سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

کپري ۽ ناري طرف جي روايت

هن روايت هيٺ تعلقي کپري ۽ تعلقي ناري مان مليل هيٺيون ٻه ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) رکيل عرف ڏَوو راڄڙ (تعلقو کپرو) جي ٻڌايل ڳالهه. سٽاء جي لحاظ کان ٻنهي ڳالهين جو سلسلو ساڳيو آهي، پر رکيل راڄڙ جي ٻڌايل ڳالهه مختصر آهي ۽ ان ۾ بيان وڌيڪ ۽ بيت ٿورا آهن، ان جي برعڪس فقير بودن ڀنڀري جي ٻڌايل ڳالهه وڌيڪ تفصيلي آهي، ۽ ان ۾ بيتن جو تعداد زياده آهي ۽ ٽاڻا ۽ اهڃاڻ پڻ پهرين ڳالهه کان وڌيڪ آهن، تنهنڪري ٻئي ڳالهيون جدا جدا ڏنيو ويون آهن.

جيئن ته فقير بودن ڀنڀري واري ڳالهه جي راوي فضل ڀنڀري سنه 50-1840ع ڌاري هيءَ ڳالهه نـِـمـَـري فقير مڱريي کان سکي، تنهنڪري هيءَ روايت قدامت، سٽاء، ۽ مواد جي لحاظ کان اهم حيثيت رکي ٿي.


 

1- رکيل عرف ڏوو راڄڙ (تعلقو کپرو) جي ٻڌايل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه سگهڙ رکيل عرف ڏَوو راڄڙ ويٺل حاجي علي خان هڱورو، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ جي زباني محمد عاقل هڱوري، ويٺل کپري قلمبند ڪري تاريخ 17- آگسٽ 1959ع تي اسان ڏانهن موڪلي. ن - ب[

 ’ڀونگر راءِ‘  نالي وڳهه ڪوٽ ۾ هڪڙو بادشاهه هو. کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو. هڪ دفعي ڪنهن فقير کيس دعا ڪئي ته خداوند ڪريم توکي پٽ ڏيندو، جيڪو بهادر ٿيندو ۽ دنيا ۾ نالو ڪڍندو. ڪجهه وقت کان پوءِ راڻيءَ کي اميدواري ٿي، ٻار ڄمڻ جو وقت آيو، راڻيءَ کي سور ٿيا:

سنجهي مان سور ٿيا، ڪڪڙ ڏني ٻانگ
ست ڀـَـتـَـيلي سومري، واري ويٺي لانگ.

 

آخر ٻار ڄائو، جنهن جو نالو رکيائون  ”دودو“ . هو مڻ مصري ٻه مڻ ماهيو کير پيئندو هو ته به روئي رات گذاريندو هو. اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي لائق ٿيو. سندس کير پيئڻ لاءِ ماڻڪي مينهن هوندي هئي. دودو اُها مينهن رات جو ڪلهي تي کڻي باغن ۾ ٽپي وڃي چاريندو هو ۽ اسر جو وري ڪلهي تي کڻي، پير لڪائي اچي ڪوٽ ۾ وجهندو هو. ماڻهن دانهون ڪيون ته: اسان جا باغ ڀيلجو ٿا وڃن، خبر ناهي ته ڪير ٿو ڀيل ڪرائي؟

انهيءَ شهر ۾ هڪ وڏيءَ عمر جو ماڻهو رهندو هو، جنهن چيو ته: باغن جي ٻاهران باهيون ٻاري ڇڏيو. سيءُ ۾ اهو پهلوان هٿ سيڪيندو ته باهه جي تئو تي سندس طاقت گهٽجي ويندي ۽ بار کڻي نه سگهندو، سو پاڻهي ظاهر ٿي پوندو. ڪڙمين اها ڳالهه ٻڌي وڃي باغن ۾ مچ ٻاريا.

 

 

 

 

دودو دستور موجب رات جو مينهن کڻي آيو ۽ اها باغ ۾ ڇڏي وڃي مچ تي ويٺو. جڏهن مينهن کائي ڍائي، تڏهن وڃي مينهن کي کنيائين ته کڻي نه سگهيو، جيئن تيئن ڪري مينهن کڻي آيو پر ان جو هڪڙو کـُـر زمين تي گهلبو آيو. صبح جو ڪڙمي پير کڻي ڪوٽ جي دروازي تي آيا ۽ بادشاهه کي دانهن ڏنائون ته: اسان سان ناحق آهي، جو دودو اسان جا باغ ڀيلايو وڃي، هاڻي پٽ ڪڙو ڪر يا راڄ. تنهن تي بادشاهه چيو ته: پـُـٽ ڪڙو ڪندس، راڄ ڪڙو ڪونه ڪندس. دودي اها ڳالهه ٻڌي پيءُ کي چيو ته: هاڻي آءٌ به تو وٽ ڪونه وهندس، ڇو ته مون کي ڪڙو ڪيو اٿئي، سو هاڻي مـِـٺو ٿي نه سگهندس.

 

دودي جا ٻه ڪـُـتا پاليل هئا، سي وٺي، ڪهاڙي کڻي سوناري جي دڪان تي ويو ۽ چيائينس ته: مون کي ڪتن لاءِ سونيون سنگهرون ٺاهي ڏي!

گهڙ سونارا سنگهرون، سچي سون منجهان
لائي ڪـُـتا نڪرون کاڻيءَ سنڌ منجهان.

 

شهر مان نڪري، دودو انهيءَ طرف روانو ٿيو، جيڏانهن سندس پيءُ جون مينهون سانگ چرڻ ويون هيون. ڀاڻ تي پهتو ته مينهون پهري ويون هيون، باقي ڦر ٻڌا پيا هئا. اتي هڪ ڌنار ڇوڪر ننڊ ۾ سمهيو پيو هو. ڇوڪر جي مٿي ڏانهن ڪنهن بلا جو ٻـِـر هو، جنهن منجهان هڪڙو نانگ نڪري، ڇوڪر کي کائڻ پئي آيو. پر ڇوڪر جي ڀرسان پيل کنو، کاپ مان نڪريو اچو نانگ کي آڏو ٿئي. دودي خيال ڪيو ته کني ۾ وڏي ڪا ڪرامت آهي. سو ٻئي دفعي جڏهن نانگ نڪتو ته دودي ڌڪ هڻي ماري وڌو ۽ ٻر مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. ڇوڪر ڇرڪ کائي اٿيو ۽ نانگ ڏسي دودي کي چيائين ته: ادا! تو ته مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. دودي چيس ته: مون سان جيڪڏهن ڪهاڙي ۽ کني تي واپار ڪرين ته ڏاڍو چڱو. ڇوڪر چيس ته: آءٌ واپار ڪندس جو مون کي ڪهاڙي مينهـِـن جي ڪـِـلن گهڙڻ لاءِ کپي. دودو ڪهاڙي ڏيئي کنو وٺي اُٿي تيار ٿيو ۽ ڇوڪر کان پڇيائين ته: اسان جو ڦـُـليو ڌنار ڪٿي آهي، جو مون کي درياء مان پار اُڪاري! ڇوڪر ڏس ڏنس. ڏس تي ڦـُـليو به گڏجي ويس. ڦـُـليي کي چيائين ته: مون کي درياءَ مان اُڪار! ڦليي چيس ته: تنهنجو پيءُ زماني جو بادشاهه آهي. تون پيءُ کان ڪاوڙجي هليو آهين. سو جي آءٌ توکي اُڪاريندس ته تنهنجو پيءُ مون کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ سبائي ڇڏيندو. تنهنڪري آءٌ توکي نه اُڪاريندس. ڦليي کي چيائين ته: جنهن ملڪ ۾ منهنجو نالو ٻڌين، اهو ملڪ ئي ڇڏي وڃج!

دودي الهه تهار ڪري نديءَ ۾ کنو هنيو. قدرت سان پاڻيءَ جاءِ ڏنيس. نڪري پار ٿيو. ڦليي سڏ ڪري چيس ته: تنهنجي اڳ کان جبل تي اوهان جي هڪڙي مينهـِـن کي شينهن ۽ شينهڻ ماريو ويٺا کائين، انهن کان ڀلائي ڪري پاسو ڏجانءِ ته ماري نه ڇڏينئي! دودي هن سان هائو ڪئي. اڳتي نڪري جبل کي ويجهو اچي دل ۾ خيال ڪيائين ته پنهنجي مينهن شينهن ماري ڇڏين ۽ آءٌ پاسو ڏيو هليو وڃان، اها ڳالهه ٺهي ڪانه ٿي. سو شينهن کي ويجهو آيو ۽ ڳاهه ڏنائين ته:

مينهون مارين ماڻڪيون، ڪانهـِـل ڪڄاڙي لاءِ
جي آهين شينهن ساماڻو ته چڙهه ڪتن جي ڳاهه.

 

شينهن بـُـل کائي اٿيو ۽ اچي دودي جي سامهون ميدان ۾ بيٺو. دودي ڪتن کي بڇ ڪئي. شينهن پيو گـُـڙي ۽ گـَـجي، پر ڪتا اوڏائي نه اچن. تڏهن دودي ڪتن کي طعنو ڏنو ته:

ڌؤنري کاڌان دَکيون، ولـِـهين کاڌان ماهه
هي ڪارين ڪـَـنين ڪاگڙو، سـُـوٽيو ڪڍي ساهه.

 

 

 

 

 

طعنو ٻڌي ڪتا شينهن سان وڙهڻ لڳا. شينهن هڪڙي ڇنبي سان ڪتا جهلي، ٻيو چنبو هڻي جبل تي اڇلائي ڇڏيا ۽ وري ميدان ۾ اچي بيٺو. دودي خيال ڪيو ته ڪتا پنهنجا ساٿي مارايم، مينهن اڳئي شينهن ماري ڇڏي، هاڻي شينهن سان وڙهڻ ضرور ٿيو:

 

ٻيلي مارين ٻـَـهڙا، ڪـُـنجر ڪڄاڙي لاءِ
هاڻي جي شينهن آهين ساماڻو ته چڙهه اچي دودي جي گهاءُ.

 

شينهن ڪاوڙ مان دودي ڏانهن وڌيو ته شينهڻ پـَـليس. مَ وڃ ماريندوءِ:

دودي کنو هٿ ۾ پورا پوت ڪندوءِ.

شينهن وراڻيو ته:

لڪندي ڇپندي لوڪ ۾ مونکي جهونا جڳ ٿيا
دودي جهڙا ڇوڪرا مون ڪئين ڪڇن ۾ ڪيا.

