سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :10

غزل فنڪارانھ رچنا آھي. نقادن جو چوڻ آھي تھ غزل جي فن ئي، غزل کي غزل بڻائي رکيو آھي. ٻن مصرعن جو ھي شعر گھڻو ئي ڪجھھ چوڻ جي قابليت رکي ٿو. جيڪڏھن غزل چوڻ وارن کي غزل چوڻ جو ڏانءُ آھي تھ فنڪارانھ پھلوءَ کان سواءِ Creative Sensibility غزل کي سنواري بيٺي آھي. اڄ جو ماڻھو نھ رڳو ڪن- رس سان غزل کي ماڻي ٿو، پر ٻوڌڪ سطح تي پڻ Enjoy ڪري ٿو. اڄ جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ھر سندرتا ۽ غلاظت کي غزل جي اڻت ۾ ُڻيو ٿو وڃي. غزل جي پيشڪش (Presentation)، غزل کي شعر و شاعريءَ جي بھترين صنف ۾ ڪامياب ڪري رھي آھي.

سنڌيءَ ۾ غزل چوڻ وارا خوبصورتيءَ سان غزل چون ٿا، غزل جون ڪيتريون ئي فنڪارانھ Angles آھن، جي غزل کي اڀاري بيٺيون آھن. ھت مان پنھنجي ڄاڻ ۽ آزمودي موجب انھن جو ذڪر ڪندس. جيئن غزل کي مون سمجھيو آھي. غزل کي ھڪ خاموش Sensibility پڻ آھي- ٻن سٽن ۾ ڪجھھ نھ چئي بھ گھڻو ڪجھھ چئي وڃڻ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ وارن تي ڇڏڻو آھي تھ ھو ڪيئن ٿا Enjoy ڪن.

وقتي تارن جي ڏسي جھلمل کي،

ياد ايندي آ گلن جي آلاڻ!

-

منھن ورائي ڏسي سگھان نھ سگھان!

اڳتان اڳتان، ھلان ٿو گڏ توسان!

خاص ڪجھھ ڀي چوڻ ڏکيو آھي!

پوءِ بھ، ڪا ھڪ گھڙي بھ چپ ڪونھ ھان!

-

ڳالھھ سؤلي چوڻ اچي نھ اچي!

پر جي اچي مون کان ڪو نانءُ پڇي!

شعر جي پھرينءَ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ڪو ربط آھي بھ يا نھ، ظاھر تھ نھ آھي، پر ڪو پورو نھ، نھ جھڙو Reference (حوالو) آھي ضرور، جنھن کي سمجھي، شعر جي خوبصورتيءَ کي ماڻڻو آھي. لفظ بھ سادا ۽ معمولي آھن، جي گھڻو ڪجھھ نھ ٿا ٻڌائن. ان قسم جي شعر کي آءٌ ھوند Silent Sensibility of Ghazal چوان.

غزل بابت وڌيڪ ڪجھھ چوان، ان کان اڳ، ھڪ ٻي ڳالھھ بھ ٻڌائڻ چاھيندس. شعر جي پھرينءَ سٽ مان ٻيءَ سٽ ۾ ڪم آيل قافيو، اڳواٽ سمجھھ ۾ نھ اچي وڃڻ گھرجي. جيڪڏھن اڳواٽ ئي سمجھھ ۾ اچي ٿو وڃي، تھ اھا شعر جي ڪمزوري ۽ گھر گھلائي آھي، تھ پوءِ غزل جي بندش ڪو نقص رھجي ويل ٿو ڏسجي.

ھيٺ Straight Line Sensibility جا ڪجھھ مثال آھن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ تھ ٻھ الڳ الڳ سٽون آھن ئي ڪونھ. توھان شعر جي ٻنھي سٽن کي ھڪ يڪيءَ سٽ ۾ بھ لکي سگھندا.

پئجي عادت وئي آ مرڪڻ جي،

ھونئن نٽائي سگھڻ ڏکيو آھي!

-

اڄ فضا ۾ ڪئين سوال آھن،

چپ رھڻ جو بھ ڏانءُ ٿو گھرجي!

ڪنھن بھ Direct Reference جوھئڻ ضروري نھ آھي، ٻيا بھ ڪي مثال ڏسو:

مرڪ ۾ طنز جي اڀرڻ تائين،

سلسلو ڪو تھ ھجڻ واجب ھو!

-

ڳالھھ شڪ جي انھيءَ ۾ ڪھڙي آ،

سڀ چون ٿا تھ ماڻھو آھيان مان!

-

واسنا پنھنجي نگاھن جي ٿي ڳولڻ چاھيم،

پر ٻڌم ڪجھھ تھ ٿي ڀڻ ڀڻ ۾ چيو آئيني!

اڳ جا ڄاتل سڃاتل موضوع ۽ گسجي ويل لھجو، اڄ جي غزل سان انصاف ڪري نھ سگھندا. غزل کي، ۽ پاڻ پورو ۽ ڀرپور انداز ڏيڻ لاءِ ڪا نئين ڀاشا، (ٻولي) ڪي نوان لفظ ڳولڻا ۽ ڪم آڻڻا آھن، اڃا بھ ائين چوان تھ گسي ويل لفظن کان غزل کي آجو رکڻو آھي، چست انداز ڏيڻو آھي. ھشو يعني بي مطلب لفظن کان ونءُ وڃڻو آھي. غزل ۾ ھڪ ھڪ لفظ کي پورو پورو مطلب آھي، مطلب وٺڻو آھي، لفظن جي Presentation (پيشڪش) کان؛ ھڪ ننڍي لفظ جي بي مطلب، ۽ بيجا ھئڻ سان بھ غزل پنھنجو Impact (اثر) وڃائي ٿو ويھي. ڏکين لفظن جو ھئڻ ضروري نھ آھي، اھي سادا ۽ ھڪ جھڙا لفظ جي اڳ، گھڻو تڻو، شعر ۾ ڪم نھ پئي آيا آھن، انھن کي اھڙي انداز ۾ آڻي ڪم وٺڻو آھي، جيئن لڳي تھ غزل کي نئين ڀاشا، نوان لفظ ۽ نوان انداز مليا آھن. ائين ڪندي، شعر جي پھرئين سٽ ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. پھرئينءَ سٽ کي ٻڌڻ سان ئي، ٻڌندڙن کي لڳڻ گھرجي، تھ واقعي ڪجھھ نئون ٻڌي رھيا آھيون، جنھن جھڙو اڳ، غزل ۾ شايد نھ ٻڌو اٿئون. ڏسو:

ذھن ۾ ڇو نھ زلزلا ھوندا،

ڪيڏا طوفان سرد چھري تي!

