سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 1

صفحو : 8

 

پردو ڇهون

لطيفه جو گهر

]عمر ۽ لطيفه ويٺا آهن.[

 لطيفه:       (ڳائي ٿي)

مولا محبن ساڻ ملائي، اندر ڪو آرام نه آهي.

دل ٿي ڌڙڪي، باهه ٿي ڀڙڪي، اچي اچي ڪو ڏينم دلاسو!

ماري جدائي مون کي جاني، اچي سڄڻ، منهنجو جهل تون پاسو؟

ٽرن بلائون، لنگهن جفائون، ملي سڄڻ مون نيٺ خلاصو.........

عمر:          (ڳائي ٿو)

                    ڪريان سڄڻ؛ جان توتان نثار!

                    ڪين گذاريان آءٌ توکان ڌار؛ هردم توکي ساريان.

                    راتيان، ڏينهان، هيءَ دل منهنجي، اصل آهي تنهنجي،

                                                                   تن من جان توکي پڪاريان.

                    ڇو نه مون کي تون پنهنجي ڳلي ٿي لائين،

                    ساهؤن آهين پياري، دل جان مٿان تو واري.

                    ٻانهو تنهنجو دائم آءٌ، توتي نثار نت آهيان:

عمر:          مهرباني مون تي سڄڻ اڄ ڪئي ته آهي ساري! پياري لطيفه، پوءِ نيٺ پنهنجي وصال جو به ڪو بندوبست ٿيو يا نه؟

لطيفه:       اڃا ته ڪونهي، خدا ڪري ته من ٿئي، انهيءَ کان سواءِ حياتي پنهنجي ته ڏاڍي ڏکي گذرندي!

                    (اتي فريد خان ٻاهران ڳالهائيندو ٿو اچي، نوڪر ساڻ اٿس.)

فريد خان: خدا جو قهر_ هيڏو وڏو شهر، ۽ منشي ڪونه ٿو ملي سگهي!

لطيفه:       (عمر کي، پاسي ٿي) ٻڌين ٿو؟ اسان کي هڪڙي منشيءَ جي گهڻي گهرج آهي، انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو بندوبست ٿيندو ته تون منشيءَ جي جاءِ تي نوڪر ٿي بيهين_ پوءِ پيا ملنداسين، ۽ مزا ماڻينداسين!

عمر:          اها ته منهنجي خوش نصيبي چئبي!

لطيفه:       چڱو، تڏهن هاڻ تون وڃ. ٻپهرن جو بيفڪرو وري اچجئين، آءٌ پنهنجي ڪاروباريءَ سان پورو بندوبست رکي ڇڏينديس.

                    (عمر وڃي ٿو.)

لطيفه:       (ڳائي ٿي)

آس منهنجي پوري ٿي، بخت ٿي بالا!

برهه تنهنجو باري، ٻاڻ لڳو ڪاري،

محبت پڻ تنهنجيءَ ماري ويچاري،

پرين پيارا، جيءَ جيارا،

دل ٿي ديواني، ڏسي چالا نرالا،

ڪڍي پئي ڪشالا، او ڀالا.......!

                    (فريد خان ۽ نوڪر اچن ٿا.)

فريد خان: هڪ_ ٻن اخبارن ۾ اشتهار ڪرايو اٿم، ڍنڍورو گهمارايو اٿم، ته به منشي ڪونه ٿو ملي.

نوڪر:       ته سائين حڪم؟

فريد خان: پهرين ته بورچيءَ جي ڳولا ڪر. جتان هٿ اچي، اُتان وٺي اچ.

نوڪر:       (پنهنجي منهن) اسان جو رئيس به حيرت جهڙو ماڻهو آهي!

                    (فريد خان وڃي ٿو)

لطيفه:       (نوڪر کي) ڪهڙيءَ ڳڻتيءَ ۾ آهين؟

نوڪر:       انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ آهيان ته منشي ۽ بورچي ڪٿان آڻيان؟

لطيفه:       آءٌ ڏس ڏيانءِ؟

نوڪر:       فرمايو.

لطيفه:       اڄ هتي اسان وٽ هڪڙو وڏو منشي پاڻيهي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ اچڻو آهي.

نوڪر:       سا اوهان کي ڪيئن خبر پيئي؟

لطيفه:       مون کي پنهنجي ساهيليءَ ٻڌايو آهي. جي هو پنهنجو نالو عمر سڏائي، ته انهيءَ کي هڪدم کڻي رکجو_ سمجهيئي؟

نوڪر:       سمجهيم.

