سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 14

ڌنڌا: جيڪي باقياتي نشان اڄ تائين لڌا آهن، تن  مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا صاحب علم شخص رڳو پنڊت، ويد، نجومي ۽ جادوگر هئا. حاڪمن ۾، حڪومت کي هلائڻ وارا عملدار ۽ شهر جي انتظام کي سنڀاليندڙ ٻيا ملازم هئا. هتي هڪ واپاري قوم آباد هئي. گهڻو ڪري ماڻهو ڪاريگر ۽ هنرمند هئا. هتي ڪڙمين، مهاڻن، ملاحن، ڳنوارن، ريڍارن، ڪوچوانن، گهر  جي ڪم ڪار ڪرڻ وارن نوڪرن، سونارن، عقيق ۽ عاج جي ڪاريگرن، ڪنڀرن، رانديڪن ٺاهڻ وارن ڪاريگرن، ٺاٺارن، رازن، مزدورن، ڪاٺيرن، سگ تراشن ۽ مهرن ٺاهڻ وارن جي موجودگيءَ جا ڪي نه ڪي نشان ۽ شاهديون موجود مليون آهن (1) .

مذهب

بت پرستي، شجر پرستي، حيوان

پرستي ۽ ٻيا مذهبي عقيدا

        سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين جي مذهبي عقيدن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ کان اڳ ٻن ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ ضروري ٿي ٿو پوي. هڪ اِها ته سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن به بستيءَ مان اهڙو ڪو ئي به دستاويز، ڪتبو يا تحرير نه لڌي آهي، جنهن جي آڌار تي اُتان جي ماڻهن جي مذهبي عقيدن جي باري ۾ ڪو ئي يقيني فيصلو ڪري سگهجي. تنهن ڪري انهن بستين مان لڌل مجسما، مهرون پٿر ۽ نقش ئي انهيءَ ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿا، ۽ اِهي ئي انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي قياس آراين جا آڌار آهن. ٻي مکيه ڳالهه اِها آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير هند ــ پاڪ ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي.  پر حيرت آهي، جو اُهي لڌل باقياتي نشان بر صغير هند ــ پاڪ جي جن تمام پراڻن مذهبن ۽ عقيدن تي روشني وجهن ٿا، انهن عقيدن جو چڱو حصو ويدڪ لٽريچر ۽ ويد جي زماني جي پوءِ جي ادب ۾ به اسان کي ملي ٿو. آرين جي شروع جي عقيدن جي خبر اسان کي سندن قديم ترين ڪتاب ”رگ ويد“ مان پوي ٿي، جنهن جي لاءِ مغربي لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته اُهو صحيفو 1500 ۽ 1000 ق.م جي وچ ۾ لکيو ويو آهي. ان ڪتاب جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته انهن ماڻهن جي پوڄا جو طريقو حمد ۽ ثنا (ڀڄنن) ۽ قربانين (يُگه ۽ ڀيٽا) تائين محدود هوندو هو. انهن جو هي به خيال هو ته فطري طاقتن ۾ به روح رهي ٿو، ۽ انهن فطري طاقتن کي هُنن انساني شخصيت ۽ صورت پڻ ڏئي ٿي، جنهن مان هُنن جي ڪثرت پرستيءَ  ڏانهن لاڙي جي به خبر پوي ٿي. هُنن جي مذهبي خيالن ۾ تجسيميت (2) موجود ملي ٿي ـــ جيئن ته هنن وٽ آسمان (ديوس) انساني شخصيت جو مالڪ هو، ۽ اهڙيءَ طرح هنن سج جي ڪرڻن کي هن جو هٿ ۽ باهه (اگني) جي شعلن کي هن جي زبان سمجهيو ۽ سڏيو. هنن جي سامهون مينهن جو ديوتا (اندر) ته پوريءَ طرح انساني شخيت جو مالڪ هو.

        ڪن محققن جو چوڻ آهي ته آريا اڻ سڌريل ۽ وحشي هئا، پر جنگي جوڌا هئا. هنن جڏهن برصغير هند ــ پاڪ تي حملو ڪيو، تڏهن هتان جي جا رهاڪو، جي نهايت ئي سڌريل ۽ سٻاجها ۽ امن پسند هئا، سي هنن جي حملي کي منهن  ڏيئي نه سگهيا ۽ هٿيار اُڇلائي ڇڏيائون. جنگ کان پوءِ جڏهن فاتح ۽ مفتوح ميل ميلاپ شروع ٿيو، تڏهن جيتيل قوم جو بلند اخلاق ۽ انهن جي تهذيب آرين جي وحشيپڻي تي اثرانداز ٿيڻ لڳي. تان جو ٻيئي قومون ملي هڪ ٿي پيون ۽ هنن جي سنجوڳ مان ” هندومت“ جو بنياد پيو، جنهن جا  اڪثر عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي عقيدن سان ملن جلن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اِهو محققن جو خيال صحيح هجي، پر هن مهل تائين جيڪي به آثاري شاهديون لڌيون آهن، اُنهن مان ته اِهو معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪو آريا يا غير آريا يا ٻيا ڪي مقامي رهواسي ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ رهيا ۽ آباد ٿيا، ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا ثقافتي رشتا ناتا قائم ٿيا، وغيره، جو اُهي هڪٻئي تي اثرانداز ٿيا هجن. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته تاريخي نقطي نگاهه کان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي برباديءَ ۽ آرين جي آمد جي زماني ۾ هڪ نامعلوم فال آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ اڃا وڌيڪ تحقيقات جي ضرورت آهي.

        سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن به بستيءَ ۾ نه ته ڪو ئي مندر مليو آهي، ۽ نه ڪو عبادت خانو. موهن جي دڙي جو اسٽوپا برابر هڪ مذهبي عمارت آهي، پر هيءَ 200 سال مسيح کان پوءِ جي تعمير آهي، ۽ اُن جو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان  ڪو ئي واسطو ڪونهي. تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هتان جي ماڻهن جو ڪو عبادت خانو هوندو به، ته اُهو اسٽوپا جي هيٺان دفن هوندو، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته زورآور قوم پنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري هار کاڌل قوم جي عبادت خانن مٿان پنهنجن عبادت گاهن جو بنياد رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اسٽوپا ڪري يا تباهه ٿئي، تڏهن اسان سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جا عبادت خانا لهي سگهون.

        بت پرستي: سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو بت پرست هئا. هتان جي هڪ ديويءَ جو بت گهڻن هنڌن تان لڌو ويو آهي، جنهن کي رڳو چيلهه مٿان ڪپڙي جي پٽي ٻڌل آهي، باقي سڄي عريان آهي. اِنهن بتن جي ڳچيءَ ۾ زيورن جون مالهائون تمام گهڻيون پيل آهن. سندن مٿن تي وڃڻي جي شڪل جو هڪ انوکو اوڍڻو پيل ڏسجي ٿو، ۽ ڪنن وٽ ڪٽورين جهڙا ٻه ڍڪ الڳ ڳنڍيا ويا آهن. ڪن بتن جي هِنن ڪنن جي ڪٽورين ۾دونهين جا نشان ڏٺا ويا آهن،جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته لوبان يا ڪنهن ٻيءَ سڳنڌ واريءَ شيءِ جو واس ڌرپ ڏيندا هئا، ته ديويون خوش ٿين ۽ پوڄارين جي دل جا عرض اگهائين. هِنن مجسمن جي پٺي سنئين سڌي نه آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته گهرن جي ڀتين ۾ يا طاقن ۾ انهن مورتين کي مٽيءَ سان ليپي بيهاري ڇڏيندا هئا. انهن مجسمن کي ”ڌرتي ماتا“ يا ” ماتا ديوي“ جا بت سڏيو ويو آهي (پليٽ نمبر 18 ــ الف).

        بلوچستان ۾ ٻن قسمن جون مورتيون لڌيون آهن، جي سنڌو ماٿريءَ جي مورتين کان ٿورو ٻئي نموني جون آهن. هنن مورتين کي رڳو مٿو ۽ ڌڙ آهي. پير ڪو نه اٿن. هيٺيون حصو سڌو سنئون لسو اٿن. اهڙي نموني جون مورتيون ” مائي نان“ ۾ به لڌيون آهن. سر آريول اسٽائن ’ ڪلي‘ ۽ ’ماهي‘ مان جيڪي مورتيون ڳولي لڌيون آهن، تن جا منهن جهرڪين جهڙا سنها ۽ نوڪدار اهن؛ هارن جا ڍڳ ڳچين ۾پيل اٿن، انهن جا هٿ چيلهه تي يا سيني مٿان رکيل آهن ۽ گهڻا ظاهر نه اٿن. ٻئي قسم جون مورتيون زوب ۾ مغل گندئي ۽ پيريانو گندئي وغيره هنڌن تي لڌيون ويون آهن. انهن جي مٿي تي هڪ قسم جو پوش پاتل آهي ۽ڳلي ۾ تمام گهڻا هاري پيل اٿن. انهن جي شڪل جهرڪين جهڙي نوڪدار نه پر چپتري ۽ بيحد بڇڙي ۽ بي ڍنگي آهي. سندن پيشانيون ٻاهر نڪتل ۽  اکيون اندر پوريل ۽ وات ڏنگو ۽ چٻو اٿن. پير ته اٿن ئي ڪو نه. پيرن جي نه هئڻ مان اهو خيال ظاهر ڪيل ٿو ڀائنجي ته ڄڻ ڌرتي ماتا دنيا جي پيٽ مان جنم وٺي رهي آهي. ڪي بت ائين ٿا لڀن ڄڻ ته ڪا مائي اٽو ڳوهي رهي آهي، يا مانين جو ڇٻو ڪڇ ۾ کنيو ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته اهي بت صرف ٻارن جا رانديڪا هجن ۽ انهن سان ڪا مذهبي عقيدت شامل نه هجي. ڪي بت وري اهڙا آهن جهڙو ڪنهن مائيءَ کي ڪڇ ۾ٻار هجي، يا ڪا مائي ويم جي حالت ۾ هجي. ممڪن اهي ته اهڙيون مورتيون ويم جي وقت ديوتائن کي ڀيٽ ڏيڻ لاءِ ٺاهيون ويون هجن، ڇو ته موجوده زماني ۾ به بر صغير هند ــ پاڪ جي ڪن علائقن ۾ گرڀونتي زال ۽ سندس ٻار جي حفاظت لاءِ پاڪائيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، ۽ خراب ۽ ناپاڪ روحن کان امان پائڻ لاءِ ڪي ٽوڻا ۽ ٽوٽڪا به ڪيا ويندا آهن.