-

سمجھيم نھ لفظ تنھنجا، ڳالھايو پر تو جيئن ٿي،

آواز مان مون تنھنجي، دل جو پتو لڳايو!

-

ھر رات مون ۾ ڀونڪي ڪتو ٿو،

ھر صبح مون کي جھرڪي چڳي ٿي!

-

سڄو شھر اشتھارن سان ڏٽيل آ،

وڏي واڪي ٺڳڻ جو دور آ اڄ!

-

آمھون سامھون دري دريءَ جي آ،

پنھنجو رشتو ٻيو تھ ڪونھي!

-

تماشبين زماني کي آھي ڏسڻو ڇا،

نچي ٿو مور ۽ احساس محض ٿو تڙڦي!

-

ڇا تھ اشراف آ ماڻھو اڄ جو،

چپ رھڻ جي، نھ ڪڇڻ جي لائق!

-

اک نھ ڪڍ درد جي جوانيءَ مان،

فڪر ۽ فن جو ھي شراب نھ ڇڏ!

-

ڀر ۾ ويھندي آ اچي بيچيني،

ٽھڪ ڏيندي آ، جڏھن ڀي سرھاڻ!

ھاڻي ڪي مثال آھن، First Line Action – Reaction Sensibility جا.

يعني شعر جي پھرينءَ سٽ ۾ ئي action ۽ Reaction ڏيکارجي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ چيل مضمون سان انصاف ڪجي:

بڻجي خاموش ويھي ڳالھائي،

اھڙو ھاڻي سجھي حجاب نھ ڪو!

-

ڪھڙيون راھون ۽ منزلون ڪھڙيون،

گول ئي گول صرف گھيرا ھا!

-

ڪڏھن آرزوءَ ۾ ڪڏھن جستجو ۾،

حياتي ھئي پنڌ ئي پنڌ سارا!

-

ھن ٿڌي برف کي ڪو لفظ نٿو گرمائي،

پوءِ ڇاڪاڻ ڏسون تند کي ھر ھر تاڻي!

-

ڪنھن پرائي کي ڏيڻ چاھي ٿي مون پنھنجائي،

پر اھڙي چيز اجائي ڪوئي ڪنھن کا ڇو وٺي!

-

جن بھ اکڙين سان ڏنو ۽ ورتو،

تن جي سواسن ۾ ڏٺم بيچيني!

ھاڻي مان ڏيکاريندس تھ ڪيئن نھ پراڻي complex ۾، ان ساڳئي جھوني پھراڻ ۾، ۽ لڳ ڀڳ انھن جھونن لفظن ۽ طرز ۾، پھرينءَ سٽ ۾ action ڏيکاري، ٻيءَ سٽ ۾ Reaction پيدا ڪيو ويو آھي، ۽ پوءِ بھ شعر ڌيان ڇڪائي ٿو، ۽ لڳي ٿو تھ شاعر ڪجھھ ڪجھھ، ڪنھن طرح نئون، وڻندڙ ۽ چڀندڙ چيو آھي:

ننڊ جي لئھ نڪي ھيون راتيون،

جاڳ جي لئھ نڪي ھئا ڏينھنڙا!

-

جن جي ئي خلاف ھيون دانھون،

تن جي ئي ھٿان نبيرا ھا!

-

جيڪڏھن خواب آھي ھيءَ دنيا،

ننڊ چئبو تھ زندگي آھي!

-

مون کي آخر حيات سمجھايو،

موت جي کن نھ اوچتي آھي!

-

ساغر جي دور سان سوين ڳالھيون ھليون مگر،

محفل ۾ منھنجو ذڪر نھ آيو تمام رات!

-

ڪڏھن رات ڀر ڪو ستارو نھ چمڪيو،

ڪڏھن ڏينھن جو ڀي نظر آيا تارا!

- ۽ آخر ۾ غزل جا اھي شعر پيش ڪندس، جيڪي اڄ جي غزل جو ڀرپور روپ آھن، جيڪي زندگيءَ ۽ احساس جي ھر ڪنڊ کي ڇھن ٿا، اجاگر ٿا ڪن، اھي شعر الڳ الڳ موضوعن تي action – Reaction جي ڄاتل سڃاتل شئليءَ ۾ چيا ويا آھن ۽ خوب چيا ويا آھن، نون لفظن ۽ Phrases (فقرن) ۾ چيا ويا آھن، ۽ ايترا تھ خوبصورت آھن، جو ٻڌندو ئي رھجي:

درد بيچين ڪيو، درد تھ بيچين ڪندو،

دل جي سامت جو لڇايو، ڇا انھيءَ لاءِ چوان!

-

اڻڀا اڻڀا لڳن ٿا چھرا ڇو،

مرڪ کي رنگ ڪنھن ڏنو ڪونھي!

-

ڪير چغليون ھڻي ٿو چندن تي،

ھن جو پنھنجو ھڳاءَ ئي ھوندو!

-

منھنجي گھر جو ڪڙو تھ کڙڪي ٿو،

تون نھ ھوندين تھ واءُ ئي ھوندو!

