سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :46

 

 

ڀاڱو ٽيون

(سنڌ جا مير ۽ انگريز)

 

سنڌ ۾ انگريزن جو اچڻ

فيبروري ۽ مارچ 1843ع جو اهو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو هو  جنهن ڏينهن انگريزن مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ۾ ميرن کي هارائي سنڌ تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ سنڌ مان اسلامي حڪومت جو باب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، انگريزن جو اهو هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو هو، جنهن جي شروعات ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي.

مولانا مهر صاحب تاريخ سنڌ جي حصي ٻي ۾ لکي ٿو ته شروعات ۾ ٻه انگريز ٺٽي آيا جن کي هڪ پرتگيزي پادري زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي ڪارڪنن کي حڪم ڏنو ته سنڌ کي به پنهنجي واپاري سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ 26 سيپٽمبر 1613ع ۾ پهريون انگريزي جهاز ديبل بندرگاهه تي پهتو. ان کانپوءِ شاهه انگلستان جيمز اول جو سفير ٽامس رو سنڌ آيو.

سنڌ ۾ انگريزنجي پهرين تجارتي ڪوٺي:

انگريز سنڌ ۾ پهرين تجارتي ڪوٺي 1635ع تي ٺٽي ۾ ٺاهي هتان قلمي شورو يورپ موڪلڻ لڳا، پر ڪن سببن ڪري 1662ع ۾ اها ڪوٺي بند ڪرڻي پين. سنڌ تي پير کوڙڻ جون اهي شروعاتي ڪوششون هيون، ڇاڪاڻ ته ننڍي کنڊ جي گهڻن هنڌن تي هو واپارين جي روپ ۾ آيا ۽ سنڌ ۾ به انهن ساڳيو طريقو استعمال ڪيو.

سنڌ ۾ انگريزن کي تجارتي ڪوٺي بند ڪئي پنجانوي سال گذري چُڪا  آهن ۽ پلاسي جي جنگ ۾ مير جعفر کي پنهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي سوڀ ماڻي چُڪا هئا. بهادر، بنگال ۽ اڙيسا ۾ به قدم مضبوطيءَ سان کتل اٿن، جنگ پلاسيءَ ۾ سوڀارو ٿيڻ کان پوءِ هاڻي انگريزن جي لالچ وڌي وئي ۽ سنڌ ڏانهن ڏسڻ لڳا. رابرٽ سمپٽن ميان غلام شاهه سان ڳالهيون ڪري 22 سيپٽمبر 1758ع تي سنڌ ۾ تجارتي ڪوٺي کولڻ جو اجازت نامو ورتو ۽ ان تجارتي ڪوٺيءَ جو نگران بمبئي جي هڪ انگريز آفيسر جارج بوشبر کي بڻايو ويو ۽ شاهه بندر وٽ مرڪز قائم ڪيو ويو. شروعات ۾ ان ڪوٺيءَ جو مقصد سنڌ جو قلمي شورو يورپ  پهچائڻ هو، جيڪو هتي تمام گهڻو پيدا ٿيندو هو. قلمي شوري جو ٺيڪو پريتم داس روپ چند کي ڏنو ويو.

ٻيو اجازت نامو:

انگريزن کي ته صرف پير کوڙڻ جو وجهه ملي پوءِ ڏسو انهن  جا ڪم، ته ڪيئن ٿا پير ڦهلائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ميان غلام شاهه کان وڌيڪ رعايتون گهريائون ۽ 11 آڪٽوبر 1758ع تي ميان غلام شاهه کين هيٺيون رعايتون ڏنيون:

ٻين کان درآمد جو جيترو محصول ورتو ويندو آهي، انگريزن کان ان جو اڌ ورتو ويندو.

انگريزن جو جيڪو مال هتي وڪڻجي نه سگهي اهو واپس کڻڻ مهل محصول کان آجو هوندو.

جهازن لاءِ سامان به بنا محصول خريد ڪري سگهجي ٿو.

مسٽر سمپٽن چاهي ته ٺٽي ۾ رهڻ لاءِ گهر ٺاهرائي سگهي ٿو پر ٻي ڪنهن انگريز کي گهر ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي.

ان اجازت نامي ۾ انگريزن کي اها ڇوٽ به ڏني وئي ته انهن کانسواءِ ٻي ڪنهن فرنگيء قوم کي قلمي شوري خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي انگريزن کي اهي رعايتون ان ڪري ڏنيون جو هو ڏکي وقت ۾ سندس ڪم اچن، پر ٻي ڀاڱي ۾ اسان ٻڌائي آيا آهيون ته ميان غلام شاهه ڪافي دفعا انهن کي آزمايو پر هو هر ڀيري لنوائي ويا.

قاضي محمد يحى جي صحيحن سان 2 سيپٽمبر 1758ع تي جاري ٿيل واپاري فرمان جو تت:

انگريزن متعلق ان فرمان ۾چيو ويو ته: ڪمپني سرڪار جي نمائندي سمپٽن صاحب اڄ اسان کي ٻڌايو آهي ته جملي سامان جيڪو ڪمپنيءَ لاءِ وٺي بمبئي موڪليو وڃي ٿو، ان تي بازار جي حساب سان ڏيڍ روپيو سيڪڙي کان وڌيڪ ڪميشن نٿي ڏني وڃي، تنهن ڪري حڪم ڪيو وڃي ٿو ته انهن کان معمولي رقم کانسواءِ هڪ روپيو به نه ورتو وڃي. (اهو به حڪم ڏنو وڃي ٿو ته ڪنهن به قسم جي سندن واپار ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي ۽ ڪائي جنس وڪڻڻ کانسواءِ موٽي وڃي ٿي ته ان تي به هر محصول معاف آهي، نه ئي ڪنهن ٻيڙي ۽ جهاز کي تنگ ڪيو وڃي ۽ انهن جي پيتين جي به ڪنهن قسم جي چڪاس نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن  مسٽر سمپٽن اورنگابندر يا ٺٽي ۾ رهڻ لاءِ ڪائي جاءِ ٺاهي ته ان  ۾ ساڻس مدد ڪئي وڃي. مطلب ته هر طرح جي مسٽر سمپٽن کي سهوليت ڏني وڃي، جيئن کيس واپار ۾ ڪا تڪليف نه پهچي.

انهيءَ سال بلڪه ساڳي تاريخ تي هڪ ٻيو فرمان به ميان  غلام شاهه جي درٻار طرفان جاري ٿيو، جنهن ۾ ساڳين حڪمن سان گڏ وڌيڪ هدايتون هيٺيون هيون.

22 سيپٽمبر 1758ع تي جاري ڪيل فرمان جو تت:

جيڪڏهن مسٽر سمپٽن پنهنجي ماڻهن جي ضرورت خاطر ڳئون ٻڪري يا رڍ ٺٽي يا ڪنهن ٻئي  هنڌان وڃي جهاز ۾ کڻي وڃي  ته ان تي ڪوئي محصول نه ورتو وڃي ۽ نه ئي ڪپهه تي، جيڪا هتان هتان کڻي اچن ٿا.

