سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: رياست خيرپور

باب: --

صفحو : 2

باب چوٿون

سردار مدد خان جي ڪلهوڙن کي مدد ۽

ميرن جي هٿان شڪست

انهيءَ وچ ۾ ميان عبدالنبي موٽي قلات ڏي ويو، اتي ٻڌائين ته سردار مدد خان افغان بادشاهي لشڪر ساڻ ڪري بهاولپور آيو آهي ۽ محمد بهاول دائود پوٽو ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو آهي. ميان گهڻيون سوکڙيون ڏيئي پنهنجو وڪيل سردار ڏي موڪليو ۽ مدد جي عيوض گهڻي سون ڏيڻ جو انجام ڪيائين. ٻئي پاسي خود بادشاهه ڏي وڪيل موڪليائين، جنهن مدد خان کي حڪم ڪيو ته لشڪر سنڌ ۾ وٺي وڃي ۽ ميان جي مدد ڪري، ان موجب مدد خان سنڌ ۾ آيو. ميان عبدالنبي بروهين ۽ نومڙين جي لشڪر سميت وڃي هن کي گڏيو. مدد خان چيس ته مون کي لشڪر جي خرچ لاءِ پئسا گهرجن، تنهن ڪري اڌ  رقم جو هٿ ۾ ڏي ۽ ٻيو پوءِ ڏجائين، ميان عبدالنبي وٽ ته ايترو پيسو ڪو نه هو، تنهن چيس ته خزانو سڀ حيدرآباد جي قلعي ۾ رکيل آهي، جنهن وقت قلعو ورتوسين تنهن وقت رقم پهچائي ڏيندس، تيستائين ڪوچ ڪندي ملڪ ڦرڻ سان گهڻو ئي هٿ اچي سگهندو. مدد خان کي  خانگي جاچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ميان رڳو ڪوڙو بهانو ٿو ڪري ۽ مفت اسان کي تڪليف ڏني اٿس، تنهن ڪري هن ميان عبدالنبي جي مک صلاحڪارن تاجي ليکي جي پٽ  بلاول ۽ تاجي  سامٽئي ۽ ٻڍي دربان کي قيد کڻي ڪيو ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائين ۽ پوءِ پاڻ سان گهمائيندو ۽ مارون ڏياريندو وتين، انهيءَ لاءِ ته خزاني بابت سچي ڪن ۽ پاڻ مدد خان ملڪ  ڦريندو وتيو. جڏهن درياهه لنگهي هن ڀر ٿيو ۽ ڦرمار شروع ڪيائين ته تڏهن ماڻهو ظلم کان مير عبدالله وٽ دانهي آيا. مير پنهنجن عزيزن سان صلاح مشورو ڪيو. سندس رٿ هئي ته پٺاڻ سردار تي ڪاهي هلي هن کي روڪجي، مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان سندس راءِ سان شامل ٿيا، مگر ٻڍو مير فتح خان شامل نه ٿيو ۽ چيائين ته بادشاهه جي لشڪر سان سامهون ٿيڻ مناسب ناهي. هن جوان مير جو چوڻ هو ته بادشاهه يا سندس وزيرن اميرن کي انصاف ڪري نيڪي سان هلڻ گهرجي، پر جي اهي ظلم ڪن ته انهن کي روڪڻ گهرجي. نيٺ اها رٿ قائم ڪري مير عبدالله پاڻ سان مير فتح علي، مير غلام علي ۽ مير سهراب وٺي روانو ٿيو ۽ مير فتح  خان ۽ مرزو فقير ۽ نظاماڻي سردار پٺ تي رهيا. پر ٻن ٽن منزلن کان پوءِ هو پشيمان ٿيا ۽ وڃي ساڻن گڏيا ۽ وري به صلاح ڏنائون ته ڀلي پهرين بادشاهي لشڪر جنگ شروع ڪري پوءِ کڻي اوهين وڙهجو. آخر ائين ڪيائيون. اتي ئي منزل ڪري ويهي رهيا، سگهو ئي ٻڌائون ته سردار مدد خان ڇهن ڪوهن تي آيو آهي. مدد خان به هنن جي نزديڪيءَ جو ٻڌي بروهين ۽ نومڙين جو ڪجهه لشڪر  اڳواٽ سڌ سماءَ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ پنهنجن صلاحڪارن سان مشوره ڪري اهو ٺهراءُ ڪيائين ته مير سان پهرين صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، تنهن ڪري پنهنجن وڪيلن جي هٿان مير ڏي اهو پيغام موڪليائين ته مون کي خبر آهي ته اوهين سڀ بهادر شخص آهيو ۽ عبدالنبي ۽ سندس صلاحڪار بي عقل ۽ حرڪتي ماڻهو آهن. مون هنن کي اڳ ئي سزا ڏني آهي ۽ منجهائن ٽي ڄڻا ڪاٺ ۾ وڌا اٿم، تنهن ڪري بهتر آهي ته اوهين موٽي وڃو، آئون هنن سان گڏيو خدا آباد ٿو  اچان، جو هي چوي ٿو ته سندس خزانو حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ آهي، مون کي خبر آهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. مگر اهو ڪوڙو ثابت ڪري  پوءِ بادشاهه ڏي اوهان جي فائدي ۾ ۽ هن جي بر خلاف لکندس. آئون قسم ٿو کڻان ته مون کي اوهان سان وڙهڻ جو ارادو ڪونهي.

