سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :11

مخدوم صاحب جي غزل ۾ عربي، فارسي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو حسين امتزاج  ملي ٿو. غزل جون روايتي تشبيھون ۽ علامتون بھ ملن ٿيون تھ سنڌ جي ماحول مان اخذ ڪيل تشبيھون بھ ڪتب آندل ملن ٿيون. فڪري لحاظ کان حسن و عشق، فراق ۽ وصال جو احوال بھ آھي تھ تصوف ۽ سلوڪ جا مسئلا بھ بيان ڪيل نظر اچن ٿا. اخلاقيات جا نڪتا بھ نظر اچن ٿا تھ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي بھ ملي ٿي- يعني مضمون جي لحاظ کان فقط روايتي يڪسانيت نھ آھي، پر تنوع آھي. ڪيترن ئي شعرن/ بندن ۾ زماني حالت جو بيان نمايان نظر اچي ٿو:

 عمل ظاھر ۾ ھڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون،

ڀلا ڪئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روحِ روان بدليا!

-

اھو اخلاق ۽ الفت، اھا تھذيب ڪانھي ڪا،

غريبن ۾ اڃا ڪجھھ آھھ، پر زردار مٽجي ويا.

-

سياست آھھ ٿي وعدي خلافيءَ جو ٻيو نالو،

ڏسان پيو ٿي ويا اڄ مھربان، نامھربان ڪجھھ ڪجھھ!

تصوف جي نقطھ نگاھھ کان مرڻ کان اڳ مرڻ يعني پنھنجو پاڻ فنا ڪرڻ جو ذڪر غزل ۾ ھن طرح ڪيو اٿس:

مرڻ کان اڳ مري، لاخوف ٿي ڇڏ مون کي طالب!

تون پنھنجي پاڻ لئھ پلپل تون خود پنھنجي قضا ٿي وڃ!

تغزل، غزل جي جان آھي. تغزل کان سواءِ غزل بي معنى آھي. مخدوم صاحب جي غزل ۾ تغزل جا ڪيترائي بھترين نمونا ملن ٿا. ڪجھھ شعر نموني طور ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪيئن تھ گڏ سڏ ٿا رھن پاڻ ۾ ٿي چار مست.

چشم مست و ناز مست و يار ۽ گفتار مست.

سرخ ساڙھيءَ ۾ ڏٺم سھڻيءَ جا ڪارا وار مست،

ڄڻ ڏنگڻ جي واسطي تيار آھن مار مست.

-

رخسار و خال و زلف معنبر جي ياد ۾،

دل جي اڱڻ کي رشڪ گلستان ڪري ڇڏيم!

-

ڇا رنگ ۽ ڇا ڍنگ ۽ ڇا جلوه گري آھھ،

خمداري نھ زلف جيان مشڪ ختن ۾ آھھ!

_

ان جون اکيون ٿيون ياد پون، ٿو جڏھن ڏسان

صحرا ۾ بيھي ڊوڙي نھارڻ غزال جو!

تصوف جي تعليم موجب خدا شناسيءَ لاءِ خود شناسي يعني پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ ضروري آھي. مخدوم صاحب پنھنجي پاڻ سڃاڻڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

جيئن ٿو زيور مان مون کي ڏسجي،

تيئن مون ’ھو پاڻ‘ سوبسو سمجھيو!

پاڻ پنھنجو سدائين ’تو‘ سمجھيو،

ذھن ۾ توکي روبرو سمجھيو.

تصوف ۾ ذڪر سان گڏ فڪر کي وڏي اھميت آھي. مخدوم صاحب چوي ٿو:

فڪر کان ئي وٺان ٿو ڪم ھردم،

مون رھڻ پنھنجو جستجو سمجھيو.

’تون ۽ مون‘ جي حقيقت بيان ڪندي چوي ٿو:

فقط ھي فرق آھي تو ۽ مون ۾، تون آھين باطن، مان ظاھر آھيان،

مگر اي پرده نشين! آھيون جھان ۾ يڪتا ۽ يگانا!

محبوب حقيقيءَ سان پنھنجي وابستگيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

توسان وابستھ منھنجو ھردم آھھ،

ذڪر ۽ فڪر تنھنجو ھردم آھھ.

اھڙيءَطرح ھو عشق مجازيءَ سان گڏ عشق حقيقيءَ جون وارداتون ۽ ڪيفيتون بيان ڪري ٿو. غزل جي روايتي انداز ۾ محبوب جي جفائن جو ذڪر بھ ڪيو اٿس، پر اسلوب بيان ۾ جدت آھي:

ڪري بسمل ڇڏيئھ عاشق نھاريئھ ڪينڪي ٻيھر،

تھ ھن تنھنجي شھيد ناز جي سڪرات ڪئن گذري!

