سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: رياست خيرپور

باب: --

صفحو : 8

معلوم هجي ته مرحوم مير علي مراد خان جي حڪومت جي عرصي ۾ ڪمشنر صاحب بهادر جو منشي مرحوم خدا داد خان هو، جو هميشه اهڙين ملاقاتن وقت ڪم ايندو هو. اهو صاحب ترين افغاني خاندان جو هو ۽ سکر جو رهاڪو ۽ پارسي ۾ قابل هو ۽ ڪي ڪتاب به لکيا اٿس ۽ 1853ع کان وٺي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ رهيو ۽ تمام گهڻن ڪمشنرن صاحبن سان گذاريائين جي سڀ مانُ ڏيندا هئس. پوءِ مختيارڪاري جي درجي تي اچي به اتي ڪم پئي ڪيائين، سندس حسن خدمتي جي ڪري خان بهادري جو لقب مليس ۽ جاگير ۽ زمين مليس، وقت بوقت انعام ملندا رهيس. آخر ۾ پينشن ورتائين ۽ وفات تائين سکر ۾ گوشه نشين ٿي رهيو. سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ گهڻا چڱا ڪم ڪيائين، کيس ٻه پٽ آهن هڪڙو عبدالمجيد خان جو ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ نوڪر هو ۽ هاڻي ڊيپوٽي مئنيجر انڪمبرڊسٽيس جو آهي ۽ ٻيو عبدالحميد خان جو ولايت مان تعليم وٺي آيو آهي ۽ پنهنجي والد جي جاءِ تي جاگيردار ۽ زميندار آهي ۽ ميونسپل ڪمشنر به آهي.

باب پندرهون

سر مير فيض محمد خان جي حڪومت

مرحوم مير علي مراد خان جي وفات کان ھڪ ھفتو پوءِ يعني تاريخ 7- اپريل سن 1894ع مطابق پھرين شوال سن 1211هه يعني عيد جي ڏينهن سندس پٽ مير فيض محمد خان کي حڪومت جي گادي تي ويھاريو ويو ۽ مٿس پڳ رکي ويئي. انهيءَ ڏينهن خيرپور ۾ ھڪڙو وڏو جلسو ڪيو ويو. جئلس صاحب، سکر جو ڪليڪٽر، جو خيرپور جو پوليٽيڪل ايجنٽ ھو سو به آيو ۽ سڀ مير صاحب ۽ ٻيا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. مير  فيض محمد خان وڏي شان ۽ شوڪت سان آيو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ھڪڙي تقرير ڪئي، جنهن ۾ مير صاحب کي مخاطب ٿي چيائين ته اوھان جي والد بزرگوار وانگي اوھان تي به انگريز سرڪار پورو ڀروسو ٿي رکي ۽ اميد ٿي رکي ته اوھين به ان وانگي پنهنجا سڀ حق بجا آڻيندؤ ۽ پنهنجي رعيت کي سکيو رکندؤ). مير صاحب مناسب لفظن ۾ سندس شڪر گذاري ڪئي. سن 1894ع جي اپريل مھيني ۾ مير صاحب جي منظوريءَ سان انگريز سرڪار کيس خان بهادر قادر داد خان ڊيپوٽي ڪليڪٽر کي وزير ڪري ڏنو، جنهن کي سن 1893ع ۾ سي آءِ اي جو خطاب مليو ھو، جو انگريز سرڪار وٽ تمام ھوشيار ۽ آزمودگار عملدار شمار ٿيل ھو.

انهيءَ کان پو مير فيض محمد خان رياست جي حڪومت جو ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجي وزير جي معرفت ۽ سندس صلاح سان ملڪ ۾ ٿورو ٿورو ڪري گھڻا سڌارا ڪيائين، پريندي پريندي انهيءَ وزير صاحب ديوان اتم چند ۽ ٻيا جيڪي ديوان مرحوم مير علي مراد خان وٽ برکه ھئا ۽ جن جي گھڻي ھلندي ھئي تن کي خيرپور مان ٻاھر ڪڍيو، جي وڃي روھڙي ۽ سکر ويٺا. پوءِ انگريز سرڪار جي انتظام ۽ حڪومت جي بندوبست جي  نموني تي رياست ۾ بندوبست ڪرڻ لڳو. سڀني کاتن ۾ سڌارو ڪرڻ لڳو. انهيءَ ۾ ڪمشنر صاحب بهادر ۽ پوليٽيڪل  ايجنٽ صاحب جي صلاح سان ھو ڪم ڪندو ھو، تنهن ڪري کيس ڪا به دقت پيش نه آئي ۽ مير صاحب به انهيءَ نظر تي ساڻس شامل رھيو. اگرچه ڪن ڳالھين ڪري مير صاحب کي روڪ ۽ بندش ٿي ٿي، پر ھو ملڪ جي فائدي ۽ خلق جي سڌاري ۽ انگريز سرڪار جي مرضيءَ جي خلاف ڪجهه ڪري نٿي سگھيو. انهيءَ وزير صاحب جا گھڻا ئي اتي جا شاھوڪار ماڻھو ۽ ننڍا مير دشمن ٿي پيا، جيئن ته وزير صاحب جرات وارو ماڻھو پنهنجو خير ۽ سڌاري جو ڪم ڪندو رھيو. ان ڪري انگريز سرڪار به مٿس ڪيل دانهن تي خيال ڪو نه ٿي ڏنو، انهيءَ ڪري رياست ۾ اھڙا سڌارا ٿي ويا، جي اڳي ڪڏھن نه ٿيا ھئا ۽ سگھو ئي ماڻھو انهيءَ جو فائدو وٺڻ لڳا. مير فيض محمد خان به پنهنجي والد وانگي شڪار جو شوقين  ھوندو ھو ۽ ھميشه گشت ۾ رھندو ھو،  تنهن ڪري ملڪ جي سڌاري جو بار سڄو ئي وزير صاحب تي ھو، جنهن کي رڳو کانئس دستوري منظوري وٺڻي پوندي ھئي.

انهيءَ بندوبست جو نتيجو اھو ٿيو ته رياست جي اندر ٿورئي عرصي ۾ ھڪ سؤ کان وڌيڪ اسڪول پئجي ويا ۽ خاص طرح خيرپور ۾ ھنري ۽ ديني ۽ ٻيا، وڏا وڏا اسڪول جاري ٿي ويا ۽ سوين شاگرد تعليم وٺڻ لڳا. گھڻا ٻيلا وڍجي ويا. آبادي زياده ٿيڻ لڳي. بٽائي، ڍل ۽ ٻي پيدائش جو بهتر بندوبست رکيو ويو. وڏا وڏا کوهه کوٽيا ويا ۽ پليون ٻڌايون ويون ۽ پڪا رستا جوڙيا ويا. مطلب ته سگھو ئي ملڪ جي پيدائش اڳوڻن پنجن  لکن جي بدران پندرھن لک ٿي ويئي. عمارتون به  وڏيون ۽ عمديون جڙي ويون. ھڪ لائبرري يا ڪتب خانو ۽ ھڪ اسپتال ۽ چار ڊسپينسريون جاري ٿيون، ھڪڙي ننڍي پيادل پلٽڻ رکي ويئي.اسڪول سان گڏ شاگردن جي رھائش ۽ کارائڻ پيارڻ لاءِ به بندوبست ڪيو ويو. ڪراچي مدرسته الاسلام ۾ سالياني ڇھن ھزارن رپين ڏيڻ کان سواءِ ٻيا ڏهه ھزار رپيا ھوسٽل جي لاءِ ڏنا ويا. جيڪي سڌارا ٿيا تن جو مفصل بيان ھيٺ ڏنو ويندو.

