ کي ڀرپاسي وارين زمينن تي پٿارڻ، ته جيئن اهي آباد ڪري سگهجن. انجنيرن ۽ سرويرن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اها ٻنڌ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي ناري ماٿريءَ ۾ وڃن کان روڪي نٿي سگهي. تنهن تي سنڌين دعوا ڪئي ته وڏي ٻنڌ، ”ٻه ڪوهه ڊگهي ۽ سٺ وال ويڪري“، اوڀر ۾ اڃا پرتي آهي (31). ڀانئجي ٿو ته اهو نسورو افسانو هو؛ پر ميجر ريورٽي ڳالهه ائين ٿو ڪري، ڄڻ ته اها سچ پچ موجود هئي. جي ڪا اهڙي ٻنڌ هجي به ها ته ريورٽي ان کي جنهن بيهڪ ۾ رکي ٿو، تنهن ۾ رهندي، اها ٻئي ته ڪنهن ڪم نه اچي ها، رڳو ان سان هڪ ٻئي سائو گهاري ۾ پوک لاءِ پاڻي اماڻڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ها (32).

هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ڪيترن ئي ڄاڻن جو خيال آهي ته تيرهنءَ صدي عيسويءَ تائين نارو- هاڪڙو دائمي درياهه هو ۽ سمنڊ ۾ وڃي پوندو هو ۽ اهو ان ڪري هو، جو اهو ستلج جو پڇاڙيءَ وارو وهڪرو هو. ستلج ان تاريخ کان پوءِ ئي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لڳي هئي. سنڌ ۾ جيڪي مختلف تبديلون آيل ڏسجن ٿيون، تن لاءِ پنجاب جي ندين ۾ ڪو اهڙو ڦيرو به ڪافي کان گهڻو سبب بنجي سگهيو ٿي.

هيٺينءَ ستلج (گهارا) جي هاڻوڪي پيٽ ۽ هاڪڙي جي وچ ۾ بيڪانير ۽ بهاولپور اندر پراڻن پيٽن جا جيڪي نشان ملن ٿا، تن جو آءٌ اڳيئي ذڪر ڪري آيو آهيان ۽ طبعي جاگرافيءَ جي بنياد تي اهو ممڪن نظر ٿو اچي ته ستلج ڪنهن زماني ۾ هاڪڙي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پر هيءُ سوال پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ته جي اهي حالتون هيون ته ڪهڙي دور ۾ هيون (33). آءٌ پنهنجيءَ انهيءَ راءِ جا سبب اڳيئي ڄاڻائي چڪو آهيان ته سڪندر جي وقت ۾ ستلج ڪا پاڻ- وهيڻي ندي نه هئي ۽ پنج سئو ورهيه پوءِ ٽالمي ان کي بياس سان ساڳيءَ طرح ملندي ڏيکاري ٿو، جهڙيءَ طرح اها اڄڪلهه ملي ٿي. جيڪي هيءُ نظريو رکن ٿا ته اها پوءِ وڃي هاڪڙي سان ڳنڍبي هئي، تن جا دليل گهڻي ڀاڱي ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي ثابت نه هجڻ تي ٻڌل آهن – يعني هن حقيقت تي ته اوائلي مسلمان جاگرافيدان ۽ تاريخنويس ستلج جو ورلي ڪو ذڪر ڪن ٿا، جڏهن ته بادشاهه ۽ فاتح ٻين درياهن مٿان لنگهڻ جو احوال ته ضرور ڏين ٿا، پر انهن واٽن تي هلندي ستلج اڪرندا نٿا ڏسجن، جن واٽن تي هنن لاءِ ائين ڪرڻ اڻٽر ٿئي ها (34).

منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه جي هڪ ٻي، يا بهتر، تاويل به ڪري سگهجي ٿي. اها هيءَ ته ستلج ڪنهن اوائلي زماني ۾ ئي بياس سان گڏجي ويئي هئي ۽ ائين ان سان گڏيل رهي، البت ان ۾ ڪن ڦيرين گهيرين جي گنجائش رکي سگهجي ٿي ته انهن جي ميلاپ وارو هنڌ ضرور مٽبو رهيو هوندو. پر ستلج جو اهو نالو تنهن هنڌ تائين ئي قائم رهيو، جنهن هنڌ ان جو بياس سان ميلاپ ٿيو ٿي. ان هنڌ کان هيٺ گڏيل وهڪرو بياس جي نالي سان سڏجڻ ۾ ايندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ان جو دڳ لڳ ڀڳ اهوئي هو، جتان اڳ رڳو بياس وهندڙ هئي. جيئن وڌيڪ ڦيريون گهيريون آيون، تيئن بياس جي اڳوڻي پاڻ- وهيڻائي شايد وساربي ويئي، تان جو سورهين صدي عيسويءَ جي اوائل ڌاري گڏيل وهڪرو ”گهارا“ سڏجڻ لڳو. ان تي ستلج نالو وري تڏهن پيو، جڏهن انگريز عملدار، ارڙهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، ان جي وڌيڪ اهميت کان متاثر ٿي، ان جو اهو نالو وٺڻ لڳا (35).

هن ستلج- هاڪڙي نظريي تي ڪي ٻيا اعتراض به آهن. پر هتي آءٌ پنهنجو هيءُ مفروضو ورجائيندس ته اڳي هاڪڙي کي ستلج گهارا مان جيڪو اٿل جو پاڻي نيم سان ملندو هو، سو شايد گڏيل وهڪري جي ڪجهه ننڍي دڳ- مٽ جي ڪري بند ٿيو هو ۽ ان دڳ- مٽ سنڌوءَ جي رخ ۾ سکر کان مٿڀرو آيل رواجي پر اهم ڦيري سان گڏجي سنڌ ۾ اهي تبديليون آنديون، جن تي اسين ويچار ڪري رهيا آهيون.

جنهن سال سنڌوءَ پهرين پهرين بکر واريءَ وٿيءَ منجهان لنگهه ڪيو، سو سال، اي.بي. ايسٽوڪ جي خيال ۾، خواجه خضر جي قبي اندر اڪريل اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو. خواجه خضر کي زنده پير (Zindo Pir) به سڏيندا آهن. سندس قبو روهڙيءَ جي سامهون هڪ ٻيٽاريءَ تي آهي. ابجد جي حساب موجب مذڪور ليکت هجري سن 341 نڪري ٿو، جو 952 عيسويءَ مطابق آهي. ٿي سگهي ٿو ته جنهن پهڻ تي اهي اکر اڪريل آهن، سو ڪنهن اڃا به پراڻيءَ جاءِ جو هجي ۽ اتان ڪڍي هن قبي ۾ لڳايو ويو هجي. پر مسٽر يزداني ڏيکاري ٿو ته اهي اکر ان تاريخ کان گهڻو پوءِ اڪريا ويا  هوندا، جا منجهن ڄاڻايل آهي، ڇو ته ابجد جي آڌار تي نستعليق خط ۽ فارسي شعر ۾ تاريخن ڄاڻائڻ جو طريقو تنهن زماني کان ڪئين صديون پوءِ رائج ٿيو هو. شعر جو مطلب پڻ مبهم آهي ۽ هيءُ خيال ته اهو تنهن سال ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن سال سنڌوءَ اتان لنگهه ڪيو هو ۽ ٻيٽاري ٺاهي هئي، سو آهي ته دلڪش، پر خوشفهمي سمجهندي ريٽئو پوندو (36).

ايسٽوڪ ائين پڻ چوي ٿو ته مون درياهه جي هڪ پراڻي پيٽ وٽ، جو اروڙ جي ڀرسان ٽڪرين اندر پيهي وڃي ٿو، ٻن وڏن پهڻن تي اڪريل اکر پڙهيا آهن. سندس پڙهڻيءَ موجب اهي پٿر يا نشان مير معصوم درياهه جي پراڻي وهڪري جي نشانيءَ طور هنيا هئا. بعد ۾ ڪافي ڳولا ڪئي ويئي، پر اهي يادگار هٿ نه آيا. جيڪو اڪريل پٿر  ڪُزينس ۽ يزدانيءَ ڏٺو هو، تنهن ۾ درياهه جو ته ڪو ذڪر ڪونهي، پر مير معصوم طرفان ديني هدايتون آهن ۽ ان جي اڪريل اکرن سان سن 1599 عيسوي نڪري ٿو (37) مير صاحب پنهنجي سنڌ جي تاريخ ۾ نه ته درياهه جي ڪنهن دڳ- مٽ جو ذڪر ٿو ڪري، نه ئي دلوراءِ جي هجڻ جو، حالانڪ هو بکر جو هو ۽ اتي گهڻي وقت کان رهندڙ هو ۽ قدرت جي ڪرشمن کي ليکت ۾ آڻڻ کان ڪيٻائيندو به نه هو (28).

”تاريخ – طاهري“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾ ڏنل ڏند ڪٿا موجب، دلو راءِ پنهنجي گادي اروڙ کان بهمنو يعني برهمڻ آباد کڻي ويو ۽ اتي به ظلم کان نه مڙيو، تان جو اهو شهر به ناس ٿي ويو. سندس ان سان ناتو هڪڙي هاڻوڪي ڳوٺ جي نالي، دلورا (Dalura) سان اڃا تائين قائم آهي. اهو ڳوٺ برهمڻ آباد واري پڊ جي ڀرسان آهي. هيءَ آکاڻي ڪيترن ٻين آکاڻين سان وڏي مشابهت رکي ٿي. سچ پچ ته اتر هندستان ۾ ذري گهت هر آڳاٽي ماڳ  وٽ ظالم بادشاهه يا گناهگار قوم جي ڪانه ڪا ڳالهه مشهور آهي، جنهن تي خدا جو قهر نازل ٿيو. دلوراءِ نالو ديري غازي خان جي هڪ ماڳ سان به ساڳيءَ طرح منسوب آهي. برهمڻ آباد بابت چيو وڃي تو ته ان کي زلزلو ڳڙڪائي ويو هو- رڳو هڪڙو ٺل سلامت ڇڏيو هئائين، سو به عبرت ڏيارڻ لاءِ (39).

ريورٽي هيءَ ڳالهه سچ ڪري وٺي ٿو ته برهمڻ آباد ڌرتي ڌڏڻ ڪري ناس ٿيو هو ۽ گمان اٿس ته اهو ڌوڏو 1050ع ڌاري آيو هوندو (40). پر تن ڏينهين ۽ ٻه سؤ ورهيه پوءِ تائين منصورو، جو برهمڻ آباد کان رڳو ڇهه ميل پري هو، سو خود، ريورٽيءَ جي چوڻ موجب، ڀريو ڀاڳيو ۽ وسندڙ شهر هو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته الادريسيءَ ان هنڌ بابت پنهنجيءِ تاريخ لاءِ تازي ۾ تازي معلومات هٿ ڪئي هئي، جو هو چوي ٿو ته جايون پڪين ۽ ڪاشيءَ جي سرن ۽ پلستر جون ٺهيل اٿس (41). الفزويني، هڪ صديءَ پوءِ لکندي، ڄاڻائي ٿو (جيئن کانئس اڳ جا ڪيترائي لکندڙ ڄاڻائي چڪا هئا) ته ان جي چوڌاري مهراڻ جي هڪڙي ڇاڙ هئي ۽ وڌيڪ چوي ٿو ته ”اهو شهر تمام گرم آهي ۽ مکيون به ڏاڍيون اٿس، پر آهي چڱو وڏو ۽ پاڻي سٺو ۽ مٺو اٿس.“ کڻي اسين سندس بيان کي انهيءَ بنياد تي رد ڪريون ته هن گهڻيون ڳالهيون هڪ اهڙي مصنف تان نقل ڪيون آهن، جنهن کانئس ٽي صديون اڳ لکيو هو، تڏهن به اسان منهاج السراج کي سندس ”طبقات ناصريءَ“ ۾، جا ذري گهٽ ساڳئي ئي زماني جي تصنيف آهي جنهن زماني جي تصنيف القزوينيءَ جي آهي،  سي واقعا درج ڪندي ڏسون ٿا، جي منصوري جي علائقي اندر، ”جيڪو سيوستان جو هڪ شهر آهي“، عيسوي سن 1226 ۾ ٿي گذريا هئا، ابن الوردي، ان تاريخ کان ڪي پنجاهه ورهيه پوءِ لکندي، منصوري جو ذڪر زمان ماضيءَ ۾ ڪري ٿو ۽ ان کي ساڳئي نالي وارن ٻين شهرن سان ملائي ٿو، جيڪي ناس ٿي چڪا هئا (42).

ريورٽي طبقات- ناصريءَ ۾ ان جي ذڪر تان حيراني ظاهر ڪندي چوي ٿو ته ”هيءَ ڳالهه وسهڻ ۾ نٿي اچي ته جنهن زلزلي چيو وڃي ٿو ته برهمڻ آباد ۽ اتان جي رهواسين کي اوچتو ئي اوچتو تباهه ڪري ڇڏيو  هو، تنهن زلزلي کان منصورو جو اتان رڳو ڇهه سيل پري هو، بچي ويو هوندو ۽ ان کي ڪو ڇيهو نه رسيو هوندو. خلجي ترڪن جي اچڻ وقت (1226ع)، جي اتي ڪو بني بشر رهندو به هوندو، تڏهن به ان جي حالت ضرور ڦٽل هوندي ۽ رهاڪو تمام ٿورا هوندس“ (43). جيئن اڳيئي چيو اٿئون، البلاذريءَ جي جنهن بيان تي ريورٽي ڀاڙي ٿو ته منصورو پراڻي برهمڻ آباد کان ٻه فرسخ پري ٻڌو ويو هو، سو بيان تڏهن ريٽجي وڃي ٿو، جڏهن ڪزينس طرفان پيش ڪيل آڳاٽن اهڃاڻن جي ان ساک کي آڏو رکجي ٿو ته منصورو اڳوڻي برهمڻ آباد جي جاءِ تي ۽ ان جي سامان مان ٺاهيو ويو هو. ان ڳالهه جي تائيد الادريسيءَ ۽ ٻين جي لکڻين مان به ٿئي ٿي (44).

يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اهو شهر ڦٽو ڪيئن هو. ڏند ڪٿائون ان جي تباهيءَ جو ڪرڻ زلزلي کي ڄاڻائن ٿيون، جيڪو دلوراءِ جي ڪلورن تان نازل ٿيو هو. هيگ سمجهي ٿو ته ان جي ڦٽڻ جي ڪارڻ شايد ”درياهه جي رخ ۾ ڪو وڏو ڦيرو هو..... جو تيرهين صديءَ جي وچ ۽ چوڏهين صديءَ جي اوائل جي وچ ۾ ڪنهن وقت آيو هوندو“ (45) ڪزينس جو چوڻ آهي ته ”ان هنڌ وٽ جتي ڪٿي کوهه آهن. . . . جي ڏيکارين ٿا ته درياهه ضرور سڪي ويو هوندو. پر ان ڳالهه جي ڪري اتان لڏي وڃڻ جي ضرورت ڪانه پيئي هوندي، ڇو ته زير زمين پاڻي جام هو، سو کوهه کڄي ويا..... ان سبب جي ڪري لڏ پلاڻ آهستي آهستي ٿئي ها ۽ ان حالت ۾ اسان کي اتي ٽامي جا ايترا گهڻا سڪا ٽڙيل پکڙيل نه ملن ها“ (46). سندس ويچار وري هيءُ آهي ته ان شهر تي ڪنهن دشمن قبضو ڪري، ڦرمار ڪئي هوندي. انهيءَ ڏس ۾ هو جيڪي آڳاٽن اهڃاڻن جون ثابتيون- وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي هڏا، قيمتي ڌاتن جو نه هجڻ، ٽامي جي ننڍن سڪن جو هت هت پکڙيل هجن- پيش ڪري ٿو، سي سندس انومان سان ٺهڪي ته اچن ٿيون، پر ان کي ثابت ڪونه ٿيون ڪن. پر کوٽائي اڃا ايتري ٿوري ٿي آهي، جو ڪنهن شيءَ جي في الحال نه لڀڻ مان ڪي نتيجا اخذ ڪرڻ واجبي نه ٿيندو. سڀ ڳالهيون ڳڻي، ائين ٿو وسهڻ ۾ اچي ته شهر جي سرڇاڻيءَ جو انت درياهه جي دڳ- مٽ جي ڪري آيو هوندو؛ اتان جا گهڻا رهاڪو ٿورا ٿورا ٿي لڏي ويا هوندا ۽ پاڻ سان مُلهه واري هر شيءَ کنيو ويا هوندا. باقي بچيل ماڻهن کي هيڻو ڏسي، ڪي دشمن يا تر جا ڌاڙيل مال عنيمت جي آسري ۾ چڙهي آيا هوندا ۽ ڦري ماري ڇڏيو هوندائون (47). ڪزينس کان تڏهن اصل ڳالهه گسي ٿي وڃي، جڏهن هو ائين چوي ٿو ته جيئن ته کوهه کڄي پئي سگهيا ۽ ڪارائتا به ٿيا هئا، ان ڪري اتان لڏڻ جي ضرورت ڪانه هئي. جهڙي شهر جي اپٽار الادريسي ڪري ٿو، تهڙو وڏو شهر رڳو پيئڻ جي پاڻيءَ تي نٿو تڳي سگهي. واهن ۽ ڪڙين جي ريج کان سواءِ ڀر پاسي ۾ ايتري پوک ٿي ئي ڪانه سگهندي، جا شهر جي آدم لاءِ ڪافي ٿئي ۽ درياهن تان سڻائي اچ وڃ نه رهڻ جي ڪري وڻج واپار به پوڻو پئجي ويندو.

ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو ته سنڌوءَ جي رخ ۾ ٽن صدين يا کڻي ان کان گهٽ مدي اندر ڦيرا پنهنجي پنهنجي منهن آيا هجن، جن مان هڪڙي جي ڪري اروڙ ڦٽي ويو هجي، ٻئي جي ڪري ڏکڻ اڀرنديءَ  سنڌ ۾ سومرن جون زمينون برباد ٿي ويون هجن ۽ ٽيئن جي ڪري منصورو سڃو ٿي ويو هجي. پر منهنجي خيال ۾ وڌيڪ امڪان اهو آهي ته ٽيئي واقعا ٿورا سال رکي، هڪٻئي پٺيان، هڪ ئي ڦيري يا ڦيري جي سلسلي سبب، جنهن جي اپٽار اڳيئي ڪئي اٿم، رونما ٿيا هوندا (48).

هي جو اسين بکر ۽ روهڙيءَ بابت پهرين پهرين ان ئي زماني- تيرهن صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ- ڌاري ٻُڌون ٿا، سو ٿي سگهي ٿو ته مخص اتفاق نه هجي. ممڪن آهي ته اهي معمولي ڳوٺن جي حيثيت ۾ ان زماني کان اڳ به موجود هجن. پر جيڪڏهن سنڌو تڏهن به اتان لنگهندڙ هجي ها، جيئن پوءِ واري زماني کان لنهندڙ آهي، ته پوءِ سلطان محمد سام غوريءَ جي مهمن ۾ انهن جو نالو ضرور اچي ها (49). سلطان، ملتان هٿ ڪرڻ کان پوءِ، 78- 1177ع ۾ اُچ رستي گجرات تي ڪاهي ويو ۽ پنجن ورهين پڄاڻا ملتان کان ديبل تي چڙهي آيو ۽ سموري پرڳڻي کي پنهنجيءَ سلطنت سان ڳنڍي ڇڏيائين. انهن ڪارواين جي احوالن ۾ نه ته بکر جو ذڪر اچي ٿو، نه منصوري جو ۽ گمان آهي ته اهي ان وقت جنگي اهميت وارا نه هوندا. بکر جو پهريون حوالو (50)، گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن جي دور ۾، ملڪ ناصر الدين قباچا جي نوابيءَ جي واسطي سان تيرهن صديءَ عيسويءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ ملي ٿو. تڏهن بکر هڪ مضبوط قلعو هو. ريورٽيءَ جو چوڻ آهي ته متان اهو قلعو قباچا جي پيشرو ٺهرايو هجي، جو سلطان محمد غوريءَ پاران هن نئين کٽيل ملڪ تي پهريون عيوضي هو (51).

سو وسهڻ ۾ ائين ٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌوءَ جي ڪائي ڇاڙ ٻارهين صديءَ عيسويءَ جي پوئين چوٿائي کان اڳ نه، ته ان دوران بکر واريءَ وٿي منجهان وهڻ شروع ٿي ويئي هئي، ريورٽيءَ جو نظريو آهي ته مکيه وهڪرو گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ صدي ٻي به اڳوڻي پيٽ سان وهندو رهيو، جو گهڻو ڪري اڄوڪي سکر جي اتر ۾ هو. هو ائين پڻ چوي ته گهٽ ۾ گهٽ 1228ع تائين بکر کي پهرين ڄاڻايل ڇاڙ ڦري ڪانه آئي هئي؛ درياهه صرف ان جي ڏاکڻي پاسي کان ٿي وهيو ۽ اهو ساڄي پاسي کان اپٻيٽ هو. هيءَ انومان تنهن سال بکر ۾ جيڪي ڪجهه وهيو  واپريو هو، تنهن جي احوالن تي ٻڌل آهي. تنهن سال ملڪ ناصر الدين قباچا کي نظام الملڪ جي گهيري جي ڪري قلعبند  ٿيڻو پيو هو (52). ”جامع الحڪايات“ ۾ ڄاڻايل آهي ته ناصرالدين حصار مان قلعي اندر ڌڪجي ويو هو. ان مان اسان هيءُ نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته حصار ۾ شايد هاڻوڪو سکر به اچي ٿي ويو (53). ”تاج الماثر“ ۾ ان لڙائيءَ جو جيڪو احوال ڏنل آهي، تنهن مان به ائين نٿو لڳي ته ڪو بکر ٻيٽ هو، توڻي جو ان ۾ بکر ”ڪوٽن جي اک ۽ هند جي بادشاهت جو منهن“ سڏيندي، چيو ويو آهي ته ”ان کي ڪو خسرو به فتح نه ڪري سگهيو هو“ (54). ساڳيءَ طرح ”طبقات ناصريءَ“ جي بيان مان به ائين نٿو لڳي ته ڪو بکر تنهن وقت ٻيٽ هو، توڻي جو اهو ڪتابن مجمل هوندي به متعبر آهي (55).

ٻئي طرف جوائني پنهنجي تصنيف، ”جهان ڪُشا“، ۾ لکي ٿو ته قباچا ”اڪر ۽ بکر“ ڀڄي ويو، جي ”ٻيئي ڪوٽ هڪڙي بيٽ تي“ هئا (56). رشيد الدين جي ”جامع التواريخ“ جي احوال مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. ايلئٽ ان ٽڪري بابت پنهنجي نوٽ ۾ لکي ٿو  ته ”تاريخ- الفي“ ۾ صاف آيل آهي ته ”هو (قباچا) بکر جي ٻيٽ ڏانهن ويو“ (57). ”جهان ڪشا“ 650 هجريءَ (1252ع) ڌاري لکيو ويو هو. سو ان جي اها پختي شاهدي ته بکر قباچا جي زوال وقت ٻيٽ هو، مجموعي طور اهڙين ٻن تاريخن کان وڌيڪ وزنائتي ڄاڻي سگهجي ٿي، جن ۾ ان واقعي جو ذڪر آيل نه آهي.

گهٽ ۾گهٽ 1333ع ڌاري، جڏهن مشهور سيلاني ابن- بطوطو اتان لنگهيو هو، تڏهن بکر پاڻيءَ سان پوريءَ طرح وڪوڙجي چڪو هو. هو بکر بابت لکي ٿو ته اهو هڪ سهڻو شهر آهي، منجهانئس سنڌ درياهه جي هڪ ڇاڙ لنگهي ٿي، ان ڇاڙ جي وچ ۾ هڪڙو عاليشان مهمانخانو اڳئين واليءَ جو جوڙايل آهي، جتي مسافرن جي خذمت ڪئي وڃي ٿي (58).

ريورٽي ابن-بطوطي جي سفرنامي جو اهو ۽ ٻيا ٽڪرا پنهنجي انهيءَ نظريي جي تائيد ۾ پيش ڪري ٿو ته تنهن وقت سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو بکر واريءَ وٿيءَ منجهان وهڻ شروع ڪونه ٿيو هو. هو چوي ٿو ته ابن- بطوطو هندستان ۾ داخل ٿيو ته درياهه رستي هيٺ آيو ۽ پهرين محروم 734هه (سيپٽمبر 1333ع تي پنج آب ٺاهيندڙ سنگم وٽ پهتو، اتان جتوئي (Jatoi) (؟) ۽ اڳتي سيوستان ويو. هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته ان لهواريءَ مسافريءَ ۾ ڪٿي به بکر جو نالو نٿو اچي. ”هو بکر وٽان لنگهڻ کان سواءِ سيوستان پهتو هو، پر ڪئين؟ آءٌ سمجهان ٿو ته هو اولهه ۾ اڃا پرتي وهندڙ ڦاٽ منجهان ويو هو“...... وغيره (59). خود ابن-بطوطي جو سفرنامو پڙهي ڏسبو ته هيءَ ڳالهه گهڻي قدر ڀلائيندڙ ڏسڻ ۾ ايندي. پهرين ته هو ڪڇيءَ رستي سنڌ آيو هو (60). پنج آب لاءِ هو چوي ٿو، ته  سنڌ درياهه جو ٻيو نالو آهي (61) ۽ هو درياهه رستي هيٺ ڪونه ويو، بلڪ درياهه اڪري ٻن ڏهاڙن جي پنڌ کان پوءِ جنابي (Janani) (جنهن کي ريورٽي ”جتوئي“ ٻڌائي ٿو پهتو (62). اتان هو پيرين پنڌ سيوستان ويو. دراصل هو سيوهڻ کان درياهه رستي هيٺ لاهريءَ (Lahari) تائين ويو، جو درياهه جي ڇوڙ وٽ هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻيڙيءَ تي اوڀارو بکر ۽ اُچ ويو هجي، پر ائين هو چوي ڪونه ٿو. انومان آهي ته هو بکر کان هيٺ لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي ۾ ڪنهن هنڌان سنڌ ۾ گهڙيو ۽ سنڌو اڪريو هوندو- بولان کان اولهه واري واٽ وٺي، ڪڇيءَ منجهان لنگهي ايندڙ قافلن جي اها قدرتي منزل آهي.

ان وقت کان پوءِ بکر جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان رهي ٿو 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون اتان جو قلعو نئين سر ٺهرايو ۽ ان مقصد لاءِ اروڙ جي پرائين جاين جون سرون ڪم آڻايائين ۽ اهو وجهه وٺندي سيدن کي، جي ڳپل وقت کان بکر ۾ رهندڙ هئا، روهڙي ۾ جاين ٺهرائڻ لاءِ زمينون ڏيئي، ڪڍي ڇڏيائين (63). ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تنهن وقت تائين سنڌوءَ جو سمورو وهڪرو بکر وٽان لنگهڻ لڳو هو، جيئن اڄڪلهه لنگهي ٿو.

محمد بن قاسم جي فتح کان پوءِ هيٺينءَ سنڌ ۾ پنجن صدين تائين جيڪي ڪجهه وهيو واپريو هو، سو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسان کي جي وڌيڪ نه ته ايترائي ڏکيا مسئلا سامهون اچن ٿا.

اسان جو پهريون ڌيان ڀنڀور جي پڊ ڏانهن وڃي ٿو، جو گُجي کان ٻارهن ميل  اولهه طرف گهارو کاريءَ جي ساڄي ڪپ تي آهي. ”تحفته الڪرام“ جو لکندڙ ڄاڻائي ٿو ته اهو شهر هڪڙي ڀنڀوراءِ نالي راجا ٺهرايو هو ۽ اٺين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ڌرتي ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو هو. پر مير طاهر لکي ٿو ته شهر درياهه سڪڻ  جي ڪري ڦٽو هو ۽ اتان جي راهواسين، بظاهر يارهين عيسويءَ جي اوائل ۾، ساڪري جو پرڳڻو وڃي وسايو هو.

ڀنڀور جي تباهيءَ جي اڳيرڙي تاريخ علي شير قانع جي انهيءَ بيان تي ٻڌل آهي ته اهو شهر شيخ ابو تراب جي ڏينهن ۾ ڦٽو هو. چيو وڃي ٿو ته عباسي خليفن سنڌ ۾ اسلام جو غلبو ٻيهر ڄمائڻ لاءِ جيڪي جنگيون جوٽيون هيون، تن ۾ هن شيخ ساڪوره (Sakorah) جي علائقي ۾ ٺره (Tharrah) جو قلعو“ ۽ ڪي ٻيا هنڌ فتح ڪيا هئا (64). اهو پڊ ننڍيرڙي ايراضيءَ تي آهي ۽ ان جي پرتال ڏيکاري ٿي ته جي پاڻ عربن ان کي ٻڌايو نه ته والاريو ضرور هو. ڪزينس چوي تو ته ”اهو يا ته کاريءَ جي بچاءُ لاءِ ٺاهيل چونڪيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هو؛ يا وري ڪو ننڍڙو بندر هو، جتان ديول (Dewal) ۽ مٿي ملڪ اندر ويندڙ کليل درياهي رستي ۾ جهازن ۽ ٻيڙن جي اچ وڃ تي ضابطو رکيو ويندو هو.“ هن جو رايو آهي ته اهو ڦٽو تڏهن هوندو، جڏهن کاريءَ جو سنڌوءَ سان ڳانڍاپو نه رهيو هوندو (65). مئڪمرڊو ڀنڀور جي اڳوڻي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ سسئي پنهونءَ واريءَ آکاڻيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. ان آکاڻيءَ ۾ آهي ته معصوم سسئي هڪ ٽٻڻيءَ ۾ بهمن کان ڀنڀور لڙهي آئي هئي، جنهن ماڻهوءَ سسئي کي پاڻيءَ مان ڪڍيو، سو کٽي هو. اهو ڌيکاري ٿو ته کاريءَ جو پاڻي تڏهن مٺو هو (66). آءٌ هتي هيءَ اضافو ڪندس ته گجي ۾، جتي شيخ علي تراب پنهنجا ڪارناما ڪيا هئا، اڃا تائين جيڪي ڳالهيون ٻڌجن ٿيون، تن ۾ هڪڙي اهڙي به آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته سندس وقت ۾ جهاز سمنڊ کان ٺري (Tharro) تائين هليا ايندا هئا (67).

مئڪمرڊو جو ويچار هو ته جيسين ”پهريون ديبل“ ڦٽي نه ويو، تيسين ڀنڀور جو وجود ڪونه هو (68). اسين هاڻ دبيل شهر يا شهرن جي ان سلسلي جي تاريخ ڦولڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جي هڪٻئي پٺيان ان نالي سان سڏبا هئا. عربن پنهنجي ڪاهه جي منڍ ۾“ ديبل کي ڦري ناس ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ اهو وري نروار ٿئي ٿو ۽ ابن – خردازيه کان الادريسيءَ تائين جيڪي به جاگرافيدان سنڌ ملڪ جو احوال ڏين ٿا، سي ديبل کي سامونڊي ڪپر جو هڪ مکيه شهر ڪري ڄاڻائين ٿا.

  البيرونيءَ جو حوالو خاص دلچسپيءَ وارو آهي، ڇو جو هو گڏو گڏ هڪ ٻئي شهر لوهراڻي (Loharani) جو ذڪر سڀني کان پهرين ڪري ٿو. اهو شهر دراصل مهراڻ جي هڪ الهنديءَ شاخ جي ڇوڙ وٽ هو ۽ اڳتي هلي ديبل جي جاءِ تي سنڌ جو بندر بڻجي ويو. هو ديبل ۽ لوهاڻيءَ جي وچ ۾ مفاصلو ٻارهن فرسخ ٻڌائي ٿو ۽ آءٌ ائين وسهڻ ۾ ڪو اهم نٿو ڏسان ته هو ڀلجي ٻارهن ڏيئي ويو آهي، نه ته ڏيڻا ٻه فرسخ هوندس، جو ابن- خردازبه ۽ الادريسي ديبل ۽ درياهه جي ڇوڙ جي وچ ۾ مفاصلو اهوئي ڏين ٿا (69).