جڏهن اهو پيغام مير کي مليو تڏهن هو خوش ٿيو ۽ سردار جي وڪيلن کي خلعتون ۽ گهوڙا انعام ڏئي روانو ڪيائين ۽ هي جواب پنهنجن وڪيلن تاجي ليکي جي ڀاءُ الهداد ليکي ۽ منشي انبرتراءَ جي هٿان  ڏياري موڪليائين ته اسين بادشاهه جا غلام آهيون ۽ توکي پنهنجو دوست ۽ خير خواه ٿا سمجهون. امڪان آهي ته ڪن بدخواهن اسان جي شڪايت بادشاهه وٽ ڪئي هجي. مگر اسان کي اميد آهي ته تون اها غلط فهمي دور ڪندين. تون ڀلي خدا آباد ڏي روانو ٿي ته پوءِ اسين عمر ڪوٽ ڏي هليا وينداسين، جتي اسان جو سامان پيل آهي.

سردار مدد خان ائين ئي ڪيو ۽ مير جي وڪيلن کي سوکڙيون ڏيئي موٽايائين ۽ پاڻ پنهنجن پٺاڻن ۽ بروهين ۽ نومڙين سان خدا آباد ڏي روانو ٿيو جتي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن جي اندر وڃي پهتا. اتي هن عبدالنبي کي  زور ڪيو ته مال پيدا ڪري ۽ پاڻ به پنهنجن ماڻهن سميت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳو. ڏاڍا ظلم ٿي گذريا. غريبن توڙي شاهوڪارن کان جيڪي ڦري سگهيا سو ڦريائون. سون، روپيو، ڪپڙو، گندي، بلڪ جتيون ۽ تڏا به گهرن ۾ نه ڇڏيائون. ماڻهن کي ڏاڍيون تڪليفون پهتيون. هڪڙي پاسي هئي ترار ۽ ٻئي پاسي باهه، شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا، جن جا ڦٽل پٽ ۽ دڙا اڃا پيا ڏسجن.

جڏهن مير عبدالله خان ۽ سندس عزيزن انهن ظلمن جون دانهون ٻڌيون تڏهن ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ارمان ٿين ته ناحق مير فتح خان جي صلاح تي لڳاسين. آخر صلاح ڪيائون ته مدد خان تي ڪاهجي. هڪدم تياري ٿي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو روانا ٿيا. مير فتح خان به هن ڀيري ساڻن شامل ٿيو، اگرچه هن جي اڃا به صلاح اها  هئي ته وڙهڻ کان اڳي ڳالهين سان ٺاهه ڪجي. سڀني خدا آباد ڏي رخ  رکيو. جڏهن مدد خان هن جي اچڻ جو ٻڌو تڏهن ڏاڍو بي آرام ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن لشڪر وٺي ميرن جي  منزل کان ٽن ڪوهن تي اچي لٿو. تڏهن مير عبدالله پهرين پهرين پيغام ڏياري موڪليس ته اسان تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪيو، پر تنهنجي ڳالهه هڪڙي ۽ ڪم ٻيا. هيترا ظلم جي تو بيگناهه ماڻهن سان ڪيا آهن، تن جو توکي خدا وٽ جوابدار رهڻو آهي ۽ انهيءَ جي سزا سگهو توکي ملندي. مدد خان جواب موڪليو ته تون صحيح ٿو چوين. تون عمر ۾ جوان آهين، پر  عقل ۾ گهٽ ٿو ڏسجين. عبدالنبي مون کي مال جو دلاسو ڏنو هو. جڏهن اهو هن نه ڏنو تڏهن اسان کي لاچار ٿيو ته ملڪ ڦريون. انهيءَ لاءِ خدا وٽ هو جوابدار آهي نه آئون. مون اڳئي بادشاهه ڏي  تنهنجي سفارش ڪئي، جي ٺهرايل ڍل هر سال پهچائي ڏيڻ جو انجام ڪندؤ ۽ پنهنجن عزيزن سميت مون وٽ ايندؤ ته سڀ ڪم ٺهي پوندو.

پر انهيءَ پيغام تي مير راضي نه ٿيو. لشڪر سنبرائي  ڏانهنس هليو. مير فتح خان ناراض ٿي پنهنجي لشڪر ۽ لشڪر جي سردار باغ فقير سميت عمر ڪوٽ هليو ويو ۽ مير عبدالله اچي دين ڳڙهه وٽ منزل ڪئي. جڏهن مدد خان کي معلوم ٿيو ته مير فتح خان جو ٻين کان ڇڄي ڌار ٿيڻ سندس فائدي ۾ آهي، تڏهن هن انهيءَ جو فائدو وٺن گهريو. هڪدم عمر ڪوٽ ڏي ڪاهيائين ۽ مير فتح خان کي ڌوتاري پاڻ وٽ آندائين. پهريائين گهڻي عزت ڏنائينس پر هڪ ٻن منزلن کان پوءِ جڏهن لوهري پهتا، تڏهن مير کي چيائين ته تون فسادي آهين ٻه لک رپيا ڏي نه ته قيد آهين. مير کي ٻيو چارو ڪو نه هو. لاچار قبول ڪيائين. وري سردار مير عبدالله جي خبر چار وٺي کيس زور ڪيو ته هن ڏي ۽ سندس ٻين عزيزن ڏي لکي ته اچن. ڊپ کان جيئن سردار لکايو تيئن هن لکيو ۽ اهو خط هڪڙي اوٺي سوار هٿ مير ڏي موڪليو ويو. تيستائين مير فتح خان پنهنجي تنبوءَ ۾ پنجاهه سپاهين هيٺ نظربند هو. اتي مير فتح خان جي اک پٽي ته مير عبدالله کان ڌار ٿيڻ ۾ مون وڏي غلطي ڪئي. هن کي پڪ هئي ته مير سندس خط تي ڪڏهن ڪين ايندو ۽ هن جي نه اچڻ ڪري هي مون کي عذاب ڏيندا. تنهن ڪري ڀڄي نڪرڻ جو ارادو ڪيائين. ظاهري طرح سردار کي چيائين ته فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻي واڻئي کان گهربل پيسن آڻڻ لاءِ ڪي سوار موڪليان ٿو ۽ ڳجهي طرح انهن سوارن کي سمجهايائين ته فلاڻي هنڌ تکا گهوڙا تيار ڪري بيٺا رهجو. ٻي رات جڏهن پهري وارا وڃي ستا، تڏهن مير پنهنجي هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي هنڌ ۾ سمهاري ۽ پاڻ نوڪر يا سپاهي جي پوشاڪ ڍڪي نڪري ويو ۽ وڃي ٺهرايل هنڌ پنهنجن مائٽن کي گڏيو ۽ گهوڙا ڊوڙائي مير عبدالله جي منزل تي آيو. جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن سردار ٻڌو ته مير فتح خان ڀڄي ويو، هيڏي هوڏي ماڻهو ڊوڙايائين پر پتو ڪو نه پيس. آخر معلوم ٿيو ته دين ڳڙهه ۾ وڃي پنهنجن عزيزن سان گڏيو. ڏاڍو ڪاوڙيو، پهري  وارن جون سسيون لهرائي ڇڏيائين. هڪدم لوهري مان نڪري اُٻاوڙي ۾ منزل ڪيائين ۽ اتان مير عبدالله ڏي پيغام موڪليائين ته مون کي پنهنجو دوست سمجهه ۽ مير فتح خان جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪج. منهنجي مرضي آهي ته آئون عبدالنبي جي ٻانهن تنهنجي حوالي ڪريان ۽ تنهنجو هن سان پرچاءُ ڪريان. جي توکي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ هجي ته اجهو آئون قرآن به موڪليان ٿو  جو منهنجو شاهد آهي. انهيءَ کان پوءِ آئون ويندس ۽ بادشاهه کي خوش ڪري تنهنجي فائدي ۾ آڻيندس.