سن 1894ع ۾ جڏھن سر ايوان جيمس صاحب کان پوءِ سر چارلس آليونٽ صاحب سنڌ جو ڪمشنر ٿيو ۽ ھز ايڪسنيلنسي وائسراءِ صاحب ۽ بمبئي جو گورنر صاحب بهادر لارڊ سئينڊ ھرسٽ ڪراچي ۾ آيا، تڏھن سکر ۾ مير صاحب به اچي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ وري مٿين صاحبن روبرو ملاقات پير صبريه وٽ ڪئي، جو ڳوٺ رياست جي حد ۾ آھي.

سن 1899ع ۾ وري به ساڳيو گورنر صاحب بهادر لارڊ سئنڊ ھرسٽ جيڪب آباد ۾ آيو ۽ اتي درٻار ڪيائين ۽ مير صاحب به اتي ويو ۽ اتي کيس سي. آءِ. اي جو خطاب مليو ۽ پنهنجي والد مرحوم وانگي نائيٽ ٿيو ۽ سر جولقب مليس.

سن 1900ع ۾ وري به ھزايڪسيلينسي  واسئسراءِ صاحب سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي. ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي جي سان ڪوٽ ڏيجي ۾ ملاقات ٿي.

سن 1903ع جي جنوري مھيني ۾ دھليءَ جي درٻار ٿي، جنهن ۾ ٻين راجائن ۽ نوابن وانگر مير صاحب به اوڏانهن ويو ھو. انهيءَ درٻار جو مختصر احوال ھي آھي. شھنشاهه جي طرفان ھز ايڪسيلينسي وائسرراءِ لارڊ ڪرزن درٻار جي تخت تي ويٺو ۽ سڀني نوابن ۽ مھاراجائن ۽ راجائن ۽ ٻين درٻارين صاحب موصوف جو سلام ڪيو. پوءِ درٻار مان سڀئي نواب ۽ راجائون ھاٿين جي سواري سان نڪتا، پھرين سڀ کان وڏي ھاٿي تي لارڊ ۽ ليڊي ڪرزن سوار ٿيا، پوءِ ھڪ پاسي ڊيوڪ آف ڪئناٽ ۽ ٻئي پاسي لارڊ ڪچنر جا ھاٿي ھئا. انهيءَ جي پٺيان نظام حيدرآباد دکن ۽ پوءِ نمبر وار  ٻيا نواب ۽ راجائون ھاٿين تي ھئا. ھز ھائينس  مير فيض محمد خان انهيءَ جلوس ۽ سرگشت ۾ شامل ٿي نه سگھيو، جيتوڻيڪ خان بهادر قادر داد خان وزير سندس لاءِ ھندستان جي بلند شھر مان ھڪڙو عمدو ھاٿي به خريد ڪري موجود ڪيو ھو ۽ ان جو ساز سامان به تيار ڪرايو ھئائين. مگر افسوس جو پيري ۽ ضعيفي سبب ھز ھائينس سواري جي تڪليف پاڻ تي گوارا ڪري ڪين سگھيو، جنهن ڪري انهيءَ جلوس ۾ شامل نه ٿيو، مگر درٻار  ۾ وڃي حاضر ٿيو ھو ۽ اتي کيس چڱي عزت ملي، راجائن جي ڪيمپ ۾ مھاراجا ڪولاپور جو ۽ نواب پالن پور جو ۽ نواب عدن جو وٽس ملاقات لاءِ آيا ھئا. انهيءَ درٻار جي موقعي تي وزير صاحب جي حڪمن ۽ ھدايتن موجب ڪيئمپ جو عمدو انتظام دھلي ۾ ڪيل ھو. خيرپور مان ويندي خواھ دھلي مان موٽندي رياست بهاولپور جي طرفان مھماني جو عمدو بندوبست ٿيل ھو.

انهيءَ سال 1903ع جي مئي مھيني جي 31 تاريخ خان بهادر قادر داد خان اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪري ويو. سندس جاءِ تي سردار محمد  يعقوب خان وزير مقرر ٿيو. خان بهادر جو احوال ٻئي باب ۾ ڏنو ويندو.  مرحوم مير فيض محمد خان سان به مون کي معرفت ۽ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو ھو. پر ٽي ڀيرا ڪراچيءَ ۾ به ڪنهن ٻئي ھنڌ ملاقات جو اتفاق ٿيو ۽ پاڻ نهايت مھرباني سان پيش ايندو ھو. سندس مھرباني جي ڪري ھڪڙي ڳالهه ڪافي آھي ته ٻه ٽي ڀيرا جڏھن پنهنجن وزيرن سان ڪنهن سبب جي ڪري رنج ٿي ٿيو، تڏھن مون کي وزير ٿيڻ لاءِ خواھش ڪيائين ۽ انهيءَ مطلب لاءِ معتبر ماڻھو ۽ خط ٿي موڪليائين، پر مون کي ڪي ڳالھيون پسند نه آيون ۽ ڪي آڇيل شرط نامناسب نظر آيا، تنهن ڪري شڪر گذاري سان معافي گھريم، نموني لاءِ سندس ھڪ خط جو نقل ٿو ڏيان جو مختصر آھي، جنهن مان سندس علميت ۽ فضيلت ظاھر آھي. اھي سڀ  خود سندس ھٿ جا لکيل آھن ۽ تمام خوش خط آھن.

عاليجاھ رفيع جائگاه دوست مھربان خير خواه از آبا و اجدءَ مرزا قليچ بيگ خان سلامت- معتمد الخدمت غلام رسول خدمتگار را بنا بر خير عافيت پرسي آن دوست روانه فرموده شد مھرباني نموده از خيريت طبع خوش اطلاع، کنند که تسلي شود و آنچ معتمد مذڪور زباني بيان کند معتبر تصور فرمايند خاص خيال دلي ھمين ست  که بازوي آن دوست معرفت صاحب مشفق مھربان پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب برائي عھدھ وزارت خود درخواست ڪرده گرفته شود ليڪن معلوم ھست  که آن عاليجاھ اينمعني را قبول خواھند ڪرديانه مھرباني نموده ازراي، خود خبر دھند- رقعه فيض محمد بنده خدا يا مھو خود.

سن 1940ع ۾ جڏھن ھز ايڪسيلينسي لارڊ لئمنگٽن گورنر صاحب بهادر بمبئي جو خيرپور آيو ۽ سردار محمد يعقوب وزير ھو، تڏھن سندس خواھش موجب جيڪو مرحبائي شعر جلسي ۾ پڙھڻ لاءِ مون لکي موڪليو ھو سو ھتي ڏجي ٿو، جو انهيءَ ۾ مير صاحب جي حڪومت ۾ يارھن ورھين جي عرصي ۾ رياست جي علحدن سڌارن جو ذڪر آيل آھي.