        بر صغير هندـ پاڪ ۾ ” ماتا“ جو تصور قديم زماني کان وٺي هڪ بنيادي عقيدو رهيو آهي. جنهن ڌرتي تي انسان رهي ٿو، اُها ڌرتي هن جي حياتيءَ جي بقا لاءِ هن کي هڪ مهربان ماءُ وانگر ان جل ڏئي ٿي ـــــ تنهن ڪري اوائل کان وٺي زمين جي پوڄا شروع ٿي ۽ پوءِ ان کي ” ڌرتي ماتا“، ” ماتا ديوي“ ” مادر فطرت“ وغيره جي نالي سان سڏڻ لڳا. اهو عقيدو هڪ عام خيال بنجي چڪو آهي؛ ان جي نوعيت ۾ ٿورو گهڻو خيالي اختلاف آهي، پر ان جي همه گيريءَ ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪونهي. ماتا جون مورتيون ايران، ڪوچڪ، شام، ايلم، ميسوپوٽيميا، فرانس، ڪاڪيشيا، ايشيائي ڪوچڪ، ايجين، فلسطين، سائپرس، ڪريٽ، بلقان، مصر، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود مليون آهن.

        بر صغير هند ــ پاڪ ۾ ماتا جا مندر ۽ عبادت خانا اڄ به تقريبن هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ موجود آهن. ڪن ڳوٺن ۾ ڪي خاص ديويون ٿين ٿيون، جن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي. ماتا کي ” پراڪرتي“ (فطرت) جي برابر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي وڌيڪ ترقي يافته صورت ” شڪتي“ آهي، ۽ ان جا نمائندا وري ”گداما ديوتا“ سڏجن ٿا. اِهي الڳ الڳ نمونن جون ديويون دراصل هڪ ئي طاقت جا جدا جدا روپ آهن. انهن مان ڪي تباهي آڻيندڙ آهن، پر ساڳئي وقت جنن ڀوتن ۽ بدروحن کان آجو به اِهي ئي ڪن ٿيون. اهي مهربان هجن، ته انساني نسل وڌي ٿو ۽ حياتيءَ جو هر سک انهن جي رضا سان آهي. ماتا جو تصور آرين کان گهڻو اڳ جو آهي. گڏيل هندستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آرين ماتا ديويءَ يا ڪنهن به ٻيءَ ديويءَ جي مورتيءَ کي ايتري اهميت ڪڏهن ڪا نه ڏني. ويدڪ ديومالا ۾ ديوين جي مورتين جي ايڏي اهميت بيان ڪيل نه آهي. آرين وٽ اوليت ۽ اُلوهيت اها ئي ديوتائن کي حاصل رهي آهي. ديوين کي رڳو ان ڪري پوڄيو ٿو وڃي، جو هو ڪنهن نه ڪنهن ديوتا جون پياريون يا شريمتيون آهن. آرين جي ماتا ”پرٿوي“ ، سنڌو ماٿريءَ جي ماتا يا قديم ” مادر ارض“ کان جدا طاقتن جي مالڪ آهي. اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي ته آرين وٽ ماتا جي پوڄا جي سربراهي برهمڻن جي نه پر شودرن جي سپرد ڪئي ويندي آهي.

        سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۾ ” ماتا“ مان عقيدت جي شاهدي هڪ چورس مهر مان به ملي ٿي ( پليٽ نمبر 21 ــ 1)، جنهن ۾ هڪ عورت جي شبيهه مٿو هيٺ ۽ پير مٿي ڪيو بيٺي آهي، ۽ سندس رحم مان وڻ نڪري رهيو آهي. اها مورت مهر جي پٺيان کاٻيءَ ڪناريءَ تي اُڪريل آهي. ان جي ساڄِيءَ  ڪناريءَ تي تصويري تحرير جي چئن اکرن کان پوءِ ٻن راڪاسن جي شڪل ٺهيل آهي. مهر جي ٻئي پاسي به ساڳئي تصويري تحرير آهي، ۽ ڀرسان هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي تصوير اُڪريل آهي، جنهن ۾ مرد جي هٿ ۾ ڏاٽي جي شڪل جو چاقو آهي، ۽ عورت هن جي اڳيان مٿي هٿ ڪيو ويٺي آهي ـــ ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ عورت مرد کان جان جي امان ٿي گهري ۽ مرد هن کي قتل ڪرڻ ٿو چاهي. هن مهر جي ڏسڻ سان هيءُ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ان ۾ انساني قرباني ڏيکاريل آهي ۽ ان عورت جو ڌرتي ماتي جي اڳيان ٻليدان ڏنو پيو وڃي .

