20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

پنهنجي پاران

سنڌيڪار چوي ٿو...

پيش لفظ

ڀاڱو پهريون

سنڌ

ڀاڱو ٻيو

ارغون دور ، شاه بيگ ارغون

ڀاڱو ٽيون

سنڌ جا مير ۽ انگريز

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :1

سنڌ جي تاريخ

اعجاز الحق قدوسي

 

سنڌ جي تاريخ

 

پنهنجي پاران

 

سڀ ساراه خالق، مالڪ، جهانن جي جوڙيندڙ کي ئي سونهي ٿي ۽ لکين درود ۽ سلام ڪائنات جي ڪارڻي، هادي ۽ رهبر محمد عربي عليہ الصلوٰة والسلام مٿان پڙهجن.

سونهاري سنڌ باب الاسلام، ولين ۽ صوفين جي ڌرتي، جتي اسلام جي اچڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪفر جو غلبو نه ٿيو آهي. سنڌ آڳاٽي دور کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز ۽ هر قسم جي مالي وسيلن سان مالا مال رهي آهي. هتان جا ماڻهو اورچ، اڏول، مهمان نواز، ماٺيڻا ۽ امن پسند رهيا آهن.

سڀ ساراه خالق، مالڪ، جهانن جي جوڙيندڙ کي ئي سونهي ٿي ۽ لکين درود ۽ سلام ڪائنات جي ڪارڻي، هادي ۽ رهبر محمد عربي عليہ الصلوٰة والسلام مٿان پڙهجن.

سونهاري سنڌ باب الاسلام، ولين ۽ صوفين جي ڌرتي، جتي اسلام جي اچڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪفر جو غلبو نه ٿيو آهي.

ڪنهن وقت ۾ سنڌ جون حدون ڪشمير تائين هيون، اسلام جي آمد وقت ملتان تائين ۽ هاڻي پاڪستان ۾ هڪ صوبي جي طور تي موجود آهي.

سڄاڻ قومون پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن، ماضيءَ مان کين حال ۽ مستقبل لاءِ ترقيءَ جا نوان نوان گس ملندا آهن. انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي مهراڻ اڪيڊمي منڍ کان وٺي پنهنجي اشاعتي رٿا ۾ سنڌ جي تاريخ کي جاءِ ڏني آهي. هن کان اڳ عبدالحليم ”شرر“ جي ”تاريخ سنڌ“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ پاران 1931 _ 1942ع واري دؤر ۾ شايع ٿيل ”سنڌ جي تاريخ“ (5 ڀاڱا) هڪ ئي جلد ۾، سنڌ جي تاريخ (مَضمون ۽ مقالا) از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي شايع ٿي چُڪا آهن.

انهيءَ ڏس ۾ هي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“، ”اعجازالحق قدوسي“ جو اردو ۾ لکيل آهي، جنهن جي مڙني جلدن جو، سنڌي ترجمو هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪري رهيا آهيون.

ڪتاب جو سنڌيڪار، نوجوان اسرندڙ اديب ۽ ليکڪ خالد ويسر آهي، جنهن وڏي محنت سان  بامحاوره ۽ سؤلو ترجمو ڪيو آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ ماٺيڻپ آهي. ”اعجازالحق قدوسي“ جو لکيل هي ڪتاب پنهنجي جامعيت ۽ تفصيل جي ڪري سنڌ جي تاريخ تي لکيل سڀني ڪتابن کان مٿاهون آهي، ڪتاب جا ڪل 3 ڀاڱا آهن.

پهرين ڀاڱي ۾ قديم تاريخ، درياءَ، ٻولي، راءِ گهراڻي جي حڪومت، اسلامي دور کان وٺي ويندي هباري، اسماعيلي، غزنوي، غوري، بلب، خلجي، تغلق، سومرا ۽ سما حڪومت جو تفصيل سان احوال موجود آهي.

ٻي ڀاڱي ۾ ارغونن، ترخانن، بکر وارن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن  جي زماني جو احوال شامل آهي.

