سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 3

سنڌوماٿريءَ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترائي پٿر جا قديم اوزار لڌا ويا آهن. ائين معلوم ٿو ٿئي ته اُهي روهڙيءَ ۽ سکر جي هنڌن تان لڌل ابتدائي پٿر جي اوزارن جي سڌريل شڪل وارا اوزار آهن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي اوزار ماڻهن جي اُنهيءَ ٽولي جي استعمال جا اوزار هجن، جيڪي سڀ کان پهريائين روهڙيءَ جي هنڌ تي آباد ٿيا، ۽ جن پوءِ ٻين هنڌن تي پنهنجو اثر پيدا ڪيو هجي.

        پٿر جا گهڙيل ڊگها ۽ سنها ڦار، سنڌوماٿريءَ ۾ هڙاپا، موهن جي دڙي، آمري، ڪوٽ ڏيجيءَ ۽ انهيءَ زماني جي ٻين بستين مان حاصل ٿيا آهن، ۽ اُهي روهڙيءَ ۽ سکر وارن هنڌن جي پٿر جي صنعت جو حصو معلوم ٿين ٿا،  ۽ ٿي سگهي ٿو ته اُهي پٿر جي دور ۽ ڪُٽ جي دور جي تاريخ جي گم ٿيل ڪَڙي هجن. فيرسروس ڪُٽ جي دور کان اڳ واري دور جا انهيءَ قسم جا ٺهيل پٿر جا اوزار  ڪِڙي گل محمد (بلوچستان) ۾ لڌا آهن. هتان جا رهاڪو ڪچيءَ مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندا هئا، رڍون پاليندا هئا ۽ شايد کيتي به ڪندا هئا. ڪنهن مضبوط دليل جي نه هئڻ ڪري انهن جي تايرخ جو دور مقررڪرڻ مشڪل آهي، پر عام طور ڪِڙي گل محمد جي ڪلچر کي چار هزار سال مسيح کان اڳ جو ڪلچر چئي سگهجي ٿو، زوب ماٿريءَ ۾ شروعاتي آبادين جا ڪي نشان ملن ٿا. بلوچستان ۾ راڻا گندئيءَ ۾ آباديءَ جا پنج تَههَ دريافت ڪيا ويا آهن، جن تي اِسٽوئرٽ پگٽ تحقيقات ڪئي آهي ۽ انهن جا نالا آر. جي. 1 کان 5 تائين رکيا  آهن.  انهن تهن جون خصوصيتون هڪٻئي کان جدا جدا آهن، مثلاً آر. جي – 1 جا رهاڪو هٿ جا ٺهيل سادا ٿانو ۽ پٿر جا اوزار استعمال ڪندا هئا، جانور پاليندا ۽ جهوپڙين ۾ رهندا هئا. آر. جي – 2 جا رهاڪو چڪ تي ٿانو ٺاهيندا هئا، ۽ انهن تي پهريائين ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جو تهه ڏيئي، ان مٿان وري ڪاري رنگ جي مصالحي سان چٽسالي ڪندا هئا، جيڪا چٽسالي ڍڳي، هرڻ ۽ ڪاري نر چيتل جي تصويرن جهڙي هوندي هئي. هيءَ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته انهيءَ قسم ۽ اهڙين ئي تصويرن وارا ٿانو، حصار(ايران) جي تهه نمبر 1 مان لڌل ٿانون سان گهڻي مشابهت رکن ٿا، ۽  ظاهري طور اهو ناممڪن به نه آهي ته چار هزار سال قبل مسيح جي آخري اڌ صدين ۾ اُهي اثرات ايران کان بلوچستان پهتا هجن. بهرحال آر. جي – 3 ۾ تهذيب وڌيڪ ڪجهه ترقي ڪئي، ۽ اُتي پٿرن جي بنيل نشان تي ڪچين سرن جون ڀتيون ٺهيل ڏٺيون ويون. اُتي ٽامو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. مٽيءَ مان ٺهيل خوفناڪ شڪلين واريون عورتن جون مورتيون پڻ اتان هٿ آيون آهن، هتان جدا جدا رنگن وارا مٽيءَ جا برتن پڻ لڌا ويا آهن،  پر گهڻو تعداد هڪ رنگ جي ٿانو جو آهي. اُنهيءَ قسم جا مٽيءَ جا ٿانو هڙاپا جي ”شهر پناهه“ جي بنيادن مان به لڌا ويا آهن. چوٿين ۽ پنجين تهه جون باقياتي شيون سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان پوءِ جي دور سان لاڳاپا رکن ٿيون.