22 اپريل 1761ع تي وري ٽي فرمان جاري ڪيا ويا، پهرين ۾ آهي ته:

جيئن ته انگريز سرڪار جي ريزيڊنٽ مسٽر ارڪسن پنهنجي اعلى آفيسرن طرفان درخواست ڪئي آهي ته واپار کي گڏجي ڪري ترقي ڏني وڃي، تنهن ڪري ان درخواست کي منظور ڪندي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته انگريز کانسواءِ ڪائي ٻي قوم ولايتي واپاري جنسون سنڌ ۾ آڻڻ جون مجاز نه هونديون.

ٻيو فرمان به ساڳين ئي سهولتن جي باري ۾ هو ته مسٽر ارڪسن محصول موڙي جي درخواست ڪئي هئي تنهن ڪري انگريزن کي اهو به معاف ڪيو ٿو وڃي.

ٽين فرمان ۾ به گذراڻي جي معافي ۽ انگريزن کي تنگ نه ڪرڻ جو تاڪيد ٿيل هو.

انگريز انهن رعايتن ذريعي سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ پئي چاهيا ۽ واپاري سهوليتن سان گڏ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ پئي چاهيا. ان ڪري ميان غلام شاهه سان دوستي وڌايائون پر ان دوستيءَ جو ميان غلام شاهه کي ڪهڙو بدلو ڏنائون اهو اسان گذريل صفحن ۾ بيان ڪري چُڪا آهيون.

ڪوٺيءَ جو بند ٿيڻ:

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي 2 آگسٽ 1772ع تي وفات ٿي ته ملڪ جون واڳون ميان سرفراز جي هٿن ۾ آيون ۽ سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون، جنهن جي ڪري انگريزن کي 1775ع ۾ سنڌ ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي بند ڪرڻي پئي.

 

سنڌ جا ٽالپر ۽ انگريز

انگريزن، ميان سرفراز جي دؤر ۾ حالتون خراب ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي بند ته ڪئي هئي پر سياسي مقصدن کان هٿ نه کنيو هو، ان ڪري 1784ع ۾ جيئن ئي ڪلهوڙن جو دؤر ختم ٿيو ۽ ٽالپرن جي حڪومت آئي ته انگريز انهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر سرگرم ٿي ويا. ۽ مختلف طريقن سان ميرن کي پنهنجي معاهدن ۾ ڦاسايائون (ڪتاب جو ليکڪ قدوسي صاحب انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ ٿيل انهن 12 معاهدن کي هتي پيش ڪيو آهي، جن مان 7 معاهدا لفظ به لفظ گذريل ورقن ۾ اچي چُڪا آهن،، تنهن ڪري ورجاءُ کان بچڻ خاطر باقي رهيل 5 عهد ناما ڏجن ٿا. سنڌيڪار)

21 آگسٽ 1809ع تي ٿيل معاهدو:

هي معاهدو انگريز سرڪار ۽ حيدرآباد جي ميرن  مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي وچ ۾ ٿيو جيڪو هميشه دوستيءَ ۾ ڳنڍيل رکندو.

ٻنهي حڪومتن وچ ۾ ڪڏهن به دشمني نه ٿيندي.

ٻنهي حڪومتن جا هڪٻئي وٽ وڪيل مقرر ٿيندا.

سنڌ حڪومت فرانسيسين کي پنهنجي ديس ۾ آباد ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندي. (10 رجب 1224هه)

(2) خيرپور جي ميرن سان ڪيل معاهدو:

هي معاهدو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان هنري پاٽنجر ۽ مير رستم خان ٽالپور وچ ۾ 4 اپريل 1832ع تي ٿيو ۽ 19 جون 1832ع ۾ گورنر جنرل لارڊ بينٽنگ ان جي منظوري ڏني، جنهن جا هيٺيان شرط هئا.

ٻنهي حڪومتن وچ ۾ هميشه دوستي رهندي.

ٻنهي حڪومتن جا ايندڙ پويان حڪمران هڪ ٻئي جي اقتدار ۾ ٽنگ نه اڙائيندا.

انگريز سرڪار خيرپور حڪومت کان اها اميد رکي ٿي ته هو به حيدرآباد حڪومت وانگر هنڌ جي سوداگرن کي سنڌو درياءُ ۽ ٻين خشڪي جي رستن کان انهن شرطن آڌار گذرڻ جي اجازت ڏيندي.

خيرپور جي حڪومت ان تي راضي آهي ته طئي ٿيل تحريري فهرست موجب جيڪي شيون سنڌ آڻيون وينديون ان تي انصاف سان محصول ورتو ويندو ۽ واپارين کي ڪنهن به طريقي سان پريشان نه ڪيو ويندو. (مهر ايسٽ انڊيا ڪمپني ــــ اهلا ڊبليو ــ سي ــ بينٽنگ ــــ مهر گورنر جنرل)

مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان جو گورنر جنرل جي ايجنٽ هنري پاڻنجر سان ٿيل معاهدو:

جيئن ته سنڌ جي ميرن ۽ انگريز سرڪار ۾ محبت ۽ دوستيءَ جو رشتو قائم آهي، ان ڪري گورنر جنرل هند ارادو رکي ٿو ته ميرن جا جيڪي  رنجيت سنگهه سان ويڇا آهن، اهي ختم ڪيا وڃن جيئن ٻنهي حڪومتن ۾ امن ۽ آشتي جو ماحول پيدا ٿئي.

گذريل فيصلن جي پائداريءَ لاءِ ٻنهي حڪومتن جا وڪيل هڪٻئي جي درٻار ۾ رهندا.

پر انگريز سرڪار جي وڪيل کي اهو اختيار هوندو ته هو ضرورت وقت پنهنجي رهائش تبديل ڪري سگهندو ۽ ان سان هڪ محافظ دستو به ساڻ هوندو. (20 اپريل 1828ع گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ ان کي منظور ڪيو.)

(4) اهو عهد نامو جنهن جي ذريعي ڪراچي کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويو:

هي معاهدو ڪراچي جي گورنر حاصل پٽ بچو خان ۽ مير نور محمد جي ملازمن خير محمد ۽ مسيتا خان ۽ انگريز فوج جي سپه سالار سر فريڊرڪ وچ ۾ 5 فيبروري 1839ع تي هيٺين شرطن آڌار ٿيو:

اڄ گورنر قلعي ۽ ڳوٺ ڪراچي کي انگريز فوج جي حوالي ڪري ٿو.

