سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 7

 

3- عبدالله جمالي (تعلقو ٽنڊو باگو) جي ٻڌايل ڳالهه

 

]دودي چنيسر جي ڳالهه جي هيءَ روايت عبدالله خان جمالي جي زباني، ڳوٺ عبدالله خان ڪپري (تعلقو سامارو) ۾ رئيس عبدالله خان ڪپري جي اوطاق تي ٿيل ڪچهري ۾ تاريخ 9- جنوري 1965ع تي قلمبند ڪئي وئي. هن ڳالهه جي هڪ بيت ۾ (ننگر جي عالادين جي لشڪر سان جنگ وارن بيتن ۾)  ’سيد صالح شاهه‘  جو نالو اچي ٿو، جيڪو شايد هن ڳالهه جو شاعر آهي.

عبدالله خان پٽ علي خان جمالي، ڳوٺ ڏيئي غازي خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل اندازاً سنہ 1895ع ڌاري ڄائو. دودي جي ڳالهه اسماعيل فقير ڀان (عمر سنہ 1965ع ۾ 70-75 ورهيه) ويٺل طـُـريل، لڳ ٽنڊو باگو ضلعو حيدرآباد، کان سکيائين. عبدالله هن وقت يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳالهه کڻي ٿو ۽ لوڙائو، راڻي يا جوڳ جي سر ۾ ڳائي ٿو. اول ساراه جا بيت چئي، پوءِ نثر ۾ ڳالهه جي شروعات ڪري ٿو. ان بعد بيت ۽ وچ وچ ۾ ڳالهه جا ٽاڻا ٻڌائيندو هلندو. ن - ب[

ساراهه:

 

 

اول نام الله جو، ٻانها ٻي نه وار
ڪلر ويري ڪوٽ جو مڇي ويري ڄار
ڪلر ويري ڪوٽ جو، دودل ويري ڀاءُ
مرد ويرياڻي ننڊڙي، عورت ويري سينگار
چڪر گهوڙو گهر اڳيان، بي نظرو يار
ڪـُـراڙي جوءِ گهر ۾، آهي مرد لاءِ آزار.
                                             ---

 

اول نام الله جو، ٻانها ٻي نه وار
ساراه ڪريان الله جي، صاحب رب ستار
ڪـِـيڙِي سـِـڪي ڪـَـڻِ لاءِ، جنهن کي رازق روز رساءِ
هاٿي سـِـڪي سوا مڻ لاءِ، جنهن جو گراه نه گهٽاءِ
حاجي سڪن حج لاءِ، جن کي چائنٺ تون چماءِ.
                                             ---

اول نام الله جو، مڙين موچارو
ٻيو نام رسول جو محمد + موچارو
ٽيو نام سخيءَ جو آڏي اوتارو
ڪؤنڇي جي ڪنڌين تي قلندر ڪرارو
ساراه ڪريان دوداڻين جي، سڻي جڳ سارو.
                                             ---

سدا وسي سنڌڙي، جتي ولين جا ميڙا
ساراه ڪريان دوداڻين جي، جي پوٽا ڀونگر راءِ.
                                             ---

ڀونگر بادشاهه جو پٽ هو ڪارو دودو. پهلوان هو. اهو جڏهن ڄائو ته ماءُ جي ٿڃ ڌائي نه سگهيو ۽ ڇاتي ڏُکوئڻ لڳو. تڏهن راڻي چيو ڀونگر بادشاهه کي ته: بادشاهه، تنهنجو پٽ اهڙو پهلوان آهي جو منهنجو بـُـبو ڌائيندي ئي پـَـٽي ورتائين. ڀونگر بادشاهه چيو ته دودي کي وڃي مينهن ڌارايو. پوءِ مينهن جو کير روزانو ڌائيندو ۽ ڳـَـٽـِـيندو هو. ٿوري گهڻي ڏينهن اُنهيءَ مينهن جي گذران تي وڏو ٿيو، پر مينهن رات جو ڪلهي تي کڻي وڃي گـُـجرن جي باغ ۾ چاريندو هو. گجرن کي خبر پئي ته اسان جي باغ ۾ رات جو مينهن ٿي چـَـري، تڏهن اچي ڀونگر بادشاهه کي دانهن ڏنائون ته: سائين! هڪڙي مينهن اسان جي باغ ۾ چري ٿي، اُن جو پير ٻهراڙيء ڏي نٿو وڃي، ۽ ڪو ماڻهو ڪوٽ ٽپايو کڻي ٿو وڃي. ڀونگر بادشاهه، گجرن کي ڏس اِهو ڏنو ته: اوهين اِنهيءَ باغ جي چوڌاريءَ چندن جون ڪاٺيون ٻاري دُونهون ڪري ڇڏيو. جيڪا شيء هوندي سا پاڻهي ظاهر ٿي پوندي. پوءِ گـُـجرن باغ ۾ چئني ڏِسين تي چندن جون ڪاٺيون ٻاري دونهيون ڪري ڇڏيون.

 

 

 

 

ورندي ٻي رات پئي ته دودي مينهن کڻي، ڪوٽ ٽپائي، آڻي گجرن جي باغ ۾ ڇڏي. پاڻ اُتي دونهـِـين ۽ ٽانڊو ڏسي سيڪڻ لڳو ته مينهن به چري وري اچي اُنهي دونهين تي دودي سان گڏ بيٺي. اُنهيءَ ٽانڊي ۽ باهه، دودي جي طاقت گهٽائي ڇڏي، جنهنڪري کانئس مينهن کنئي نه ٿي. نيٺ زور لائي، مينهن زوري کڻي آيو. مينهن مـُـنيءَ سان ٻڌي، پاڻ پنهنجي بنگلي ۾ وڃي سمهي پيو. گجر صبح جو اچي ڏسن ته مينهن چري وئي آهي، ۽ مينهن جو پير به لڳو پيو آهي. وري اچن دونهين تي ته ڏسن ماڻهو جو پير به آهي ته مينهن جو پير به لڳو پيو آهي. وري اهو ساڳيو پير کڻي اچي ڀونگر بادشاهه کي دانهن ڏنائون ته: سائين! مينهن تنهنجي محلات ۾ مـُـنيءَ سان ٻڌي بيٺي آهي. ڀونگر بادشاه پنهنجي نوڪرن کان پڇا ڪئي ته: مينهن ڪنهن جي چري آئي آهي؟ نوڪرن چيو ته: سائين! مينهن دودي جي چري آئي آهي جا پاڻ ڪـُـلهي تي کڻي چاري ايندو آهي. تڏهن ڀونگر بادشاهه پنهنجي پٽ دودي کي گهرائي چيو ته: اڙي ابا، توکي ڪهڙي بک آهي جو مينهن کڻي وڃي ٿو گجرن جي باغ ۾ چارين! تو مونکي هيڏي گلا ڏياري آهي، تنهنڪري هاڻي جيڏانهن جو آهين تيڏانهن روانو ٿي، مونکي نه گهرجين! دودي کي به ڪاوڙ لڳي، سو پنهنجو سامونڊي گهوڙو سنج ڪري، هٿيار ۽ سامان کڻي روانو ٿيو.

 

ڦـُـلـِـيا نالي پاتڻي درياء تي رهندو هو، تنهن کي ڀونگر بادشاهه چوائي موڪليو ته: منهنجو پٽ دودو ڪاوڙجي آيو آهي، تنهن کي درياء کان اُڪاري هـُـن پار نه ڪجئين. دودو جڏهن پتڻ تي پهتو، تڏهن ڦليا ٻڌايس ته: ڀونگر بادشاه جو حڪم آهي ته دودي کي اڪاري هن پار نه ڪجئين. هاڻي تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ تڏهن دودي چيس ته:

آءُ ڙي  ’ڦليا پاتڻي‘  تنهنجو پتڻ ياد رکي
ڏسي سڌر سومرو، اِهو وڏو راڄ رکي.

 

دودي وٽ حضرت علي ڪرم الله وجہ جي منڊي هئي، اُها چيچ مان ڪڍي درياءِ کي سامهين ڪيائين ته درياء جاڳهه ڏني، ۽ دودو سامونڊي گهوڙي تي چڙهي اڪري ويو.

درياء جي هن پاسي دودي جو ميهار مينهون چاريندو هو. دودو اتي آيو ته ميهار اچي دانهن ڏنس ته: هتي درياء ۾ هڪ ڇپ پئي آهي، جنهن مينهنِ جا پير ڇـِـلي ڇڏيا آهن. دودي چيو ته: اِنهيءَ ڇپ کي آءٌ پاڻهي ٿو ٻاهر ڪڍان. دودي وري علي سائين جي منڊي درياء جي سامهين جهلي ته پاڻي جاڳهه ڏني. ڏٺائين ته برابر ڇپ پئي آهي. هن اها ڇپ گـِـهـِـري ڇـِـڪي ٻاهر ڪڍي ته ڌاراڙ به خوش ٿيو ته هاڻي منهنجون مينهون خوش هونديون. ڌراڙ ۽ انهيءَ ڳوٺ جا ماڻهو دودي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، چئي: اسان جو بادشاه آيو آهي. سج لهي سانجهي ٿي. اچي رهاڻ ۽ ڪچهري لڳي. رات جو آڌي جو ٽاڻو هجي، اُتي ٻيلي ۾ هڪڙي شينهن گاج ڪيو. دودي پڇيو ته: اهو شينهن ڪٿي ٿو گجي؟ ماڻهن چيو ته: سائين! اهو ٻيلي منجهه پيو گاج ڪري. اتي مينهون به ڊڄي اُٿي بيهي رهيون. دودي ڌراڙ کان پڇيو ته: هي مينهون ڇو اٿيون آهن؟ ڌراڙ چيو ته: سائين! اِهو شينهن روزانو گاج ڪري، اِنهيءَ ڪري گاج کان شؤنڪارجو بيهو رهن. تڏهن دودي چيو ته: اهڙو شينهن آهي ته اِنهيءَ کي مارڻ گهرجي. پوءِ ڪچهري ڇڏي ترار کڻي اٿي هليو. سڌو هڪلي ٻيلي ۾ آيو ۽ اچي شينهن سان جنگ ڏنائين ۽ شينهن کي ماري ان جي سـِـرِي کڻي آيو. پوءِ ڌراڙ کي چيائين ته: اِهو شينهن به مون توکي ماري ڏنو، هاڻي ته خوش ٿيو آهين؟ ڌراڙ به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: سائين! اِهو ڏک تو مينهن تان ته لاٿو، پر ساري جڳ جهان تان لاٿو آهي.