        ٻي مکيه دريافت ڪوئيٽا مان حاصل ٿيل مٽيءَ جا ٿانو آهن. انهن ٿانون جو تَرُ اڇاڻ مائل ڳاڙهو، ميٽائون ۽ سائيري رنگ جو آهي، جن جي مٿان هيڊي ۽ ڀوري رنگ جي مصالحي سان سڌيون ليڪايون ۽ ڪنڊائتيون شڪليون ٺهيل آهن، جيڪي، پروفيسر پگٽ جي خيال موجب ” تل باڪون (Tal-e-Bakun)، سُوسا تهه -1 (Susa 1)، گيان تهه 5  (Gaayen. 7) ۽ سيالڪ تهه -3  سان (Sialk.III) سان مشابهه آهن ۽ انهن جي تاريخ اٽڪل 3500 قبل مسيح آهي. آمريءَ جا ٿانو سنها آهن ۽ انهن جو تَرُ ميٽائون ۽ هلڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي ۽ انهن تي سِڌ ليڪايون شڪليون ٺهيل آهن. هي ٿانوَ سنڌوماٿريءَ جي تهذيبي دور جي ٿانون کان ٿورو اڳ جا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو ڪلچر جيڪو سنڌ ماٿريءَ جي تهذيب کان اڳ ۾ پيدا ٿيو، پر انهيءَ زماني تائي موجود رهيو، اُهو آهي نال جي قبرستان جو ڪلچر. هتي جُزوي ۽ مڪمل دفنائڻ جا نشان مليا آهن، پر جزوي دفنائڻ جو رواج عام ٿو معلوم ٿئي. انهن قبرن مان هيڊي يا سائيري خاڪي رنگ جا ٿانو مليا آهن، جن تي جدا جدا نمونن ۾ ڪاري، نيري، هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ جون ڊزائينون نڪتل آهن. هتان ٽامي جون پيٺل ڪهاڙيون ۽ چاقن جا ڦر به لڌا آهن.  ڪِڙي ماهيءَ (Kali Mahi) جا ٿانو خاڪي رنگ جا آهن، جن تي جانورن ۽ قدرتي منطرن جون تصويرون چٽيل آهن. اُهي ٿانو عراق جي شاهي گهراڻن جي دور کان اڳ واري دور جي ڳاڙهي رنگ جي مٽيءَ جي ٿانون سان مشابهت رکن ٿا ۽ اٽڪل ٻه هزار ڇهه سئو سال قبل مسيح جا آهن.

        ملطب ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب عراق جي سارغن يا سارگن جي عڪادي دور جي همعصر هئي. سارگن جو زمانو اٽڪل 2350 قبل مسيح چيو وڃي ٿو، ڇو ته ٻه  هزار سال مسيح کان اڳ سارگن جي پٽ ناراسن جي مرڻ بعد گوتي ۽ ٻيا قبيلا عراق ۾ ڪاهي آيا هئا.