اڄ کان پوءِ برگيڊيئر ولينٽ هتي ٿيندڙ هر چرپر جو زمينوار هوندو. ٻيڙيون ۽ اٺ ڪراچيءَ تي سنڌ حڪومت ڏيندي ۽ انگريزن وٽ قلعي ۾ مهيا ڪيل ٻيو سامان به انهن جي امانت هوندو. ۽ ٻين سرگرمين تي معمول مطابق محصول ادا ڪيو ويندو ۽ انگريزن جا جهاز حفاظت سان ايندا ويندا.(خير محمد ۽ علي رکيو ان جا شاهد هئا)

(5) انتظامي معاهدو جيڪو ميرن ۽ لارڊ آڪلينڊ وچ ۾ 5 فيبروري 1839ع تي طئي ٿيو:

ان معاهدي ۾ وضاحت ڪئي وئي ته جيتوڻيڪ ميرن سان ڪيترائي معاهدا ڪيا ويا آهن پر هن وقت حالتن جي لحاظ کان ان ۾ هيٺين شرطن جي وڌائڻ جي ضرورت پئجي وئي جيڪي حيدرآباد جي ميرن ۽ انگريز بهادر وچ ۾ طئي ڪيا ويا:

انگريز سرڪار ۽ حيدرآباد جي اميرن مير نور محمد، مير نصير، مير محمد خان ۽ مير صوبدار وچ ۾ ان معاهدي سان دوستي مضبوط ٿيندي.

ان معاهدي ذريعي انگريز فوج هڪ ڇانوڻي سنڌ جي شهرن ٺٽي يا درياءُ جي اولهندي پاسي گورنر جنرل هند جي صلاح سان قائم ڪندي ۽ ان ۾ پنج هزار فوجين کان وڌيڪ نه هوندا.

ان ڇانوڻيءَ لاءِ حيدرآباد حڪومت 3 لک ڪمپني جي سڪي يا تيموري سڪي ۾ ڇانوڻيءَ جي خرچ لاءِ هر سال ادا ڪندي، جيڪي مير نور محمد، مير نصير ۽ امير محمد خان ادا ڪندا. باقي مير صوبدار ان کان آجو هوندو.

انگريز سرڪار ۽ حيدرآباد حڪومت پنهنجي پنهنجي دشمنن جا پاڻ زمينوار هوندا.

هن معاهدي ۾ شريڪ حيدرآباد جا امير پنهنجي پنهنجي علائقن جا مالڪ هوندا ۽ انگريز سرڪار جي عدالت ان ۾ ڪائي مداخلت نه ڪندي ۽ نه ئي سندن عوام جي فرياد ٻڌڻ جي مجاز هوندي.

سنڌ جي اميرن جي پاڻ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارن معاملن کي ڪوئي به امير، ريزيڊنٽ بهادر وٽ پيش ڪري سگهي ٿو ۽ گورنر جنرل هند جي منظوريءَ کان پوءِ رييڊنٽ انهن کي ٻڌي سگهي ٿو.

هڪ امير جي ٻئي امير جي عوام سان ٿيل زيادتي ۽ ان جي ڏاڍائيءَ جي صورت ۾ ريزيڊنٽ بهادر گورنر جنرل جي منظوريءَ سان مظلوم امير جي مدد ڪندو ۽ مجرم کي سزا ڏياريندو.

سنڌ جا مير انگريز سرڪار کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ڪنهن سردار يا ملڪ کان سوال جواب نه ڪندا، باقي دوستن سان خط پٽ وارو سلسلو جاري رهندو.

جن معاملن جو واسطو حفاظت سان آهي، ان ۾ سنڌ جا امير انگريز حڪومت جا فرمانبردار ۽ مددگار رهندا ۽  ضرورت پوڻ وقت ٽي هزار سوار ۽ پيادا طلب ڪرڻ تي انگريز حڪومت کي ڏيندا، جيڪي انگريز سپه سالار جي ماتحت رهندا ۽ انهن جو معمولي معاوضو ادا ڪيو ويندو.

انگريز سرڪار کي سنڌ ۾ پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ جي اجازت هوندي.

واپاري ٻيڙين کان  اميرن جي حدن مان محصول نه ورتو ويندو.

جيڪڏهن ڪوئي واپاري واٽ ۾ لهي ڪري ڪوئي شيءِ وڪڻي ٿو ته ان کان معمولي محصول ورتو ويندو، پر ڇانوڻيءَ ۾ وڪڻڻ جي صورت  صفا نه ورتو ويندو.

سنڌ جي ميرن جا انگريزن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ جا ڪارڻ:

انگريز انهن معاهدن ذريعي ميرن کي ڪمزور ڪندا ويا ۽ سنڌ جي ڳچڇيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ سوڙهو ڪندا ويا. محصولن ۾ ڇوٽ، ڪاٺ ڪپڻ جي اجازت، سنڌ جي حفاظت لاءِ ڇانوڻيءَ جو قائم ٿيڻ ۽ اتي انگريز فوجن جو رهڻ، سڪن کي مٽائڻ ۽ ٻيون سڀ ڪوششون انگريزن جي هڪ قسم جي مڪاري هئي پر ان مڪاريءَ جو شڪار سنڌ جا حڪمران مير ڇو ٿيا!؟ ان جو وڏو ڪارڻ افغانستان جي ڏن ۽ شاهه شجاع مان جند ڇڏائڻ سان گڏ رنجيت سنگهه جي حملي جو شديد خوف هجڻ هو، انگريزن ميرن سان ڪيل معاهدن ۾ اهڙا شرط رکيا جيڪي ڪنهن به ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي سلب ڪرڻ برابر هوندا آهن. انهن معاهدن ذريعي انگريزن سنڌ ۾ سڀ کان اڳ  ۾ واپاري سهوليتون حاصل ڪري پنهنجي اچ وڃ جو رستو صاف ڪيو ۽ پوءِ سنڌ جي حفاظت جي بهاني سان پنهنجون فوجون آڻي طاقت ۾ واڌارو آڻيندا رهيا. الٽو حيدرآباد جي ميرن کان سالانو ٽي لک معاوضو به وصول ڪندا رهيا.

سنڌ جا سادا  حڪمران شجاع الملڪ ۽ رنجيت سنگهه کان هميشه خوفزده رهيا ۽ انگريزن شجاع الملڪ کي هميشه پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري ميرن کي پنهنجي معاهدن ۾ جڪڙيو.

هيڏانهن رنجيت  به پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ميرن کان اها لالچ رکڻ لڳو ته قابل وارا ٻارهن لک خراج هن کي ملي. ان لاءِ ملتان ۾ رکيل پنهنجي نائب کي مٺڻ ڪوٽ ۾ پنهنجي فوجي طاقت ڏيکارڻ جو چيائين. ميرن رنجيت سنگهه کان جند آجي ڪرائڻ لاءِ انگريزن جو سهارو ورتو جيڪي الٽو ڳچيءَ ۾ پئجي ويا ۽ سنڌ هميشه غلاميءَ جي  زنجيرن ۾ جڪڙجي وئي.

