سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 2

صفحو : 13

 

 

 

پردو يارهون

شاهي محلات

 ]راڻي شاهه بانو ۽ گرگين خان ويٺا آهن[

شاهه بانو:            گرگين خان، ٻڌاءِ ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟

گرگين:     مون اهڙي خبر آندي آهي، جو اُها ٻڌي ڪپڙن ۾ نه ماپندينءَ!

شاهه بانو:            سچي پچي، اهڙو ڪو احوال آهي؟

گرگين:     ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

شاهه بانو:            گرگين جلد ٻڌاءِ، دير نه ڪر! دشمن مري ويو، کپي ويو، گرفتار ٿيو؟

گرگين:     ٻڌو، اصغر اسان کي هٿ اچي ويو!

شاهه بانو:            (خوشيءَ ۾) هي آءٌ ڇا ٿي ٻڌان؟

گرگين:     آءٌ سچ ٿو چوان.

شاهه بانو:            ته تڏهن هاڻ جلدي ڪر_ خنجر کڻ“ ٻانهون کُنج؛ وڃي هن کي پورو ڪري اچي خوشخبري ٻڌاءِ، ته پوءِ منهنجي مٿي جو سور لهي!

گرگين:     نه نه، ائين مارڻ ڪو چڱو آهي!

شاهه بانو:            انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟

گرگين:     هڪڙي خاص مصلحت آهي.

شاهه بانو:            اها ڪهڙي آهي_ آءٌ به نه ٻڌان؟

گرگين:     جيڪڏهن اسين اهڙيءَ طرح ظاهر ظهور اصغر کلي قتل ڪنداسين، ته رعيت ضرور بدگمان ٿيندي، ۽ ڊپ آهي ته بغاوت ۽ فساد ڪري نافرمان ٿيندي.

شاهه بانو:            پوءِ ڪهڙي تجويز آهي، جنهن سان دشمن به دفع ٿئي ۽ مون کي تسلي به اچي؟

گرگين:     جنهن جاءِ ۾ اصغر کي قيد ڪري رکيو اٿئون، انهيءَ کي سڀاڻي اڌ رات مهل سرنگهه هڻي، باروت سان اڏائي ڇڏيون، سڀ ڄاڻندا ته اوچتو باهه لڳي جاءِ ڪِري پيئي، ۽ شاهزادو مري ويو!

شاهه بانو:            اها تمام چڱي رٿ آهي. تڏهن چڱو، وڃي انهيءَ سرنگهه جو بندوبست ڪر.

گرگين:     آءٌ اجهو ٿو وڃان،..... مگر، شاهه بانو! هو شاديءَ جو انجام ته ياد هوندءِ؟

شاهه بانو:            انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر، مون کي ياد آهي. پهرين ته اصغر کي پورو ٿيڻ ڏي، پوءِ آءٌ تنهنجي، تون منهنجو. (گرگين وڃي ٿو.)

                    (کلي) احمق ڪنهن جاءِ جو_ مون سان ٿو شادي ڪري! گرگين، گرگين، تون ڪهڙو نه بيعقل آهين! ڪنهن جي دل چوندي ته جنهن مرض مان هاڻ تازو اُٿي آهيان، انهيءَ ۾ وري گرفتار ٿيان؟ مون شاديءَ جو انجام برابر ڪيو هو، پر رڳو پنهنجي مطلب ڪڍڻ لاءِ! مون پنهنجي مڙس کي زهر ڏيئي ماريو، سو ڇا لاءِ؟_ آزاد ٿيڻ لاءِ! مون پنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي هٿان ڪهايو، سو ڇا لاءِ_ بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ! تون ڀانئين ٿو ته شاهه بانوءَ کي انهيءَ بهاني سان پنهنجي قبضي ۾ آڻيان، ۽ انهن ٻنهي ڳالهين کان هن کي نااميد ڪريان؛ پر ائين ڪڏهن ڪين ٿيندو. گرگين، ترس_ اصغر جي موت تائين ترس_ پوءِ توکي به پورو ڪيو ويندو!

مون کي سڃاڻين نٿو ته آءٌ آهيان ڪير،

بلا آهيان، جا وٺان دشمنن کان پنهنجو وير.