قصيده مرحبائيه

اسان جو شل ھجي ايڊورڊ شھنشاهه سوڀارو

زياده ھوئي سندس شل عمر ۽ اقبال موچارو

رکي ٿو خلق کي سو خوش، رعيت کي سدا راضي

رھي ٿو نت غريبن ۽ اٻوجھن تي سو ٻاجھارو

آھي ھر قوم کي آزادگي ھر قسم جي حاصل،

ڪنهن کي ناھي ڪنهن پر مذھب ۽ ملت جو مونجھارو

ٿيو. علم ۽ ھنر، خواه مال ۽ دولت ۾ واڌارو

اگرچه ڪي ويا ڪن  کان وڌي عملي فضيلت ۾

نه آھي پاسداري ڪا، نه ٿيو نه ڪو  ڪنهن تي ريسارو

ڏسي ھي عدل ٿيا عادل رياست جا سڀئي والي

ھلائي حڪم حڪمت سان وسايو ملڪ تن سارو

الھيٰ اھڙي شھنشاهه کي قائم رکج دائم

سدا شل ھند تي  چمڪي سندس اقبال جو تارو

بجا لک شڪر آڻيون ٿا لمنگٽن لارڊ صاحب جا

بهادر جو گورنر بمبئي جو آھي ناميارو

۽ ليڊي صاحبه جا پڻ اسين ممنون سڀ آھيون

جو آيو خيرپور ۾ پڻ سندن تشريف جو وارو

اپر احسان پڻ ڪيا ڪمشنر صاحب بعمه مڊم

۽ پڻ  پوليٽيڪل ايجنٽ، جو ھت آھي ھاڪارو

خدا يا رک سدائين تون اھي صاحب اسان جو خوش

ڪرم ۽ لطف تنهنجي جو ڍري شل تن مٿي ڍارو

ڏسون سک سھسين شل صاحب گورنر جي حڪومت ۾

ٿئي شل بيڪسن جو ڪس ۽ بيچارن سندسن چارو

رھي پڻ مير سر فيض محمد خان سلامت شل

جنهن تي اصل کان آھي اسان سڀني جو نت آرو

رياست جو آھي والي، سندس درجو آھي عالي

ھميشه خيرپور ۾ جنهن جي نالي نر ھڻن نارو

سڌارا ٿيا اتي بيحد، ھي يارھن سال جي گذريا

وڌيو ڏيڍوڻو آدم ۽ ٿيو ٻيڻو  ٻني ٻارو

جڙيا رستا پليون مڪتب ڌرم سالا شفا خانا

وري ٿيا واھ جاري، جر وھي ٿو جن مان ٿو جلارو

الھيٰ عمر خضري ڏي اسان جي مير صاحب کي

رھي شل آل ۽ اولاد سان خوش سو وڙن وارو

اسان جون ھي مرادون شال سڀ پوريون ڪري پرور

دعا لاءِ سڀ  خدا ڏي ھٿ کڻو يڪجا اوھين يارو

باب سورهون

سر مير امام بخش خان جي حڪومت

مرحوم مير فيض محمد خان جي وفات تي سندس پٽ مير امام بخش خان تاريخ 6 مارچ 1909ع جي گادي تي ويٺو، مگر جولاءِ جي پھرين تاريخ باقاعدي رياست جو والي مقرر ٿيو. سندس وزير شيخ صادق علي صاحب رھيو، جو اڳ ۾ ئي سندس والد جو وزير ھو. انهيءَ مٿين تاريخ تي ھڪڙي عاليشان دربار ٿي ۽ ھڪڙو جلسو ڪيو ويو، جنهن لاءِ ٻه لک روپيا منظور ٿيا ۽ ٻه ھزار رپيا خيرات جي ماني کارائڻ ۾ لڳا جا وڏي بندوبست سان ڪئي وئي، جھڙو سکرن کي تهڙو غريبن مسڪينن کي کارائي ويئي، جيڪو نئون بنگلو چئن سالن کان  ٺھيو پيو ھو تنهن ۾ اھا دربار ٿي. پير ۽ مير ۽ ٻيا ڪيترا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. بلڪ حيدرآباد جو مير صاحب ھز ھائينس مير نور محمد خان به آيو پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ۽ ٻيا يورپين صاحب حاضر ھئا، انهن جي روبرو پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر لارينس صاحب ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر جو لفافو کولي انهيءَ جو پيغام پڙھي ٻڌايو. اھا تقرير مير صاحب کي مخاطب ٿي ڪيائين ۽ جيئن ته انهيءَ ۾ گذريل تازن سڌارن جو اشارو  ھو، تنهن ڪري انهيءَ جو ترجمو ھيٺ ڏجي ٿو.

ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر جو خط منهنجي حوالي ڪيو ويو آھي، سو آئون ھتي اوھان جي روبرو کوليان ٿو ۽ پڙھان ٿو، انهيءَ کان سواءِ ڪمشنر صاحب جو پيغام به اوھان کي ڏيان ٿو ۽ ھيٺيان لفظ چوڻ پنهنجي لاءِ فخر ٿو سمجھان ته اوھين رياست جي گادي تي پڪي عمر ۾ ويٺا آھيو. ھي رياست روزبروز سڌرندي ٿي وڃي. گذريل چوڏھن ورھين ۾ جيڪي سڌارا ٿيا آھن سي اوھان جي والد جي وقت ۾ ٿيا آھن. اھي اوھان چڱي طرح ڏٺا آھن، انهيءَ جي وقت ۾ باقاعدگي ڪورٽون جاري ٿيون آھن جن مان رعيت جو انصاف ٿئي ٿو. تعليم پکڙي ويئي آھي. ھز ھائينس مير فيض محمد خان صاحب انگريزي تعليم جو ھڪڙو خاص مربي ھو ۽ سندس  سخاوت نه فقط سنڌ تائين محدود ھئي پر ھندستان ۾ علي ڳڙهه ڪاليج تائين پھتل ھئي. سڙڪن ۽ ٻين عمارتي ڪمن تي، خاص واھن تي گھڻو ڌيان ڏنو ويو. چڱا ۽ وڏا واهه ڪڍيا ويا ۽  مير صاحب مرحوم جون خاص شڪار گاھون  آبادي جي لاءِ ماڻھن کي ڏنيون ويون، جنهن جو نتيجو  اھو ٿيو جو جتي سوئر ۽ ڦاڙھا پيا ڏسبا ھئا.اتي ھاڻي ايماندار آبادگارن جا ڳوٺ پيا ڏسجن. سڌاري جو نتيجو ملڪ جي مالي حالت مان معلوم ٿي سگھي ٿو. پيدائش اٽڪل پنجن لکن مان وڌي  پندرھن لکن تي پھتي آھي ۽ اٽڪل ڏهه لک رپيا خزاني ۾ بچت رکيل آھن. ڪئمل ڪورس يا اٺن جو لشڪر جاري ڪيو ويو آھي. اھو رسالو بلڪل ڪامل نموني جو آھي. رياست ۾ پوک صرف ھڪڙي موسم ۾ ٿئي ٿي. مگر درياءُ مان سکر واهه ڪڍڻو آھي. اھو سدا واهه ٿي ٻارنهن ئي مھينا پاڻي پھچائيندو. اميد آھي ته اوھين انهيءَ سڌاري جي ڪم ۾ ضرور مدد ڪندؤ ۽ اوھان جي رعيت کي ھميشھ لاءِ پاڻي جو فائدو حاصل ٿيندو. انهيءَ ڪري رياست جي حيثيت به زياده ٿيڻ جي اميد آھي. گذريل سالن ۾ رياست منجهه جيڪو سڌارو ٿيو آھي سو نه فقط ھز ھائينس مرحوم جي دور انديشي کان ٿيو آھي، پر مدبر وزيرن خان بهادر قادر خان سي. آءِ. اي سردار محمد يعقوب  خان سي. آءِ اي ۽ خان  صاحب شيخ صادق علي صاحب جي حسن خدمتي جي ڪري ٿيو آھي. ھاڻي اميد آھي ته جھڙي طرح اوھان جي والد بزرگوار پنهنجي وڏي عمر تندرستيءَ ۾ گذاري، تهڙيءَ طرح خدا ڪري اوھين به امن امان ۾ گذاريو ۽ حڪومت ڪريو.