 

اچي هڪ ٻئي کي ويجها پيا. شينهڻ وچ ۾ پئي فيصلو ڪيو ته: دودا! تون کنو ڇڏ ۽ شينهن کي چيائين ته: تون چنبو ڇڏ. اچو ٻـَـکين، پوءِ سوڀ صاحب هٿ ۾ جنهن کي ڏياري! هنن پاڻ ۾ ٻک وڌا. شينهن جي پهرئين واري ۾ دودو گوڏن سوڌو زمين ۾ لهي ويو. ٻيو وارو دودي جو هو، تنهن اچي جو شينهن کي هنيو ته زمين ۾ کرس خوب ٿي ويو. پوءِ دودي شينهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي، کنو هڻي ماريو ۽ شينهڻ ڏانهن وڌيو. اتي شينهڻ وراڻيو ته:

مڙد مادي ماريندا ڪانه ڪا، مادي ماري ڪير
وِيهان ويندا واپري، پٺيان ڳڻبا پير.

 

شينهڻ کي ڇڏي ڏنائين. پر جڏهن کيس ڪابه ڏِس نه ڦـُـٽـِـي جو ڪيڏانهن وڃي، تڏهن وندر لاءِ شينهن جي کل لاهي، اُن جي گوشت جا ڀاڱا وجهڻ لڳو. ٻه ڀاڱا ڪتن جا ۽ هڪ حصو پنهنجو وجهي، وري گوشت گڏيو ڇڏي. اهڙي طرح ٿوري دير گذري ته واچـُـولي وانگر تکي هوا لڳي ۽ شينهن جي کل مٿان اچي ويس، ۽ ڪا شيء مٿان چڙهي ويهي رهيس. آواز ڪيائين ته: ڪهڙي شيءِ آهين؟ جواب مليس ته:  ’اڇپڙ راڻي‘  شڪار تي آهي. ديو کي حڪم ڪيو آهيس، جيڪو تنهنجي مٿان چڙهيو ويٺو آهي. اڇپڙ راڻي سومري هئي جنهن سان ديو ٻڌل هئا. دودي وراڻيو ته:

سـُـڃيون ڪينهين سومريون، راڻيون رڃ ۾ ڪـِـئا؟
آءٌ ٿو سڃاڻان تون آهين جـِـنَ سـِـکـِـر جي ماءُ.

 

ائين چئي دودو ٽپ ڏيئي مٿانئس چڙهي ويهي رهيو ۽ پڇيائينس ته: تون مون تي ڇو چڙهي هئين؟ جنڙيءَ چيو ته: مون کي پڻهين ڀونگر چيو ته دودي کي وٺي آءُ، جي نه هلي ته ماري اچينس، پر جيئرو نه ڇڏجانءِ، نه ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهي اسان سان لڙائي ڪندو. دودي ڇا ڪيو جو جنڙيءَ جا نڪ ۽ چپ وڍي پـَـلءُ ۾ ٻڌي چيائينس ته: وڃي بابي کي سلام ڏي. آءٌ حياتيءَ ۾ وري وڳهه ڪوٽ نه ايندس.

 

 

 

 

دودو اُهي پير ڇڏي اڳتي وڌيو ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن اچي هڪ آباد ڍنڍ ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته هاري جوڙا پيا وهن. هن کي مانيءَ جي طلب ٿي. خيال ڪيائين ته هارين کي مانيءَ جو سوال ڪريان. هڪلي هارين وٽ آيو. ڇا ڏسي ته سڀڪنهن هاريءَ کي ٽانڊن جو ڍڪڻ مٿي تي، جوڙو پيو وهي. پڇيائين ته: ادا! اوهان سان ڪهڙو ظلم آهي، جو باهه مٿي تي رکي ٿا جوڙا ڪاهيو؟ هارين چيو ته: گرڙ پکي آسمان ۾ آهي جو جوڙي سوڌو ماڻهو مٿي کڻي ويندو آهي. اتان ماس کائي رڳا هڏا هيٺ اڇلائيندو آهي. باهه کان ڊڄي ٿو، تنهنڪري مٿي تي ٽانڊا کنيا اٿئون. دودي هاريءَ کي چيو ته: ادا! اهو ڪمند بيٺو آهي، ان مان ڪجهه پٽي ڏي جو آءُ بکارو آهيان. هاري چيس ته: ادا! تون وڃي پـَـٽِ! دودي چيس ته: تون مالڪ آهين، پٽي ڏي، تيستائين جوڙو آءٌ ٿو وهان. هن جوڙو ڪاهيو. ٽانڊن جو ڍڪڻ اڇلائي ڇڏيائين ۽ کنو کاپ مان ڪڍي هٿ ۾ جهليائين. ٻين هارين چيس ته: يار! تون ته جان مان ڪڪ آهين، پر اسان کي به ٿو مارائين. ڀلائي ڪري پنهنجو جوڙو ٻاهر ڪڍي جهل. ايتري منجهه گرڙ پکي به اچي ويو. ماڻهن ۾ ڊوڙ پئجي وئي پر دودو بيٺو رهيو. گرڙ پکي لامارو ڏيئي دودي جي مٿان آيو ته جهلي جو کنو هنيائين ته گرڙ پکي منجهان، جوڙي منجهان، پانجاري ۽ هر منجهان زمين ۾ وڃي کتو. هاري ڪمند پٽي پوئتي آيو ته دودي ڳاهه ڏنيس:

 

هـَـرُ پانجاري هلٽ، ٽيئي ٽول ٽڪر اٿئي.

هاريءَ شڪرانو ڪيو ته ڏيهه تان ڏولائو لٿو. حياتي آهي ته جوڙا ٻيا ڌارينداسون. دودي چيس ته: مون کي ڪنهن لوهار جو ڏس ڏي جو منهنجي کني ۾ ڪـَـڪرُ پئجي ويو آهي. هاري چيس ته: لوهار اسان جي شهر ۾ آهي جو اکين کان نابين آهي. سراڻ هن جي هڪ سئو مرد ڦيرين ٿا. يا سندس ڌيءَ ڦيري ٿي. هينئر ته اسين ڪم ۾ آهيون، باقي سانجهيءَ همراهن جي ڇيڙ ڪري توکي ڪڪر ڪڍائي ڏينداسون. دودي چيو ته: آءٌ هلي ٿو لوهار جي دڪان تي ويهان، اوهين پوءِ اچجو. هي لوهار جي دڪان تي آيو ۽ لوهار کي چيائين ته: کني مان ڪڪر ڪڍي ڏي!

لوهار چيس ته: مڙس آندا هجنئي ته ڪڍي ڏيانءِ! چيائين ته: سراڻ آءٌ ٿو ڦيرايان. لوهار واڍَ جو ڏس ڏنس، جا هڪ سئو مڻ ڳري هئي. دودي اها کڻي سراڻ ۾ وجهي، هڪڙي ڦيري سان سـَـٽ ڏيئي هٿ ڪڍي ڇڏيائين، ته سـِـراڻ پئي ڦـِـري. لوهار دودي جو کنو سراڻ تي چاڙهيو ته اُن مان ڪي چڻنگون اُڏامي وڃي سندس اکين ۾ پيون، ۽ هو سڄو ٿي پيو. پوءِ ڪيترائي اوزار سراڻ چاڙهيائين. نيٺ سراڻ هلي هلي پائـُـٺـِـن مان نڪري وڃي ڪري. تڏهن لوهار چيس ته: ادا! تون ته ڪو پهلوان آهين. منهنجو انجام هو ته جنهن منهنجون اکيون چڱيون ڀليون ڪيون، تنهن کي پنهنجي وڏ - ڪنوار ڌيءَ پرڻائيندس. دودي چيو ته: مونکي منظور آهي. سج لٿو، هاري جان اچي ته شاديءَ جو بندوبست پيو ٿئي. هاريءَ چيس ته: ادا! ڪو وڏو بخت وند آهين. شادي لوهار رات جي پيٽ ۾ ڪري ڇڏي ۽ دودو انهيءَ شهر جو رهاڪو ٿي ويهي رهيو.

انهيءَ شهر ۾ هڪ راڪاس هريل هوندو هو، جيڪو  جوڙو ڏاندن جو، کارو مانين جو، هڪڙي ديڳ دال جي، آنه پاڻيءَ جو ۽ هڪ ماڻهو روز کائيندو هو. جي اهو هن کي نه ملندو هو ته هڪ رات ۾ سڄو شهر نـِـيـَـٽُ ڪري ڇڏيندو. تنهنڪري بادشاهه رعيت تي وارو مقرر ڪري ڇڏيو هو.

هڪ ڏهاڙي دودو انهيءَ شهر ۾ گهمندو اچي ته هڪ مائي آهي، جا گهڙي روئي ويٺي ته گهڙي کلي ويٺي. مائي کان پڇيائين ته: تون البيلي مستاني آهين ڇا جو گهڙي روئين ويٺي ۽ گهڙي کلين ويٺي؟ مائي چيو ته: مونکي فقط هڪ پٽ آهي، جنهن جي شادي به سانجهيءَ آهي ۽ راڪاس جو وارو به سانجهي آهي. جنهن وقت شاديءَ جو ياد گيرو ٿو اچي ته ويٺي کلان ۽ جنهن وقت راڪاس جو يادگيرو اچي تڏهن ويٺي روئان. دودي چيس ته: اڄ راڪاس جي واري تي آءٌ ٿو وڃان، تون وڃي پنهنجي پٽ جو ڪاڄ ڪر. مائي ڏاڍي خوش ٿي. دودو هلي وڃي کوهه تي راڪاس جي اچڻ واريءَ جاءِ تي ويٺو. ڇا ڪيائين جو جوڙو خدا جي واٽ ۾ ڪنهن غريب کي بخشش ڪيائين. ٻيون جيڪي مانيون ۽ مال هو سو به خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيائين ۽ پاڻي هاري سمهي پيو.

