سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 2

باب ٽيون

اوائل وارن ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جو احوال

 

هاڻي اسين پهرين ٽالپرن، ميرن جو ۽ پوءِ خاص خيرپور وارن مير صاحبن جو ذڪر ڪنداسين. سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن ميرن جو نالو پهرين ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ اچي ٿو، جڏهن دهلي جي شاهزادي محمد معزالدين ميان کي خدا يار خان جو خطاب ڏئي سيوي جو حاڪم ڪيو، ۽ ميان انهيءَ پاسي روانو ٿيو، ڪلهوڙا تڏهن سرائي سڏبا هئا ۽ فقير ۽ پير گهر سمجهيا ويندا هئا ۽ مريد رکندا هئا، جيئن ته ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان فقير محمد چانڊڪي پرڳڻي ۾ اڳئي ٿي گذريا آهن، ۽ ٽالپر بلوچ به سندن مريدن مان هئا. انهن بلوچن مان مير شهداد خان انهيءَ وقت ۾ ميان يار محمد وٽ زور هو. انهيءَ وقت واري ديرن واري پرڳڻي ۾ يعني ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جي پاسي فساد برپا ٿيو هو. شاهزادو بکر کان ملتان مان ٿيندو انهيءَ پاسي ويو ۽ مير شهداد خان ٽالپر بلوچ کي لشڪر جو مهندار ڪري فساد بند ڪرڻ لاءِ اوڏانهن موڪليائين. هن ڏاڍي بهادري ۽ تجويز سان فساد وڃي بند ڪيو، جنهن ڪري شاهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پَٽَ باران واري زمين جاگير ڪري ڏنائين.

اهو ئي مير شهداد خان آهي، جو ٽالپرن جو وڏو ڏاڏو شمار ۾ اچي ٿو ۽ جنهن جي پٺيان هو شهداداڻي سڏجن ٿا ۽ جنهن پوءِ شهدادپور جو شهر ٻڌو، اهو هوتڪ خان ولد سليمان خان جو پٽ هو، جو وري شاهي خاندان جو پٽ هو، هوتڪ خان کي ست ڀائر هئا، جن مان هڪڙي جو نالو مالڪ خان هو جو ميرپور خاص وارن ماڻڪاڻي ميرن جو ڏاڏو هو ۽ جنهن  جو پٽ الهيار خان هو، جنهن جي پٺيان الهيار جو ٽنڊو ٿو سڏجي. مير شهداد خان کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو مير چاڪر خان ۽ ٻيو مير بهرام خان. مير چاڪر خان خيرپور وارن ميرن جو ڏاڏو هو ۽ مير بهرام خان حيدرآباد وارن ميرن جو ڏاڏو هو. مٿي جيڪو شاهو خان سڀني ٽالپرن جو وڏو ڏيکاريو ويو آهي.  تنهن جي چاچي جو نالو ٽالو خان هو، جو انهيءَ وقت ڌاري سڀني کان وڏو هو ۽ ٽالپرن کي اهو نالو به انهيءَ کان مليو آهي. مير شهداد خان جي قبر شاهپور جي ويجهو ديهه قبا شهداد ۾ آهي، سندس وفات جي تاريخ 2 رجب 1147هه مطابق 1734ع ڏيکاريل آهي.

ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مرڻ تي سندس پٽ محمد مرادياب خان کي دهلي جي شهنشاهه سر بلند خان جو خطاب ڏيئي سنڌ جو نواب مقرر ڪيو، سگهو ئي هو ظلم ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري سردار کانئس ناراض ٿيڻ لڳا. انهن ۾ مکيه مير شهداد خان جو پٽ مير بهرام خان هو، انهيءَ ٻين سردارن سان صلاح ڪري ميان کي گادي تان لاهي سندس ڀاءُ عطر خان کي ويهاريو. پر هن به گهڻو سوجهرو ڪو نه ڪيو، تنهن ڪري عطر خان کي به گادي تان لاهي سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه کي گادي تي ويهاريائون، پوءِ ته ڪنهن ڏينهن تائين ٻنهي ڀائن جي وچ ۾ جنگ پي هلي. مير بهرام ميان غلام شاهه جو سپهه سالار هو ۽ عطر خان کي احمد شاهه دراني جي مدد هئي. آخر عطر خان اوٻاوڙو ۾ شڪست کاڌي ۽ ميان غلام شاهه دهلي جي بادشاهه جي طرفان شاهه وردي خان جي خطاب سان سنڌ جو نواب مقرر ٿيو. (1762ع).