تنهن تي مير صاحب اٿي شڪريو ادا ڪيو ۽ ڏنل صلاح موجب حڪومت ڪرڻ جو انجام ڪيائين ۽ جيڪي سڌارا ٿيا ھئا تن کي قائم رکڻ ۽ وڌائڻ جي اميد ڏنائين ۽ پنج ھزار رپيا شڪارپور جي خانگي ھاءِ اسڪول ھوپ فل اڪيڊمي جي عمارت لاءِ ڏيڻا ڪيائين ۽ ٻه ھزار رپيا ساليانو لاڙڪاڻي جي مدرسته السلام کي ڏيڻا ڪيائين ۽ نئين واهه جي ڪڍڻ ۾ به خرچ جو حصو ڏيڻو ڪيائين ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي رعيت کي اتفاق سان رھڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين ۽ خدا کان  دعا گھريائين ۽ شھنشاهه ايڊورڊ ستين سان ھميشھ وفادار رھڻ جي خواھش ڏيکاريائون. سن 1909ع ۾ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر بمبئي جو خيرپور ۾ اچڻو ھو  مگر مير صاحب وڏي جي وفات ڪرڻ ڪري ملاقات مھمل ڪئي ويئي ۽ خيرپور  ريلوي اسٽيسن تي صاحبزادي ولي عھد وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. ساڳي ئي سال ۾ ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ صاحب بهادر بمبئي ۾ آيو، اتي مير صاحب وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.

سن 1911ع ۾ وري ھز ايڪسيلنسي وائسراءِ صاحب بهادر ڪراچي ۾  آيو، اتي مير صاحب وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.

سن 1912ع ۾ دھلي جي دربار ٿي، جنهن تي ھز ھائينس مير صاحب جو وڃڻ ٿيو ۽ بادشاهه سلامت پاڻ اتي تشريف فرما ٿيو ھو. سندس وزير شيخ صادق علي صاحب  ساڻس گڏ ھيو. انهيءَ درٻار جو عجيب نظارو ھو، جنهن ماڻھو اھا دربار ۽ جلسو ڏٺو ھوندو، تنهن کان اھو ھرگز نه وسرندو، دنيا جي سڀ ڪنهن ڀاڱي جا ماڻھو انهيءَ موقعي تي اتي آيل ھئا. يورپ، ايشيا، آفريڪا، آمريڪا، ۽ آسٽريليا جا رھندڙ اتي ڏسڻ ۾ پئي آيا. خاص درٻار ۾ ڪرسي نشينن لاءِ ٻارنهن ھزار جايون ھيون، تنهن کان سواءِ ھيٺ ويھڻ لاءِ به پنجھتر ھزار ٽڪيٽ ماڻھن جي وھڻ لاءِ جاري ٿيل ھئا. انهيءَ درٻار ۾ ھزھائنيس مير صاحب کي سي . آءِ. اي جو خطاب مليو،  ٻلو ۽ ھار بادشاهه سلامت پاڻ پنهنجن ھٿن سان ھز ھائينس کي پارايو. ڪئمپ جو انتظام تمام عمدو رکيل ھو. سنڌ جا گھڻا معزز ماڻھو، رياست خيرپور جا مھمان اچي ٿيا  ھئا جو انهيءَ وقت دھلي ۾ ماڻھن کي آرام جي جاءِ ملڻ مشڪل ھئي.

انهيءَ ساڳي سال 1912 ۾ جي اپريل مھيني جي 19 تاريخ شيخ صادق وزير صاحب لاھور ۾ وفات ڪئي، جو بيماريءَ جي علاج لاءِ اوڏانهن ويل ھو سندس لاش پوءِ اتان کڻائي شڪارپور آندو ويو ۽ اتي دفن ڪيو ويو. خالي ٿيل وزارت جي جاءِ لاءِ گھڻيون ئي درخواستون ٿيون. آخرڪار سردار محمد يعقوب جي ننڍي ڀاءُ ميان محمد ابراھيم صاحب کي وزير مقرر ڪيائون، جو تڏھن ضلع سرحد سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. انهيءَ 22 تاريخ مئي جي وزيري جي  چارج ورتي. ھو پنهنجي ڀاءُ واري اصول تي ھلڻ ۽ سڌاري جي ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ لڳو.

1913ع ۾ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي، خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب ساڻس ملاقات ڪئي.

1914 ۾ به وري جناب گورنر صاحب بمبئي جو خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب جي ساڻس ملاقات ٿي. انهيءَ سال ۾ انگريز سرڪار جي ٻين ڪن بادشاھن سان گڏ جرمنيءَ سان وڏي جنگ شروع ٿي. انهيءَ ۾  ھز ھائينس مير صاحب ا انگريز سرڪار کي ھيٺين مدد ڏني.

1915ع ۾ رياست مان جنگ جي ڪم لاءِ (340822 رپيا) ھوائي جھاز جي لاءِ ڏنا، جنهن جو نالو خيرپور رکيو  ويو ھو ۽ ھزار رپيا ٻيا سپاھين جي حقن ۽ تماڪ لاءِ ڏنا ويا.

1916ع ۾ ڏهه ھزار ٻه سئو رپيا جنگ جي مدد واري فنڊ ۾ ھڪ ھڪ ھزار لارڊ ڪچنر جي يادگيري قائم ڪرڻ واري فنڊ ۾ ڏنا ويا.

1917 ع ۾ پھرئين جنگ جي  قرض ۾ (.-12- 651365 رپيا) ڏنا ويا ۽ پنج ھزار رپيا زخمي سپاھين جي ڪم لاءِ ڏنا ويا.

1918ع ۾ ٻيءَ جنگ جي قرض ۾ (455236 رپيا) ڏنا ويا ۽ ست ھزار رپيا ٻيا سپاھين جي ٻارن جي تعليم لاءِ ڏنا ويا. انهيءَ جنگ جي مدد جي نظر تي انهيءَ سال ۾ سرڪار ھز ھائينس مير صاحب کي ڪرنل جو مليٽري خطاب عطا ڪيو ۽ سندس پٽ مير غلام علي کي ليفٽيننٽ ڪيو، جو اھو اتي  ولايت ۾ تعليم لاءِ ويل ھو ۽ اتان وڃي جنگ جي ڪم ۾ شامل ٿيو.

