سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سمنڊ جا اسرار

باب: --

صفحو :4

سامونڊي ٻوٽا ۽ جانور

 

خشڪيءَ وانگر سمنڊ ۾ به ٻوٽا عام جام ٿيندا آهن پر ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ. سامونڊي ٻوٽن جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي جو انهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ گهڻائي انهن ئي ٻوٽن جي آهي جيڪي تمام ننڍا ٿيندا آهن جو جيڪڏهن ماڻهو انهن جي مٿان به اچي بيهي تڏهن به چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ڪونه اچن.

سمنڊ جي مٿاڇري تي ترندڙ جانور ۽ ٻوٽا جن کي پلينڪٽان (Plankton) چيو ويندو آهي، انهن جي چرپر پاڻيءَ يا هوا جي رخ مطابق هوندي آهي. جيڏانهن پاڻيءَ يا هوا جو رخ اوڏانهن هنن بي سهارن ساهوارن جو به رخ هوندو آهي. سڀني کان اهم وري هڪڙا ننڍا ساهوارا آهن جن کي ڊاءِ ٽومس (Diatoms) چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو ڊاءِ ٽوم (Diatom) ڪنهن صاف پاڻيءَ ۾ ترندو هجي ته معمولي مٽيءَ جي ذري وانگر نظر ايندو. ڊاءِ ٽوم کي دوربينيءَ سان ڏٺو وڃي ته سڄو صاف نظر ايندو. سندس چوڌاري هڪ شفاف شيشي جهڙو تهه هوندو آهي جنهن اندر هڪ رنگين ذرڙي وانگر نظر ايندو.

ٻنهي قطبن يعني اتر ۽ ڏکڻ قطب جي سمنڊن ۾ ڊاءِ ٽوم ايتري ته انداز ۾ موجود هوندا آهن، جو پاڻيءَ جو رنگ ئي بدليل نظر ايندو آهي. ڊاءِ ٽوم کان به وڌيڪ خوبصورت وري گهڻن گهرڙن (Multicellular) وارا جانور هوندا آهن جن کي ريڊيوليريا (Radiolaria) چيو وڃي ٿو. انهن جي جسمن جي ٻاهريان به چمڪندڙ تهه هوندو آهي جنهن تي ڪيترن ئي قسمن جا ڪنڊا ۽ رنگارنگي چٽسالي هوندي آهي جيڪا سندن خوبصورتي ۾ اضافو ڪندي آهي.

جيئن خشڪيءَ تي موجود گلن ۽ ٻوٽن مان پوپٽ، ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا جيت رس چوسڻ ايندا آهن، اهڙيءَ طرح سمنڊ جي ٻوٽن مان به ڪيترائي جانور پنهنجو کاڌو حاصل ڪندا آهن. جن ۾ سڀني کان اهم گانگٽ (Praion) جهڙا ننڍڙا ننڍڙا جانور آهن جن کي اسان ڪوپ پوڊ (Copepod) چوندا آهيون. ڪوپ پوڊ گهڻو ڪري ڊاءِ ٽوم کائيندا آهن. جهڙيءَ طرح ڪوپ پوڊ ڊاءِ ٽوم کائيندا آهن، تهڙيءَ طرح ٻيا جانور وري ڪوپ پوڊ کائيندا آهن. هڪ تجربي مطابق جڏهن هڪ وهيل (Whale) مڇيءَ جو پيٽ چيريو ويو ته سندس آنڊي مان چاليهه مڻ ڪوپ پوڊ نڪتا، هاڻي توهان خود اندازو لڳايو ته چاليهن مڻن ۾ ڪيترا ڪوپ پوڊ هوندا.

سامونڊي ٻوٽا ايتري ته گهڻي انداز ۾ ٿيندا آهن جو ڪٿي ڪٿي انهن کي سامونڊي باغ به چيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ تمام عجيب قسم جا جانور ڏٺا ويا آهن. ڪن جانورن (گانگٽن) جا مٿا وڏا، اڪيل سنڱ ۽ اکيون چمڪندڙ هونديون آهن ۽ ڪن جسمن مان ته وري ٽانڊن وانگر روشني نڪرندي رهندي آهي. اهي سمنڊ ۾ ايتري ته انداز ۾ موجود هوندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪو جهاز اڳتي هليو ويندو آهي ته سندس پٺيان جيڪي لهرون پيدا ٿينديون آهن، اهي ڳاڙهيون باهه وانگر نظر اينديون آهن.