ميان غلام شاهه جي مرڻ تي 1772ع ۾ سندس پٽ ميان محمد سرفراز ”خدا يار خان“ جي خطاب سان سنڌ جو نواب ٿيو. خدا آباد جو تازو ٻڌل شهر تن ڏينهن ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جو  تخت گاهه هو. مير بهرام خان جو ميان غلام شاهه وٽ ڏاڍو مان هو، جيئن ته هو پير مرد هو، تنهن ڪري پنهنجي پٽ مير بجار خان کي درٻار ۾ پاڻ سان آڻڻ ۽ ملڪ جي صلاح مشورن ۾ شامل ڪرڻ لڳو. سگهو ئي راڄي ليکي جي حسد ۽ چورت ڪري ميان جي مير بهرام ۽ سندس پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار سان اڻ بڻت ٿي پيئي، نيٺ ميان مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي مارائي ڇڏيو ۽ مير بجار خان ڀڄي حج ڪرڻ لاءِ هليو ويو. ميرن کي خدا آباد ۾ دفن ڪيو ويو.

انهيءَ کانپوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دشمني شروع ٿي، مير صوبدار خان کي مرڻ وقت چار پٽ هئا، مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، اهي سڀ اڃا ننڍا هئا، منجهن وڏو ٽالپر مير فتح علي  خان هو، جو هن جي پيءُ جو سؤٽ هو. سو بلوچ لشڪر وٺي ميان تي ڪاهي ويو ۽ حيدرآباد جو قلعو وٺي، ميان کي شڪست ڏيئي پوءِ موٽي وڃي پنهنجي ڳوٺ شهدادپور ۾ رهڻ لڳو، جيستائين مير بجار موٽي اچي تيستائين ميان ڀڄي ويو.

انهيءَ وچ ۾ راڄي ليکي محمد سرفراز جي جاءِ تي سندس پٽ محمود خان کي ويهاريو، پر پوءِ انهيءَ کي به ناپسند ڪري ميان غلام نبي کي گادي تي ويهاريائين جو ميان نور محمد جو پٽ هو. سگهو ئي مير بجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ پنهنجا بلوچ ڇهه هزار ماڻهو گڏ ڪري ميان غلام نبي سان  لانياريءَ ۾ وڃي وڙهيو، جنهن ۾ ميان مارجي ويو ۽ بلوچن فتح ڪئي. مير بجار خان حيدرآباد مان ميان عبدالنبي کي گهرائي گادي تي ويهاريو، جو ڪلهوڙن مان باقي  اهو جيئرو هو ۽ ٻيا حقدار هن اڳيئي مارائي ڇڏيا هئا. پهرين ته بلوچ سردار ميان جي پاران جنگيون ڪندا رهيا، پر نيٺ ميان بدگمان ٿيو ۽ ڪن  دشمنن چورت تي جوڌپور جي رراجا جي مدد سان ميربجار خان کي مارائي ڇڏيائين (1781ع). هن جي مرڻ تي سندس پٽ مير عبدالله بلوچن جو سردار ٿيو. اهو مير چاڪر جي پٽ مير سهراب خان ۽ مير صوبدار جي پٽ مير فتح خان سان گڏجي ميان ڏي  ٿي ويو ته ميان ڊپ کان ملڪ ڇڏي قلات ڏي ڀڄي ويو، تنهن ڪري مير عبدالله سندس هڪڙي عزيز ميان صادق علي کي کڻي گادي تي ويهاريو. سگهو ئي پوءِ ميان عبدالنبي جا پٽ جيڪي جوڌپور ڏي ڀڄي ويا هئا سي راجا جي مدد وٺي سنڌ ۾ آيا. ميان بلوچن جو لشڪر وٺي وڃي هنن کي شڪست ڏني، بلوچن جي لشڪر ۾ مير عبدالله خان وچ لشڪر ۾ هو ۽ مير سهراب خان هڪڙي پاسي هو ۽ مير فتح علي خان ٻئي پاسي،مير فتح علي خان وري سڀني جي  اڳيان لشڪر وٺي هليو، انهيءَ لڙائيءَ ۾ بلوچن کي ڏاڍو لٽ جو مال هٿ لڳو،  تنبو، غاليچا، توبون، هاٿي، اُٺَ ۽ سون جا ڪنگڻ وغيره.