-

جفائن تي جفائن بعد حاصل ٿو ٿئي مقصد

سڄڻ جي آھھ ھي رسم و وفا اھڙي جو ڇا چئجي!

مخدوم خليق الزمان

طالب المولى جي غزل جو حسن

. . . شاعري، شاعر جي خيالن جي دنيا ۾ موجود لڪل خزاني کي ظاھر ڪري ٿي. شاعري، شاعر جي جذبن، احساسن، خيالن، تجربن ۽ اڀياس جي خزاني سان ڀرپور ھڪ مڪمل دنيا آھي ۽ شآعر تي سندس ماحول جو اثر ٿئي ٿو.

اھڙا تمام ٿورا شاعر آھن، جن جو ذھني رويو مثبت ۽ بي عيب ھوندو آھي، جن کي وساري ئي نھ سگھبو آھي. انھن ڪن ٿورن شاعرن مان ھڪ نمايان شاعر آھي: طالب المولى.

. . . مشھور آھي تھ تاريخ پنھنجو پاڻ کي ورجائي ٿي، اھو ئي سبب آھي جو طالب المولى جي شاعري پڙھڻ کان پوءِ ائين لڳندو آھي ڄڻ تھ سعدي وري ڄائو ھجي، خيام تي نئون جوڀن ھجي يا حافظ ٻيو جنم ورتو ھجي.

. . . طالب المولى، جن فارسي زبان جي شاعرن جو مطالعو ڪيو آھي، تن مان خاص طرح حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ (غزلن) جو اثر مٿن ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين آھي. ھيٺ چند شعر حافظ شيرازيءَ جا پيش ڪري، ان جي خيالن سان ملندڙ طالب المولى جا خيال بيان ڪندس:

حافظ چيو آھي:

مادر پيالھ عڪس رخِِ يار ديده ايم

اي بي خبر ز لذتِ شرابِ ملام ما

يعني: اسان پيالي ۾ پنھنجي يار جو رخ ڏٺو آھي. اسان جي مئھ نوشيءَ جي لذت کان بي خبرؤ طعنو نھ ڏيو.

پر طالب المولى پنھنجي قدم ۾ ڪھڙو ديدار ڪيو ۽ ڇا رنگ ڏٺو، سو ھن طرح آھي:

قدحِ گران ۾ پاڻ نظر مون کي آئيو،

منھنجو شراب سرخ حقيقت شعار ھو.

حافظ فرمائي ٿو:

مابدين درنھ پي حشمت و جاه آمده ايم

از بد حادثھ اين جا بھ پناه آمده ايم

يعني: اسين ھن در تي حشمت ۽ دٻدٻي حاصل ڪرڻ لاءِ نھ، بلڪ خراب حادثي کان پناھھ وٺڻ آيا آھيون.

طالب المولى جو وري ھيءُ خيال آھي تھ:

پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ساقي! ڪا ڏي مون کي پناھھ،

اقتدارن جي اجھي تان ھٿ کڻي موٽيو آھيان.

. . . سعدي شيرازي پنھنجي ڪتاب ”گلستان“ ۾ ھڪ شعر ۾ لکيو آھي، جنھن جي ھڪ مصرع ھيءَ آھي:

ھر عيب ڪ سلطان بھ پسنده ھنر است

يعني: ’فقط جو بادشاھھ ڪنھن جي عيب کي پسند ڪري ٿو تھ اھو ثواب آھي‘- طالب المولى انھيءَ ساڳيءَ مصرع ۾ ھن طرح ڦير ڦار ڪئي آھي:

ھر ھنرڪھ سلطان نھ پسنديده عيب است

يعني: ’بادشاھھ جنھن ثواب کي پسند نھ ٿو ڪري، اھو عيب ٿيو پوي‘- ۽ سنڌي غزل جي ھڪ شعر/ بند کي ساڳئي مفھوم ۾ طالب المولى ھن طرح بيان ڪيو آھي:

ھر مقتدر قصور ڪندي بي قصور آھھ،

ھرڪو ڏسي گناھھ سوين بي گناھھ ۾!

حافظ چوي ٿو:

بس تجربھ ڪريدم درين دار مڪافات

با دردڪشان ھرڪھ درافتاد برافتاد

يعني: ’اسان ھن بدلي وٺڻ واريءَ دنيا ۾ ھي تجربو ڪيو آھي تھ جن بھ سرڪي پياڪن کي تنگ ڪيو، انھن جي پڇاڙي خراب ٿي آھي‘.