ٽئين ڀاڱي ۾، سنڌ جي ميرن کان ويندي انگريز راڄ جي تاريخ ملي ٿي. ازانسواءِ اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ جون تحريڪون، حضرت شاهه ولي الله جي تحريڪ، خلافت تحريڪ، هجرت ڪابل تحريڪ ۽  پاڪستان ٺهڻ تائين جو احوال شامل آهي. اهڙيءَ ريت هي سنڌ جي آڳاٽي دور کان وٺي هاڻوڪي دور تائين مڪمل تاريخ آهي.

اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سنڌ جي تاريخ تي اردو يا فارسي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهرين اديبن گهڻو ڪم ڪيو آهي، جن مان ڪي ته سنڌ گهميا به ناهن. سنڌ جي اديبن ۽ ادبي ادارن جي اڳواڻن کي انهيءَ ڳالهه تي ضرور ويچارڻ گهرجي.

”مهراڻ اڪيڊمي“ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. مان ڪتاب جي مترجم خالد ويسر ۽ ڇپائي ۾ سهڪار ڪندڙ سمورن ساٿين جو ٿورائتو آهيان.

اميد اٿم ته سنڌي پڙهندڙ هن علمي پورهئي جو قدر ڪندي سٺي موٽ ڏيندا.

 

                                قمر ميمڻ

جون 2007ع                  سيڪريٽري

                                مهراڻ اڪيڊمي

 

 

سنڌيڪار چوي ٿو . . . . . .

انساني سماج بابت ڄاڻ ۽ معلومات جو گهڻو ذخيرو اسان کي تاريخ جي ڪتابن مان ملي ٿو. ان ڪري ئي تاريخ جي مضمون ۾ هر دؤر جي ماڻهن جي دلچسپي رهي آهي.

تاريخ مان ئي قومن جي عروج ۽ زوال، فڪر، ڏاهپ، سياست، ثقافت، مذهب ۽ معاشرت جي باري ۾ ڄاڻي سگهجي ٿو ۽ لڳي ٿو ته انساني فڪر جي آبياريءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو به تاريخ ئي رهي آهي. الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ به گذريل قومن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ پيش ڪري انسان کي آئنده لاءِ خبردار ڪيو آهي.

انسان جڏهن کان اجتماعي زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته هن پنهنجي تجربن کي منظوم قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي ٻي نسل تائين پهچايو، جيڪا تاريخ جي ابتدائي صورت هئي. ان کان پوءِ تاريخ کي جڏهن باقاعده تحريري شڪل ڏني ويئي ته ان ۾ جنگين ۽ اهم شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال شامل ڪيو ويو. بادشاهن پاڻ کي پڏائڻ خاطر ان ۾ غير ضروري واقعن کي ٽنبڻ شروع ڪيو، جنهن سان شخصيت کان علاوه سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي واقعا به تاريخ جو حصو بنجڻ لڳا. تاريخ لکڻ لاءِ پٿرن، ڪتبن ۽ سڪن کي به ڪتب آندو ويو. اهڙيءَ طرح تاريخ جو دائرو وڌندو ويو ۽ اهم ماخذن ۾ خطن، دستاويزن فرمانن، سوانح عمرين ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاغذن کي به تمام گهڻي اهميت ملڻ لڳي.

لفظ تاريخ ”درخ“ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ مهيني جو تعين ڪرڻ آهي.مسلمانن ٻين علمن سان گڏ تاريخ کي به هڪ نئون رخ عطا ڪيو ۽ جتي به پهتا اتان جي تاريخ ٺاهيائون به ۽ محفوظ به ڪيائون.

مسلمانن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي ڪا سڃاڻپ نه هئي، انهن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ئي سنڌ جي عوام کي ترقي ۽ تعمير جا نوان طريقا ميسر ٿيا ۽ سنڌ تهذيب ۽ تمدن جو ڳڙهه بڻجي ويئي _ ڏسندي ئي ڏسندي ديبل، منصوره، بوقان، قصدار، بليان، الور محفوظه ۽ ملتان علم ۽ هنر جا مرڪز بڻجي ويا  ۽ هتان جي سنڌي عالمن مولانا اسلامي، موسيٰ سيلاني ۽ عبدالرحيم بن حماد ثقفي ديبلي، محمد بن زيد عبدي، يزيد بن عبدالله سنڌي ۽ فتح بن عبدالله سنڌي جي هاڪ هر هنڌ ٿيڻ لڳي.