دغا سان تنهنجي سسي لاهيان، ڏس تون منهنجو سَت،

سُمهان نه سک ٿي، پيان آءٌ جيسين تنهنجو رت!

 

پردو ٻارهون

ڪريم خان جي جاءِ

 ]ڪريم اچي ٿو.[

ڪريم:     عجب گهر جو رنگ آهي؛ رنگ ۾ ترنگ آهي، عقل منهنجو گنگ آهي، قافيو منهنجو ننگ آهي، هٿن ۾ تير تفنگ آهي، عشق وارن جي جنگ آهي، مون کي به انهيءَ جو چڱو ڍنگ آهي! خدا جي قدرت، هيءَ جاءِ ڪهڙي نه چڱي آهي! مون ٻڌو آهي ته اڄ ٻڍو پاڻ مون سان ملاقات ڪندو. جي ڪا لکڻ پڙهڻ جي ڳالهه نڪتي، ته پوءِ چئبو ته ڳالهه ۾ وڏو ڀنگ آهي، ۽ آبرو بچائڻ جو ننگ آهي! اجهو، اچي ٿو!

                    (فريد خان اچي ٿو.)

فريدخان:  ابا نِينگر؛ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان جو تو ننڍيءَ عمر ۾ چڱي لياقت حاصل ڪئي آهي؛ تنهنجي عبارت نويسي ڏٺي اٿم، توکي آفرين هجي!

ڪريم:     سائين، لکڻ پڙهڻ ته منهنجو ابي ڏاڏي جو ڪم آهي. اهڙا خط مون گهڻائي لکيا هوندا. انهيءَ ۾ مون کي مشڪلات ڪانه ٿيندي آهي.

فريدخان:  شاباس، شاباس! اها ڳالهه ته ظاهر آهي مگر آءٌ توکان بڇان ٿو ته تون اهڙو خانداني ۽ پڙهيل ۽ عقل وارو ٿي، ڪيئن منهنجي مرضيءَ کان سواءِ منهنجي نياڻيءَ جي محبت ۾ گرفتار ۽ ان سان شاديءَ جو طلبگار ٿيو آهين؟

ڪريم:     قبلا، ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟

فريد خان: ائين آهي، جو ڇوڪريءَ پاڻ مون کي ائين چيو آهي!

ڪريم:     هان! هوءَ پاڻ قبولدار ٿي آهي؟

فريد خان: هائو. سو آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، راضي آهيان، مگر هڪ شرط آهي.

ڪريم:     (پنهنجي منهن) هيءُ ٻڍو ديوانو ته نٿو ڏسجي! (هن کي) سائين، اُهو ڪهڙو شرط؟

فريد خان: اهو هي، ته تون منهنجي مرضيءَ ۽ اجازت کان سواءِ منهنجي نياڻي جو خواستگار ٿيو آهين، تنهن جي معافيءَ جو خط لکي ڏي، ته اسان جي بي آبرو ئي نه ٿئي!

ڪريم:     (پنهنجي منهن) آيو موت، خط جي نالي کان ٿي وڃان ٿي فوت!

فريد خان: ڇو، ڊڄين ڇالاءِ ٿو، ڪهڙي مونجهاري ۾ آهين؟

ڪريم:     سائين، خبر ناهي اوهان جي دهشٽ کان خط جو نالو ٻڌي، منهنجا حوصلا ئي خطا ٿي ويا آهن!

فريد خان: هان، حوصلا خطا ٿيا آهن؟ جڏهن اکيون پوري منهنجي ڌيءَ تي ديوانو ٿي ٿئين، تڏهن حوصلا خطا نٿي ٿيئي؟

ڪريم:     (پنهنجي مُنهن) هاڻ ڪيئن ڪريان.... صاف چئي ٿو ڏيان (هن کي) سائين، آءٌ اوهان سان ڪوڙ نٿو ڪريان، سچ ٿو چوان ته آءٌ نانوائي جو پُٽ آهيان.

فريد خان: ڇوڪرا، تون مون کي ٿو ٺڳين! توکي چڱو سڃاڻان_ تنهنجي پيءُ جو گهاٽو يار آهيان!

ڪريم:     بابي جو گهاٽو يار....؟ ياالله، هي ڪهڙو اسرار!