-

ڌمڪي ٿن، رئندا مار کائيندا،

ٻار ڊپ ۾ کلڻ لڳا آھن!

-

ملي ويا ڍير سپنا، ھڪ ٻئي ۾،

ڪير ڪنھن جا ڏسڻ لڳا آھن!

-

اسان گھڻيون ئي تصور جون باھيون ٻاريون دوست،

حقيقتن کي ذرا ڀي مگر لھس نھ آئي!

-

حيات نھ جي ٿڌي گھري ڇانو آھي ڇا؟

ھتان چرڻ ئي نٿي چاھي جو اداسائي!

-

بيخوديءَ ۾ اچي ڪو گھر تائين،

در تان موٽي وڃي، تھ ڇا سمجھون!

-

دڪان ھن تي ۽ ھن تي چٽيا رکيا آھن،

ملن جي سستا ڊزن کن ڳنھي وٺان چھرا!

-

اٺ کي ماري گجيءَ ڪڍڻ کان پوءِ بھ،

پاڻي ڪنھن پيتو نھ آ، لڪايو آ!

ماڻھن جا من صاف رھن ڪيئن،

شھر، گھٽيون، گھر، دوزخ جھڙا!

مٿيان شعر نئين ڪوتا جي بلڪل ئي ويجھو آھن، ڪڏھن ڪڏھن ائين بھ لڳندو تھ چست بيانيءَ Perfect Impact ۽ consonant durability سبب نئين ڪوتا کان پڻ وڌيڪ آڪرشڪ آھن. ھونئن بھ نئين ڪوتا، ڪن گھڙين ۽ وقتائتي subject کي ئي ڀرپور يوگيتا سان پيش ڪرڻ جي ability رکي ٿي، پر غزل ان جي برعڪس Permanent durability جي capability رکي ٿو.

ڪجھھ شعر ڏسو:

دل جا احساس جڏھن ڀي توريم،

ڪاڻ واري ئي ھئي تارازي!

-

اچ تھ ٻڪ ۾ ئي ڀري پيئندا وڃون خاموشي،

شور ھيڏي ۾ ڪٿي ڳالھھ ئي وسري نھ وڃي!

-

ڪنھن جي چھري تي ڦڪي مرڪ ڏسي،

ريس ايندي آ بيابانن کي!

-

ڪيترا گل، ڪيڏي شرميلي ھوا،

پر بھ، خوشبو کي ڪٿي سانڍي رکون!

-

طنز نيڻن مان ٿي اڀري ايڏي،

لڄ اچي ٿي وڃي ميخانن کي!

-

مون رھي گڏ آ ڏٺو ڪنھن تھ اڪيلائيءَ سان،

صرف ھاڻي ٿي انھيءَ جي ڪا سڃاڻپ گھرجي!

-

ڪنھن جي ٽھڪن ڪيڏي مايوسي ڏني،

ڪنڊ پاسيرو بھ جي روئي نھ سگھون!

وقت جي نبض ڍري ٿي ويئي،

ڪو سھارو ڏئي طوفانن کي!

ائين چوندي مان بلڪل نھ ٿو ھٻڪان تھ اڄ جو سنڌي غزل، ٻيءَ ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ لکجندڙ غزل سان اکيون ملائي سگھي ٿو.

ھن مضمون ۾، مون جن شاعرن جو شعر چيو آھي، سي آھن: شري نارائڻ شيام، ڪرشن راھي، ايشور آنچل، ايم. ڪمل، موتي پرڪاش، واسديو موھي، ذوالفقار راشدي ۽ ارجن حاسد.

(آل انڊيا ريڊيو ڀڄ تان براڊ ڪاسٽ ٿيل)

پوپٽي ھيراننداڻي

عزيز : غزل گو

عزيز ان وقت جو عيوضي آھي، جنھن وقت سنڌ ۾ شعر جي فني پھلوءَ تي زور ڏنو ويندو ھو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ، علم عروض جي نيمن جي ڄاڻ، لفظي بيھڪ، معنى جون پابنديون وغيره وغيره، انھن ڳالھين تي ئي زور ڏنو ويندو ھو. عزيز ودوان- ڪوي ھئڻ جي ناتي اھو سڀ علم حاصل ڪيو ۽ پنھنجي علميت سان خوب نباھيو.

عزيز گھڻو ئي شعر رچيو. حب سان سرشار ٿيل قدرت جي نظارن سان سندر بڻايل، دنيا جي وھنوار لاءِ سکيائون ڏيندڙ- پر سندس پيار غزل سان ئي آھي.

غزل ٽِڪي ئي لفظن جي سھاري تي ٿو. سنسڪرت جي ڪلاسيڪي دؤر ۾ ڪويتا لاءِ چيو ويندو ھو:

The word and sense taken together is poetry,

or

Poetry consists in word and sense devoid of defects and embellished with the excellences and the igures of speech.

ساڳئيءَ طرح انگريزيءَ ۾ سيموئل جانسن چوي ٿو تھ:

Poetry is a metrical composition.

عزيز لفظن کاڻ تھ ھئوئي، باقي بھ کسيل محبت کيس غزل جي رومانوي بيان ڏانھن ڇڪي ويئي. غزل تي نظر اينديون: زبان جي سلاست، مضمون جي چٽائي ۽ دل جي ڪيفيت- اِھي ٽي سندس غزلن جون خاص خوبيون آھن.

عزيز پنھنجي غزلن ۾ تشبيھھ ۽ استعاري کان ايترو ئي ڪم ورتو آھي، جيترو سندس غزل کي زيب بخشي سگھي:

اڇليو نھ منھجو لاش در دوست کان پري،

سايي کي ھيئن ڪريو ٿا ڇو ديوار کان جدا؟

پنھنجيءَ نظر کي بِکاريءَ جو پيالو سڏي، دلدار جي ديدار جي ھڪ پائي (ٿورو درشن) گھري اٿس:

پائي ديدار من ٿئي تنھنجو نصيب،

چشم، جمني ٿي ھڪ گدائيءَ جي!

