سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 1

خيرپور رياست

مرزا قليچ بيگ

ديباچو

 هندستان ۾ گهڻو ڪري سڀني هندو توڙي مسلمان راڄواڙن ۽ رياستن جون مفصل تاريخون لکيل آهن جي انهن رياستن جي والين ڇپائي پڌريون ڪيون آهن، مگر سنڌ ۾ جيڪا فقط هڪڙي رياست خيرپور جي آهي، تنهن جي اهڙي ڪا مفصل تاريخ ڇپايل نظر ڪا نه آئي. ٻه ٽي ورهيه ٿيا ته پالن پور رياست جي تازي تاريخ اردو ۾ لکيل ۽ رياست جي ڇپايل، ان جي مصنف سيد گلاب ميان مير منشي، مهرباني ڪري تحفي طور مون  ڏي موڪلي، اها اهڙي خوشخط لکيل ۽ ڇپايل هئي ۽ ڪاغذ اهڙا عمدا ڪم آيل هئا ۽ جلد اهڙو  خوبصورت ٻڌل هو ۽ وري منجهس ايتريون تصويرون ڏنل هيون، جو تعريف ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اهڙو ڪتاب هر ڪنهن ڪتبخاني جو زيب زينت ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ رياست جو اهو هڪڙو عجيب تحسين جهڙو تحفو سڏي ٿو سگهجي. اهو ڪتاب ڏسي مون کي دل ۾ آيو ته اسان جي سنڌ ۾ جا خيرپور رياست آهي ۽ تنهن جي ڇو نه اهڙي تاريخ لکجي، جو اڳئي سنڌ جي تاريخ انگريزي ۾ لکي اٿم، جا سرڪار ڇاپائي آهي ۽ سنڌي ۾ به لکي اٿم جا سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪم پئي اچي. انهيءَ ارادي سان آئون انگريزي ۽ فارسي ڪتابن تان گهربل مضمون گڏ ڪرڻ لڳس. سن 1919ع ۾ جڏهن خيرپور ۾ آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس گڏ ٿي ۽ آئون به اتي ويس، تڏهن گهربل مڪاني احوال به روبرو گڏ ڪيم ۽ وزير ميان محمد ابراهيم خان صاحب جي مهرباني سان رياست جي ڪتبخاني مان به ڪي انگريزي، فارسي ۽ اردو ڪتاب هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ انهن مان ضروري انتخاب ڪڍيم، بلڪه رياست جي دفتر مان به ڪي ڳالهيون ڪڍي موجود ڪيم. اهي ڪتاب هي آهن، بلوبڪ پارليامينٽ جو يعني سنڌ ڪرسپانڊنس، خاص رياست خيرپور بابت  سرڪاري ڪرسپانڊنس، لانگلي صاحب وارو ڪتاب، برنس صاحب وارو ڪتاب، سنڌ گزٽيئر ۽ ڪي ٻيا انهن کان سواءِ پنهنجي انگريزي سنڌ جي تاريخ مون کي زياده ڪم آئي. ڪتاب جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سگهو ئي هزهائينس مير سرامام بخش خان وفات ڪئي ۽ هزهائينس مير علي نواز خان صاحب رياست جي گادي تي ويٺو ۽ ميان محمد ابراهيم جي وڃڻ ڪري شيخ محمد قادر وزير ٿيو. انهيءَ پوئين ورهيه ٻن جو احوال، جو ڪتاب جي پوري ڪرڻ لاءِ گهربل هو، سو شيخ صاحب مٿين موجود ڪري ڏنو ۽ ڪتاب ۾ وجهڻ لاءِ گهربل تصويرون به خاص طرح ڪڍائي موڪليائين ۽ ڪتاب جي ڇاپڻ جو به رياست جي طرفان ذمو کنيائين، انهيءَ لاءِ آئون مير صاحب هاڻوڪي واليءَ جو ۽ اڳوڻي وزير جو گهڻو شڪر گذار آهيان.