 

ٽالپرن جي زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انگريزن جو احوال

(1) لارڊ الين برو گورنر جنرل هند (1871ع ــ 1790ع):

لارڊ، ايڊورڊ براؤن الين برو جو پٽ هو. سينٽ ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ 1813ع ۾ شاهي فوج ۾ شامل ٿيو. 1832ع ۾ اليگزينڊر برنس کي هن ئي لاهور اماڻيو هو، جنهن لاهور ۾رهي ڪري انگريزن لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. الين برو آڪٽوبر 1841ع تي هندستان جو گورنر جنرل ٿيو ۽ 15 جون 1844ع تائين ان عهدي تي رهيو. 1842ع ۾ هن سر چارلس نيپئر جي مشورن تي سنڌ کي فتح ڪري هندستان سان  ملائي ڇڏيو ۽ سنڌ بمبئي جو حصو ٿي ويئي. 22 ڊسمبر 1871ع تي الين برو لاڏاڻو ڪري ويو.

(2) سر جيمز آؤٽرم (1863 ـــ 1803ع):

سر جيمز اؤٽرم 29 جون 1803ع ۾ ڄائو ۽ مارشل ڪاليج ۾ تعليم پرايائين. 16 سالن جي عمر ۾ فوج ۾ داخل ٿيو ۽ 1820ع تي بمبئي ۾ ايجوٽنٽ مقرر ٿيو، پاڻ ڏاڍو دلير ۽ همت وارو انسان هو، جنهن جي ڪري 191 شينهن شڪار ڪري چڪو هو. 1838ع ۾ جنرل لارڊ ڪين جي مشيرن ۾ شامل ٿيو ۽ بمبئي جي فوج سان گڏ قنڌار، غزني ۽ ڪابل ويو. 1839ع ۾ کيس حيدرآباد سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ رکيو ويو ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن طرفان مضبوط ڀت ثابت ٿيو. ترقي ڪندو وڃي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي پهتو ۽ بڙودا جو ناظم اعلى مقرر ڪيو ويو پر رشوت جي الزام ۾ لاٿو ويو ۽ لارڊ ڊلهوزي جي مهربانيءَ سان جلد ئي بحال ٿي ويو. 1854ع ۾ کيس لکنؤ جي ناظم اعلى جي زمينداري ڏني وئي، سندس سفارش تي  اودهه کي برطانوي هند ۾ شامل ڪيو ويو ته اودهه جو حاڪم اعلى به ان کي ئي رکيو ويو. 1858ع جي بغاوت کي ڪچلي لکنؤ تي قبضو ڪيائين. 1858ع کان 1860ع تائين برٽش ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ 1861ع ۾ کيس kcsi  ۽  del جو خطاب ڏنو ويو.

11 مارچ 1863ع ۾ سر جيمز آؤٽرم وفات ڪئي ۽ احترام طور ويسٽ منسٽر ڪليسا ۾ ددفنايو ويو. لنڊن ۽ ڪلڪتي ۾ سر جيمز جون اڃا تائين  يادگارون جڙيل آهن.

(3) مسٽر برنس (1841ع ــ 1805ع):

مسٽر برنس ولد جيمس برنس مشهور انگريزي شاعر برنس جي خاندان مان هو. هن مانٽروس اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪري 16 سالن جي عمر ۾ ئي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَجي نوڪري ورتي، 1823ع تي کيس سورت شهر ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ اتان ڪڇ بدلي ڪيو ويو. 1832ع ۾ سنڌ جي ايراضي معلوم ڪرڻ جي زمينواري ڏني وئي ۽ پوءِ 1836ع ۾ کيس حيدرآباد جي ميرن سان گڏ درياءَ جو سروي ڪرڻ ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو.

1836ع ۾ سر جيمز کي امير دوست محمد سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪابل موڪليو ويو. انگريزن جي نيت هئي ته شاهه شجاع کي تخت ڏيارجي ان ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي رستن کي ڪشادو ڪرڻ لاءِ برنس جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ٻن سالن تائين هو ڪابل ۾ رهيو ۽ پوءِ 2 نومبر 1841ع تي ماڻهن کيس اتي ئي ماري ڇڏيو.

(4) رابرٽ ليچ:

برطانوي قبضي ۾ رابرٽ ليچ جو به اهم ڪردار رهيو، هن افغانستان ۽ سنڌ جي رستن ۽ دُرن جو سروي ڪري 1830ع ۾ رپورٽ پنهنجي حڪومت حوالي ڪئي.

”ياد داشتهاءِ ڪابل“ ۾ برنس لکيو آهي ته ليفٽيننٽ ليچ سڀ کان اڳ سنڌو درياءَ ۽ درن جو سير ڪري معلومات ورتي. هن ڪابل ۽ قلات ۾ انگريزن لاءِ اهم خدمتون انجام ڏنيون ۽ قلات ۾ ترسڻ وارن ڏينهن ۾ ”تاريخ قلات“ جي نالي سان هڪ ڪتاب به لکيائين.

(5) سر چارلس جيمس نيپئر (1853ــ 1782ع):

سنڌ کي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ ۽ ٽالپرن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ وارو اهم ڪردار سر چارلس نيپئر 10 آگسٽ 1782۾ ڄائو ۽ ڪيمبرج ۾ تعليم پرايائين. 1792ع ۾ فوج جي 23 رجمنٽ ۾ داخل ٿيو ۽ 1799ع تي جيمز ڊف جو مددگار مقرر ٿيو. 1803ع تي هسپانيه ۽ 1813ع تي گڏيل آمريڪا جي جنگين ۾ حصو ورتائين ۽ 1837ع ۾ نيپئر ترقي ڪندو وڃي ميجر جنرل جي عهدي تي پهتو. يونان ۾ برطانيا جي قيادت ڪرڻ کان پوءِ نيپئر کي 1841ع ۾ هندستان موڪليو ويو ۽ عسڪري سياست ۾ شامل ٿي ڪري الين برو کي سياسي صلاحون ڏيڻ لڳو. 1842ع ۾ انگريزن جي لشڪر جو سنڌ جي محاذ تي ڪمانڊر مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي ميرن سان معاهدا ڪيائين. ڊسمبر 1842ع تي نيپئر سنڌ جي امام ڳڙهه قلعي کي فتح ڪيو، جڏهن ته 17 جنوري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان ۾ سوڀ ماڻيائين. 24 مارچ 1843ع ۾ دٻي واري جنگ ۾ مير شير محمد کي شڪست ڏنائين ۽ ساڳي سال 14 جون تي شهدادپور جي ميدان ۾ ٽالپورن جي چيلهه چٻي ڪري کين صفا ڪمزور ڪري ڇڏيائين.

سنڌ جي سوڀ کان پوءِ ٻين ڳالهين سان گڏ ميرن سان ڪهڙو ورتاءُ رکجي جي باري ۾ نيپئر ۽ جنرل اؤٽرم ۾ اختلاف ٿي پيا. 45 ــ 1844ع نيپئر سنڌ جي اتر سرحد وارن قبيلن کي ڪچليو. روهڙي جي لشڪر کي پاڻ ترتيب ڏنائين. نيپئر ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ سنڌ جي  حڪمراني کان استعيفا ڏني.