فريد خان: هائو، اسين ورهين جا ورهيه گڏ رهيا آهيون.

ڪريم:     ورهين جا ورهيه گڏ هئا؟_ تڏهن هي ٻڍو به نانوائي ٿو ڏسجي!

فريد خان: سچ آهي، هو ماني ڏاڍي چڱي رڌيندو هو.

ڪريم:     هائو، بيشڪ، ماني تمام عمدي رڌيندو هو.

فريد خان: پر هُو صوبيدار هو؟

ڪريم:     صوبيدار! يا خدا، منهنجو ته خاندان ئي بدلجي ويو. ڪيڏي بورچي، ڪيڏي صوبيدار! هي ٻڍو ننڊ ۾ آهي يا هوشيار؟

فريد خان: تون انهن ڏينهن ۾ ننڍو هوئين، زنگبار جي لڙائيءَ ۾ اسين ٻيئي گڏ هئاسين.

ڪريم:     سائين، بابو ته ڪنهن به لڙائيءَ ۾ ڪونه ويو!

فريد خان: توکي خبر ناهي، هن جي ترار ڏاڍا ڪارناما ڪري ڏيکاريا هئا.

ڪريم:     (کِلي) هائو، هو ترار جي بدران ڏوئي خوب گهمائيندو هو!

فريد خان: هن کي وڏا وڏا ٻيلا ۽ نشان مليا هئا.

ڪريم:     هائو، برابر. آءٌ پنهنجي والد کي ڏسندو هوس، مُنهن تي ڪارنهن جا داغ لڳل رهندا هئس!

فريد خان: ڇڏ هاڻ مسخري، معافي نامو لکي ڏي.

ڪريم:     وري به معافي نامي جي ڳالهه آئي! ڀلا سائين، مون کي ٿوري موڪل ڏيو ته ٻاهران ٿي اچان.

فريد خان: ڇو ڪيڏي ويندين؟

ڪريم:     ذرو جاءِ_ ضرور مان ٿي اچان ته پوءِ فارغ ٿي معافي جو خط ويهي لکي ڏيان.

فريد خان: نه نه، پهرين معافي جا ٻه_ ٽي اکر لکي ڏي، پوءِ جيڏي وڻيئي اوڏي وڃ.

ڪريم:     سائين، ٻي به ڳالهه آهي، اوهان جي هوندي مون کان هڪڙو اکر لکيو نه ٿيندو.

يد خان:     سو ڇو؟

ڪريم:     بس، اهو مون ۾ عيب آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو اڳيان بيٺو هوندو آهي، تڏهن مون کان هڪڙو اکر به لکيو نه ٿيندو آهي.

فريد خان: چڱو، جي ائين آهي، ته، آءٌ منُهن ڦيرائي پاسي ڪري ٿو بيهان.

ڪريم:     (پنهنجي مُنهن) خدا ڪري ته تنهنجو منهن شل هميشه ڦريل هجي. (هن کي) ۽ منهن ڦيرائڻ کان سواءِ اکيون به پوري بيهندؤ!

فريد خان: اڙي، تون مون سان مسخري ٿو ڪرين ڪيئن؟ اِجهو، اکيون به ٿو پوريان.

ڪريم:     ته اِجهو، هاڻ آءٌ به ٿو لکڻ شروع ڪريان. (پنهنجي منهن) هاڻ ڇا ڪريان؟ بورچيءَ ڏي ڀڄي وڃان! اجهو، اِجهو...

فريد خان: هان، ڇا ٿو ڪرين؟

ڪريم:     ڇا ٿو ڪريان؟ اوهين آڏيءَ اک سان لِڪيو ٿا ڏسو!

فريد خان: هيءَ ته حيرت جي ڳالهه آهي ته لکڻ جي وقت ڪوبه ڪونه ڏسي! هيءُ ته ڪو انڌو رواج آهي! ڏس، تون منهنجو نوڪر آهين. توکي منهنجو حڪم مڃڻ گهرجي. هي ڪاغذ ۽ قلم کڻ ۽ هڪدم ويهي لک_ پهرين عبارت ۽ القاب لک.

ڪريم:     حاضر سائين، لکان ٿو. سائين، القاب ڪهڙا لکان؟

فريد خان: اڙي، تون منشي ٿيو آهين، القاب لکڻ نٿو ڄاڻين؟

ڪريم:     ڄاڻان ٿو، ڄاڻان ٿو......