حيدرآباد                                      قليچ بيگ

   1 جنوري 1922ع

 

باب پهريون

 

خيرپور جو جاگرافيائي ۽ ٻيو طبعي احوال

 

رياست خيرپور جون حدون هي آهن. اتر اڀرندي ڏي سکر ضلعو، اڀرندي ڏي جوڌپور ۽ جيسلمير جا راڄواڙا، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اڀرندي ڏي ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد جا ضلعا ۽ اتر الهندي ڏي سنڌو ندي آهي. ان جي تمام وڏي ڊگهائي 120 ميل آهي ۽ ان جي تمام وڏي ويڪرائي 70 ميل آهي. انجي پکيڙ 605 چورس ميل آهي، اگرچه اها درياه جي ڦرڻ  ڪري ٿورو گهڻو گهٽ وڌ ٿئي ٿي. سن 1921ع ۾ ان جي آدمشماري 193152 هئي جا اڳوڻي ڏهه سالي آدمشماريءَ کان 30636 ماڻهو گهٽ هئي.

هن رياست جي حدن اندر ٽي ٽڪر انگريز سرڪار جي ملڪ جا آهن، جي ڪنگري ۽ مينگهوالي جا تپا آهن ۽ روهڙي تعلقي ۽ سکر ضلعي سان لاڳو آهن.

رياست خيرپور جو ڏکڻ اڀرندي وارو اڌ انهيءَ ريگستان جو ڀاڱو آهي، جو ٿورو سکر ضلعي ۾ ۽ گهڻو ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿو وڃي انهن ۾ گهڻي آبادي ڪا نه ٿئي ٿي، مگر اٺن ۽ ڍورن جي چاري جهڙا وڻ ٻوٽا آهن، رياست جي الهندي ۽ اتر وارا ڀاڱا سکر ۽ حيدرآباد ضلعن جي پاسي وارن ڀاڱن جهڙا آهن ۽ جيستائين انهن کي اڀرندي  ناري جو ۽ سنڌو ندي ۽ انهيءَ ما نڪتل واهن جو پاڻي پهچي ٿو سگهي، تيستائين چڱا آباد آهن. خيرپور شهر جي آسپاس واري ملڪ ۾ ٽاليءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا ۽ انهن کي ڏاڍو  سهڻو ڪيو بيٺا آهن. هڪڙي ٽڪرن جي قطار جا اٽڪل ارڙهن ميلن تائين روهڙي کان ڏکڻ ڏي  روهڙي تعلقي ۾ وڃي ٿي  ۽ 450 فوٽ سمنڊ جي  سطح کان مٿي آهي ۽ 300 فوٽ آسپاس جي زمين کان مٿي آهي، سا انهيءَ کان پوءِ ساڳئي طرف ٽيهه ميل ٻيا به خيرپور مان هلي ويئي آهي ۽ اتي وڃي سترهن ميلن ۾ پکڙي آهي. انهن ٽڪرن ۾ ڪو وڻ ٻوٽو ڪونهي، مگر منجهان برسات جي موسم ۾ نيون نڪرن ٿيون، جن کان سواءِ ملڪ ۾ ڪا  ندي يا نهر ڪانهي، سواءِ اڀرندي ۽ ناري جي، درياهه جي اٿل آبڪلاڻيءَ جي ڏينهن ۾ اتر کان سکر ضلعي مان ناري جي پاسي کان اڳي ايندي هئي، پر هاڻي نٿي اچي، واٽ تي آئي آبادي جي ڪم  ۾ اچي وڃي ٿي.

خيرپور رياست جي آبهوا گهڻو ڪري سنڌ جي اتر واري ڀاڱي جهڙي آهي يعني سياري ۾ گهڻي سرد آهي ۽ اڪثر پارو ڄمي ٿو ۽ آرڙهه ۾ گهڻي گرمي آهي ۽ ٿرما ميٽر 120 درجي تائين چڙهي ٿو. سيارو نومبر مهيني کان شروع ٿئي ٿو ۽ اونهارو مارچ کان، مينهن سراسري ٻه انچ يا ٿورو مٿي پوي ٿو، جيئن سکر ضلعي ۾ آهي.