 

 

 

 

راڪاس جي اچڻ کان اڳ ۾ تکي هوا لڳندي هئي، تنهن کان پوءِ ڪڪر اُڏامندا هئا، پوءِ مينهن جون ڇنڊون پونديون هيون، تنهن کان پوءِ راڪاس ايندو هو. هوا هن جي ناسن مان ايندي هئي، ڪڪر هن جي پيرن سان اڏامندا هئا، ۽ ڦڙيون هن جي گـِـگ مان وسنديون هيون. دودو انهيءَ جاءِ تي سمهيو پيو هو ته نه هوا ساريائين، نه ڪڪر ساريائين. مينهن جي ڦڙين تي کيس سجاڳي ٿي. کنو هٿ ۾ کڻي اٿي کڙو ٿيو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ رڳو راڪاس جو ڄاڙيون ڏسڻ ۾ آيس. هڪل ڪري جو کنو هنيائين ته ڦهڪو اچي ڪيائين. پوءِ دودو راڪاس جا ڪن ۽ پڇ نشاني طور وڍي اچي گهر سمهي پيو.

 

انهيءَ شهر جي بادشاهه جو نالو  ”دلو راءِ“  هو، جنهن پڙهو گهمايو هو ته جيڪو راڪاس ماريندو ،تنهن کي پنهنجي وڏ - ڪنوار ڌيءَ پرڻائيندس. سج اڀريو ته سڀڪنهن راڪاس مئل ڏٺو. هر ڪنهن بادشاهه کان انعام ملڻ جي اميد تي راڪاس جا ڳـَـتلَ وڍي وڃي بادشاهه وٽ پيش ڪيا ۽ هرڪو چوي ته راڪاس مون ماريو آهي. گهڻن ماڻهن ۾ بادشاهه کي پتو نه پيو ته ڪنهن ماريو آهي. وزير سان صلاح ڪيائين، جنهن چيس ته: جنهن وٽ ڪن ۽ پڇ جون نشانيون هجن، تنهن کي انعام ملڻ کپي. تنهن کان سواءِ جنهن مائيءَ جي پٽ جو وارو هو تنهن کان به گهرائي پڇجي. بادشاهه مائيءَ کي گهرائي پڇيو ته: هيءُ راڪاس ڪنهن ماريو آهي؟ مائي چيو ته: جيئندا قبلا! هڪڙو پرديسي لوهارن ۾ رهي ٿو، اهو واري تي ويو هو، باقي راڪاس خبر ناهي ته ڪنهن ماريو آهي! بادشاهه يڪدم ماڻهو موڪليا ته وڃي انهيءَ پرديسيءَ کي وٺي اچو. ماڻهن وڃي لوهار کان پڇا ڪئي ته: تو وٽ جيڪو پرديسي آهي، سو ڪٿي آهي؟ لوهار چيو ته: اهو منهنجو نياڻو آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ آرامي آهي. قاصدن چيس ته: وڃي اٿاري اچ جو بادشاهه سلامت کيس گهرايو آهي. لوهار چيو ته: ائين هو ڪونه اٿندو، پر اٺ ڏهه ماڻهو گڏجي وڃي زور ڏيوس، جي اٿيو ته اٿندو.

بادشاهه جي ماڻهن وڃي زور ڏنس. گهڻي وقت کان پوءِ اٿي ويٺو ۽ چيائين ته: ادا! اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي جو مون کي جاڳايو اٿوَ! هنن چيو ته: توکي بادشاهه گهرايو آهي. تڏهن اٿي هليو ۽ اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو. بادشاهه پڇيس ته: اي پرديسي! هي راڪاس ڪنهن ماريو آهي؟ چيائين ته: بادشاهه سلامت! الاجي راڪاس هو يا ڪو گدڙ ٻلو هو، پر ماريو ته مون آهي. بادشاهه پڇيس ته: ڪير آهين ڇا نالو اٿئي، ڪهڙو ڳوٺ اٿئي؟ جواب ڏنائين ته: ذات جو سومرو آهيان، نالو دودو اٿم، ويٺل وڳهه ڪوٽ جو آهيان. بادشاهه پڇيس ته: انهيءَ جانور مارڻ جي تو وٽ ڪا ثابتي آهي؟ جواب ڏنائين ته: مون وٽ ڪن ۽ پڇ آهن. ائين چئي دودي، ڪن ۽ پڇ ڪڍي کڻي بادشاهه جي آڏو رکيا. تڏهن بادشاهه چيس ته: اي جوان! اڃان به اسان کي هڪ آزمودو ڏيکار. وزير چيو ته ٻه هاٿي شراب پياري، تلوارن جون چونگون ڏيئي، رَت ڇـِـتا ڪري، پاڻ ۾ ويڙهائبا. پوءِ جي تو اهي جدا ڪيا ته برابر تو راڪاس ماريو آهي، نه ته جنهن ٻئي هاٿي جدا ڪيا، تنهن کي انعام ملندو. اوڏي مهل هاٿي ميدان ۾ آڻي ويهاريائون. دودي ڇا ڪيو جو هڪڙو هٿ هڪڙي هاٿيءَ ۾، ٻيو هٿ ٻئي هاٿيءَ ۾ وجهي، وٺي جو سـَـٽ ڏنائين ته ٻئي جدا ٿي ويا. بادشاهه اها بهادري ڏسي پنهنجي نياڻي دودي سان پرڻائي، ۽ دودو اتي خوش گذارڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن دودو ماڙيءَ تي چڙهيو ويٺو هو ته ڏسي ته سندس پيءُ جي  ”لقا“  گهوڙيءَ  تي ڦـُـليو ڌنار چڙهيو پيو اچي. دودو هيٺ لهي سمهون ويس ۽ چيائينس ته: توکي مون چيو هو ته جتي به منهنجو نالو ٻڌين اتي نه اچجانءِ، پوءِ ڇو آيو آهين؟ ڦليي جواب ڏنو ته:

رڱ نه رچي پاهه ري، مـَـٽ نه ڪجن سيڻ
گولي نيندا گوجرا، ته به چـِـيندا دودي ڀيڻ.

 

 

 

 

 

تنهن تي دودي ڳوٺ جي خبر چار پڇيس. ڦلئي چيو ته: گوجرن اچي جهيڙو لاتو آهي. ڀونگر راءِ اکين کان وڏو ٿي ويو آهي، ٻيا ماڻهو سڀ ڦري دشمن ٿي ويا آهن. پڻهين مونکي چيو ته دودو ڪنهن ملڪ ۾ جيئرو هجي ته وٺي اچينس. تنهن تي چيائين ته:  ترس ته هلون ٿا. ڦـُـليي پڇيس ته: شادي ڪئي اٿئي ڇا ۽ اولاد ڪهڙو اٿئي؟ دودي چيس ته: ٻه شاديون ڪيون اٿم، هڪ لوهارن مان، جنهن مان چنيسر پٽ اٿم ۽ ٻي دلوراءِ بادشاهه جي گهران، جنهن مان اميدواري اٿم. هاڻي انهن کي ڪجهه چئي موڪلائي اچان ٿو.

 

دودي بادشاهه وٽ وڃي چيو ته: هاڻي آءٌ پنهنجي وطن وڃان ٿو، جو پيءُ جو قاصد آيو آهي. جيئرا ملون يا نه ملون، منهنجي گهر اميدواري آهي، جي ڌيءُ ڄاپي ته پنهنجي مرضيءَ تي نالو رکجوس، جي پـُـٽ ڄاپي ته نالو دودو رکجوس. آءٌ جيئرو هوندس ته پاڻهين اچي نالو رکندس. شهر جي ماڻهن بادشاهه کي چيو ته جبل سڄو راڪاسن سان ڀريو پيو آهي، دودي جي وڃڻ جو ٻڌائون ته سڄو شهر برباد ڪري ڇڏيندا، تنهنڪري سندس وڃڻ ٺيڪ نه آهي. اهو خيال ڪري دودي کي زوري ٻڌي ويهارڻ جو ارادو ڪيائون. پوءِ ويٺا صلاح ڪرڻ تي پهريائين ڪير دودي کي وٺي! دودي جي سالي (بادشاهه جي پٽ) چيو ته: جيڪڏهن کنو ڇڏايوس ته آءٌ وٺانس. دودي جي زال چيو ته کنو آءٌ ڇڏائينديس. دودو به ان مهل جهنگ جي خيال سان ٻاهر نڪتو ته راڻيءَ چيس ته: ماڻهو ٿا کلن ته دودو جهنگ جي خيال تي به تلوار کنيو ٿو وڃي. اها ڳالهه ٻڌي دودو تلوار ڇڏي نڪتو. جهنگل گهمي وريو ته جان کڻي ڏسي ته ماڻهن جو ٽولو حملي لاءِ پيو اچي. اڳ ۾ سندس سالي اچي ڌڪ اُلاريو. دودي اُبتي چماٽ هنيس ته زمين سان گڏجي ويو ۽ ٻيا ماڻهو بيهي رهيا. پوءِ پڇيائين ته: اوهان مون تي حملو ڪهڙي خيال سان ڪيو آهي؟ هنن چيو ته: تنهنجي وڃڻ کان پوءِ راڪاس اسان کي ماري ويندا. دودي چيو ته: مـَـٽ پاڻيءَ جو کڻي اَچو ته چيچ کي ٽڪو ڏيئي پاڻيءَ ۾ رت ملائي ڏيانوَ، پوءِ اهو پاڻي شهر جي ٻاهران ڇٽڪاري ڇڏيو ته راڪاس ڪڏهن به اوهان جي شهر ۾ نه ايندو. اها ڳالهه ٻڌي ماڻهو خوش ٿي ويهي رهيا.

دودو گهوڙو سنجي وطن ڏي روانو ٿيو. ٿوري گهڻي ڏينهن اچي وڳه ڪوٽ پهتو. گـُـجرن سان جنگ ڪيائين. گهڻن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ گجرن شڪست کاڌي ۽ وٺي ڀڳا. دودو کين ملڪ مان هڪالي ٻاهر ڪڍي واپس وريو، پر لڙائي جي تڪليفن ۽ کاڌي پوري نه ملڻ سبب ٿڪجي ويو هو. واپس ايندي واٽ تي هڪڙي بيٺل هاٿيءَ جي وڏي سڪل ڊونڊ ڏٺائين. انهيءَ جي ڇانو ۾ سمهي رهيو. قدرت سان گهڻي هوا لڳڻ ڪري اها ڊُونڊ اُٿلي اچي دودي جي مٿان پئي. ڪي هڏا چيلهه ۾ ڦاسي پيس. گهڻو ئي زور لايائين پر ڊونڊ چيلهه مان نه نڪتس. ڳچ وقت گذري ويو جو سنديس ڀيڻ ٻاگهي پوئواري ڪندي اچي ڏسي ته ڊونڊ هيٺ آيو پيو آهي. دودي چيس ته: مائي! مونکي هن ڊونڊ هيٺان ڪڍ! ٻاگهيءَ چرچو ڪري چيس ته: ماڻهو مونکي چوندا ته تو پنهنجو ڀاءُ ڊونڊ هيٺان وڃي ڪڍيو. دودي اها ڳالهه ٻڌندي وٺي جو سٽ ڏني ته ڪمر ٽٽي پيس ۽ مري ويو. ٻاگهيءَ اوڏي مهل سندس مڙهه کڻائي، پيٽ ڦاڙائي، جگر جيرا ڪڍي، مصالحا ڏئي، کٽ تي وهاري ڇڏيو ته جيئن ماڻهن کي خبر نه پوي ته ڪو دودو مري ويو آهي.

