سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سمنڊ جا اسرار

باب: --

صفحو :7

 

خشڪيءَ جا اهي جانور جيڪي سمنڊ ۾ رهن ٿا

سامونڊي ڪنارن تي ڪيترائي اهڙا جانور ملندا آهن، جن کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اُهي خشڪيءَ جا جانور آهن يا سمنڊ جا. مثال طور ڪيترن ئي قسمن جا. کيکڙا (Crabs) جيڪي ڪڏهن خشڪيءَ تي ته ڪڏهن وري سمنڊ ۾ رهندا آهن يا وري ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ڪڇون، جيڪي عام طرح سان ته سمنڊ ۾ رهندا آهن پر جڏهن سندن آنن ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته ڪنارن جو رخ ڪندا آهن ۽ گرم واريءَ جي ڳولا ۾ هوندا آهن.

خشڪيءَ جا جيڪي جانور سمنڊ ڏانهن آيا آهن، انهن ۾ وهيل (Whale) سڀني کان اهم آهي. هي جڏهن خشڪيءَ تي رهندي هئي ته سندس قدبت ننڍو هوندو هئو پر جيئن ئي سمنڊ ۾ رهڻ شروع ڪيائين ته سندس قد ۽ وزن وڌڻ لڳس. وهيل جا ڪيترائي قسم آهن جن ۾ وري نيري وهيل (Blue Whale) سڀني کان وڏي آهي، جيڪا ائنٽارڪٽيڪا جي ويران سمنڊن ۾ رهندي آهي ۽ سندس کاڌو به اُتي موجود ڪوپ پوڊس (Cope pods) ۽ ڊاءِ ٽوم (Diatoms) آهن.

وهيل دنيا جي سڀني جانورن کان وڏو جانور آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ دفعي نيو جارجيا (New Jorgia) جي ٻيٽ ڀرسان هڪ وهيل کي پڪڙيو ويو جنهن جي ڊيگهه هڪ سؤ ست فوٽ ۽ وزن ٽي هزار مڻ هو.

هنن مان ڏند صرف اسپرم وهيل (Sprem whale) ۾ هوندا آهن، باقي سڀ ڏندن کانسواءِ هونديون آهن. اسپريم وهيل جي ڊيگهه ته ستر فوٽن کان وڌيڪ ڪونه ٿئي پر تڏهن به

کيس سمنڊ جو بادشاهه چوندا آهن. اسپريم وهيل جون ڄاڙيون ايتريون ته مضبوط ٿينديون آهن، جو جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن ٻيڙيءَ کي ٻن اڌن ۾ ڀڃي ڇڏي ۽ سندس مٿو ايترو ته سخت هوندو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جهاز کي ٽڪر هڻي ته ان کي سوراخ ڪري

وجهي. هن جو کاڌو ڏهن پيرن واري ڪٽل مڇي (Cuttle Fish) آهي جنهن کي پڪڙڻ لاءِ هوءَ سمنڊ جي گهراين تائين هلي ويندي آهي.

اسپرم وهيل کان به وڌيڪ هڪ ٻي وهيل آهي جنهن کي خونخوار يا قاتل وهيل (Killer whale) چيو ويندو آهي. هن جو جسم مضبوط ۽ قد ٽيهه فوٽ کن هوندو آهي. اسپرم وهيل کي ڇڏي باقي سڀني سامونڊي جانورن سان وڙهندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن مقابلي ۾ ڪا وڏي وهيل هوندي آهي ته ٻه چار قاتل وهيل پاڻ ۾ گڏجي ان سان وڙهنديون آهن. هي جڏهن پاڻيءَ ۾ ترندي آهي ته سندس چيلهه وارو کنڀڙ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هوندو آهي، جنهن کي سامونڊي جانور خطري جو نشان سمجهندا آهن.

وهيل جو هڪ عجيب قسم جيڪو قطبي سمنڊن ۾ ٿيندو آهي ان کي نار وهيل (Nar whale) چئبو آهي، هن جي نر جي وات مان هڪ ڏند نڪتل هوندو آهي جيڪو نو فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي.

وهيل جي ئي خاندان مان هڪ ٻي مڇي ٿيندي آهي جنهن کي ڊولفن (Dolphin) چئبو آهي. ان جا ڪيترائي قسم سمنڊ ۾ رهندا آهن، جن ۾ ڪن جون منڍيون چهنب جهڙيون سنهيون ته ڪن جون وري بوتل جهڙيون ٿينديون آهن. ڊولفن سان مشابهت رکندڙ وري ٻيا جانور آهن، جن کي سامونڊي سوئر (Porpoise) چئبو آهي، هي جانور سدائين سامونڊي ڇولين سان راند ڪندا رهندا آهن. هي جانور ڏاڍا ڪمائتا آهن. نيوزيلينڊ ۾ هڪ ڊولفن جنهن کي ”جيڪ“ سڏيو ويندو آهي، هر ايندڙ جهاز جي اڳوڻي ڪري کيس بندرگاهه تائين وٺي ايندي آهي، جيڪو ايترو ته فائدي وارو جانور ثابت ٿيو جو حڪومت کي ان جي حفاظت ڪرڻي پئي.