 

 

 

 

صبح ٿيو ته دودو گهوڙي تي چڙهي رڻ ڪنڌي وٺي روانو ٿي ويو. سڄو ڏينهن پنڌ ۾ هليو. سج لٿي جو گل بادشاه جي بادشاهي ۾ اچي پهتو. انهيءَ بادشاهيءَ ۾ هڪڙو راڪاس هريل هو، جنهن کي هڪڙو ماڻهو روزانو ڏيندا هئا. انهيءَ بادشاه واعدو ڪيو هو ته منهنجي راڄ مان جيڪو به راڪاس کي ماريندو، تنهن کي آءٌ ڏاڍا انعام ڏيندس ۽ پنهنجي نياڻي جو سڱ به ڏيندس. سمورن راڄ وارن ماڻهن هڪڙو هڪڙو ماڻهو ڏئي ٻارهن مهينا اچي پورا ڪيا هئا. انهيءَ رات جو هجي بادشاه کي ڏيڻ جو وارو. گل بادشاه پنهنجي ڌيءَ کي چيو ته: ڌيّء هي راڪاس پنهنجي راڄ تي هريل آهي. سمورن راڄ وارن پنهنجي واري سان ماڻهو ڏنو آهي، اڄ آهي وارو منهنجو. هاڻي تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي. تنهنجو سر ڏيان يا پاڻ کي ڏيان؟ ڌيءَ چيو ته: بابا! شل تنهنجي حياتي هجي، منهنجي حياتي قبول پوي، مونکي ڀل راڪاس کائي وڃي. تڏهن گل بادشاهه محلات جا دروازا کولائي ڇڏيا ۽ شهزاديءَ کي ميدان تي کٽ وجهائي ڏنائين. آڌيءَ رات جو راڪاس آيو ۽ شهزاديءَ کي کڻي، انهيءَ گس تان روانو ٿيو، جتان دودي جي اچڻ جي واٽ هئي. شهزاديءَ جي دانهن پوندي پئي آئي. دودي دل ۾ خيال ڪيو ته ڇاجي ريـِـههَ پوندي پئي اچي؟ مونکي خدا نه ڀـُـلائي ته ڪو جانور ماڻهو کنيو پيو اچي. دودو گهوڙي تان لهي، ترار ڪڍي بيهي رهيو. راڪاس به ويجهو آيو ۽ دودي تي نظر پيس ته شهزادي کي ڇڏي لـُـوهه ڪيائين دودي ڏي. دودي انهيءَ راڪاس سان لڙائي ڏني ۽ نيٺ وڃي کيس ماريائين. پوءِ ڊوڙي شهزاديءَ کي اچي کنيائين. شهزادي چيس ته: مونکي پاڻي لپ پيار، مون ۾ هاڻي پساه ڪونه رهيو آهي. دودي پاڻي پياريس. پوءِ شهزاديءَ سموري حقيقت ڪري ٻڌايس. آخر دودي چيس ته: مونکي اُتي وٺي هل جتي تنهنجو شهر آهي. نيٺ پره ڦٽيءَ مهل اچي شهر پهتا. شهزادي، دودي کي پنهنجي محلات ۾ وٺي آئي. هڪڙي پلنگ تي دودو ۽ ٻـِـئي تي راڻي، سمهي رهيا.

 

صبح ٿيو، سج اُڀريو ته گل بادشاه شهزاديءَ کي جيئرو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته: رات توکي راڪاس ڪيئن ڇڏي ويو، ڪٿي لڪي وڃي سـُـتي هئين ڇا؟ شهزاديءَ چيو ته: نه بابا، آءٌ لڪي ڪانه ستي هيس. مونکي ته راڪاس کڻي وڃي الائجي ڪٿي ڇڏيو هو. پر هڪڙو پهلوان جيڪو ٻاهر ستو پيو آهي، تنهن مونکي اچي ڇڏايو آهي. وڌيڪ خبر وڃي تون انهي پهلوان کان پڇ! گل بادشاه اچي دودي کي اٿاريو، ۽ پڇيائينس ته:

ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟

 

دودي جواب ڏنو:

صحي آهيان آءٌ سومرو، آءٌ وڳهه جو وريـــام
پٽ آهيان ڀونگر راءِ جو، دودل منهنجو نام.

 

گل بادشاه پنهنجا ماڻهو موڪليا ته وڃي ڏسو ته اِهو راڪاس ڪٿي مئو پيو آهي. اهي ماڻهو دودي جي گهوڙي جو پير کڻي اچي ڏسن ته برابر راڪاس مئو پيو آهي. موٽي اچي بادشاه کي پڪ ڏنائون. تڏهن، گل بادشاه دودي کي چيو ته: مون نياڻيءَ جو سڱ توکي ڏنو، جو تو هي راڄ تان ڏک لاٿو آهي ۽ راڪاس ماريو آهي. ٿوري گهڻي ڏينهان گل بادشاه پنهنجي نياڻي دودي کي پرڻائي ڏني. 

هڪڙي ڏينهن دودي چيو ته: سائين! مون ڏني آهي راڪاس سان لڙائي، اتي منهنجي کني کي ور پئجي ويو آهي. هاڻي ڪنهن لوهار جو ڏس ڏي ته وڃي کنو ٺهرائي اچان. تڏهن چيائينس ته: پنهنجي هن شهر ۾ لوهار ويٺو آهي، وڃي انهي کان کنو ٺهرائي آءُ. دودو هلي آيو انهيءَ لوهار وٽ. لوهار چيس ته: منهنجي سـِـراڻ کي ڦيرائڻ لاءِ ٻه ٽي ماڻهو گهرجن، ماڻهو وٺي آءُ ته کني مان ور ڪڍي ڏيانءِ، دودي چيو ته: ٻيا ماڻهو آءُ ڪٿان آڻيان؟ آءٌ پاڻ ٿو سراڻ ڦيرايان. پوءِ دودو بادشاه ويٺو سراڻ ڦيرائڻ ۽ لوهار ويٺو کني مان ور ڪڍڻ. لوهار جي ڌيءَ آئي ۽ پڇيائين ته: بابا، هي کنو ڪنهن جو آهي جو تون ويٺو ٺاهين؟ لوهار پنهنجي ڌيءَ کي ورندي ڏني ته: هي کنو سومري بادشاه دودي جو آهي. لوهار جي ڌيءَ ڪلام الله شريف پڙهيل هئي، تنهن چيو ته: بابا! اِهو کني جو ور تو کان ڪونه نڪرندو. ڇٽيهه لکڻو ٻار هجي جيڪو کني تي زبان ڦيري ته ور نڪري. پوءِ انهيءَ مائي زبان تي کني کي ڇيرو ڏنو ته کني مان ور نڪري ويو. مائي چيو ته: آءٌ حق اِهوئي ڪنديس جيڪو هن کني جو ڌڻي آهي. دودو بادشاه اتي لوهاري پرڻيو. اتان کان موٽي گل بادشاه جي بادشاهي ۾ وري آيو.

 

 

 

 

ڀونگر بادشاه، دودي ڏي خط لکيو ته: گجرن مون سان لڙائي ڏني آهي، توکي اچڻ گهرجي. دودي، گل بادشاه کان موڪل ورتي ته: سائين! مون کي موڪل ڏيو، جو هاڻي وڳهه ڪوٽ ويندس. گل بادشاه موڪل ڏني ۽ هن وڳهه ڪوٽ اچڻ لاءِ پنهنجي تياري ڪئي. ٻنهي راڻين کان موڪل وٺي پاڻ اڪيلو وڳهه ڪوٽ روانو ٿيو. دودي جي ٻنهي راڻين کي اُميد هجي، بادشاهزادي کي چيائين ته: منهنجي گهر جيڪڏهن ڌيءَ ڄاپي ته نالو  ”ٻاگهي“  رکج، جي پٽ ڄمي ته نالو دودو رکج. لوهاري کي چيائين ته، جيڪڏهن ڄمي ڌيءَ ته نالو ڪجهه به نه رکج، ڀلي مري ته مري وڃي. پٽ ڄمي ته نالو رکج چنيسر. دودو وڳهه ڪوٽ ۾ آيو. لڙائي لڳل هجي. ڀونگر بادشاه فوت ٿي ويو هو ۽ ڪارو دودو اڃان وڳهه ڪوٽ ۾ حياتي هجي. ڪاري دودي کي خبر پئي ته ٻنهي راڻين کي پٽ ڄاوا آهن، ۽ نالا وصيت موجب  ’دودو‘  ۽  ’چنيسر‘  رکيل اٿن. پوءِ انهن ڏانهن خط لکيائين ته: هاڻي توهان کي هتي اچڻ گهرجي. آخر ڪارو دودو به فوت ٿي رهيو. چنيسر ۽ دودو به اُتان پنهنجو ڪڙم قبيلو وٺي آيو وڳهه ڪوٽ ۾. چنيسر ۽ دودي اچي پنهنجي بادشاهي وسائي. سڄي راڄ ڀاڳ دودي ۽ چنيسر کي چيو ته: پڳ هڪڙي کي ٻڌايو ته راڄ هلائي. دودو ننڍو ۽ چنيسر وڏو هو. دودي چيو ته: پڳ ٻڌان ٿو چنيسر کي. پڳ کڻي آيا تخت تي، ۽ چنيسر کي ٿا پڳ ٻڌائين. دودي، چنيسر کي چيو ته:

 

ادا ويهه منجي، ٻڌ پاڳڙي، تون پيڙهي راڄ وساءِ
سوا لک جي پاڳ آئي ادا سوني ٿالهه مٿان.

 

چنيسر چيو ته:

ڀرم ڪجو اَئـِـين ڀائرو، آءٌ گهران ٿي اچان
وڏي جا ورهين جي، آءٌ پڇي نار اچان.

 

چنيسر آيو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان راڄ وارن دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏي. ڀير تي ڏونڪو لڳو ۽ چنيسر افسوس ۾ محلات جي در تي اچي بيٺو.

سڏ ڪريو سڏڪا ڪري، نڪتي دائي در منجهان
ڀـِـنڀـِـلـِـيـُـون جنهن جي پـُـسي آيون، بيٺو ڳل وهائي ڳوڙها
هائي سڄڻ پنهنجي حال جي، تون مونکي سـُـڌ سڻاءِ.

 

چنيسر ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، تڏهن وڃي چنيسر جي ماءُ کي چيائين ته: مون سان نٿو ڳالهائي، تون وڃينس. ماءُ پڇيس ته:

راڻيون هندوري هيرئون، جيڪي جـُـتي نه پيرين ڪن
تڙيين دودي سومري، ڪين تڙيين راڄ منجهان.

 

چنيسر جواب ڏنو، امان!

سمي تڙيس نڪي سومري، مونکي تڙيو پاڻ الله
ڏنا هئائين موزا پير ۾، مون سان ڀلي ڪئي هئي ڀاء
خان ويٺو کٽن تي، پڳ ٻڌي دودل راءِ.

 

 

 

 

چنيسر کي ماءُ جواب ٿي ڪري:

 

هـِـندِي پڙهئين، سنڌي پڙهئين، تون قابل قرآن سندا
ڇوڪر وڃن ٿا راند تي، سي به نٿا پڇن پيءُ ماء
هاڻي او کي ويل قبر ۾، توکي ايندو ڪونه ايذاء.
                                             -----

نيرو گهوڙو وڪڻي وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار
سنهون لڪڻ ڪر هٿ ۾، پـُـٽ! گـِـڏڪيو گهيٽا چار
ڪاڇي جي ڪنڌين مٿي، وڃي ڪـَـڪـَـڙ ڪـُـتو ڪوڪار
(1)
تنهنجي ماءُ ڪندي ماهـِـيڙو، آهين دودل جي درٻار
 ’ايسؤ ويسو‘  توکي چوندا، آهين دودل جو ڌراڙ.
 