 

 

 

 

گجرن پنهنجو جاسوس ڇڏيو هو ته دودي سان ڪا بيماري لڳي ته اسان کي خبر ڪجانءِ. هڪڙي ڏينهن دودي جي ڀرسان ويٺل ماڻهو دودي کان پاسي ٿي ويو ۽ ڪانگ اچي سندس مٿي تي ويٺو. جاسوس سمجهي ويو ته مڙس مري ويو آهي، رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. سو اها خبر ڏيڻ گجرن ڏانهن روانو ٿيو. ٻاگهيءَ خيال ڪيو ته ڪانوَ اسان جو هي ٺڳيءَ جو ٺاهه ظاهر ڪري ڏنو، تنهنڪري هاڻي ڪو ٻيو پتڻ ڪرڻ کپي. دودي کيس ٻڌايو هو ته منهنجيون ٻه شاديون ٿيل آهن. هڪ لوهار جي ڌيءَ سان جنهن مان چنيسر نالي پٽ آهي ۽ ٻي دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان جنهن کي اميدواري هئي. ٻاگهي اوڏانهن رواني ٿي. ٿوري گهڻي ڏينهن وڃي انهيءَ شهر ۾ پهتي. اتي هڪڙو ڇوڪرو ڏٺائين. دودي جا مهانڊا لڳس. شڪر ڪيائين ته هي دودي جو پٽ آهي. پڇيائين ته: تون ڪير آهين، ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڇوڪري چيو ته: منهنجو نالو چنيسر آهي، سومرو آهيان ۽ دودي جو پٽ آهيان. تڏهن چيائين ته: آءٌ دودي جي ڀيڻ ٻاگهي آهيان. اوهان جو پيءُ گجرن سان جنگ ڪندي مري ويو. گجرن اسان تي ڪاهڻ جو سعيو ڪيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪا اوهان ۾ همٿ هجي ۽ مائٽاڻي وطن جو ڪو ننگ پئيوَ ته هلي دشمن کي منهن ڏيو! چنيسر چيو ته: هاڻ اسان کي اَن پاڻي حرام آهي، جيستائين گجرن کي نه ماري مڃايون. منهنجو ٻيو ڀاءُ دودو آهي، پوءِ پنهنجن ناناڻن کان موڪلائي، ٻئي ڀائر مائرون وٺي، پڦيءَ سان گڏ وڳهه ڪوٽ روانا ٿيا. اتي پهتا ته گجرن جي گهڻي فوج ڏٺائون. خيال ڪيائون ته تلوارن سان مارڻ کان زور آهن، تنهنڪري هڪڙو گهاڻو ٺهرايائون. هڪڙو ڀاءُ گهاڻي ۾ پيو وهي، ٻيو گجرن جا ڀاڪر ڀريندو گهاڻي ۾ پيو وجهي:

 

ننڍي گهاڻو کوڙيو، ٻيو گهاڻي منجهه وهي
سڀڪنهن گـُـجري مان پيو پيڙيو تيل ڪڍي.

 

آخر گجرن جي هار ٿي ۽ ڀڄي ويا.

ڀائرن صلاح ڪئي ته راڄ گڏ ڪري بابي جو ختمو ڪنداسون، پوءِ راڄ جي صلاح سان پڳ ٻڌنداسون. دعوتون ڏنائون، راڄ اچي گڏ ٿيو. ڳالهه هلي ته پڳ ڪنهن کي ٻڌائجي! دودي جو خيال هو ته پڳ چنيسر ٻڌي، جو وڏو آهي. راڄ  جي مرضي هئي ته چنيسر جي ماءُ لوهار آهي ۽ دودي جي ماءُ شهزادي آهي، تنهنڪري پڳ دودو ٻڌي. نيٺ راڄ دودي جي مرضي رکي چنيسر کي پڳ ٻڌڻ لاءِ چيو، جنهن چيو ته: اوهين ترسو ته امان کان پڇي اچان. چنيسر ماءُ کان پڇڻ ويو. راڄ صلاح ڪئي ته: جيڪو پڳ به ماءُ کان پڇي ٿو ٻڌي، سو ڪهڙو راڄ هلائيندو؟ تنهنڪري پڳ دودي کي ٻڌائي ڀير تي ڏؤنڪو هنيائون. سڄي شهر کي خبر پيئي ته پڳ دودي ٻڌي. چنيسر جي ماءُ  ”لعل“  نالي ٻانهي کي موڪليو ته ڏسي اچ ته پڳ ڪنهن ٻڌي!

لعل مـُـڪم لڇمڻي، پهه پروڙي آءُ
ڪهڙي ٻڌي پاڳ، ڪهڙو ٿيو راءُ.

 

لعل وري اچي جواب ڏنو.

لعل نهاري گهٽين ۾ ڀيرن رکيو ڀر
پاڳ ٻڌي دودي، ٻيو ٻڌي ڪير سڌر.

 

ماءُ چنيسر کي طعنو هنيو ته:

انبلکيون چينيون گهوڙيون وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
ماءُ ولوڙي مـَـهـِـيـَـڙا، تون گهميو گهـِـٽا چار
ايندا ويندا ائين چوندا ته هيءُ دودي جو ڌنار.

 

وري چنيسر جي زال سس کي چيو:

اڳي هيونسون ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسون ٽي
صبح جو سير ڪتي، پوڃاڙيء جو پاءُ
چاچي! پنهنجي پٽ جو گهر کٽيو ويٺي کاءُ.

 

چنيسر ٻنهين کي جواب ڏنو:

رهو رنون ماٺ ڪريو، ٻـُـوندا ڏيو نه مون
هيءَ وڳهه سندي ڀـُـون، متان رڱي وجهان رت ۾.


 

چنيسر اونڌي کٽ وجهي سمهي رهيو. دودي ڪئين ميڙيون منٿون ڪيون، ٻڌل پڳ چنيسر جي کٽ تي اڇلائي ويو ته تون پرچ، مون پڳ ڇڏي. پر چنيسر جواب ڏنو:

 

 

 

 

دودا داڻا ماڻا ڪريو، ٿو اَرا موڙين مون
پڳ منهنجي هئي پيءُ جي، سا ٿو موڙيو ٻڌين تون
اهي کـِـلون خوشيون خواب ٿيون، ڳـَـرِي لڳاسون
ٻئي ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پونداسون
ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ڪري ڪٽينداسون
تو جي روپا سر تي راڄ بنايا، تنهنجي ڪاڻ به ڪانهي مون
وڳهه سندي ڀون، آءٌ رڱيندس رت ۾.

 

 

اها ڳالهه ٻڌي دودي سندس ڌيءُ  ’ڪونداهي‘ ، جا چنيسر جي پٽ ننگر کي مڱايل هئي، جنهن کي چنيسر گهڻو پيار ڪندو هو، ميڙ ڪري چاچس ڏانهن موڪلي. نياڻي کٽ جهلي ويهي رهي ۽ چاچس کي منٿون ميڙيون ڪرڻ لڳي. چنيسر، ڪونداهيءَ کي جواب ڏنو:

ڀلي آئين ڀائٽي، تون ڪنهن پر ڪونداهي
پڇ پڻهين کان وڃي ته پهرؤن ڪنهن لائي.

 

نينگريءَ واپس وڃي پيءُ کي چيو ته: چاچو نه پرتو.

چنيسر دهلي وڃڻ جو سانباهو ڪيو، جتي عالادين بادشاهه رهندو هو. دودي سندس ڀائٽي ننگر کي چيو ته: تون وڃي گهوڙي جي واڳ جهلي ويهي رهه. توکي دڙڪا دهمان ڪندو پر ماريندوڪونه. واڳ اصل نه ڇڏجانءِ. ننگر گهوڙي جي واڳ جهلي روئي چيو ته: بابا! ويهي رهه، چاچو اهڙو نه آهي جنهن سان پاڻ اٿي وڙهون. چنيسر جواب ڏنو ته:

نڪي وسري سنڌڙي، نڪي ننگر وسرين تون
جي ڀڙايو ڀاڳ مون، ته سگهو ايندس سنڌ ۾.

 

ننگر تڏهن به گهوڙيءَ جي واڳ نه ڇڏيس. اتي چنيسر وري چيو:

رو نه ننگر ماٺ ڪر، ڇڏ گهوڙي جي واڳ
وڃان اُتر سامهون، ڏياريان دودل اچي داڳ.

 

ننگر کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ گهوڙي جي واڳ ڇڏي، جواب ڏنائين:

دودل داڳي سڀڪنهن، دودل داڳي ڪير
آءُ پڻهين چاڙهي عالادين ته ماري ڍونڍن ڪريون ڍير.

 

ننگر جو جواب ٻڌي، چنيسر تکو هليو، تڏهن هن وري چيس:

وهـِـيـِـن ته بـَـجـِـيرُ، وَهـِـين ته ٽارو.