اڃا فتحمند بلوچن آرام مس ورتو ته مير غلام علي خان جو خط هڪڙو قاصد کڻي آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ميان عبدالنبي قلات جي خان محمد نصير کان بروهين جو لشڪر وٺي لاڙڪاڻي ۾ آيو آهي ۽ لشڪر جو مهندار سندس نالي زرڪ آهي. هي به لکيل هو ته ميان خان سان اهو انجام ڪيو آهي ته انهيءَ مدد جي عيوض ۾ هو خان کي ٽي لک رپيا ۽ ملڪ جو ڪو ڀاڱو ڏيندو. انهيءَ بروهي لشڪر سان سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ مهراب، ڌڱاڻو جتوئي، جنجهڻ، کوسا ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به اچي شامل ٿيا هئا. جڏهن مير عبدالله ۽ سندس عزيزن اها خبر ٻڌي تڏهن هڪدم انهيءَ پاسي روانا ٿيا ۽ جالڪ جي پل وٽ وڃي انهن کي رسيا ۽ دشمن جي لشڪر گاهه جي سامهون منزل ڪري لهي پيا. ميان ڄاتو ته بلوچ پري کان پنڌ ڪري ٿڪجي آيا آهن، تنهن ڪري هو هڪدم لشڪر وٺي مٿس آيو. پاڻ جتوئي ۽ کوسا وٺي وچ ۾ ٿيو ۽ سڄي هٿ پاسي قلاتي ۽ بروهي پنهنجي سردار زرڪ جي هٿ هيٺ هليا ۽ کٻي پاسي نومڙيا ٿيا. انهيءَ ترتيب ۾ جنگ لاءِ ايندو ڏسي مير عبدالله به پنهنجي لشڪر جا ٽي ڀاڱا ڪيا. ميان صادق علي جو هاٿي تي چڙهيل هو، تنهن کي مرزو فقير ۽ سندس پٽ باشو ڏئي ميان سان مقابل ٿيڻ لاءِ موڪليائين، مير فتح خان ۽ نظاماڻي لشڪر کي نومڙين سان وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيائين. پاڻ مير فتح علي خان سهراب خان کي ساڻ ڪري بروهين سان سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو، پهرين لڙائي بندوقن سان شروع ٿي، سگهو ئي مير فتح خان جنهن کي راجپوتن واري گذريل جنگ ۾ زخم ٿيا هئا ۽ پورو تندرست نه هو سو هٽڻ لڳو ۽ پوءِ ميان صادق علي به پٺ تي هٽڻ جون نشانيون ظاهر ڪيون. هي حال ڏسي مير عبدالله ڏاڍي همت ڪئي. سندس حڪم سان سڀ بلوچ گهوڙن تان لهي پيا ۽ تراريون هٿ ۾ کڻي دشمن جي لشڪر جي وچ واري ڀاڱي تي ڪاهي آيا. اهڙي همت ڪيائون جو هنن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي. زرڪ بروهي ۽ مهراب جتوئي ۽ ڪيترائي ٻيا بهادر سپاهي مارجي ويا، نتيجو اهو ٿيو ته سارو لشڪر اٿي ڀڳو ۽ بلوچن کي ڏاڍو لٽ جو مال مليو. پوءِ سڀ خوشين ۾ موٽي خدا آباد ۾ آيا.

 

باب چوٿون

سردار مدد خان جي ڪلهوڙن کي مدد ۽ ميرن جي هٿان شڪست

 