1847ع ۾ نيپئر کي سڄي هند فوج جو سپه سالار ڪيو ويو ۽ 1849ع کان 1850ع تائين هندستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف  رهيو. گورنر جنرل هند لارڊ ڊلهوزي جي مسلسل مخالفت ڪري نيپئر اڳتي هلي استعيفا ڏئي گهر ويهي رهيو ۽ 29 آگسٽ 1853ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سينٽ پال گرجا گهر ۾ سندس مجسمي تي هيٺيون ڪتبو لکيل آهي. ”جنرل دوربين حکمران بالکفايت مرد عادل“

هو ڪيترو مرد عادل هو اهو تاريخ مان چڱي طرح پرکي سگهجي ٿو. ميرن ۽ سندن گهر وارين تي هن ڪيترا ته ظلم ڪيا. مطلب ته سنڌ کي غلام بڻائڻ ۾ نيپئر جو وڏو هٿ هو.

(6) گورنر جنرل هند لارڊ آڪلينڊ (1849 ــ 1784ع):

لارڊ آڪلينڊ  جارج آڪلينڊ جو ٻيو نمبر پٽ هو. هو 25 آگسٽ 1784ع ۾ ڄائو ۽ ڪرائسٽ چرچ آڪسفورڊ ۾ تعليم پرايائين. 1834ع ۾ هو بحريا جو لارڊ ٿيو ۽ 4 اپريل 1836ع ۾ هندستان جو گورنر جنرل ڪيو يو. انهيءَ زماني ۾ شاهه شجاع سندس آشيرواد تي ڪابل جي تخت تي ويٺو، انگريزن انهيءَ ڪارنامي تي لارڊ کي ”ارل“ جو خطاب ڏنو. هن جي عمر جو گهڻو حصو افغانستان جي مسئلن متعلق گذريو پر سنڌ جي ميرن سان ٿيل ڪن معاهدن تي سندس صحيحون آهن، جنهن جي ڪري هتي ذڪر ڪرڻ ضروري هيو.

(7) موهن لال:

موهن لال اهو شخص هو جنهن جي ذڪر سن اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو ۽ ان کي ڏسي ڪري علامه اقبال جا هي شعر ياد اچن ٿا:

که شب هندوستان آيد بروز،

مرد جعفر، زنده روح او هنوز،

تاز قيد يڪ بدن وا مي رهد،

آشيان اندر تن ديگر نهد،

گاه او را باکليسا ساز باز،

گاه پيش ديريان اندر نياز،

از نفاقش وحدت قومي دونيم،

ملت او از وجود او لئيم،

ملته را هر کجا غارت گري است،

اصل او از صادقي يا جعفري است،

الامان از روح جعفر الامان،

الامان از جعفران اين زمان.

موهن لال جا ڪي ئي روپ ۽ رنگ هئا، نه ڪوئي دين هيس نه ڪوئي ڌرم، بس دولت ئي هن جو اصل دين هو.

موهن لال جو اسلامي نالو مرزا قلي ڪشميري هو، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي پراڻي نالي موهن لال سان مشهور رهيو. مسلمان ٿيڻ جي پويان هن جا سياسي مقصد هئا ۽ آسانيءَ سان انگريزن لاءِ جاسوسي ڪري پئي سگهيو. انڊين ببلو گرافي ۾ سندس حالات هن طرح لکيل آهن.

موهن لال منشي ولد ٻوڌو سنگهه دهلوي انگريزي ڪاليج دهلي ۾ تعليم پرائي، جوانيءَ ۾ اليگزينڊر برنس ۽ ڊاڪٽر جي، جي جيراڊ سان 1832ع ۾ فارسيءَ جو منشي ٿي ايران ويو. هند حڪومت موهن لال کي سنڌ جي اولهندي پاسي وارن ملڪن جي معلومات ۾ مدد ڪرڻ واسطي مٿين انگريزن سان موڪليو.

موهن لال ان سفر ۾ ايران جي باري ۾ برنس جي  وڏي مدد ڪئي، برنس پنهنجي ڪتاب ”سفر نامه بخارا“ ۾ هن جي قابليت ۽ صلاحيتن جو ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي.

موهن لال برنس جي خواهش تي پاڻ به هڪ روزنامچو لکيو جيڪو فارسي ۾ روزنامچه سفر پنجاب و افغانستان و ترکستان و خوارزم“ جي نالي سان 1843ع ۾ ڇپيو، پر اهو مڪمل ناهي.

افغانستان جي پهرين جنگ ۾ هو انگريز سفير جو اتاشي هو، ان کان پوءِ زندگيءَ جو گهڻو وقت دهلي ۾ گذاريائين.

انگريز سنڌ ۽ بلوچستان رستي افغان تي حملي جون تياريون ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري انهن رستن جو خطري کان خالي ۽ حفاظت وارو هجڻ لازمي هو، جنهن لاءِ برنس کي مير رستم جي مڃائڻ لاءِ موڪليو ويو پر هو پنهنجي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.

سڌي طرح ڪم نه ٿيڻ کان پوءِ انگريزن پنهنجي عادت مطابق موهن لال کي اهو ڪم سونپيو، جنهن وڏي چالاڪيءَ سان 24 ڊسمبر 1838ع تي مير رستم کان انگريزن جي مفاد ۾ معاهدو لکرائي ورتو.

افغانستان تي حملي جي صورت ۾ انگريزن جي لشڪر لاءِ بکر قلعو وڏي اهميت رکندو هو، موهن لال مير رستم سان ڳالهيون ڪري انگريزن جا مطالبا ان کان وڏي هوشياريءَ سان مڃرايا. افغانستان تي انگريزن جي ڪاهه وقت موهن لال جا جاسوس قنڌار تائين ڦهليل هئا، جن قنڌار جي سردارن کي مختلف لالچن ذريعي انگريزن جي حق ۾ ڪيو ۽ وليم ميڪنائن کي 25 اپريل 1839ع ۾ افغانستان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي ۽ انگريزن جو ڇاڙتو شاهه  شجاع 7 آگسٽ 1839ع ۾ ٻيهر تخت تي ويٺو.

موهن لال انسان جي روپ ۾ اهو شيطان شخص هو، جنهن انگريزن لاءِ عجيب قسم جا  ڪم ڪيا. افغانستان جي پهرين جنگ ۾ جاسوسي ڪري انگريزن کي معلومات  پهچائي، قبائلي سردارن ۾ جهيڙا ڪرائي کين ڇڙوڇڙ ڪيو، اهم ماڻهن کي اغوا ڪري انگريزن جو ساٿي بڻايو، مجاهدن جي اتحاد کي ٽوڙيو ۽ غازي عبدالله خان اچڪزئي جيڪو مجاهدن جي هڪ دستي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، کي شهيد ڪيو. ان سان گڏ موهن لال ڪيترن ئي انگريزن کي صالح محمد ڪشميريءَ جي قيد مان رشوت ڏئي ڪڍرايو، توڙي پاڻ به ان وقت قيد ۾ هو.