چنيسر جي راڻي آئي، سا ٿي جواب ڏي پنهنجي سس کي:

چاچي! منهنجي ڪانڌ کي، تون نه ڏي ويڻ ولها
عاج چندن جو چرکو تون وڏو اَرٽ گهڙاء
ڪپاهه لاڙ ملڪ جو، تون اُٺن تي آڻاء.
                                       -----

اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيون سين ٽي
پهر ۾ هو ڪتبو پائـِـڙو، اڄ چنيسر سير سويري ڏي.
 

هاڻي چنيسير جي راڻي کيس ماني جي صلاح ٿي ڪري:

مريم ماني آندي، آندئين ٻوڙ پلاء
هاڻي ور ته منهنجا ولها، تون چنيسر ماني کاء.

 

زال کي جواب ڏنائين ته:

 

ماني کائيندس ڪانه ڪا، منهنجا جلن ٿا جيرا
ماني کائيندس ڪانه ڪا، منهنجي آنڊن ۾ ولوڙا
اڄ ڏينهن کان پوءِ تي، آءٌ ڀانيان مريم ماء.

 

 

مريم راڻي وراڻيو ته:

ٿيندو ڏينهن محشر جو، آءٌ ڀانيان چنيسر ڀاء.
                                       -----

ٻئي ڀائر دودو ۽ چنيسر هڪٻئي ۾ ڳالهيون ٿا ڪن. دودي خيال ڪيو ته ڌيءَ جو سڱ پٽس ننگر کي ڏيان، مـَـن پرچي پوي:

دودي  ’ڀاڳ‘  اُٿاريو، تون قاضي ڪوٺي آء
پڙهي ته دعا ننگر جي، چنيسر جي مهندا.

 

چنيسر ٿو جواب ڏي دودي کي:

دودا دڙڪو ڏنومئين هڪڙو، تو ڇڏي سڱ پچار
آءٌ دڙڪو ڏيندوسئين ٻيو، تون ڇڏيندين راڄ پچار
دڙڪو ڏيندوسئين ٽيو، تون ڇڏيندين واڳ پچار
دڙڪو ڏيندوسئين چوٿون، تون ڇڏيندين ڀاڳ پچار.

 

اتي دودي به ڪاوڙجي جواب ڏنس ته:

اُٿي پٽ لوهاري جا، لتون ڏئي نه ڪڍئين ساه.

 

چنيسر ڪاوڙجي اُٿي روانو ٿيو:

چنيسر ڀاڳ اٿاريو، تون ڪينڪـَـٽ ڪاهي آ
رک سونا سنج سجاف تي، ٿئي ماڻڪ جو به مڻيا
وڃان ته دانهين دليءَ تي، وڃي آڻيان علادين راء.

 

دودي پنهنجي راڻيءَ کي چيو ته: ڀاءُ مون سان ڪاوڙجي ٿو وڃي، تون ميڙ وٺي وڃ. مائي وڃي ٿي پر ڪهڙي طرح ٿي وڃي!

 

 

 

پايو پاند ڳچيءَ ۾، اچيو  ’پٽول‘  پيرين پئي (1)
ڀڄي ڀائر ڀيڙا ٿيو، متان ڪا مهل ڊَهي
ٻنهي موڙهو سـُـٽڙو، آن جي موڙهي ماڳ ڪپاهه.

 

 

چنيسر چيو ته:

مائي چڙهيو آهيان قول ڪري، آءٌ ورنہ ڪين وران
مريم ٿي مهڻا ڏنا، اتي ساڙيس ٿي منهنجي ماء
امڙ جي مهڻن سين، وڃي ڀالين ٽنگايا ڀاء.

 

ائين چئي چنيسر هليو ويو. ست ڄڻا سومرا ويٺا هئا، تن دودي کي چيو ته: اسان کي ڇڏ ته وڃي چنيسر کي وٺي اچون، نه آيو ته وڙهي به وٺي اينداسين. دودي کين موڪل ڏني ۽ چنيسر جي موٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

دودل چڙهيو ڪوٽ نهاري اجهو ادل ٿو اچي
سرخي يار سنجاف کي، ڇڏيئين وڳهل کؤن واري
ڏسيو ته سائي ڇـَـنڙي، بيٺو نيري ونگ وجهي
ست ماريئين سومرا، جيڪي دودل ميڙ مـُـڪا.

 

چنيسر وڳهه ڪوٽ ڇڏي روانو ٿيو. واٽ تي هڪڙي ميهار کان کير جي لپ گهريائين.

ڪاري مينهن ڪـُـنڍڙي، ٿو چنيسر تواري
چـَـنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾، مينهن چـُـوڙون نه چوري
چارئي بازو جنهن جا بند ٿيا، مينهن ٿڻ نه سڱوري
ميهر! مينهن ڏُهيو ڄاڻان ڪين، متان مينهن ڏيئين ماري.

 

 

کير پي ميهار کي چيائين ته: ڏس ڏي ته اهو شينهن ماري وڃان جنهن توکي ڏک ڏنو آهي. هڪلي ويو شينهن تي، ته شينهن ٻيلي ۾ ستو پيو هو، چيائين ته:

 

ٻوٿ اٿئي ٻليءَ جهڙو، تون شمر اوري آءُ
پـَـٽ ڪين باهـِـڻ ٻيلي جا، اِهي سلا ڪيم سڪاء
شينهن وڏرجي ڪارو ٿيو، آيو آدم تي اُلري
هنيائين مڪ مٿي جي، شينهن ماريو چنيسر راء.

 

چنيسر، شينهن ماري، گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو. اڳتي ويو ته آدمخور ڦري  آيس. اُن سان وڙهيو:

مرد وڙهيا ميدان ۾، جيئن کـَـسن سانَ ماهيا
ٻانهون ڪـَـڙيل چنيسر جون، جنهن کي لوها ڪـِـيرَ لڳا
مرڻ ويل مقام تي تون اچجئين دودل ڀاء
مرد اڇليو مرد کي، ڪئي آدم خور دانهن
ڊوها ماريئي ڊوه سان، نڪي ڏنئي سڌ سماء
جان آهين دودل سومرو، جان دودل جو تون ڀاء.

 

آدمخور کي ماري اڳتي هليو ته ٻيلي ۾ هالار جو اُٺ ڦري آيس. جـَـت گهڻيئي چنيسر کي هڪلون ڏنيون پر هو نه مڙيو، اهو اُٺ به ماريائين.

اڳيان آيو آدمي، تون وري وڃ وريام
اٺ وڙهي ٿو هالار جو موڳو ڪو مستان
نـَـوَ سؤ نـِـيـَـر جنهن کي پير ۾، جنهن جي ڪڙي ڪيو ٺڪاء
اٺ ٽپندي آيو، جنهن ستين ٽپ ڇنو ڏاڻ
لڪڻ لوهيڙل جو چنيسر ور ڏيو واري
هنيائين لٺ مٿي ۾، وڌئين ڪاڇي ڪيرائي.

 

چنيسر دلي جي شهر کي اچي پهتو. دربان کي چيائين ته: سج لهڻ تي آهي، مونکي شهر ۾ وڃڻ ڏي. چنيسر کي دربان مٽايو. هڪلي ويو آهي اندر، ڏسي ته هڪ هنڌ هڪ مائي کلي به ويٺي روئي به ويٺي. پڇيائين ته: مائي! تون ڇو ٿي روئين؟ مائي چيو ته: ڇهه پٽ هئم جي راڪاس جو کاڄ ٿيا، باقي هڪ آهي. هن بادشاهي ۾ هڪ راڪاس اچي ٿو. سانجهيءَ منهنجي ستين پٽ جي شادي به آهي، ۽ راڪاس جو وارو به آهي، مائي، چنيسر کي مسافر ڄاڻي ماني کارائي. هو ماني کائي سمهي پيو ۽ سج لٿي اٿيو. مائي چيس ته:

 

 

پنج کاڌئي پڙيءَ تي، ڪيئي ڏهن جو سعيو
ڪوڙا هڻين ٿو گهوگهرا، تون آهين ڪٿان آيو.

 

 

مائيءَ چيس ته: وڃي راڪاس سان لڙائي ڏي. تڏهن چنيسر هڪلي آيو انهي هنڌ جتي راڪاس ايندو هو. ڏسي ته سوا خرار جي ديڳ، ۽ آواڙو پاڻيءَ جو ڀريو پيو آهي. چنيسر پاڻي جو آواڙو ڀڳو، پاڏو ڇوڙي ڇڏيائين، ۽ سوا خرار ڀت جي ديڳ غريبن ۾ ورهائي، ٻين ماڻهن کي موڪل ڏنائين ته آءٌ هڪڙو ڄڻو پاڻهي ٿو مـُـنهن ڏيان. پوءِ پاڻ کي زنجير ۾ ٻڌائي ڇڏيائين.

جيءُ جـَـنجـِـيرن جهليو، منهنجو سو گهو ٿيڙو ساه
مرڻ ويل مقام تي، تون اچجئين دودل ڀاءُ
                                             -----
خوابين آيو هو سومرو، جنهن جـَـنجير سڀ وڍيا
ڪاهيائين ڪانَ ڪست منجهان، وڌو خوني کوڙ ڪري
ڪـَـن پڇ تنهن راڪاس جا، مرد وڌا موڙي.

 

چنيسر راڪاس کي ماري موٽي آيو. صبح ٿيو، سج اڀرئي اچي گهنڊ وڄائي عالادين کي دانهن ڏنائين. دربان ڊوڙي وڃي عالادين کي ٻڌايو ته:

 

 

اُتر کان آيو آدمي، جنهن سان ٿو گهنڊ گـُـڙي
ڪاهي ڪانَ ڪست منجهان، وڌئين ڪڙو ڪڙي کان ٽوڙي
مور ڪيرايئين محلي ۾، جنهن سان ٿو گهنڊ گڙي.

 

 

اتي عالادين، چنيسر جي دانهن ٻڌي چيو ته:

پنج سؤ ڏيئين پاڙهيرين جا، جيڪي بانـُـڪا باز کڻن
ٻارنهن ڳوٺ ڏيئين ٻروچن جا، جيڪي ماڻهو ماهه گهرن
سورنهن ڳوٺ ڏيئين شيدين جا، جن جا ڏڦا ڏور ڏنگن.

 

چنيسر چيو ته:

سائين، ڏي تراريون تن کي ته، آءٌ ماريان سڀ مـُـڪن.