ڪجهه ڊولفن مڇيون ۽ سامونڊي سوئر وري سمنڊ ڇڏي وڃي دريائن ۽ ڍنڍن ۾ رهڻ شروع ڪيو. ڊولفن مڇيءَ جو هڪ قسم، هندستان جي گنگا نديءَ جي گَهري پاڻي ۾ رهندو آهي، ۽ گَهرائيءَ ۾ رهڻ ڪري سندس اکين ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي.

سيل (Seal) به دريائن کان آيل جانور آهي جيڪا سامونڊي ڪنارن تي رهندي آهي. گرميءَ جي موسم ۾ ٻيٽن تي گڏ ٿي اُتي ئي آنا ڏيندي آهي ۽ سندس ٻچن جي سنڀال وري نَرَ ڪندا اٿس.

خشڪي جو هڪ ٻيو جانور جنهن سمنڊ ۾ اچي رهڻ شروع ڪيو آهي، ان کي والرس (Walrus) چئبو آهي. هن جي مٿينءَ ڄاڙيءَ جا ٻه ڏند هيٺ نڪتل هوندا آهن جيڪي اڍائي فوٽ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان هو واري کوٽي انهيءَ مان سِپ ۽ ڪوڏ ڪڍي کائيندو آهي.

رڇ، پاڻيءَ جو جانور ته ڪونهي پر قطبن وٽ هن لاءِ پاڻي ۽ خشڪي هڪجهڙا آهن. هتان جو اڇو رڇ ٻين سڀني رڇن کان وڏو ٿيندو آهي. ڏاکڻين علائقن جا رڇ سرديءَ کان بچڻ لاءِ سڄو سيارو غارن ۾ گذاريندا آهن، پر قطبن وارا اڇا رڇ مجبوراً گهمندي گذاريندا آهن، جو اُتي انهن کي لِڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ڪانه هوندي آهي.

 

پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا

پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا اٽڪل 550 ميلن تائين پکڙيل آهن ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. پهريون 350 ميل ڊگهو حصو جنهن کي مڪران جو ڪنارو سڏبو آهي، جيڪو ايران کان شروع ٿئي ٿو ۽ حَبَ نديءَ تي ختم ٿئي ٿو؛ ٻيو ٻه سو (200) ميل ڊگهو ڪنارو جنهن کي سنڌ جو سامونڊي ڪنارو چئبو آهي، جيڪو حَب ڊيلٽا (دو آبو) کان شروع ٿئي ٿو ۽ شاهه بندر تائين وڃي ٿو.

پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا ٽن ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، پٿريلا، گپ وارا ۽ وارياسا. پاڪستان جي ڪجهه سامونڊي ڪنارن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

ڀٽ گوڙي: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 45 ميل اتر اوڀر طرف آهي، هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ هڪ-ڪرو آهي، ۽ ائين ئي اونهي سمنڊ سان وڃي ملي ٿو. هن ڪناري تي کجين جا وڏا وڏا وڻ آهن جيڪي اتان جي ماڻهن جي ملڪيت آهن.

وارياسو پٽ (سينڊز پٽ): هي ڪنارو ڪراچيءَ کان صرف 25 ميلن تي اتر-اوڀر طرف آهي ۽ صرف وارياسو آهي پر ڪٿي ڪٿي قديم وڻ ۽ پکڙيل پٿر به ملندا آهن. هي ڪنارو اٽڪل هڪ يا ٻه ميل ڊگهو آهي ۽ سندس واري سليٽي رنگ جي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جي ڇولين اچڻ ڪري سامونڊي ٻوٽا هتي گهڻائيءَ ۾ ملندا آهن ته ڪڏهن وري ڇوليون ٻوٽن سان گڏ ڪجهه حصو واريءَ جو به کنيو وڃن.

پيراڊائنيز پوائنٽ: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 30 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي. ان جي سڄي ۽ کٻي پاسي جابلو علائقا آهن. انهن جبلن ۾ ڪجهه پراڻي وقت جا سِپَ ۽ ڪوڏ ملندا آهن، مثال طور پيڪٽن (Pectin) جنهن کي برماشيل به چئبو آهي، هتي سمنڊ ۾ چڱو جوش هوندو آهي.