انهيءَ وچ ۾ ميان عبدالنبي موٽي قلات ڏي ويو، اتي ٻڌائين ته سردار مدد خان افغان بادشاهي لشڪر ساڻ ڪري بهاولپور آيو آهي ۽ محمد بهاول دائود پوٽو ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو آهي. ميان گهڻيون سوکڙيون ڏيئي پنهنجو وڪيل سردار ڏي موڪليو ۽ مدد جي عيوض گهڻي سون ڏيڻ جو انجام ڪيائين. ٻئي پاسي خود بادشاهه ڏي وڪيل موڪليائين، جنهن مدد خان کي حڪم ڪيو ته لشڪر سنڌ ۾ وٺي وڃي ۽ ميان جي مدد ڪري، ان موجب مدد خان سنڌ ۾ آيو. ميان عبدالنبي بروهين ۽ نومڙين جي لشڪر سميت وڃي هن کي گڏيو. مدد خان چيس ته مون کي لشڪر جي خرچ لاءِ پئسا گهرجن، تنهن ڪري اڌ  رقم جو هٿ ۾ ڏي ۽ ٻيو پوءِ ڏجائين، ميان عبدالنبي وٽ ته ايترو پيسو ڪو نه هو، تنهن چيس ته خزانو سڀ حيدرآباد جي قلعي ۾ رکيل آهي، جنهن وقت قلعو ورتوسين تنهن وقت رقم پهچائي ڏيندس، تيستائين ڪوچ ڪندي ملڪ ڦرڻ سان گهڻو ئي هٿ اچي سگهندو. مدد خان کي  خانگي جاچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ميان رڳو ڪوڙو بهانو ٿو ڪري ۽ مفت اسان کي تڪليف ڏني اٿس، تنهن ڪري هن ميان عبدالنبي جي مک صلاحڪارن تاجي ليکي جي پٽ  بلاول ۽ تاجي  سامٽئي ۽ ٻڍي دربان کي قيد کڻي ڪيو ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائين ۽ پوءِ پاڻ سان گهمائيندو ۽ مارون ڏياريندو وتين، انهيءَ لاءِ ته خزاني بابت سچي ڪن ۽ پاڻ مدد خان ملڪ  ڦريندو وتيو. جڏهن درياهه لنگهي هن ڀر ٿيو ۽ ڦرمار شروع ڪيائين ته تڏهن ماڻهو ظلم کان مير عبدالله وٽ دانهي آيا. مير پنهنجن عزيزن سان صلاح مشورو ڪيو. سندس رٿ هئي ته پٺاڻ سردار تي ڪاهي هلي هن کي روڪجي، مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان سندس راءِ سان شامل ٿيا، مگر ٻڍو مير فتح خان شامل نه ٿيو ۽ چيائين ته بادشاهه جي لشڪر سان سامهون ٿيڻ مناسب ناهي. هن جوان مير جو چوڻ هو ته بادشاهه يا سندس وزيرن اميرن کي انصاف ڪري نيڪي سان هلڻ گهرجي، پر جي اهي ظلم ڪن ته انهن کي روڪڻ گهرجي. نيٺ اها رٿ قائم ڪري مير عبدالله پاڻ سان مير فتح علي، مير غلام علي ۽ مير سهراب وٺي روانو ٿيو ۽ مير فتح  خان ۽ مرزو فقير ۽ نظاماڻي سردار پٺ تي رهيا. پر ٻن ٽن منزلن کان پوءِ هو پشيمان ٿيا ۽ وڃي ساڻن گڏيا ۽ وري به صلاح ڏنائون ته ڀلي پهرين بادشاهي لشڪر جنگ شروع ڪري پوءِ کڻي اوهين وڙهجو. آخر ائين ڪيائيون. اتي ئي منزل ڪري ويهي رهيا، سگهو ئي ٻڌائون ته سردار مدد خان ڇهن ڪوهن تي آيو آهي. مدد خان به هنن جي نزديڪيءَ جو ٻڌي بروهين ۽ نومڙين جو ڪجهه لشڪر  اڳواٽ سڌ سماءَ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ پنهنجن صلاحڪارن سان مشوره ڪري اهو ٺهراءُ ڪيائين ته مير سان پهرين صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، تنهن ڪري پنهنجن وڪيلن جي هٿان مير ڏي اهو پيغام موڪليائين ته مون کي خبر آهي ته اوهين سڀ بهادر شخص آهيو ۽ عبدالنبي ۽ سندس صلاحڪار بي عقل ۽ حرڪتي ماڻهو آهن. مون هنن کي اڳ ئي سزا ڏني آهي ۽ منجهائن ٽي ڄڻا ڪاٺ ۾ وڌا اٿم، تنهن ڪري بهتر آهي ته اوهين موٽي وڃو، آئون هنن سان گڏيو خدا آباد ٿو  اچان، جو هي چوي ٿو ته سندس خزانو حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ آهي، مون کي خبر آهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. مگر اهو ڪوڙو ثابت ڪري  پوءِ بادشاهه ڏي اوهان جي فائدي ۾ ۽ هن جي بر خلاف لکندس. آئون قسم ٿو کڻان ته مون کي اوهان سان وڙهڻ جو ارادو ڪونهي.