        ڌرتي ماتا سان گڏ هڪ ديوتا جي مورتي به سنڌو ماٿريءَ ۾ گهڻي ڏٺي ويئي آهي. سر جان مارشل کي ان کي شِو سان مشابهت رکندڙ چئي ٿو. ممڪن آهي ته سنڌو ماٿريءَ وارا ان جي ڪنهن ٻئي نالي سان پوڄا ڪندا هجن. پر هندو ديومالا ۾ شو کي هڪ خاص درجو حاصل آهي، ۽ ڪيتريون خاصيتون هن جي مورتيءَ سان وابسته آهن. هڪ مهر مٿان هن جي شڪل تمام صاف ۽ چٽي اُڪريل آهي (پليٽ نمبر 19 ـــ 4) ، جنهن ۾ هن جا ٽي منهن آهن، ۽ هو هيٺان هڪ چوڪيءَ تي آسن ڄمايو ويٺو آهي. ان تصوير ۾ شو جا ٻئي سٿر ۽ مُرا مڙيل، گوڏا اونڌا، کڙيون وري پاڻ ۾ مليل ۽ پيرن جا آڱوٺا ٻاهر نڪتل ۽ مڙيل ڏيکاريا ويا آهن. سندس ڪرائيءَ ۾ ڏئونري تائين اٺ ننڍيون ۽ ٽي وڏيون چوڙيون پاتل آهن. ٻه وڏيون چوڙيون هيٺ ۽ مٿي هڪ وچ ۾ آهي، ٻن وڏين چوڙين جي وچ ۾ چار ننڍيون چوڙيون آهن. ڪلها ويڪرا ۽ هٿ ۽ آڱوٺا گوڏن تي رکيل اٿس. گلي ۾ پاتل هارن سان سينو سڄو ڀريل اٿس. چيلهه تي لنگوٽ ٻڌل اٿس. مٿي تي ٻن سڱن جي وچ ۾ هڪڙي ڊگهي مينڍي اٿس. مينڍيءَ جي کاٻي پاسي هڪ چيتو ۽ ٻئي پاسي هڪ سانهه ۽ گينڊو کيس گهيري بيٺا آهن. چوڪيءَ جي هيٺان ٻه هرڻ بيٺل آهن، جن جا مُنهن هڪ پاسي مڙيل هئڻ ڪري سندن سڱ هڪٻئي سان ملي ويا آهن. مُهر جي مٿان ستن اکرن ۾ هڪ عبادت لکيل آهي، جنهن جو آخري لفظ جاءِ جي ڪميءَ ڪري کاٻي پاسي هاٿيءَ ۽ چيتي جي شڪلين جي وچ ۾ لکيل آهي.

        انهيءَ مُهر تي ديوتا جون گهڻيئي خاصيتون ظاهر ٿين ٿيون. هڪ ته هن جا ٽي منهن آهن ــــ يعني ” ترمُکو“ آهي. تاريخي دور ۾ شو، هڪ، ٻه، ٽي، چار ۽ ڪڏهن ته پنج منهون ديوتا ڪري به ڏيکاريل آهي. پر اکيون هميشه ٽي رهيون اٿس. ٽين اک ” تري لوچن“ نرڙ ۾ ڏيکاري ويندي اٿس. ۽ عقيدو اٿن ته جڏهن هي پنهنجي ٽين اک کوليندو  آهي، تڏهن اُن مان باهه نڪرڻ لڳندي آهي، جا هر شيءِ کي ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ اک جي غضب ڪام ديوتا ( عشق جي ديوتا) کي به ساڙي ڇڏيو هو، ۽ انهي سبب ڪري اُهو يعني ڪام ديو ” ان انگ” ( جسم جو سڙيل ) به سڏيو ويندو آهي. شو، وشنو ۽ برهما جي ” ٽي مورتي“ مائونٽ ابُو جي ڀرسان ديونگنا، آراڪان، بيلگام، چتور ڳڙهه ۽ ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تان لڌي آهي. اها تثليث بر صغير هند ــ پاڪ جو نهايت پراڻو عقيدو رهيو آهي، البت ان سان تعلق رکندڙ فلسفيانه نڪتا تاريخي دور جي پيداوار آهن. حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ عقيدو رڳو هن بر صغير تائين ئي محدود نه آهي، بلڪ ڪنهن  نه ڪنهن صورت ۾ ٻين ملڪن ۾ پڻ موجود ملي ٿو، جهڙوڪ،  سمير ۾ آنو، ابا ۽ بيل، يونا ۾ زيوس، پوزيڊان ۽ هيڊس، روم ۾ جپيٽر، نيپچون ۽ پلاٽو، مصر۾ سيت،هورس ۽ شو، مسوپوٽيميا ۾ سن، شمن ۽ اشطر ــ لڳ ڀڳ انهيءَ تثليث واري عقيدي جون ئي صورتون آهن. اِهو به ممڪن آهي ته سنڌو ماٿريءَ وارن شو جا ٽي منهن انهيءَ خيال کان به ٺاهيا هجن ته هو هر طرف ۽ هر شيءِ ڏسي سگهي ٿو.