لائيٽ هائوس: هن ڪناري کي ڪيپ مونز (Cape Monze) به چئبو آهي ۽ ڪراچيءَ کان اٽڪل 40 ميل پري اتر-اوڀر طرف آهي، هتي بنا ڪرنگهي (Invert clorares) وارا جانور عام جام ملندا آهن، ان کان سواءِ هتان جي پٿريلي علائقي ۾ سائي ۽ اڇي رنگ جو سينور (Algae) به چڱي مقدار ۾ ٿيندو آهي.

بنگلو: ڪراچيءَ کان اٽڪل 37 ميلن تي آهي. هي ڪنارو به پٿريلو ۽ وارياسو آهي. هتي مضبوط وڻ ۽ پکڙيل پٿر هر جڳهه نظر ايندا ۽ ان کانسواءِ وڻن جي وچ ۾ بيٺل پاڻي جا دٻا به نظر ايندا آهن.

ٻوليجي: ڪراچيءَ کان 27 ميلن تي اتر-اولهه طرف آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي سامونڊي ٻوٽا گهڻو ڪري پاڻي لهي وڃڻ کانپوءِ نظر ايندا آهن. هن ڪناري جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي هڪ ڪوڏ جهڙو جانور اسپونڊيلس (SPondylus) ملندو آهي جيڪو پٿرن سان مضبوطيءَ سان چنبڙيل هوندو آهي، پر عام ماڻهو هن کي سڃاڻي ڪونه سگهندو ڇو ته سندس رنگ پٿرن ۽ وڻن جهڙو ٿيندو آهي. هي جانور ماڻهن جي کائڻ جي ڪم به ايندو آهي.

گوادر: هي ڪنارو انگريزي اکر يو (U) جهڙو آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ ذريعي ٻن حصن اولهه ۽ اوڀر نار ۾ ورهايل آهي. هن کي عام طرح سان جبل باطل يا ڪوهه باطل چيو ويندو آهي. هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي تراکڙيون مڇيون (Flat fishes) ۽ ڪيراڊين گانگٽ (Caradean shrimps) ملندا آهن. اوڀر نار جي اوڀرئين پاسي مائيٽياس (Mytilllus) ملندا آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ کائڻ جي ڪم ايندا آهن. هن ڪناري جي مٽي سليٽي رنگ جي آهي پر ڪٿي ڪٿي رنگ ڪارو ٿي ويو اٿس، اهو ڪجهه جانورن جي موت ڪري ٿيو آهي، جيڪي مرڻ کان پوءِ اُتي ئي رهجي ويا آهن.

جيواڻي: هي ڪنارو گوادر کان 65 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي ۽ سڄو ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا سينور (Algae) ملندا آهن ۽ پاڻي جو چاڙهه تيز ٿي ويندو آهي.

ڪيٽي بندر: هي ڪنارو سنڌونديءَ جي ويجهو آهي ۽ ڪراچيءَ کان سڙڪ رستي اٽڪل 105 ميلن تي آهي. هتان جي مٽي پڪي ۽ سخت قسم جي آهي. هن ڪناري تي هڪ سنڱ جهڙو ڪوڏ جو قسم گهڻو ملندو آهي، جنهن کي ٽيلسڪوپيم (Telescopium) چئبو آهي.

ڀنڀور: ڪراچيءَ کان اٽڪل 35 ميل پري آهي، هي ڪنارو به گپ واري قسم جو آهي.

پورٽ قاسم (پپري): هي ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اوڀر طرف 30 ميلن تي آهي. هتي سامونڊي ڇولين جو اثر تمام گهٽ آهي. هتي سامونڊي وڻ گهڻائيءَ ۾ ملندا آهن، جن ۾ مانگروو (Mangroove) به اچي وڃن ٿا.

ڪلفٽن: ڪراچيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو سامونڊي ڪنارو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري وارياسو آهي ۽ تفريح لاءِ تمام سٺي جاءِ آهي.

گذري: هي ڪنارو ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اولهه ۾ 18 ميلن تي آهي. هي ڪنارو وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي گپ ۾ ٿيندڙ جانور عام جام ملندا آهن.

پسني: هي ڪنارو بلوچستان ۾ آهي ۽ چنڊ جهڙي شڪل اٿس. هن ڪناري جي سڄي ۽ کٻي پاسي ٽڪريون آهن ۽ اٽڪل ٽي چار ميل ڊگهو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو ۽ وارياسو آهي.

ڪورنگي ڪريڪ (ابراهيم حيدري): هي ڪراچيءَ جو ٻيو مڇيءَ جو بندرگاهه آهي، جيڪو اڃان ڪچو آهي. هي ڪنارو گپ وارو آهي ۽ هتي گانگٽ گهڻي انداز ۾ ملندا آهن.