چنيسر ٿوري گهڻين ڏينهن هلندي اچي دهلي پهتو، جتي عالادين بادشاهه جو تخت هو. انهيءَ شهر ۾ بادشاهه جو قانون هوندو هو ته هڪ ٻن ماڻهن جي دانهن نه ٻڌندو هو، جڏهن لک ماڻهو در تي گڏ ٿيندا هئا، تڏهن عدالت ٿيندي هئي. اتي  ’گلڻو‘  نالي هڪڙو بادشاهه جو نوڪر هو، جنهن سان چنيسر وڃي ياري رکي. هن کي چيائين ته: مونکي بادشاهه سان ڪڏهن روءِ ڪراء، جو منهنجو منجهس ڪم آهي. نوڪر هن کي چيو ته: توکي رُوءِ ڪندس. چنيسر گهڻو ئي عرصو گلڻي وٽ ويٺو، پر هن کان ڪجهه ڪين ٿيو. تڏهن خيال ڪيائين ته هاڻي نوڪر منجهان ته ڪونه ٿيو، ڇو نه آءٌ عالادين جو ڌاڙو هڻا، پوءِ واهر ڪري مونکي جهلي پاڻهي پيش ڪندا. اهو خيال ڪري عالادين جون مينهون ڌاڙو هڻي وڃي ڪاهيائين. ڌراڙن چيس ته: مينهون هـَـري ڪاهه، اسان ڪڏهن به بادشاهه نه ڏٺو آهي، رڳو ڪنين ٻڌو اٿئون. ڏُهئون ولوڙيون اسين ٿا، تون مينهن کي ٿاٻا نه ڏي. اسين تنهنجا ڌنار ٿي ڪاهي ٿا هلون. چنسر خيال ڪيو ته هن ڳالهه مان به ڪجهه نه وريو. مينهون رڳو کير لاءِ ڪاهيان ها ته منهنجي ڳوٺ پنهنجيون به هيون. اهو خيال ڪري وري شهر ۾ آيو ۽ گلڻي کي چيائين ته:

گولو هئين گلڻا، توکي ڀلجي ڪيو مون ڀاءُ
هاڻ هٿان ڪري گهاءُ، پاڻهي چنيسر ٿيندو پڌرو.

 

 

 

 

 

گـُـلڻي پڇيس ته: ڪٿي مارو ڪندؤ؟ چيائين ته: بادشاهه جي هاٿين جي اُڙد ۾ ٿو پوان. چنيسر ائين چئي اوڏنهن نڪتو.

 

انهيءَ شهر ۾ هڪڙو راڪاس ٻارهين مهيني ايندو هو. هڪڙو ماڻهو، جوڙو ڏاندن جو، ديڳ دال جي کائيندو هو ۽ آنه پاڻيءَ جو پيئندو هو. هن جي لاءِ اهو طعام ٺاهي رکندا هئا. چنيسر شهر مان هاٿين جي اڙد ڏانهن پيو وڃي، ڇا ڏسي ته هڪڙي مائي روئي ويٺي. پڇيائين ته: ٻائي! ڇو ٿي روئين؟ مائي چيس ته: منهنجو هڪڙو پٽ آهي، ٻيو ڪوبه اولاد ڪونهي. سانجهي راڪاس وٽ وڃڻ جو وارو سندس آهي، سو انهيءَ ڪري ٿي روئان. مائي کي چيائين: تون وڃي پـُـٽ سان خوش رهه، آءٌ پاڻهي ٿو تنهنجي پٽ جي بدران وارو ڏيان. چنيسر وڃي راڪاس واري جاءِ تي ويهي رهيو. پاڻي هاري ۽ کاڌو خيرات ڪري ڇڏيائين. گهڻي رات گذري ته راڪاس آيو ۽ اچي اَنه ۾ مـُـنهن هنيائين پر پاڻي ڪونه هو. ماڻهو ڏسي کائڻ لاءِ وڌيو، پر چنيسر کنو هيس ته ٻه اڌ ٿي پيو. چنيسر ڪن ۽ پڇ وڍي کڻي وڃي آرامي ٿيو. بادشاهه جو انجام هو ته جنهن راڪاس ماريو، تنهن کي منهنجي وڏ ڪنوار ڌيءَ پرڻائيندس.

صبح جو شهر جا ماڻهو سويري اٿيا. ڇا ڏسن ته راڪاس مئو پيو آهي. سڀڪو منجهانئس ٽڪر وڍي بادشاهه ڏانهن روانو ٿيو. بادشاهه چيو ته: آءٌ پنهنجي انجام موجب انعام ڏيندس، پر جنهن جو وارو هو، تنهن کي سڏيو ته پڇونس. مائي کان سڏي پڇيائون. مائي چيو ته: منهنجو پٽ ڪونه ويو هو پر هڪڙو مسافر واري تي ويو هو، جنهن جي مونکي خبر ناهي ته ڪٿي ٿو رهي. گـُـلڻي نوڪر جواب ڏنو ته: اهو سومرو آهي، چنيسر نالو آهيس. توهان سان ملڻ جو شوق هوس، انهيءَ راڪاس ماريو هوندو، پر هاڻي اهو لڀندو ڪونه. تيستائين شهر مان ڪو ماڻهو آيو، جنهن چيو ته: اهو تلاءَ تي تڙ پيو ڪري. بادشاهه آزمودي لاءِ هڪڙو هاٿي شراب پياري مست ڪري، تلاءَ جي طرف ڪڍيو ته جيڪڏهن هن راڪاس ماريو هوندو ته هاٿيءَ سان به وڙهندو. هاٿي بزار ڏيو پيو اچي. حسڻ نالي بادشاهه جو هڪڙو گاهي هو، جيڪو پڻ دعويدار هو ته راڪاس مون ماريو آهي، تنهن کان بادشاهه پڇيو ته: راڪاس جا ڪن ڪاڏي ويا؟ حسڻ جواب ڏنو:

وڙهندي انهيءَ وريام سان مونکي ويهه وره ٿيا
ڪـُـٽيندي کيرن سان مون هن جا ڪيري ڪن ڇڏيا.
(1)

 

بادشاهه چيس ته: بيهه ته بزار ۾ اچي ٿو هاٿي، انهيءَ کي مار ته توکي سچو سمجهون! حسڻ گاهي پاهوڙي کڻي بزار ۾ بيٺو. هاٿي هن کي ڏسي ڏانهس آيو.

گاهي ڀڳو گاهه ڏي، ڏنو لڏ ٺڪاءُ
حسڻ چئي ٻيلڙين کي، لڏ ورايو مون مٿان.

 

پوءِ هاٿيءَ سڌو تلاءَ ڏانهن ڪاهيو. چنيسر تسريءَ ۾ ميٽ پئي مهٽيو. هاٿي ويجهو پيو ته پيلوان چنيسر کي هڪل ڪئي:

ڪير آهين آدمي، ڀـڄ پري ٿي ڄٽ
اچئي ٿو هاٿي راوَ جو، ماري ڪندءِ مٽ.

 

چنيسر جواب ڏنو.

ڀڄڻ اسان جو لڄڻ اٿئي، مرڻ اسان جو مرڪ
ڀلي اچي هاٿي راوَ جو، ماري ڪندس مٽ.

 

 

 

 

 

هاٿي ويجهو اچي پيو. چنيسر کنو ڪونه کنيو هو، تنهنڪري تسريءَ کي وٽ ڏيئي ڀڃي، اڌ ۾ ميٽ رکيائين ۽ اڌ هاٿيءَ کي هنيائين، جيڪو منهن مان لڳو ۽ پوئين ڌڙ مان نڪري ويو. پر هاٿي اڃا به نه ڪريو. اتي چنيسر کي دودو ياد پيو ۽ چيائين:

 

هينئر آهيان هيڪلو، هجي نه هت دودو ڀاءُ
آهيان ڄڻو هڪڙو، ڄاڻي هڪ الله.
 

تيستائين هاٿي وڃي ڪريو. پيلوان ڀڄي وڃي بادشاهه کي چيو ته: تسريءَ جو ٽـُـڪر هڻي هاٿي ماري ڇڏيائين. بادشاهه چيو ته: انهيءَ کي انعام ڏينداسون، وٺي اچوس. چنيسر کي ڪچهري ۾ اچي حاضر ڪيائون. بادشاهه پڇيس ته: ڪهڙو انعام وٺندين؟ چنيسر چيو ته: جيڪو انعام مقرر ڪيل هجي، سو ملي. چنيسر ڏٺو ته بادشاهه جي روءِ آهيان:

ميڙيو سيڙيون مٿي تي ٻڌئون ٿا موڙي
الله سائين! اٻوجهن، ڪا اگهائج ڪوڙي.

 

بادشاهه چيس ته: توکي منهنجي وڏڪنوار ڌيءَ پرڻايان ٿو. چنيسر چيو ته: اها ڳالهه مونکي منظور آهي، منهنجي اڳ شادي ٿيل ناهي، پر تنهنجي نيڪي ٻڌي، توسان پرڻائڻ لاءِ ست  ’اولـُـون‘  آندم ٿي، پر دودي نالي هڪڙي سومري وڳهه ڪوٽ ۾ مون کان ڦـُـري ڇڏيون. عالادين چيو ته: توکي لک لشڪر جو ڏيان ٿو، دودي کي ماري اولـُـون وٺي اچ! چنيسر جواب ڏنو:

ديمين دودو نه ساڌڻو، لک نه لائق ڄام
جي ڀائين دودو ماريان ته چڙهه عالادين پاڻ.
                                      ---

دودو دليءَ ڪوٽ تي، اُڌاري کائي
ايندو ڪڏهن اوچتو ڪر کڻي ڪاهي
انهيءَ مڙس جو اپرتو مونکي اتيئي آهي.

 

عالادين، چنيسر جي شادي ڪئي ۽ دودي تي ڪاهڻ لاءِ ٻاهران لشڪر گهرايائين. زمين ۾ هڪ نيزو کوڙائي، چيائين ته: ٻاهرين لشڪرن جي گهوڙن جي لـَـڏ سان جڏهن نيزو ڍڪجي وڃي، تڏهن مونکي ٻڌائجو ته چڙهون. ٿوري عرصي اندر نيزو لڏ ۾ ڍڪجي ويو. عالادين چڙهي روانو ٿيو. سندس ڀاءُ بـِـجـَـيراءُ هو، تنهن کي چيائين ته: ساري ڏيهه جون فوجون وٺيو ٿو وڃان، پٺيان هن بادشاهي ڪٽنب جي پارت اٿئي! هن سمجهيو ته بادشاهه وڃي ٿو ۽ آءٌ هيءَ بادشاهي سنڀالي نه سگهندس، سو ڦاهو کاڌائين. عالادين جو لشڪر ايڏو وڏو هو، جو ڳوٺن جا ڪـُـتا بهڪندا ٿڪجي مري ويا. اڳ ۾ جيڪي گهوڙا وڃن سي گاهه کائيندا ۽ پاڻي پيئندا وڃن، پويان انهن جي لڏ کائيندا ۽ پيشاب پيئندا وڃن.