1919ع ۾ وري به ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي جو خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب جي ساڻس ملاقات ٿي ھن سال ۾ خيرپور ۾ آل انڊيا محمد ايڊويوڪيشنل ڪانفرنس گڏ ٿي. ھڪڙو وڏو عمدو مانڊئو جوڙايو ھو. پري پري جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. ميان محمد ابراھيم وزير صاحب  نهايت عمدو بندوبست رکيو ھو.

1920ع ۾ ڪمشنر صاحب بهادر ھڪڙو ڀيرو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ ھڪڙو ڀيرو خيرپور ۾ آيا. انهيءَ سال ۾ مير صاحب ۽ وزير صاحب جي ڪن ڳالھين تي ناسازي پيدا ٿي، جنهن ڪري ميان محمد ابراھيم وزيري ڇڏي 15 تاريخ جولائي جي موڪل تي ويو ۽ سندس جاءِ تي بمبئي مان شيخ قادر صاحب آيو. ساڳئي وقت ۾ جھوني نائب وزير گل حسن خان به استعيفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي شيخ شير علي ولد صادق علي نائب وزير ٿيو. ساڳئي سال جي آگسٽ مھيني ۾ مير صاحب بمع ديره سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويا.نومبر مھيني ۾ ڪمشنر صاحب بهادر جي ملاقات لاءِ ڪراچي ويا. انهيءَ سال مئي مھيني ۾ صاحبزادو ولي عھد خان صاحب  جي ٿوري عرصي کان پنهنجي والد  کان رنج ٿي دھلي جي پاسي ويل ھو سو موٽي پنهنجي والد سان پرتو ۽ خيرپور آيو.

1921ع جي جنوري جي پھرين تاريخ مڪاني سلاميءَ لاءِ ٻه توبون وڌيڪ ھميشھ لاءِ موروثي طرح سرڪار مان مليون ۽ فيبروري مھيني جي 8 تاريخ مير سر امام بخش خان خيرپور ۾ وفات ڪئي. ڪيترن ڏينهن کان ضعيف ۽ پيٽ جي خلل کان بيمار رھيو آخر مٿين تاريخ وفات ڪيائين. خبر ملڻ تي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب اچي حاضر ٿييا. سندس لاش امانت طور قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ رکي ويئي ۽ سترھن توبون دستور موجب ڇوڙيون ويون، ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ سندس لاش وصيت موجب ڪربلا ۾ دفن ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليو ويو. انهيءَ سان گڏ مير فيض محمد خان جو لاش به اوڏانهن موڪليو ويو. گھڻن نوابن ۽ راجائن ۽ سرڪاري آفيسرن کان معذرت جون تارون پھتيون. دستور موجب پنج ڏينهن ماتم جو پٿر رھيو ۽ سنڌ جا مير،  پير، زميندار ۽ ٻيا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. 13 تاريخ فيبروري جي سڀني جي آڏو صاحبزادي ولي عھد مير علي نواز خان کي پڳ ٻڌايائون ۽ دستار بندي جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ سگھو ئي پوءِ فيض محل ۾ مير صاحب جي مسند نشيني جي رسم ادا ڪئي ويئي. جا پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر مانٽگامري حاضر ٿي ڪئي. ھن پنهنجي  تقرير ۾ چيو ته ”صاحبزادو، معزز صاحبو، اڄ آئون دل جي خوشيءَ سان پنهنجو ھڪڙو فرض ٿو ادا ڪريان. ٽيو ڏينهن جڏھن آئون ھتي خيرپور ۾ آيو ھئس تڏھن منهنجي حالت خوشيءَ جي نه ھئي جو سڀئي مير صاحب مرحوم جي ماتم ۾ ھئا، جنهن ٻارھن ورھين رياست تي حڪومت ڪئي. ھو اھڙو چڱي دل وارو ۽ سچو ماڻھو ھو جو سڀ دوست ته منجھانئس خوش ھئا پر سندس دشمن به ساڻس پرچي ويا ھئا ھن وقت آئون ٻيو ڪجهه چئي نٿو سگھان، صرف بمبئي جي سرڪار جي طرفان ۽ انڊيا سرڪار جي به اميد منظوري مرحوم مير صاحب جي ولي عھد کي سندس گادي تي وھارڻ  آيو آھيان. سر مير امام بخش خان پاڻ پنهنجي والد جي مرضيءَ جي برخلاف گادي تي ويٺو ھو ۽ وڏي عمر جو ھو ۽ سڀني کي سندس نسبت ۾ فڪر ۽  ڳڻتي ھئي، پر پوءِ سگھو ئي ھن اھڙي ھلت ڪئي سڀ منجھانس راضي ۽ خوش ٿيا.

”مير علي نواز خان پور جوانيءَ ۾ پنهنجي والد مرحوم جو جاءِ نشين ٿئي ٿو، جنهن لاءِ سندس والد اڳي ئي راضي ٿي منظوري ڏني ھئي. ھن کي ھاڻوڪي تعليم چڱي مليل آھي ۽ سندس ڀائر، سوٽ ۽ ٻيا صاحبزادا سڀ سندس دوست ۽ خير خواهه آھن. آئون گھڻي خوشيءَ سان کيس دعا ٿو ڪريان ته ھن وڏي درجي تي اچڻ ڪري رياست کي خوش نصيبي حاصل ٿئي ۽ مون کي يقين  آھي ته انهن کي منجھانس گھڻو فائدو حاصل ٿيندو. آئون وڏي سرڪار جي به اميد منظوري کيس سندس بزرگن جي گاديءَ تي وھاريان ٿو. ”پوءِ ھز ھائينس جي مسند نشينيءَ جي پڌرائي لاءِ سترھن توبون ڇوڙيون ويون.

تنهن کان پوءِ مجلس برخاست ٿي ۽ مير صاحب رياست جو والي ٿي حڪومت جو ڪم ڪار شروع ڪيو.

باب سترهون

هزهائينس مير علي نواز خان جي مسند نشيني

۽ سندس حڪومت جو شروع ٿيڻ

ھز ھائينس مير علي نواز خان، خيرپور جو ھاڻوڪو والي 13 تاريخ فيبروري 1221ع ۾ پنهنجي والد مير سر امام بخش خان جي وفات تي سندس جاءِ نشين ٿيو، جيئن مٿي چيو ويو. ساڳئي سال جي جون مھيني جي 24 تاريخ مسند نشيني جي رسم سرڪاري طور دستور موجب ادا ڪئي وئي، انهيءَ ڪم لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر پوپ خيرپور ۾ آيو. ھڪڙي وڏي درٻار ڪئي وئي انهيءَ لاءِ ته انهيءَ ۾ سڀني جي اڳيان ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ جو خريطو مير صاحب کي ڏنو ويو، جنهن ۾ ھز مئجسٽي شھنشاهه مير صاحب کي سندس والد جي جاءِ تي مسند نشين مقرر ڪيو ھو. انهيءَ ڏينهن صبح جو نائين وڳي ھز  ھائينس مير صاحب چئن گھوڙن واري شاھي گاڏيءَ ۾ چڙھي پنهنجي باڊي گارڊ سميت محلات ۾ آيو.