        هن مهر جي ٻي اهم خصوصيت شو جو يوگ آسن آهي. تاريخي دور جي عقيدي مطابق شو دراصل يوگين جو پيشوا آهي ۽ تپسيا ۽ نفس ڪشيءَ جو پهريون استاد ۽ مظهر آهي.انهيءَ ڪري کيس ” مهاتپا“ ۽ ”مها يوگي“ به چيو ويندو آهي. يوگ جو خاص مقصد ذهني ورزشن ۽ قلب جي هڪ منائيءَ وسيلي خدا سان واصل ٿيڻ آهي. اندازو آهي ته يوگ پڻ آرين کان اڳ جو تصور آهي. موهن جي دڙي مان وڏي پوڄاري جو جيڪو پتلو هٿ آيو آهي، ان ۾ هن جون اڌ کليل اکيون پنهنجي نڪ ڏانهن ڏسندي ڏيکاريل آهن، ۽ اهو به يوگ جي تپسيا جو هڪ نمونو آهي. هن پُتلي جي مذهبي نوعيت جي ثابتي ان جي شال تي ٺهيل ٽپتاوين ڊزائين مان ملي ٿي. مصر ۽ سمير ۾  هيءَ ٽپتاوين ڊزائينون خالص مذهبي قسم جي شين تي نڪتل ڏسجن ٿيون. شِو جي هن مُهر کان سواءِ ٽن ٻين مهرن تي جيڪي شڪليون نڪتل آهن، انهن ۾ ديوتا جي ويهڻ ۽ انهن جي ٻين ڳالهين مان پڻ ان دور ۾ يوگ جي موجود هجڻ جو پتو پوي ٿو. مطلب ته هن مُهر ۾ سنڌو ماٿريءَ جي شِو جي ويهڻ جي آسن مان هُن جي يوگي هجڻ جو اهم ثبوت ملي ٿو.

        شِو جانورن جو پڻ پالڻهار مڃيو ويو آهي، ۽ انهيءَ ڪري هن کي ’پسو پتي‘ به سڏيو ويو آهي.  مٿينءَ مُهر تي هاٿيءَ، گينڊي ۽ چيٽي جي نڪتل تصويرن مان هن جي ”سوپتي“ روپ جو اشارو ملي ٿو. تاريخي دور ۾ ’پسو پتي‘ لقب جي معنيٰ ’چوپائي مال جو آقا‘ ڪئي ويئي آهي، ۽ مشابهت جي آڌار تي ’پسو‘ مان ’انساني گروهه‘ مراد ورتي ويئي آهي، جنهن جي آقا يا ڌنار شِو آهي. البت ويد جنترن ۾ ’پسو‘ جي معنيٰ ’جهنگلي جانور‘ ورتي ويئي آهي. تنهن ڪري هيءُ نتيجو ڪڍڻ غلط نه ٿيندو ته اُن وقت هن ديوتا کي پاليل جانورن بجاءِ جهنگلي جانورن جو آقا سمجهيو ويندو هوندو.

        شِو جا سڱ به خاصا اهم آهن. اهڙيءَ طرح جا سڱ ٻين مجسمن جي مٿي تي به آهن. سڱ قديم زماني ۾ پاڪيزگيءَ جي نشاني سمجهيا ويندا هئا. اُهي ديوين ۽ ديوتائن جي خاص نشاني مڃيا ويندا هئا. سمير جي ديوين ۽ ديوتائن جي مٿي تي به سڱ ڏيکاريل آهن. ايتري قدر، جو هڪ زماني ۾ اُتان جا بادشاهه ۽ وزير به سڱ ڏيکاريل آهن. ايتري قدر، جو هڪ زماني ۾ اُتان جا بادشاهه ۽ وزير به سڱ مٿي تي پائيندا هئا، ڇاڪاڻ جو هو پاڻ کي ديوين ۽ ديوتائن جو اولاد چوائيندا هئا. هيءُ تصور به هڪ غير آريائي تصور آهي. آرين جي اچڻ کان اڳ جو هي الاهيت جو نشان آرين جي زماني ۾ جيتوڻيڪ ايترو مقبول نه هو، پر بنهه وٽن ناقابل قبول  به ڪو نه هو، ۽ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين وٽن به مروج هو. هيءُ تصور آرين کان پوءِ واري دور ۾ شوَ سان گڏ هن جي ترسول جي شڪل ۾ عام ٿيو. ٻين مذهبن ۾ به ان جو رواج پيو ۽ ٻڌ مذهب ۾ ”تري رتنا“ جي تثليث جي شڪل ورتائين. اِهو نشان خود به وضاحت گهري ٿو، پر اِها حقيقت آهي ته اِهو اُنهيءَ زنجير  جي هڪ ڪڙي آهي، جا هن ديوتا کي شِو سان ڳنڍي ٿي.

ان جي چوڪيءَ جي ڀر ۾ ٻه هرڻ ڏيکاريل آهن. تاريخي دور ۾ شِو جو همراهه صرف هڪ هرڻ ڏيکاريو ويو آهي. خاص طور جڏهن شِو کي ”دڪشنا مورتي“ يا ”يوگا دڪشنا مورتي“ جي روپ ۾ڏيکاريو ويندو آهي. ساڳيءَ طرح مهاتما ٻڌ جي انهيءَ مورتيءَ ۾، جنهن ۾ هو پهريون دفعو وعظ ٿو ڏئي، تخت وٽ هرڻ ڏيکاريا ويا آهن.خبر ڪا نه پئجي سگهي آهي ته اِهو تصور سنڌو ماٿريءَ مان ٻڌمت تائين ڪڏهن ۽ ڪيئن پهتو.

        شِو جي صورت ڪيترين ئي مهرن تي اُڪريل آهي. ٻن مهرن تي هي ديوتا سنگهاسن تي ويٺو آهي. هڪ مهر تي زمين تي ويٺو آهي.پر ٽنهي تصويرن ۾ سواءِ لنگوٽ جي سندس بدن تي ٻيو ڪو به ڪپڙو ڪو نه آهي. ٻين مهرن تي هن جا ٻه ٻه منهن آهن، ۽ ٽينءَ تي رڳو هڪ. ٽنهي مُهرن تي هن جي مٿي تي سڱ آهن. ٻن مُهرن ۾ هن جي سڱن جي وچ ۾ گل ۽ پتيون نڪتل ڏيکاريل آهن. شايد اِهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته شِو نباتات جو ديوتا به آهي.