        موجوده تحقيقات مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته ٻه هزار ٽي سئو سال مسيح کان اڳ ۾ سنڌو ماٿري هڪ وڏيءَ  حڪومت جو مرڪز هئي، جنهن جا ٻه گاديءَ جا هنڌ هئا، هڪ هڙاپا ، جو راوي جي مشرقي ڪناري تي واقع هو، ۽ ٻيو موهن جو دڙو، جنهن جي عظمت جا نشان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪريءَ جي اسٽيشن کان 6 ميل پري سنڌو درياءَ جي ڪناري تي موجود آهن. هڙاپا ۽ موهن جو دڙو غالبن هڪ ئي هڪومت جا ٻه همعصر گادي جا هنڌ هئا. هونئن ته هيءَ ڳالهه عجب جهڙي پيئي معلوم ٿئي. پر اهڙا مثال تاريخي دور ۾ پڻ ملن ٿا، جن ۾هڪ ئي حڪومت جا ٻه گاديءَ جا هنڌ هجن.

پروفيسر پگت انهن جي مشابهت ۾ ٻيءَ صديءَ عيسويءَ جي ڪشان عهد جي ٻن همعصر تخت گاهن ، پشاور ۽ مٿرا،  جو مثال ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح نائين صديءَ عيسويءَ ۾ مغربي پاڪستان ۾ عربن جي اقتدار جي زماني ۾ اُترينءَ حڪومت جو تخت گاهه ملتان( هڙاپا جي ڀرسان) ۽ ڏاکڻي حصي جو تخت گاهه ”منصوره“ (موهن جو دڙي جي ڀرسان) موجود هئا.

جاگرافيائي پس منظر

        سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جا مکيه مرڪز،اتر اولهه سرحدي علائقن ۽ ڪشمير کي ڇڏي، باقي ساري مغربي پاڪستان ۾ پکڙيا پيا آهن. تنهن ڪري انهن جي اڀياس ڪرڻ لاءِ ان علائقي جي جاگرافيائي پس منظر جو جائزو وٺڻ نهايت ضروري آهي.

        سنڌوماٿريءَ جو علائقو ايران ۽ افغانستان جي مٿانهين پٽ جي اوڀر ۾ آهي. پراڻي زماني کان ئي وٺي، سنڌو ماٿريءَ ۽ اُنهيءَ مٿانهين پٽ جي وچ ۾ تهذيبي ۽ واپاري تعلقات قائم رهيا آهن. هن سر زمين جي ڏکڻ اولهه ۾ پاڪستان جو سامونڊي ڪنارو، ايراني نار جي سامونڊي رستي ۽ عربي سمنڊ جي ذريعي سنڌوماٿريءَ کي ٻين ملڪن سان ملائي ٿو. اُتر ۾هماليا ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا جي ريگستان جي واقع هئڻ ڪري، هيءُ علائقو هڪ جاگرافيائي ايڪائي ٿي پيو آهي.

         اڄڪلهه بلوچستان جو علائقو ويران ٽڪرين، وڻن ٻوٽن کان وانجهيل مٿانهين پٽ ۽ خشڪ وارياسي رڻ پٽ وارو علائقو آهي. مڪران جي ڪناري کان وٺي ايراني سرحد جي آخري مقام گوادر تائين ٽن سَون ميلن جي علائقي ۾ رڳو واريءَ جا دڙا آهن. انهيءَ ڪناري واري پٽي جي مٿي کان، اُتر کان ڏکڻ ، ست هزار فٽ بلند پهاڙن جو هڪ گهاٽو سلسلو آهي. انهيءَ سلسلي جي وچ ۾ نال، حب ۽ ٻين دريائن جون ماٿريون آهن. اُن جي اُتر ۾ خاران ۽ قلات جا مٿانهان علائقا آهن، جن ۾ بال گتر گدر ۽ جهالاوان جا خشڪ ميدان ۽ رخشان ۽ سرچشمي جون ماٿريون آهن. انهيءَ جي اُتر ۾ وري پشين، شبستان ۽ هلمند جا خيابان آهن. هتي ماران پهاڙ ۽ ٻيا پهاڙ به آهن، جي ڏهه هزار فوٽن تائين بلند آهن. ٿورو پري، ڪوئيٽا جو شهر بولان لڪ جي مٿان اُن پراڻي رستي تي بيٺل آهي، جو  قنڌار کي سنڌو ماٿريءَ سان ملائي ٿو.