الادريسي ديبل کي جهڙيءَ ريت بيان ڪري ٿو، تنهن مان لڳي ٿو ته هُتي هو پاڻ کان اڳ جي لکندڙن جي لکڻين تان اکيون پوري نقل ڪونه پيو ڪري (جئين پنهنجي ڪتاب ”نزهت المشتاق“ ۾ اڪثر ڪيو اٿس). بلڪ تازي ۾ تازي معلومات حاصل ڪئي اٿس. ”اهو هڪ وسيل شهر آهي، پر  زمين ڀلي نه اٿس ۽ کجيءَ ڌاران ٻيو ڪو وڻ ورلي ٿئيس ٿو. هتي جا مٿانهان پٽ خشڪ ۽ ميدان بٺ آهن ۽ جايون مٽيءَ ۽ ڪاٺ جون آهن. شهر وسيل ان ڪري آهي، جو اتي سنڌ ۽ ٻين والايتن جا جهاز بيهن ٿا“ (70). ديبل تيرهين صدي عيسويءَ جي ڪجهه ڀاڱي تائين مکيه شهر هو. سلطان جلال الدين خوارزم شاهه ديبل کي ڦري سڃو ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ مندر کي ڊهرائي اتي مسجد ٺهرائي هئائين ۽ 1223ع ۾ ساڳيو بادشاهه چنگيز خان جي ڀؤ کان هت اچي لڪو هو.

هيگ جو چوڻ آهي ته متان اهو ديبل اصلوڪي ديبل نه هجي، ”پر ٻيو شهر هجي، جنهن تي اهو مشهور نالو رکيو ويو هجي.“ هن جو اهو رايو ان ڪري قائم ڪيو ٿو ڏسجي، جو سمجهي ٿو ته البيرونيءَ ديبل جو نالو ناهي ورتو. پر اها چڪ آهي: البيروني نه رڳو لوهراڻيءَ جي حوالي سان ديبل جي شهر جو ذڪر ڪري ٿو، پر هو ڪپر کي بيان ڪندي ”ديبل جي علائقي“ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو (71).

وڌيڪ امڪان ان ڳالهه جو آهي ته ديبل جلال الدين جي ڦرلٽ کان پوءِ وري ڪڏهن به سنئين لڱين نه ٿي سگهيو هوندو؛ جڏهن نه لوهراڻيءَ کي سنڌوءَ جي انهيءَ وڏيءَ دڳ- مٽ جو فائدو مليو هوندو، جڪنهن بابت منهنجو انومان آهي ته 1250ع کان ٿورو وقت اڳ آئي هئي. ان جا سبب ستت ئي بيان ڪيا.

1333ع جي پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن ابن- بطوطو هيٺينءَ سنڌ ۾ آيو، تڏهن سنڌ جو بندر ۽ تر جي حاڪم جي گادي لاهري هو. هو لکي ٿو ته ”اهو سمنڊ جي ڪپر تي هڪ سونهن ڀريو شهر آهي. سنڌ جو درياهه ان جي ڀرسان اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو. اهڙيءَ ريت، ان جي ويجهو ٻه سمنڊ گڏجن ٿا. اتي هڪ وڏو بندر آهي، جتي يمن، فارس وغيره کان ماڻهو اچي لنگر ڪندا آهن“ (72). ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نٿو ٿي سگهي ته هيءَ ساڳيو البيرونيءَ وارو لوهراڻي آهي. سيلاني هڪڙي ڏينهن پنهنجي ميزبان سان گڏجي، هڪڙو ترنا  (Tarna) نالي پڊ ڏسڻ ويو، جيڪو لاهريءَ کان ستن ميلن تي هڪڙي ميدان ۾ هو. اتي گهڻي تعداد ۾ پهڻ هئا، جن مان ڪي ماڻهن ۽ جانورن جا عضوا ته ڪي ان جا داڻا ٿي لڳا، اتي جاين جي ڀتين جا نشان به هئا، هڪڙي گهڙيل پهڻ جي ڊٺل جاءِ هئي، جنهن اندر ٿلهي مٿان هڪ مورتي رکيل هئي هڪڙيءَ ڀت تي هندي اکر اڪريل هئا. گورنر پنهنجي مهمان کي ٻڌايو ته تاريخون لکن ٿيون ته هتي هڪ وڏو شهر هو، اتان جا ماڻهو ڪڌا ڪم ڪندا هئا، ان ڪري پنڊ پهڻ ٿي ويا: کيس خاطري ڪرائي ويئي ته اڪريل اکرن ۾ ان واقعي جي تاريخ ڏنل آهي، جا هڪ هزار ورهيه اڳ جي آهي (73).

مسٽر جي. اي. ايل ڪارٽر (G. E. L. Center) هڪ ڊٺل مسجد جو احوال ڏنو آهي، جا ٿنڀ واري مسجد جي نالي سان سڏبي هئي ۽ لاهري بندر جي پڊ کان ڪي ٿورڙا ميل اتر ۾ هئي. اها مسجد هندڪي مندر جي سامان منجهان جڙيل ٿي لڳي، جو ڪزينس جي ويچار موجب شايد ٻارهين صدي عيسويءَ جو هو  (74). هيڪر دل ٿي چوي ته هيءَ اها جامع مسجد هوندي، جا خوارزم شاهه مندر ڊاهي ٺهرائي هئي، ۽ ابن-بطوطي وارو ترنا به اتي ئي هوندو. اها سڃاڻپ جنرل ڪننگهام ديبل جي جيڪا بيهڪ ڄاڻائي آهي، تنهن سان به ٺهڪي ايندي (75). پر ان سان گڏ جنهن لاهري بندر جو حوالو ڏنو ويو آهي. سو اها ئي هنڌ آهي، جنهن جي بيهڪ نڪولاس وننگٽن (Nicholas Winingion)، والٽر پينٽن (Walter Paynton) ۽ ٻين، سترهين صدي عيسويءَ ۾ 24 ڊگريون 38 منٽ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76 ڊگريون 12 منٽ ڊگهائي ڦاڪ اندر ڏيکاري آهي ۽ مان نٿو سمجهان ته ڪو سنڌوءَ جو ڊيلٽا، محمد بن قاسم جو زمانو ته رهيو پري، ابن- بطوطي جي وقت ۾ ئي اولهه ۾ ايترو پري تائين پکڙيل هو.

”تحفته الڪرام“ جو لکندڙ ٻڌائي ٿو ته ڀنڀور ”۽ ڪي ٻيا شهر“ هارون الرشيد جي خلاف وقت شيخ علي تراب جي ڏينهن ۾ ڌرتي ڌٻڻ ڪري تباهه ٿي ويا هئا (76). اهو  پڙهي ائين ٿو لڳي ته سنڌ ۾ مسلمانن جي صاحبيءَ جي شروعاتي زماني ۾ ڪو وڏو زلزلو سچ پچ آيو هو، جنهن زبردست تباهي مچائي هئي ۽ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي انت بابت جيڪي ڏند ڪٿائون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪيئي صديون پوءِ ليکت ۾ آنديون ويون، سي اصل ۾ ان واقعي جي منجهيل ڪهاڻي آهن.

البيرونيءَ ۽ ابن- بطوطي جي وچ ۾ ٽن صدين جي وڇوٽي آهي. هيٺينءَ سنڌ ۾ سومرون حاڪمن جي اوج جو زمانو به لڳ ڀڳ اهوئي آهي. جيئن ته مڪاني تاريخنويس سندن زوال کي سنڌوءَ دڳ- مٽ جونتيجو لکن ٿا، ان ڪري اسان کي اول اهو ڏسڻ گهرجي ته پهرين لکندڙ درياهه بابت ڇا ٿو چوي.

اهو صحيح آهي ته البيرونيءَ پاڻ سنڌ ڪانه ڏئي هئي، پر ساڳئي وقت هيءَ به مڃڻو پوندو ته هو تنقيدي ۽ سائنسي سوچ رکندڙ، نهايت تي اورچ ۽ سچيت انسان هو. سو اهو ٿي نٿو سگهي ته پنهنجن پيشروئن جي تصنيفن ۾ جيڪي پڙهيو هوندائين، سو ائين جو ائين کنيو هوندائين ۽ ملتان ۾ رهندي، پڙهيل ڳالهين جي وس آهر ڇنڊڇاڻ نه ڪئي هوندائين.

هن جو چوڻ آهي ته هند جو سامونڊي ڪپر مڪران جي گاديءَ تيز (Tiz)  کان شروع ٿيو ٿي، تيز ۽ ديبل جي ايراضيءَ جي وچ ۾ توران جي نار (سونمياڻيءَ جو اپسمنڊ) هئي. هو نار ۽ دوآبي جي فرق کي چٽيءَ طرح واضع ڪري ٿو (77). وڌيڪ چوي ٿو ته ”مٿي ڄاڻايل نار کان پوءِ پهرين ننڍو ڇوڙ اچي ٿو (78)، پوءِ وڏو ڇوڙ ۽ تنهن کان پوءِ ڪج (ڪڇ) ۽ سومناٿ جا ڌاڙيل بوارج (Bawarg) آهن.“ ان مان ظاهر آهي ته سنڌوءَ جي الهندي يعني ساڄي شاخ ننڍي ۽ اڀرندي شاخ وڏي هئي. جڏهن هو درياهه جي دڳ کي بيان ڪري ٿو، تڏهن هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته منصوري وٽ اهو ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو؛ ”انهن مان هڪڙي وڃي لوهاراڻي شهر ويجهو سمنڊ ۾ ڇڙي ٿي ۽ ٻي اڃا وڌيڪ اوڀر ۾ سنڌو- ساگره يعني سنڌ جي سمنڊ نالي هڪ هنڌ وٽ ڇڙي ٿي، جو ڪڇ جي پرڳڻي ۾ آهي“ (79). ان بيان مان ائين ٿو وسهڻ ۾ اچي ته يارهين صديءَ عيسويءَ جي اوائل ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي مکيه شاخ پراڻ نالي پراڻي ٻيٽ ۾ انهيءَ علائقي منجهان لنگهندي هئي، جيڪو خاص ڪري سومرن سان لاڳاپيو وڃي ٿو.

ابن- بطوطو 4- 1333ع ۾ سيوهڻ کان ٻيڙيءَ تي لاهريءَ ويو، جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ هو. کيس ان مسافريءَ ۾ پنج ڏينهن لڳا. هو جنهن ڦاٽ کان ويو هو، تنهن مان ڪا ڇاڙ ڦٽندي نٿو ڏيکاري. پر ان جو مطلب هروڀرو اهو نه آهي ته ڪو اهڙي ڇاڙ سچ پچ ڪانه هئي، البت ايترو سو ٿي سگهي ٿو ته تن ڏينهين سنڌوءَ جو گهڻو پاڻي لاهريءَ وٽ ڇڙندو هو، ڇو ته سيلاني ان بابت چوي ٿو ته ”اهڙيءَ ريت ان جي ويجهو ٻه سمنڊ گڏجن ٿا“ (80). البيرونيءَ جي وقت ۾ ”سنڌ جو سمنڊ“ اڀرندي شاخ وارو ڇوڙ هو، جا تڏهن ٻنهي ۾ وڏي هئي. هي جو وڏو ڇوڙ وڃي ٻيءَ شاخ منجهان ٿيو هو، سو منهنجي خيال ۾ ان ڪري جو تيرهن صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري درياهه جي رخ ۾ مٿي وڏو ڦيرو اچي ويو هو، ۽ هيٺينءَ سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر واري اڌ ۾ سومرن جي ساڻيهه واري تر  جي ارچائي يا غير آبادي به ان دڳ- مٽ جي سببان ليکي سگهجي ٿي. اها ارڇائي اڳتي هلي سندن زوال جوڪارڻ بڻي. ان سان هيءَ ڳالهه به سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ته انهن حاڪمن پنهنجي گادي ڇو ڦيرائي هئي. سندن پهرين گادي ٺريءَ لڳ هئي، جو ديري محبت (ماتلي) تعلقي ۾ ان ڦاٽ جي ڪپ تي آهي، جنهن کي هيگ الهندو پراڻ سڏي ٿو ۽ جيڪو ڪڇ جي رڻ ۾ ڇڙڻ کان اڳ وڌيڪ مشهور اڀرندي پراڻ ۽ هاڪڙي سان ملندو هو. گاديءَ وارو هنڌ پراڻي پيٽ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ تي آهي ۽ پکيڙ ۾ ڏهاڪو ايڪڙ ٿيندو. يا ته اهو ڦاٽ يا گهڻو ڪري پراڻ خاص، پڪ ئي پڪ، سنڌو جي اها اُڀرندي شاخ هو، جنهن جو حوالو البيرونيءَ ڏنو آهي.

سومرا پوءِ پنهنجي گاديءَ محمد طور کڻي ويا، جو سنڌوءَ جي هڪڙي گنگرو (Gungro) نالي شاخ جي کاٻي ڪپ تي هو. هيءَ شاخ سير کاري (Sir Creek) سان وڃي ملي ٿي. ان گاديءَ – مٽ جي تاريخ ۽ سبب جو پتو نه آهي، پر گمان آهي ته ائين الهندي پراڻ جي سڪي وڃڻ ڪري ٿيو هوندو. الهندي پراڻ جي سڪڻ جو ڪارڻ شايد مٿينءَ يا وچوليءَ سنڌ ۾ درياهه جي اها دڳ- مٽ هئي، جنهن منهنجي انومان موجب تيرهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ منصوري کي اجاڙيو هو. ساڳي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن سلطان علاءُ الدين خلجيءَ جي سپهه سالار، نصرت خان، محمد طور کي اچي تاراج ڪيو، تڏهن اهو هڪ وڏيءَ وسنئن وارو ڀريو ڀاڳيو شهر هو. پنگريئي ۽ نئين ڪوٽ جي وچ ۾ (اڀرندي) پراڻ جي ڪپ تي ٿل بنگر (Thal Bangen) يا ڀونگر جو پڊ آهي. چيو وڃي ٿو ته اتي پڻ سومرن جي ڏينهن جو هڪڙو مکيه شهر هو (81).

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سومرن جي صاحبي اڀرندي ڊيلٽا واري ڏيهه کان پر تي ڪانه هئي (82). سندن جاءِ نشين سما ٿيا، جي تعداد ۾ به تمام گهڻا هئا ته ٿاڪن ۾ به.سمن پنهنجي گادي الهندي ڊيلٽا ۾ اهڙي هنڌ ٺاهي، جو شايد هنن بچاءَ جي لحاظ کان سڻائو ڏسي چونڊيو هو. لڳي ٿو ته تنهن وقت- 1340ع ڌاري- سنڌوءَ جي الهندي شاخ ٻن ڦاٽن منجهان وهندي هئي، جي هڪٻئي کان ڪافي پري هئا. ساڄي هٿ وارو ڦاٽ مڪلي ٽڪرين جي اتر کان لنگهندو هو، جيئن هاڻوڪي ڪلري واهه ۽ کاٻي هٿ وارو ڦاٽ لڳ ڀڳ اتان وهندو هو، جتان بگهاڙ وهي ٿو. ٻيئي ڦاٽ لاهريءَ کان مٿڀرو وري اچي گڏبا هئا. اهڙيءَ ريت جيڪو ”ٻيٽ“ ٺهيو ٿي، سو پکيڙ ۾ سو کن چورس ميل ٿيو ٿي ۽ ٽڪرين جي سموري قطار به ان ۾ اچيو ٿي ويئي (83). هتي هڪٻئي پٺيان تعلق آباد وارو قلعو، ٿورو وقت آباد رهندڙ ساموئي ۽ ٺٽو ٺاهيا ويا (84).