فريد خان: ڄاڻين ٿو ته لِک.

ڪريم:     سائين، هي قلم ته ڀڳو پيو آهي! ڪو چاڪُون اَٿوَ؟

فريد خان: اڙي، سڏائين منشي ۽ چاڪُون ندارد! هان، وٺ چاڪُون.

ڪريم:     ۽ سائين ڪُپڙيءَ ۾ مس به ته ڪانهي!

فريد خان: اڙي، اڃا هاڻ سياهيءَ سان ڀري پيئي هئي، خالي ڪيئن ٿي؟ هوڏي ٻي مس رکي اٿيئي، سا کڻي وٺ، ۽ اچي پهرين القاب لِک.

ڪريم:     جُٺ ٿي، مصيبت آئي! هاڻ عبارت ۽ القاب ڇا لکان؟ ’مهربان‘ ’قدردان‘: ميم، هي، ري، ’مهر‘؛ بي، الف، نون، ’بان‘_ مهربان! باقي رهيو قدردان؟ هي ته وڏو لفظ آهي: قاف، دال، ري، ’قدر‘؛ دال، الف، نون، ’دان‘ _ قدردان! ٺهيو، سائين، عبارت ۽ القاب لکي رهيس.

فريد خان: چڱو، هاڻ اڳتي لِک.

ڪريم:     (پنهنجي منهن) هي ڪمبخت شل ڳرا ڳرا لفظ نه لکائي!

فريد خان: ’آءٌ اوهان جي گهر ۾ چوريءَ لِڪي آيس.‘

ڪريم:     هيءُ ته وڏو پسارو ٿيو..... چي، واو، ري، يي_ آءٌ اوهان جي گهر ۾ چوري لِڪي آيس. هائو، سائين.

فريد خان: انهيءَ ڪري شرمندو آهيان.

ڪريم:     انهيءَ ڪري شرمندو آهيان_ ها، سائين.

فريد خان: ’۽ معافي ٿو گهران‘.

ڪريم:     معافي ته وڏو لفظ ٿو.... ٿئي! معافي.... ٿو گهران.

فريد خان: هل لک پنهنجو نالو.

ڪريم:     (پنهنجي مُنهن) آئي شامت! نالو ته اڳيئي مٽايو اٿم_ لکان ڇا؟ ڪو بهانو ڪريان؟ اڙي.... الا، اررر......

فريد خان: هان! ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟

ڪريم:     (وات تي هٿ رکي) سائين، اوچتو ڏاٺ ۾ سور پيو اٿم، (اٿي ٿو) وڃي ڪو نوشادر ذرو وٺي ڏاٺ هيٺ رکان!

فريد خان: نه نه، بيهه. آءٌ توکي نوشادر گهرائي ٿو ڏيان، تون پهرين خط ته پورو ڪر.

ڪريم:     سائين، ڏاٺ جو سور پيو ماري، خط ڪيئن پورو ڪريان؟

فريد خان: سوير ڏاڍيون ٻٽاڪون ٿي هنيئي، هينئر وري ڇا ٿيو؟

ڪريم:     سائين، ڏاٺ ۾ سور پيو آهي، ٻيو ڇا ٿيو آهي!

فريد خان: هل هل، نالو لک. ڏي خط ته ڏسان.

ڪريم:     وٺو سائين.

فريد خان: (خط پڙهي ٿو)_ ’مهراب قدرن گهر چري لڪ شرمو مافو‘!

ڪريم:     معافي، معافي!

فريد خان: اڙي، هي ڇا لکيو اٿيئي؟

ڪريم:     لکيو ته برابر اٿم!

فريد خان: برابر لکيو اٿئي، يا ماڪوڙا ڪڍيا اٿيئي؟

ڪريم:     سائين، مون اڳيئي دانهن ٿي ڪئي ته جڏهن ڪو منهنجي اڳيان ويٺو هوندو، تڏهن منهنجا اکر وچڙي پوندا آهن!

فريد خان: تون ڪو ٺڳ ٿو ڏسجين! ٻڌاءِ ته تڏهن پهريون خط ڪنهن لکيو؟

ڪريم:     سائين، اوهان جي نئين بورچيءَ.