هن بهروپيي شخص انگريزن لاءِ اهي ڪارناما انجام ڏنا جن کي ڏسي انسان حيرت ۽ تعجب ۾ پئجي وڃي ٿو، پر سندس حشر ٻه اهو ئي ٿيو جيڪو انگريزن جي هر وفادار هندستاني جو ٿيو آهي، ڪم ڪڍڻ کان پوءِ انگريزن کيس فضول ڦوڳ وانگر سمجهي  ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ هو گهٽين ۽ بازارن ۾ انگريزن جا  مليل سرٽيفڪيٽ کنيو گهمندو وتندو هو پر سندس ڪوئي مدد نه ڪندو هو. انهيءَ در بدرائيءَ ۾ هو  لنڊن هليو ويو.

موهن لال پنهنجي ڪتاب ۾ انهن خدمتن جو  تفصيل سان احوال ڏنو آهي ۽ آخر ۾ لکيو اٿئين ته منهنجي سڀني ڪارنامن کان منهن موڙيو ويو آهي ۽ هن ڪتاب لکڻ جو ڪوئي فائدو نه پيو، هي ان غدار شخص جو انجام هو، جنهن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان دوکو ڪيو.

(8) جنرل جان جيڪب (1858ع ـــ 1812ع): ــــ

جنرل جان جيڪب ريورنٽ سٽفن لانگ جيڪب  جو پٽ هو ۽ 11 جنوري 1812ع ۾ پيدا ٿيو. 1828ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي جي توپخاني ۾ شامل ٿيو. 1843ع واري مياڻي جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. لمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سر چارلس نيپئر“ ۾ لکي ٿو ته جنگ مياڻيءَ ۾ اڳيان واري دوستيءَ جي اڳواڻيءَ  جان جيڪب جي حوالي هئي، جنهن جا سؤ سپاهي واهن ۽ واهين ۾ توپن جي گذرڻ لاءِ رستو ٺاهي رهيا هئا ۽ 9 پائونڊ گولو اڇلڻ واريون ٻه توپون به انهن سان ساڻ هيون، جيڪب ميرن جي 8 هزار پيادل ۽ 3 هزار گهوڙي سوارن جي فوج جو اندازو ڪري ورتو هو، تنهن ڪري هن پريان ئي هڪ مورچو قائم ڪري ورتو.

جان جيڪب مياڻيءَ جي جنگ سان گڏ شهدادپور ۽ عمرڪوٽ ۽ خاص طور تي ريگستان وارين جنگين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1847ع ۾ هو مٿئين سنڌ جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو ۽ C.B جي لقب سان سڃاتو ويو.

1851ع  ۾ هن خان ڳڙهه شهر جو نالو مٽائي جيڪب آباد رکيو، جيڪو اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ اسان کي غلاميءَ جي ياد ڏياري ٿو.

جيڪب 5 ڊسمبر 1858ع تي دماغ جي ڪنهن بيماريءَ ۾ جڪڙجي مري ويو. هن سنڌ ۾ انگريزن جا پير پختا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪب جنرل آؤٽرم تي به هڪ ڪتاب لکيو.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انگريزن سان سڀ کان وڌيڪ جنهن وفاداري نڀائي اهو ٻيو ڪو نه پر سنڌ جو پنهنجو سپوت ۽ خيرپور جو والي مير علي مراد خان هو، جنهن انگريزن جي خراسان جي نيت سان سنڌ ۾ پهچڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي، هر ڪم ۾ انهن جي مدد ڪئي ۽ سندن خلاف اٿندڙ هر آواز کي ڪچليو.

 

مياڻيءَ ۽ دبي واري جنگ

(ليمبرڪ جي نظر ۾)

جيتوڻيڪ اسان مياڻي ۽ دٻي واري جنگ جو مختصر احوال ٻي ڀاڱي ۾ ڪري آيا آهيون پر هي بيان هڪ انگريز ليمبرڪ جي ڪتاب ”سر چارلس نيپئر اينڊ سنڌ“ مان پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو انگريزن جي نقطه نگاهه کان لکيو ويو آهي، پر ڪن واقعن جي گهري ڄاڻ ملي ٿي.

مياڻيءَ واري جنگ جي شروعات:

ليمبرڪ لکي ٿو:

اوچتو خبر آئي ته بلوچ اڳتي وڌي رهيا آهن. ان وقت ريزيڊنسي ۾ ڪپتان آؤٽرام (Outram) جي ٻاويهين رجمنٽ جي هڪ ڪمپني ڪپتان ڪانوي جي سرڪردگيءَ ۾ موجود هئي، جڏهن ته آفيسرن ۾ اٺ انگريز براؤن سوڌي ويٺا هئا. ڪانوي ٻاهر ۽ ڀتين تي سپاهين کي بيهاريو ۽ (Planet) جهاز جون توپون به سڌيون ڪرائي ڇڏيون. ايتري ۾ ٻيو جهاز (Settelite) به اچي ويو، جيتوڻيڪ ان ۾ بارود وغيره نه هو.

انگريزن سوچيو ته انهن ٻنهي جهازن ذريعي سپاهين کي حفاظت سان اتان ڪڍي وٺجي پر ٽپهري مهل بلوچ ڇهن توپن سان گڏ اچي پهتا ۽ ٻنهي پاسن کان فائرنگ شروع ٿي ويئي. وڏي مشڪل سان جهازن تي لڳل بندوقن جي مدد سان سپاهي جهازن تي سوار ٿي  سگهيا.

مٽياريءَ ۾ انگريز فوجن جو ميڙ:

16 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان 15 ميل اتر پاسي مٽياريءَ وٽ آؤٽرام پاڻ نيپئر سان وڃي مليو. نيپئر سکر کان وڌيڪ لشڪر گهرايو، آؤٽرام صلاح ڏني ته سٽيمر ۾ موجود سپاهي ٺٽي واري ڪوئلي جي ڊپو جي نگراني ڪن ۽ مياڻيءَ جي چوڌاري شڪار وارين جاين کي باهه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته اطلاع موجب بلوچ اتي پناهه وٺڻ وارا آهن.

نيپئر ان کان پوءِ ٻه سؤ سپاهي آؤٽرام کي ڏنا ۽ باقي سڀ پاڻ وٽ رکيا.

ڦليلي واهه وٽ بلوچن جا خيما:

14 فيبروري 1843ع تي بلوچن ڦليلي واهه جي ڪپ تي ۽ اوسي پاسي وارن گهاٽن وڻن ۾ پنهنجا خيما هنيا، سنڌ جو والي مير نصير خان به سپاهين جو جٿو وٺي اتي پهتو. حيدرآباد ٽالپورن جو پورو لشڪر اتي گڏ هو.

اسلام خاطر وڙهو:

ٻي ڏينهن مير شهداد خان ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ حسين علي به اتي اچي پهتا. ٻنهي ڀائرن کي ماءُ الوداع ڪندي چيو هو ته اسلام خاطر انگريزن سان وڃي وڙهو.

انگريزن معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي جنگ جا سانباهه ڪيا ۽ سنڌ جو صرف حيدرآباد ۾ موجود لشڪر ئي وڙهڻ لاءِ آيو. انگريزن انهن جو ڳاڻيٽو وڌائي ڪري پيش ڪيو آهي ۽ پنهنجو گهٽ، جيئن جنگ ۾ سندن نالو ٿئي.