هلندي هلندي ملاحن جي هڪڙي ڳوٺ وٽان لنگهيا. اهي ملاح دودي کي مڇي ڏيندا هئا ۽ سندس ڏاني هئا، ٻه ڄڻا ڀائر هئا، هڪڙي جو نالو  ’ڍڪڻ‘  ٻئي جو نالو  ’ڍومڻ‘  هو. انهيءَ ڏينهن ڍومڻ جي شادي هئي، جو سيج تي ويٺو هو ۽ ڍڪڻ ڀر ۾ بيٺو هوس. زالن ڳيچ پئي ڳايا. عالادين جي فوج لنگهندي ڏسي پڇيائون ته: ڪنهن جي فوج آهي ۽ ڪٿي ٿي وڃي؟ جواب مليو ته: عالادين جي فوج آهي ۽ دودي کي مارڻ ٿي وڃي. ٻنهي ڀائرن صلاح ڪئي ته نمڪ جي مار پوندي، جيڪڏهن پاڻ دودي جي دشمنن سان نه وڙهنداسون:

ڍڪڻ چوي ڍومڻ کي، اُٿي ادل جا شير
وِيهان ويندا واپري، پٺيان ڳڻبا پير.

 

 

 

 

 

ٻئي ڀائر اچي فوج ۾ پيا. لکين ماڻهو ماريائون. پر ڌڪ نه هڻايائون. تڏهن چنيسر اڳتي وڌي، گهوڙي تان لهي، هنن کي ڌڪ هڻي شهيد ڪيو. عالادين پڇيو ته: هي ڪير ماڻهو هئا ۽ دودو مارجي ويو يا نه؟ چنيسر چيو ته: دودو اڳتي آهي، هي دودي جا مهاڻا هئا. عالادين دل ۾ خيال ڪيو ته رستي ۾ ٻن ڄڻن اسان کي هيتري تڪليف ڏني آهي، اڳتي ته الائجي ڪهڙو حال ٿيندو! تنهنڪري واپس موٽڻ جي ڪيائين. چنيسر چيس ته منهنجو توسان وعدو هو ته دودي سان آءٌ نه وڙهندس، هاڻي تون ٻاهون نه ور، پر وعدو ٿو ڪريان ته هاڻ آءٌ به دودي سان وڙهندس. منهنجي صلاح اٿئي ته جيڪڏهن آءٌ مارجي وڃا ته ٽپڙ خزانا دودي جي حوالي ڪري پنهنجي وطن وڃجانءِ. عالادين انهيءَ آسري تي وري اڳتي روانو ٿيو. پنڌ ڪندي وڃي هڪڙي جهنگل ۾ پيا. اتي دودي جي مينهن جا ڌنار رهندا هئا. ننڍا ڇوڪر ته مينهن سان پهري ويا هئا، پر انهن جو پيرسن پيءُ  ”ويرم پهڻاڻي“  ننڊ ۾ ستو پيو هو. مٿان فوج اچي چڙهي. ڇرڪ کائي اٿيو ۽ پڇيائين ته: هي ڪهڙو ڪٽڪ آهي؟ فوج جواب ڏنو ته: دودي کي مارڻ ٿا وڃون. ويرم بتلجي فوج ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪئين ماڻهو ماريائين. عالادين پڇيو ته: فوج ۾ ڪير پيو وڙهي؟

 

ڪها وڏوڻي ڍينگري، جان وڏوڻو سور؟

چنيسر جواب ڏنو:

نڪي وڏوڻي ڍينگري،نڪي وڏوڻو سور
وڏوڻو ويرم پهڻاڻي، جنهن ماريا لک ڪروڙ.

 

چنيسر ڌڪ هڻي ويرم کي به ماري وڌو. علادين چيو ته: رستي ۾ ئي ايڏيون جهيڙون پيون پون، اڳتي ته الاجي ڇا ٿيندو! چنيسر چيو ته: هيتري فوج هوندي به جيڪڏهن همٿ هاريندئو ته پوءِ سڀ مارجي وينداسون ۽ جي واپس هلنداسون ته به دودو پنهنجن مهاڻن ۽ ڌنارن جو وير وٺڻ لاءِ پٺيان اچي رسندو، تنهنڪري بهتر آهي ته اڳتي هلجي:

دودو وڳهه ڪوٽ ۾ ٿو گهوڙيون سنجائي
مڙس ٺاهيو ميڻ جا، ٿو فوجون ڦيرائي
اهڙا ڏانَ ڏُومن کي دودو ڏيهاڻي ڏِوائي.

 

دودي، عالادين جي فوج جو ٻڌي گهوڙيء تي ميڻ جو ماڻهو ٺاهي وهاري، ڳاڙهي رڱ سان رڱي، عالادين ڏي ڏياري موڪليو. عالادين چنيسر کان پڇيو ته: هن جو مطلب ڇا آهي؟ چنيسر چيو ته: هن جو مطلب آهي ته وڙهي رت ۾ ڳاڙها ٿي وينداسون، ورندو ڪجهه به ڪين. دودي وري بيت لکي ڏياري موڪليو:

سڃيون ڪين اٿئي سومريون، توکي جيئن چنيسر چيون
آڏا اينداسون اڌ ۾، ڪنداسون رُڪ ريون.

 

چنيسر انهيء بيت جي جواب ۾ عالادين کي چيو ته: رڳي ٺڳي آهي. هاڻي پاڻ هلئي دودو ڀڄي ويندو.

دودي پنهنجي ڀائٽي ننگر کي چيو ته: اڳتي وڌي ڏسو ته فوج اچي ٿي يا واپس ويئي! ننگر ويهه منزلون وڳهه ڪوٽ کان پري اچي فوج کي گڏيو. ڏسي ته فوج بلڪل گهڻي آهي. ننگر فوج جو پاسو وٺيو گڏيو پيو اچي. هڪ سـَـؤ گهوڙن جون نـَـريون روز ڀڃي، انهن جي هڏن جي مـِـک چوسي گذر ڪندو اچي ۽ عالادين جو سيڌو وغيره ڪونه وٺي. اها دانهن بادشاهه وٽ پهتي ته هن فوج سان گڏ هڪ ڇوڪر گڏيو آهي، جنهن کي سونهري تلوار  ’اَلي بند‘  ٿيل آهي. سؤ گهوڙن جون روز نريون ڀڃيو چوسي ٿو. چوڻ آکڻ کان زور آهي. بادشاهه  هن کي گهرايو ۽ پڇيائينس:

ڪير آهين ڇوڪرا، ڇا تنهنجو نالو؟
ڦيرين ٿو منهنجي فوجن ۾ سونهري ڀالو.

 

ننگر جواب ڏنو:

 

 

 

 

پـُـٽ ڄام چنيسر جو، ننگر منهنجو نالو
هـَـرُ ٿو ڦيريان فوجن ۾ سونهري ڀالو.

 

 

عالادين چنيسر کان پڇيو ته: تو چيو هو ته آءٌ پرڻيو ڪونه آهيان ۽ هي ڇوڪر ٿو چوي ته آءٌ چنيسر جو پٽ آهيان، سو ڪيئن؟ چنيسر جواب ڏنو ته:

نڪو آءٌ پرڻيس، نڪو مون وياءُ
ڇوڪر ديميون ڏسي دهليو، سڪو وڃيس ساهه.

 

اتي ننگر، چنيسر کي چيو ته:

ٿڪ چنيسر لعنتي ،واتان ڪيم وڃاءِ
توکي ٽاهه ٽـَـڪـُـنِ جو، لوهر تنهنجي ماءُ
اڳيان دودو ڏهٽو دلوءَ جو، آهي پيڙهيءَ مٿي راءُ
سومري انهيءَ سلطان کي، سمجهي سي ڏيندا.

 

چنيسر اهو جواب ٻڌي اکين مان لڙڪ آڻي پاڻ کي پاراتو ڏنو:

ڪاريهل نڪري ڪکن مان، سـَـپَ چني کي کاءُ
سڃيون نه رهن سومريون، منهنجو مري نه دودو ڀاءُ
اهو ڏولو سنڌ مٿان، مون جيئري لهندو ڪـِـياءُ

 

فوج هلندي هلندي اچي وڳهه ڪوٽ کي نزديڪ پهتي. ننگر اڳ ۾ وڃي دودي کي خبر چار ڏني ته:

فوجون عالادين جون اڃان پييون اچن
مدائتي مينهن جيئن، اوهيڙا ڪيو اُٿن
فوجون عالادين جون کيرِيـُـون ڪيـِـنَ کـُـٽن.

 

دودي ماڙيءَ تي چڙهي جانچ ڪئي ۽ فوج کي چوارائي موڪليائين ته: هن وقت جتي وڻيوَ اتي لهي پئو، صبح جو جنگ ڪنداسون. سج اُڀرئي دودي،  ’نگر‘  ۽ سندس پٽ  ’مـُـگـِـرَ‘  کي موڪليو ته وڃي عالادين بادشاهه کي چئو ته اسين جنگ ڪنداسون، ڀل چنيسر اوهان جي پاسي وڙهي، پر اسان ۽ چنيسر جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ڇڏ، ڇو ته جيڪڏهن جنگ ۾ مارجي وياسون ته ڪاوڙ کڻي ڪافر ٿي مرنداسون. عالادين اها حقيقت چنيسر سان ڪئي، جنهن چيو ته: جيڪڏهن دودو منهنجي روءِ ٿيو ته شرم ۾ ڏک کان منهنجو هينئون ڦاٽي پوندو ۽ مري پوندس، تنهنڪري تنهنجي سوڀ نه ٿيندي، تون پنهنجي سوڀ نه وڃاءِ! ٻئي ڏينهن ٻئي ڇوڪرا ننگر ۽ مگر ڳاڙها ڪپڙا پهري آيا. بادشاهه دل ۾ خيال ڪيو ته هي ڳاڙها ڪپڙا پهري آيا آهن، شايد ڊنا آهن ۽ مونکي ڪجهه آڇڻ آيا آهن. ڇوڪرن چنيسر کي ٻاهر ڪڍي چيو ته: توکي ڪوٽ ڏي گهرائين ٿا. تنهنجي ڀائٽي ڪونداهي چوي ٿي ته هيڪر آءٌ چاچو ڏسان. چنيسر چيو ته: منهنجي لاش تي اچي بيهجو. جيئرو آءٌ ڪونه هلندس. ڇوڪر وري اچي عالادين بادشاهه وٽ ويٺا. بادشاهه خيال ڪيو ته شايد پاڻ ۾ صلاح ڪري مونکي سنڱ ڏيڻ آيا آهن. بادشاهه ڳاهه ڏني:

بابا ڀائٽيا پاڻ ۾ مصلحت بنايو
سومـِـري سلطان کي سگهي ملايو.