ساڳيءَ طرح استعارا بھ سھڻيءَ طرح ٿو استعمال ڪري:

دل کي جھليان مان عشق ۾ يا ديد کي جھليان،

شيشو ٿي چور چور وھي جام، ڇا ڪريان؟

مٿي، ڀڳل دل کي شيشو چئي، اکڙين جي شوق کي شراب سڏيل آھي.

جنابِِ عشق پاڻيءَ ۾ تھ ڇا آتش لڳائي آ،

اکين جو لڙڪ ٿي ھم شڪل آھي آتشين نڪتو.

عشق جي گرميءَ ڪري اکين مان گرم لڙڪ ٿا وھن، اِھا آتش کان گھٽ ناھي.

عزيز پنھنجيءَ دل جا جذبا سھڻي نموني بيان ڪيا آھن ۽ لفظن، قافيي ۽ رديف جي پابندي نباھيندي بھ غزل ۾ ھڪ خيال جو سلسلو قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌيءَ کي عزيز جي دين آھي غزل ۾ ھڪ خيال قائم رکڻ. ھيٺئين غزل ۾ قافيي جي قوت ۽ خيال جي ھم آھنگيءَ جو مثال ڏسو:

ھاءِ پنھنجن ۾ آءُ ڀاءُ ڪٿي؟

دل سڪي ٿي ھو لاءُ ساءُ ڪٿي؟

بي وفائي فضا ۾ آئي ڇا!

جو لڳي وصل جو نھ واءُ ڪٿي؟

باغ دنيا ۾ بو حيا جي ناھھ

حسن وارن جو ويو ھڳاءُ ڪٿي؟

ڪانٽو دنيا جو ھم وزن پيو ٿي،

سير سير آھھ ھرڪو، پاءُ ڪٿي؟

ھڪ دليري ٿي پيئي بي ادبي

ڪھڙا ليکي ۾، پيءُ ماءُ ڪٿي؟

حسن تي زر جو عشق غالب آھي،

دل غريب اڄ تھ ڌوڪو کاءُ ڪٿي؟

غم بھ دل کي نھ ٿو ڀري اڄ ڪلھھ،

اھڙو برڪت جو ھو اپاءُ ڪٿي؟

ٿي ڏسي جن کي دل ٿي بھ روشن،

اھڙا چھرا ڪٿي، اھاءُ ڪٿي؟

بي ڪمان تير ڪن نھ ظلم اڳيان،

بي نشان آھھ ٿيو نھ گھاءُ ڪٿي؟

عشق وارن مان جي ھليو ويو درد،

ناز وارن ۾ ناھھ نياءُ ڪٿي؟

ماڻھپي جا لنگھيو پون ليڪا،

دل گھريو ھٿ لڳي جي داءُ ڪٿي؟

چاپلوسيءَ نھ ڪي دغا کي شمار،

ڳوٽ کڻ، ڇا جي ٿيو وڻاءُ ڪٿي؟

جو ڏسان ٿو اھو وتي سيٽيو،

پور کڏ ڪا کڻي وڏاءُ ڪٿي؟

ٿيو طبيعت کي خلق جي ڇا، عزيز!

دل کي موھي جو، سو سڀاءُ ڪٿي؟

عزيز جو مٿيون غزل -سندس شعري مجموعي-  ”صراحي“ مان کنيل آھي. ھن غزل ۾ دنيوي وھنوار جو روپ کينچيل آھي، ان ڪري عام سنڌيءَ کي پنھنجي من جا ڪجھھ ويچار ھن ۾ ڏسڻ ايندا ۽ کيس ھيءُ شعر وڻندو.

”صراحي“ ۾ عزيز جا غزل سليس ٻوليءَ ۾رچيل آھن. مثلا:

عقل تي عشق ڇو نھ غالب ٿئي

ڏس تھ گھاڙوءَ گھڙيا ڇا گھاٽ آھن!

روءِ روشن تي زلف پيچان، عزيز!

ڄڻ دونھان ڪيا ڏئي جي لاٽ آھن.

-

ھڪ تھ مون وٽ ٿو اچين ٻيو تھ سڏائين، سائين!

ٽيون سبب منھن جي مٽڻ جو نھ ٻڌائين، سائين!

مان ھجان يا نھ ھجان، منھنجا رسن شال نياز!

تون ھجين، تنھنجا ھجن ناز سدائين، سائين!

سر وڍڻ جو تو ڪيو وعدو ۽ ورجائڻ تي،

منھنجي سر جو کلي سوڳنڌ ڇو کائين، سائين!

عزيز جڏھن پنھنجو عالم پڻو وساري غزل چيو آھي، تڏھن عزيز جي غزلن ۾ رواني ۽ خيال جي ھم آھنگي خوب ٿي نکري بيھي! غزل پنھنجي ليکي سپردگي ۽ محويت طلبي ٿو، باقي بھ شاعر جڏھن عشق جي جذبات ۾ ٻڌو پيو آھي تھ پوءِ ھو سڀ ڪجھھ وساري شعر چوي ٿو:

اڃا ڪيسين سھڻا! ستائڻ جون ڳالھيون؟

تغافل ۾ صبر آزمائڻ جون ڳالھيون.

ملڻ سان کلي موڪلائڻ جون ڳالھيون،

ڦٽن تي ٿيون لوڻ لائڻ جون ڳالھيون!

مٺو مون کي ھڪ مرڪ جي آھھ حسرت،

ڪريان ڪھڙيون لڙڪن وھائڻ جون ڳالھيون؟

بدن گل گلابي ۽ پوشاڪ رنگين،

ڇِڪي نرت ڪن دل نڀائڻ جون ڳالھيون!