آؤٽرام جي اندازي مطابق انهيءَ لشڪر ۾ اٺارهن هزار سپاهي هئا، جڏهن ته نيپئر جي جاسوسن ويهه هزار ٻڌايو. پر نيپئر وٽ فقط ٻه هزار اٺ سؤ سپاهي ۽ ٻارهن توپون هيون، سپاهين مان اڪثر الڙ هئا، جيتوڻيڪ سنڌ هارس ريجمينٽ ٽن سالن تائين مختلف جنگين ۾ حصو وٺي تجربو حاصل ڪري چڪي هئي. وري اهو ٻڌايو ويو ته نيپئر جا جوان موسم جي سختي ۽ آرام جي گهٽتائي ڪري ٿڪيل  آهن، پر هو پاڻ ڄاڻندو هو ته سپاهي کان گهڻي کان گهڻو ڪم ڪيئن ورتو وڃي. ليمبرڪ لکي ٿو ته سپاهين ۽ خاص طور تي آفيسرن کي ٽن سالن کان وٺي  الائونس نه مليو هو پر هو ڄاڻن پيا ته ڪجهه ڏينهن اندر ڦرلٽ جو وجهه ملي ويندو. بلوچن کي هو تمام گهٽ درجي جو سپاهي سمجهندا هئا.

جان جيڪب پنهنجي سؤ سپاهين سان گڏ اصل لشڪر کان سٺ ميل کن اڳي هلي رهيو هو ۽ پنهنجي باري ۾  هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ست هزار دشمن جي فوج به مون تي حملو ڪيو ته مان کين برباد ڪري ڇڏيندس.

آؤٽرام جو خيال هو ته جڏهن سنڌ جا سپاهي پنهنجي شهرن جي حفاظت ۽ پنهنجي عزت خاطر وڙهندا ته سٺا سپاهي ثابت ٿيندا، انهن جو ريزيڊينسي تي هاريل دل سان بندوقون کڻڻ ٻي ڳالهه آهي!

آؤٽرام جيتوڻيڪ حيدرآباد طرف وڌڻ کي چڱو نه سمجهي پيو پر نيپئر جي سوچ ان جي ابتڙ هئي. سندس خيال هو ته جيڪڏهن بلوچن کي ٿوري به  ڍر ڏني وئي ته ان کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويندو. نيپئر لکي ٿو ته ايتري وڏي ڪٽڪ تي حملو ڪرڻ خطري کان خالي ناهي پر ان خطري ۾ به هڪ خوشي آهي.

جان جيڪب جو اڳتي وڌڻ:

17 فيبروري 1847ع جي صبح جو برطانوي فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم مليو، جيڪب سنڌ هارس ۽ مدارس سيپرز کي وٺي اڳتي وڌيو جنجي اڳواڻي ڪپتان هينڊرس (Hendersin) ڪري رهيو هو. برطانوي فوج ۾ سؤ سپاهي واهن ۽ واهين تان توپون کڻي وڃڻ تي رکيل هئا. جڏهن ته 9 پائونڊ گولو اڇلڻ واريون ٻه توپون جيڪب  سان ساڻ هيون. سج نڪرندي ئي انگريز فوج ست ميل پري ڦليلي واهه جي هڪ سڪل شاخ وٽ پهتي ۽ ڦليلي واهه جي کاٻي پاسي فوج  اڃا مارچ ڪرڻ ۾ مصروف هئي ته پري کان توپ هلڻ جو آواز آيو. جنرل نيپئر اڳتي وڌيو ۽ جيڪب کي  حڪم ڏنائين ته هو ڀرسان واري شڪارگاهه جوچڪر هڻي ريجمنٽ کي ان جي پويان وٺي وڃي خبر چار لهي، پر جلد ئي پتو پئجي ويو ته بلوچ سامهون ئي آهن. جنرل نيپئر پاڻ هڪ ميل پري کان دوربين لڳائي بلوچن جي ست اٺ هزار پيادل ۽ ٽي هزار سوار سپاهين جو اندازو ڪري ورتو. جنرل اڳتي وڌي بلوچن جي پنج ڇهه سؤ گز ويجهو پهچي ويو. جيڪب اڃا  گهوڙي کي چوريو مس ته مٿس بندوق جو فائر ٿيو، جنهن سان خبر پئجي ويس ته  بلوچ ڳوٺ ۾ لڪل آهن پر انهن جو اندازو نه ڪري سگهيو.

مير نصير پنهنجي ماڻهن کي وڌيڪ فائرنگ ڪرڻ کان روڪيو، سندس خيال هو ته جيڪب شايد ٺاهه لاءِ آيو آهي، پر جيڪب موٽي آيو ۽ هڪ نوٽ جنرل نيپئر ڏانهن موڪلي کيس سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

مير نصير خان جي دليري:

جڏهن جيڪب نه آيو ته مير نصير سنڌ هارس تي توپن جو منهن کولي ڏنو پر پوءِ به انگريز سپاهي ڇڙوڇڙ نه ٿيا. اوچتو فٽز جيرالڊ (Fitz Geralad) هڪ ”اسڪوارڊن“ جو ڪٽڪ وٺي پهتو ته جنرل نيپئر فيصلو ڪيو ته هاڻي بلوچن جي قلب ۾ ڪاهه ڪجي، جيتوڻيڪ ان وقت انگريز فوج جو چڱو حصو اڃا رستي ۾ هو، ڇاڪاڻ ته واهن ۽ واهين کان بارود کي ٽپائڻ مهل انهن کي وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو.

هيڏانهن بلوچ سنڌ هارس تي ڌڙا ڌڙ گولا وسائي رهيا هئا ۽ شڪار گاهه جي ساڄي پاسي کان بندوقن جا ٺڪاءِ مٿان ٺڪاءِ هئا. ڪي بلوچ سامهون اچي ائين گولي وهائي وڃن پيا ڄڻ اڳي پيا وڌندا اچن.

جيڪب جا جوابي حملا:

جيڪب پوءِ پنهنجي اصل جاءِ تي اچي جوابي حملا شروع ڪري ڏنا ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻنهي پاسن کان وقفي وقفي سان فائرنگ هلندي رهي، جنهن ۾ جيڪب جا ڇهه گهوڙا مارجي ويا پر پوءِ به سندس رجمنٽ بلوچن جا حملا برداشت ڪندي رهي.

انگريزن جو وڌيڪ ڪٽڪ پهچڻ:

نيٺ انگريز فوج جي هڪ وڏي ڪٽڪ به سنڌ هارس پويان اچي پوزيشنون سنڀاليون. اتان ٽي سؤ گزن جي فاصلي تي شڪار گاهه جي ڀت تي بلوچ بندوقون رکيون  بيٺا هئا.