 

فريد خان: نئين بورچيءَ؟ بدمعاش؛ تڏهن تو مون سان ٺڳي ڪئي؟ اهڙو ڏڏ آهين؛ ۽ منهنجي ڌيءَ سان ٿو شادي ڪرين!

 

ڪريم:     آءٌ ڪٿي ٿو ڪريان؛ هوءَ پاڻ مون سان ٿي ڪري؛ ۽ اوهين به راضي ٿيا آهيو!

فريد خان: چپ ڪر بدمعاش!

                    (اتي لطيفه ۽ عمر اچن ٿا.)

لطيفه:       هان هان؛ بابا! هي ڪهڙو پسارو آهي؛ سچو منشي ته هيءُ ويچارو آهي.

فريد خان: تڏهن هي ڪهڙو ناڪارو آهي؟

لطيفه:       هي بورچي منهن ڪارو آهي.

فريد خان: هان، بورچي! اڙي تون بورچي آهين؟

ڪريم:     هائو قبلا، بورچي_ اڳيئي عرض ڪيو هوم.

فريد:          ڪهڙو بورچي؛ نالو ڇا اٿئي؟

ڪريم:     سائين، مشهور نانوائي خميسي جو پٽ آهيان، نالو ڪريم اٿم، پاڻ جهڙن ۾ گهڻي تعظيم اٿم.

فريد خان: بيوقوف، جڏهن تون بورچي يا نانوائي هوئين، تڏهن منشي يا محرر ڪيئن اچي ٿئين؟

ڪريم:     سائين، مون خوشيءَ سان منشگيري قبول نه ڪئي، پر منشگيري اوچتو منهنجي مٿان ڪڙڪي پئي_ کڻي مٿو ڏنم. نوڪريءَ جو طلبگار هوس، خدا اها کڻي عطا ڪئي، سدا کڻي ورتيم.

فريد خان: هان، بدمعاش، تون ٺڳيون ڪري اشرافن جا خانا خراب ڪندو وتين_ توکي اهڙين ٺڳين جي جوڳي سزا ملڻ گهرجي! اڙي، وٺوس، نه ڇڏيوس....!

                    (سڀيئي ڪريم کي وڪوڙي وڃڻ ٿا، ۽ ڌڪ_ بجا هڻن ٿا.)

                    (پردو ڪِري ٿو)

 

پردو تيرهون

جهنگل ۽ لشڪر گاهه

 ]سهراب خان ۽ ڪي سپاهي اچن ٿا.[

سهراب:              افسوس، شايد اصغر ۽ بدقسمتي گڏ پيدا ٿيا آهن، جو هوءَ سندس پٺ نٿي ڇڏي، پاڇي وانگي ساڻس لڳي وتي! مون کي پڪي خبر ملي آهي به هو وري به راڻي شاهه بابوءَ جي سپاهين جي هٿ چڙهي ويو آهي.

پهريون سپاهي: بيشڪ، اها خوفناڪ ۽ افسوسناڪ خبر آهي.

سهراب:              ظالم گرگين جي صلاح سان، راڻيءَ هن کي هڪڙيءَ مضبوط جاءِ ۾ قيد ڪيو آهي، ۽ اڄ رات انهيءَ کي باروت سان اُڏائي مارڻ جي رٿ ڪئي آهي!

ٻيو سپاهي:      شل خدا جي لعنت هجي انهيءَ شيطان تي!

ٽيون سپاهي:   انهيءَ شيطان جهڙي انسان تي!

چوٿون سپاهي:  جنهن مڪان ۾ اهو رهي ٿو، انهيءَ مڪان تي!

پهريون سپاهي: جنهن جهان ۾ اُهو گذاري ٿو. انهيءَ جهان تي!

سهراب:              منهنجا بهادرؤ، انهيءَ بابت ڪا چڱائي جي مشورت ڪريو.

پهريون سپاهي: افسوس آهي ته اسين ظالم راڻيءَ ۽ ناپاڪ گرگين جي نسبت ۾ ڪيتريون ئي رٿون ٿا ڪريون، پر ويچاري معصوم شهزادي اصغر جي لاءِ ڪي به ڪري نٿا سگهون؛ ۽ اها ظالم راڻي هڪڙي ڏينهن هن کي پوري ڪرڻ واري آهي!