جڏهن اهو پيغام مير کي مليو تڏهن هو خوش ٿيو ۽ سردار جي وڪيلن کي خلعتون ۽ گهوڙا انعام ڏئي روانو ڪيائين ۽ هي جواب پنهنجن وڪيلن تاجي ليکي جي ڀاءُ الهداد ليکي ۽ منشي انبرتراءَ جي هٿان  ڏياري موڪليائين ته اسين بادشاهه جا غلام آهيون ۽ توکي پنهنجو دوست ۽ خير خواه ٿا سمجهون. امڪان آهي ته ڪن بدخواهن اسان جي شڪايت بادشاهه وٽ ڪئي هجي. مگر اسان کي اميد آهي ته تون اها غلط فهمي دور ڪندين. تون ڀلي خدا آباد ڏي روانو ٿي ته پوءِ اسين عمر ڪوٽ ڏي هليا وينداسين، جتي اسان جو سامان پيل آهي.

سردار مدد خان ائين ئي ڪيو ۽ مير جي وڪيلن کي سوکڙيون ڏيئي موٽايائين ۽ پاڻ پنهنجن پٺاڻن ۽ بروهين ۽ نومڙين سان خدا آباد ڏي روانو ٿيو جتي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن جي اندر وڃي پهتا. اتي هن عبدالنبي کي  زور ڪيو ته مال پيدا ڪري ۽ پاڻ به پنهنجن ماڻهن سميت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳو. ڏاڍا ظلم ٿي گذريا. غريبن توڙي شاهوڪارن کان جيڪي ڦري سگهيا سو ڦريائون. سون، روپيو، ڪپڙو، گندي، بلڪ جتيون ۽ تڏا به گهرن ۾ نه ڇڏيائون. ماڻهن کي ڏاڍيون تڪليفون پهتيون. هڪڙي پاسي هئي ترار ۽ ٻئي پاسي باهه، شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا، جن جا ڦٽل پٽ ۽ دڙا اڃا پيا ڏسجن.

جڏهن مير عبدالله خان ۽ سندس عزيزن انهن ظلمن جون دانهون ٻڌيون تڏهن ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ارمان ٿين ته ناحق مير فتح خان جي صلاح تي لڳاسين. آخر صلاح ڪيائون ته مدد خان تي ڪاهجي. هڪدم تياري ٿي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو روانا ٿيا. مير فتح خان به هن ڀيري ساڻن شامل ٿيو، اگرچه هن جي اڃا به صلاح اها  هئي ته وڙهڻ کان اڳي ڳالهين سان ٺاهه ڪجي. سڀني خدا آباد ڏي رخ  رکيو. جڏهن مدد خان هن جي اچڻ جو ٻڌو تڏهن ڏاڍو بي آرام ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن لشڪر وٺي ميرن جي  منزل کان ٽن ڪوهن تي اچي لٿو. تڏهن مير عبدالله پهرين پهرين پيغام ڏياري موڪليس ته اسان تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪيو، پر تنهنجي ڳالهه هڪڙي ۽ ڪم ٻيا. هيترا ظلم جي تو بيگناهه ماڻهن سان ڪيا آهن، تن جو توکي خدا وٽ جوابدار رهڻو آهي ۽ انهيءَ جي سزا سگهو توکي ملندي. مدد خان جواب موڪليو ته تون صحيح ٿو چوين. تون عمر ۾ جوان آهين، پر  عقل ۾ گهٽ ٿو ڏسجين. عبدالنبي مون کي مال جو دلاسو ڏنو هو. جڏهن اهو هن نه ڏنو تڏهن اسان کي لاچار ٿيو ته ملڪ ڦريون. انهيءَ لاءِ خدا وٽ هو جوابدار آهي نه آئون. مون اڳئي بادشاهه ڏي  تنهنجي سفارش ڪئي، جي ٺهرايل ڍل هر سال پهچائي ڏيڻ جو انجام ڪندؤ ۽ پنهنجن عزيزن سميت مون وٽ ايندؤ ته سڀ ڪم ٺهي پوندو.