مير عبدالله کي اهڙي پيغام  تي اعتبار ڪو نه آيو. جواب ڏياري موڪليائين ته آئون هڪڙي ڳالهه وارو ماڻهو آهيان ۽ جيڪي مون کي چوڻو هو سو مون اڳيئي چيو آهي، جيڪڏهن مون کي بادشاهه جي مدنظر نه هجي ها ته هن کان اڳي آئون بهتر بندوبست ڪريان ها. هاڻ آئون  اچان ٿو. روبرو گڏباسين. ائين چئي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. هوڏانهن مدد خان سڄي ڳالهه سمجهي درياهه لنگهي هليو ۽  عبدالنبي کي ڇڏي ڏنائين، باقي هن جا سنگتي جي وٽس قيد هئا سي وٺي هليو ويو.

باب پنجون

ميرن جي ڪلهوڙن کي شڪست ڏيڻ  سنڌ فتح ڪرڻ

اهڙي بي واهئي جي حالت ۾ عبدالنبي جو مير عبدالله وٽ پيش پوڻ ۽ انهيءَ سان پرچڻ جو ارادو ڪيو. مرزي فقير جي پٽ باغ فقير کي پرچاءُ ڪرڻ لاءِ موڪليائين ۽ داؤد پوٽن جي سردار محمد بهاول کي به انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ منٿ ڪيائين، جنهن پنهنجا سردار مير ڏي موڪليا. مير فتح خان کي به عبدالنبي موڙي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ قرآن تي هيٺيان لفظ لکي مير عبدالله ڏي موڪليائين ته ”آئون خدا جو قسم کڻي قرآن تي لکي ٿو ڏيان ته آئون مير سان سچو رهندس ۽ ساڻس دغا نه ڪندس.“ جڏهن قران مير وٽ آندو ويو تڏهن مير تعظيم کان اٿي بيٺو ۽ اهو چمي پنهنجي مٿي تي رکيائين. پوءِ جيڪي لکيل هو سو پڙهي قبول ڪيائين، اگرچ دل ۾ دغا جو شڪ هوس، ڇا لاءِ جو اتي جو اتي پنهنجي سؤٽ مير فتح علي کي چيائين ته ادا آئون پنهنجو سر قرآن جي صدقي ٿو ڏيان. آئون سگهو ئي پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءُ ۽ چاچي کي وڃي گڏبس ۽ پنهنجا ننڍڙا ٻار  تنهنجي حوالي ڇڏيندس.“ ائين چئي مير پنڌ ڪري ميان عبدالنبي جي تنبوءَ ۾ ويو ۽ ٻيا سردار به ساڻس گڏ ويا. عبدالنبي کيس ڏاڍي آڌرڀاءُ ڏني. شام جو وري پاڻ مير جي  ملاقات لاءِ آيو ۽ ظاهري طرح پنهنجي اڳوڻي هلت ڪري گهڻو پشيمان ٿيو. پوءِ گڏجي منزلون ڪندا خدا آباد آيا. انهيءَ وقت کان وٺي ميان عبدالنبي وري اڳي وانگي سنڌ جو حاڪم شمار ٿيڻ لڳو ۽ مير دستور موجب ڪن ٿورن ماڻهن سان هر روز سندس سلام تي پيو ايندو هو. عبدالنبي هميشه وجهه پيو ڳوليندو هو. هڪڙي رات جو هڪڙو ماڻهو پاڻ سان وٺي مير جي جاءِ تي آيو ۽ چوڻ لڳس ته ”آئون ڀانيان ٿو ته توکي اڃا مون ۾ شڪ آهي ۽ مون کان ڊپ آهي جو اڪثر گهڻن ماڻهن سان مون وٽ ايندو آهين. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته منهنجي لکڻ تي ۽ قرآن جي قسم تي به توکي پورو ويساهه ناهي. هاڻي آئون اڪيلو تو وٽ لنگهي آيو آهيان، جي مون کي مارڻو هجئي ته مار آئون حاضر آهيان.“

هي ٻڌي مير ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ميان جي مناسب خدمت گذاري ڪري هن کي روانو ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجا عزيز خوش ۽ لشڪر شهدادپور ڏياري موڪليائين. فقط پاڻ ۽ مير فتح خان ۽ مرزو فقير اتي رهي پيا ۽ ٻيا ڪي ٿورا بلوچ ساڻن رهيا. ان کان پوءِ مير ميان وٽ اڪيلو پيو ايندو ويندو هو.