عزيز جي ”صراحيءَ“ ۾ اھڙن غزلن جي، جن ۾ سليس ٻولي ۽ ٻوليءَ جي رواني آھي، اڪثريت آھي، پر سندس ”ڪليات عزيز“ بھ اھڙي قسم جي سولي ٻوليءَ وارن غزلن کان خالي نھ آھي:

محبت ۾ مٺي ميھر جي تارن جئن ترڻ گھرجي،

ڇڏي ڀيلي جي ڀر واھڙ ۾ واھر ريءَ ورڻ گھرجي.

پڪو کڻجنءِ پچائي تون پڄائي توڙ جو توکي،

وڃي وڄري نھ ويرن ۾، ڪچو پاسي ڪرڻ گھرجي.

اِھا دريا سندي دھشت، اھي لھرن جا لڙ لوڏا،

ڏسين جئن ڏاھھ ڪن ڏاڍو ڌڻيءَ تي دل ڌرڻ گھرجي.

ڏمر ڏم جو نھ ڏاري ڏيل، جن کي سوز ساھڙ جو،

تون پؤ پاتار ۾ پِرتئون، نھ ڪن ڪنھن ڏي ڪرڻ گھرجي.

وساري وسوسا من جا، ڪڏي پاڻيءَ ۾ پؤ ڪاھي،

پرينءَ سان پر ۾ ٿيو پرياڻ، تنھنجي پت پرڻ گھرجي!

درندن جون ٻڌي دانھون نھ ھارج دھلجي ڪا دل،

متان ٿين نينھن ۾ نٻري، انھيءَ ڏاھان ڏرڻ گھرجي!

مرين تان خلد ماڻيندينءَ، رسين تان تو ملي ميھر،

گھڙي گھاگھائي پئھ سھڻي، ورڻ کان تو مرڻ گھرجي!

عزيزا! ڇا جھليندو جر، ٿيا جي پرت ۾ پاڻي،

وھي قدمن ۾ جانيءَ جي، قدم تن جان ڀرڻ گھرجي.

-

ھو صرف ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ٿو رسيو پوي،

اھڙو نھ شال ڪنھن کي ڪڏھن ڏي خدا مزاج!

منھنجو ڪجنءِ مزاج جو  پو فڪر چاره گر،

پھرين ٻڌاءِ پنھنجي دوا جو ذرا مزاج!

ھو بادشاھھ حسن، اسين بي نوري عشق،

ھن جا ڪجا مزاج، اسان جو ڪجا مزاج!

ھڪ نازنين، ٻيو حسن، ٽيون جوڀن آھھ،

جيڪي ڪرين سو توکي سنھي ٿو مٺا مزاج!

رواجي يا پراڻي خيال کي نئين طرز تي ٻڌائڻ کي جدتِ اسلوب چئجي ٿو:

جيئرن کي سمھارين ٿو، مردن کي اٿارين ٿو،

رفتار ئي ٿي قاتل، رفتار مسيحائي!

وصل جون راتيون وڏيون ۽ ھجر جون ننڍڙيون ڪرين

ڇا گھران ويندءِ يا پوندءِ فلڪ نقصان ڪجھھ

(ڪليات عزيز)

عزيز جي غزل جي خوبي آھي، سندس خيال جي اڏام، جنھن کي پارسيءَ ۾ ”حسن تخيل“ ٿا سڏين:

عشق جي خاڪي،تن تي اڄ نيلو ڦٽن جو رنگ ٿيو،

آھھ زمين درد تي ڇانيو ڇا آسمان عشق!

-

مان ڪڇان مس، ٿو چوي روز سمجھيم ڳالھھ کي،

داغ دل جا ٿا جلن بدگمانيءَ کان وڌيڪ!

-

ڪھڙو ڪري اچڻ جو وئين وعدو خواب ۾،

آئي نھ ننڊ عمر سڄي انتظار ۾!

-

روي روشن تي زلف پيچان عزيز!

ڄڻ دونھان ڪيا ڏئي جي لاٽ آھن!

(صراحي)

عزيز جي غزل ۾ تغزل جا مثال پڻ ملن ٿا. ڪوبھ سياسي يا سماجڪ نقطو عاشقاڻي ڍنگ سان چئجي تھ ان کي تغزل ٿا چون.

ڪنھن جي بھ دل وٺڻ ۾ سھڻا ثواب آھي،

ھيءُ تيرٿن ۾ تيرٿ ئي لاجواب آھي.

غزل ۾ ربط يعني لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو (Association of words) جو بھ خيال رکبو آھي.

شاھھ عبداللطيف جي شعر جو مثال ٿا وٺون:

ھڻ حبيب ھٿ کڻي، ٻنگا لھي ٻاڻ،

ماڳھين مون منھن ٿئي، جھولي وجھان پاڻ،

ان پر ساجن ساڻ، مان مقابلو ٿئي.

شاھھ چوي ٿو: ’اي منھنجا محبوب! ٻاڻ جي زهھ ھٿ ڪري مون کي تير ھڻ، جيئن مان مري پوان. مون کي جھوليءَ ۾ وجھندين تھ منھنجو توسان مکاميلو ٿيندو.

ھاڻي ٻنگا (زه)، ٻاڻ، جھولي، ھڻ، انھن سڀني لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو آھي. انھن جي گڏوگڏ استعمال ٿيڻ سان لفظن جي آئيني ۾ حقيقت جو عڪس صاف ۽ چٽو ٿي پوي ٿو.

ويئي فصل خزان کان بھار ھلي،

رھي داغ جگر جي بھار فقط.

نھ چمن ئي رھيو نھ چمن جي ڪلي،

بچي جلڻ ليءَ بلبل زار فقط.