                    (اتي ڪريم اچي ٿو.)

ڪريم:     (پنهنجي منهن) ماڻهو چوندا آهن ’دنيا ٺڳجي مڪر سان، ۽ گيهه کائجي شڪر سان‘. ٿورو تي مڪر ڪيم، ته سڄي عمر جو فڪر پرايم_ موچڙا به کاڌم، ۽ نوڪري به وڃايم؛ عزت به ويئي، دولت به ويئي_ هاڻي اهڙي مڪر کان توبهه ڪيم! هاڻي نمازي بنجان ته چڱو. نه ته، ائين به چڱو نه آهي، ماڻهو چوندا ته نانوائي نمازي آهي! تنهن ۾ ضرور ڪا دغابازي آهي. پر، مون ٻڌو آهي ته هتي ڪنهن ماڻهوءَ جي گهرج آهي، ۽ هي هڪڙي امير ماڻهوءَ جو گهر آهي. مٿا مونا هڻي، هيءَ پوشاڪ هٿ ڪئي اٿم، هينئر جيڪو مون کي ڏسندو، سو چوندو ته هي ڪو وڏو مولوي يا مير منشي يا محرر آهي.

                    (اندر وڃي ٿو.)

نوڪر:       هي ڪير آهي؟ شايد اُهو ئي شخص آهي، جنهن جي نالي بيبي لطيفه ٿي ذڪر ڪيو. ميان، تنهنجو نالو؟

ڪريم:     (پنهنجي منهن) ٻيلي ڪريم، جي پنهنجو سچو نالو ٻڌائيندين، ته موچڙا کائيندين! (نوڪر کي) منهنجو نالو آهي عمر.

نوڪر:       عمر تنهنجو نالو آهي، ته اچي هن ڪرسيءَ تي ويهه. مون کي اميد آهي ته جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪبو، سو چڱيءَ طرح ڪري سگهندين.

ڪريم:     بيشڪ، خدا جي مهرباني سان ۽ اوهان جي دعا سان.

نوڪر:       صاحبزاديءَ تنهنجي سفارش ڪئي آهي.

ڪريم:     نه

نوڪر:       منهنجي سفارش؟ اوهان جي صاحبزادي ڪئي!

ڪريم:     ها.

نوڪر:       رئيس جي صاحبزادي مون کي ته ڪانه سڃاڻي، سفارش ڪيئن ڪئي هوندائين...؟ هاڻ مون سهي ڪيو: اچڻ شرط منهنجي خوبصورت شڪل ڏٺي هوندائين، يا ڪٿي منهنجي هٿ جي رڌل ماني کاڌي هوندائين_ ضرور اهو سبب هوندو!

نوڪر:       پنجٽيهه روپيا پگهار ملندو.

ڪريم:     هان، پنجٽيهه روپيا! سچ ٿو چئين؟ ڏاڏو ههڙو اُستاد هو، ته به ارڙهن روپيا ملندا هئس، ۽ بابو گهڻو گهڻو اُڏاڻو، ته به ويهه روپيا کنيائين_ منهنجا سڄا سارا پنجٽيهه روپيا؟ واه واه!

نوڪر:       ۽ ماني رئيس سان گڏ پيو کائيندين.

ڪريم:     صابزاديءَ جي سفارش، پنجٽيهه روپيا پگهار، ۽ رئيس سان گڏ ماني! يا الله، تنهنجا هزار شڪرانا. منهنجو سُتو نصيب جاڳيو آهي.

                    (ڪريم ڳائي ٿو)

                    ڇا مانُ مليو، ڇا شانُ مليو، شڪرانو ٿو ڪريان!

                    ٿيو راضي خدا، مليو مطلب مدعا!

                    ڪريان راتيان ۽ ڏينهان مزا، ويئي هلي سڀ جزا ۽ سزا_

                    ويئي بک جي بلا، ٿيو خيرِ صلاح.

                    هاڻي آءٌ چوڙيان ۽ ماڻيان، هيڏي هوڏي تاڻيان،

                                                هزارين ڪريان اَن بان!

نوڪر:       ڏس، هوءَ سامهون ڪوٺي تنهنجي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.

ڪريم:     منهنجي لاءِ،.... خلاصي ڪوٺي؟ پر اُتي ته نڪا هَنڊي، نڪا ڏوئي، نه تڏو نه ٻهاري، نه چُلهو نه ڪاٺي!