ميان تڏهن دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائين ته هاڻي وجهه تمام چڱو مليو آهي. هڪڙي ڏينهن ڪن ٿورن ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته سڀاڻي صبح جو هٿيار کڻي سنبري ڪچهري کان ٻاهر بيهي رهجو. جڏهن ٻئي مير  آيا تڏهن  ٻاهر ميان جي ماڻهن هنن کي چيو ته ميان جو حڪم آهي ته هٿيار ڇڏي اندر وٽس وڃو. ميرن کي حيراني لڳي، مگر ڀانيائون ته ميان اسان جي ويساهه جو آزمودو ٿو وٺي. تنهن ڪري هنن پنهنجو تراريون لاهي اتي رکيون ته هڪدم ماڻهن کڻي قيد ڪين. ساڳئي وقت ڪن ماڻهن ميرن جي منزل تي اها خبر وڃي ٻڌائي تنهن کي مرزو فقير ۽ ڪي ٿورا بلوچ اتي آيا ته ميان جي ماڻهن مٿن بندوقون  ڇوڙيون، جنهن ڪري گهڻا مئا ۽ جيڪي بچيا سي تراريون کڻي وڃي ميان جي ماڻهن سان وڙهيا ۽ گهڻن کي ماري وڌائون. ايتري ۾ ميرن کي معلوم ٿيو ته اسان جو اجل اچي رسيو آهي سي قرآن کڻي ويهي پڙهڻ لڳا. اوچتو هڪڙو ماڻهو ترار کڻي آيو ۽ ڌڪ هڻي پهرين مير عبدالنبي جي سسي لاهي وڌائين جا قرآن جي پاسي ۾ ڪري پيئي ۽ قرآن جا ورق رت ۾ ڳاڙها ٿي پيا. اهڙيءَ طرح اهي ٻئي بيگناهه مير سن 197ع مطابق 1783ع ۾ ماريا ويا.

مير عبدالله ٻه ننڍڙا پٽ ڇڏي مئو، هڪڙو غلام حسين ۽ ٻيو بهرام ۽ مير فتح خان ٻه وڏا پٽ ڇڏي مئو، هڪڙو الهيار ۽ ٻيو ٺارو. جوان ميرن ۾ هينئر فتح علي خان وڏو هو، جنهن کي بلوچن پڳ ٻڌائي پنهنجو سردار ڪيو، پهرين ته سڀئي بلوچ غم ۽ ماتم ۾ غرق هئا ۽ خوني عبدالنبي تي ڪاوڙيا. مير فتح علي خان جي مرضي هئي ته  هڪدم مٿس ڪاهجي پر مير سهراب خان صلاح ڪئي ته پهرين پنهنجا ٻار ٻچا وٺي دين ڳڙهه هلون، پوءِ اتان لشڪر وٺي نڪرون. آخر اها صلح بيٺي ته هنن اچي دين ڳڙهه جو قلعو والاريو. پنهنجا ٻار ٻچا اتي ويهاري پوءِ مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير سهراب خان، مير الهيار ۽ مير ٺارو خان ۽ باغو فقير ساڻ ڪري ڇهن هزار بلوچن جي لشڪر سان روانو ٿيو. پر دشمن جي مقابلي ۾ اهو لشڪر ٿورو هو، تنهن ڪري مير سهراب خان ونگه ولاسه جي پاسي ويو، انهيءَ لاءِ  ته اتان  نندو فقير ۽ ٻيا بلوچ سردار لشڪر سميت مدد لاءِ وٺي اچي.

جڏهن عبدالنبي ٻڌو ته بلوچ جنگ لاءِ سنبري آيا آهن، تڏهن هو پنهنجي لشڪر سان انهن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو. محمد  حسن کهاوڙ کي سپه سالار مقرر ڪيائين ۽ کهاوڙن جي لشڪر سان اڳي روانو ڪيائين. راڄي ليکئي جي پٽ بلاول به ڳچ جيترن ماڻهن سان اچي ساڻس گڏيو. الهه بخش جنهجڻ جو پٽ غلام حسن به پنهنجا ذات ڀائي وٺي آيو. پٺيانس وري تاجو سامٽيو، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز ڪليري، پيروز ٽالپر به پنهنجا پنهنجا لشڪر وٺي آيا. انهن کانسواءِ نومڙيا ۽  کوسا ۽ افغان به هئا، جن جا منهندار سردار خان ۽ اسحاق خان هئا. مطلب ته اهي سڀ ماڻهو ٽيهن هزارن کان زياده هئا.