ڪلري ڦاٽ اٽڪل ٻن صدين تائين سنڌو سرشتي جو هڪ مکيه جزو هو؛ 1519 ۾ لڳي ٿو ته درياهه جو مکيه وهڪرو ان منجهان لنگهندو (85). پوءِ بگهاڙ وارو ڦاٽ وڌيڪ مکيه ٿي ويو ۽ ان جي اها حيثيت ٻن صدين کان به وڌيڪ مُدي تائين قائم رهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ سيوهڻ، جو سيوستان به سڏبو هو، سو محمد بن قاسم جي وقت کان وٺي لاڳيتو ذڪر هيٺ ايندو رهيو آهي. اهو هڪ مضبوط قلعو هو. مٿينءَ سنڌ کان هيٺينءَ سنڌ ڏي وڃڻ لاءِ  رستو به اتان هو. اتر وارن ملڪن کان ڪاهي ايندڙ حاڪم اهوئي رستو وٺي ايندا هئا. تنهن وقت به ان تي قبضو ڪاميابيءَ لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو، جنهن وقت سنڌو سيوهڻ جي اوڀر ۾ ڪافي پري وهندي هئي. جڏهن شهنشاهه اڪبر خانخان کي هيٺين سنڌ فتح ڪرڻ  لاءِ اماڻيو هو، تڏهن درياهه ڀانئجي ٿو ته سيوهڻ کان مٿي پنهنجي هاڻوڪي دڳ جي اولهه ۾ وهندڙ هو ۽ پاٽ ۽ ٽلٽي (Pat, Talti) ان جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا هئا درياهه سيوهڻ جي ڀر مان لنگهندو هو، ۽ لڪيءَ کان اوڀر طرف اوترو ئي وڪڙ ڪري نصرپور ويندو هو (86). انهيءَ وڪڙ اندر شاهي فوجن ۽ مرزا جاني بيگ جي وچ ۾ ٻيڙين تي ڪيتريون ئي لڙايون لڳيون هيون.

ريورٽي ان ڳالهه تي بحث ڪندي ته اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي پکيڙ ڪيستائين هئي (جا هن جي خيال پٽاندر، ڪراچيءَ جي ڀرپاسي کان لکپت وٽان ويهارو ميل مٿي تائين ڪڍيل ليڪ جي ڏکڻ ۾ ڪانه هئي)، هڪ نقل جو حوالو ڏئي ٿو – ته خانخانان کي اچي سمنڊ جي ديدار جو شوق ٿيو، جو هن مغلڀين کان ڏسي پورو ڪيو.  مغلڀين هاڻ ڪپر کان پنجاهي ميل پري ٿيندو. ريورٽيءَ جو چوڻ آهي ته ”ڀين“ لفظ اصل ۾ فارسيءَ جي فعل ”ديدن“، معنيٰ ڏسڻ، جو زمان مضارع ”بين“ هوندو، سو مغلڀين تي اهو نالو ضرور ان واقعي تان پيو هوندو. مڪاني طرح، مغل ۽ ڀينءَ نالا ٻن درگاهن سان منسوب ڪيا وڃن ٿا. ريورٽي اهو نٿو ٻڌائي ته هن اهو نقل ڪٿان ٻڌو يا کنيو آهي. تاريخ معصومي سڌيءَ طرح ورتل معلومات تي ٻڌل آهي. ان ۾ مذڪور آهي ته خانخانان ان موقعي تي لاهري بندر (Lahri) ڏسڻ ويو هو (87).

سترهين صديءَ عيسويءَ ۾ مکيه ڊيلٽا جو منڍ گهڻو ڪري هاڻوڪي حيدرآباد کان ويهارو ميل ڏکڻ – اوڀر ۾ هو. حيدرآباد تڏهن اڃا نيرون ڪوٽ سڏبو هو ۽ چڱيءَ اهميت وارو قلعو هو. کاٻي- هٿ واري ريڻ (Ren) نالي شاخ اڄوڪي گوني واهه وارو دڳ وٺي، بدين ۽ ڪڇ رڻ جي الهندي ڇيڙي تائين ويندي هئي. هيءَ ڳالهه، جيئن هيگ ڄاڻائي ٿو، شڪ جوڳي آهي ته ريڻ شاخ دائمي طرح وهندڙ هئي يا نه سنڌوءَ جو مکيه ڇوڙ ساڄي هٿ واريءَ شاخ رستي ٿيندو هو، جا جيئن ڄاڻايو اٿئون، قدري اولهه جي ڏکڻ ۾ ٺٽي کي وڪڙ ڏيئي وهندي هئي (88).

ظاهر آهي ته ستلج، سورهين صديءَ جي اوائل ۾، هاڪڙي کي پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، البت ڪڏهن ڪڏهن اٿل جو پاڻي ڏيندي هجيس ته ڏيندي هجيس. ستلج ۽ بياس جو گڏيل وهڪرو، جو اڳيئي ”گهارا“ سڏجڻ لڳو هو، 5- 1524ع ۾ سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسين ارغون ۽ ملتان جي سلطان حسين لانگاهه جي وچ ۾ سرحد مقرر ٿي. ساڳئي سال شاهه حسين ديراوڙ (Dirawar) جي ڪوٽ تي ڪاهي ويو. اهو بهاولپور کان ڪي 45 ميل ڏکڻ - ڏکڻ- اولهه طرف هاڪڙي واريءَ واديءَ جي انهيءَ ڀاڱي ۾ آهي، جنهن بابت اسٽائين جو انومان آهي ته تاريخ جي زماني کان اڳ ستلج اتان وهندي هئي. عيسوي سن 1525ع ۾ اتي نسوري نپٽ سڃ هئي، ”ايتري قدر جو هوا جا پکي به ان ڏانهن نهارڻ کان ڪيٻائيندا هئا.“ مرزا پاڻ سان مهيني جو سيڌو پاڌو کنيو ويو ۽ گهيرو شروع ڪرڻ کان اڳ سوکن کوهه کڻايائين (89). مٿيون هاڪڙو شايد ڄاڻايل تاريخ کان به گهڻو اڳ سورتڳڙهه کان وٺي ديراوڙ کان هڪڙي هيٺڀري هنڌ تائين سڪل رهيو آهي ۽ ان جي سنڌ منجهان لنگهندڙ ڦاٽن- واهندا، ريڻي ۽ ناري – کي بعضي بعضي سنڌوءَ ۽ پنجند جي اٿل جو پاڻي غوثپور ڍوري ۽ ان کان هيٺ وارن ڍورن رستي ملندو هو.

1621ع ڌاري لکيل ”تاريخ – طاهري“ ۾ هيءَ ڌيان جوڳي ڳالهه ڪيل آهي ته ”سنڌ جو جيڪو ڀاڱو هينئر ڀريو ڀاڳيو آهي، سو سومرن جي صاحبيءَ وقت آب- سنڌ جي گهٽتائيءَ ڪري نسوري سڃ هو......... تڏهن انهيءَ سڃي تر ڏي ڪو پاڻي ڪونه وهندو هو.“ هت سنڌ جي ڪهڙي ڀاڱي ڏانهن اشارو آهي سو ڄاڻايل نه آهي. پر ممڪن آهي ته اهو اتر- اولهه، بکر جي سرڪار هجي. ان جي ابتڙ ڳالهه به تيتري ئي درست ٿي سگهي ٿي- يعني سنڌ جو جيڪو ڏکڻ – اوڀر وارو ڀاڱو سومرن جي ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي تڏهوڪي اڀرندي شاخ پراڻ ۽ هاڪڙي منجهه پاڻي جام هجڻ ڪري ايترو سرڇو ۽ وسيل هو، سو 1621ع ۾ ”نسوري سڃ“ بڻجي ويو هجي، ڇو ته اهي واهڙ گهڻو وقت اڳي وهڻ بند ٿي ويا هوندا (90).

مغل شهنشاهه محمد 1739ع ۾ جيڪو علائقو نادرشاهه جي حوالي ڪيو هو، تنهن جي ڏاکڻي ڀاڱي جي حد نادرشاهه هيٺيون هاڪڙو مقرر ڪئي هئي، يعني ونجهڙ وٽ کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين. عهد نامي ۾ ان کي نالا شنڪر، ڪوٺيو ويو  آهي ۽ ظاهر آهي ته اهو ان ڪري ڄاڻايو ويو هو ته جيئن تڏهوڪي سنڌ سڄي ايران سان ڳنڍجي وڃي. جيڪڏهن سنڌوءَ جي سموري وهڪري کي حد مقرر ڪيو وڃي ها ته سنڌ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڃي ها ۽ ان جو حاڪم يا والي، ميان نور محمد ڪلهوڙو، ٻن بادشاهن جي ماتحت ٿي وڃي ها. ائين نٿي ٿي سگهيو ته نادرشاهه ڪنهن اهڙي سٽاءُ سان اتفاق ڪري ها، جنهن سان سنڌ جي وفاداري ٻن اڌن ۾ ورهائجي وڃي ها. هن سلسلي ۾ جنرل هيگ نالا شنڪر جي سنگرواهه يا ريڻ شاخ سان جا هڪجهڙائي ڏيکاري آهي،  سا قبول نٿي ڪري سگهجي . شايد نادرشاهه جي نيت هئي ته جيڪو علائقو آڳاٽن  ڏينهن ۾ ايراني سلطنت جو ويهون پرڳڻو هوندو هو، سو وري هٿ ڪريان. سنڌ به ان پرڳڻي جو ڀاڱو هئي ۽ ان قديم زماني ۾ ان جو وڏو ڀاڱو سنڌوءَ جي تڏهوڪي دڳ جي اولهه ۾هو (91).

ريورٽي ڏيکاري ٿو ته ائين وسهڻ لاءِ سبب آهي ته ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ هاڪڙو سنڌ منجهان ٻيو نه ته ڪڏهن ڪڏهن ضرور وهندو هو. ان ڳالهه جي چٽي ثابتي آهي ته 1742ع  تائين ان منجهان شايد سڻاڻيءَ مند ۾ روهڙي ٽڪرين جو پهڻ عمر ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ هڪڙي هنڌ تائين  نيو ويندو هو (92).

هونئن ته ميجر ريورٽيءَ اهو ڏيکارڻ لاءِ سڄو سارو نقشو چٽيو آهي ته اتر- اولهه هندستان جا وڏا درياهه پوين هڪ هزار ورهين جي مختلف زمانن ۾ ڪٿان ڪٿان وهندا هئا ۽ سندن رخن ۾ ڪهڙا ڦيرا ڪيئن ۽ ڇو آيا هئا؛ پر هيءَ عجيب ڳالهه آهي ته هو سنڌ اندر هڪ تمام نرالي ۽ وڏي دڳ- مٽ رهائي ويو آهي (93)، حالانڪ ان جو تاريخي رڪارڊ به موجود آهي. هيءَ دڳ- مٽ 9-1758ع ڌاري ٿي هئي ۽ جنهن هنڌ درياهه پنهنجو  پيٽ ڇڏيو هو، سو هنڌ لڳ ڀڳ 25 ڊگريون 40 منٽ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 31 منٽ ڊگهائي ڦاڪ اندر، پراڻي هالا کان ٿورو هيٺڀرو هو. اتان درياهه امالڪ وڪڙ کاڌو هو ۽ اڃا تائين کائي ٿو. ڇڏيل پيٽ ڏکڻ جي ٿورو اوڀر  ۾ هلي ٿو. پراڻو پيٽ واريءَ جي وڏن وڏن دڙن جي آڌار تي سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو، توڻي جو انهن دڙن جي ڪري ترائي ذري گهٽ ميسارجي چڪي آهي. پراڻو پيٽ نصرپور ٽپي حيدرآباد کان اٽڪل پنڌرهن ميل اوڀر ۾ ، ويندي شيخ ڀرڪئي تائين سڃاڻڻ ۾ اچي ٿو. پر ان کان هيٺ اهو ايترو چٽو نه آهي. درياهه اڳوڻي پيٽ جا سڀ ملائي ڪي هڪ سؤ ميل ڇڏي ويو هو ۽ ان مان اوڀر طرف جيڪي ريڻ سميت شاخون ڦٽنديون هيون، سي ڦٽي ويون هيون.

اهو اڻ رواجي ڦيرو ظاهر آهي ته هڪڙيءَ مند ۾ نه آيو هوندو. ان ڏس ۾ هيگ نصيپور وارن جي جا روايت نقل ڪئي آهي، تنهن موجب درياهه ٿورو هڪڙي، ٿورو ٻئي سال اهڙيءَ ريت ڪيئي ورهيه وٺي، سڄو ٻيٽ ڇڏيو هو (94). اسان کي ”تحفته الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1755ع ۾ جڏهن ميان محمد مراد ياب خان سنڌ جو حاڪم ٿيو هو، تڏهن هن نصرپور جي ويجهو مراد آباد نالي هڪڙو نئون شهر ٻڌايو هو، ”اهو نڀاڳو شهر“ ٻن ورهيه کان به گهٽ مدي اندر ”درياهه جي اٿل وڪوڙي (يا ٻوڙي) ڇڏيو“ (95). عين ممڪن آهي ته ڄاڻايل وڏو ڦيرو تنهن سال دستور کان وڌيڪ سخت ٻوڏن جي نتيجي ۾ شروع ٿيو هجي. محمد مرادباب خان جي ڀاءُ ۽ آخري جائنشين پوءِ الله آباد جي نالي سان هڪڙو نئون ”شهر“ اڏايو، جيڪو سندس پيءُ واريءَ گاديءَ کان گهڻو پري نه هو. پر ان شهر ڪڏهن به ڪا حيثيت نه ماڻي، جو انهيءَ وچ ۾ گهرو لڙايون اچي لڳيون ۽ نيٺ ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جڏهن غلام شاهه سڄيءَ سنڌ جي حاڪم جي حيثيت ۾ پنهنجا پير پختا ڪري ورتا، تڏهن هن پراڻي نيرون ڪوٽ وارو هنڌ آخري طرح تجويز ڪيو. اتي 1768ع ۾ حيدرآباد جي شهر جو پايو پيو. ائين چئي سگهجي ٿو ته تنهن وقت تائين بادشاهه کي پڪ ٿي ويئي هوندي ته هاڻ درياهه پنهنجي نئين ٻيٽ ۾ دائمي طرح ڄمي ويو آهي. درياهه جو اهو نئون دڳ گنجي ٽڪر جي اولهه کان ٿي لنگهيو، ۽ ان مان هڪڙي ٿورو اوڀارو ڦٽل شاخ ٽڪر جي اڀرندي ڇيڙي جي ڀر مان پڻ لنگهي ٿي. اها شاخ هئي ڦليلي، جنهن وهي وڃي ريڻ شاخ وارو پيٽ ٿي ورتو ۽ ممڪن آهي ته حيدرآباد ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي کي ان ڦيري وگهي گهڻو ڀوگڻو نه پيو هجي؛ البت هيءُ انومان رکڻو پوندو ته ريڻ کي پاڻي اڳي کان گهٽ ملڻ لڳو هوندو.

پرتي اوڀر ۾ ڇا ٿيو هوندو، سا پڪ ڪانهي. اهو پتو اٿئون ته 1762ع تائين ڪڇ رڻ جي الهنديءَ ڪنڊ ۾ هاڪڙي ۽ الهندي توڙي اڀرندي پراڻ تي هيٺ سنڌڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ چانورن جي ججهي ۽ نيمائتي پوک ٿيندي هئي. پتو نٿو پوي ته انهن مان ڪهڙو واهڙ ان ججهيءَ آباديءَ لاءِ آبپاشيءَ جو ڪم ڏيندو هو. ميان غلام شاهه، ڪڇ تي 1763ع ۾ پهرينءَ ڪاهه کان پوءِ، ان گڏيل وهڪري تي پنهنجيءَ حد اندر بند ٻڌرايا هئا ته، جيئن چيو وڃي ٿو، سندس دشمن اها ڀلي پوک نه ڪري سگهن، جو ان جي رڳو ڍل ئي، برنس موجب، ستن کان اٺ لک ڪوڙيون ٿيندي هئي. غلام شاهه جي جائنشينن ۽ اوائلي ٽالپر حاڪمن به اهڙا بند ٻڌرايا هئا. ممڪن آهي ته انهن بندن ٺهرائڻ سان سنڌ جي حاڪمن جو هڪڙو ٻيو مقصد به هجي. اهو هيءُ ته اولهه طرف سنڌوءَ جي وڏي دڳ- مٽ کان پوءِ پراڻ جي اٿل گهٽجي ويئي هئي، سو انهن ڇاٻن سان پاڻي روڪي، هنن پنهنجن دشمنن جي رعيت ۽ آمدنيءَ کي ڌڪ هئڻ سان گڏوگڏ خود پنهنجي رعيت ۽ آمدنيءَ کي فائدو وسائڻ ٿي گهريو. (97).