نباتي، معدني ۽ حيواني پيدائش هي آهي: 331 چورس ميل ٻيلي هيٺ آيل آهن، جن مان 200 چورس ميل خاص شڪارگاهه آهن، ٻيلن ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊي جا گهڻا وڻ آهن ۽ ڪنڊ ۽ لَين جو جهنگ گهڻو آهي، ٻيلي جي نظرداريءَ لاءِ عملدار مقرر آهن ۽ ڪاٺين جي وڪري مان چڱي پيدائش ٿئي ٿي. هڪڙي سال ۾ اٽڪل 36. 37 هزار ٿيندي آهي، درياهه کي ويجهو بهڻ ۽ ٽاليءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا، عمارتن جي ڪم لاءِ ٽڪرن مان پٿر اچن ٿا. مگر ٻي ڪا ڪمائتي معدني پيدائش ڪانهي، سواءِ ميٽ ۽ چانيهي جي، ميٽ ٽڪرن مان نڪرندو آهي ۽ چانيهو ٿر وارين ڍنڍن مان گڏ ٿيندو آهي. هن حد جو چانيهو ٿرپارڪر جي چانيهي کان بهتر آهي، جو منجهس  لوڻ تمام ٿورو ٿئي ٿو، تنهن ڪري انهيءَ جو گهڻو انداز انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ وڪري لاءِ ويندو آهي، جهڙو سنڌ ۾ تهڙو بمبئي جي پاسي، انهيءَ مان رياست کي چڱي پيدائش ٿئي ٿي.

رياست جي حد ۾ نباتات مان هيٺيان قسم لڀن ٿا، جي ٻيلن، جهنگ ۽ باغن ۾ ٿين ٿا، ٻٻر، ڪنڊي، سرنهن، ٻير، ٽالي، نم، گدامڙي، گيدوڙي، ليسوڙي، ليار، لئو، ڪرڙ، کٻڙ، ڪانڊيرو، اڪ وغيره. ٻنين ۾ هيٺيون جنسون پوکبيون آهن، جهڙوڪ: ساريون، ڪڻڪ، جوار، ٻاجهري، جَوَ، چڻا، مٽر، مڪائي، سرنهن، ڄانڀو، تر چونئرا وغيره. ميون مان هيٺيان ٿيندا آهن: انب، صوف، توت، ڏاڙهون، نارنگيون، زيتون، ڪيوڙا، ڊاک، ڄمون، صوفي ٻير، ليمان، ڇاهيون، گدرا، ونگا، ڪدو، ميها ۽ ٻيون سنڌي ڀاڄيون .

حيوانات مان رواجي چوپائي مال ۽ وهٽن کان سواءِ ٻيلن ۽ جهنگن ۾ هيٺيان جانور آهن: گدڙ، بگهڙ، لومڙ، سَها، جهنگلي ٻلا، هرڻ، ڦاڙا، چراغ وغيره، سرندڙ جانورن مان گهڻن قسمن جا نانگ ۽ بلائون، نور نوريئڙا، ڄاها، ڳوهون، ڪرڙيون، ڪئا وغيره، پکين مان پاليلن ۾ ڪڪڙن ۽ بدڪن  کانسواءِ هي آهن. ڪانگ، جهرڪيون، بلبليون، ڪٻريون، ٻٻرا، چٻرا، وهيا،ڳيرا،پاريل ڪبوتر، مور، ڪهنگ ۽ پاڻي جا پکي، پاڻي جي ساهه وارن مان پلا ۽ ڏنڀرا ۽ ٻيون رواجي مڇيون ۽ انهن کان سواءِ ڪميون  ۽ ڪڇون ۽ سيسر واڳون به آهن.

خيرپور رياست جي ڪل آدمشماري سن 1921ع واري پوئين سينس موجب 193152 آهي، جيئن مٿي به ڏيکاريل آهي. اها اڳوڻن آدمشمارين کان گهڻو گهٽيل آهي، سراسري آدمشماري مان سَوَ تي اٽڪل 18.3 هندو آهن ۽ 81.7  مسلمان آهن. هندن مان گهڻا مڙئي لوهاڻا يا واڻيان آهن، مسلمانن مان گهڻا سنڌي آهن ۽ٿورا ٻروچ، سنڌين مان به گهڻا سَما آهن ۽ ٿورا سومرا ۽ ٻروچن ما مکيه رند، مري، چانڊيا، جتوئي ۽ ٿورا بڙدي ۽ ڊومڪي آهن. ساري آدمشماري مان سَوَ تي 69 سيڪڙو پوک ڪندڙ آهن. خلاصي خيرپور شهر جي آدمشماري پندرهن هزارن کان مٿي آهي.