انھيءَ ئي زمين ۾ طالب المولى ھن طرح چيو آھي تھ:

ياد رکجو! جن بھ مستن سان ڪئي ڪا ھٿچراند،

ياد رکجو! ٿي وڃي ٿي اھڙي فرزانن جي ڀينگ.

. . . ھي ۽ ٻيون زندگيءَ جون ڪيتريون ئي حقيقتون آھن، جن تي طالب المولى، اسان جي شاعر، غور و فڪر ڪرڻ بعد پنھنجا تاثرات پڌرا ڪيا آھن.

جيستائين ’ديوان طالب المولى‘ جي غزلن جو تعلق آھي تھ اھي نسل انسان سان لاڳاپيل ۽ انسان جي اندر جي انيڪ سوالن جا جواب آھن. ھن ديوان ۾ آيل غزل ويھين صديءَ جي چوٿين کان اٺين ڏھاڪي تائين مشتمل پنجاھھ سالن جي زندگيءَ جي نشيب و فراز جي اپٽار آھن. طالب المولى جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي پڙھندڙ سندس قوت بيان جو قائل ٿي وڃي ٿو، جو پاڻ نھ فقط عشقيھ موضوع قلمبند ڪيا اٿس، بلڪ تصوف، انسانيت، انفراديت، فلسفي ۽ انساني معاشري جي ڪيترن انيڪ موضوعن تي تمام واضح ۽ تفصيل سان لکيو اٿس. پاڻ پنھنجي ديوان ۾ پڙھندڙن تي ٻوليءَ جي صحيح استعمال، پھاڪن، اصطلاحن، تشبيھن، استعارن، اشارن ۽ ڪناين سان گڏوگڏ ڳوڙھن خيالن، تصور، رويي، ردعمل ۽ لفظن جي بي مثال استعمال سان بي پناھھ نموني اثرانداز ٿئي ٿو ۽ پڙھندڙن کي موھيو ڇڏي.

ديوان ۾ فلسفيانھ لفظن جو وڏي پئماني تي اظھار خيال ٿيل آھي، جنھن جا ڪجھھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

دشمني چاھين تھ اڄڪلھھ جا وڃي ڪي يار ڳول،

دوستي رکجان ڀلي پر يار از راه مذاق!

-

عقلمند آھي اھو جو بيوقوفن سان ٺھي،

بيوقوف ئي ٿا بنائن پنھنجو فرزانن سان سنگ.

-

ھڪڙي شيءِ جي پرک لاءِ ٻي مختلف شيءِ ٿي کپي:

عاقلن جي ثابتي دنيا ۾ ٿو جاھل ٿئي!

اھا ڳالھھ منھنجي نظر مان گذري آھي تھ انفراديت جو اظھار بھ ڪن شعرن ۾ ڪيو ويو آھي، جيئن:

وڃان ٿو جاده منزل وٺيو ھمت ۽ قوت سان

مان پنھنجي آرزوئن جو امير ڪاروان آھيان.

. . . ديوان ۾ ڪيترائي غزل اھڙا بھ آھن، جن کي جيستائين مڪمل نھ پڙھبو، تيستائين انھن مان مڪمل حظ حاصل ٿي نھ سگھندو، ڇاڪاڻ تھ اھي غزل ٻوليءَ جو شاھڪار آھن:

رشڪ بختِ سيھھ رشڪ تاريڪ شب،

ھن جا زلف دوتا خوشنما خوشنما.

الله الله جبين ضوفشان ضوفشان،

جلوه گر جلوه گر يا خدا يا خدا!

ھن شاھڪار غزل جو ھر شعر پنھنجي ليکي شاعريءَ جي مڪمل دنيا آھي. ھن قسم جا ٻيا بھ ڪيترائي غزل آھن، جيئن تھ:

مضمر آھي گل يار جي غنچھ دھنيءَ ۾،

اسرار ھويدا ٿا ٿين خنده زنيءَ ۾.

طالب المولى پنھنجي محبوب جي خدو خال تي تمام گھڻو لکيو آھي، جنھن ۾ پاڻ نھ فقط ان کي سج ۽ چنڊ سان تشبيھھ ڏني اٿس، پر پنھنجي شاعريءَ ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾ شاعرانھ رنگ بھ ڀريو اٿس. جيئن:

وھوا شبابي سرخي وئي پنھنجو ڪم ڪري،

تنھن جي ڪري سفيد لڳي ٿو نقاب سرخ.