درياهه جي انهيءَ دڳ- مٽ جو سنڌ جي انتهائي ڏکڻ- اوڀر ۽ ڏکڻ تي کڻي ڪهڙو به اثر پيو هجي، اها پڪ اٿئون ته حيدرآباد شهر جي ترت اوڀر وارو پاسو سڃو ٿي ويو هو ۽ شايد سو ورهيه کن وري سنئين لڱين نه ٿيو هو. ائين ناهي ته ڪو حاڪم هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا هئا. سرفراز واهه غلام شاهه جي پٽ جي نالي تي آهي، جيڪو هن ان سوڪ ماريل ٽڪري ۾ نئين ساهه وجهڻ لاءِ کڻايو هو. اميرن ۽ زميندارن به لاشڪ ڪيترائي ننڍا ننڍا واهه کوٽايا هئا.

ڪلهوڙن کي آبپاشيءَ کي زور وٺائڻ جو وڏو اونو رهندو هو. ميان سرفراز خان جي ڏاڍي ميان نور محمد مٿينءَ سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪيئي بهترين واهه کوٽايا هئا. سنڌ جي هٿرادو واهن مان بنهه ڪي ٿورڙا ڪلهوڙن کان اڳ جي حاڪمن جي نالي ليکيا وڃن ٿا. انهن مان سڀني ۾ مشهور بيگاري واهه آهي (98). پوين سمن حاڪمن بابت چيو وڃي ٿو ته هنن ٺٽي جي ڀرپاسي کي چڱو زور وٺايو هو. پر پتو ناهي ته هنن ڪي  واهه به کڻايا هئا يا نه. هو سندن قديم پيشرو ۽ مغل وائسراءِ بس ايتروئي ڪندا آيا هوندا ته سنڌوءَ جي قدرتي شاخن کي گهرج سارو ٺهرائيندا کڻائيندا رهيا هوندا ۽ مڪاني زميندار وري انهن کي ٽڪا ڏيئي پنهنجيون زمينون ريجيندا هوندا.

ارڙهين صديءَ جي وچ داري سنڌوءَ جي دڳ- مٽ جو هڪڙو نتيجو هيءُ نڪتو ته ٺٽي جي اتر ۾ جا ڪلري شاخ وهندي هئي، سا نابود ٿي ويئي ۽ 1817ع کان ستت پوءِ بگهاڙ شاخ، جا درياهه جو مکيه ڦاٽ رهندي ٿي آئي، سا لٽجي ويئي ۽ درياهه جو وهڪرو وڌيڪ ڏکڻ طرف وڃي بگهاڙ جي کاٻي پاسي کان ڦٽل ڪيترين ئي ننڍين ننڍين شاخن کي اورانگهيندو وهڻ لڳو (99).

اهو چٽو نه آهي ته الهندي ڊيلٽا جي پاڻين ۾ آيل هن وڏي تبديليءَ ۾ انهيءَ زلزلي جو ٿورو ڪي گهڻو هٿ هو يا نه، جنهن 1819ع ۾ ڪڇ سان راڱا ڪيا هئا ۽ رڻ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪئين ڦيريون ڦاريون آنديون هيون. ڪوري کاري، جا اڳي هاڪڙي ۽ پراڻ جو ڇوڙ هوندي هئي، تنهن کي انهن ندين جو پاڻي باقاعدي ملڻ گهڻي وقت کان بند ٿي ويل هو؛ پر زلزلي جي ڪري اها گهڻي ويڪري ۽ اونهي ٿي ويئي ۽ نتيجي طور ڪڇ جو الهندو ڀاڱو اڳي کان وڌيڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جي چڙهت وسيڪو ٿي ويو آهي (100).

عيسوي سن 1819ع کانس سنڌوءَ جي رخ ۾ ڪي به انقلابي ڦيرا نه آيا آهن؛ البت هوءَ پاڻيءَ جي مندائتي گهٽ واڌ انوسار مڪاني طرح ڦيرڦار (Adjustment) سدائين ڪندي رهي ٿي ۽ ان واسطي ان کي وقت بوقت ننڍن ننڍن مفاصلن لاءِ چئن پنجن ميلن جو لوڏو به کائڻو پوي ٿو (101). ان مدي اندر ۽ خاص ڪري ان جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي سيني تي سڀ وڏيون تبديليون انساني آدم جي ڪري آيون آهن.  ٽالپر حاڪمن ڪلهوڙن جي ڪم کي جاري رکيو ۽ هو انگريزن کي واهن جو هڪ ڪارائتو سرشتو ورثي ۾ ڏيئي ويا. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ گهٽ وڌ نوي ورهين تائين سنڌ جو وڏو حصو انهن واهن تي آباد ٿيندو رهيو، جي انهن ٻن گهراڻن جي راڄ ۾ ٺهيا هئا ۽ جن ۾ سندن جائنشين انگريزن رڳو سڌارو يا واڌارو آندو هو. پر غيرآباد زمين جي جن وڏن وڏن ٽڪرن کي، خاص ڪري اڀرنديءَ سنڌ۾، انهن واهن جو پاڻي نٿي پهتو، تن کي، انهيءَ وچ ۾، نوان ۽ وڏا ويڪرا واهه سائنسي طريقي سان کوٽي آباد ڪيو ويو.

انهيءَ ڏس ۾ پهرين وک هئي هاڪڙي واري پراڻي ڦاٽ جي اٽڪل ٻن سون ميلن کي دائمي طرح پاڻي پهچائڻ ان مقصد لاءِ روهڙيءَ کان مٿيرو هڪ دائمي ڀرتي- واهه (Feeder) کوٽي، هاڪڙي سان ملايو ويو. اهڙيءَ ريت هاڪڙي جي، جو مڪاني طرح اڀرندو نارو سڏبو هو، شڪل ئي مٽجي ويئي. پوءِ ناري منجهان مٺڙائو ۽ جمڙائو واهه ڪڍي، غيرآباد زمينن منجهان وهايا ويا. 1932ع ۾ جڏهن لائيڊ بئراج جي عظيم رٿا چالو ٿي، تڏهن واهن جي ان سرشتي کي معمولي سڌارا ڪري سڌيءَ طرح راج سان ملايو ويو. انهيءَ سال تائين سنڌوءَ جي ٻنهي پاسي، اترينءَ سرحد کان هيٺ ويندي ڊيلٽا جي منڍ تائين، بچاءَ بندن جي ٻٽي قطار به جڙي راس ٿي ويئي. انهن بچاءَ بندن جي ڪري آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ سنڌوءَ جي اٿل جو پاڻي نسبتاً هڪ سوڙهي پٽي اندر رهي ٿو * هيٺينءَ سنڌوءَ کي هٿ وس ڪرڻ جي اها ڪارروائي  ٻه وڌيڪ براج ٺاهي پوري ڪرڻي آهي*. اهي بئراج اُنهن علائقن کي آباد ڪندا، جيڪي سکر بئراج واري مکيه مرڪزي علائقي جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ آهن.

انگريزن جي صاحبيءَ ۾ آبپاشيءَ جي واڌاري جو سلسلو اڳيئي موجود واهن کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ سان شروع ٿي، اهڙين همه گير رٿائن تي وڃي پهتو، جن

راڻي سرشتي کي ريٽي، ان جي جاءِ پاڻ والاري. آبپاشيءَ ۾ ان لاڳيتي واڌاري سان گڏوگڏ آڻڻ-نيڻ جي وسيلن پڻ زور ورتو: رستن جو ڄار وڇائجي ويو، جنهن سان گڏوگڏ پوءِ ريلون به شروع ٿيون.

گذريل زمانن تي نظر وجهڻ سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ ڪيئن نه هر دور ۾سندس جاگرافيءَ جي هٿ وس رهي آهي. اڀرندي وارياسي جو وڏو رڻ پٽ سندس تقدير کي سدا هندستان کان سڄي ليکي ڌار رکندو آيو آهي. ڪڇ سان البت سنڌ جا ناتا وقت بوقت ويجها رهيا آهن. پر ڪڇ پاڻ به اوڀر وارن ڏيهن کان گهڻو الڳ ٿلڳ رهيو آهي. ان ڪري، سنڌ جا سياسي لاڳاپا گهڻو تڻو اتر ۽ اولهه سان رهيا آهن. پر جيئن ته انهن ملڪن سان لهه وچڙ به دراصل هاڻوڪي وقت ۾ ئي اچي سڻائي ٿي آهي، سو سنڌ زمانن جا زمانا مڪمل سياسي نويڪلاڻيءَ ۾ گهاريندي، پنهنجن ڏيهي گهراڻن جي ئي حڪمرانيءَ هيٺ رهي آهي.

اهڙا وقت به گذريا آهن، جڏهن ملڪ جي بنيادي هم آهنگيءَ جي باوجود، مٿين ۽ هيٺين سنڌ الڳ الڳ ۽ هڪٻئي جي حريف حاڪمن ماتحت رهي آهي. ڊيلٽا واري ڏيهه ۾ سومرن جي ذري گهٽ لاڳيتي خود مختياريءَ جو مدو ٽن صدين کان ڪو گهڻو گهٽ نه هو. ان ساڳئي مدي اندر مٿينءَ سنڌ تي هڪٻئي پٺيان طاقتور غزنوي ۽ غوري سلطان، دهليءَ جا غلام بادشاهه ۽ خلجي گهراڻي جا عيوضي قابض رهيا. سومرن جي راڄ تي وقت بوقت جهلون ٿيون، پر هو مات نه ٿي سگهيا ۽ سندن جٽاءَ جو راز گهڻي ڀاڱي هيءَ هو ته هن ملڪ اندر مهم جوئي ڏاڍو اوکو ڪم هو. تغلق سلطان، محمد  ۽ فيروز شاهه، سمن کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ان ئي آزمودي مان لنگهيا هئا. ڪلهوڙن جي وقت ۾ اولهه ڊيلٽا اندر عملي طرح خود مختيار هندو راڻن جو راڄ هئڻ ۽ بلياري ۽ بدين جي ”ٿاڻن“ جو ڪڇ جي راءِ ماتحت هجڻ ۽ وري ٽالپرن جي تخت نشينيءَ کان پوءِ عمر ڪوٽ تي سوڍن راجپوٽن جي راڄ جو گهڻو وقت جٽاءُ ڪرڻ، انهي صورتحال جو وڏو ڪارڻ به انهن علائقن جو اڙانگو ۽ اڻ – لانگهو هجڻ هو.

جا نرالي ۽ مخصوص اٿئي ويهڻي ۽ چال چلت سنڌ وارن جو مرڪ آهي. سا ان جي انهيءَ طرح الڳ ٿلڳ رهڻ جي ڪري اسري آهي ۽ جي اڪيچار نسل هڪٻئي پٺيان سنڌ ۾ داخل ٿيندا ۽ گهر ٺاهي ويهندا آيا آهن، انهن جي علحدگيءَ ۽ خصوصيت جي پنهنجي نرالپ به ان ئي صورتحال سبب ختم ٿيندي ۽ خاص مڪاني رنگ ۾ رڱجندي رهي آهي.

گهڻو تڻو ماڻهن جي حياتيءَ جو ڍنگ اهوئي آهي، جو  انوکي ءَ آبهوا ۽ درياهه شاهه دادلي کين ڏنو آهي. درياهه نه هجي ها ته هوند سنڌ پنهنجي پاسي وارن ڏينهن جيان ڪڏهن به مال وند اقتصاد کان مٿي نه چڙهي ها. هونئن به ويجهڙائيءَ واري زماني تائين سنڌو ماٿريءَ ۾ ماڻهن جو مکيه ڌنڌو مال چارڻ پئي رهيو آهي. هيءُ گذران جو يقيني وسيلو هو، جڏهن ته زراعت سدائين درياهه جي ريچڪن وگهي تباهيءَ جي منهن ۾ رهندي هئي. ميدانن جي هر انهيءَ ڀاڱي کي، جتي سنڌو رسي سگهي ٿي، يقيني آبپاشيءَ هيٺ آڻڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪندي به ڪڙمين جون جايون عارضي نوعيت جون هونديون آهن، اهڙيون جهڙيون اڌ-لاڏائو ماڻهن جون ٿيڻ کپن. ماڻهن ايامن جا ايام جن عادتن تي ضرورت کان مجبور ٿي هلندا رهن ٿا، سي منجهن ايتريون ته پختيون ٿي چڪيون آهن، جو انهن کي اوچتو ڇڏڻ هنن کاءِ ممڪن ڪونهي، هتي ٿانيڪي ڳوٺاڻي حياتيءَ  جي ڪا پختي روايت ڪانهي، جهڙي هندستان جي وڏي ڀاڱي ۾ رائج آهي: ٻهراڙين ۾ خاص طرح سماجي سرشتو گهڻي ڀاڱي پيئيتو (Patriarchal) ۽ قبائلي ئي رهيو آهي.

پکي ڦاسائڻ ۽ درياهن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ آڳاٽي زماني کان سنڌ جي ماڻهن جي عام ڪرت هئي. پر هاڻ سنڌوءَ جي هٿ- وسيڪي ٿيڻ سان زراعت ۾ جيڪو واڌارو آيو آهي، تنهن انهن ڌنڌن جي ايتري گنجائش ناهي ڇڏي، جئين مال وند قبيلا پاڻ مٽائي ڪڙمي ٿي ويا آهن، تيئن مهاڻا به ڪڙمت ڏي ايندا پيا وڃن. دراصل، مڇي مارڻ جون سهولتون ايترو تڪڙو ڪونه گهٽيون هيون، جيترو تڪڙو زرعي مزورن جي گهرج وڌي هئي. سنڌوءَ ۾ ٻيڙين جي ايامن کان پراڻي آمدرفت ريلن سان مقابلي جو ڌڪ ته ان ڪري پچائي ويئي، جو اها ڪنهن ڪنهن وکر لاءِ آڻڻ- نيڻ جو سهنجي جو سهنجو وسيلو هئي؛ پر سکر وٽ لائڊ بئراج چالو ٿيو ته ان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سکر کان مٿي ان ۾ اڃا به ڪجهه ٻل آهي، پر هيٺ رڳو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ئي سجائي ٿي سگهي ٿي.1930ع تائين سنڌ جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ پراڻن آبڪلاڻي واهن رستي ٻيڙين جي آمدرفت ٿيندي هئي، پر پوءِ سرڪار جو اهي واهه بند ڪري ڇڏيا، ته ٻيڙين جو انهن تي هلڻ به بند ٿي ويو. درياهه تي وڌيڪ بئراج ٺهيا ته شايد ان ۾ ٻيڙيون هلڻ اُڪوئي بند ٿي وينديون. انگريزن درياهي آمدرفت کي شروع ۾ ايترو جو وڌايو ٿي، ان مان سندن هڪڙو مکيه مقصد ملڪ تي قبصو ڄمائڻ به هو.