ٻيو سپاهي:      ڪري ڇو نٿا سگهون؟ اسان جي سردار جهڙيءَ طرح عين وقت تي پهچي سرفراز خان جي جان بچائي، تهڙيءَ طرح هن جي جان بچائي سگهندو.

ٽيون سپاهي:   سائين، ڪو خيال ته اوهين به ڪريو.

سهراب:              مون کي هڙي تجويز خيال ۾ اچي ٿي:

                              اڄ رات جڏهن خوب اونداهي ٿئي، تڏهن ڳچ جيترا سپاهي جدا جدا جاين تي لِڪي ويهي رهن؛ پوري وقت تي کڻي هنن تي حملو ڪن.

پهريون سپاهي: اها رٿ تمام چڱي آهي.

سهراب:              تڏهن وڃو.

ٻيو سپاهي:      حاضر صاحب، پر وقت ته مقرر ڪريو؟

سهراب:              پوري ٻارهين بجي! وڃي هڪدم بندوبست ڪريو. خدا اوهان جي مدد ڪندو. (هو وڃن ٿا.) دل ۾ ايمان آهي، هٿ ۾ ترار آهي، خدا جي آڌار آهي، هيءَ مسڪين اصغر جي حفاظت جو حتي المقدور ذمه بردار آهي! (وڃي ٿو.)

                              (پردو ڪري ٿو.)

 

پردو چوڏهون

اڳوڻي شاهي محلات جو اڳ

 ]عصمت ويٺي آهي.[

عصمت:  اي اصغر، معصوم اصغر، تون ڪهڙو نه بدنصيب آهين، جو شاهي محلات به تنهنجي لاءِ ڦري قيد خانو يا ڪوسخانو ٿو ٿئي! جي انهيءَ اندر اچڻ جو رستو نه مليو، ته آءٌ پنهنجو مٿو ڀتين سان ٽڪرائي به رستو ڪنديس، ۽ توکي بچائينديس!

                    (اتي سرفراز اچي ٿو.)

سرفراز:      دلجاءِ ڪر، رستو ٿيو آهي_ اتر واري پاسي جي ڀِت مان هڪڙي سِر نڪتي آهي، وڃي ڪو هٿيار کڻي ٿو اچان. تون اتي ترسجئين.

                    (وڃي ٿو.)

عصمت:  يا الله، جيئن تو هي سِر اُکيڙي اُميد جو رستو ڏيکاريو آهي، تيئن آئيندي به اسان کي مدد ڪجئين!

                    (راڻي شاهه بانو اچي ٿي.)

شاهه بانو:            ڪير؟ عصمت!

عصمت:  افسوس،.... راڻي شاهه بانو!

شاهه بانو:            بيوقوف، هتي اچڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم هو؟

عصمت:  اي راڻي آياڻي، ڪم اهو آهي ته تون پنهنجي بيگناهه ڀائٽي جي خون ۾ پنهنجا هٿ نه ڀر_ هن تي رحم ڪر!

شاهه بانو:            ڇا تنهنجي مرضي آهي ته هن سَپ جي ٻچي کي ڇڏي ڏيان، ته وڏو ٿئي ۽ مون کي نيٺ ڏنگي ماري؟

عصمت:  نه نه، ڪين ڏنگيندو. هن تي توکي رحم ڪرڻ گهرجي. منهنجو ته هو ڪي ڪين ٿئي، تنهنجو ئي ڀائٽيو آهي. جي خود تنهنجو پٽ هجي ها ته جيڪر انهيءَ کي مارڻ لاءِ تنهنجا هٿ هلن ها؟

شاهه بانو:            هائو. آءٌ انهن زالن مان آهيان، جو جيڪڏهن پنهنجي کير_ پياڪ ٻار ۾ آئيندي جي حرڪت جو ڪو خوف ٿيم، ته جيڪر مادري محبت ڇڏي به، ڪاساين وانگي انهي کي ذبح ڪريان!