         سنڌ ۾ سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج مان نڪتل واهن مان جي علائقا سيراب ٿين ٿا، انهن کي ڇڏي، باقي سڄو علائقو خشڪ ۽ غير آباد پيو آهي. ڪراچيءَ کان مٿان کيرٿر ٽڪرين جون قطارون آهن، جن جي ماٿرين ۾ ڪٿي ڪٿي قدرتي چشمن جي ڪري ڪي خيابان آباد آهن. اُتر ۾ لاڙڪاڻي جي ڀرسان زمين ۾ ڪلر گهڻي انداز ۾مليل آهي. گرمي پڻ بيحد سخت ٿئي ٿي، ايتري قدر جو وڻن جي ڇانوءَ هيٺ به گرميءَ جو پارو 120 ڊگريءَ تائين هوندو آهي. سج جي گرميءَ ڪري زمين جي آلاڻ اُڏامي وڃي ٿي، جنهن ڪري زمين جي تهه تان سنهيءَ مٽيءَ ۽ دز جا ڪڪر ٿوريءَ هوا تي به اڏامندا رهن ٿا. ڪٿي ڪٿي جهنگلي وڻ ٻوٽا ۽ ڪنڊ ٿئي ٿي، نه ته ٻيو ٿيو خير.

        اهڙيءَ سرزمين ۽ اهڙيءَ آبهوا ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جهڙا شاندار شهر، جن جي آبادي ٽن ٽن ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل سمجهي وڃي ٿي،آباد ٿين، اها اعتبار جوڳي ڳالهه ئي نه آهي. تنهن ڪري اها ڳالهه مڃڻي ٿي پوي ته اُنهيءَ دور ۾ هن سرزمين جي فضا سازگار ۽ آبهوا موافق ۽  جاگرافيائي حالات ضرور بدليل هوندا.

        اچو ته ڏسون ته هِن علائقي جو باقياتي پس منظر اُن جي اڄ کان پنج هزار سال اڳ جي جاگرافيائي حالت جي اندازي لڳائڻ ۾ اسان جي ڪهڙي مدد ٿو ڪري.

        سنڌو ماٿريءَ کان وڌيڪ بلوچستان جي قديم آبهوا جي باري ۾ اسان کي شاهديون ۽ نشان ملن ٿا. مڪران، فاران ۽ جهالاوان جا علائقا، جي ڏکڻ بلوچستان ۾ آهن، ۽ جتي تاريخ کان اڳ جي ڪيترين ئي آبادين جا نشان ملن ٿا، اُهي اڄڪلهه ڏاڍا غير آباد علائقا آهن. فاران ۾ ته هڪ ميل جي ايراضيءَ ۾ سراسري طور ٻه ماڻهو آباد آهن ۽ اُنهيءَ آباديءِ جو به چڱو موچارو حصو خانه بدوش قبيلن جو آهي. اُهي ”بستيون“ جن جي باري ۾ اسين لکي رهيا آهيون، اڄ اُجڙِيل غير آباد دڙن جي شڪل ۾ ڏسجن ٿيون، ۽ انهن جي مٿان مٽيءَ ۽ ٺڪرين جا ڍير موجود آهن، پر اُهي ساڳيون ويران ۽ غير آباد بستيون ڪنهن زماني ۾ صدها سال لاڳيتو آباد ۽ وسندڙ هيون.