 

باب ٻيو

 

سنڌ جو قديمي تاريخي احوال

 

هاڻوڪي خيرپور واري ڀاڱي سميت

 

رياست خيرپور جو قديم تاريخي احوال سنڌ جي قديم تاريخي احوال ۾ اچي وڃي ٿو. هاڻوڪو خيرپور جي آسپاس وارو ملڪ سنڌ جي قديم گادي جي هنڌ الور يا اروڙ جي ويجهڙائيءَ ۾ هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پنجاب به شامل هو، هاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو وڏو هو. ڊگهائي ۾ ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين هو ۽ ويڪرائي ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين هو. افغانستان ۽ بلوچستان جا ڀاڱا به انهيءَ ۾ داخل هئا. انهيءَ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا قلعا هئا ۽ جدا جدا حاڪم هئا. الور گادي جو هنڌ هو. انهن ڏينهن ۾ درياهه الور وٽان وهندو هو. الور يا هاڻوڪو اروڙ روهڙي يا  لوهري کان ٽي چار ميل پري هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا حاڪم راءِ گهراڻي جا هئا، جن جي حڪومت اٽڪل سوا سؤ ورهيه هلي، انهيءَ گهراڻي جو پنجون راجا راءِ سهسي هو، جو بنا اولاد مري ويو ۽ سندس راڻي انهيءَ راجا جي وزير چچ برهمڻ کي کڻي تخت تي ويهاريو ۽ پاڻ انهيءَ سان شادي ڪيائين. انهيءَ طرح برهمڻ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. اهي برهمڻ ٻڌ  ڌرم جا هئا. انهن جي حڪومت اسي ورهيه هلي،  پڇاڙي جو راجا ڏاهر نالي هو، جو چچ جو پٽ هو، جڏهن هو ٽيٽيهه ورهيه راڄ هلائي رهيو، تڏهن ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ راجا ڏاهر کي ماري سنڌ پنهنجي هٿ ڪيائون. اهو هجري سال 92 ۽ عيسوي 711ع هو. محمد بن قاسم ثقفي عربن جو سپهه سالار هو، جنهن الور ۾ اچي راجا کي ماريو ۽ الور ورتو. تنهن کان پوءِ بني اميه ۽ بني عباس گهراڻن جي خليفن هيٺ سنڌ ۾ چڱو سڌارو ٿيو. اها عربن جي حڪومت اٽڪل پوڻا ٽي سؤ ورهيه هلي، پوءِ خليفن جي ضعيفي ڪري سنڌ ۾ فساد ٿيڻ لڳا ۽ هڪڙا  زور وارا ماڻهو ٻين ڪمزورن تي غالب پئجي حڪم هلائڻ لڳا. اهو بي بندوبستيءَ  جو زمانو به چاليهه ورهيه هليو، جڏهن 1024ع ۾ محمود غزنوي هندستان تي ڪاهه ڪئي تڏهن وري سنڌ ۾ آرام ٿيو.

غزنوي گهراڻي جي هٿ ۾ به سنڌ پنجويهه ورهيه رهي، پوءِ جڏهن غزني ۾ فساد ٿيڻ لڳو، تڏهن سنڌ ۾ به زور  واريون قومون خود مختيار ٿيڻ لڳيون، انهن مان مکيه سومرا ماڻهو هئا جي اصل ۾ هندو هئا، پوءِ مسلمان ٿيا، ۽ جن جو سردار ابن سومار ملتان جو حاڪم هو. سومرن جو راڄ به سنڌ ۾ قريب ٽي سؤ ورهيه هليو، پوئين حاڪم حمير سومري جي ظلمن ڪري فساد ٿيڻ لڳو ۽ سما ماڻهو جي زور ڀريا هئا تن  هن کي ماري پنهنجي سردار ڄام انڙ کي گادي تي ويهاريو. اهو واقعو 1351ع ۾ ٿيو. سما به سومرن وانگي اصل هندو هئا جي پوءِ مسلمان ٿيا هئا، هنن بکر هڪڙي پاسي ۽ ڪڇ ٻئي پاسي ورتو. انهي گهراڻي جي حڪومت هڪ سئو  ستر ورهيه هلي، پويون ڄام نظام الدين هو، جنهن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ ارغون  قنڌار کان سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ اهو ملڪ ورتائين ۽ بکر ۽ ٻين هنڌن تي ڪوٽ جوڙايائين. اهڙيءَ طرح 1521ع ۾ ارغون گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي، شاهه بيگ ۽ سندس پٽ شاهه حسن ٽيٽيهه ورهيه سنڌ ۾ حڪومت ڪئي. پوءِ سنڌ جي حڪومت ڇڄي ٻه ڀاڱا ٿي ۽ ارغون گهراڻي جي ٻن وڏن سردارن مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمد پاڻ ۾ اهي ڀاڱا ورهائي ورتا. پهريون ٺٽي ۾ رهيو ۽ ٻيو بکر ۾ سگهو ئي انهن ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو. سلطان محمد ڌيءُ جو سڱ دهلي جي مغل بادشاهه اڪبر کي ڏنو هو، سو جڏهن پاڻ مئو ۽ ٻيو وارث ڪو نه هئس، تڏهن بکر اڪبر بادشاهه جي هٿ ۾ آيو، جنهن پنهنجي پاران سنڌ ۾ نواب مقرر ڪيو. اهڙيءَ طرح 1590ع ۾ دهلي جي شهنشاهن جي نوابي يا صوبيداري شروع ٿي. ميان نواب ميان يار محمد ۽ سندس پٽ ميان نور محمد عباسي ڪلهوڙا هئا. 1939ع ۾ جڏهن نادر شاهه پهرين هندستان تي  ۽ پوءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ميان نور محمد، جنهن پاڻ کي انهيءَ گڙٻڙ ۾ خودمختيار ڪيو هو، تنهن کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري پنهنجو ڍل ڀرو ڪيائين. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت شروع ٿي جا 1781ع تائين هلي. پويون حاڪم ميان عبدالنبي هو، جنهن جي ڏينهن ۾ ٽالپر بلوچن زور ورتو ۽ ميان جي مٿن ظلم ڪرڻ ڪري هنن انهن تي ڪاهه ڪري سنڌ ورتي ۽ پوءِ ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي جا 1843ع  تائين هلي، جڏهن سنڌ انگريز سرڪار جي هٿ ۾ آئي.