اهو لشڪر وٺي ميان عبدالنبي هالاڻي اچي منزل ڪئي، جتان مير جي منزل ٽي ڪوهه هئي. مير فتح علي خان، مير سهراب خان جي مدد تائين به نه ترسي سگهيو ۽ دشمن تي ڪاهي هليو. ٻئي لشڪر اچي گڏيا. ڏاڍي جنگ لڳي. پهرين پري کان بندوقون ۽ ڪمان جا تير شروع ٿيا. پوءِ ويجهو وڃي ترارين سان وڙهڻ لڳا، جنگ اڃا متي پئي هئي ته مير سهراب خان به ٽي هزار بهادر بلوچ وٺي اچي پهتو. محمد حسن کهاوڙ سپه سالار ڏاڍي بهادريءَ سان پئي وڙهيو، پر مير فتح علي خان پاڻ هن کي ترار سان ماري وڌو. هن جي ڪرڻ تي سندس ڀاءُ باقر سندس جاءِ تي مهندار ٿيو، پر اهو به جلد مارجي ويو. پوءِ ته مير حڪم ڏنو ته سڀني پاسن کان گڏجي دشمن تي ڪاهي پئو. مير سهراب سامٽن جي لشڪر ۾ گهڙي پيو ۽ تاجي ليکي ۽ سندس ڀاءُ الهداد کي ماريائين. ٻين ميرن به ڏاڍي بهادري ڏيکاري. ڪيترائي ماڻهو ماريائون ۽ ڪيترائي قيد ڪيائون. عبدالنبي اٿي ڀڳو. هالاڻي واري ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪن ٿورن ماڻهن سان ڀڄي ويو ۽ جان بچايائين. پوءِ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه لنگهي سڌو ٽڪرن ڏي رخ رکيائين. اها هالاڻي واري جنگ 1196هه مطابق 1782ع ۾ ٿي. فتحنامه، جنهن مان هي احوال ورتو ويو، تنهنجي مصنف انهيءَ جنگ جي تاريخ  ابجد جي حساب  سان فتح علي لفظ مان ڪڍي آهي، جو اها تاريخ انهيءَ لفظ جو ٻيڻ آهي. چيو اٿس ته – مصانف کن ا-مداد فتح علي –که تاريخ اين فتح گردد جلي.

ميان جي ڀڄڻ جو ٻڌي ساري لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي. فتح کٽي مير فتح علي خان سڌو نوشهري آيو ۽ اتي اچي ساهي  کنيائين. بلاول ليکي جي پٺيان لشڪر ويو، پر اهو سمنڊ جي رستي هالار جبل ڏي نڪري ويو. مهراب جتوئي جو پٽ تاجو فقير ۽ ڌڱاڻو جتوئي پشيمان ٿي اچي پنهنجي لشڪرن سميت مير سان شامل ٿيا. مير فتح علي خان تاجي کي پنهنجي پيءُ جي جاءِ ڏني ۽ تاجي جي جاءِ ڌڱاڻي کي ڏنائين.

باب ڇهون

مير فتح علي خان جي حڪومت ۽ ملڪ جو ورهاڱو

ميان عبدالنبي ڪي ڏينهن اڳي خانگي طرح جوڌپور جي راجا بجيسنگ کي عمر ڪوٽ ڏئي ڇڏيو هو، جو هن مير بجار خان جي مارائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ هن کان ڪا رقم وڌيڪ به ورتي هئائين. راجا اتي جي قلعي ۾ پنهنجا راجپوت ويهاري ڇڏيا هئا. جڏهن انهن ٻڌو ته بلوچن سنڌ ورتي آهي تڏهن راجا ڏي ماڻهو موڪليائون ته زياده لشڪر قلعي جي بچاءُ لاءِ موڪلي. ان موجب راجا ٻه  هزار ماڻهو ۽ هڪ سؤ اٺن تي سرسات ۽ سامان ڏياري موڪليو. اتفاق سان مير سهراب خان جو ڀاءُ مير غلام محمد انهيءَ پاسي شڪار ڪرڻ ويو ۽ راجپوتن جي منهن پئجي ويو. مير سان مڙئي سؤ کن ماڻهو هئا. راجپوت ٽي سؤ ماڻهو هئا. مير هنن تي ڪاهيو. انهن مان سؤ کن کي ماري وڌائون ۽ جيڪي ٻه سؤ  بچيا سي موٽي وڃي وڏي لشڪر سان گڏيا جو پٺيان ٿي آيو ۽ عمرڪوٽ ڏي ٿي ويو. بلوچن کي انهيءَ جي ڪا خبر ڪا نه هئي سي هنن جي پٺيان ڪاهي وڃي لشڪر ۾ پيا، جتي هنن وڪوڙي سڀني کي ماري ڇڏيو. اگرچه ٽي سؤ راجپوت اتي به هنن مارايا. اهو واقعو 1201 هه مطابق سنه 1786ع ۾ ٿيو.

هي خبر ٻڌي مير سهراب خان ڏاڍو ڪاوڙيو. هڪدم لشڪر وٺي پنهنجي ڀاءُ جي وير وٺڻ لاءِ نڪتو. سندس پٺيان مير فتح علي خان ٻيو به لشڪر مدد لاءِ موڪليو. سگهو ئي وڃي راجپوتن جي ملڪ ۾ ساڻن وڙهيا. گهڻا راجپوت ماريائون ۽ ڦر مار ڪيائون ۽ سندن مندر ۽ بتخانا ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. پوءِ وري موٽي پنهنجي وطن آيا.

ميان عبدالنبي ٽيون ڀيرو وري قلاوت ڏي ويو ۽ اتي جي حاڪم محمد نصير کان مدد گهريائين ۽ انهيءَ جي عيوض اڌ سنڌ جو ڏيڻو ڪيائين پر خان کي اڳوڻي شڪست يا هئي ۽ هيترو به ڏٺائين ته هن کي به بادشاهي لشڪر جي مدد آهي، نه نومڙين يا ڪن ٻين قومن جي، تنهن ڪري صاف جواب ڏيئي ڇڏيائينس، پر هن جي منٿن ۽ عاجزين تي مير فتح علي خان ڏي لکيائين ته ڪو وڪيل ڏياري موڪلي ته انهيءَ سان ڪن ضروري ڳالهين بابت ذڪر ڪجي. ان موجب مير صاحب قيصر فقير نظاماڻي کي قلات ڏي موڪلي ڏنو. انهيءَ کي خان چيو ته مون عبدالنبي سان گهڻين منٿن کان پوءِ انجام ڪيو آهي ته لشڪر ڏئي خدا آباد تائين پهچايان. وڪيل مير کي اهو پيغام ڏنو. مير اها ڳالهه قبول ڪئي. مگر چيائين ته خان جو لشڪر درياهه تائين اچي ۽ درياهه نه لنگهي نه ته خرابي ٿيندي. پوءِ مير ڄاڻي ٻجهي ونگه جي پاسي شڪار لاءِ نڪري ويو. ٻه مهينا اتي شڪار پي ڪيائين، پٺ تي ميان عبدالنبي  بروهين جي لشڪر سان سيوستان يا سيوهڻ جي حد ۾ هٽڙي تائين آيو. ڳجهي طرح جوڌپور جي راجا کي لشڪر موڪلڻ لاءِ چيو هئائين، انهيءَ لاءِ منتظر ٿي ويٺو ۽ بروهين کي به ترسايو ويٺو هو. بروهين کي سرسات ۽ پيسي جي گهرج ٿي سي ملڪ ڦرڻ لڳا، پر ماڻهو اڳيئي ڳوٺ سڃا ڪري ڀڄي ويا، تنهن ڪري هنن کي لٽ ۾ ڪي ڪين مليو. تڏهن هو خود عبدالنبي ۽ سندس ماڻهن کي ڦرڻ لڳا ۽ هنن جا گهوڙا، اُٺَ تنبو وغيره سڀ کڻي هن کي اتي ڇڏي موٽي هليا ويا.