 

تڏهن عالادين چيو: ويهه ته آءٌ پنهنجي لشڪر جي ڪوٺ ڪريان. تيرهن سال چنيسر ويٺو رهيو. عالادين وٽ ايترو لشڪر گڏ ٿيو، جو ارڙهن بادشاهيون ٿيون. دهلي مان چڙهيا، اچي رڻ ڪنڌي تي لٿا. هڪڙو ٻڪرار گڏجي وين، جنهن کان نالو ۽ ذات پڇيائون،

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: آءٌ پهنور آهيان ذات جو،  ’رِڇيو‘  سڏايان نام

 

علادين چيس ته:

دودل ۽ دوداڻين کي، منهنجا ساري ڏج سلام
دودا! ديميون چڙهيون، لٿيون آهن ڍٽ مٿان
چڙهه دودل سومرا، تون وڳهه جا وريام.

 

رڇـِـيو، عالادين کي جواب ٿو ڏي:

دودي ۽ دوداڻين جا آءٌ پڇ ته ڏيانءِ پار
هن جا واشون شير وڳهه ۾ اٿئي لاکين لک هزار
اچي گڏبئي وچ ۾، اِهي زرين وارا يار
ڪوري رکنديئي پڙ ۾، ڪندئي ڌڙ ڌڙن کان ڌار
موٽي ويندين تون ڪونڪو، تنهنجي دلي ٻاريندا ٻار.

 

 

 

 

عالادين چيو ته:

 

دودي ۽ دوداڻين کي، منهنجا ساري ڏج سلام
چاليهه سؤ اٺن جا، منهنجا پاڻي پخال ڀرين
سورنهن سؤ هاٿين جا، منهنجا مٿيرا هٽ هلن
آءٌ روڪيندوسئين تڙ روپاه جا، تنهنجي سنڌ ڏيان آءٌ سٽ.

 

ان کان پوءِ رڇـِـيي جنگ ڏني:

رَمـِـي رڇـِـيو آيو، دانـَـهه ٿو ڊوڙي
فوج عالادين جي، اِنهيءَ مرد وڌي موڙي
چڙي چنيسر آيو، اجهو اچي ٿو اوري.

 

رڇـِـيي کي چنيسر ماريو، ۽ پوءِ اڳتي هليا. اڳيان  ”نيڻ“  ۽  ”ڍڪڻ“  ٻئي ڀائر پتڻ تي ويٺا هئا، تن چيو ته اسان کي ماري پوءِ دودي ڏانهن وڃو. جنگ ڏنائون ۽ مارجي ويا.

نيڻ چيو ڍڪڻ کي، تون هٿن جا شير
وهان وهامجي ويندا، پوءِ ڳائبا پنهنجا پير.
                                       -----

 

سنجهي سيڙهي موڪليو آيو ماڻهو دودل ڏي
دودل اسان مان رهيئي ڪونه ڪو، تون چڙهه وڳهه جا ڄام
رات جٽيندي ڪيترو، جا پهرن تي پيئي
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اڀريو جو تارو
خوني خط خلل جو کڻي در وڳهه جي آيو
سومرن ويهي پاڻ ۾ محمد ڪوٺايو
محمد ويو هو شڪار تي، هو اڃان ڪونه آيو.
                                                -----

 

دودي پائڪ موڪليو، ماڻهو مريم ڏي (1)
ننگر ڏي مائي ننڍڙو، ته وڃي ميڙ مغل ڏي.

 

مائي دودي ڏي جواب موڪليو ته:

مريم ماءَ ننگر جي بيٺي دودل راء چوي
ننگر منهنجو ننڍڙو، جيڪو وٽي کير پئي
راوَ کڻي راضي ٿئي، چڙهي دودو پاڻ وڃي.
                                       -----

ماري آيو منگتو، ٿر ڪپر پوڪاري
ننگر ساڻ پنجاه جي، ٿو ڏائي راند رهي
هل ننگر ننڍڙا، توکي دودل ڪوٺائي.

 

جواب ڏنو ننگر ته:

چاچي مونکي ڪوٺيو، ڪهڙي ڳالهه ڳڻي؟
چئي: دودي مونکي موڪليو، ڳؤري ميڙ ڪري
چوري چنيسر چاڙهيون، جتي ڇـَـلين ڪونهي ڇيهه
وڃ تون ميڙ مغل ڏي، فوجون آ ڦيري.

 

ننگر کي سندس يار ٿا چون ته:

جيڪي يار ننگر جا، بيٺا ننگر راوَ چون
متان منڌ ماندو مرين، لحظو ڪونه لڪن
اِهو عالادين هڪڙو، توڙي چاليهه ٻيا به چڙهن
اسين ڪنداسين سر صدقو، جيئن گهورون گهوٽ پون.

 

 

 

 

ننگر ٿو يارن کي جواب ڏي:

 

تڪڙ تهتا نه ڪريو، مونکي وار سڪاوَڻ ڏيو
وار سڪايئين واٽ تي ڪيئين دودل جو سلام
اٿيو دانههَ سومرو، ورتئين ننگر جو سلام
ابا! پڙهه پروانا پيءُ جا، توڏي لکيا چنيسر ڄام.

 

ننگر ٿو جواب ڏي:

پڙهيو پروانا پيءَ جا، ننگر ڦاڙيو خط ڇڏي
چاچا! نڪي آءٌ ويندس، نڪي چئو مونکي.

 

نيٺ چيائين ته: آءٌ ننڍڙو هئس، جو چنيسر هليو ويو هو، تنهنڪري:

سونهون هلي سلطان ڏي، مونکي ابل سڃاڻي ڏي.


 

تڏهن دودي چنيسر جا پار ڏنس ته:

ڪارو طـَـنبـُـو پڻهين جو، ڪارو چنيسر ويس
سونو ڀالو هٿ ۾، نيرو گهوڙو هيٺ
اکيون جنهن جون پاريهل جيئن، پڳ سـُـبتو ڀير
ور سڃاڻج پڳ جو، ميناڪاري پيچ
مومل پڇي مينڌري، آهي کٿيرو ڪير؟

 

ننگر جواب ڏنو:

چاچا! ميناڪاري مور وئڙا، اتي لک ٻڌين لاکين
نڪين آءٌ ويندس نڪين چئو مونکي
سـُـونهون هلي سلطان ڏي، جو اَبل سڃاڻي ڏي.
                                             -----

 

وڏي جا ورهين جي، ننگر پاڳ مٿئي آهي
چئي: چاچا! جا نه ڏنئي ڀاء کي، سامونکي ڏيندين ڪيئن
ڀاءُ ويئي ٿي ڀر مان، واري نه ورتئي
شل اوهان ماراکن کان، ڪچي وئي هئي ڪيئن
هاڻي هڻين ٿو هٿڙا جڏهن عالادين آيو.
                                                -----

 

راء ويٺو رهاڻي، دودو گهوڙيون گهرائي
ڪن پڇ تن گهوڙين جا ٿو ميندي رڱائي
عاج چندن جون چاوَڻيون، ٿو چندن چاڙهائي.
                                       -----

دودو مير ننگر لاءِ ٿو بنگلا بنائي
کٽون، سيج بندن تي ٿو عطر اوتائي
مانَ ماڻـِـين اچي سومرا، تون مـَـنـَـهن اچين مرڪائي.

 

دودي ننگر کي چيو ته:

ننگر‍‍! نام مٺا اَبن جا، چاچا ڪم نه اچن
مٺو اٿئي رت ابل جو، متان ڦري تون نه وڃين؟
چئي: چاچا! ڦـِـران ته ڦـُـرجي وڃان، اُتي ويندس ماڳ مري
جيڪا صلاح ننگر ڪندو، تون ڏسندين پاڻ اکيين.
                                                      -----

ننگر ڀونگر هليا درس مٽي ديوال
ٻاگهي ڏنو ڏوهيڙو، ٻر دودا تنهنجو حال
ڇوهه رکيو اٿئي ڇوڪرن، تو مان ڪانئر ٻرندي ڪانه!

 

تڏهن ننگر ڪاوڙ مان ٻاگهي کي جواب ڏنو:

ڪيهر ڪر مٿي کڻي، اُتي ننگر ڳالهايو
ڄمڻ سان مري وڃين، رَن راڄ رُلايا تو
وڃان ٿو ويرين سامهون، آءٌ جيئرو آيس جو
مڙس ڏيندوسئين ساهـُـو سومرو جيڪو ماري مڃائي ڀـُـون
(1)
ڪـُـٽي ڪيڙ تنهنجا ماريان، آءٌ ڍونڍن لايان ڍير.

 

 

 

 

ٻاگهي ننگر کي جواب ڏنو:

 

ڪاري کاڌيي ڪيئن ننگر، تو واري ڏني ورندي
وڃين ٿو ويرين سامهڻون، جيئرو ايندين ڪـِـين
ڏسنديس ٻن اکين سان، ايندين کـُـنهنبن منجهه کڄي.

 

ماءُ کان ننگر موڪلائي ٿو:

پايو پاند ڳچي ۾ اچيو ماءُ کان موڪلائي
امڙ نالي الله جي، ٻٽيهه ٿڃ بخشين
وڃان ٿو ويرين سامهڻون، منهنجو جيئڻ هوءِ يا نه هوءِ.

 

ننگر جي ماءُ چيو:

مريم ماءُ ننگر جي، بيٺي ننگر راء چوي
مريد آهيون محي الدين جا، تو سان حامي حضرت شاه
هي اٿئي ڪوٽ قادر جو شل لڳي نه ڪوسو واءُ
هڻج تراريون تڪڙيون، اڳيان عالادين راء
وڍجئينس واجهه طنبن جا، وير به واڌ ڪجا.
                                             -----

 

ساران پنهنجي ساز منجهان، جهلي ننگر گهوڙي واڳ
ننگر وڃين ٿو ننڍڙا، تنهنجو محمد ڀاءُ شڪار
ماراکن جي وچ ۾، تون ڪيئن ڳالهائيندين ٻار؟
                                             -----

 

دلان بيٺي دعا ڪري، ساز منجهان ساران
مريد آهيون محي الدين جا، ٻيا پيرل پاڳارا
طنبو اڏارج تڪڙا، جيئن واري اڏائي واءَ.
                                             -----

ننگر چوي ٿو يارن کي اوهين بيهو ته آءُ چڙهان
ڍال، بندوقون، تراريون، وڃي ساري ساڻ کڻان
ماريان  ’مانڌن مير‘  کي وڃي  ’نظر بيگ‘  هڻان
سسي عالادين راء جي وڃي چنبن منجهه کڻان.
                                             -----

ڳورِي ڳاٽ ورائيو، ڀنڀي ڀـِـت مٿان
سؤٽ! وڃين ٿو جنگاه تي، تو سيج نه چکيو ساء
ٿيندو ڏينهن محشر جو، پنهنجو نبي پڙهندو نڪاح.
                                             -----

ولهوٽجي نڪتي وڳهه کان، جيئن کنوڻ ڪري ڀڙڪا
ڌيءُ تون دودل راء جي، تون ڳوري مون سان ڳالهاءِ
هـِـنيون کامي کـُـنڀ ٿيو، جلن ٿا جيرا
لـُـڏي لنگهندا وڳهه کان ٻيرا ننگر جا
صحي سڃاڻج رت ۾، ايندئي نياپا ننگر جا.