(عزيز)

چمن، بھار، خزان، بلبل، ڪلي وغيره لفظن جو ھڪ ٻئي سان لاڳاپو آھي.

عشق جو جذبو ھر ھڪ انسان ۾ ٿئي ٿو. شاعر وٽ ان جذبات جو ڪو نئون نمونو نھ ٿو ٿئي، پر شاعر کي اظھار ڪرڻ جي ڏات آھي. ان ڏات کي ھو پنھنجي اڀياس ۽ علم سان وڌيڪ سونھارو ڪري ٿو.

ناوڪ مٽائي دل جون ڇڏيون حسرتون عزيز!

ھئن ميزبان تي ڪنھن نھ ڪيون ميھمان ڏاڍ

-

دل زندگي ۽ موت جي وچ ۾ اچي وئي،

قاتل ٿيس، اکيون نھ اٿس، جيءَ جيئار چپ.

(ڪليات عزيز)

سخن داني ان کي ئي چئبو آھي. عزيز جو سڄو ئي ڪلام ثابت ڪري ٿو تھ ھو سنڌي زبان جو پورو پورو ماھر آھي. غزلن ۾ بھ ھو سنڌي محاورا نھايت خوبيءَ ۽ صفائيءَ سان ٿو ڪم آڻي.

عزيز ڪنھن لفظ کي ڳولڻ لاءِ ترسي نھ ٿو. لفظن جا ھن وٽ ڀنڊار ڀريل آھن. اھڙو سخن دان بڻجڻ لاءِ ھن ضرور محنت ڪئي ھوندي. پاڻ چوندو ھو ملن مولوين وٽ تھ سکندو ھوس، پر عربي ۽ فارسي سکڻ جو ايترو شوق ھئم، جو ڌرتتيءَ جو سڀني کان لڪي ڪوسيءَ لڪ ۾ ڪوھھ پري پنڌ ڪري بھ ڪنھن کان ھڪ لفظ جي معنى پڇڻ ويندو ھوس. ان ڪري ئي تھ ايم. ڪمل چيو آھي تھ:

ھڪ عمر کپي دوست، سخن دان ٿيڻ لاءِ!

اڀياس، ذھن ۽ محنت کي ساڻ ڪري عزيز سنڌ جي نوجوان توڙي بزرگ شاعرن ۾ عزت پائيندو ھو. سندس مرتبو نھايت بلند ھو. عزيز ئي ھڪ اھو سنڌي شاعر آھي، جنھن ھر وزن تي شعر چيو آھي. ھن جھڙو عالم- ڪوي اسان وٽ ٻيو ڪو ڪينھي. سندس ھر شعر ۾ زبان جي پختگي ۽ خيال جي اڏام نظر ايندي.

سنڌ ۾ رچيل سندس شعر ۾ پارسي لفظن جو گھڻو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھونئن بھ عزيز روايت- پسند شاعر تھ آھي ئي، انڪري ان جي روايت انوسار پارسي لفظن جو استعمال ڪرڻ ضروري سمجھيائين. ھندستان ۾ جنھن بھ ٻوليءَ تي ٻي ڪا ٻولي حاوي پيئي آھي، اتي پھرين ٻوليءَ، ٻيءَ ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ڪيو آھي. مرھٽيءَ ۾ شاھيري (شاعري) ۽ ”شاھير“ لفظ ھر ھنڌ استعمال ٿئي ٿو. خوب کي ”کوپ“ بڻائي گھڻي ڀاڱي شاعر ان جو استعمال ڪن ٿا. نھ رڳو شاعر پر عام ماڻھو پڻ پارسي استعمال ڪن ٿا. ٻولي نديءَ جيان ٿئي ٿي، جا ڪناري وارا پٿر ڀِتر بھ پاڻ سان گھليندي ھلي ٿي. پر انھن پٿرن کي گھلي پنھنجي پاڻيءَ سان ڌوئي، ھوءَ انھن کي لسو ۽ گول بڻائيندي آھي، جنھنڪري اھي وڻندڙ بڻجي پون ٿا. عزيز ”ڪليات عزيز“ ۾ ان وقت جي شاعرن جي ديکاديکي تمام گھڻا پارسي لفظ استعمال ڪيا آھن، جنھنڪري اڄ سندس اِھو شعر سمجھڻ تھ خير، پر پڙھڻ بھ محال آھي:

دندان آبدار سان ھي ھمڪنار چپ،

ٿيا ڄڻ تھ چشمئھ گھر آبدار چپ.

ھاڻي ”گھر معنى موتي. اِھا اڄ گھڻن کي خبر آھي؟ ۽ جي ان لفظ جي معنى ڪير نھ ڄاڻندو تھ پوءِ شعر ڪيئن سمجھندو؟ يا

خوش ٿي کلي ٿي قلقل مينا خبر اٿيئي

جڏھن چمن ٿا جام تنھنجا خوشگوار چپ

-

ٿا ٿين مست پڙھي شعر ھي سڀ تنھنجا عزيز!

في الحقيقت ٿيو مي ناب جو ساغر ڪاغذ.

-

خنده گل کي نھ ٿي نالئھ بلبل جي تميز،

آتش گل کي نھ پيئي آتش سودا جي خبر.

-

شبِ فرقت خير سان گذري مٺا ويئي،

حسرتِ دل جي ٿي دل کان جدا.

نھ ھئي نالھ وفغان نھ ھئي آه و بڪا،

لڇيو منھنجو ٿي سينو فگار فقط.