وزير صاحب  ۽ ٻه صاحبزادا ساڻس گڏ ھئا. پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر پوپ سکر جي پوليس سپرنٽينڊنٽ سان گڏ سگھو ئي پوءِ آيو. جڏھن سڀ ويھي ويا تڏھن وزير صاحب ھز ھائينس جي اجازت سان اٿي ظاھر ڪيو ته درٻار کلي ٿي ۽ ڪار گذاري شروع ٿئي ٿي، تنهن تي پوليٽيڪل ايجنٽ ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ جو خريطو ڪڍي پڙھيو، جنهن ۾ ھيئن لکيل ھو:

بطرف ھز ھائينس مير علي نواز خان ٽالپر والي خيرپور

منهنجا معزز دوست، اوھان جي والد ھز ھائينس مرحوم مير امام بخش خان جي وفات جي درد انگيز خبر بمبئي جي سرڪار اڳوڻي وائسراءِ لارڊ چيلمسفرڊ کي ڏني، جنهن بمبئي سرڪار ڏي لکيو ته سندس طرفان مرحوم مير صاحب جي ڪٽنب سان معذرت ڪري انگريز سرڪار کي گھڻو افسوسس آھي ته اوھان جي والد جي وفات ڪري ان کان  ھڪڙو نهايت وفادار دوست ھليو يو آھي ۽ ھن ڏک جھڙي موقعي تي آئون پنهنجو غم ۽ ارمان سان اوھان جي والد جي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان سچي ھمدردي ظاھر ٿو ڪريان. انهيءَ کان پوءِ آئون خوشي سان اوھان کي اطلاع ٿو ڪريان ته ھزيمپيريل مئجسٽي بادشاهه ھندستان جي شھنشاهه مھرباني ڪري اوھان کي رياست خيرپور جي مسند تي مرحوم مير جو جانشين مقرر ڪيو آھي ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي دل و جان سان اوھان کي مبارڪون ٿو ڏيان. آئون ڏاڍي خيال سان سماءَ پيو رکندس ته اوھين ڪيئن حڪومت ٿا ھلايو ۽ اميد ٿو رکان ته اوھين گھڻي مدت تائين پنهنجي رياست جا والي ٿي رھندو، جيڪي ماڻھو اوھان جي سنڀال ھيٺ ڏنا ويا آھن، تن کي اھڙو فائدو پھچائيندو جو انهيءَ جي زبان مان اوھان جي تعريف ۽ تحسين نڪرندي. اوھان جو سچو دوست ريڊنگ انڊيا جو وائسراءِ ۽ گورنر جنرل.

جڏھن خريطي پڙھڻ کان پوءِ  ھو ھز ھائينس کي ڏنو ويو، تڏھن 17 توبون سلامي لاءِ ڇٽيون، جنهن مان سڀني کي معلوم ٿيو ته ھز ھائينس  خيرپور جي مسند تي ويٺو. تنهن کان  پوءِ پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جو فارسي مراسلو ڪڍي انهيءَ جو انگريزي ۾ ترجمو پڙھيو، جنهن جو مضمون ھي ھو.

منهنجا دوست ھزامپيريل مئجسٽي بادشاهه انڊيا جي شھنشاهه مھرباني ڪري اوھان کي رياست خيرپور جو مسند نشين ڪيو آھي. تاريخ 25 جون 1921ع جي ھز ايڪسيلنسي انڊيا جي وائسراءِ گورنر جنرل جو خريطو انهيءَ ڳالهه کي ظاھر ڪرڻ لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ درٻار ۾ اوھان کي ڏيندو. اھڙي موقعي تي آئون اوھان کي دلي مبارڪ ٿو ڏيان ۽ اميد ٿو رکان ته اھو موقعو خيرپور رياست جي لاءِ توڙي اوھان جي لاءِ سڀاڳو ٿيندو اوھين اھڙي شخص ۽ والي جا جانشين ٿا ٿيو، جنهن پنهنجي اعليٰ قسم جي چال ۽ ھلت ۽ عقل وري حڪومت ۾ انگريزن سرڪار سان وفاداري ۽ مددگار جي ڪري رياست خيرپور جو درجو ۽ انهيءَ جو ناموس گھڻي قدر وڌايو ھئو. اھڙي جھوني ۽ ڪمائتي دوست جي بيوقت گذاري وڃڻ ڪري مون کي گھڻو افسوس ٿيو آھي. اوھين حڪومت جي ڪم ۾ تازا داخل ٿا ٿيو، جنهن لاءِ  اوھان جي تعليم ۽ ٻاھرين دنيا جي واقفيت گھڻي قدر اوھان جي فائدي ۾  آھي، جي ڳالھيون اوھان جي والد ۾ نه ھيون،تنهن ڪري آئون اڳواٽ اميد رکي سگھان ٿو ته اوھان جي حڪومت رياست خيرپور ۽ ان جي ماڻھن لاءِ خاص طرح سڀاڳي ۽ مفيد ٿيندي. مون کي خبر آھي ته اوھان جا خيال اعليٰ آھن ۽ اوھان جي مشھور وڏن بزرگن جو جيڪو ڪم اوھان کي مليو آھي، تنهنجي پوري طرح سان ادا ڪرڻ لاءِ اوھين سچي دل سان  خواھشمند آھيو، تنهن ڪري مون کي قوي اميد آھي ته خدا تعاليٰ جي مدد سان اوھان جي حڪومت نه فقط اوھان جي قديم ٽالپرن جي خاندان جي ناموس قائم رکندي ايندي، پر ھاڻوڪي زماني جي سڌاري جي نظر تي رياست جي حالت اڳي کان بهتر ٿيندي ۽ ان جي پيدائش به زيادھ ٿيندي ۽ ماڻھن جو سک به اڳي کان وڌيڪ بهتر ٿيندو، پڇاڙيءَ ۾ آئون دعا ٿو ڪريان ته شل اوھين گھڻي وقت خيرپور جي حڪومت ھلايو ۽ حياتي خوش گذاريو. اوھان کي خاطري ٿو ڏيان ته آئون ھميشھ اوھان  جو دوست ۽ مددگار ٿي رھندس. ههڙي سڳوري وقت آئون دل جان سان اوھان کي مبارڪباد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته اوھان جي حياتي وڏي ٿيندي ۽ اوھين چڱا ڀلا رھندؤ  ۽ اوھان جو ملڪ اھان جي حڪم ھيٺ خوش ۽ سکيو گذاريندو. تنهن کان پوءِ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ھيٺين تقرير ڪئي: - يوئر ھائينس، اوھين رياست خيرپور جي مسند تي اھڙي وقت ٿا ويھو، جڏھن تاريخ ۾ نهايت وڏي جنگ پوري ٿي ويئي آھي. اھڙي جنگ جنهن ۾ دنيا جون سڀئي قومون شامل آھن ۽ جنهن جي ڪري تمام وڏيون قومي ۽ ڪفايتي ڦيريون گھيريون ٿيون آھن، جنهن جو اثر ٿورو يا گھڻو سڀني قومن تي ٿيو آھي. آئون خوشي سان ظاھر ٿو ڪريان ته انهيءَ جنگ ۾ رياست خيرپور جيڪو حصو ورتو آھي سو سندس گذريل ل نالي ناموس جو ھر طرح لائق آھي. خيرپور جي امپيريل مائونٽيڊ سروس رئفلس ۽ ڪئمل  ٽرانسپورٽ برٽش اڀرندي آفريڪا، مصر ۽ ھندستان جي اتر الھندي سرحدن تي جيڪو تعريف جھڙو ڪم ڪيو، توڙي جيڪا اتان پيسي جي مدد ڏني، تنهنجي ڪري اوھان جو والد مرحوم ھز ھائينس مير سر امام بخش خان ٽالپر جي امپيريل مئجسٽي ھندستانجي شھنشاهه ڏانهن پنهنجي سچي وفادار جي پوري ثابتي ٿي ملي. مون کي پڪي اميد آھي ته اوھين انهيءَ عمدي مثال تي ھلندو. مٿي مون چيو ته انهيءَ وڏي جنگ جي پٺيان سڀني سڌريل قومن ۾ ٿوريون يا گھڻيون قومي يا ڪفايتي ڦيريون گھيريون ٿيون آھن. ھاڻوڪي زماني جي حڪومت ۾ سڀني کاتن جي سرڪاري ڪمن جو خرچ وڌي ويو آھي. انهيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته رياست جي پيدائش جي اپائن جي سنڀال ۽ ڪفايتي بندوبست ڪرڻ گھرجي ۽ اتي جي رھندڙن  جي سک ۽ آسائش جي نهايت گھڻي ڳڻتي رکڻ گھرجي. مون کي اميد آھي ته اوھان جي سڌريل حڪومت ھيٺ خيرپور جي رياست درجي بدر جي ترقي ڪندي رھندي. خوشيءَ جي ڳالهه آھي ته سکر واري وڏي واهه جي رٿ جا جلد پوري ٿيڻي آھي. سا رياست کي تمام گھڻو فائدو پھچائيندي ۽ انهيءَ جي پيدائش وڌائيندي ۽ ماڻھن جي حالت ان جي ڪري بهتر ٿيندي. جيڪي ھاڻي تازو ئي گذريو آھي يا جيڪي جلد ٿيڻو آھي، تنهن تي نظر ڪجي ٿي ته خيرپور جي ماڻھن کي اوھان جي حڪومت ھيٺ سک ۽ خوشيءَ لاءِ گھڻي اميد ٿي ڏسجي. آئون  دعا ٿو ڪريان ته شال اوھين گھڻي مدت تائين رياست جو ڪم ڏاھپ ۽ تجويز سان ھلايو، جنهن ڪري اوھان  جي رعيت اوھان جي احسانمند رھي ۽ اوھان کي پيار ڪري.