 

چنيسر جي ماءُ، ننگر وٽ آئي ۽ کيس چنيسر جا پار پتا ڏنائين:

ننگر وٽ جا نار آئي، مڙهي چنيسر ماء
ننگر وڃين ٿو ننڍڙا، ڪج پانـَـهه سان پرچاء
چئج چنيسر ڄام کي تون لوهر ڪيم لڄاء
ڌاتي ٿڃ ٿڻن جي، مون نه لڄائج ماء.
                                              -----

 

 

 

مڙس مـُـنـَـههَ جيڏڙو، سينو جنهن جو کٽ
مٿو آهي تنهن مرد جو، جيئن ڪنڀار ٺاهي ٿو مٽ
ڳهڻو نـِـير نراڙ تي، پيو اُڌما ڏي آڙاهه
پارين اٿئي پڌرو، منهنجو پٽ چنيسر راء.

 

 

ننگر جواب ڪيو ته:

ڏاڏي! تيرهن ورهيه گذريا، مونکي چوڏهون ٿا به چون
آءٌ ماءُ پيٽان ڇيهه ٿيو، مون ناهي ڏٺو اَبل
سونهون هلي سلطان ڏي، مونکي اَبل سڃاڻي ڏي.
                                              -----

سڀئي آيون سومريون، اچيو دودل کي به چون
دودا! ناٺي مارائين ٿو ننڍڙو، ڏَنائـِين ٿو نياڻي
وني جنهن جي وناهه ۾، جنهن ڪارا ويس ڪيا
وَنـِـي جنهن جي وناهه ۾، جيڪا پيئي نٿي پاڻي.
                                             -----

ليڪو ڪڍي مرد بيٺو، بيٺو يارن سڏ ڪري
جيڪو هجي يار منهنجو، پڙ ۾ پير ڀري
اڳيان ٿينديون هٿن مان، لکين خون به خطائون
نه ته هلي شهر دلي ۾، پاڻ چنيسر پرچايون.

 

ننگر وڳهه مان نڪتو:

 

پهريون ويلو نڪري، نر ننگر هنيو نعرو
ٻيو ويلو وچ ۾، اچي راڻي روپاهه لٿو
ٽيون ويلو وچ ۾، اچي  ’گـُـنگڙي ٿار‘  لٿو
چوٿون ويلو وچ ۾، اچي مرد  ’موراسي‘  لٿو
موراسي جي ڪنڌيين، ننگر طنبو ٿو اَڏائي
چون يار ننگر جا، ننگر! قاصد ٿو وڃي.

 

 

چنيسر، دودي ڏانهن قاصد هٿان خط اُماڻيو هو، جنهن کي ننگر جي يارن جهلي ورتو. پوءِ ننگر، قاصد جو مٿو ڪـُـوڙائي، نڪ چپ وڍائي چنيسر ڏانهن موٽايو.

ننگر چوي ٿو يارن کي، مون کي قاصد آڻي ڏيو
قاصد چئي ٿو ننگر کي، اُزُورو ڪين ڀڄي
(1)
ڪڍي ڏنئين ڪاتي بيٺ مان، جيڪا سوا لک لهي
چـِـٺيون چپاٽيون چم جون، ڪڍيو ننگر کي ٿو ڏي
ننگر پڙهيو پروانا پيءُ جا، ڦاڙيو خط ڇڏي
ڀڄ اوٺي! اٿيئي ڏينهڙا، آءٌ داڳيان دليءَ کي.
                                             ---

ننگر ناهـِـيون ڪوٺيو، تون پاڪي پڇاڙي آءُ
پاڪي پڇاڙي آئيو، ڪڍيئين ڀانيءَ مان ڀالا
راءُ رُڪ سان منڊيو، ڏس پاڪيءَ جا پورهيا
وڍيائين تنهن پائڪ جا، نڪ ۽ چپ ڀيڙا.
                                             ---

ننگر نائـِـي ڪوٺيو، اوري ٿو اچي
پارت اٿئي پٺاڻ جي، جنهن جو ڇڏجئين نڪ وڍي
اوٺي اٿئي اَبل جو، جنهن جا ڇڏجئين ڪن ڪپي
ڀرون ته ڀوري يار جا، ڇڏجئين چمٽن ساڻ پٽي
وار نه لڏيس واءَ تي، اُتي اَبل پاڻ ڏسي.

 

 

 

 

چنيسر، قاصد کان ننگر جي خبر پڇي:

 

آ اَبل جا اوٺيئڙا، ڀڙ تون ڀاڪر پاء
ننگر ڇڏيو هوم ننڍڙو، آءٌ مران يا جـِـيان.

 

قاصد وراڻيو ته:

ننگر ڇڏيو هوئي ننڍڙو، اڄ گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ويهي ڪچهرين وچ ۾، ويٺو مڇون مير موڙي
مونکي گڏيو هو واٽ ۾، جو اچي ٿو اوري.

 

مور وزير پنهنجي سپاهه سان بڪار تي چڙهيو، جنهن کي ننگر جي يارن ڊوڙائي ڪڍيو.

مور وزير چڙهيو، جيڪو پلٿي کيڏ چون
طـُـرا تني ترڪن جا، پيا گهوڙن پڇ گسن
هي گڏيا هـُـنـِـي کي، هوءِ گڏيا هـُـنن
هـِـني هتان هوڪاريو، هيڏانهن هي به هڻن
راهه اِنهن رستن سان ڀڳا ترڪ وڃن.
                                             ---

آ دليءَ جا دادلا، جهجهي ڏيان تو ڀون
ڪر ڦـُـر بـَـڪار جي ڏي سون به آڻي مون
چئي: ٻـَـن پوءِ ڦر بڪار جي، ٻن پوين راءِ تون
اسان کڙو هنيو ککر ۾، جنهن جا ڏينڀو ڏور ڏنگين.

 

ننگر يارن سميت اچي عالادين جي لشڪر کي ويجهو ٿيو. هڪڙي ماڻهو کان پڇيائين ته: عالادين جي فوج گهڻي؟ تنهن جواب ڏنس ته:

 

فوج عالادين جي، جت آلا ڪاٺ ٻرن
نؤ سؤ نغارا نوبتون، پيا واڄا سڀ وڄن
فوج عالادين راء جي، جنهن ۾ سپ سـُـري نه سگهن
فوج عالادين راء جي، جنهن ۾ مـِـرون پيا مـُـنجهيو مرن
چاليهه سؤ اُٺن جا، جتي پاڻي پخال ڀرين
سورنهن سؤ ڀانگيـَـن جا، جيڪي ڀنگ ڏئي نه پـُـڄن
سورنهن سؤ بانٺـِـيـَـن جا، جيڪي ماني ڏئي نه پڄن
سائين! مونکي خبر آهي ايتري، جهجها ٿا به چون.

 

 

ننگر عالادين جي لشڪر ۾ گهڙيو ته مـُـنهن ۾ نظر بيگ صوبي جو لشڪر هو:

اچي نظر بيگ جو ننگر ڪيو سلام
طاقت آندائين ڪانڪا، وٺي ننگر جو سلام
ماٺ ڪريو هي مڙي وڃي، دودل ديمين ساڻ.

 

ننگر، اڳتي هليو ته مور وزير جي لشڪر ۾ گهڙيو:

طنبو مور وزير جي، ننگر ڪيو سلام
طاقت آندائين ڪانڪا، وٺي ننگر جو سلام
ماٺ ڪريو هي مڙي وڃي، دودو ديمين ساڻ.

 

ننگر کان پڇيائين ته:

ڪو اُڏايو گهوڙيون، ڪو ڪـُـڏايو ڪانَ
چئي: گهوٽ ڪـُـڏاون گهوڙيون، اسين اُڏايون ڪانَ
هاٿي چڙهيو ٿو هـُـل ڪرين، تون هيٺ هجين سلطان!
پاڻي پياريئين مـِـشن جو، منهنجي سنڌ پڪا پڪوان.

 

وري حيدر هالاڻي جي طنبو تي ننگر آيو، چنيسر جو ڏس پڇيائين:

طنبو حيدر راءِ جي اچي ننگر ڪيو سلام
اُتي سائي ڪيئين ڪونڪو، ڪيئين ڏائي هٿ سلام
آڳهه جهلي آئيو، ورتئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪرين ڏائي هٿ سلام؟
تو جيڏا ڇوڪرا مون ڪـُـٺا جوڌ جوان!

 

 

 

 

ننگر جواب ٿو ڏئي حيدر هالاڻي کي ته:

 

اٿئي ڪيا بانور بڇڙا، تنهنجا ويندا واءَ لهي
آءٌ وڃان ٿو ميڙ مغل ڏي، من اَبل پرچي ئي
نه ته چونڊي ڪڍندوسئين اُڙدن مان، جيئن ڪنگ ڪڍي ڪرڙي.

 

حيدر هالاڻي جواب ڏنس ته:

حيدر هالاڻي آءٌ آهيان، جيڪو پلٿي کيڏ پٺاڻ
آهيان مير دليءَ جو، منهنجو صوبا ڪن سلام
دلي اسان جي دادلي، منهنجو ملڪ اٿئي مستان
آءٌ ويٺل ڪـُـهنگ قندار جو منهنجو ملڪ اٿئي ڪـُـستان
ننگر! آيو آهين اُڙدن ۾، منهنجا ڪڙڪا ڪندئي ڪانَ

ننگر جواب ٿو ڏئي حيدر هالاڻي کي:

نڪتس ڪوٽ وڳهه مان مون پـَـڙ وڌا پيرن
لاشا ته مير ننگر جا جيڪي وڳهه ڪوٽ وڃن
آءٌ مرندس هڪڙو تنهنجا ڪريان راڄ رنن
سانجهي سر عالادين جي، منهنجا کنا لائون لهن.

 

ننگر کي چنيسر جو ڏس اُتان به نه مليو، تڏهن اڳتي هليو، ۽ حيدر هالاڻي جي پيءُ ڪالو راءِ جي طنبو اڳيان اچي بيٺو:

 

طنبو ڪالو راءِ جي ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو، ورتئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: صحي آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر راءِ جو، ننگر سڏايان نام.

 

 

ڪالو راءِ چيو ته:

ننگر آئين ننڍڙا، تنهنجي وهي ٿڃ چپن
تو جيڏا ڇوڪرا آهن مائرن جي ڪڇن
آيو آهين اُڙدن ۾، تنهنجو رت پيان ڍُڪن.

 

ننگر اُتان به چنيسر جو ڏس پڇي اڳتي هليو ته  ’سالار‘  صوبي جي لشڪر ۾ وڃي پيو.

صوبي تنهن سالار جو، ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو، ورتئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: صحي آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر راءِ جو، ننگر سڏايان نام.

 

ڀڙ سالار پٽ عالادين جو جواب ٿو ڏي ته:

پرچو سرچو پاڻ ۾، تون فوجون پوئتي وار
وينگس ڪوٽ وڳهه ۾، جيڪا ٻاگهي ٻال ڪنوار
پڳ ٻڌائي پنهنجي پيءُ کي، ٿيءُ سڱيڻو سالار
قول ڪري اٿئي آئيو، هلي ٻول پڻهين جا پار.