(ڪليات عزيز)

پويون شعر ڄڻ ڪنھن پٺاڻ جي وات مان ڦٽي نڪتو آھي! اھڙن شعرن ڪري ئي عزيز کي بدنام ڪرڻ لاءِ سندس مخالفن کي وجھھ مليو. پر ھند ۾ اچڻ بعد خود عزيز بھ ”ڪليات عزيز“ ڇپائڻ جي ھمت نھ ڌاري. ھندستان ۾ اچي پنھنجا ٻيا شعر ھن ڇپايا، پر ھند جي اچڻ بعد ھن پنھنجن غزلن ۾ سلاست کان ڪم ورتو. ان ڪري سندس ”ڪليات- عزيز“ ۽ ”صراحي“ ۾ گھڻو فرق نظر اچي ٿو. ”صراحي“ وارو سندس غزل جيڪڏھن رومانوي شدت سان چيل آھي، تھ ان ۾ احساس جو رنگ لفظن مٿان ڇائنجي ٿو وڃي. عزيز جڏھن اعلى فڪر جي سطح تي شعر چوي ٿو، تڏھن کيس ٻيو ڪو شاعر مشڪل سان ڇھي ٿو سگھي:

ھڪ اشاري سان تھھ و بالا ٿي قسمت کي ڪري

تنھنجي اک ھي ڪ يار! آھھ ٿي قدرت جي اک

- ۽ جڏھن عشق جي محويت ۾ پاڻ گم آھي، تڏھن سندس مجاز حقيقت ڏانھن پڻ لاڙو ڪري ٿو:

تو نوازيا تھ سوين مون کي بھ دلدار! نواز!

ڀل منجھان مون ڏي ڪڏھن ڪر تھ عنايت جي اک.

حسن ازلي! تون لڪي ڪيترو لڪندي آخر،

جا بجا جويا رھي شوق حقيقت جي اک.

پر جتي عزيز احساس جي اثر ھيٺ نھ آھي، اتي ھو صرف لفظ پيو کڙڪائي:

حسن بي پروا کي معزور بنايو تو، عزيز!

ٿي جڳايو توکي اظھار تمنا نھ ڪر!

-

گھر ۾ گھڙي وھڻ نھ ٿي ڏئي گلبدن جي طمع،

آڻيو ڪڍي چمن ۾ بھار چمن جي طمع.

عزيز علم عروض جي نيمن جي سڄي ڄاڻ توڙي ٻوليءَ جي گرامر ۽  محاورن وغيره جي ڄاڻ غزل تي خرچ ڪئي. غزل ئي سندس محبوبا آھي. مرد پنھنجي حق ٻڌي زال جا نخرا نھ سھندو آھي، پر پنھنجيءَ ڪلا- محبوبا جي ھر ادا سھڻ لاءِ تيار ٿيندو آھي. عزيز جو پيارو محاورو ”اداب جھلڻ“ ھو، جو ھو پنھنجي سخن وريءَ يا شاعري ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندو ھو.

روايتي غزل ۾ جدت ڳولڻ عيث ڳالھھ آھي. ھاڻوڪي غزل ۾ زندگيءَ جي جدا جدا پھلن جو احساس ۽ ان جي ترجماني موجود رھي ٿي، پر پوءِ بھ ان ۾ ھڪ مخصوص بندش رھي ٿي. ان ڪري ان ۾ جمالياتي پھلو رھي ٿو، جو شاعر جي ذھن تي مدار رکي ٿو. غزل جو سفر دل کان دماغ ڏانھن آھي، ان ڪري جو شاعر جيترو ئي پنھنجي علم ڏانھن سچيت ھوندو، ان جي شعر ۾ اوتري ئي پيچيدگي ايندي. جيتوڻيڪ شخصي طرح شعر ۾ پيچيدگي پسي، پوءِ اھو چاھي ڪھڙو بھ شاعر ھجي، مان خود ان شعر جي ويجھو ئي نھ ويندي آھيان. منھنجي خيال موجب خيال ۽ لفظ جڏھن ھڪ ٻئي ۾ سمائجن ٿا، تڏھن عڪس چٽو ٿي ٿو بيھي. مون کي جيڪڏھن لفظ جي معنى نٿي اچي ۽ غزل جي مصرع ۾ چار پنج اھڙا ئي لفظ آھن تھ پوءِ مون کي غزل پڙھڻ يا ٻڌڻ مان حِظ ايندو ئي ڪيئن؟ ۽ منھنجي دل ۽ دماغ اڳيان شاعر طرفان چٽيل عڪس چٽو ڪيئن ٿيندو؟

ان ڪري عزيز جي ان خيال تھ ”زندگي خود وڏي پيچيدي حقيقت آھي. ان جي اندروني اڌمن جي اظھار ڪرڻ ۾ جي پيچيدگي اچي وڃي تھ اھا ڳالھھ سڀاويڪ سمجھڻ گھرجي“، سان مان شامل راءِ نھ آھيان. پوءِ بھ شعر پڙھندڙ ۽ سمجھندڙ انسان جي ذھن جي سطح ۾ تفاوت تھ آھي ئي آھي. ان ڪري مون کي جيڪو پيچيدو خيال لڳي ٿو، سو ٻئي ڪنھن کي آسان لڳندو ھوندو ۽ اھڙو بھ ڪو ھوندو، جو پيچيدگيءَ کي حل ڪري آسان بڻائڻ ۾ ھڪ لطف حاصل ڪندو ھوندو. موتي ”پرڪاش“ جڏھن عزيز جي غزلن جون مصرعون ھڪ خاص ادا سان اچاريندو آھي، تڏھن غزل ۾ ڪي ڪي خيال ازخود چٽا ٿي پوندا آھن ۽ ان مان ھڪ عجيب لطف محسوس ڪبو آھي تھ شاعر ڪھڙو نھ لطيف خيال، لطافت سان پيش ڪيو آھي!

ھيءَ بو ڇا جي، لڳس ڇا وار لکندي؟

ڪري سئر آيو يا تاتار جو خط.

عمر کي حد ٿي، عشق کي ناھي،

اڄ بھ ڪنھن تي تھ قلب پوريون ٿا.