درياهه جيڪو سنڌ اندر ٿيندڙ توڙي سمنڊ وسيلي ڏيساور سان ٿيندڙ واپار جو مال کڻندو رهيو آهي، سو اهميت ۾ وقت بوقت گهٽ- وڌ ٿيندو رهيو آهي (103). اهڙي واپار کي گهٽائڻ يا وڌائڻ ۾ وڏو هٿ سنڌ ۽ ڀر وارن ملڪن جي سياسي حالتن جو پئي رهيو آهي. پر ساڳئي وقت سنڌوءَ جي ڇوڙن جو لنگهه-جوڳو هجڻ يا نه هجڻ ۽ انهن ڇوڙن تي ۽ سندن ڀر پاسي ۾ هڪٻئي پٺيان برپا ٿيندڙ بندرگاهن جو جٽاءُ ڪرڻ يا نه ڪرڻ، اهي ڳالهيون به ان واپار کي گهٽائينديون وڌائينديون رهيون آهن. اوائل وارو ديبل يعني باربريڪن، جنهن کان چيني توڻي عرب جهاز ران واقف هئا (104) لاهري بندر ۽ پوءِ وارو ”ديول سنڌ“ انهن سڀني ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ اوج ماڻيو، ۽ واري واري سان سنڌوءَ جي لٽ جي ور چڙهي ويا.

ڪراچي بندرجيئن ته ان کان آجو آهي ۽ گذريل صديءَ کان پوءِ سائنسي طرح سڌاريو ۽ ابتريءَ کان محفوط ڪيو ويو آهي. ان ڪري اهو سنڌ جي بندر جي حيثيت ۾، پنهنجن پيشروئن کان وڏي حياتي ماڻڻ جي آس رکي سگهي ٿو. ڪلاسيڪي زماني ۾ (منهنجيءَ راءِ موجب) ڪراچي ”زالاڻو بندر“ جي نالي سان مشهور هو. پر  ان زماني کان پوءِ ڪيئي صديون تاريخ ۾ ان جو حوالو نٿو اچي. نيٺ اهو پنهنجي هاڻوڪي نالي هيٺ 1742ع ۾ پر گهٽ ٿئي ٿو. مذڪور آهي ته ان سان نادر شاهه پنهنجي هڪڙي عملدار کي سورت موڪليو هو ته اتان شاهه جي پنهنجي مرضيءَ موجب ٺهيل سامونڊي جهاز وٺي اچي؛ اهي عملدار هن ڪراچي بندر ڏانهن موڪليا هئا (105). سيٺ نائون مل جي بيان موجب، اڄوڪي شهر جو پايو 1729ع ۾ پيو ۽ ان کان اڳ اهو رڳو مهاڻن جو ڳوٺڙو هو (106). پر سيٺ صاحب هڪ شهر جي پڊ جو احوال به ڏئي ٿو، جيڪو چنا کاريءَ جي ڀرسان هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي، جا هاڻ باٿ آئلنڊ (Bath Island) سڏجي ٿي، ”راجا دلوراءِ ٺهرايو“ هو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته مٿي ڄاڻايل ڪراچيءَ جي پايي پوڻ کان ڪي ٽي صديون اڳ تائين اهو شهر وسيل هو ۽ ”پنهنجو سٺو بندر به هئس ۽ واپار جو جهجو ٿيندو هئس“ (107) هاڻوڪو ڪراچي بندر وڏيءَ ايراضيءَ ۾ آهي. ان ۾ جيڪي کاريون آهن، تن ۾ وقت بوقت قدرتي سببن جي ڪري وڏي ڦير ڦار اچي سگهي ٿي. اها ڦيرڦار ڪنهن آسودي وڻجارڪي شهر کي ڦٽائي بُٺ ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي، پر ان ساڳئي سبب ڪري مهاڻن کي ڳوٺ ٻڌڻ لاءِ  نوان نوان سڻاوا هنڌ به ميسر ٿيندا رهيا ۽ رهندا.

ان ڳالهه جي ثابتي موجود آهي ته سمن جي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ لڳ هڪ وسندڙ بندر موجود هو، پر سنڌ جي تاريخن ۾ ان جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. هاڻ سوال ٿو اٿي ته اهڙي بندر هجڻ جي ان ثابتيءَ کي، پوءِ جهڙي به اها آهي، تاريخن ۾ ان جي ذڪر نه هجڻ سان ڪيئن ٺهڪائجي. ڪراچيءَ کان ڪي پندرهن ميل اوڀر ۾، گهارو-کڏڙو کاريءَ جي منهن وٽ واگهي در جو مسئلو به ساڳيءَ نوعيت جو چئي سگهجي ٿو. ان هنڌ جو پڊ اڃا به ڏسي سگهجي ٿو ۽ سيٺ نائون مل ان بابت جا روايت قلمبند ڪئي آهي، تنهن موجب اهو ٻئي کان ڪيقدر پوءِ جي زماني ۾ ”هڪ مشهور شهر“ هو ۽ کاريءَ  تي ان جو جيڪو بندر هو، اتي تنهن زماني ۾ پنجاب ۽ مٿينءَ سنڌ جو ان ٻيڙين تي ايندو هو، جنهن زماني ۾ بگهاڙو سنڌوءَ جو مکيه ڇوڙ هوندو هو.سيٺ صاحب لکي ٿو ته آسپاس وارو ملڪ جوڌپور وارن راجپوتن جي حڪم هيٺ هو (108). منهنجي خيال ۾ هن عجيب بيان جو مطلب هيءُ وٺي سگهجي ٿو ته ”راجپوتي نسل جي قبيلن جي حڪم هيٺ، جي لسٻيلي جا حاڪم هئا.“ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ملڪ تي ارڙهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾، ڄاموٽ گهراڻي جي اچڻ کان اڳ، چار اهڙا قبيلا حاڪم رهيا هئا. انهن روايتن کان سواءِ ته سندن هڪ يا ٻن سردارن پاڙيوارن ڏيهن تي جهلون ڪيون هيون. سندن تاريخ ۾ نسورو خال آهي. ان زماني کي ڇڏي سنڌ جي تاريخن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، جنهن مان ڀانئجي ته سومرن کان ويندي مغلن جي آخري نوابن تائين، ان جو ڪو حاڪم سنڌوءَ جي ڊيلٽا کان اولهه واري ملڪ تي ڪڏهن به قابض رهيو هو. حقيقت ۾، پاڻ الهندو ڊيلٽا ارڙهين صديءَ جي وچ کان پوءِ تائين نيم- خود مختيار هندو راجائن جي هٿ هيٺ هو. تنهن وقت ۾ ڪراچي ۽ ان جو ڀرپاسو قلات جي قبضي ۾ هو (109).

وچولي زماني جي اڳين ”ڪراچي“ ۽ سنڌو ماٿريءِ جي وچ ۾ لهه وچڙ جي مکيه واٽ اها ٿي ڏسڻ ۾ اچي؛ جا ٽڪرين منجهان ٿاڻي احمد خان ڏانهن ۽ اتان اڳتي سيوهڻ ڏانهن وڃي ٿي. هيءَ واٽ اڳ تاريخ جي زماني کان وڻجارڪي واٽ رهي آهي. ان واٽ سان رکي رکي اهڙيون اڏاوتون ملن ٿيون، جن کي وڌيڪ موزون لفظ نه هجڻ ڪري ”پهڻي لوڙها“ سڏيو وڃي ٿو. عام خيال آهي ته اهي لوڙها اڳي ڪاروان سرائون هيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي عربن کان به اڳ جون هجن. رڳو آڳاٽن اهڃاڻن جا ڄاڻو ئي ڪا باريڪ چوک چڪاس ڪري ان تمام منجهيل مسئلي تي وڌيڪ روشني وجهي سگهن ٿا (110).

حاصل مطلب ته سنڌ جي تاريخي جاگرافيءَ جي جائزي وٺندي اهو احساس اوس ٿئي ٿو ته هاڻوڪي زماني کان اڳ ملڪ جي اصل حالت ڪهڙي هئي، تنهن بابت اسان جي ڄاڻ ۾ وڏا خال آهن. جن لکيل ماخذن تي ڀاڙڻ کان سواءِ چارو ڪونهي، تن جو واسطو گهڻو تڻو سياسي واقعن سان آهي. انهن تاريخن جو ڪو اتفاقي ۾ اڪثر ڪري اڻ چٽو بيان ڪڏهن ڪڏهن تاج ۽ تلوار جي انهيءَ ناٽڪ جي جيڪي پس منظر کي لاٽ بڻجي جرڪايو ڇڏي. وچولي زماني جي مسلمان جاگرافيدانن جي تصنيفن ۾ هنڌن جا نالا جهجا ملن ٿا، پر جيئن ته اهي عربي ۽ فارسي لپيءَ ۾ لکيل آهن، ان ڪري منجهانئن گهڻيون تصنيفون لاپرواهه نقل نويسن جي رحم ڪرم تي رهيون آهن، جن اعرابون رهائي يا پنهنجي ڪُڏ موجب ڏيئي، اصلوڪن نالن کي الڳ الڳ پڙهڻين جي ڍڳن هيٺان لڪائي ڇڏيو آهي. انهن تصنيفن ۾ ڏنل سفر نامن (Itineraries) جي اهميت وري پاڻ- ۾- نه- ٺهڪندڙ ۽ غير يقيني ڳالهين هيڪاري گهٽائي ڇڏي آهي (111).

 

سنڌ جي ماضيءَ جو جيڪو داستان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ڇاتيءَ تي نقش ٿيل آهي، سو پڻ سال بسال پڙهجڻ کان چڙهندو پيو وڃي. جن پراڻن وهڪرن جا نشان هڪ صدي اڳ سولائيءَ سان ڳولي لهبا هئا، تن کي پري پري تائين رسندڙ آبپاشيءَ هيٺ، زمين جي مٿاڇري ۾ هر دم ايندڙ چاڙهه ميساريندو پيو وڃي. جيئن جيئن آڳاٽن ماڳن جي ڀرپاسي جي ڪنڊ ڪنڊ پوک هيٺ اچي پئي، تيئن تيئن تر جا ڪڙمي انهن ماڳن کي ڪارائتين سرن ۽ زرخيز مٽيءَ لاءِ ڦوليندا ۽ ڦُريندا  رهن ٿا. جيڪڏهن قديم سنڌ جي ڊهندڙ اهڃاڻن جي کوجنا کي مادي ترقيءَ جي ڀڃ ڀڄان کان بچائڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي ويئي، ته پوءِ سنڌ جي هيڏي ساري ماضيءَ تي جا اوندهه ڇانيل آهي، سا ڪڏهن به هٽي نه سگهندي.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 4.

ان لاءِ اروڙ جي انهن حوالن تي ڀاڙيو ويو آهي، جي راجپوت تاريخن ۾ آيل آهن، ۽ علي ڪوفيءَ پڻ ڏنا آهن. اڌ صديءَ کان سرس عرصو پوءِ الادريسي به ان جو ذڪر ڪري ٿو.

بهاتي فيابين الجنوب و المغرب الي  ارور خمسته عشر وهي بلدته شعبتي ماءَ السند (رينو، ٽڪرا،  ص 85). ريورٽيءَ اهو ٽڪرو وري بلڪل ٻيءَ طرح ڏنو آهي. هو درياهه جي ٻن شاخن جي وچ ۾ اروڙ نه پر ڀاٽيءَ کي رکي ٿو ۽ درياهه کي ”سنڌ رود“ سڏيندي ان کي نهر- مهراڻ کان الڳ ڪري ٿو. (”مهراڻ“، ص 221، نوٽ 163). جيستائين البيرونيءَ جو لاڳاپو آهي ته اهو فرق بلڪل خيالي آهي.

سند شاڪر، يا سنڌ ساڪره. ”مهراڻ“ ص 221، نوٽ 162. سچاءُ، اڳڄاڻايل ڪتاب، ص 26، جا ليکت ريورٽيءَ واپرائي هئي، تنهن مان ائين ٿو ڀانئجي ته اروڙ درياهه جي اوڀر  ۾ هو. ڀيٽيو: ”مهراڻ“، ص 418، نوٽ 561.

شاڪرته (اسپرينگر، ص 386).

ايليئٽ (جلد پهريون) جا حُوالا هي آهن:

الاصطخري، ص 30؛ ابن – حوقل، ص 40؛ الادريسي ص 78. پڻ ڏسو ”اشڪال البلاد“ وارو نقشو ص 32 تي، ۽ ”مسالڪ و ممالڪ“ وارو نقشو ريورٽيءَ جي ”مهراڻ“ ۾ صفحي 80 تي ڏنل آهي. پهرين لاءِ ڏسو هن ڪتاب جو نقشو نمبر 9.

اڳيون باب 9.

”بطيحته الشرقي“، ايليئٽ، جلد پهريون، ص 125: رينو، ٽڪرا، ص 206، هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو  ملڪ“ ص 65، ”مهراڻ“، ص ص 6- 255. هوريوالا جو چوڻ آهي ته ان صطلاح جي معنيٰ فقط ”اڀرندي ڌٻڻ، ڍنڍ، پاڻيءَ جو تلاءُ يا کاري- جي- ڍنڍ“ آهي.

”مهراڻ“، ص 465، نوٽ 534. ڀيٽيو: ايضاً، ص 477، نوٽ 553. ريورٽيءَ جي ساماري جي ڍنڍ وارو نظريو اوس رد ڪرڻو پوندو، پوءِ کڻي ان ڳالهه جي ڪري ته نئين ڪوٽ وٽ اهڙا پڊ آهن، جي ذري گهٽ سڀ ٻُڌن جي زماني جا آهن. اهي پڊ نسبتي سطحن جي لحاظ کان سندس وڏي ڇوڙ وٽ سمنڊ جي تري ۾ هجن ها. ڏسو  س. ت. س. ر.، جلد اٺون، ص 61. البيرونيءَ جي جنهن لفظ کي عام ڪري ”لوهراني“ ڄاتو وڃي ٿو، تنهن کي ريورٽيءَ ”ڪوهرائي“ پڙهيو آهي ۽ هو الشرفي پاڻيءَ کي ”ڪوهرائي ڇوڙ“ سان ملائڻ جي جا ڪوشش ڪري ٿو، سان ان مشڪوڪ پڙهڻيءَ تي ئي ٻڌل آهي. (مهراڻ، ص 223 ۽ نوٽ 168).

ڌيان ۾ رهي ته البلاذريءَ الشرقيءَ کي راڄ ڪري ڄاڻايو آهي: خليفي سرحد (هند ۽ سنڌ جي وچ ۾) بهه امير موسيٰ کي رکيو، ”جنهن الشرقيءَ جي راجا بالا کي ماريو“. (ايليئٽ، جلد پهريون، 128). اهو واقعو جنيد هٿان جئسين جي شڪست کان اٽڪل هڪ صديءَ پوءِ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هوديوالا، ص 59. ڀيٽيو: ايضاً،  ص ص62، 5- 64.

ريورٽيءَ البيرونيءَ جي ليکت ڏني آهي، تنهن موجب الادريسي هتي البيرونيءَ جي تصديق ڪري ٿو. ڏسو مٿي نوٽ 4.

ايليئٽ، جلد پهريون 78؛ ”مهراڻ“، ص 229. جيڪو ريورٽي پنهنجن دلپسند نظرين تي اثر وجهندڙ معاملن بابت معمولي کان معمولي چُڪ به هڪدم سهي ڪري وڃي ٿو، اهو ساڳيو ريورٽي هن نامعقوليت جي سچ پچ تائيد ڪري ٿو: ڏسو ايضاً، ص 474.

هيگ ڌيان ڇڪائي ٿو ته جيڪڏهن اسين الادريسيءَ واري ٽڪري جي بنيادي نڪتن کي بنهه ابتو ڪنداسين ته اهو بي معنيٰ ٿي ويندو. (سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ، ص 69). ڀيٽيو: آر. ڊي . اولڌام، ”پنجاب ۽ ان جي درياهن جي جاگرافيءَ ۾ امڪاني تبديلين وغيره بابت“ ب. ا. س. ر.، جلد پندرهون، ڀاڱو ٻيون (1886)، ص ص 327 ۽ 9- 328.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص8- 266؛ ”مهراڻ“، ص 484 لاڳيتو، نوٽ 564.

ترجمو: ٽي. پوسٽنس، ب. ا. س. ر. جلد چوڏهون، ص 167، قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيو، ص 55.

”ابن – بطوطه جون مسافريون“ فرنيچ، ترجمو: سي. دفريمري ۽ بي. آر. سانگينيتي، (پئرس، 1885)، جلد ٽيون، ص 115.