تنهن کان پوءِ ھز ھائينس مير صاحب ورندي ۾ ھيءَ تقرير ڪئي: -

”منهنجا دوست، آئون اوھان جو گھڻو شڪر گذار آھيان جو اوھان ھر ايڪسيلنسي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل آف انڊيا جو خريطو ۽ ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جو مراسلو مون کي ڏنو آھي، جن ۾ اھا خوش خبري آھي ته ھر امپيريل مئجسٽي بادشاهه ۽ انڊيا جي شھنشاهه مھرباني ڪري مون کي رياست خيرپور جي مسند تي پنهنجي والد جي جاءِ تي ويھاريو آھي، ۽ اسان جي خاندان جي عزت ۽ قدرداني بابت ۽ منهنجي والد مرحوم جي نسبت ۾ جيڪي ھنن چيو آھي ته تنهن جو منهنجي دل تي گھڻو اثر ٿيو آھي، جيڪي دلي مبارڪون اوھان مون کي ڏنيون آھن ۽ جيڪي دعائون اوھان مون کي ڪيون آھن، تن جي لاءِ آئون احسانمند آھيان. مون کي انهيءَ ڳالهه  تي فخر آھي ته منهنجن بزرگن انگريز سرڪار جي چڱي خدمتگذاري ڪئي ۽ ھندستان جي ٻين رياستن جي والين کان وفاداري ۾ ھو پوئتي نه پيا آھن. گذري ويل جنگ، جا ھاڻي پوري ٿي، تنهن ۾ خيرپور جي رياست جيڪا مدد ڪئي، تنهنجي قدردانيءَ جا اشارا ٻڌي آئون گھڻو خوش ٿيو اھيان. انهيءَ ڳالهه جي يادگيري مون کي پنهنجن بزرگن جي پٺيان قدم بقدم ھلڻ تي ھمٿائڻ لاءِ ڪافي آھي. آئون اوھان کي يقين ٿو ڏيان ته آئون شھنشاهه جي جان ۽ تخت سان وفادري ۽ محبت ۾ ٻئي ڪنهن کان گھٽ نه رھندس ۽ جنهن جي شھنشاھت ۾ آئون فخر سان رھان ٿو، انهيءَ جي لاءِ خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ آئون ڪين گھٽائيندس. ڪمشنر صاحب بهادر مھرباني ڪري منهنجي نسبت ۾ تعليم ۽ ٻاھرين دنيا جي  واقفيت جو اشارو ڏنو آھي، جنهن سان حڪومت جي ڪم ۾ داخل ڪار ٿيو آھيان. انهن لفظن مان مون کي چڱي طرح معلوم ٿي سگھي ٿو ته رياست جي والي ٿيڻ ڪري مون تي ڪھڙيون ڪڙيون جوابداريون ٿيون عائد ٿين. آئون خدا ۾ اميد ٿو رکان ته اھي ڳرا فرض جي مون تي رکيل آھن، سي آئون پوري طرح ادا ڪندس. منهنجا دوست، جنهن خطرناڪ زماني ۾ اسين رھون ٿا، تنهن جو اوھان باربار پورو  ذڪر ڪيو آھي. انهيءَ وڏي جنگ بيشڪ دنيا کي پيسي جي مشڪلاتن ۾ وڌو آھي ۽ ترقيءَ کي روڪي ڇڏيو آھي. ھيءَ رياست جا انگريزي وڏي شھنشاھت جو ھڪڙو ڀاڱو آھي، سا به انهن ڦيرين گھيرين جي اثرن کان ڇٽي نه سگھي آھي، پر آئون اميد ٿو ڪيان ته خدا جي فضل سان پيدائش جا اُپاءَ سڌاري ۽ ڪفايت سان ڪم ھلائي آئون رياست جي حالت وري بهتر ڪري سگھندس، جنهن لاءِ اسين سڀئي دل جان  سان ڪوشش ڪندڙ آھيون. 13 تاريخ فيبروري جي، جڏھن آئون بااميد منظور گاديءَ تي ويھاريو ويو ھئس، تڏھن کان وٺي آئون انهيءَ پنهنجي مدعا جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو اچان ٿو، يعني پنهنجي پياري رعيت جي سک ۽ خوشي ۽ راضپي موجود ڪرڻ لاءِ، انهيءَ ارادي سان مون ڇيڙ جي رسم بند ڪرائي ڇڏي آھي، انهيءَ جي عيوض ٿورا نقد پيسا وٺڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ ڇيڙ مان جيڪي تڪليفون پيدا ٿيون ٿين تن جي انهن کي خبر ھوندي جي انهيءَ رسم جا چڱي طرح واقف آھن، اُھا ھڪڙي تمام وڏي نقصان ۽ خرابيءَ واري رسم ھئي جا مُني صديءَ کان ھلندي آئي آھي. انهيءَ ضروري ڦير گھير جو نتيجو مون ھاڻي ئي پنهنجين اکين سان ڏٺو آھي. منهنجي رعيت مان سوين ماڻھو، جي ڇيڙ جي تڪليف کان رياست مان نڪري ٻين پاسن ڏي ويا ھئا،  سي موٽي آيا آھن ۽ ھزارين ٻيا جلد موٽي ايندا. تنهن کان سواءِ غريب ھارين  جي لاءِ مون ڪوآپريٽو سوسائٽيون جاري ڪرايون آھن. اھڙيون ارڙھن سوسائٽيون ته اڳيئي ھنن چئن مھينن جي عرصي ۾ قائم ٿي ويون آھن، سکر واري واهه جي جاري ٿيڻ بابت جيڪي اوھان چيو تنهن مان بيشڪ ھن رياست کي سارو سال آباديءَ جو فائدو پيو پھچندو. آئون خوشيءَ سان چوان ٿو ته خيرپور کي آباديءَ جي لاءِ اڳئي پاڻي پورو ھو، فقط ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ گھڻي آباديءَ لائق غير آباد زمين پيل آھي، جتي پاڻي گھٽ آھي، تنهن ڪري آبادگار به گھٽ آھن، پھرين ڳالهه جو علاج ڇيڙ جي معافي آھي ۽ ٻي ڳالهه بابت مون انهيءَ وڏي واهه مان نڪرڻ واري شاخ سڌارڻ جي منظوري ڏني آھي، جا پنجويھن ميلن تائين ويندي ۽ مٿس اٽڪل ھڪ لک رپيا خرچ ٿيندا. پوءِ اٽڪل ڏهه ھزار ايڪڙ نئين غير آباد زمين آباد ٿي ويندي، پڇاڙيءَ ۾ آئون خدا کان دعا ٿو گھران ته ھو ھن نئين حالت ۾ مون کي ھدايت ڪري ۽ مون کي طاقت ۽ ھوش ڏئي ته پنهنجي ھن نئين عھدي جا فرض اھڙي ايمانداريءَ ۽ انصاف سان بجا آڻيان، جو منهنجي رعيت کي فائدو رسي، جنهن جي سک ۽ آسائش جي ھميشه مون کي ڳڻتي رھندي.