منهوڙو: هي ڪنارو هاڻي هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هي ڪنارو، ورياسو ۽ پٿريلو آهي ۽ هتي نرم قسم جا وڻ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ٻوٽا ۽ جانور ملندا آهن.

 

سامونڊي کاڻيون

سمنڊ ۾ نه صرف ٻوٽا ۽ جانور ملن ٿا، پر ڪيترن ئي قسمن جي معدنيات ۽ ڪچي ڌاتوءَ جا لڪل خزانا موجود آهن. اڳئين زماني ۾ ته سمنڊ مان صرف لوڻ ئي حاصل ڪيو ويندو هو، پر اڄڪلهه زمانو ترقي ڪري ويو آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪچو ڌاتو هٿ ڪري مختلف مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.

دنيا ۾ اڃان به ڪيترا اهڙا ملڪ آهن، جتي پراڻي زماني وانگر لوڻ گڏ ڪيو ٿو وڃي. سمنڊ جو پاڻي ننڍن ننڍن ٻارن ۾ وڏا ٻنا ڏئي گڏ ڪيو ويندو آهي. پاڻي ته آهستي آهستي بخار ٿي ويندو آهي ۽ باقي وڃي لوڻ رهندو جنهن کي گڏ ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ويندو آهي.

لوڻ اصل ۾ سمنڊ جي پيداوار آهي ۽ اڄ به زمين جي جنهن حصي ۾ ڪٿي لوڻ ملي ته پڪ سمجهو ته ڪڏهن اُتان سمنڊ وهندو هوندو.

سمنڊ جي پاڻيءِ ۾ لوڻ کانسواءِ آيوڊين، برومين ۽ ٻيا به ڪيترائي ڌاتو ڳريل هوندا آهن. آمريڪا ۾ هڪ اهڙو هنڌ آهي جنهن ۾ سمنڊ مان ڌاتو ڪڍي اٽڪل سؤ کن مخلتف شيون ٺاهيون وينديون آهن.

ايليومينم: هي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪافي مقدار ۾ آهي. هي ڌاتو تمام هلڪو ٿيندو آهي ۽ ڪٽ به ڪونه لڳندي اٿس، ان ڪري ان کي کاڌي جي ٿانون ۽ جهازن ٺاهڻ لاءَ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي.

هڪ ٻيو ڌاتو جنهن کي مئگنيشم چئبو آهي، ايليومينم کان به هلڪو ٿيندو آهي. هڪ آمريڪي ڪارخانيدار هينري فورڊ جي چوڻ مطابق آئينده موٽر ڪارن ۽ ٻين مشينن ۾ لوهه جي جاءِ تي مئگنيشم استعمال ڪيو ويندو ڇو ته سمنڊ ۾ مئگنيشم تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي.

اڄڪلهه سمنڊ جو پاڻي انهن تلائن ۾ وڌو پيو وڃي جتي اوئسٽر (Oyster) پاليا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوئسٽر جي کوپن (Shells) ۾ مئگنيشم ڪافي مقدار ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جنهن کي پوءِ ڪيميائي طريقن سان الڳ ڪري مختلف مقصدن لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.

پيٽروليم جو ڪچو تيل جنهن مان موٽرن جو پٽرول ۽ گاسليٽ تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪي اصل سمنڊ جي پيدائش آهن. قديم زماني کان وٺي ننڍڙا ننڍڙا جيتامڙا جيڪي پاڻيءَ ۾ ترندا رهندا هئا ۽ مرڻ کان پوءِ سمنڊ جي تري تي ڄمندا ويا ۽ ائين انهن جا ڪيترائي تهه ڄمي ويا. پيٽرول انهن ئي ننڍڙن جيتامڙن جي تيل مان ٺهي ٿو.

انهن جيتامڙن جا تهه ڄمندا مٿي ٿي آيا، انهن ۾ مٽي ۽ واري به ملندي وئي، اهي تهه تمام گهڻو مٿي ٿي آيا ۽ پٿريلا ۽ سخت ٿيندا ويا. هينئر انهن جاين تي وڏا وڏا کوهه کوٽي انهن مان پيٽرول ڪڍيو پيو وڃي. پيٽرول جي ڳولا ۾ کوهه اُنهيءَ جاءِ تي کوٽيا ويندا آهن جتي يا ته سمنڊ آهن يا ڪنهن وقت سمنڊ هئو. مطلب ته سمنڊ ۾ معدنيات جا ڪيترائي خزانا موجود آهن، جيڪي سالن کان وٺي ان ۾ جمع ٿيندا رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org