بلانفورڊ، ”الهنديءَ سنڌ جي ارضيات“، هه. ا. س. ي، جلد سترهون، ص 105. ڀيٽيو: هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ضميمو ص 131.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص8- 256.

”مهراڻ“، ص 480، ۽ پڻ ص 487.

لائڊ بئراج ۽ واهن جي ٺهڻ کان اڳ، هڪڙو پراڻو آبڪلاڻي واهه سنڌوءَ مان روهڙيءَ کان مٿي ڦٽي اروڙ واريءَ وٿيءَ منجهان وهندو هو، سوڌٻوڌ پراڻي قدرتيءَ جيان پر ان کان ننڍي پيماني تي. (سنڌ گزيٽيئر“، 1907، ص ص 7- 276، ۾ ڄاڻايل اروڙ واهه). ڀانئجي ٿو ته مئڪمرڊو جنهن ”ننڍو اٽڪ“ جي نالي سان سڏجندڙ نالي (Nuilla) جو حوالو ڏنو آهي، سو اهوئي واهه هو. (”سنڌو نديءَ تي مقالو“، ر. ا. س. ر.، جلد پهريون، 1834، مضمون ٽيون، ص  43 ۽ فوٽ نوٽ.

اڀرندي ناري جو نئون ڀرتي واهه بئراج مان ڪڍي اروڙ واريءَ وٿيءَ منجهان ابتو يعني اولهه کان اوڀر وهايو ويو هو. ڪپتان بيڪر (Capt. Baker) 1844ع ۾ ناري جي ڀرتي واهه اهو ئي طرف ڏسيو هو.

جيمز ٽاڊ، ”راجسٿان جي تاريخ ۽ جهونيون وٿون“، جلد پهريون، ص 260.

قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 7.

ٽاڊ (اڳ ڄاڻايل ڪتاب، پهريون، 91) جيڪا راجپوٽ روايت قلمبند ڪئي آهي، تنهن موجب بکر گهڻو وڌيڪ جهونو آهي. ”هندستاني ريگستان جي وڃايل نديءَ تي نوٽ“ جو لکندڙ  ”چچنامي“ واري بغرور کي اروڙ سان ساڳوڻو ڏيکاري ٿو. (ڪلڪته ريويو، جلد اڻهٺيون، 1874، ص 22).

”هندستاني ريسگتان جي وڃايل نديءَ تي نوٽ“ ، ڪلڪته ريويو، جلد اڻهٺيون، 1874، ص 21.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص 256.

بواسطه کميءَ آب سند يعني پنجاب که پائين از ارور و بهکر بهمين نام سي نامند.

ائيليٽ، اڳڄاڻايل ڪتاب ۽ صفحو؛ ”مهراڻ“، ص 485 نوٽ 564: ايليئٽ ”داهن“ پڙهي ٿو، پر اهو ان ڪري جو فارسيءَ جي قلميءَ جي قلمي نسخن ۾ ”د“ اکر ۽ ”و“ اکر ۾ تميز ڪرڻ هميشه اوکو ٿئي ٿو. اهو پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته ”اروڙ کان هيٺ“ وارن لفظن جي پوري پوري معنيٰ ڪهڙي آهي.

32-1830ع جهڙي ويجهي زماني ۾ به ائين هو: ”شڪاپور جي اتر توڙي اتر – اولهه ۾ زمين جو هڪڙو وڏو ٽڪرو آهي، جيڪو هڪڙيءَ مند ۾ صفا ٻڏي وڃي ٿو......اٿل جي ان اٿاهه پاڻيءَ ۾ جيڪو ٻوڏن وقت سنڌوءَ جي هڪڙي سڪل ڦاٽ يا شاخ منجهان ڌوڪيندو وهندو آهي، يعني انهيءَ شاخ منجهان، جا مکيه شاخ جي ڏکڻ- اولهه طرف وهندي هئي.“ (ڪئپٽن ڊيليو. پاٽنجر، ”سنڌ تي ياداشت“، بمبئي سرڪار جو فائيل، ڳجهو ۽ سياسي شعبو نمبر 571 (1832)، ”سنڌ تي مختصر يا عام ريمارڪ“ جي سري هيٺ.

ٿورو اڳتي هلي هو چوي ٿو ته اها ٻوڏ اولهه ۾ پري غلام علي بڙديءَ (هاڻوڪي جعفر آباد جي ڀرسان) تائين هلي وڃي ٿي ۽ اتي ويڪر ۾ سورهن ميل ٿئي ٿي.

مٿي ايترو پاڻي نڪري ويندو هوندو ته قدرتي طرح هيٺ پاڻي گهٽجي ويندو هوندو.

زير قبصه الور، اليئيٽ، جلد پهريون، ص 257.

اي. برنس، ”بخارا جو سير“ (1834)، جلد ٽيون،ص  77. ڪئپٽن ڪربي، رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئي واري شاخ جي رسالي ۾ ڏنل حوالو، (857) 1، ص 473. ڀيٽيو: ڪئپٽن ڊيليو. بيڪر، ب، س. د. ا، نئون سلسلو جلد پنجيتاليهون، (1857)، ص 2 (انهيءَ 14 آڪٽوبر 1844 واريءَ رپورٽ جو ڀاڱو پنجون)؛ جي مئڪمرڊو، ر. ا. س. ر. ۾، جلد پهريون (1834)، ص 43، فوٽ نوٽ.

آر. ايف. برٽن، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (1851)، 88. وهندڙ هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اووڙ*.

ب. س. د. ا، نئون سلسلو، پنجيتاليهون، اڀرندي ناري جي مٿيئن ڀاڱي تي رپورٽ وغيره، ص ص 9-6 ، 16- 12، 22، 26، ڪئپٽن ڊيليو. پاٽنجر ۽ ليفٽيننٽ اي. ڊيل هاسٽي 1832ع ۾ جي سنڌ تي ياداشتون لکيون هيون، تن ۾ هنن بهري (Bihra)  واريءَ ٻنڌ جو ذڪر به ڪيو هو.

”مهراڻ“، ص ص  3-482 ۽ نوٽ 563، پڻ پيلٽ نائين ۽ ڏهين جنهن ٻنڌ کي اروڙ کان 26 ميل اوڀر ۾ ڄاڻايو ٿي ويو، تنهن بابت عرض آهي ته ان ٻنڌ جي ڄاڻايل هنڌ- مبارڪپور ۽ کوهي کينگي- جي ڀرپاسي ۾ منهنجي ڪئمپ هئي؛ اتان مون اهو تر چڱيءَ طرح گهمي ڏٺو، پر ڪڏهن به اهڙيءَ ٻنڌ بابت نه ٻڌم، جا ٻه ”ڪوهه ڊگهي ۽ سٺ وال ويڪري“هجي.

 

سرآريل اسٽائين ان نتيجي تي پهتو ته ستلج ”اڳاريخي زماني جي پوئين دور ۾“ هاڪڙي کي (دائمي طرح يا مند تي نيم سان؟) پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو: ڏسو سندس ليک ”وڃايل“ سرسوتي نديءَ  جي سنوت ۾ آڳاٽن ماڳن جي چوک چڪاس، جا صفحا 182- 179. (”جاگرافيڪل جرنل“، جلد نوانوي، نمبر 4، 1942.)

هندستاني ريگستان جي ”وڃايل نديءَ تي نوٽ“ جي لکندڙ (سي. ايف. اولڌام) ان جي ثابتيءَ جو تت ڏنو آهي؛ ڪلڪته ريويو جلد اڻهٺيون (1874)، ساڳي رسالي ۾ (جلد سٺيون؛ 1875ع) ڪنهن صاحب ”نيارڪس“ جي نالي سان لکندي مٿئين ليکڪ جي نتيجن ۽ پيش ڪيل ثابتيءَ جو رد ڪري ڏنو هو.

ب . ا. س. ر (جلد پنجونجاهون، ڀاڱو ٻيون، 1887ع) ۾ آر. ڊي. اولڌام پهرئين ليکڪ جي نظريي جي پٺڀرائي ۾ ڌرتي - ڄاڻ مان دليل ڏنا ۽ ميجر ايڇ. جي ريورٽيءَ ساڳئي رسالي جي جلد ايڪهٺين 1892ع) ۾ ”سنڌ جو مهراڻ“ وغيره جي سري هيٺ لکندي ان نظريي مان مختلف نتيجو ڪڍيو.

ب. ا. س. ر. ، پنجونجاهون، ص ص 8- 336 ڀيٽيو: ”مهراڻ“، ص ص 7- 396، 9- 408.

اي.بي. ايسٽوڪ، ”ننڍي مصر کان سڪل پن“، (1849) ص ص 40- 38. ڀيٽيو: هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“  ص ص 4- 133، ”مهراڻ“، ص ص 2- 491 ۽ نوٽ 569، ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص ص 7- 145.

”ننڍي مصر کان سڪل پن“، ص 44. ڀيٽيو: ڪزينس اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص ص 9- 78.

مثال طور، سندس اهي باب، جن ۾ سبيءَ ۽ قنڌار جي ”اسرارن“ جو احوال ڏنل آهي. ”تاريخ معصومي“ ترجمو: مئلٽ، ص ص 94- 87.

ايلئٽ، جلد پهريون، ص ص 260- 258.

”مهراڻ“، ص ص 199، 205، نوٽ 105. محمود غزنويءَ سومناٿ کان موٽڻ تي، 7- 1026ع ۾ منصوري تي قبضو ڪيو هو. (ايضاً، ص ص 9- 258، نوٽ 204.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص 78.

”مهراڻ“، ص 205.

”مهراڻ“، ص ص 200- 199، نوٽ 102.

ڏسو مٿي باب 9، البلاذري سنڌ ڪونه آيو هو.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 72.

ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص ص 71- 70.

مون موهن جي دڙي جي انت جي سببن جي ساڳي ترتيب ڏسي آهي. ڏسو مٿي باب 4.

ڀيٽيو: هيگ، ”برهمڻ آباد ۽ منصوري جي ماڳن بابت“ وغيره، ر. ا. س. ر، سورهون، نئون سلسلو (1884)، ص 287.

هو معزالدين ۽ شهاب الدين جي نالن سان به سڏبو هو. قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص 9؛ ”مهراڻ“ ص ص90- 489.

مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ سلطان محمد غزنويءَ جي سنڌ اندر ڪاررواين جي سلسلي ۾ جڏهن بکر ۽ ٺٽي جو حوالو ڏئي ٿو، تڏهن سندس مطلب اهي علائقا ٿين ٿا، جن ۾ اهي اڳتي هلي مکيه شهر بڻيا. همعصر تاريخن ۾ انهن شهرن جو ڪو ذڪر ڪونهي. (”تاريخ- معصومي“، ترجمو مئلٽ، ص 23). ڀيٽيو: ”مهراڻ“، 492.

”مهراڻ“، ص 489.

”مهراڻ“،  ص ص 90- 489.

ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص 2- 201. ٻيو مفروضو هيءُ ٿي سگهي ٿو ته تنهن وقت بکر ٻيٽ زنده پير ساڌ ٻيلي جي ٻيٽارين سان ڳنڍيل هو؛ ته حصار اڪر ۽ قلعو بکر هو، جي ٻيئي تڏهن هاڻي کان وڌيڪ وڏي ٻيٽ تي هئا. جيڪڏهن تن ڏينهين سنڌوءَ جو سمورو وهڪرو اڃا بکر واريءَ وٿيءَ منجهان لنگهڻ شروع نه ٿيو هو، ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي.

ايضاً، ص 242.

ايضاً، ص 304.

ايضاً، ص 394.

ايضاً، ص 554. ان جون ڪيئي ڌار ڌار پڙهڻيون آهن ان ۾ جن لفظن تي سر هينري ايليئٽ ڀاڙي ٿو، سي آهن در کشتي باکر و بکر دو قلعه داشت در جزيزه رفت.

”ابن- بطوطه جون مسافريون“، جلد ٽيون ص 115. ان ۾ ”خليج“ لفظ جو ترجمو ”واهه“ ڪيو ويو آهي، جا پڻ ان جي هڪڙي معنيٰ آهي؛ پر ريورٽيءَ جو ترجمو ”درياهه جي ڇاڙ“ ترجيح لهڻي. اهو ممڪن نٿو لڳي ته ڪو هڪڙي هٿرادو واهه جي وچ ۾ مهمانخانو جوڙيو ويو هوندو. جو هڪڙي انهي بکر کي نه ڦري آيو هو، جنهن کان اسان واقف آهيون، ته پوءِ ان متان زنده پير يا ساڌ ٻيلي کي وڪوڙيو هجي. مهمانخانو ضرور انهن ٽن مان هڪڙي تي هوندو. ڀيٽيو: مهراڻ، ص 494، نوٽ 572. ساڌ ٻيلو 1550ع کان اڳ ڌار ٻيٽ هوندو- يعني هڪ ٽڪر ”جو بکر جي اولهه طرف پاڻيءَ جي وچ ۾ بيٺل آهي“، ”تاريخ – معصومي“. ترجمو: مئلٽ، بمبئي سرڪار جا دفتر نمبر تيرهون، نئون سلسلو، (1885)، ص 121.

”مهراڻ“، ص 499، نوٽ 575. ريورٽيءُ هروڀرو ”جتوئي“ جو لکيو آهي ته ان مان هن جي مراد شايد پنجند جي ڀر وارو اهو هنڌ آهي، جنهن جو ذڪر آئين اڪبريءَ ۾ آيل آهي. ايضاً ص 506، نوٽ 589؛ پڻ ڏسو ريورٽي جو ”افغانستان تي نوٽ“ ص 559.

”ابن- بطوطه جون مسافريون“، جلد ٽيون، ص 90 سيلاني لکي ٿو، ”ترڪن واري ڏيهه جي سرحد جي آخري وسئن“ ڇڏڻ کان پوءِ ”اسان هڪڙي وڏي رڻ پٽ ۾ گهڙياسون، جيڪو ڊيگهه ۾ پندرهون ڏهاڙن جي مسافريءَ جيترو آهي.

دخلناالبريته الکبري و هي مسرته خمس عشره

ان رڻ وپٽ ۾ زهريلي هوا (سموم) لڳندي آهي. . . .“ وغيره اهو هنڌ ڪڇيءَ کان سواءِ ٻيو ڪٿي نٿو ٿي سگهي. هيگ جو چوڻ آهي ته سيلاني پشاور وٽان هندستان ۾ داخل ٿيو هو ۽ هتي هن جو اشارو سيلمان جبلن جي پاڙ واري ملڪ ڏانهن آهي. جن دليلن جي آڌار تي هو ائين چوي ٿو، سي دليل بيهن نه ٿا. (”ابن- بطوطه سنڌ ۾“، ر. ا. س. ر.، اڻويهون، نئون سلسلو، 1887ع، ص 401).

”ابن- بطوطه جون مسافريون“، جلد ٽيون، ص 90 پڻ ص 100. نهر السند العمروف پنج آب.

ايضاً، ص 101. جنانيءَ جي سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن نٿو لڳي. ڀيٽيو: هيگ (”ابن- بطوطه سنڌ ۾“، ص 401).

”ترخان نامو“ ايليئٽ، جلد پهريون، ص 311، ريورٽي، ”مهراڻ“، ص ص 6- 495.

گجي ڀرسان ٺري وٽ شيخ جي قبي بابت هو چوي ٿو، ”هن عظيم شيخ جي قبي تي 171 هجري (782ع) تاريخ ڏنل آهي، جا قبي جي اڏوات جو سال ظاهر ڪري ٿي“. (قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“ ، جلد ٻيون، ص 5). پر قبي تي جيڪي اڪريل اکر اڃا تائين موجود آهن، سي چٽيءَ طرح ڏيکارين ٿا ته اهو قبو سلطان فيروز شاهه تغلق جي ڏينهن ۾ ٺهيو هو ۽ تاريخ يا 772 يا 782 هجري لڳي ٿي. اهڙيءَ ريت علي شير قانع جڏهن اهو قبو ڏٺو هو، تڏهن ان کي ٺهئي اٽڪل چار سؤ ورهيه ٿي چڪا هئا ۽ اسان اهوئي گمان ڪري سگهون ٿا ته جڏهن هن پنهنجي تاريخ قلمبند ڪئي. تڏهن هن ابو تراب جي وفات جو سال درج ڪيو هوندو. (اين. ايم. بليموريا، ”سنڌ ۾ ايو تراب جي قبي تي اڪريل اکر“، س. ت. س. ر، جلد پنجون، نمبر 3، ص ص 6- 133) مون کي اهو سن 772 هجري پڙهڻ ۾ آيو، جو 1-1370ع جي برابر آهي.

ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص 80. ڀيٽيو: ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص 328؛ ڪننگهام ”هندستان جي آڳاٽي جاگرافي، ص ص 5- 294، مجدار، ص 19. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته ڀنڀور ديبل واري جاءِ تي آهي. ”چچنامي“ جو سنڌي ترجمو، از مخدوم امير احمد، مصحح ۽ شارح: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص ص 5-392). پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڊاڪٽر ليسلي الڪاڪ (Dr. Lslie Alcock) جي ڪرايل پرتال ان لاءِ کي قطعي طرح ريٽي ڇڏيو آهي؛ ڏسو ”هندستان جي آڳاٽي اهڃاڻن تي تصنيفن جي سالياني ياداشت“، جلد سورهون، (53- 1948 لاءِ) ص ايڪونجاهه، ٻاونجاهه.

مئڪمرڊو، ”سنڌونديءَ تي مقالو“، ص ص 6- 25. برٽن، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“، ص ص 3-92.

س. ت. س. ر.، جلد ڇهون، نمبر 2، ص 11.

مئڪمرڊو، اڳڄاڻايل ليک، ص 25، فوٽ نوٽ.

مطلب هيءُ آهي ته متان نقل نويس پاڻمراد اثنين سان عشر لڳائي ڇڏيو هجي. (ڏسو رينو جي ”ٽڪرا“ ۾ ص 99 تي اصل عبارت.

ايليئٽ، جلد پهريون،  ص 77ڪزينس جو انومان آهي (”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص 125) ته الادريسي  حقيقت ۾ ”ديول“  جي نئين ”بندر“ کي بيان ٿو ڪري (؟ البيرونيءَ جو لهراڻي) ۽ نه ابن خرداز به جي ديول کي. الادويسيءَ جي بيان ۽ ابن – حوقل جي بيان (ايليٽ، جلد پهريون،ص 37) جي وچ ۾ جنهن فرق تي ڪزينس پنهنجو نظريو بيهاري ٿو، سو  فرق منهنجي خيال ۾ ته ايترو اهم نه آهي. الادويسي جڏهن لکي ٿو ته، ” وڏي مهراڻ جي منهن  ۽ ديبل جي وچ ۾ اولهه طرف ويندي ڇهن ميلن جو مفاصلو آهي.“ تڏهن سندس مطلب در اصل هيءُ آهي ته شهر درياءَ جي اولهه ۾ هو ۽ مفاصلو اهو ئي اوائلي جاگرافيدانن  وارو يعني  ٻه فرسخ آهي. اها ڳالهه بجاءِ ڪزينس واري نظريي جي برخلاف آهي.

هيگ، ” سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ.“ ص 48، وٽ 68. ڀيٽيو: رينو جي ” ٽڪرا“  ۾ البيرونيءَ جي اصل عبارت }البصر{ وياخذ ساحله من تيز قصبه مڪران ظاعن الي مابين الجنوب و المشرق نحو ناحيته الديبل اربعين فرسخا.

هتي تيز ۽ ديبل جي وچ ۾ ڄاڻايل مفاصلو (40 فرسخ)  تمام گهٽ آهي. اصل مفاصلو  500 ميل ته ضرور هوندو. ڀيٽيو: هوديوالا، ص 34 الاصطخريءَ جي ليکت ۾ انهيءَ مرحلي بابت غلطيءَ جي حوالي سان، (ايلين، پهريون، 30). البيروني هت ظاهر ظهور نقل پيو ڪري.

ابن – بطوطه جون مسافريون“، جلد ٽيون، ص 112.

 ايضاً، ص ص 4-113.

مخزن ” هندستان جون جهونيون وٿون“ ، 1932، ص 86. ڪزينس ”سنڌ جو جهونيون وٿون“، ۾ ص ص 7-126 تي ٿنڀ واريءَ مسجد جا ڪارٽر وارا  فوٽا ڏنا آهن.

ڪننگهام، ” هندوستان جي آڳاٽي جاگرافي“، ص 299.

قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون ص 5.

رينو، ٽُڪرا، ص 91 ۽ ترجمو، ص 119. غب = نار. خور = منهن – ٻارو (رينو غلطيءَ  سان ان جو ترجمو  ‘ Baie’  ڪيو آهي.)

 البيروني سچ پچ سنڌي لفظ ”منهه“ ڪتب آڻي ٿو. اهو لفظ هاڻ ”منهن“ لکبو آهي.

 ڏسو حوالو 4 مٿي، ريورٽي ( مهراڻ، ص 220) البيرونيءَ جي ليکت کي پت جوڳو نٿو سمجهي، ” خاص ڪري دياهه بابت ته اهو ٻن شاخن رستي سمنڊ ۾ ڇڙندو هو. حالانڪه انهن اوائلي ڏينهن ۾ درياهه ائين ڪونه ڪندو هو.“ البيرونيءَ جي ڪتاب جو پوءِ جيڪو ترجمو رشيدالدين ڪيو، تنهن بابت ريورٽي جيڪي ڪجهه چوي ٿو، سو سڀ غير ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو دوياهه بابت بيان البيرونيءَ جي اصل عربي تصنيف ۾ موجود آهي.ريورٽي پنهنجي نظريي جو بنياد ان ڳالهه ته رکي ٿو ته الادويسيءَ ڄاڻايو آهي ته منصوري کي ڦري ايندڙ شاخون وري پاڻ ۾ ڳنڊجي وڃن ٿيون ۽ ”اتان اڳتي يڪو درياهه ٿي وهن ٿيون“. (ايليئٽ، جلد پهريون، ص 78؛ ”مهراڻ“، ص ص 9-228 ۽ نوٽ 174  ).پر الادويسي هتي شايد سهيوڳي حالتن جي حوالي کان سواءِ المسعوديءَ واريءَ ليکت ۽ ”مسالڪ وممالڪ“ واري ليکت کي ملائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هن پاڻ دروياهه کي وچينءَ سنڌ ۾ جاگرافيءَ جي لحاظ کان اڻ ٿيڻي واٽ ڏيئي پنهنجي واديءَ واري حيثيت گهٽ ڪري ڇڏي آهي. البيروني گهٽ ۾ گهٽ ملتان ۾ ته ٽڪيو هو ۽ اسان کي پڪ آهي ته هن سچي ۽ تازي ۾ تازي معلومات هٿ ڪرڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي هوندي.

”ابن بطوطه جون مسافريون“، جلد ٽيون، ص ص112-109.

س. ت. س. ر، جلد ٽيون، ص 61.

جيڪڏهن اسين اهو قبول ڪريون ته ابن بطوطه جي ”السرمره“ مان مراد فقط سومرن جو قبيلو آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته سندن حڪومت مٿئينءَ سنڌ اندر به هئي. (”ابن بطوطه جون مسافريون“، ص ص 2-101، 7-105). پر هيگ جو وري رايو آهي ته سيلانيءَ جي مراد اصل ۾ سما آهن. (”ابن بطوطه سنڌ ۾“، ر. ا. س. ر.، اڻويهون، نئون سلسلو، مضمون اٺون، ص ص 401، 7-405) هيگ پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“ جي ص 109 تي انڙپور بابت ڏنل نوٽ نمبر 134 ۾ ”سومرا“ ٿو ڄاڻائي، جڏهن ته مراد ”سما“ اٿس.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 86، نوٽ 105. قليچ بيگ (”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيو، ص ص 5-64) معاملي کي منجهائي ڇڏيو آهي.

تغلق آباد هڪ گهڻي جهوني ڪوٽ، ڪلا ڪوٽ، جي پڊ تي ٺاهيو ويو هو. ”مهراڻ“، ص  ص 8-367، نوٽ 314. پڻ ڏسو مئڪمرڊو، ر. ا. س. ، جلد پهريون، ص 31.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 85؛ ”مهراڻ“ ص 500، نوٽ 577. مير معصوم ان کي خانواهه سڏي ٿو.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 91 ۽ نوٽ 110؛ ص 103 ۽ نوٽ 124. ڀيٽيو: ”مهراڻ“، ص 315، نوٽ 314.

”مهراڻ، ص 429، نوٽ 537، ڀيٽيو: قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص 113، ”اڪبر نامو“، جلد ٽيون، باب سترهون، ص 973؛ ”تاريخ – معصومي“، ترجمو مئلٽ، ”بمبئي سرڪار جا دفتر“، نمبر تيرهون، نئون سلسلو، ص 156.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص  ص3- 92؛ قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص 101، 113.

قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص  ص 8- 77؛ ”مهراڻ“، ص 184، نوٽ 74. ڀيٽيو: اسٽائين، ”جاگرافيڪل جرنل“، جلد نوانوي، نمبر 4، ص 181.

ڀيٽيو: ”مهراڻ“، ص 502، نوٽ 578.

”مهراڻ“، ص 466؛ نوٽ 535. ڀيٽيو: هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص6- 115 ۽ ص 103، نوٽ 125.

”مهراڻ“، ص 421؛ س. ت. س. ر.،جلد اٺون، ص  ص 9- 58. ڀيٽيو: ب. س. د. ا. (پنجيتاليهون، نئون سلسلو ۾ ص 40 تي فائيف جي رپورٽ.

پنهنجي تصنيف اندر هڪڙي فوٽ نوٽ ۾ هو چوي ٿو، ”هئگهه (غلط) جو چوڻ آهي ته ”اهو ڦيرو رڳو گذريل صديءَ جي وچ ۾ آيو هو- ۽ بلڪل سچ ٿو چوي – تڌهن جڏهن نصرپور ڦٽو هو.“ ”مهراڻ“، ص 225، نوٽ 173.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص 9-118. ممڪن آهي ته ستلج جي زبردست ٻوڏ جي ڪري ڪو اثر ٿيو هجي، يا گهٽ ۾ گهٽ ڦيرو پڪو ٿي ويو هجي. ستلج ۾ اها ٻوڏ 1762ع ۾ آيل چئي وڃي ٿي، ”جڏهن درياهه (ستلج) ۾ ٽڪرين تان پٿر جي هڪڙي وڏي ڇپ اچي ڪري هئي ۽ وهڪرو ڪي هفتا روڪجي ويو هو، ۽ ميجر جنرل ڪننگهام جي چوڻ موجب، اها ڇپ تڏهن وڃي ڊٺي هئي، جڏهن درياهه جو پاڻي چڙهندو چڙهندو 400 فٽ ٿي ويو هو.“ ڪلڪته ريويو، نمبر سو سترهون، جلد 59، مضمون پهريون ص 8). اهوئي سن 1722ع هو، جڏهن پراڻ سارين جي پوک لاءِ دستور پٽاندر پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي هئي. ڏسو هيٺ

قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص ص5- 154.

ايضاً، ص 162.

اي. برنس، ”سنڌوءَ جي اڀرندي شاخ جي نقشي جي هڪ ياداشت“، بمبئي سرڪار جو فائن نمبر 763، پئر 3، 2.

”سنڌ ۾ واهن جو اوائلي انتظام“، س. ت. س. ر. جلد ٽيون، ڀاڱو پهريون، ص ص 8- 17.

ب. س. د. ا.نئون سلسلو، جلد ٻيون، ص ص 2- 291، 5- 534. پڻ ڏسو ساڳيو جلد ۾ ص 534 جي سامهون ڏنل  ليفٽيننٽ ٽي. جي. ڪارليس (Lieut. T.G. Carless) وارو نقشا، جي هن جلد ۾ نقشو نمبر 13- الف ۽ نمبر 13- ب ڪري ڏنا ويا آهن.

”سنڌوءَ جي اڀرندي شاخ جي نقشي جي هڪ ياداشت ۽ ضمني   ياداشت“، از ليفٽيننٽ اليگزنڊر برنس، (8-1827)، ”بمبئي سرڪار جو فائيل“ نمبر 763، پئرا 13.

مثال طور، 1906ع ۾ سرحد اسٽيشن جي ڀرسان. ”سنڌ گزيٽئر“، 1907، ص 348.

اي. برنس، ”سنڌوءَ جي اڀرندي شاخ جي نقشي جي هڪ ياداشت“، پئرا  3.

”خلاصته التواريخ“ جو مصنف 17 صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو، ”ملتان ۽ بکر جا ڪيترائي واپاري پنهنجو مال اسباب پاڻيءَ رستي ٻيڙين تي ٺٽي آڻيندا آهن....... ماڻهو اوڏانهين سڪيءَ رستي ورلي ئي ويندا آهن، جو رستو ڏاڍو اهنجو ۽ اڻائو آهي ۽ واٽ تي کاڌي پيتي جي تڪليف به ٿئي ٿي.“ ڀيٽيو: ”آرائش محفل“، انگريزي ترجمو: ايڇ. ڪورٽ (ڪلڪتو، 1882)، ص ص 8-117.

هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 49، نوٽ 69.

قيلچ بيگ واري ”سنڌ جي تاريخ“ جي جلد ٻئي ۾ صفحي 149 تي ”تحفته الڪرام“ مان حوالو.

”سيٺ نائون مل هوتچند جون يادگيريون“، ايڊيٽر : سر ايوان جيمز، ( يگزيٽر 1915)، ص 37.

ايضاً، (ضميمو ٻارهون)، ص 209.

ايضاً، (ضميمو ٻارهون)، ص 209. ان ماڳ جو احوال س. ت. س. ر. (جلد ڇهون، ص  ص 8- 106) ۾ ڏنل آهي.

ارڙهين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڪي ٿورڙا  ورهين ڪراچيءَ تي ڪلهوڙن جو قبضو هو. نائون م ”يادگيريون“، ص 38.

انهن اڏاوتن جو احوال مئسن جي ”بلوچستان ۾ مسافريون“ وغيره (جلد ٻيون، ص  ص 105، 152، 152) ۾ ۽ بارٽل فريئر طرفان موڪليل ڪئپٽن پريڊيءَ ۾ جي. مئڪلوڊ جي روپورٽن ”رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئي واري شاخ جو رسالو“، جلد پنجون ، 1857، ص ص 62- 329) ۾ آيل آهي. پڻ ڏسو: ڪزينس، ”سنڌ جون جهونيون وٿون“، ص 44؛ مجمدار، ص ص 3- 142، س. ت. س. ر.، جلد ڇهون، ص ص 2- 104.

”مهراڻ“ ص ص 185، 212، 215، 216، وغيره. ڀٽيو: وائيٽ هيڊ، ”پنجاب ۽ سنڌ جي درياهن جا دڳ“، ص 166، هوديولاد، ص ص 32- 29، 9- 38.


 


* 1973ع ۽ 1975ع جون ٻوڏون ان سوڙهي پٽي کي ڪن ڪن هنڌن تان اور انگهي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتيون هيون.      ----- مترجم

* ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج، جي ترتيبوار 1955ع ۽ 1962ع ۾ ٺهي راس ٿيا. ---- مترجم

* رچرڊ برٽن ۽ ڀيرومل آڏواڻيءَ (”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، 1982، ص 213) جو چوڻ آهي ته سمي حاڪم، ڄام تماچيءَ جي ڏينهن ۾ ”ماموئي“ فقيرن سنڌ جي آئيندي بابت بيتن ۾ ست اڳڪٿيون ڪيون هيون. هيءَ انهن مان هڪڙي بيت جي پهرين سٽ آهي سڄو بيت آهي:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙ سي ويندا سوکڙي.    -----مترجم

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org