پليٽ نمبر 18 ب 3 جو مڪمل خاڪو

        سندس سٻنڌ ناچ سان به آهي، ڇو  ته هندن جي ڪيترن ئي مجسمن ۾ هو نچڻ جي دلڪش ادا ۾ ڏيکاريل آهي، هُن کي اِنهيءَ ڪري ”نٽ راج“ به چوندا آهن. حقيقت ۾ انهيءَ ناچ مان ڪائنات جي نظام جي باقاعده ليء يا تال ڏانهن اشارو آهي.  هڙاپا مان لڌل هڪ مجسمي جي باري ۾ به اهو خيال آهي ته هو شِو جي ”نٽ راج“ جو (2) روپ آهي.

        وڻن جي پوڄا: هر ڪنهن ملڪ ۾ وڻن جي پرستش ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪئي ويندي آهي. برصغير هند- پاڪ ۾ وڻن کي جنن، ديون ۽ شهيدن جا مڪان ڪري مڃيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري، عام طرح رات جو گل يا پن ڇنڻ، يا ڪن ساون وڻن ٽڻن کي وڍڻ، ۽ منجهند جو پپر جي وڻ تي چڙهڻ لاءِ چوندا آهن ته چڱو نه آهي. مقدس وڻ جو تصور عام ۽ گهڻو پراڻو آهي، جيئن ته هندن جو ’سم‘، ناردڪ قوم جو ’ڊرازل‘، زيرانين جو ’هوم‘، يهودين جو ”شجرت الحيات“ يا ”شجرت العلم“، ٻڌمت وارن جو ’ٻوڌي وڻ‘ ۽ مسلمانن جو ’طوبيٰ‘ – اِهي سڀ وڻ انهيءَ هڪ تصور کي ظاهر ڪن ٿا. بابل جا رهاڪو بهشت جي وڻ کي، ’اشيرا‘، چوندا هئا، ۽ ان جو نقل ٺاهي، اُن جي پوڄا ڪندا هئا. عيسائين لاءِ اڃا سوڌو ’ناتال جو وڻ‘ (ڪرسمس ٽِري) عقيدت جو مرڪز رهي ٿو.

        سنڌو ماٿريءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي ثبوت ملن ٿا، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي جا رهاڪو وڻن کي پاڪ ڪري ليکيندا هئا. لڌل مهرن تي اُڪريل نقشن  مان اِهو به معلوم ٿو ٿئي ته اُتي جا ماڻهو وڻن کي شايد پوڄيندا پڻ هئا. هڪ مهر جي ساڄي پاسي واريءَ ڪنڊ تي هڪ ٿالهه جي شڪل نڪتل آهي، جنهن ۾ ٻه ٽاريون پپر جون پيل آهن. انهن ٻنهي ٽارين جي وچ ۾ هڪ ديويءَ جي شڪل نڪتل آهي، جنهن جي مٿي تي سڱ آهن. هڪ عورت انهيءَ ديويءَ کي مٿو ٽيڪي رهي آهي. ديويءَ ۽ پڄارڻ ٻنهي جا وار ڊگها آهن. سندن هٿ چوڙين سان ڀريل آهن، ۽ سندن مٿن تي سڱن جي وچ ۾ گاهه جا ساوا پن نڪتل آهن. پڄارڻ جي پٺيان هڪ ٻه – روپو جانور بيٺل آهي، جنهن جو اڌ  ڌڙ ڍڳي جو ۽ اڌ ٻڪريءَ جو آهي. ان جو منهن ماڻهن جهڙو آهي، ۽ ڏاڍيءَ شرڌا سان پوڄارڻ جي پوڄا ڏسي رهيو آهي. انهيءَ صورتن جي هيٺان نسواني شڪليون ٻئي پاسي منهن ڪيو بيٺيون آهن. هر شڪل جي مٿي تي چوٽي يا ڪلنگي نڪتل آهي. اهي  شڪليون مجموعي طور ستن جو طلسمي عدد پيش ڪن ٿيون ۽ محققين جو خيال آهي ته شايد اها تصوير ماتا ديويءَ سيتلا ۽ سندس ڇهن ڀينرن جي آهي. (پليٽ نمبر 12-2).

        انهيءَ منظر ۾ پپر جو وڻ وڏيءَ اهميت وارو آهي. اڄ به هندن جا ڪيترا ئي عقيدا پپر جي وڻ سان لاڳاپيل آهن؛  مثلاً  سندن اِهو عقيدو آهي ته ڪن خاص ڏينهن تي لڪشمي (دولت جي ديوي) پپر ۾ اچي واسو ڪندي آهي،  ۽ انهن ڏينهن تي هو پپر جي چوڌاري ڦيريون پائيندا آهن، ان جي ٿڙ ۾ ڌاڳا ٻڌندا آهن ۽ سنڌور لڳائيندا اٿس؛ زالون پٽ جي اولاد جي آس ۾ پپر تي خيرات ڪنديون آهن؛ مثال مائٽن جي اُڃ مِٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جون مٽڪيون ان جي ٽارين سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان جا پن ٿورڙيءَ هوا ۾ به پيا لڏندا آهن- اِن مان منجهن قديم دور کان اهو ويساهه هلندو ٿو اچي ته ان ۾ ديويون ۽ ديوتا رهن ٿا، جن جي چرپر سبب  ان جا پن لڏن ٿا. مهاتما ٻڌ کي گيان به  اِن وڻ هيٺان حاصل ٿيو. تنهن مان ته پپر جي اهميت هيڪاري وڌي ويئي آهي.