لاچار ٿي عبدالنبي ديري غازي خان ڏي هليو ويو. پٺ تي راجپوت آيا سهي، پر پنهنجي سرحد تي بيهي رهيا ۽ جڏهن معلوم ٿين ته عبدالنبي هليو ويو آهي، تڏهن موٽي ويا. اهو حال سنه 1197هه مطابق سن 1783ع ۾  ٿي گذريو.

جڏهن مير فتح علي خان کي اها ڳالهه معلوم ٿي، تڏهن شڪار بند ڪري  موٽي  خدا آباد ڏي آيو. رستي ۾ حيدرآباد وٽ هن باغي فقير کي موڪليو ته نومڙين کي وڃي سزا ڏئي. اهو به  ٻه سؤ ٻيڙيون گڏ ڪري لشڪر پار لنگهائي ويو. نومڙيا اچي پيش پيا ۽ مير جي آڻ مڃيائون، تنهن ڪري معافي ملين.

پوءِ مير فتح علي خان خدا آباد ڇڏي اچي شاهپور رهڻ لڳو. اتان حاجي احمد خدمتگار کي گهيرو ڪري حيدرآباد جي ڪوٽ وٺڻ لاءِ موڪليائين ۽ هن آسانيءَ سان قلعو وڃي ورتو. سگهو ئي ملوم ٿيو ته عبدالنبي ديرن مان بادشاهه تيمور شاهه ڏي دانهي ويو آهي. ديوان گدو مل ۽ مير غلام علي خان جي صلاح سان مير صاحب آغا  ابراهيم شاهه ۽ قيصر فقير نظاماڻي کي بادشاهه ڏي وڪيل ڪري موڪليو. سردار محفوظ خان بادشاهه وٽ عبدالنبي جو سفارش ڪندڙ هو. مير جي وڪيلن عبدالنبي جي سڀني حرفتن جو بيان لکي پيش ڪيو ۽ جيڪي دغابازيون ۽ ناحق خون ڪيا هئائين. سي سندس ڌيان تي آندائون ۽ انهن بابت مير جو خط به ڏنائون. بادشاهه مير جي فائدي ۾ فيصلو ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته سنڌ ورهائي ٻه ڀاڱا ڪجي. اڌ عبدالنبي کي ڏجي ۽ اڌ مير فتح علي خان کي. هڪڙو عملدار مقرر ڪيو ويو ته اهو وڃي امين ٿي ملڪ ورهائي ۽ هڪڙو بادشاهي لشڪر بوستان خان ۽ اخلاص  خان جي هٿ هيٺ عبدالنبي سان ڏنو ويو جو عبدالنبي ڊنو ٿي ته متان بلوچ کيس نقصان رسائين.

مير جا وڪيل پٺ تي رهجي پيا، انهيءَ لاءِ ڪوشش ڪري ساري سنڌ جي سَنَدَ مير جي لاءِ وٺن. هوڏانهن جڏهن مير کي خبر پئي ته بادشاهي لشڪر عبدالنبي کي وٺيون ٿو اچي، تڏهن چاليهه هزار بلوچ وٺي لوهري آيو. عبدالنبي بلوچن جي اچڻ جو ٻڌي ترسي پيو. انهيءَ وچ ۾ مير جي وڪيلن جي ڪوشش ڪارگر ٿي ۽ ساري سنڌ جي سند مير جي نالي به وٺي آيا ۽ عبدالنبي توڙي ٻن سردارن جي موٽي اچڻ جو حڪم به آندائون، مير کي هڪدم اطلاع ڏنائون ته وڙهڻ جي نه ڪري. جڏهن سردارن کي حڪم مليو تڏهن هنن هڪدم پٺ تي ڪوچ ڪيو. عبدالنبي ڏاڍو نااميد ٿيو. پر محفوظ خان دلاسو پي ڏنس ته توکي ديرن جي پرڳڻي ۾ جاگير وٺائي ڏيندس، پر ٻن منزلن کان پوءِ محفوظ خان بيمار ٿي گذاري ويو، تنهن ڪري عبدالنبي آسرو لاهي هليو ويو ۽ وڃي گوشه نشين ٿي ويٺو.