 

ننگر جواب ڏنو:

تون ترڪ اسين سومرا، اها جوڙ به ڪين جڳاءِ
تون سالو، دودو ڀيڻويو، ائين ٿي جوڙ جڳاءِ

 

عالادين کي ڪاوڙ لڳي ۽ يڪدم بڇ ڪيائين ته وٺونِ!

ٿي بڇ بيلدار کي ته ڄام ننگر کي نايو
ٻڌي ٻانهون ٻيڻيون جيريون جـُـنبايو
(1)
پوءِ سومرِي سلطان کي سگهي ملايو.

 

 

 

 

 

اهو ٻڌي چنيسر به ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بڇ ڪيائين ته وٺو ڇوڪرن کي! مـُـگـِـرُ ننڍو هو، تنهن کي خبر نه پيئي ته ڇا ٿا چون، سو ويٺو رهيو، تنهن تي ننگر چيس ته:

 

مکڻ ڪونهي مڌئين، ڌؤنري ڪانهي لاٽ
سومري سلطان کي پنهنجي ڏيڻ ڪانهي واٽ
تراريون ترڪن ۾ اُٿي وير وهاءِ.

 

مـُـگر اهو ٻڌي ڳالهه سمجهي، چنيسر کي چيو ته!

گدڙ آڇ نه شينهن کي، آءُ چنيسر آءُ
هٿ چکايائين پرتا، رُڪن وارا ساءَ.

 

اهو حال ڏسي فوج به وڙهڻ شروع ڪيو. ڇوڪر به گهوڙن تي چڙهي وڙهڻ لڳا. تيرهن چنڊ وڙهيا پر فوج کي وهنوار ڪونه ڏنائون. عالادين پريشان ٿي، چنيسر کي چيو ته: هي ڇوڪرا فوج ماري کيڙي ڇڏيندا، هنن سان تون ڪا اٽڪل ويڙهاءِ. چنيسر ڇوڪرن کي گهرائي ٺاهه جون ڳالهيون ڪيون ۽ چيائين ته: پاڻ ۾ پرچون ٿا، پر عالادين کي ڇڏيو ته وطن وڃي. ڇوڪرن اها ڳالهه قبول ڪئي. چنيسر ڇوڪرن کي چيو ته: پاڻ هاڻ ٺهيا آهيون، تنهنڪري هڪ ٻئي جي هٿن جي شيءِ کائينداسون. (1) ائين چئي  ”نـَـولَ“  زهر جون ٻه گوريون تريءَ تي رکي ڇوڪرن کي ڏنائين، جن جو ساهه گوريون وات ۾ وجهڻ سان نڪري ويو. پوءِ چنيسر، دودي کي خط لکيو ته لاشا اچنئي ٿا. دودي کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. اونڌي کٽ هڻي سمهي رهيو. دودي جي پڦي ٻاگهي سمجهيو ته دودو شايد وڙهندو ڪونه ۽ ٻانهون ڏيندو. رات جي پيٽ ۾ دودي وٽ چار گهوئـِـيون ڪيائين. دودو رت پيو روئي ۽ اونڌو کٽ تي ستو پيو آهي. چوٿين گهمري دودي ٻاگهيءَ کي چيو:

ڪـِـلي ٿيءُ نه ڪانهري، مونکي رات وهامڻ ڏي
اسان عالادين جون ڳالهيون ڪندا ڪي.

 

دودي جو مڱڻهار هو تنهن اَسـُـر مهل دودي جي اوطاق ۾ اچي جوت ٻاري. هڪڙو هڪڙو ٿي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. دودي جو باغائي (مالهي)، جيڪو پهلواني ۾ دودي جهڙو هو، سو به آيو ۽ اچي چيائين ته صبح جو آءٌ به وڙهندس. مڱڻهار چيس:

ويڻيون جنهن جون مـَـنـَـهن ٿوڻيون، مـَـٿو جنهن جو مـَـٽُ
دودي دوداڻيءَ جي ڪونه جهليندو جهٽ.

 

دودي مڱڻهار کان پڇيو ته: اسان جي پيڙهيءَ ۾  ”ڀيئن“  نالن وارا ۽ دودا ڪيترا گذريا آهن؟ مڱڻهار جواب ڏنو ته: اوهان ۾ ست ڀيئن ٿيا آهن ۽ اوهان ۾ ست دودا ٿيا آهن. دودي چيس ته: خبر ڏي ته اسان سومرن ڪڏهن ڪنهن کي سڱ ڏنو آهي يا نه؟ مڱڻهار خيال ڪيو ته شايد دودو هارجي پيو آهي ۽ سڱ ڏيڻ جو خيال آهيس، تڏهن ٿو مون کان پڇي. تڏهن وراڻيائين ته:

ست دودا، ست ڀيئن، تن ڏني هئي ڪانه ڪا
هاڻي آئي تو سيئن، جي ترڪ پرڻائين، تنهن کان ڏومن کي ڏين.

 

دودي جواب ڏنس ته: اصل نه ڏيندس.

 

 

 

 

عالادين، چنيسر کان پڇيو ته: دودو ڏک ۾ مري ويو يا نه؟ چنيسر جواب ڏنو ته: اڃان آهي. پڇيائينس: وڙهندو يا نه؟ چيائين ته: ڇوڪرن کان ڏهه حصا وڌيڪ. عالادين چيس ته: پوءِ تون مـُـونهـِـيون (1) ٿي ته پوءِ ٻيا ڌڪ هڻن. چنيسر جواب ڏنو ته: جيڪڏهن ننگر ۽ مـُـگر نه مارجن ها ته آءٌ اڳ ۾ وڙهان ها ۽ هاڻي دودي جو آءٌ واءُ به جهلي نه سگهندس. هاڻي جي همٿ ڪندؤ ته سوڀ اوهان جي آهي. هڪ مڙس آهي، پوءِ ٻيو ڪير ڪونهي. عالادين چيو ته: ائين اسين ڪونه وڙهنداسون. فوج اڌ ختم ٿي وئي آهي. تنهنجي چوڻ تي لڳي اسان خواه مخواهه پنهنجي حڪومت برباد ڪئي. چنيسر ڏٺو ته هاڻ بادشاهه واپس ويندو، سو بادشاهه جي فوج ۾ جيڪي ٻه لشڪر ڪورين ۽ لوهارن جا هئا، جيڪي اڃا تائين نه وڙهيا هئا، تن کي وڃي چيائين ته: اوهين بادشاهه کي چئو ته اسين دودو مارينداسون، تون سوڀ وڃائي نه وَڃُ. لشڪر جي سپه سالارن اچي بادشاهه کي عرض پيش ڪيو. ڪورين جي سپه سالار چيو:

 

عالادين جي اُڙد ۾ ڪوري ٿا ڪڏن
اسين دودو ائين ڀانئيون جيئن کٿا پيڻ ڪجن.

 

لوهارن جي سپهه سالار چيو ته:

عالادين جي اُڙد ۾ لـُـهر ٿا لڏن
اسين دودو ائين ڀانئيون، جيئن رڪ ٽڪر ڪجن.

 

بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ته: پهريائين اهي ٻئي لشڪر وڙهن، ٻيا انهن جي پٺيان. بادشاهه لشڪر جي بـَـهادري ڏسڻ لاءِ هنباريءَ تي چڙهي ويٺو. دودي گهوڙي سنجائي ٻاهر جهـَـلائي ۽ پاڻ اڃان اندر رڪ جو سندرو ٿي ٻڌائين. گهوڙي وٺي زمين تي پير هنيان ۽ ڪڪرا اُڏيا، جن جي لڳڻ سان ڪورين ۽ لوهارن جو گهڻو لشڪر ختم ٿي ويو. بادشاهه چنيسر کي چيو ته: بنان ماڻهوءَ جي هي لشڪر پيو ڪري ۽ مري، ڏس ته ڇا آهي؟ چنيسر چيو ته: دودي گهوڙي سنجائي ٻاهر بيهاري آهي، پٿر تي پـَـوڻُ ٿي هڻي، لشڪر ويجهو بيٺل آهي، پٿريون لڳڻ سان مري پيو. ايتري ۾ دودو گهوڙيءَ تي چڙهيو. جنگ لڳي. چون ٿا ته: دودو چوڏهن  چنڊ وڙهيو. لشڪر باقي وڃي وچيو. دودي خيال ڪيو ته مفت ۾ هي قيدي مارڻ مان وري ته ڪجهه به ڪونه ٿو، ڇو نه سڌو عالادين سان وڃي وڙهان! اهو خيال ڪري گهوڙي عالادين جي هنباري کي ويجهي آڻي چيائين ته: صبح جو منهنجي توسان لڙائي آهي، کنو تنهنجي هنباريءَ ۾ اچي کوڙيندس. عالادين ڏاڍو ڊنو ۽ چنيسر کي گهرائي چيائين ته ڳالهيون ڳالهيون ٿي وينديون، پنهنجو وعدو (اڳ ۾ وڙهڻ جو) ڪوڙو ٿو ڪرين، رڳو منهنجي حياتي جو بچاءُ ڪر، لڙائي ڇڏيسون. چنيسر چيس ته: ٻي ته ڪابه واهه ڪانهي، رات جي پيٽ ۾ هڪ سؤ پـُـرِهَ ڊگها رُڪ جا ڀالا گهرائي، هنباريءَ کي ٻاهران ڦيرائي، ان جي وچ ۾ کير جو ٿانوَ رکي، انهن ڀالن کي ڪـَـڙيون هڻائي، اندر ماڻهو بيهاري ڇڏ. آءٌ هڪڙي پاسي بيهندس. گهوڙي ڀالن تان ٽپندي ته آءٌ گهوڙيءَ  کي ٻولاءُ ڪندس. منهنجي ٻولاءِ تي گهوڙي لهي پوندي. پوءِ گهوڙي ۽ مڙس مان ڀالا چڙهي ويندا. انهيءَ صلاح سان ڪامياب ٿينداسون. اهو بندوبست رات جي پيٽ ۾ ڪنداسون. عالادين چنيسر کي چيو ته: دودو ڀالن تي نه ايندو. چنيسر چيو ته: دودو وعدي جو ڪوڙو نه ٿيندو، ضرور ايندو.