 

تڏهن ننگر جواب ڏنس ته:

اوڇا اوڇي ذات جا، بيٺو اوڇو آلاڻين
ڌيءُ عالادين دادلي جيڪا نازڪ نماڻي
لڏي ٿي لال هندورن ۾، پئي پلنگن تي پاڻي
دايون ٻانهيون تنهنجي در جون، نيانءِ ناني نماڻي
ڀاءُ سڳي ڀائٽي هجئي، تنهنجي پـُـڦي فقيرياڻي
ماءُ سڳي ماسات هجئي، تنهنجي جيجل جوڳياڻي
سؤٽون ماساتون تنهنجون، نيئي ڏاڏي ڏوٿياڻي
وڃان ته ڪاهه قنڌار کي، ڪري حيدر هالاڻي
ڪڙم گـِـهليانس قبيلو، آڻيان ساگهر سڃاڻي
نـِـيان وڃي ڪوٽ وڳهه ۾، جتي دودو دوداڻي.

 

 

 

ننگر اهو جواب ڏئي اڳتي هليو ۽ اچي مانڌن جو سلام ڪيائين:

 

آڳهه جهلي آئيو، ورتئين ننگر جو سلام
مونکي خدا نه ڀلائي، تون پٽ چنيسر ڄام!
                                             ---

مونکي خدا نه ڀلائي، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو
چئي: چاچا! پرڻيو آهيان ڪونڪو، آهيان ڪنوارو
چنڊ ٻـُـڪي چوڏهين ويهان، منهنجي شادي جو سعيو
آءٌ وٺي ميڙ محي الدين جي آهيان ابل وٽ آيو.

 

تڏهن مانڌن وزير چيس ته:

پڙهيو خط دودل جا، بيٺو لال لڱن لائي
پڙهيو خط دودل جا، بيٺو مير مـُـنهان مرڪي
ننگر! وڍ هتان سر مـُـنهنجو، وڃ تون دودل ڏي
مري مانڌن سومرو، تنهن جي ڪـَـچي ڪونه ڪري.

 

ننگر ٿو جواب ڏي مانڌن کي:

سر سلامت سومرا، مانڌن تون بچي
اسم اٿئي الله جو، مونکي هلي اَبل پرچائي ڏي!

 

 

 

مانڌن پڇي ٿو ته:

 

منهنجو اسم اٿئي الله جو، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو
چئي: چاچا! منهنجا شهر وڳهه ۾،پيا ڳاڙها دُهل گـُـڙن
نـَـوَ سؤ مـَـنـَـهن ٿوڻيون، پيا چوهٺ ڏِيا ٻرن
ڄاڃي ڇـَـني آئيا، جتي لنگها لاڳ گهرن
ڄاڃي خان وريام جا اڃا هنڌ گهرن.

 

تڏهن مانڌن چيس ته: چنيسر، عالادين سان قول ڪيو ويٺو آهي، سو ڪونه مڃيندو:

ولـِـهو نڪتو وڳر مان، جتي ولـِـهي ڪيا وڻاه
پـِـٽيل پرچندو ڪينڪي، جنهن ڏاڙهي قول ڪيا
مري چنيسر سومرو، جنهن ڪـَـلها رُلايا.

 

ائين چئي مانڌن وزير، چنيسر وٽ آيو ۽ چيائينس:

طنبو چنيسر راوَ جي، اچي سلام ڪيا مانڌن
سائين پٽ سونهن اٿئي گهر جي، ڀائر داڳ دشمن
ڀائر ڪنگرا ڪوٽ جا، جيڪي حياتي شل هجن
سنڌؤن آيا ٿـِـي سومرا، شل لهي مانَ وڃن!

 

چنيسر جواب ٿو ڏي ته:

مانڌن! اسم اٿئي الله جو، مونکي خيري خبر ڏي
ننگر منهنجو ننڍڙو، نڪي اُڙدن منجهه اچي
ننگر منهنجو ننڍڙو، جيڪو وٽي کير پيي
اِهو چڙهيو هوندو دودل سومرو، جنهن کان منهنجو ڏيل ڏڪي.

 

مانڌن جواب ٿو ڏي چنيسر کي:

چڙهه چنيسر چـَـچلا، هل تون ڪوٽن وڳهه
ڀيٽون ڀونگر آئيون، جيڪي مـُـنڌا مور وتن
ڀيٽون ڀونگر آئيون، جيڪي لـَـکـِـي پيا لٽڪن
ڳانو ٻڌي اٿئي آئيو، جنهن جو ننگر نام چون.

 

 

 

 

چنيسر جواب ٿو ڏي مانڌن کي:

 

تيرهن ورهيه گذريا، مونکي چوڏهون ٿي آيو
مون ڏي دودل ڀاءُ جو ڪڏهن اوٺي ڪونه آيو
مون ڏي دودل ڀاءُ جو ڪڏهن خاطي ڪونه آيو
آءٌ چڙهيس قول ڪري، مون ڀلي اکر پايو.

 

مانڌن وري آيو ننگر وٽ، تڏهن ننگر وڃي ٿو پيءُ کي پرچائڻ:

پايو پاند ڳچيءَ ۾، پيءُ کي پيرين پئي
پايو پاند ڳچيءَ ۾، اچيو پيءُ کي پرچائي
اَبل نام الله جي منهنجا دُهل نه جهلاءِ
ميڙ آندي اٿم مصطفيٰ جي، تون محمد نه موٽاءِ
هلي پاڻ هٿن سان، تون مـَـنـَـهـَـن مرڪاءِ.

 

چنيسر جواب ڏي ٿو پٽ کي ته:

پـَـون پور اَدل جا، مونکي اُلبا ٿا اُٿن(1)
مرڻ ويل مقام تي، منهنجي هينئڙي داڳ دُکن
مون ۽ دودل ڀاءُ جا پيا وير ورهن.
                                             ---

 

پيءُ چوي ٿو پٽ کي، تون اَبل اوري آءُ
ڳالهه چوان توکي هڪڙي، منهنجي دل لائين داناهه
پٽ! ڦري ٿي پيءُ جو، تون سؤٽ سڳو ماراءِ
سڱ ڏنائين توکي هڪڙو، آءٌ لکين پرڻايان.
                                             ---

 

ڀاڪر وجهيو پـُـٽ کي، چوي: اَبل اوري آءُ
ٻي چوانءِ ڳالهڙي، منهنجي دل لائين داناء
پڳ ٻڌاءِ تون مونکي، سڱ ڏئين سالار
وري هلان ڪوٽ وڳهه تي، ٿيان وڳهه جو سردار.

 

ڀونگر جواب ڏنو ته:

اُٿي ڀونگر آئيو، بيٺو چوي چنيسر راءِ
چاچا! ٻارنهن تڙ اٿئي ٻنگار جا، تون کٽ ويهي کاءُ
ڀاڄي چاڙهيون ڪـُـني ۾،تنهن منجهه ڀاڱي ٿي ڀائيوار
چارئي واڳون اٿئي وڳهه جون، وڻنئي تيڏانهن وار
آءٌ مور نه ڏيئين سڱ ٻانهيءَ جو، توڙي ريلا رت وهاءِ.

 

چنيسر کي جواب ڏئي ننگر اچي ٿو عالادين جو سلام ڪري، پر ڏائي هٿ سان:

اچي عالادين جو ننگر ڪيو سلام
اُتي سائي ڪيئين ڪونڪو، ڪيئين ڏائي هٿ سلام
آڳهه جهلي آئيو، ورتئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون ڪهڙي ذات جوان؟
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون ڪرين ڏائي هٿ سلام.

ننگر جو جواب:

سائي ڪريان اُنهيءَ کي، جنهن جو مديني منجهه قيام
ٻيو ڪريان دودل کي، توکي ڪريان قتلام
تو جهڙن ترڪن کي، منهنجون ترارون ڪن سلام
صحي آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر راءَ جو، آءٌ ننگر سڏايان نام.

 

 

 

 

عالادين ماڻهو ٿو موڪلي چنيسر ڏي:

 

اِتي عالادين پائڪ موڪليو تون چڙهي چنيسر آءُ
سـِـنڌئون آيا ٿي سومرا، ڀڙ تنهنجا ڀاءُ.

 

چنيسر جواب موڪليو ته:

نڪي چنيسر پرڻيو، نڪي چنيسر وياء
اِهي اُڃ مرندي آئيا، جتي سـُـڪو داين ساهه.

 

عالادين جو جواب:

دايا آهن ڪينڪي، اهي واسينگن وياء
طنبو آهن جهـُـلڻ لڳا، منهنجا گهوڙا چرن نه گاه
تپ ٻـَـرو مونکي سور گهڻو، منهنجا اُبتا وار وريا
متان دودل ديهه ۾ آيو، سڪو منهنجو ساه.

 

ننگر جو جواب چنيسر کي:

ڪو ٿي ڄايئي سومريون، تن کي اهڙا ويڻ نه پاءِ
تون آهين پٽ لوهاري جو،  ’مـَـنگهان‘  تنهنجي ماءُ
(1)
آءٌ پيڙهي ڪندوسئين پڌري، اڳيان عالادين راءِ
ڀـڄ چنيسر ماٺ ڪري، متان رُڪ چکايئين ماء!

 

چنيسر جواب ٿو ڏي ننگر کي:

 

کريل کاري موڪليو، تون کريل جو وياء
چئي: هڪ کريل تون آهين، ٻي کريل تنهنجي ماءُ
تون آهين پٽ لوهاري جو، منگهان تنهنجي ماء
عقل ايندئي اڱارن جو، سيڪ سـَـنداڻَ جو ساء
آءٌ پيڙهي ڪندوسئين پڌري، اڳيؤن عالادين راءِ
ڀـڄ چنيسر ماٺ ڪري، متان سوسي ڪڍئين نه ساهه.

 

 

چنيسر جواب ٿو ننگر کي ڏئي:

سون ورنيون سومريون، تنهنجون رَندن آءٌ رلايان
ولهيون ڪريان آءٌ سومريون، تن جا وارث مارايان
هلي ڪوٽ وڳهه ۾، تنهنجو دودل داڳايان.

 

ننگر جواب ٿو ڏي چنيسر کي:

دودل هر ڪنهن داڳي، دودل داڳي ڪير
دودو سڄو آهي سون جو، جنهن کي رَندر پي جو ناهه
تون پٽ لوهاريءَ جو، منگهان تنهنجي ماءُ
آءٌ پيڙهي ڪندوسئين پڌري،تنهنجي اڳيان عالادين راءِ
توکي ساءُ سراڻ جو، تنهنجا لوهار ناناڻا.

 

عالادين، ننگر کان ٻاگهيءَ جو سڱ ٿو گهري:

ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي منهنجو مٽ
سڀئي پهرايان سومرا، آءٌ ڏئي گلابي پٽ.