سگهو ئي مير جا وڪيل آيا ۽ سَنَد ۽ خلعت ۽ ٻيا تحفا آندائون. خلعت ڍڪي، خوشي سان جشن ڪري مير فتح علي خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو سن 1197 هه مطابق 1783ع . پر ٿورڙي عرصي کان پوءِ مير سهراب خان ۽ ڪن ٻين بلوچن سردارن جو تڪرار ٿي پيو ۽ اهي مير فتح علي کان ڇڄي ڌار ٿي هليا ويا. اهو وجهه وٺي عبدالنبي وري تيمور شاهه بادشاهه کي عرض ڪيو، جنهن ۾ ڏيکاريائين ته مير سهراب ۽ ٻيا ڪي بلوچ مير فتح علي کي ڇڏي منهنجي طرف ٿيا آهن. اهڙي وقت، جي حضور مون کي پنهنجو موروثي  حق وٺي ڏيندؤ ته آئون دعاگو رهندس. بادشاهه اها عرضي پڙهي عبدالنبي تي ڏاڍو رحم آيو، تنهن احمد خان  نورزائي ۽ بوستان خان جي هٿ هيٺ هڪڙو لشڪر روانو ڪيو ته عبدالنبي کي وري گادي تي ويهرين ۽ هڪڙو حڪم محمد نصير قلاوت جي خان ڏي به ويو ته مددي لشڪر سندس لشڪر سان گڏجڻ لاءِ موڪلي. ان موجب  اهو لشڪر به ديري غازي خان وٽ اچي انهيءَ سان گڏيو. پوءِ درياهه لنگهي بهاولپور جي حد ۾ آيا. بهاول خان ڊپ کا ريگستان ڏي هليو ويو. پوءِ اتان اهو لشڪر رستي ۾ ملڪ ڦريندو سنڌ ۾ آيو.

مير فتح علي خان، آغا ابراهيم شاهه کي وڪيل ڪري بادشاهه ڏي موڪليو، پر انهيءَ وچ ۾ بادشاهي لشڪر سنڌ جي حد تي اچي نڪتو،. مير غلام علي خان لشڪر گڏ ڪرڻ تي رکيو ويو ۽ ٻار ٻچا ڪڇ ۽ جيسلمير ڏي روانا ڪيا ويا. بادشاهي لشڪر اچي لوهري پهتو. مير سهراب خان قرآن جي هڪڙي اڇي ورق تي مير فتح علي خان ڏي لکيو ته پنهنجو لشڪر وٺي اچ، آئون قسم ٿو کڻان ته پنهنجي لشڪر سان تو کي گڏبس، شاهي لشڪر جي لنگهڻ لاءِ درياهه تي جيڪي پليون ٻڌيون  ويون هيون سي هن ڊاهي ڇڏيون. ان موجب جڏهن مير فتح علي خان دشمن جي لشڪر کان ٻن منزلن تي آيو، تڏهن مير سهراب ڪي عذر ڏيئي نٽائي شڪار تي هليو ويو ۽ قرآن جو انجام ڏساري ڇڏيائين. لاچار مير پنهنجن ٻن هزار ماڻهن سان چاليهن هزارن افغانن سان وڙهڻ لاءِ هليو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ هڪڙو وڏو واهه هو، جنهن مان اونهو پاڻي پي وهيو. اهو افغانن جي قبضي ۾ هو. مير فتح علي خان هن ڀر کان افغانن تي بندوقون ڇوڙيون. هنن به انهن جو جواب ڏنو. پوءِ ته مير حڪم ڏنو ته گهوڙا ڪاهي پاڻيءَ ۾ وجهن. هي به واهه لنگهي تراريون ڪڍي دشمن تي ڪاهي پيا، سخت جنگ لڳي ۽ ڏاڍي خونريزي ٿي. بوستان خان ۽ بروهي سردار زرڪ جو پٽ ٻئي مارجي ويا ۽ احمد خان نورزائي ڀڄي ويو. ڇهه ميل پري وڃي هو ترسي پيا ته رات جو اوچتو موٽي بلوچن تي ڪاهي پون. پر پوءِ همت جهلي نه سگهيا. سڌا وڃي ڳوٺان نڪتا.

جڏهن تيمور شاهه، احمد خان جي شڪست جو ٻڌو تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو. هڪدم وڏي لشڪر سان پاڻ سنڌ تي ڪاهيائين. قنڌار ۾ شاهزادو محمود شاهه به اچي گڏيس، پوءِ سڌا شڪارپور آيا. ملتان وٽ محمد نصير خان بروهي به اچي گڏين. پوءِ اچي محمد بهاول  داؤد پوٽي جي ملڪ ۾ منزل ڪيائون. اهو اڳئي ٿر ڏي ڀڄي ويو هو.

مير فتح علي خان بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌي ڏانهنس عريضو لکيو، جنهن ۾ ڏيکاريائين ته احمد خان پاڻ ڪُڏ ڪري وڙهيو، پوءِ به مون بلوچن کي روڪيو نه ته زياده خراب ٿئي ها. انهيءَ عريضي رسڻ تي بادشاهه پنهنجا صلاحڪار گڏ ڪيا. ڪن جي صلاح هئي ته سنڌ تي ڪو افغان سردار مقرر ڪري ڪين سگهبو ۽ مير فتح علي خان کانسواءِ ٻيو ڪو به انهيءَ جاءِ جو لائق ناهي. انهيءَ منزل تي بادشاهه کي مٿان اطلاع به مليو ته بلخ جي صوبدار شاهه مراد خان فساد ڪيو آهي ۽ ڪابل تي ڪاهيو ٿو اچي، تنهن ڪري بادشاهه  هڪدم موٽي ڪابل ڏي ويو.

تنهن کان پوءِ مير فتح علي خان سڌو حيدرآباد آيو، جتي يارهن ڏينهن کان پوءِ پهتو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ڏي لکيائين ته ٿر مان ٻار ٻچا وٺي حيدرآباد اچن. اهي ڳالهيون سن 1204هه مطابق سن 1789ع ۾ ٿيون. ساڳئي سال ۾ ٿر جي پاسي فتح ڳڙهه ۽ اسلام ڳڙهه جا قلعا ٺهرايا ويا، جتي هڪ ٻئي کان چاليهه ڪوهه ڌار هئا.