        ڪولوا جي علائقي ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي قديم آباديون دريافت ٿيون آهن، ۽ اڄ به اُهي علائقا مڪران جا سڀ کان زرخيز علائقا شمار ٿين ٿا. جڏهن  هِتي مينهن پوندو آهي، تڏهن اڄ به هِتي اَنُ ايترو گهڻو ٿيندو آهي، جو ٻاهر موڪليو ويندو آهي. پر اهڙا مينهن هاڻي هتي ڪڏهن ڪڏهن ئي پوندا آهن ۽ کيتيِِءَ جا اهڙا سهڻا موقعا اتفاق سان ئي هنن ماڻهن کي حاصل ٿين ٿا ۽ جيئن ته ماڻهو هميشه رڳو  قدرت جي ههڙيِءَ اتفاقيه مهربانيءَ ۽ فياضيءَ تي ئي نٿو لڳي سگهي، تنهن ڪري هِتان جي گهڻي آبادي خانه بدوش قبيلن جي آهي ۽ ان کان سواءِ هنن لاءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونهي. جيڪڏهن اسين اِئين چئون ته موجوده وقت ۾ خانه بدوشي سندن هڪ پيشو ٿي پيئي آهي، ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته کيتيءَ جي ڪم لاءِ غير يقيني ۽ ناساز گار حالتون هِنن ماڻهن کي اِنهيءَ لاءِ مجبور ٿيون ڪن ته هو سياري ۾ ، پنهنجي پيٽ قوت لاءِ سنڌ جي آباد ميدانن ڏانهن لڏي وڃن. سنڌ جي ميدانن ۾ اهڙيءَ طرح هو انهن سرد برفبار هوائن کان به بچن ٿا، جي سياري ۾ انهن علائقن ۾ لڳنديون آهن. وري جڏهن سنڌ ۾ گرمي جي موسم شروع ٿئي ٿي، ته هو بچايل رقم مان کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻيون ضرورت جون شيون خريد ڪري واپس وطن ورن ٿا. جيڪڏهن هو اِها مندائتي لڏپلاڻ نه ڪن، ته ٻن ٽن سالن ۾ ئي وٽن ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي پون.

        اِهو ته صاف ظاهر آهي ته اِها مندائتي لڏپلاڻ ۽ خانه بدوشي ته اهڙا وڏا وڏا ٺُل ۽ دڙا پيدا نٿي ڪري سگهي، جيڪي ڪٿي ڪٿي ته سئو سئو فوٽ اوچا آهن. هي ٺُل ۽ دڙا دراصل انهيءَ ڳالهه جو ڀرپور ثبوت پيش ڪن ٿا ته هتي هڪ وڏي عرصي تائين مستقل بستيون آباد هونديون هيون، ۽ تاريخي دور کان اڳ هتي جا ماڻهو لازمي طرح کيتيءَ تي گذران ڪندا هوندا ۽ اُهي هِنن علائقن ۾ مستقل طور رهندا هوندا، جتي اڄ انسان جي شڪل ڪٿي ڪٿي مس ٿي نظر اچي.

        بلوچستان جي باقياتي نشانن جي کوجنا ڪندي، سر آريول اِسٽائن ۽ ٻين آثار قديمه جي ماهرن جي سامهون هتان جي آبهوا ۽ آباديءَ جو مسئلو به رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اُنهن پٿرن جا ٺهيل ڪيترائي نقلي بند ۽ لهوارا چبوترا، جن کي جهالاوان جي علائقن ۾ ”گبربند“ چوندا آهن، انهن جي تعمير جو زمانو الائجي ڪهڙو هو، پر اسٽائن جي خيال موجب برساتن جي گهڻائي هِنن بندن ۽ چبوترن جي ٺهڻ جو ڪارڻ اهي، ۽ انهن جي تعمير مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته انهن علائقن ۾ ماڻهن جي آبادي به گهڻي تعداد ۾ هوندي، ڇو ته مُٺ  ماڻهن جي لاءِ اهڙي قسم جا بند تعمير ڪيا نه ويندا آهن. مشڪائي درياءَ ۾ پٿرن جو ٺهيل هڪ بند ڏٺو ويو آهي، جو مٿانهينءَ تان ايندڙ پاڻيءَ کي روڪي کيتن ڏانهن وهائي ڇڏيندو هو. اهڙِيءَ طرح مڪوريان لڪ جي ڀرسان هڪ ڏاڍو وڏو بند لڌو ويو آهي. هيءُ 12 فوٽ بلند ۽ 348 وال ڊگهو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ٺاهيو ويو آهي، جو ڪافي جهجهي پاڻيءَ کي اڳتي وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو. انهيءَ بند جي اوساريءُ ۾ 3x4x2 ½    فوٽن جي پٿرن جي بلاڪ استعمال ڪيل آهن. انهن بلاڪن  جي پٺيان مٽيءَ جو ڀراءُ ڏنل آهي. ساڳئيءَ طرح رخشان درياءَ جي ڪناري، پنجگر کان ست ميل پري، پڻ هڪ وڏو  ڊگهو بند ٺاهيو هئائون. انهن جي تعمير جو زمانو خبر ناهي ته ڪهڙو آهي، پر انهن جي موجودگي صاف ٻڌائي ٿي ته ان دور ۾ هتي ڪافي مينهن پوندا هوندا.