سمنڊ جي مٿاڇري تي نه رڳو جانور پر سندن آنا ۽ ٻچا به ترندي نظر ايندا آهن جيڪي ڪجهه عرصي کانپوءِ هيٺ پاڻيءَ ۾ هليا ويندا آهن.

سامونڊي ٻوٽا جن ۾ پلينڪٽان (Plankton) به اچي وڃن ٿا، اڪثر ڪري ماڻهن جي ڪم ايندا آهن پر انهن ۾ ڪجهه نقصانڪار به هوندا آهن.

پئسفڪ سمنڊ (Pacific ocean) جي ڪن ڪناري وارن علائقن تي ڳاڙهي رنگ جا ٻوٽا ملندا آهن جيڪي رات جي وقت روشني ڏيندا آهن، انهن ٻوٽن جا اهي روشني ڏيندڙ جزا زهريلا ٿيندا آهن، ۽ جيڪي مڇيون اهي ٻوٽا کائينديون آهن انهن کي ماڻهو کاڌي طور يا غذا طور استعمال نه ڪندا آهن.

زمين جي ريگستاني حصن وانگر سمنڊ ۾ اهڙا حصا ٿيندا آهن جتي ٻوٽا ۽ جانور گهٽ ملندا آهن. آمريڪا نار هڊسن (Hudson) ۽ سمنڊ جي وچ وارا حصا سامونڊي بيابان ليکيا ويندا آهن.

سامونڊي ڪنارن ڀرسان هڪ پاڻيءَ جي ٻوٽي ٿيندي آهي جنهن کي سامونڊي گاه (Sea weed) چئبو آهي. اهي ننڍيون ٻوٽيون جيتوڻيڪ جانورن لاءِ گهٽ اهميت ٿيون رکن پر تنهن هوندي به نقصانڪار ڪونهن.

خشڪيءَ جا ٻوٽا ۽ گاهه اڪثر ڪري ساوا هوندا آهن ڇو ته انهن ۾ هڪ سائي رنگ جو مادو ٿيندو آهي جنهن کي سائو مادو (Chlorophyll) چئبو آهي. گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن جي زندهه رهڻ جو دارومدار به انهيءَ مادي تي آهي ڇو ته اهو سائو مادو هوا پاڻي ۽ اس جي موجودگيءَ ۾ ٻوٽن لاءِ کاڌو تيار ڪندو آهي.

سامونڊي گاهه مختلف رنگن جا هوندا آهن جن ۾ ڪي ساوا ته ڪي وري نيرا ۽ ڳاڙها ٿيندا آهن پر سمنڊ جو گاهه اڪثر ڪري هلڪي سائي رنگ جو ٿيندو آهي. سمنڊ جي گهراين ۾ گاهه ڪونه ٿيندو آهي ڇو ته اُتي اُس جو گذر نه ٿيندو آهي پر جتي پاڻيءَ جي گهرائي گهٽ هوندي آهي اُتي سج جي روشني جو گذر ٿي ويندو آهي ۽ اُتي اهو گاهه تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو آهي. سمنڊ جي گهراين ۾ جيڪڏهن ٻوٽا ڦٽندا به آهن تڏهن به اُس نه پهچڻ ڪري سندن کاڌو تيار ٿي نه سگهندو آهي ۽ ڦٽڻ کانپوءِ وڌندا ڪونه پر مري ختم ٿي ويندا. هوڏانهن جن هنڌن تي پاڻي گهٽ هوندو آهي ۽ اس جو گذر سٺو، ته ٻوٽا سائي مادي مان کاڌو تيار ڪندا رهندا آهن جيڪو سندن زندهه رهڻ ۽ وڌڻ لاءِ تمام ضروري آهي. دنيا ۾ کُنڀين کانسواءِ تمام ٿورا ٻوٽا آهن جيڪي اس جا محتاج نه هوندا آهن.