        هڪ ٻيءَ مهر تي وڻ جي هڪ ٽاري محراب، جي شڪل وانگر نڪتل آهي، جنهن مان پن نڪري رهيا آهن، انهيءَ ٽاريءَ جي اندر هڪ ديوي بيٺي آهي.اِهي نقش اهڙيءَ طرح نڪتل آهن، جهڙوڪ ڪنهن بت کي پنن جي فريم ۾ بيهاريو ويو هجي (پليٽ نمبر 19-5). ڪن ٻين مهرن تي به وڻ ۽ ديوين جون مورتيون اُڪريل آهن.

        پنجن مُهرن تي وڻن جون شڪليون ڏاڍيءَ محنت  خبرداريءَ سان ڪڍيل آهن. انهن مان ڪن وڻن جي آسپاس چَلها ٺاهيا ويا آهن. اهڙي قسم جا چَلها  اوائلي تاريخي دور  ۾ پاڪ وڻن جي چوڌاري ئي ٺاهيندا هئا. مٽيءَ جي  ٿانون تي پڻ پپر جي پنن جون تصويرون نڪتل آهن. ڪن مهرن تي نم جو وڻ به نڪتل آهي. ممڪن آهي ته وٽن پپر کانسواءِ ٻيا وڻ به متبرڪ سمجهيا ويندا هجن.

        هڪ مهر تي ٻن ماڻهن جي شڪل نڪتل آهي، جن جي هٿن ۾ نم جا وڻ آهن. وڻن جي وچ ۾ ديويءَ جي مورتي آهي، جنهن جا ٻئي هٿ کليل آهن. انهن وڻن جون پاڙون جدا جدا آهن، ۽ خيال آهي ته اِهي وڻ ان ديويءَ جي تقدس ۾ لڳايا پئي ويا،  ڇو ته مقدس وڻن جو پوکڻ به پراڻي زماني ۾ هڪ مذهبي فرض هو، ۽ وڻن پوکڻ وارو ثواب جو حقدار سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ئي مُهر جي  ٻئي پاسي هڪ ماڻهوءَ جي تصوير آهي، جو نم جي وڻ کي سجدو ڪري رهيو آهي. (پليٽ نمبر 12-3) .

        خيال آهي ته سنڌ ۾ وڻن کي پوڄڻ جا ٻه طريقا عام هئا—هڪڙواِهو ته وڻن کي سندن اصلي حالت ۾ پوڄيو ويندو هو، ۽ ٻيو طريقو اهو هو ته وڻن جي روحن کي انساني شڪل ۽ اوصافن جو حامل سمجهي، پوڄيندا هئا. هندستان ۾ ۽ ٻين هنڌ وڻ کي يا ٻيءَ ڪنهن شي کي انساني شڪل ڏيڻ عام آهي- ڇو ته عقيدو اِهو آهي ته وڻ يا ٻوٽو شخصيت جو مالڪ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ روح پڻ ٿئي ٿو، ۽ تنهن ڪري ان سان انسانن جهڙي  ئي روش ورتي ويندي آهي.وڻ وڍڻ وقت ان جي روح کان معافي ورتي ويندي آهي.گونڊ قوم جا ماڻهو جيڪي غير آريائي نسل  مان آهن، رات جو وڻن مان نه ڦل ڦول پٽين ۽ نه وڻ کي  ڌوڻين، ڇو ته هنن جي عقيدي موجب وڻ جي روح جي آرام ۾ ائين ڪرڻ سان خلل پوندوآهي. ڏکڻ هندستان  جي ڪن غير آريائي قومن جي زالن جون شاديون مردن کان اڳ وڻن سان ڪرايون وينديون آهن، ته سندن زندگي سر سبز رهي.وڻن جون پاڻ ۾ به شاديون رچائيندا آهن. تلسيءَ جي مقدس ٻوٽي جي هر سال شادي  رچائيندا آهن. ان موقعي تي پوڄا ٿيندي آهي، ۽ سالگرام پٿر کي  ڀوڳ ڏيندا آهن. ان وقت وڻ کي ديوتا ڪري مڃيو ويندو آهي. چئي نٿو  سگهجي ته هنن جا اِهي  عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪن رهاڪن جي عقيدن سان ڪيتري قدر ملن جلن ٿا.

جانورن جي پوڄا: وڻن جي پوڄا وانگر جانورن جي پوڄا به هڪ پراڻي رسم آهي، جنهن جو گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ رواج هو. سنڌو ماٿريءَ ۾ حيوانن جي پوڄا جو رواج وڻن جي پرستش کان وڌيڪ هو. ان جو ثبوت مهرن تي اُڪريل جانورن جي تصويرن ۽ مٽيءَ ۽ پٿر جي ٺهيل جانورن جي بوتن مان به ملي ٿو. سر جان مارشل انهن جانورن کي ٽن حصن ۾ ورهايوآهي: (1) خيالي يا ڏندڪٿائي جانور، (2) اُهي جانور جن جي ڏندڪٿائي حيثيت شڪي آهي ۽ (3) قدرتي جانور.