صبح ٿيو، دودو آئيو، گهوڙي ڀالن سـَـمهين ٽپيو وڃي. نيٺ هڪ ڀيري گهوڙي چنيسر واري پاسي کان ٽپي. چنيسر گهوڙيءَ کي ٻولاءُ ڪيو  ”ٺاڻ ڀٽاري ٺاڻ.“  گهوڙيءَ چنيسر جو سينڌو آواز ٻڌي هيٺ لٿي ته ڀالا ٻنهين مان چڙهي ويا، پر دودي جو هٿ عالادين کي پهچي ويو، تنهن چنيسر کي هڪل ڪئي. چنيسر اچي ويجهو پيو. اتي دودي اکين ۾ لڙڪ آڻي چيس:

سڻ چـَـنان آءٌ چوان، ٿي اَدي جو ڀاءُ
سڃيون ڇڏيون اٿم سومريون، تنين جي ڪا ڪجانءِ.

 

 

 

 

 

تنهن سان چنيسر جي ترار ڇـُـٽي ۽ دودي جي سسي ڌار ٿي پيئي. دودي جو شهپر زمين تي لڳي پئي ڦرڪيو ۽ زمين ۾ ڪجهه کڏ هڻي ڇڏيائين. عالادين بادشاهه جي نظر پيئي. پير شهپر تي رکيائين ته به پئي چـُـريو. اتي عالادين جان کڻي چنيسر ڏانهن ڏسي ته سڄو رنگ سائو ٿي ويو اٿس، تڏهن بيت ڏنائين ته:

 

چـَـنان ساٿيئڙن جون اکيون ساوڙليون
دودو اسان ماريو، متان ڀڳيون ٻانهڙليون.

 

اڳيان چنيسر جواب ڏنو:

تنهنجو ڀاءُ هو بـِـجـَـيراءُ، جيڪو ڦاهي کائي مئو
هيءُ ڄام چني جو ڀاءَ، جيڪو چوڏهن چنڊ وڙهي مئو،

 

پوءِ عالادين کي هڪل ڪيائين ته: جهل پير، اچانءِ ٿو! چنيسر کنو کڻي شروع ٿيو. فوج کي ائين ڀـُـڳيائين جيئن ڌاڻيا ڀـُـڄن. ٻاگهيءَ ڏي خط لکيائين ته: مون جنگ ڏني آهي، متان ڀڄو! عالادين ڏٺو ته هي ته دودي کان به وڌيڪ وڙهڻ لڳو آهي، سو فريب ڪري چنيسر کي چيائين ته: پاڻ پاڻ ۾ ٺاهه ڪريون ۽ اسين جنگ ڇڏي پنهنجي وطن ٿا وڃون. چنيسر راضي ٿيو. بادشاهه ٻه شيشا هم شڪل، هڪ شراب جو ٻيو خراب جو گهرائي، خراب ۾  ”سـُـنبـَـلُ“  زهر وجهي چنيسر کي آڇيو ۽ شراب وارو شيشو پاڻ پيتائين. چنيسر پيئڻ سان پورو ٿي ويو. ٻاگهي چنيسر جي مرڻ جي خبر ٻڌي خيال ڪيو ته هي سڄو ڪٽڪ آهي اسان مٿي، ڀڄي جند ڇڏايون. سڄي شهر ۾ هيرن جا جنڊ ڏرايائين ۽ ٻي سڄي ملڪيت ساڙي، شهر مان ٻانهيون به وٺي رواني ٿي ۽ پنهنجو مڱڻهار سونهون ڪري کنيائين. اڳيان  ’راٻڏين‘  جي ڳوٺ وٽان لنگهيا ته ٻاگهيءَ مڱڻهار موڪليو ته پڇي اچ ته ڪو سامـُـن جهلڻ جهڙو ماڻهو آهي؟ مڱڻهار ڪوٽ کان ٻاهر سڏ ڪري وڃي پڇيو. هنن دانهون ڪري چيو ته: اسان کي به ٿا مارايو، پري ڀڄو! مڱڻهار جواب ڏنو:

سنڌ ڏُلي ڙي راٻڏيا، توتي ڪانه آئي
اسان آڳهه ابڙو، تو هنهين وڃائي وائي.

 

ٻاگهيءَ پڇيو ته: ادا! ابڙو ڪهڙو؟ مڱڻهار جواب ڏنو:

رٺوئي رڻ گهري، پاکر نه پائي
ابڙو الفاڻي اڃان آڳه تي آهي.

 

اڳتي هلندي  ’ڪوپيجن‘  جي ڳوٺ وٽان اچي لنگهيا. انهن اچي گهوڙن جون واڳون جهليون. منگتي پڇيو ته: ابڙو گهڻو پنڌ آهي؟

هنن جواب ڏنو:

ابڙو اڳتي رهيو، هيءُ ڪوپپجن جو ڪوٽ
منگتا پاهون موٽ، سامون اسان جهليون.
 

ڪوپيجن سامون جهليون ته مٿان فوج اچي رسي. لڙائي لڳي، ڪوپيجا مارجي ويا. ڪوپيجن جون جيڪي لڄون هيون سي به ٻاگهي وٺي رواني ٿي. ٿوري گهڻي ڏينهن اچي  ’ڪاڇي‘  ۾ رسيا، جتي ابڙي جو ڳوٺ هو. ابڙي جو ڀائٽيو  ”سبڙ“  نالي هو. ڏاڍو مڙس هو پر ابڙي سان ڪاوڙجي  ”جاڙيجن“  سان وڃي جنگ ڏنائين. سامون اچي پيئيون. ابڙي ڏٺو ته مڙسن کان سواءِ وڙهڻ ڪونهي. دهلي جي بادشاهه کي منهن ڏيڻو آهي. ابڙي جي زال ڏاڍي ڏاهي هئي، جنهن کان ماڻهو صلاحون پڇندا هئا، پر ابڙي ڪڏهن ڪانه پڇي. ابڙي خيال ڪيو ته اڄوڪو ڏينهن ڏکيو آهي، اڄ آءٌ به صلاح پڇانس. اهو خيال ڪري زال وٽ ويو. ابڙي جي ڌيءَ، پيءُ کي ڏسي چيو:

مَ وڃ ابا سامهون، مَ وڃ ماريندءِ
سامون نيندءِ پاڻ سان، ٻيو جو لنبو لائيندءِ.

 

ابڙي کي زال چيو ته:

مـَـرُ مرين، مر مارجين، مر مرين ڪانڌ ته به ڪجن وڏا پاند.

 

 

 

 

اها ڳالهه ٻڌي ننگر ۽ مـُـگر جي زالن ڳهه کڻي اڇلايا. ننگر جي زال چيو ته:

 

ڪانڌ اسان جا ڪـُـٺڙا، ويا سڀ وسيلا
هاڻ هٿائون ڏيانءِ ٿي هيترو، ٻي ڏيندءِ سوڀ الله.

 

تڏهن ابڙي وراڻيو:

ڳوري لاهه نه ڳهڻو، نه لڄائج مون
ابڙو اهڙو ڀڄي جهڙي ڀڄي ڀـُـون.

 

ابڙي سبڙ ڏانهن ماڻهو موڪليو:

ٻاٻل مـَـنـَـهـُـن کوڙيو، وِيرَ به وهلو آءُ

اهو پيغام ٻڌي، سبڙ چوائي موڪليو:

نڪا هئي حب ابڙي ،نڪا سڪ اسان
پر جي ٻاٻل مـَـنـَـهن کوڙيو ته وڃڻ انهيءَ وِيهان.

 

سبڙ جاڙيجن کان جنگ رکائي ۽ مدد گهري. جاڙيجا وٺي ڪاڇي پهتو. ابڙي کي اچي چيائين:

جهجها جاڙيجا جوءِ ، اجهي آنداسون
سومريون سلطان کي سمجهي ڏينداسون.

 

عالادين جو لشڪر پهچي ويو. ستر هزار لشڪر ماري پوءِ  ’سالار‘  جاڙيجو مارجي ويو. ابڙو به مارجي ويو، سبڙ به مارجي ويو. هاڻي عالادين بادشاهه، ٻاگهيءَ کي چوائي موڪليو ته: جيڪي موچاريون هونديون سي اسين پرڻباسون، باقي ڇڏي ڏينداسون. انهن جنگين ۾ ننگر جو پٽ ڄائو هو، جنهن جو نالو  ”ڏونگر راءِ“  هو. ٻاگهيءَ جواب ڏياري موڪليو:

ٻين سڀنين نه ڏنيون، ڏئي نه ڏونگر راءِ
اڻ ڏٺين جا اڳ ڦري، سو ڏٺيون ڏئي ڪئا!

 

اتي عالادين بادشاهه ڊڄي ٻاگهي کي چيو ته: تون منهنجي قيامت تائين ڀيڻ پر ڏونگر راءِ کي ٻاهر ڳنهي آءُ ته ڏِسيو وڃان. ٻاگهي تراڙ اگهاڙي هٿ ۾ جهلي، ڇوڪر کي هنج ۾ کڻي ٻاهر ڪڍي آئي. بادشاهه ڇوڪر ننڍو ڏسي ويڻ ڪيو ته: هيءُ ته تنجڻ ۾ آهي. اهو ٻڌي ڇوڪر کي غصو اچي ويو ۽ وٺي جو زور لڳايائين ته رڪ جو تنجڻ ٽـُـٽي پيو ۽ پير کوڙي بيهي رهيو. عالادين سان ڪي ٻه چار ساٿي وڃي رهيا هئا، سو هـِـنيان - لـَـٿ ٿي، ٻاگهيءَ کان معافي وٺي واپس وريو. رستي ۾ خيال ڪيائين ته سڄو ملڪ ڦٽايوسون وريو به ڪجهه ڪين، هاڻي ڪهڙو وڃي پوئتي منهن ڏيکاريان! سو رستي ۾ گوري کائي مري ويو.

 

-----*----

 


 

 

(1) کيرن = کيرا = ڪونڀٽن جا ڍينگر.

(1) جيريون = زيريون، هٿڪڙيون.

(1) اڄ تائين ٺـَـڪـُـرنِ (راجپوتن) ۾ اها رسم آهي ته جيڪڏهن ڪي پاڻ ۾ وڙهيل هوندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ۾ ٺاهه ٿين ته آفيم ڳاڙي هڪٻئي جي تـِـريءَ وجهي پوءِ پيئندا، جنهن کي  ”هٿاري وٺڻ“  چوندا آهن، ۽ اها دلـِـي ٺاهه جي نشاني سمجهندا آهن.

(1) مونهيون = اڳواڻ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org