نوڪر:       اُتي گادي ڇايل آهي ۽ قلم، مس ۽ ڪاغذ موجود آهي.

ڪريم:     قلم ۽ مس ڇا ڪبو؟ مون کي لکڻ پڙهڻ نٿو اچي. خدا بابي سائينءَ کي بهشت نصيب ڪري، جو الف_ بي سيکاري هئائين، پر سا به سري ويئي. پر يار، ٻڌاءِ ته سهي ته هتي ڪهڙو ڪم مون کي ڪرڻو ٿيندو؟

نوڪر:       منشيءَ جو.

ڪريم:     مار، هيءَ ته جٺ ٿي! هتي به ڀانئجي ٿو ته منهنجي لاءِ موچڙا پُسيا رکيا آهن!

نوڪر:       هاڻ جي نوڪري گهرجيئي، ته هلي هوڏي گاڏيءَ تي ويهه.

ڪريم:     ڀلا، ٻاهران ٿيو ٿو اچان. (وڃي ٿو.)

نوڪر:       هيءُ منشي ته ڪين ٿو ڏسجي، ڪو بورچي ٿو ڏسجي!

                    (اِتي عمر اچي ٿو)

عمر:          سائين، مون ٻڌو آهي ته هتي ڪنهن ماڻهوءَ جي گهرج آهي؟

نوڪر:       آهي، مگر پگهار گهڻو نه ملندو.

عمر:          جيڪي ڏيندا، سو مونکي منظور آهي.

نوڪر:       کاڌي کان سواءِ، پنج رپيا ملندءِ.

عمر:          پنج رپيا! منشي اهڙا سهانگا ٿي ويا آهن ڇا؟ مزور به مهيني ۾ پندرهن رپيا ڪمائي ٿو_ انهيءَ کان به پري ٿيس؟

نوڪر:       فقط چئن ماڻهن جي ماني رڌڻي آهي.

عمر:          فقط چئن ماڻهن جي ماني؟

نوڪر:       هائو، رئيس ۽ سندس صاحبزادي، ٽيون آءٌ، ۽ چوٿون منشي.

عمر:          ڪيئن، منشي اڳئي رکي ڇڏيو اٿوَ ڇا؟

نوڪر:       هائو، انهيءَ کي رکيو اٿن.

عمر:          تڏهن منهنجي لاءِ ڪهڙي جاءِ خالي آهي؟

نوڪر:       بورچيءَ جي. چؤ ته نوڪري ڪرڻي اٿيئي يا نه؛ جي ڪرڻي اٿيئي ته بسم الله، هل.

عمر:          (پنهنجي منهن) هاڻ ڪيئن ڪريان؟ جيڪڏهن لطيفه سان ملڻو اٿم، ته پوءِ جيڪي چون، سو منظور آهي. (نوڪر کي) هائو سائين، منظور آهي.

ٻيو نوڪر:           (اچي پهرئين وڪر کي چوي ٿو ) ادا، صاحبزادي چاءِ ٿي گهري.

پهريون نوڪر: عمر ٻڌو سائين زال جي لاءِ مڙس ٿو چاءِ ٺاهي.

عمر:          تون نئون آيو آهين، بورچيخاني جو واقف ناهين، تنهن ڪري توکي چاءِ جو سڀ سامان هتي گهرائي ٿو ڏيان. (ٻئي نوڪر کي) ادا، وڃي چاءِ جو سامان کڻي آءُ_ ڪٽلي، چُلهه، چائداني وغيره.

ٻيو نوڪر: اهو ته آڻيان ٿو؛ پر رئيس هن خط جي جواب لکڻ لاءِ حڪم ڪيو آهي.

پهريون نوڪر: چڱو تون وڃ. (ٻيو نوڪر وڃي ٿو.)

                    (اتي ڪريم موٽي اڇي ٿو.)

ڪريم:     هي ڪير آهي؟

پهريون نوڪر: اهو بورچي آهي، جو مون هينئر رکيو آهي.

ڪريم:     هان، بورچي! ڪهڙو بورچي؟ ساري جهان جي بورچين کي ته آءٌ سڃاڻان، هن کي اڄ تائين ڪونه ڏٺو اٿم؛ ميان، هن کي ماني رڌڻ اچي ٿي، هن کي مرڇ مسالي جي خبر پوندي آهي يا ائين ئي کڻي نوڪر رکيو اٿوَس؟ چڱو، آءٌ پاڻ ٿو هن جو امتحان وٺان. اڙي، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟

عمر:          (پنهنجي منهن) هاڻي ڪهڙي بورچيءَ جو نالو وٺان؟ (هن کي) منشي صاحب، آءٌ خميسي نانوائيءَ جو پٽ آهيان.