تنهن کان پوءِ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي سر جارج لائڊ جي مبارڪباد جي پھتل تار پڙھي ويئي ۽ ھز ھائينس مير صاحب انهيءَ مبارڪ موقعي جي خوشيءَ ۾ ڇهه قيدي آزاد ڪيا ۽ ٽن ڏينهن تائين رياست ۾ سڀ آفيسون ۽ اسڪول بند رھيا.

ھز ھائينس مير علي نواز خان، 9 تاريخ آگسٽ سن 1884ع جي تولد ٿيو ھو ۽ 37 ورھين جي ڄمار ۾ رياست جي گاديءَ تي ويٺو. ننڍي ھوندي ھو ڪوٽڏيجيءَ ۾ پڙھندو  ھو. وڏي ھوندي انگريزي تعليم لاھور جي ايچسين جيفسن ڪاليج ۾ ورتائين، جتي گھڻا ورهيه رھيو،. خيرپور  جي رياست ۾ سندس خانگي تعليم لاءِ مسٽر ولسن نالي ھڪڙو قابل ماڻھو مقرر ڪيو ويو ھو جو لاھور ۾ ساڻس گڏ رھندو ھو. جڏھن تعليم جو ڪم پورو ڪيائين، تڏھن ھن کي ڪپتان ريلي سان گڏ يورپ ڏي موڪليو ويو، جتي نَوَ مھينا وڃي زيادھ تعليم ورتائين، جا ھن پوري طرح حاصل ڪئي ۽ يورپ ۽ ھندستان جا گھڻا ڀاڱا گھمي ڏٺائين، جنهن ڪري دنيا جي ھن کي چڱي واقفيت حاصل ٿي آھي، انهيءَ جو نتيجو اھو ٿيو آھي ته مسند نشيني کان پوءِ ھڪدم رياست جي سڌاري جو ڪم

شروع ڪيو اٿس، جيئن مٿي سندس تقرير مان معلوم ٿو ٿئي.

1921ع جي نومبر مھيني ۾ ھز ھائينس مير صاحب دھلي ۾ چيمبر آف پرنسز يعني شھزادن واري مجلس ۾ به وڃي شامل ٿيو ۽ بمبئي ۾ به ڪيترا دفعا ويو آھي، پھرين ساڳئي سال جي آگسٽ مھيني ۾ ته ھز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بمبئي جي ملاقات لاءِ ويو ۽ نومبر ۾ ھز رائل ھائينس  پرنس آف ويلس جي استقبال ۽ ملاقات لاءِ ويو.

ھز ھائينس مير صاحب کي ھڪڙو پٽ آھي، جنهن تي سندس ڏاڏي مير فيض محمد خان جو نالو آھي، جو 4 جنوري سن 1913ع جي ڄائو ھو. مير صاحب کي ٻه ڀائر آھن، ھڪڙو مير علي محمد خان،  جو اٽڪل 34 ورھين جو آھي ۽ ٻيو مير غلام علي خان جو 32 ورھين جو آھي ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جو بي. اي آھي ۽ ملٽري ۾ درجو ميجر جو اٿس.

ھز ھائينس مير علي نواز خان جي حڪومت جي شروع ٿيڻ تي رياست جي عھديدارن ۾ ھيٺيون ڦيريون گھيريون ۽ مقرريون ٿيون. نئون وزير شيخ محمد قادر صاحب  ته اڳيئي مرحوم مير سر امام بخش خان جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ميان محمد ابراھيم خان صاحب جي جاءِ تي آيل ھو. نائب وزير گل حسن خان جي جاءِ تي شيخ شير علي ٿيو، جو اڳوڻي وزير مرحوم شيخ صادق علي جو پٽ آھي ۽ انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ سانگھڙ جو مختيارڪار ھو. مسٽر تولا رام پينشنر مختيارڪار زمينن جي حقن جي جاچ ۽ تپاس لاءِ انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. مسٽر عبدالمجيد دريشاڻي ايم اي، جو اڳي به خيرپور ھاءِ اسڪول جو پرنسپال ھو ۽ ڇڏي ويو ھو، سو وري اتي آيو. مسٽر ميٺا رام جو پڻ اڳي رياست ۾ ھو ۽ پوءِ نڪري ويو ھو، سو وري مختيارڪار ڪري آندو ويو ۽ في الحال آدمشماريءَ جو سپرنٽينڊنٽ ڪري رکيو ويو. ساڳيءَ طرح مسٽر گيانچند، جو اڳي رياست مان نڪري ويو ھو، سو وري ڪوآپريٽو سوسائٽين جو رجسٽرار ڪري رکيو ويو. ميان غلام قادر مختيارڪار کي ڪن ڳالھين ڪري موڪل ڏني ويئي ۽ ھو رياست مان نڪري ويو ۽ رمضان خان پينشنر پوليس انسپيڪٽر کي رياست ۾ پوليس انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو ۽ اڳوڻي انسپيڪٽر ميان غلام حسين استعيفيٰ ڏني. مير مريد احمد خان کي ٻيلن جو عملدار مقرر ڪيو  ويو. ٻيا سڀ عملدار بحال رھيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org