سمنڊ جي گاهه ۾ گل ڪونه ٽڙندا ۽ نه وري کين پاڙون ٿينديون آهن، ڇو ته انهن کي پاڙن جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. زمين تي جيڪي گاهه، کاڌي يا لوڻ جا جزا پاڙن ذريعي حاصل ڪندا آهن، اهي سمنڊ جا گاهه پنهنجي پنن ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ مان ئي حاصل ڪري وٺندا آهن. پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيلپ (Kelp) گاهه جا پن تمام وڏا ٿيندا آهن ۽ انهن جي لمبائي تقريباً ٻه سؤ فوٽن تائين ٿيندي آهي. ان قسم جي گاهه جا جهنگ اتر ايلاسڪا ۾ ٿيندا آهن جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانور عام جام ٿيندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي گاهه ٿيندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڪنارن کان ڇڄي پري وچ سمنڊ ۾ هليا ويندا آهن جتي سمنڊ سست ۽ خاموش هوندو آهي ۽ ايتري ته گهڻي انداز ۾ هوندا آهن جو تمام وڏا جهنگ نظر ايندا آهن ۽ جيڪر وڏي ۾ وڏا سامونڊي جهاز به انهن ۾ ڦاسي پون.

خشڪيءَ وانگر سامونڊي گاهن ۽ ٻوٽن تي به آبهوا ۽ موسم جو گهرو اثر ٿيندو آهي. جڏهن ٻوٽن جو تعداد وڌندو آهي ته انهن ۾ جانور به گهڻا هوندا پر جيئن ئي ٻوٽا گهٽبا تيئن ئي جانورن جو تعداد به گهٽجي ويندو. مثال طور فيبروريءَ جي ٿڌي موسم ۾ اتر سمنڊ ۾ توهان کي ڪوپ پوڊ (Copepod) تمام گهڻي تعداد ۾ ملندا پر اپريل ۾ انهن جو تعداد گهٽجي ويندو آهي. سرءَ (Autumn) جي موسم ۾ سمنڊ جي ڪنارن تي  تمام گهڻي تعداد ۾ ڪيلپ (Kelp) ۽ سامونڊي گاهه ملندا آهن ۽ جتي وري ڳاڙهو سيور (Algae) ڪنارن وٽ واريءَ تي رهجي ويندو آهي ته اُهو هنڌ ڳاڙهي رنگ سان رنڱيل نظر ايندو آهي.

اهڙن ئي قسمن جا گاهه دنيا جي ڪيترن ئي گرم سمنڊن ۾ موجود هوندا آهن پر انهن سامونڊي باغن جي خوبصورتي ٻوٽن کان وڌيڪ رنگدار جانورن جي ڪري هوندي آهي. ڪيترن ئي قسمن جا اسپنجز (Sponges)، سامونڊي ايني مون (Sea Anemone) ۽ رنگين مڇين ڪري سندن رونق وڌي ويندي آهي. سامونڊي ايني مون جنهن کي ڪورلس (Corals) چئبو آهي جيڪي پاڻ ۾ گڏجي هڪ پٿر جو ڍير ٿي ننڍڙو شهر ٺاهيندا آهن جن کي ڪورل ريفس (Coral reefs) چئبو آهي. ڪورل ريفس اڪثر ڪري گرم سمنڊن ۾ ملندا آهن ۽ سندن ٽي قسم آهن: فرنجنگ ڪورل ريفس (Fringing coral reefs)، اٽول ڪورل ريفس (Atoll coral reefs) ۽ بئريئر ڪورل ريفس (Barrier coral reefs) ڪورل ريفس جا مختلف قسم هوندا آهن جيڪي مختلف رنگن ۾ ملندا آهن ۽ ڪٿي گهڻا ته ڪٿي وري ٿورا هوندا آهن.

آسٽريليا جي الهندي ڪناري تي انهن جي هڪ وڏي قطار آهي جيڪا اٽڪل ست اٺ ميل ڊگهي ٿيندي. ڪورل ريفس جي ايتري گهڻائيءَ ڪري ان سمنڊ جو نالو ئي ڪورل ريفس جو سمنڊ (Sea of coral reefs) رکيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org