ڪريم:     ها، اُهو ته منهنجي پيءُ جو نالو آهي! آءٌ توکان تنهنجو نالو ٿو پڇان؟

عمر:          منهنجو نالو....... ڪريم.

ڪريم:     اڙي، هي ته وري خود منهنجو نالو اهي! چڱو، تون رهندو ڪٿي آهين؟

عمر:          او، ڪوٽ واري چاڙهيءَ تي جيڪو پهريون نانوائيءَ جو دڪان آهي، اُتي.

ڪريم:     (پنهنجي منهن) اِهو ته منهنجي پيءُ جي دڪان جو پتو ٿو ڏئي_ شايد هي مون کي سڃاڻي ٿو، تنهن ڪري ٿو ائين چوي. هاڻ هن کي مِلان! (هن کي) مگر ٻڌ، هي هڪڙي امير جو گهر آهي، جتي عمدا عمدا طعام رڌڻا ٿيندا، آءٌ ڀانيان ٿوته توکي ماني رڌڻ نٿي اچي. چڱو، توکان ٿو پڇان ته چوزي جو آبگوشت يا شوروو ڪيئن ٺاهبو آهي؟ جي سچو بورچي يا نانوائي هوندين، ته ضرور ڏسندين_ هاڻي سڀ حال کُلي پوندو.

عمر:          منشي صاحب، مون ڪڏهن اهڙو عمدو کاڌو نه رڌو آهي، جڏهن ڪو ڪٿي رڌڻو ٿيندو آهي، تڏهن ڪتابن مان ڏسي تيار ڪندو آهيان.

ڪريم:     اهي نِي ٺاهه ٿو ٺاهين، ڇو نٿو چوين ته آءٌ بورچي ناهيان؟

عمر:          منشي صاحب، ڀانئجي ٿو ته اوهان طعامن جا ڪتاب گهڻا مطالع ڪيا آهن؟

ڪريم:     هون، هون، هون........ ڪتابن توڙي پڙهڻ لکڻ جي ڳالهه تان لهي وڃ_ آءٌ ته الف کي سيخ ۽ بي کي پاٽ، ۽ جيم کي ڪٽلي سمجهندو آهيان! هاڻ ٻڌ ته توکي چوزي جي آبگوشت ٺاهڻ جو رستو سيکاريان، پهرين ته چوزي کي حلال ڪجي.

عمر:          اهو ته آءٌ به ڄاڻان ٿو.

ڪريم:     بس، پوءِ گرم پاڻيءَ ۾ جوش ڏيئي، انهيءَ جا کنڀ پٽجن.

عمر:          اِها به ته رواجي ڳالهه آهي.

ڪريم:     پوءِ انهيءَ کي ڌوئي، ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي، چلهه تي رکجي، ۽ انهيءَ ۾ کڻي وجهجيس_ بس، آبگوشت تيار!

عمر:          پوءِ ڇا ڪبو؟

ڪريم:     پوءِ ٿورو مسالو وجهڻ گهرجي.

نوڪر:       (کلي) ڪيڏي شوروو، ڪيڏي آچار! جڏهن اِهو جوڙيندين، تڏهن پاڻيهي معلوم ٿيندءِ!

ڪريم:     امتحان ته وٺڻ ڏينم!

نوڪر:       امتحان جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ها، منشي، تو اهو خط پڙهي ڏٺو آهي يا نه؟ انهيءَ جو جواب جلد لکي وٺ، جو رئيس گهريو آهي. (عمر کي) ويهي چاءِ تيار ڪر.

ڪريم:     (پنهنجي منهن) هاڻ ڇا ڪريان_ پنهنجيءَ قسمت کي روئان؟ عمر ۾ مون مڪتب جو منهن ڪونه ڏٺو، الف_ بي پڙهيم، سا به وسري ويئي!

عمر:          (پنهنجي منهن) هاني آءٌ ڇا ڪريان_ هن چلهه سان ڪهڙو ويهي مٿو هڻان! چاءِ ته ڏينهن ۾ ڇهه_ ڇهه ڀيرا پيئندو آهيان، مگر رڌڻ پچائڻ نه ڄاڻندو آهيان. خير، پاڻي ته چلهه تي رکان.