جنرل نيپئر ناشتي کان پوءِ سپاهين کي وجهه وٺي پاسي اوسي ۽  پويان حملا ڪرڻ لاءِ چيو پر جيڪب ۽ فٽز جيرالڊ قلب کان ڪاهه ڪرڻ جو سوچي رهيا هئا. بلوچ فوج جا حملا جاري هئا پر گولا انگريز فوج کان پري ڪري رهيا هئا، جهٽ کان پوءِ شڪار گاهه جي ڀت کان بلوچن جي هڪ  سپاهي کان سواءِ سڀ غائب ٿي ويا.

هاڻي انگريز فوج توپون ساڄي پاسي کان ڦيرايون، ان جي ڀرسان ئي مدراس سيپرز جي هڪ ڪمپني هئي، نيپئر اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ته 22، 25، ۽ 12 رجمنٽ ۽ گرينڊيئر گارڊ اڳتي وڌيا ۽ ڀت تي ويٺل اڪيلي بلوچ سپاهيءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان ڪيرائي وڌائون. ٽي سؤ گزن کانپوءِ لشڪر کي ترسڻ جو حڪم مليو ۽ ڦليلي ۾ چار توپون لاهي ڪري بلوچن مٿان گولاباري شروع ڪئي وئي، گرمي به تيز هئي ۽ هاڻي بلوچن جون توپون به چپ هيون.

ميجر ويڊنگٽن (Waddingtion) لکي ٿو ته بلوچن مٿان اسان جي گولين جو وسڪارو هو پر پوءِ به نيپئر پاسن کان بچاءَ جي فڪر ۾ هو. هن شڪار گاهه واري ڀت کي سؤ گز ويجهو وڃي ڏسڻ کان پوءِ اطمينان حاصل ڪيو ته ان ۾ فائرنگ جي ڪري سوراخ نه ٿيا هئا.

اڳتي وڌڻ جو اعلان:

جيئن ئي انگريز فوج ۾ اڳتي وڌڻ جو بغل وڄايو ويو پيادن ۽ سوارن تيزيءَ سان پنهنجا قدم کنيا. ٻاويهين رجمنٽ هڪ دڙي کان هيٺ لٿي ته اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته ڦليلي  جي محاذ تي ڏهه هزار بلوچ چمڪندڙ تلوارن سان گڏ وڙهڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، هوڏانهن وچ ۾ واهه جي وٽ ۾ ڪي بندوقون تاڻي بيٺا هئا. ٻاويهين رجمنٽ کين ڏسندي ئي مٿن گوليون هلائڻ شروع ڪيون، بلوچ بندوقون ڇڏي مقابلي لاءِ آيا. پر انگريز فوج کين ڪناري تائين ڌڪي ڇڏيو.

انگريز سپاهين هڪ ٻئي پويان بلوچن مٿان گولين جو وسڪارو جاري رکيو. ساڄي پاسي کان مدراس سيپرز توپخاني جي مدد ۾ هئا. جنگ ۾ چار توپون ۽ ويهه پائونڊ گولو اڇلڻ واري توپ کي اڳيان آندو ويو. قبائلي شڪار گاهه ۾ هئا ۽ انهن جي گولين سان سيپرز، توپخاني ۽ ٻاويهين رجمنٽ کي گهڻو نقصان پهچي چڪو هو.

ڪپتان هٽ:

ان وچ ۾ ڪپتان (Hutt) شڪار گاهه جي ڀت ۾ سوراخ ڪري مير نصير جي فوج تي گولا اڇلايا جنهن سان ساڄو پاسو ڪجهه محفوظ ٿيو پر  ٻاويهين رجمنٽ جي هڪ ڪمپنيءَ جو سرواڻ ٽيو (Tew) مارجي ويو، ان جي باوجود به بلوچ اڳتي نه وڌيا. جيڪڏهن هو چاهن ها ته اڳتي اچي حملو ڪري انگريز فوجن کان توپون کسي سگهن پيا.

سنڌ جا سپاهي هر کڏي ۽ نالي ۾ بندوقن سان لڪيل ويٺا  رهيا.

گرينڊيئر گارڊز جا سپاهي جڏهن سلطان شاهه ڳوٺ کان نڪتا ته بلوچن سندن پنجاهه سوارن کي ڪيرائي وڌو. جيڪب جي سپاهين جو جاني نقصان گهڻو ٿي چڪو هو ۽ سندس پنهنجو گهوڙو به زخمي  هو.

ڦليلي جو ميدان:

ڦليلي وٽ پهچي جيڪب کي سامهون بلوچ بندوقن سان بيٺل نظر آيا ته پنهنجي ماڻهن کي تيزيءَ سان اتان پوئتي موٽڻ جو حڪم ڏنائين. هيڏانهن گرينڊيئر گارڊز جي ڪمانڊر ڪليبرن (Clibborn) به ڳوٺ تي حملو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن وٽ صرف 200 سپاهي هئا، پر پري کان فائرنگ ڪندو رهيو.

مياڻيءَ جي جنگ  زورن تي:

ڦليلي جي ڪپ تي جنگ تيزيءَ سان هلي رهي هئي ۽ بارود جو دونهون چؤ طرف ڦهلجي چڪو هو. منجهند مٿان گذري چڪي هئي ۽ گراب جي وسڪاري سان بلوچن جا لاش وڌندا پيا وڃن. بلوچن ڪي ئي ڀيرا تلوارن سان حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انگريزن جي قطارن کي ٽوڙي نه سگهڻ ڪري موٽي ويا.

ميجر ٽيز ڊيل (Teas Dale) ۽ ميجر جيڪس جي مارجڻ ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل پي فادر (Pee Father) جي شديد زخمي ٿيڻ جي باوجود به جنرل نيپئر پنهنجي فوج جي همت وڌائي رهيو هو.

مير نصير خان جون هدايتون:

مير نصير ٽالپور پنهنجي ڪمانڊر مير جان محمد کي زور سان حملي ڪرڻ لاءِ چيو پر نيپئر جي ايڊي ڪيمپ مان ليفٽيننٽ ميگ مرڊ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ اڳي اچي مير جان محمد کي ماري وڌو. مير جان محمد ٽالپورن جو ناليوارو سپهه سالار هو.

مير نصير جو نئون ڪمانڊر:

جان محمد جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ مير نصير شاهاڻي قبيلي جي غلام شاهه ٽالپور کي نئون ڪمانڊر ڪري رکيو.

ٽالپرن جي هار جا ڪارڻ:

ليمبرڪ ٽالپرن جي هارجا ڪارڻ ٻڌائيندي لکي ٿو ته:

جيڪڏهن بلوچ منظم هجن ها ۽ سندن  سردارن ۾ ٿڌي دماغ سان سوچڻ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ هجي ها ته ضرور ڪامياب ٿين ها، پر هو انهن خوبين کان عاري هئا. هو بنا ڪنهن رابطي جي پنهنجي طور الڳ الڳ (مياڻي جي جنگ ۾) ڪوششون ڪري رهيا هئا. انهيءَ انتشار جي باوجود به  انگريزن کي انهن سان مقابلو ڪرڻ ۾ وڏا رنڊا روڙڻا پيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org