اها آهي مختصر ڳالهه سنڌ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي تاريخ جي جا اسان هن وقت تائين آندي آهي، جنهن وقت هاڻوڪي خيرپور جي رياست ۽ انهيءَ جي هاڻوڪن حاڪمن جي خاندانن جو واسطو شروع ٿيو. رياست خيرپور واري ڀاڱي الور،  روهڙي ۽ بکر وارن شهرن سان ته تعلق رهيو آهي، جي اڳي حڪومت جون مکيه جايون هيون ۽ رياست جا ڪي مڪان آهن جن جا نالا اڳوڻي تاريخ ۾ اچن ٿا، مثلاً  ٻٻرلوءِ جو ڳوٺ، جو رياست جي حد اندر آهي ۽ روهڙيءَ کي ويجهو آهي،  مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ مرزا ڄام فيروز سمي کي آخري شڪست ڏئي انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. گهڻا ڏينهن اتي شڪار ڪري پوءِ بکر ۾ آيو ۽ اوٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي ڏهرن، ماڇين ۽ ٻين قومن کي ماري مڃايائين.

وري جن ڏينهن ۾ دهليءَ جي غزنوي ۽ غوري گهراڻن جي بادشاهن جا نواب سنڌ ۾ حاڪم هوندا هئا، تن ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي وڏن مان ڄام چينه لوهري جي پرڳڻي پرالوءِ جي تعلقي ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جنهن کي سندن نالي جي پٺيان  چينه ٻيلي چوندا هئا. پرالوءِ جو ڳوٺ جو هاڻي رياست خيرپور ۾ داخل آهي، روهڙي کي ويجهو آهي ۽ انهن ڪلهوڙن جي بزرگن مان ميان آدم شاهه هو، جو  بکر ۾ رهندو هو، جتي آدم شاهه  جي ٽڪري اڃا مشهور آهي ۽ جنهن کي نواب خان خانان چانڊڪي تعلقي ۾ زمينداري ڏني، جنهن کي هاڻي لاڙڪاڻو ٿا چون.

انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته قديم وقت کان وٺي هاڻوڪي خيرپور جو آسپاس وارو ملڪ روهڙي ۽ اروڙ، بلڪ مٿي اوٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو ۽ هيٺ بکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي حد تائين ۽ درياهه جي هن پاسي اترادي يا ساهتي پرڳڻو يعني ڪنڊياري ۽ نوشهري وارو پاسو، اهو سڀ ملڪ هڪڙو ڀاڱو شمار ٿيندو هو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ به ائين شمار ٿيندو هو، ۽ مٿي اتر ڏي بهاولپور يعني دادپوٽن جي پرڳڻي سان دنگئي هوندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org