 

ننگر جو جواب:

مکڻ سونهين ٿو منگهه ۾، ڌؤنرو سونهين لاٽ
تون ترڪ اسين سومرا، پنهنجي ڪانهي ويهين واٽ.

 

عالادين چيو:

ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي آءٌ نيندو
هلي ڪوٽ وڳهه ۾ جتي لائون آءٌ لهندو.

 

 

 

ننگر چيو:

 

مکڻ سونهين ٿو منگهه ۾، ڌؤنرو سونهين لاٽ
تون ترڪ اسين سومرا، پنهنجي ڪانهي ويهين واٽ
ننڍي وڏي ٿيندئي نينگري، منهنجي يارن کي پرڻاءِ
ماءُ سڳي ماسات هجئي، منهنجي ڀونگر کي پرڻاءِ
دِليان آندي اٿئي دادلي، منهنجي محمد کي موڙ ٻڌاءِ
ننگر نياڻو تنهنجو، تون سهرو عالادين راءِ
باقي هجئي ماءُ مڙهي، منهنجي دودل کي پرڻاءِ.

 

اِتي چنيسر کي ڪاوڙ لڳي ته بادشاه کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايئي. سو جواب ٿو ڏي ته:

چڙي چنيسر آئيو، جيڪو تپي تاءُ منجها
ڇوڪرا بادشاهن سان، ننگر اڍنگي نه ڳالهاءِ.

 

ننگر جواب ڏنو ته:

ڇوڪر آندا اٿئي پاڻ سان، منهنجو نر ننگر اٿئي نانءُ
ڏسندي يار ننگر جا، ڳوڌا وهندئي ڳاهه.

 

عالادين پنهنجي لشڪر کي ننگر تي حملي جو حڪم ڏنو. جنگ لڳي، ننگر ۽ ڀونگر ٻئي وڙهيا.

ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، ڪلر منجهه ڪرن
هليا ريلا رت جا، جي وڳهه واه وهن
مردن جا ميدان ۾ پيا ڪـِـلي ڪؤنر لڏن
اڃان عالادين جي ڪٽڪ ۾ پيا اهي مور ٽلن.

 

جنگ ۾ ننگر جا سمورا يار مارجي ويا. ڀونگر کي اُڃ لڳي، تنهن ننگر کي چيو:

 

 

ڀونگر چئي ننگر کي، آءٌ ادا اُڃ مران
نه ته گوڏا کوڙيان ٿو پڙ ۾، آءٌ ويرين رت پيان
ننگر چوي ٿو ڀونگر کي، تون هيڻو نه ڳالهاءِ
سٿ اباڻا سومرا، پنهنجي پنجاه ٿي پوري.
                                             ---

 

آيا سلامي سومرن، تيرهن سؤ ترڪن
اچيو عالادين اڳ ۾، اِهي راڻا عرض ڀي ڪن
سائين! اهڙا سوڌا سومرا، مر پيا جـُـڳ جيئن
اهڙن به مڙسن کي سامون نيئي ڏجن
چوڏهن ڏينهن آهن چڙهيا، جنگ ڪندي جوانن
هڪڙي اُساٽ اڃ جي، ٻيو پاڻي ڪونه پين
نڪا سـُـڌ هئي سج جي، نڪي تارا تجلا ڪن
نڪي اوڀر اُڀريو، نڪي ٿا ڏينهن ڏسن
 ”صالح شاه سيد“  چئي، مونکي موليٰ محب ملن
ڀوتار ڀونگر راءِ جا شل وڳهه راڄ رهن.

 

ننگر اُڃ کان ساڻو ٿي زمين تي ڪري پيو ۽ پيءُ کان پاڻي گهريائين:

ننگر چيو چنيسر کي: تون اَبل اوري آءُ
اَبل نالي الله جي، مونکي پاڻي لپ پيار
چئي: پاڻي ڏيندوسئين ڪونڪو، مون ڪيا هئا قول قرار
ته هيڪر مارائيندوسئين اُڃ مان، پوءِ دودل داڳايان.

 

ننگر جواب ڏنس ته:

اسين مرون صدقو ٿيون، مري نه دودل راء
ننگر ڀونگر جهڙا پٽڙا توکي جهجها پيدا ٿيندا
نڪي ڏاڏي ۽ ڏاڏو ايندا، نڪي ڄڻي ڏيندءِ ڀاءُ
مون مـُـئي کان پوئتي، تنهنجا مغل وڳهه ويندا
دودل مـُـئي کان پوئتي، تنهنجا ويري وڻ ٿيندا.

 

 

 

 

چنيسر پاڻي نه ڏنو، تڏهن ننگر ۽ ڀونگر صلاح ڪئي ته گهوڙا ماري، رت پي، اُڃ اُجهايون.

 

ننگر چئي ٿو ڀونگر کي: ادا مار ماريون گهوڙا
گهوڙا تني گهوٽن جا بيٺي راڻا رت رُنا
هاڻي اٿن گهرج الله جي، جيڪا رب رضا.

 

عالادين بادشاه جو پٽ  ’ڀڙ سالار‘  ٿو ننگر تي چڙهي:

ڀڙسالار ڀڙڪي آيو، ڪيهر پيو به ڪـُـڏي
ڪاهي ڪانَ ڪست منجهان، ماريئين ڀونگر کي
ڌڪ جهليو ڀونگر سومري، اهو ويڳاڻو وتي
سڏ ڪريو ننگر راء کي، بيٺو پانـَـهه ڳالهه ڪري
ادا مون ڪانَ ڀي ڪاهيو، منهنجو سورهيه ويو جهلي
اِتي ننگر اکيون اُٿوڙيون، آيو سورهيه سٽيندي
لاٿائين سر لقب سان جهاپي ساڻ جهٽي
سڏ ڪريو مانڌن راء کي، منهنجي ڇانهـِـين ڀيٽ وڃي.
                                             ---

ڪو جو ننگر سومري کي قهري ڪان لڳو
اِتي ڀونگر اکيون اُٿوڙيون آيو وير به وراڌو
ڀونگر! متان ماندو مرين، مون کي ڏينڀو ڏنگ هينو
مڙس مـُـڙيو هو ڪونه ڪو، آيو گهوڙي گهوٽ چڙهيو.
                                             ---

 

ڪاري گهوڙي ڪجلي، منهنجي نچي ڀر نـُـنـَـهنَ
اَبل به اچي ها ننگر سان، ڏئين ڏس گهڻن.
                                             ---

 

 ڀونگر چئي ٿو ننگر کي: تون ادل اوري آءُ
مونکي ويريـَـن وانجهـِـيو، منهنجو ٿيڙو ساه جدا
ڀلٿي کيڏ پٺاڻ سان، منهنجي ناهي جاءِ
لغڙ جيئن ٿو لوهون ڏي، وڃي بانشو بغل منجها
اَٺ سؤ آهن ڳاڻـِـوا، مونکي ٻارهن ڌڪ لڳا
پـُـٽ دودي راء جو، ليلائي ٿو لڪن تان.

 

ڀونگر جي سڏ تي ننگر اُٿيو، ڪاهي وڃي سالار کي رسيو ۽ سالار کي مٿي کڻي پڙ ۾ ڦٽو ڪيائين ته اُن جا هڏ گڏ ڀڄي ڀڪا ٿي ويا.

ادا پلٿا ڪيا ڇوڪري، جنهن جا لهي ويندا واء
آءُ ڙي پـُـٽ پٺاڻي جا! تنهنجو سوسي ڪڍان ساه
چئي: ننگر نام الله جي، منهنجو سوکو ڪڍجئين ساه
هنيائين وڃي پڙ مٿي، جنهن جا ڀڪا هڏ ٿيا.

 

عالادين ڏٺو ته ننگر ۽ ڀونگر وڃي بچيا آهن، انسانن جي مرڻ جا ناهن، هاٿي چاڙهيون ته چيڀاٽي مارين. پوءِ ڪڪي هاٿي کي شراب پياري ننگر جي سامهون آندائون.

ڪـَـڪو اباڻل جو آئيو، ڪو جو وريس واء
ڪالهه دودل ميڙ ڪري موڪليو، اڄ آيو سامهون ننگر راء
چئي: سامهون آيو آهيان ڪونه ڪو مونکي زورئون زنجير پيا
پياريا پاڻ هٿن سان، مونکي شيشا شرافن جا
ننگر! آءٌ بيهان ٿو ڪنڌ لاڙيو، تون هڻ مونکي ترار وچا.

 

 

 

                             ---

 

چوٿين ڏِس چاها گهڻو، جت چاڙهي لک چڙهن
آيا اُن ميدان ۾، جت حيدر مير چون
ڪاهي ڏِس ڏکڻ کي لاهيارا ٿا به لڻن
هڻ هڻ وائي وات ۾، بيٺا ماريو ماريو ڪن
کنو ته ننگر راء جو، چوڏهن گز چون
سپر سيلا وهايا، جتي کنا کنوڻيون ڪن
تڙ وهي سڀ تار ٿيا جتي گونگا واه گجن
ڪربلا ڪڪوري جتي ريلا رت وهن
ڏسي جنگ ننگر جي، ٿي ميڙا ڪيا ملڪن
پوٽا ڀونگر راء جا شل وڳهه راڄ رهن.
                                             ---

شيشا حوض شراف جا کڻيو ننگر پاڻ اچي
وٺي ننگر هٿ ۾ بيٺو ورڇ ورهايو ڏي
نر نشي نادان ڪيو، پرس چڙهيو پهلوان
اچي پيو اُڙدن ۾ جيئن دُرس مٿي دَهمان
اوراڙي اُڙدن کي اچي حيدر کي پهتو
ساري حضرت پير کي ڏور ٻڌو ڀالو
ڀالي ڀانئيس ڪونه ڪو، لڳڻ ويل لڏيو
ڪلنگي سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄاري ڪيو ڇڻڪو
سـِـري حيدر راء جي، آيو ڀالي منجهه کڻيو.
                                             ---

 

 

چئي: بندوقن ڀڙڪا ڇڏيو، ۽ ڀالن ڪريو بس
منهنجو ننگر ننڍڙو، اِهو وڏا ڪري ٿو وس.
                                             ---

 

 ڪو جو ڀونگر سومري، قهري ڪانه لڳو
موڪلائيندي سؤٽ کان جنهن جو ٽـُـٽي ساه ويو.
                                             ---

تون جي وڃين ڪونجڙي، منهنجا دودل ڏج سلام
ننگر ڀونگر جهنڊا کوڙيا، تون چڙهه وڳهه جا ڄام.
                                             ---

سوڍي جي صلاح سان، اُتي ڪونجن هنيان ڪانَ
قسمت آنديون ڪونجڙيون لڳن لوڙهه مٿان
وطن جني وساريو حيف تني کي هوءِ.
                                             ---

وڳر سڳر سرتيون، آئـِـين وري سڀ وڃو
سؤ سؤ سلامڙا منهنجي ٻچڙن کي ڏجو
اُتي مـُـئـِـي سڻائجو ڪينڪي، وڃي دڙ دلاسا ڏجو
ائين وڃي چئجو، اَنهن جي آيل اُت رهي.
                                             ---