        پهرئين قسم جا جانور تشبيهي ۽ مرڪب جانور آهن، مثال طور اهڙا جانور، جن جو هڪ حصو ٻڪريءَ يا دنبي جو، ٻيو اڌ ڍڳي جو، ۽ منهن ۽ مٿو انسانن جهڙو اٿن. سمير ۾ شينهن جي جسم ۽ انساني شڪل وارا جانور، مصر ۾ انساني جسم ۽ جهرڪيءَ يا بگهڙ جي منڍيءَ وارا جانور مذهبي حيثيت رکندا هئا. موهن جي دڙي مان لڌل هڪ مهر تي عجيب و غريب جانور جي تصوير نڪتل آهي. هِن جانور جا ٽي مٿا آهن—هڪ مٿي تي سانهه جا سڱ اٿس، ٻئي مٿي تي هرڻ جا، ۽ ٽئين مٿي جا سڱ بجاءِ اندر مڙيل  هئڻ جي ٻاهر مڙيل اٿس. هِن جانور جو جسم ۽ کُر ڍڳي جا آهن. (پليٽ نمبر 22-5) . اهڙي قسم جون ٽي سسيون هڪ ٻيءَ مهر تي به نڪتل آهن. هڪ مهر تي شينهن جون ٽي سسيون نڪتل آهن، ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻنهي مُهرن جي تصوير جو پاڻ ۾ ڪو تعلق هجي. هڪ ٻيءَ مهر تي اڌ انسان ۽ اڌ ڍڳي جهڙي جانور جي تصوير اُڪريل آهي، جو شينهن تي حملو ڪري رهيو آهي. (پليٽ نمبر 20-5) . اهڙي قسم جي جانورن جون شڪليون سمير مان به لڌيون ويون آهن.

        هڪ مهر تي اهڙي راڪاس جي شڪل نڪتل آهي، جنهن جو منهن ماڻهن جهڙو، سونڍ ۽ ڏند هاٿيءَ جهڙا،  سڱ ڏاند جا، ۽ جسم جو اڳيون حصو گهيٽي جو ۽ پويون حصو شينهن جهڙو اٿس. (پليٽ نمبر 19-1) .  هڪڙيءَ ٻيءَ تي مهر وري پپر جي وڻ مٿان ٻن شاخن جي وچ مان هڪ سڱ واري ڍڳي جون سسيون نڪتل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. (پليٽ نمبر 22-5)

        ٻين قسمن جي جانورن ۾ هڪ سڱا (1) ڍڳا آهن، جن جون شڪليون ڪيترين ئي مهرن تي چٽيل آهن. پر اهڙي قسم جي جانور جو وجود ڪٿي به ثابت ڪو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اِهو خيال گينڊي کي ڏسي  ذهن ۾ آندو ويو  هجي. ان جانور جي ڪلهي تي هڪ زين ڏيکاريل آهي. ڪن مهرن ۾ ته اِن جي گلي ۾ پٽا ۽ ماهنڊ وڌل ڏيکاريل آهن. ان جي منهن وٽ هڪ عجيب نموني جو ٿانوَ رکيل آهي. (پليٽ نمبر 20-4) ، جنهن جي نقشي مان ائين ٿو لڳي، ڄڻ هڪ لٺ جي سهاري اُني اِئين ٻه ٿانوَ رکيل آهن. انهن جي هيٺان وري باهه ٻاريندا هئا، ڇو ته ڪن مهرن ۾ اِئين باهه جا شعلا نڪرندا ڏيکاريل آهن. ٿي سگهي ٿو ته اِها لوبان داني هجي. انهن لوبان دانين جو هئڻ انهن جانورن جي مذهبي حيثيت کي ثابت ٿو ڪري. اِهي لوبان دانيون هٿن ۾ کڻي ويندا هوندا، ڇو ته نه ته انهن جي تري ۾ هيٺ ڪا رکڻ جي جاءِ آهي ۽ نه ئي وري اِهي زمين ۾ ئي کُتل آهن. ائين معلوم ٿو ٿئي ته انهن لوبان دانين جي چڱي اهميت  هئي؛  ايتري قدر جو آهستي آهستي اِهي خود تقدس جي اظهار جو ذريعو بڻجي پيون، ۽ خود اُنهن جي به پوڄا ٿيڻ لڳي. هڪ تصوير ۾ ايترو وڏو لوبان دان ڏيکاريل آهي، جنهن جي ڊيگهه ڀرسان بيٺل ماڻهوءَ کان به وڏي  آهي. ان جي اهميت جو اِهو به هڪ اظهار چئي سگهجي ٿو.


(1) Polytheism. (2) Anthropomorphism.

(1) Marshall, Mohan jo daro, vol  I. P 52.

(1) Cosmic Rythem. (2) Vedic, Age, P. 181

*  پر هڙاپا مان لڌل انهيءَ بوتي کي شِو جو مجسمو چوڻ مناسب نٿو لڳي.

(1)  ڪن مهرن تي اهڙن جانورن جا ٻه سڱ به ڏيکاريل آهن. ائين به ممڪن آهي ته جيئن ته هنن جانورن جون شڪليون پاسيريون نڪتل آهن، ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ سڱ اوٽ ۾ اچي وڃڻ سبب پڌرو نه ڪيو ويو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org