پر انهيءَ پيغام تي مير راضي نه ٿيو. لشڪر سنبرائي  ڏانهنس هليو. مير فتح خان ناراض ٿي پنهنجي لشڪر ۽ لشڪر جي سردار باغ فقير سميت عمر ڪوٽ هليو ويو ۽ مير عبدالله اچي دين ڳڙهه وٽ منزل ڪئي. جڏهن مدد خان کي معلوم ٿيو ته مير فتح خان جو ٻين کان ڇڄي ڌار ٿيڻ سندس فائدي ۾ آهي، تڏهن هن انهيءَ جو فائدو وٺن گهريو. هڪدم عمر ڪوٽ ڏي ڪاهيائين ۽ مير فتح خان کي ڌوتاري پاڻ وٽ آندائين. پهريائين گهڻي عزت ڏنائينس پر هڪ ٻن منزلن کان پوءِ جڏهن لوهري پهتا، تڏهن مير کي چيائين ته تون فسادي آهين ٻه لک رپيا ڏي نه ته قيد آهين. مير کي ٻيو چارو ڪو نه هو. لاچار قبول ڪيائين. وري سردار مير عبدالله جي خبر چار وٺي کيس زور ڪيو ته هن ڏي ۽ سندس ٻين عزيزن ڏي لکي ته اچن. ڊپ کان جيئن سردار لکايو تيئن هن لکيو ۽ اهو خط هڪڙي اوٺي سوار هٿ مير ڏي موڪليو ويو. تيستائين مير فتح خان پنهنجي تنبوءَ ۾ پنجاهه سپاهين هيٺ نظربند هو. اتي مير فتح خان جي اک پٽي ته مير عبدالله کان ڌار ٿيڻ ۾ مون وڏي غلطي ڪئي. هن کي پڪ هئي ته مير سندس خط تي ڪڏهن ڪين ايندو ۽ هن جي نه اچڻ ڪري هي مون کي عذاب ڏيندا. تنهن ڪري ڀڄي نڪرڻ جو ارادو ڪيائين. ظاهري طرح سردار کي چيائين ته فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻي واڻئي کان گهربل پيسن آڻڻ لاءِ ڪي سوار موڪليان ٿو ۽ ڳجهي طرح انهن سوارن کي سمجهايائين ته فلاڻي هنڌ تکا گهوڙا تيار ڪري بيٺا رهجو. ٻي رات جڏهن پهري وارا وڃي ستا، تڏهن مير پنهنجي هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي هنڌ ۾ سمهاري ۽ پاڻ نوڪر يا سپاهي جي پوشاڪ ڍڪي نڪري ويو ۽ وڃي ٺهرايل هنڌ پنهنجن مائٽن کي گڏيو ۽ گهوڙا ڊوڙائي مير عبدالله جي منزل تي آيو. جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن سردار ٻڌو ته مير فتح خان ڀڄي ويو، هيڏي هوڏي ماڻهو ڊوڙايائين پر پتو ڪو نه پيس. آخر معلوم ٿيو ته دين ڳڙهه ۾ وڃي پنهنجن عزيزن سان گڏيو. ڏاڍو ڪاوڙيو، پهري  وارن جون سسيون لهرائي ڇڏيائين. هڪدم لوهري مان نڪري اُٻاوڙي ۾ منزل ڪيائين ۽ اتان مير عبدالله ڏي پيغام موڪليائين ته مون کي پنهنجو دوست سمجهه ۽ مير فتح خان جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪج. منهنجي مرضي آهي ته آئون عبدالنبي جي ٻانهن تنهنجي حوالي ڪريان ۽ تنهنجو هن سان پرچاءُ ڪريان. جي توکي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ هجي ته اجهو آئون قرآن به موڪليان ٿو  جو منهنجو شاهد آهي. انهيءَ کان پوءِ آئون ويندس ۽ بادشاهه کي خوش ڪري تنهنجي فائدي ۾ آڻيندس.

مير عبدالله کي اهڙي پيغام  تي اعتبار ڪو نه آيو. جواب ڏياري موڪليائين ته آئون هڪڙي ڳالهه وارو ماڻهو آهيان ۽ جيڪي مون کي چوڻو هو سو مون اڳيئي چيو آهي، جيڪڏهن مون کي بادشاهه جي مدنظر نه هجي ها ته هن کان اڳي آئون بهتر بندوبست ڪريان ها. هاڻ آئون  اچان ٿو. روبرو گڏباسين. ائين چئي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. هوڏانهن مدد خان سڄي ڳالهه سمجهي درياهه لنگهي هليو ۽  عبدالنبي کي ڇڏي ڏنائين، باقي هن جا سنگتي جي وٽس قيد هئا سي وٺي هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org