اسان جي آيل اُت رهي، تنهن کي ماسي ڪوه ٿيو
چئي: لڳس ڪان قلب ۾، جنهن جو ڀڄي پـَـر پيو
جنهن سان ماري ڊوه ڪيو، وئي دانهياڻي دودل ڏي.
                                             ---

راءِ اُٿي ريهون ڪري، اُتي چنيسر چينگهاڙي
ساريو دودل ڀاءُ کي اُتي ٻر ٻر ٻهڪاري
سامون اچنئي سومرا، اِهي صندوقون سينگاري
سون پهرائجئين سومرين، منهنجي ننگر ڏي نهاري
ڄاڃي ڄام پنهل جا، ايندءِ اوتاري.
                                             ---

 

 

 

پيا ونگ دودل کي، اُت پيرن ۾ پانٽا (1)
ڪري پيو ڪوٽ تان جنهن جا وس ويا سڀ واڪا
سڏ ڪيائين ساهڙ وزير کي، تون ساهڙ اوري آءُ
ننگر ڀونگر لاتا ڏينهڙا منهنجي ڪيهر شينهن ڪنڌار
چڙهه تون ساهڙ سومرا وٺجئين خبر چار
چڙهيو ساهڙ سومرو آيو دانهه در مٿي
اُتي سڏڪيائين سومرن کي، اوهين لاهيو اچي لاشا.
                                             ---

 

سامون دودل راء جون وڃن ويڳاڻيون
آيون ڪوٽ وڳهه ڏي آيون اولاڻيون
لاشي لاشون لڌيون ننگر آيو ڪوٽ وڳهه.
                                             ---

مريم ماءُ ننگر جي، اُٿيو مريم ڪري ماتام
وارث اسان جا ويڙا، اِهي لاکيڻا ويا لڏي
سڏ ڪريو دودل راء کي بيٺي پانهه ڳالهه ڪري
دودا! مغل ماريندن ڪونڪو، ماريا چنيسر ڀاڻين.
                                             ---

 

سڏ ڪيائين سومرن کي، اوهين لاهيو اچي لاشا
سڀئي آيا سومرا جيڪي  ’هولاڻي‘  پاڙا
کٽون کڻي آئيا، اچي وڌئون مٿن لاشا
چاڙهيئون ننگر گهوٽ اُتي، لعلون لک هزار
اُٿيو ته دانهه سومرو، جيڪو آيو دودل راء
سڏ ڪيائين پنهنجي ڌيءَ، تون مائي لائون لهه!
                                             ---

 

مريم ميندي آندي، اچي ننگر کي لايو
پينگهي سور پرايم، مون ننڍڙو نپايو
ڪري دور قرآن جو مون کير پياريو
پڙهي فرض نماز جو مون ڍُڪو کارايو
ننگر! پرتين رب کي، ڄميو نڪين ڄايو.

 

دودي، ننگر ۽ ڀونگر جي لاشن کي دفنايو.

گهورون پون گهوٽ تان، لعلون لک هزار
سٿ اباڻي سومرا، آيا  ’مارُ وئڙي‘  مقام
آيو دانـَـهه سومرو، جيڪو آيو دودل راء
ننگر ڀونگر جهڙا پٽڙا، تن کي جوڙي ڏجو جاءِ
سٿ اَباڻي سومرا، جيڪي ڪانڌي قـُـل پڙهيا
دودي پاڻ هٿن سان اُتي لوڙهه لٽيا
پکي ته ننگر راء جي وڃي دودل موڙ ٻڌا.
                                             ---

وير وريو وڳهه ڏي، وڳهل جو به وريام
لاشا ڏٺائين لڪن تان، آيو ماروئڙي مقام
ننگر!  ’سلام عليڪم‘  آهي، ادا محمد  ’وعليڪم السلام‘

 

 

 

آڳهه جهلي آئيو، ورتئين محمد جو به سلام.
                                                ---

 

اَدل نالي الله جي مونکي سڌ سڻاءِ
چئي: ماراکن جي وچ ۾ مون قوي هنيا هئا ڪان
(1)
ادا! اول مارين ها عالادين کي پوءِ چنيسر ڄام
چئي: پٽ ماري ها پيءُ کي ٿئي ها ڪاڻيارو قيام
هاڻي وڃي تون ڪوٽ وڳهه ڏي منهنجا دودل ڏج سلام.

 

ننگر مارجڻ کان پوءِ دودي کي ڪاوڙ آئي، سو ٿو پنهنجي پٽول راڻي کي چوي ته:

ڪاوڙ جا ڪيهر کي پلٽيو پور پون
دودي داڳ اندر ۾ جنهن کي من تي مـچ ٻرن
قلب اندر ۾ ڪاتيون پيون جنهن کي وڍيو سور وڃن
آنڊن ۾ اڌما پيا جنهن جا جيرا پيا جلن
سنج ڪري ڏي سومري، آءٌ ڏسان وڃي اُڙدن.

 

ڪاوڙ مان تنگ ڀري ته گهوڙا ٻه اڌ ڪري ڇڏي:

 

سمي سانباهو ڪيو ٿيو تماچي تيار
ڪاري گهوڙي ڪجلـِـي ڪيا سونهري سينگار
وڻن واء ڇڏيو، ٿيا آلا ڪاٺ اڱار
گهوڙين ڦر ڇڏيا، جوين ڇڏيا ٻار
مڇيءَ ۾ مارو پيو، لڳو درياه ۾ دهڪار
سازن سـُـر مٽائيو ڪن تماچي توار
اچي عالادين سين ڪئي چنيسر چينگار
سائين! ڏندن ڏپ ڇڏيو، منهنجو بدن ٿيو بيزار
وڄن تارون ساه ۾ لڳو دودي جو دهڪار
متان سمهو طنبؤ ۾، متان لڙهن ڪنڌ ڪپار.

 

 

چنيسر چيو ته: دودو طنبو اچي ڳوليندو، طنبن ۾ متان سمهو.

سمي سانباهو ڪيو، چڙهيو دودل راء
هڪل ڪري محي الدين کي چڙهيو مست ملاح
مڇي ۾ مارو پيو، لڳو درياه ۾ دهڪاء
طنبن ۾ تنوار لڳي، گهوڙا چرن نه گاه
ٻـُـرن پيا ٻاروچل جا، ساز وڄن سرندا
دودو آيو ديمن ۾، جنهن کي ڪانن جا ڪڙڪا
تڙ تماچي تار ڪيا، جنهن جا ڪينجهر پاس قلعا
وهيون نديون رت جون، سي وڃن ڪوٽ وِڳها
طنبو لڙهن سڀ رت ۾، وڃي ڪـَـريو وِير ولـِـها.

 

راڻي چيو ته: ڏينهن جو جنگ تي وڃين ته رات جو وري اچجئين، متان عالادين جون فوجون ڦري نه وڃن ۽ سومريون ٻانَ نه ڪري وڃن. پوءِ ساران سندس ڌي زره کڻي آئي:

سمي سانباهو ڪيو ٿو سورهيه سنج ڪري
هڪل ڪري محي الدين کي ٿو کنا کيل کڻي
سڏ ڪيائين ساران کي مونکي زره آڻي ڏي
آئي ساران سومري کڻي ٻارهن مڻ زرهي.
                                             ---

راڻي دودي راوَ جي دودي کي چوي
دودا دڃ ديمن تي آسمان سوڀ ڪري
متان اچن فوجون عالادين جون وڳهه ٻانَ ڪري.
                                             ---

 

 

 

سڏ ڪيائين ساران کي، امان اچ اوري
ڍيٻا آڻي رُڪَ جا ڇڏيو هيرا موتي ڏري
(1)
متان اچن فوجون عالادين جون، منهنجي وڳهه واء وري
ويري آهي ويٺو واٽ تي متان ڊوهيو ڊوهه ڪري.
                                             ---

 

لهي وڃ سجڙا، تون اُلهي ڪر اونداه
ڪاهي وڃان اُڙدن تي جتي چنيسر ڀاء
ماريان چنيسر مير کي، جنهن منهنجا ڪـَـلها ڪهايا
پيانس رت ڍُڪيـِـن سـُـرڪـِـين سـُـرڪـِـين ساه.
                                             ---

راڻي دودي راو جي چوي دودي راء
نالو اٿئي الله جو متان مارين چنيسر ڀاء
ڀڃندس در دليءَ جا وڃي تخت ڪريان تالاء.

 

دودي پنج راتيون جنگ ڪئي. پٽول راڻي کي چيائين ته: پنج ور ڏنا اٿم، پر مونکي طنبو هٿ نٿا اچن. مون باقي پنج طنبو ڇڏيا آهن. هڪڙو عالادين بادشاه جو، ٻيو چنيسر جو، ٽيون انور بيگ وزير جو، چوٿون مانڌن وزير جو ۽ پنجون قنبر راء. هاڻي ڇهين ور تي توکي سندن سر آڻي ڏيندس.

 

پوءِ چنيسر، عالادين کي صلاح ڏني ته: دودو وٺجڻ جو ناهي، باقي دودي جي گهوڙِي واڄي تي لهي ٿي (وڳهه ۾ دودي جو اڇو ٿـَـلهو چؤڪڙيءَ ۾ هو، ان تي نوبت وڄندي هئي ۽ هڪ خاص واڄو ٿيندو هو جنهن تي دودي جي گهوڙي اچي لهندي هئي). هاڻي تون هڪ طنبو هڻاءِ، اندرئين پاسي زهر ڀريا ڀالا هجن. در تي ويهي نوبت وارو ساڳيو واڄو وڄاراءِ. پوءِ گهوڙي مٿان لهندي ته کانئس جهلي ڪانه ٿيندي. پوءِ عالادين ائين ڪرايو. گهوڙي نه جهلي ٿي ۽ اچي نيزن ۾ اڙي. ٻيا سڀ ڀڄي ويا. ٽي ڏينهن دودو ٽنگيو پيو هو. اڃا به سندس سائي مڇ پئي ڦڙڪي ته عالادين کيس ٿڏو هنيو.

 

انهيءَ تي چنيسر کي جوش آيو ۽ چنيسر پوءِ جنگ ڪئي ۽ گهڻا ماڻهو ماريائين. پوءِ وڳهه ڏي آيو ته لڄن جو سماء لهي. ڏٺائين ته اُت ڪوبه ڪونهي. حويليون، اوطاقون، تخت بخت سڃا ڏسي، زهر کاڌائين ۽ اتي مئو.

 

 

----*---


 

 


 

(1) اصل. ڪونڇي جي ڪنڌين مٽي.

(1) پٽول = دودي جي راڻي جو نالو.

(1) پائڪ = قاصد

(1) ساهو = همٿ ڀريو

(1) اُزورو = اُجورو، محنتاڻو.

(1) اُلبا = جوش.

(1) منگهان = چنيسر جي ماءُ جو نالو.

(1) پانٽا = هلي نه سگهي.

(1) مارا حن = مارث وارو

(1) ڍيٻو = سارين ڏرڻ جي جنڊيءَ جو هيٺيون پـُـڙ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org