مسلمانن جي اچڻ سان عربي سمنڊ خاص ڪري گجرات ۽ سنڌ جي ساحلي پٽي دريائي ڌاڙيلن کان محفوظ ٿي ويئي ۽ سنڌ جي واپار کي وڏي هٿي ملي. هتان جو تيار ڪيل سندس ڪپڙو، عبادي ٽوپي، کنڀائتي جوتا، هاٿي  جي ڏندن جا ٺاهيل زيور، ٺڪر جا ٿانوَ، آتشدان، سگريون ۽ خضاب پرڏيهه وڃڻ لڳو ۽ سنڌ ناڻي ڪمائڻ سان گڏ شهرت به ماڻي.  عربن هتي کجي جي وڻ جي پوکائي ڪرائي، جنهن جي ڪري اڄ تائين خيرپور ۽ ٺيڙهي جون کارڪون مشهور آهن. ڪجهه عرصو اڳ حڪيم محمد سعيد صاحب انهن کارڪن کي ليبارٽريءَ مان چڪاس ڪرايو ته اهي عربي نسل جون نڪتيون. سنڌ جي انهيءَ تهذيبي ثقافتي ۽ معاشي ترقي جي واکاڻ عربي، ايراني ۽ عراقي تاريخدانن به ڪئي آهي جن ۾ بلاذري، مقدسي، يعقوبي، مسعودي، ابن حوقل، سمعاني، طبري، ابن اثير ۽ ياقوت الحمدي شامل آهن.

تاريخ قومن جو قيمتي سرمايو هوندي آهي، ان ڪري سڄاڻ قومون پنهنجي تاريخ ۽ تاريخي ورثي کي سانڍي رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته ان سان جاگرافي حالتن، جنگن، سورمن ۽ ساڃاهه وندن  جي پروڙ پوي ٿي ۽ پوئين شعوري ورثي سان هڪ اهڙو تعلق جڙي ٿو جنهن جي روشنيءَ ۾ مستقبل جو گس ڳولهي سگهجي ٿو.

موجوده ڇڙواڳي، بيگانگي ۽ بي مقصديت واري دؤر ۾ ”سنڌ جي تاريخ“ کي سانڍڻ واري ڪم جي اهميت، اڃان به وڌي ويئي آهي، جيئن عروج ۽ زوال جي سببن جي پوري طرح ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ۽ صحيح شعوري سجاڳي پيدا ڪري سگهجي. اسان وٽ سنڌ جي تاريخ بابت آڱرين تي ڳڻن جيترا ڪتاب آهن، جن مان به سڀني دؤرن ۽ حالتن جي پروڙ چڱي طرح نٿي پئجي سگهي. ان ڪري حقيقي تاريخ  اکين کان اوجهل رهي آهي.

اعجاز الحق قدوسي جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت اڪيلو ڪتاب آهي، جيڪو راءِ گهراڻي کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين  سنڌ جي سموري تاريخ کي سميٽي ٿو. هي ڪتاب اڳ ۾ ڇپيل سڀني عربي، فارسي سنڌي ۽ اردو ڪتابن کي سامهون رکي ڪري لکيو ويو آهي. ۽ سنڌ جي تاريخ جي گهڻن پاسن کي ڪنهن حد تائين پيش ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌ تي عربن جي حملي ڪرڻ جا هڪ کان وڌيڪ اهم ڪارڻ، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، غورين ۽ غزنوين جي حملي ۽ ان کان پوءِ جي حالتن، ڪلهوڙن جي صاحبي، ٽالپرن جي انگريزن سان معاهدن ۽ سنڌ ۾ انگريز ڪمشنرن جي تفصيل وضاحت سان ملي ٿي.

انهن سڀني ڳالهين جي بنياد تي مان مهراڻ اڪيڊمي جي روح روان سائين پروفيسر قمر ميمڻ صاحب اڳيان هن ڪتاب جي ترجمي جي تجويز رکي، جن قبول ڪرڻ سان گڏ مون کي همٿايو ۽ وقت به وقت صلاحون ڏنيون، جن جي ڪري مان اڄ هي ڪتاب توهان جي اڳيان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس.