-

ڪڏھن کڄي ٿو تڪڙو تھ ڪڏھن ڍلو ھلي

ھن جي روش تي آھھ ٻڌل منھنجي دم جو رنگ

دلبر ڪٿي جو ۽ مان ڪٿي جو ۽ ربط ڪيئن!

ڄاڻي سگھيو ڇا ڪوبھ قضا جي قلم جو رنگ؟

معشوق ڪھڙري ملڪ يا خاندان جو آھي ۽ عاشق ڪھڙي جو، ٻنھي کي معلوم ناھي، پوءِ بھ قضا پنھنجو قلم وھائي، ٻنھي کي پاڻ ۾ اھڙو جڪڙي ٿي ڇڏي، جو عاشق جو ساھھ معشوق جي روش سان ڳنڍجي ٿو وڃي! پريتما مٿس مھربان آھي تھ سندس ساھھ آرام ۾، مگر ھوءَ جي رٺل آھي تھ عاشق جي ساھھ جو برو حال ٿي ٿو وڃي.

عزيز ۽ غزل جي باري ۾ ٿوري ۾ جيڪر ھيئن چئجي: غزل لازمي طرح ھڪ روايتي، فني، عروضي ۽ عشقيھ شاعري آھي. عزيز جي غزل ۾ مٿيون چار ئي ڳالھيون ملن ٿيون. شاعري ھڪ لطيف فن آھي. ھر قوم جي اِتھاس ۾ ھڪ اھڙو دؤر اچي ٿو، جڏھن ان وٽ ڪنھن سبب ھڪ خاص ثقافتي (ڪلچرل) ماحول پيدا ٿئي ٿو. ان خاص وقت ۾ ھڪ خاص فن جو ھڪ خاص حصو ترقي ڪري ٿو، جو پنھنجي سڄي کي (يعني ان فن کي) گھڻو اثرائتو ڪري ٿو. ڪاليداس جو زمانو رومانوي ناٽڪن جو ھو، جنھن کان سنسڪرت ڀاشا اثرانداز ٿي. ھنديءَ ۾ پڻ رومانوي ڪوتا جو زور آيو، جڏھن بھاري وغيره ڪوين اکرن جي کرکراھٽ ۾ نک شک شرنگار جو ورنن ڪيو. سنڌي غزل بھ سنڌ جي ھڪ خاص ثقافتي ماحول جي پيدائش آھي. ان وقت جي غزل جي ترقيءَ، سنڌي شعر کي پڻ ترقيءَ جي راھھ تي آڻي ٻوليءَ جو واڌارو ڪيو. ھتي ھڪ ڳالھھ صاف سمجھڻ کپي تھ ان ساڳئي دؤر ۾ سڀ شاعر غزل گو نھ بڻبا ۽ نھ ئي سڀ غزل گو روايتي غزل رچيندا. شمس الدين ”بلبل“ نالي ۾ غزل رچيا تھ اِجھو ھيئن:

ٿي زر جي زور بازي، زر آ تھ عشق ٺھھ پھھ،

ڪر موج روز تازي، زر آ تھ عشق ٺھھ پھھ.

-

جو ويڙھيا وار اڄ ڄڻ مشڪ ٿيو تاتار ٽھھ ٽھھ ٽھھ،

دلالن دل سندو وڻج ۽ اھو واپار وھھ وھھ وھھ!

پر شاعريءَ جو حِظ وٺندڙ سڄاڻ شخص، مٿين مصرعن کي غزل مڃيندو؟ ”بلبل“ ڀل روايت، فن ۽ عشق جو مخول اڏايو ھجي، پر ائين ڪندي ھن پاڻ کي شاعر نھ، بلڪ سماج سڌارڪ جو ئي درجو ڏنو آھي.

(”عزيز: ھڪ شخص“ ڪتاب تان ورتل)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

غزل جو بلند پايھ شاعر: طالب المولى

مخدوم طالب المولى، شاعريءَ جي ھر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. ھو بيت ۽ ڪافيءَ جو تھ باڪمال شاعر آھي، پر غزل جو بھ بلند پايھ شاعر آھي. کيس غزل جي چونڊ وڏن شاعرن مان ڳڻي سگھجي ٿو، جھڙوڪ: خليفو گل، سانگي، قليچ ۽ نواز علي ’نياز‘ وغيره. ھو صاحبِ ديوان شاعر آھي. سندس ’ديوان طالب المولى‘ سروري پبليڪيشن ھالا طرفان 1982ع ۾ ڇپجي چڪو آھي. ھن ۾ سنڌي زبان جي سمورن آوازن جي رديفن وارا غزل ملن ٿا: يعني نھ فقط موجوده سنڌي صورتخطيءَ جي اکرن تي غزل ملن ٿا، پر سنڌي زبان ۾ انھن آوازن جا غزل بھ ملن ٿا، جيڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ موجود نھ آھن، پر لکڻ وقت / ھھ / ملائي لکيا ويندا آھن: جھڙوڪ/ ڙھھ/ لھھ/ مھھ/ نھھ/ ۽ تنوين وارا لفظ/ ۽/ ۾/ انھيءَ لحاظ کان مخدوم صاحب جو ديوان سنڌي زبان جي ٥٩ اکرن تي مشتمل آھي. انھن آوازن تي غزل فقط ’ديوان گل‘ ۾ ملن ٿا. ديوان جي ’مھاڳ‘ ۾ مخدوم صاحب انھن حقيقتن جي وضاحت بھ ڪئي آھي. . . . مخدوم صاحب پنھنجي مھاڳ ۾ پنھنجي ديوان واري ’الف – بي‘ جي تختي ڏئي لکيو آھي:

”آخوند گل محمد پنھنجي ديوان ۾ مھاڳ جي جاءِ تي چٽائيءَ ۾ جيڪو الف – ب جو چارٽ ڏنو آھي، اھو بھ مٿينءَ تختيءَ جي تائيد ڪري ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org