        سنڌو درياءَ مان واهه ڪڍي، آبپاشي ڪئي وڃي ٿي. بهار جي مند ۾ هماليه جبل جي برف ڳرڻ ڪري، پاڻي گهڻو وڌي وڃي ٿو، ۽ جڏهن گهڻا مينهن پون ٿا ته تڏهن سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏون اچن ٿيون. موجوده دور ۾ ته هن پاڻيءَ جو گهڻو حصو واهن جي رستي نيڪال ڪيو وڃي ٿو، پر پراڻي زماني ۾ ته اهڙا واهه ڪو نه هئا، تنهن ڪري سنڌو درياءَ ۾ اڪثر وڏيون ٻوڏون اينديون هونديون--- جيئن نيل درياءَ ۽ دجله ۽ فرات ۾اينديون هيون. نه فقط ايترو، پر ڪنارن سان بندن جي موجود نه هئڻ سبب، هن درياءَ اڪثر پنهنجا رخ پئي بدلايا هوندا. سنڌو ماٿريءَ جي مختلف قديم بستين جي نشانن مان انهيءَ ڳالهه جي يقيني هئڻ جون ڪافي ثابتيون ملن ٿيون.

ان سلسلي ۾ منڇر ڍنڍ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جا سنڌو درياءَ ۽ بلوچستان جي کيرٿر جي ٽڪرين جي وچ ۾ جوهيءَ جي ڀرسان آهي. هيءَ ڍنڍ اٽڪل اٺ ڏهه ميل ڊگهي ۽ ايتري ئي ويڪري آهي. پر جيئن ته سنڌو درياءَ  ۽ اونهائين ٽڪرين مان نڪرندڙ نَئينُ جو پاڻي به هِن ۾ اچي پوي ٿو، تنهن ڪري سانوڻيءَ جي موسم ۾ هيءَ ڍنڍ ٻن سون چورس ميلن تائين پکڙجي ويندي آهي. پر اُن جي اونهائي ڪٿي به ڏهن فوٽن کان وڏيڪ نه ٿي رهي. مجمدار پنهنجيءَ باقياتي کوجنا ۾ انهيءَ ڍنڍ جي چئن ئي پاسن کان پکڙجندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي حدن لڳ تاريخي دور کان اڳ جي ڪيترين ئي بستين جا نشان لڌا آهن.