جيئن ته ترجمو به هڪ فن ۽ ڏات آهي، ان ڪري ترجمي کي به ڪنهن تخليق کان گهٽ حيثيت نٿي ڏئي گهجي، ترجمي نگار کي به ساڳيو ئي رت ست ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو تخليقڪار کي ڏيڻو پوندوآهي. مون پنهنجي هن ترجمي کي سهڻو، سليس ۽ سگهارو بڻائڻ ۽ ان ۾ ساڳي خبر ۽ ساڳيو احساس اوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ڳوٺن، علائقن، شهرن ۽ شخصن جي نالن جي درستگي آهي، جنهن ۾ اڪثر اردو  مؤرخن کان غلطيون ٿيون آهن.  هن ڪتاب ۾ به ڪجهه ائين ئي ٿيل هو، پروف ۽  ڪتابت جون غلطيون به گهڻيون ئي هيون. تنهن ڪري اهڙن هنڌن تي تاريخ جي سڀني اردو، سنڌي ڪتابن کي سامهون رکي وڌيڪ موزون نالي جي چونڊ ڪئي ويئي آهي. پر ان جي وضاحت حاشيي ۾ ناهي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي اصل حاشيت کي به ضخامت وڌڻ جي خوف کان هن ڀيري ڇڏي ويو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هي ڪتاب اڳ ٽن ڀاڱن ۾ آيو آهي، جيڪي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ ڇپندا رهيا آهن. مهراڻ اڪيڊمي انهن ٽنهي ڀاڱن کي هڪ جلد ۾ آڻي اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، اميد ته ايندڙ وقت ۾ حاشين جي گنجائش به ڪڍي ويندي، جيڪي ضخامت ڪري هن ڀيري رهجي ويا آهن.

اميد ٿي ڪجي ته هي ڪتاب تاريخ جي پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ سندن لائبريري کي چار چنڊ لڳائيندو.

 

ڇنڇر 2006 _ 12_ 23                       خالد ويسر

نيو فوجداري روڊ، شڪارپور

 

 

پيش لفظ

 

پهرئين ڀاڱي بابت:

پاڪ ۽ هند جي مسلمانن لاءِ سنڌ جي تاريخ جيتري آهي، اوترا ئي ان تي پردا پيل آهن. جن کي هٽائڻ لاءِ ضرور ڪي ڪوششون ٿيون هونديون پر پوءِ به هن مهل تائين سنڌ جي ڪا مفصل ۽ مستند تاريخ نه لکجي سگهي آهي، جنهن جي ڪري ان دؤر جون سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ مذهبي حالتون اکين کان اوجهل رهيون آهن. گڏوگڏ ان وقت جي حڪمرانن جون خوبيون ۽ خاميون به سامهون نه اچي سگهيون آهن. جن جو هن علائقي تي تمام گهڻو اثر ٿيو.

هي تاريخ لکڻ وقت مون کي وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو، ڇو ته سنڌ جي  متعلق ڪو ڀروسي جوڳو مواد دستياب نه هو ۽ جيڪڏهن هيو به ته ٽڙيل پکڙيل، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي وڏا ڪشالا ڪٽڻا پيا، ڇو ته سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ ڇپجي نه سگهيا آهن. ان ڪري سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ مواد جي کوٽ آهي. اردو ۾ جن سنڌ جي تاريخ کي سهيڙيو انهن تمام پري ويهي ڪري پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي پر اها تاريخ پڙهندڙن کي پوري طرح مطمئن نه ڪري سگهي، جنهن جي ڪري مون الله جو نالو وٺي هي ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اڄ پورو ڪري وڏي سرهائي محسوس ڪيان پيو

هن جلد ۾ مسلمانن جي حملي کان اڳ هتي قائم ٻن حڪومتن راءِ ۽ برهمڻ جو احوال، مسلمانن جي فتح، خلافت راشده کان وٺي ڏهين صدي هجري جي آخر تائين جيڪي حڪومتون  هتي قائم ٿيون جنهن ۾ غزنوي، غوري، خلجي، تغلق ۽ اصلوڪن رهاڪن سومرن ۽ سمن جي حڪومت اچي وڃي ٿي، انهن جو تفصيل ۽ سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتون بيان ڪيون ويون آهن.