عصمت:  ڏس راڻي، ننڍو ٻار به پنهنجي سهڻي رانديڪي کي ڄاڻي ٻجهي نٿو ڀڃي، تون هڪڙي هلندي چلندي، کلندي ڪڏندي، ٻارڙي کي ناحق هڪ لحظي ۾ مارڻ ٿي گهرين، جنهن کي خدا تعاليٰ ماءُ جي پيٽ ۾ پيدا ڪيو، ۽ ذر مهينا سنڀالي رکيو_ ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي!

شاهه بانو:            بيوقوف زال، جي تون منهنجي حال تي هلين ها، ۽ مون سان شامل ٿين ٿا، ته هيتريقدر خراب خوار نه ٿين ها.

عصمت:  شڪر آهي ته آءٌءُ تو جهڙي نه آهيان! زال ذات جي ڪري سو تون ۽ آءٌ هڪ آهيون، مگر خيالات جي ڪري پنهنجي وچ ۾ وڏو تفاوت آهي. توکي دولت ۽ حڪومت جي مقابلي ۾ ايمان ۽ عزت جو ڪوبه قدر ڪونهي، ۽ مون وٽ ايمان ۽ عزت جي مقابلي ۾ دولت ۽ حڪومت جو ڪوبه مان ڪونهي، انهيءَ دولت ۽ حڪومت جي لاءِ، پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري، تو پنهنجي ڀائٽي جي حياتي خراب ۽ خوار ڪئي، ۽ مون انهيءَ تنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي لاءِ پنهنجي بهادر مڙس ۽ معصوم پٽ جي حياتي نثار ڪئي!

                    هر ڪنهن جي آهي خيال ۾ هر شيءِ جدا پسند،

                    توکي خودي پسند، ته مون کي خدا پسند!

شاهه بانو:            اهي تنهنجون اجايون ڳالهيون، منهنجي دل ۾ اصغر جي لاءِ قياس ۽ رحم پيدا ڪري نٿيون سگهن.

عصمت:  نه نه، ضرور توکي رحم ڪرڻ گهرجي!

شاهه بانو:            چڱو، رحم ڪنديس.

عصمت:  ڏس اها زال، جنهن پنهنجو گهر اکين سان لُٽبو ڏسي ڪڇي به ڪين، اُها زال، جنهن پنهنجي ٻچي کي پنهنجي روبرو مرندو ڏسي دانهن به ڪانه ڪئي، اها زال، جنهن پنهنجي خدا ۽ خاوند کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو، اهائي ساڳي زال، پنهنجي بادشاهه جي ٻار واسطي، تنهنجن پيرن تي مٿو رکي، عاجزيون ڪري، اصغر جو جيئندان توکان گهري ٿي، توکان جهولي جهيل خيرات ٿي گهري!

شاهه بانو:            ته آءٌ تنهنجي جهوليءَ تي ٺٺولي ٿي ڪريان، ۽ خيرات جي بدران تنهنجي سڪرات جي تياري ٿي ڪريان!

عصمت:  نه نه، مون کي پنهنجو ٻڄو ڏي!

شاهه بانو:            هائو، ڏينديس پر جيئرو ڪين ڏينديس، مئل ڏينديس! آهي ڪو!

سپاهي:    حاضر.

شاهه بانو:            هن کي قيد ڪر.

عصمت:  نه نه، مون کي خدا جي واسطي ڇڏ.

                    (اتي سرفراز اچي ٿو، ۽ سپاهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري ٿو؛ ۽ اندر وڃي ٿو، ته عماد اچي ٿو.)

عماد:        ڪير؟ سرفراز ۽ عصمت!

(عماد جو اندر وڃڻ، ۽ سهراب جو ٻاهر فئر ڪرڻ، جاءِ جو ڪِرڻ، عماد جو دٻجي مرڻ، اندر عصمت جو اصغر کي کڻي بيهندو ڏسڻ ۾ اچڻ.)

شاهه بانو:            فتح، فتح!.... خوشي، خوشي!

سهراب:    نه نه..... شڪست شڪست!

شاهه بانو:            تون ڪير آهين؟

سهراب:    آءُ!

شاهه بانو:            ڪير، دغاباز سهراب؟

سهراب:    هيڏي ڏس، جناب!

شاهه بانو:            هان، هي ڪير؟ عصمت، اصغر ۽ سهراب!.... خبردار......

                    (ڊراپ سين.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com