        مٿين شاهدين ۽ ثابتين مان گهٽ ۾ گهٽ هِن ڳالهه جو صاف اندازو ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ هن علائقي ۾ گهڻي بارش پوندي هئي. گهڻيءَ بارش جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته انهن شهرن جي تعمير پڪ سري آهي. هنن بيشمار سرن کي پچائڻ لاءِ لکين مڻ ڪاٺيون ٻريون هونديون. هِتي هاڻي جيڪي ڪَنڊوان وڻ ملن ٿا، انهن جو ٻارڻ هن ڪم لاءِ بيڪار آهي. پٿر جو ڪوئلو تنهن زماني ۾ اڃا دريافت ڪو نه ٿيو هو. انهيءَ ڪري اهو مڃڻو ئي پوي ٿو ته گهربل جلائو ڪاٺ آسپاس جي جهنگلن مان حاصل ڪيو ويو هوندو، ۽ جهنگ تڏهن ئي پيدا ٿيندا ۽ وڌندا آهن، جڏهن مينهن ڪثرت سان پوندا هجن. پر جيڪڏهن اِهو تسليم ڪيو وڃي ته گهربل جلائو ڪاٺ هماليه جبل جي پاسي وارن جهنگلن مان هٿ ڪيو هوندائون، ته پوءِ به پنهنجي خشڪ علائقي ۾ ايتري مٿا ڪٽ ڪري ۽ ڪشٽ سهي، هنن جو ايڏا پڪا گهر ٿي اڏيا، اُن جو ڪو معقول سبب سمجهه ۾ نٿو اچي، خاص طرح تڏهن جڏهن انهيءَ زماني ۾ ٻين علائقن ۾ ڪچين سرن ۽ گاري ۽ پتر جي گهرن جو رواج هو. پڪ سرا گهر اُتي اڏيا ويندا آهن، جتي مينهن گهڻا وسندا هجن.

        هن علائقي ۾ ان زماني ۾ گهڻي مينهن پوڻ جو ٻيو ثبوت اُهي ناليون آهن، جي گهڻو ڪري هر ڳليءَ ۽ سڙڪ ۽ گهر ۾ موجود ڏٺيون ويون آهن. تنهن کان سواءِ هر گهر ۾ غسل خاني جي موجودگي به انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته هتي پاڻي جام هو.

        ان کان سواءِ سنڌو ماٿريءَ جي علائقن مان لڌل مهرن تي، جن جانورن جون شڪليون چٽِيل آهن، انهن مان ڪيترا اهڙا آهن، جيڪي خشڪ آبهوا وارن ملڪن ۾ نه هوندا آهن. انهن مُهرن تي گهڻو ڪري هاٿي، گينڊي، سانَ ۽ شينهن جون شڪليون چٽيل آهن اهي سڀ جانور گرم ۽ گهميل آبهوا جا رهواسي آهن.  ۽ اِهو خيال ڪرڻ ته اُنهن جون تصويرون ٻين ملڪن ۾ هاٿي، گينڊا، سانَ ۽ شينهن ڏسي ڪڍيون ويون آهن، انهيءَ ڪري به درست نه آهي، جو هتان جي ڪاريگرن اهڙي فن سان ۽ پڻ گهڻي انداز ۾ انهن جون شڪليون چٽيون آهن، جو اها ڳالهه مشڪل ٿي نظر اچي ته اُهي اُنهن جانورن جون هونديون، جي هنن جي پنهنجي ملڪ ۾ موجود نه هجن ۽ وري عجب ته تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن ريگستاني جانور اُٺ، جو اڄ سنڌ جو ڪارائتو جانور آهي، اُنهن جي ڪاريگريءَ جو موضوع بلڪل نه بنجي سگهيو آهي.


* (1) Khan, Dr. F.A. – Kotdiji, Preliminary Report on Kotdiji

      Excavation”, 1956- 58, Karachi

(1) Piggott, Stuart – Prehistoric India, P. 150

(1) Wheeler – R.E.M. – Five Thousand Years of   Pakistan, P.30

(1)  تاريخ يا آثار قديمه جي کوجنائن مان هماليه طرف ڪنهن اهڙيءَ قوم جي موجود هئڻ جي ثابتي ڪانه ملي سگهي آهي،جيڪا اتان جلائو ڪاٺ ڪپي، سنڌو درياءَ جي وهڪري جي مدد سان موهن جي دڙي يا هڙاپا تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندي ٿي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org