سنڌ جي تاريخ ۾ سمن جي دؤر کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. ان دؤر ۾ سنڌ جو  چرچو پوري هندستان ۽ عرب تائين ٿيڻ لڳو، ”باب الاسلام“ جي علم ۽ ڏاهپ جي هاڪ هر هنڌ ٿيڻ لڳي. هن دؤر ۾ ئي سنڌ کي ڄام نظام الدين نندي جهڙو نيڪ سيرت ۽ خدا ترس حڪمران مليو، جنهن ملڪ ۾ امن انصاف ۽ خوشحالي آڻي ڇڏي. پهرين ڀاڱي جي ڪن صفحن تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سنڌي ٻوليءَ بابت نظريي جي وضاحت ۾ مون کان ڀل ٿي آهي، جنهن جي معذرت گهران ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي ٻوليءَ بابت اصل نظريو هي آهي ته:

”سنڌي ٻولي واديءَ سنڌ جي مقامي هند آريائي زبان آهي، جنهن تي قديم دؤر ۾ دراوڙي، داردي، ايراني ۽ ترڪي گروهه وارين زبانن جو اثر پيو. ان کان پوءِ اسلامي دؤر ۾ عربي جي اثر هيٺ سنڌي ٻولي جي ارتقا جو نئون دؤر شروع ٿيو.“

هن ڀاڱي کي مڪمل ڪرائڻ ۾ جناب حسام الدين راشدي صاحب جو وڏو هٿ آهي، جنهن مختلف ڪتاب فراهم ڪرڻ سان گڏ هر موقعي تي پنهنجي قيمتي مشورن سان به نوازيو. مان سندن اهو ٿورو نه لاهي سگهندس. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا به مون تي وڏا وڙ آهن، جنهن پهرئين ڀاڱي کي هر پاسي کان پرکيو ۽ اهم ڄاڻ ڏني.


 

 

ٻي ڀاڱي بابت:

ٻيو ڀاڱو سمن جي زوال ۽ ارغونن جي اچڻ کان شروع ٿئي ٿو. هن ڀاڱي ۾ ارغون ۽ ترخانن جا سنڌ تي ظلم ۽ ان دؤر ۾ سنڌ ۾ پکڙيل بي چيني ۽ انارڪي کي تاريخي ماخذن سان پيش ڪيو ويو آهي. ارغون ۽ ترخان هڪ صدي تائين سنڌ تي قبضو  ڄمايون ويٺا  رهيا. ان دؤر ۾ سنڌ ڪهڙين حالتن مان گذري حڪمرانن پنهنجي اقتدار لاءِ ماڻهن مٿان ڪهڙا ظلم ڪيا ۽ ان ظلم خلاف آواز اٿاريندڙن کي ڪيئن ڪچليو ويو؟ اهو  سڀ ڪجهه هن ڀاڱي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. گڏ معاشرتي ۽ مذهبي حالتن کي چٽيو ويو آهي ۽ حڪمرانن جي سيرت ۽ ڪردار کي به پرکيو ويو آهي، جيئن ان دؤر جي حقيقي تصوير سامهون اچي سگهي.

ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ سنڌ مغلن جي چنبي ۾ آئي. مغلن سنڌ کي هڪ صوبي جي حيثيت ڏيئي پنهنجا صوبيدار موڪليا، پر افسوس جو انهن صوبيدارن جو جوڳو احوال تاريخ ۾ نٿو ملي، جنهن جي ڪري چڱي طرح ان تي روشني نه پئجي سگهي آهي. پر پوءِ به وس آهر ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

مغلن جي حڪومت جڏهن ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ صوبن ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون ته سنڌ ۾ به 1111هه (1700ع) تي ڪلهوڙن پنهنجا پير ڄمايا. ڪلهوڙا درويشي کان بادشاهي تائين پهتا ۽ سنڌ وري گهڻي عرصي کان پوءِ پنهنجي ديسي ماڻهن جي هٿ آئي. ڪلهوڙن جي صاحبي سنڌ لاءِ ڀاڳڀري ثابت ٿي.  هن ڀاڱي ۾ ان دؤر جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن، ان دؤر جي عالمن، شاعرن ۽ حڪمرانن جي سيرت کي تاريخي حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي اڀرڻ جا ڪارڻ به بيان ڪيا ويا آهن.