ٻئي سال ۾ تيمور شاهه بلخ جو فساد بند ڪري پائنده خان جي هٿ هيٺ وري ٻيو لشڪر سنڌ تي موڪليو، جو شڪار پور اچي پهتو، مير فتح علي خان انهيءَ کي سامهون ٿيڻ جي لاءِ نڪري آيو. پائنده خان کي حڪم هو ته مير سان صلح جون ڳالهيون ڪري. ان موجب هن مير ڏي پيغام موڪليو. آخر اهو ٺهراءُ ٿيو ته آئندي مير اها ساڳي سالياني ڍل، جا ڪلهوڙا بادشاهه کي ڏيندا هئا، سا ڏيندا رهن ۽ سنڌ سندن هٿ ۾ رهي. اهڙو انجام نامو لکيو ويو ۽ انهيءَ تي طرفين جون صحيحون ٿيون. پائنده خان بادشاهه جي طرفان هڪڙي خلعت ۽ هڪڙو هاٿي هودي سميت ۽ هڪڙي جواهري سان جڙيل ترار مير کي ڏني ۽ بادشاهه جي صحيح ۽ مهر سان نئين سند سنڌ جي حڪومت جي به ڏنائينس. مير فتح علي خان وري پنهنجي طرفان ديوان گدو مل جي ننڍي ڀاءُ ديوان جسپت راءِ کي وڪيل ڪري  تمام قيمتي تحفا ڏئي ڪابل موڪليو. انهيءَ جي موٽڻ کان پوءِ مير خلعت  ڍڪي، انهيءَ هاٿي تي چڙهي ڏاڍي تجمل سان حيدرآباد آيو. اهو احوال سنه 1207 هه مطابق سن 1792ع جو آهي.

ٻئي سال ۾ تيمور شاهه گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس ٽيون پٽ زمان شاهه بادشاهه ٿيو. دستور موجب نئين بادشاهه به تازي سند ۽ خلعت مير فتح علي خان ڏي موڪلي، سگهو ئي پوءِ مير صاحب آئيندي جي تڪرار بند ڪرڻ لاءِ سنڌ جو ملڪ ورهايو. مڙئي ست ڀاڱا ڪيائين. ٽي حصا پاڻ وٽ رکيائين، ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنائين ۽ هڪڙو حصو هن پنهنجي ٻين عزيزن لاءِ رکيو ۽ هڪڙو حصو مير  ٺاري خان، مير محود خان، مير غلام حسين خان، مير بهرام خان ۽ ٻين ٽالپرن کي گڏي ڏنائين. انهن مان ٺارو خان مير فتح خان جو پٽ هو، محمود خان مير فتح علي خان جو چاچو هو ۽ غلام حسين ۽ بهرام خان مير عبدالله جا پٽ هئا، پهريون ميرپور خاص وارن ماڻڪاڻي ميرن جو وڏو آهي، ٻيو ڦليلي وارن محموداڻي ميرن، جو، ٽيون درياهه وارن بجاراڻي ميرن جو.

ملڪ جي حصن سان گڏ بلوچن ۽ واسطيدار ماڻهن جو به ورهاڱو ٿيو ۽ ٽنهي طرفن جي ميرن لاءِ انهن جا به ٽي حصا ڪيا ويا. پوءِ مير ٺاري خان پنهنجي حصي مان ڪجهه مير فتح علي خان کي انهيءَ سالياني ڍل جي حصي جي عيوضي ڏئي ڇڏيو، جا بادشاهه ڏي موڪلڻي هئي، پر  مير سهراب خان ائين ڪين ڪيو، جو ان جي مرضي هئي ته آئون  پنهنجو حصو سڌو بادشاهه کي پهچائي ڏيان. اهڙيءَ طرح سنڌ جي حڪومت ست ورهيه سک ۽ آرام سان هلي.  پوءِ سن 1216هه مطابق 1801ع ۾ ذوالحج مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ مير فتح علي خان بيمار ٿي پيو. هن وصيت ڪري پنهنجي ڀاءُ مير غلام علي خان کي گادي تي ويهاريو، پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ ڏهين تاريخ محرم جي، يعني حشر جي ڏينهن سن 1217 هه مطابق 1802ع ۾ هن وفات ڪئي ۽ سندس لاش خداآباد ۾ آڻي دفن ڪيائون، جتي سندس وڏا دفن ٿيل هئا.

انهيءَ مير جي راڄ ۾ سن 1799ع ۾ انگريز سرڪار جو واپار جي لاءِ سنڌ سان واسطو شروع ٿيو. ناٿان ڪرو صاحب انهيءَ ڪم لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ واپار جو بندوبست ڪرڻ لڳو، ڪڏهن ٺٺي، ڪڏهن شاهبندر، ڪڏهن ڪراچي رهندو هو. نيٺ ميرن رنج ٿي حڪم ڏنس ته  ڏهن ڏينهن جي اندر سنڌ مان نڪري وڃي ۽ هن کي ائين ڪرڻو پيو.

باب ستون

هيٺ ڏکڻ ۾ مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان جي حڪومت ۽

مٿي اتر ۾ سهراب خان جي حڪومت

جنهن ڏينهن مير فتح علي خان وفات ڪئي، انهيءَ ڏينهن يا انهيءَ جي ٻئي ڏينهن کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير صوبدار خان رکيائون ۽ چوٿين پنجين ڏينهن مير غلام علي خان گادي تي ويٺو. سڀ بلوچ سردار مسند نشيني جي ۽ ٻار جي ڄمڻ ۾ مبارڪ ڏيڻ ۽ ڀاءُ جي وفات جي ساڻس فاتحه ڪرڻ لاءِ مير وٽ آيا. مير سهراب خان به انهيءَ ڪم لاءِ آيو مگر مير ٺارو خان ڪين آيو، جو اهو مير سان رنج هو. سگهو ئي نوڪرن جي ڳالهه تي طرفين جو تڪرار ٿيو ۽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿيو ۽ قيد ٿي پيو. جڏهن ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو تڏهن کيس عزت آبروءَ سان روانو ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org