                    (عمر ڳائي ٿو)

قسمت جي ڏسي بازي، منهنجو من ٿئي ماندو!

جانب سان مون نينهن اڙايو، ڪهڙي سانگي.

تنهنجي خاطر سُور پيا ٿم سَهڻا_

اي سُهڻا، من مهڻا، اي پيارا!

من ڪا  لهين سنڀال، مون تان لهي وبال،

جيءُ پيو جنجال، سگهو ڇٽان شال!

ٿيان واندو هيڪاندو، منهنجو من ٿئي نه ماندو!

ڪريم:     (پنهنجي منهن) ائين ته آءٌ به ڀڳو ٽٽو نالو لکي ويندس، مگر هن خط جو سڄو جواب ڪيئن لکندس؟ هي اکر آهن، يا ڪڪڙ جون ٽنگون آهن! (عمر کي) اڙي ڏس، ٻاڦ نڪرندي ٿي وڃي، ڪٽليءَ جو منهن ته بند ڪر! ڪمبختَ بورچي بنجي آيو آهين، رڳو چاءِ ئي ٺاهڻ نٿي اچيئي!

عمر:          منشي صاحب، اوهين ته سڀ ڪم ٿا ڄاڻو.

ڪريم:     هائو، مون تنهنجو مطلب سمجهيو آهي: تنهنجي مراد آهي ته آءٌ توکي چاءِ ٺاهي ڏيان! اڙي ها، توکي ڪي لکڻ ايندو آهي؟

عمر:          هائو سائين.

ڪريم:     تڏهن تون مون کان به جلد لکي ويندين.

عمر:          هائو، آرمودو ته وٺي ڏسو.

ڪريم:     چڱو ڀلا، ڏسون_ هن خط جو جواب ته لکي اچ، مگر اکر صفا هجن!

عمر:          ويٺا ڏسو! (خط وٺي ويهي لکي ٿو.)

ڪريم:     هن ڪمبخت جا وڏا نصيب، جو مون جهڙو رحمدل ماڻهو هن کي ملي ويو آهي، نه ته خبر ناهي ته جيڪر هن جو ڪهڙو حال ٿئي، ڀلي نه هي به پيو ياد ڪري!

عمر:          وٺو منشي صاحب، پنهنجي خط جو جواب.

ڪريم:     شاباس، شاباس! بربار چڱو لکيو اٿئي.

عمر:          لکڻ پڙهڻ ته اوهان جي مهربانيءَ سان منهنجي اڳيان ٻارن جي راند آهي_ اهڙا خط ته جيڪر آءٌ هزارين لکي وڃان!

ڪريم:     آفرين، آفرين! هاڻ چاءِ به تيار آهي. هاڻ وڃي پنهنجو نالو ڪر، پهرين صاحبزاديءَ جي لاءِ چاءِ کڻي وڃ.

عمر:          چڱو ائين ٿو ڪريان، پر ڪيئن کڻي وڃان؟

ڪريم:     بيعقل، توکي چاءِ کڻي وڃڻ به نٿي اچي!

                    هن ٽرائي ۾ رکي، مٿان ڪپڙو وجهي کڻي وڃ_ اُستاد بورچي ائين ڪندا آهن.

                    (ٻه نوڪر اچن ٿا.)

هڪڙو نوڪر:     ڪيئن چاءِ تيار آهي؟

عمر:                      هائو، سائين تيار.

ٻيو نوڪر:           ۽ خط جو جواب؟

ڪريم:                 اُهو به، سائين تيار.

پهريون نوڪر:    (ٻئي نوڪر کي) هي ٽرائي کڻي هل.

                                (هو کڻي ٿو، ۽ ٻيئي وڃن ٿا.)

عمر:                      سائين، آءٌ کڻي هلان؟ مون کي به وٺيو هلو.

پهريون نوڪر:    تنهنجي ضرورت ڪانهي.

عمر:                      واه، هتي ته بورچيءَ جي ڪابه آبرو ڪانهي!

ڪريم:                 رفتي رفتي ٿي ويندي

                                (عمر ڳائي ٿو)

                                الائي نينهن نڀائي مون سان مل شل جاني!

                                پيارو جاني ري لاثاني مون جان جنهن تي واري

                                جنهن تي واري واري.

                    ٿي نت پُر غم، تنهن کي هردم، دل ساري ٿي،

                    دل ساري ٿي، دل ساري ٿي، دل ساري ٿي‘

                    (پردو ڪِري ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com