ٽالپرن جي دؤر جو گهڻو تڻو احوال ڪتاب ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ مان ورتو ويو آهي، جنهن جو ليکڪ منشي عطا محمد شڪارپوري آهي، جيڪو شاه شجاع طرفان لکڻ تي مقرر هو. منشي صاحب پنهنجي دؤر جو عالم ۽ فاضل شخص هو ۽ هن ڪتاب ۾ ڏنل واقعن جو اکين ڏٺو شاهد پڻ، ڪتاب جي اهميت کي ڏسندي سنڌي ادبي بورڊ طرفان آقا عبدالحئي حبيبي ان جو ترجمو ڪيو آهي. هو ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو.

”عطا جو هي ڪتاب حقيقي واقعن تي ٻڌل آهي ۽ سندس تحرير مان سچائي ۽ غير جانبداري بکي ٿي. هن ڪنهن به مصلحت کان هٽي ڪري ظالم کي ظالم چوڻ کان بلڪل به نه ڪترايو آهي. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب هڪ انگريز مسٽر اسٽويڪ جي چوڻ تي لکيائين پر ڪابل تي فرنگين جي لشڪر ڪشي کي  بنا ڪنهن پرواهه جي ننديو اٿائين ۽ انهيءَ معاملي ۾ افغانين، سنڌين ۽ بلوچن کي به نه بخشيو اٿائين. بيشڪ هو هڪ اڏول ليکڪ  آهي ۽ اهڙو ڪتاب لکي حيدرآباد کان قنڌار، ڪشمير ۽ لاهور تائين سڀني اقتدار ڌڻين جون چٽيون تصويرون پيش ڪيون اٿائين، جن ۾ ماضيءَ جي تاريخ کي چڱي طرح پرکي سگهجي ٿو.“

هن ڀاڱي ۾ ان دؤر جي اهم ڪارنامن، واقعن، معاشرتي سرگرمين، قومن جي عروج ۽ زوال جي سببن، ان دؤر جي ادب، ثقافت، زراعت، علم، هنر، واپار، ريتن رسمن، تاريخي ماڳن ۽ اهم شخصيتن جي زندگين ۽ ڪارنامن کي وضاحت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جيئن ايندڙ نسل ماضيءَ کي حقيقي اک سان ڏسي سگهي ۽ حال لاءِ تياري ڪري سگهي.

هن ڀاڱي جي سلسلي ۾ به محترم پياري دوست حسام الدين راشدي صاحب جو وڏو ٿورائتو آهيان جنهن اهم تاريخي ماخذ عطا ڪيا. محترم جناب اشفاق احمد جو به هن ڀاڱي جي تياريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ تي شڪر گذار آهيان.

 

ٽئين ڀاڱي بابت:

ٽئين ڀاڱي ۾ انگريزن جي اچڻ کان وٺي، ٽالپرن سان ڪيل ٺاهن، تجارتي سرگرمين، جنگين ۽  غدارن جي سازشن کي پيش ڪيو ويو آهي. سازش ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ علامه اقبال سٺو چيو آهي ته:

 

هن ڀاڱي ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگن جي باري ۾ ليمبرڪ جو نقطئه نظر ۽ غلامي واري دؤر ۾ هت ايندڙ مختلف انگريز ڪمشنرن ۽ ڪمانڊرن جو احوال پيش ڪيو ويو آهي. ان وچ ۾ حر تحريڪ ۽ ان جي مجاهدن جي جدوجهد، ريشمي رومال تحريڪ جو پس منظر، مسلم ليگ جو بنياد پوڻ ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن جي ڪم ۽ ڪردار بابت اهم معلومات ڏنل آهي.

انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حالتن جي ذڪر سان گڏ سنڌي زبان جي عالمن. اديبن، شاعرن، مؤرخن ۽ مصنفن جي زندگي بابت به اهم مواد هن ڀاڱي ۾ موجود آهي.

سنڌ جي هي تاريخ اهم ڪتابن ۽ ماخذن جي آڌار تي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ اهڙو اسلوب اپنايو ويو آهي، جيئن ڪنهن به موقعي تي پڙهندڙن جي دلچسپي نه گهٽجي. اميد ته هي ڪوشش قدرجي نگاهه سان ڏٺي ويندي.

 

اعجاز الحق قدوسي

قدوسي منزل

لياقت آباد ڪراچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org