سندس اظھار بيان جي عظمت ۽ نزاڪت نھايت دلڪش آھي، مثال طور:

مون کي ڏسڻ سان دلربا زلفن ۾ منھن ڍڪيو،

سمجھھ تھ صبح ساڻ ئي اڄ سج لھي ويو!

شاعريءَ جو ذوق رکندڙ جڏھن ھي شعر پڙھندا تھ شاعر جي دلي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رھي ڪين سگھندا:

محبوب پنھنجي رخ مٿان لاٿو کڻي نقاب،

تارا بھ خنده زن ٿيا ماھھ تمام تي.

ھتي ديوان مان پنھنجي پسند جا چونڊ شعر پيش ڪريان ٿو:

اڳ ھئين در تان ڌڪيندو، اڄ خوشامد ٿو ڪرين،

ھاڻ شايد تنگ ٿي پئين پنھنجي ديوانن منجھان!

-

تون صنم ٻي ھر ڪنھن شيءِ کان پيارو ٿو لڳين،

پر فقط اي بيوفا، منھنجي وفا توکان وڌيڪ!

-

اڄ ايترو تھ دختر زر سرد مھر ھئين،

جو جام جي جبين تي پسينو اچي ويو.

-

ھڪ معترف گناھھ جو، ٻئي کي غرور زھد،

ڏسجي تھ ھو ٿو ڪنھن تي سزا ۽ جزا ڪري!

(سنڌ رويو: طالب المولى ڪارنر، آڪٽوبر ٢٠٠٤)

ارجن شاد

سنڌي غزل ۾ شيام ۽ اياز جي دين

موجوده دؤر ۾ سنڌي غزل بلوغت تي پھچي چڪو آھي. اسلوب جي خيال کان تھ ان جي ترقي بي مثل آھي، پر مواد جي لحاظ کان پڻ ان ڪئين ميدان طئھ ڪيا آھن. ھينئر ھر قسم جو موضوع غزل ۾ درج ٿيڻ لڳو آھي. خارجي حالتن جا اثر شعر ۾ ضرور ايندا، ۽ خود غزل ان کان پاڻ بچائي نھ ٿو سگھي. بقول ڊاڪٽر سدارنگاڻي: ”وقت جي رفتار سان ماڻھن جي زندگيءَ جا وسيلا، انھن جي ويچار ڌارا ۽ ادب ۾ اظھار جا طريقا، طرزون ۽ مضمون بدلبا رھن ٿا. دنيا ۾ فقط عشق ئي تھ نھ آھي، ٻيا بھ انيڪ مسئلا آھن. اڄ زندگي ھڪ ٺوس حقيقت آھي ۽ شاعر زندگيءَ جي تلخين ۽ ناڪامين کان فرار نھ ڪري، زندگيءَ ۾ رھڻ چاھين ٿا. البتھ ان جون تڪليفون، مصيبتون بيان ڪرڻ ۾ پٺتي نھ ٿا پون. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ واري ھر چيز، خاص طور انساني برادري، قوميت،  مزدور جي مفلسي ۽ عورت جي بيڪسي، سندن وڌيڪ ڌيان ڇڪڻ لڳيون آھن ۽ خاص نقطھ نگاھھ کان نرالي رنگ ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون. غزل ۾ نيون واٽون، نيون تشبيھون ۽ نيون ترڪيبون جڙنديون پيون وڃن ۽ اصطلاحن ۽ ڪناين کي بھ نيون معنائون حاصل پيون ٿين.“[1]

موجوده غزل گو شاعرن اھو چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آھي تھ غزل جو دائرو وسيع ٿيڻ کپي ۽ ان ۾ انساني زندگيءَ جو ھر پھلو داخل ٿيڻ گھرجي. ساڳئي وقت اھا ڳالھھ بھ ظاھر آھي تھ غزل داخلي جذبن جو ئي اظھار آھي. خارجيت بھ پنھنجا اثر داخلي جذبي جي رنگ ۾ رڱائي، پوءِ ظاھر ٿئي ٿي. سنڌي غزل بھ جدا جدا لھرن جي نشيب و فراز مان لنگھندو، اڄ انھيءَ منزل تي پھتو آھي، جتي ان جي انفرادي حيثيت پنھنجي پوري رنگ ۾ نروار ٿيل آھي.

سنڌي غزل جي تاريخ جو معائنو ڪرڻ سان، اھا ڳالھھ ظاھر ٿي بيھي ٿي تھ سانگيءَ واري طرز کان وٺي ھڪ يڪسان رفتار شروع ٿي ٿئي، جنھن کي عزيز (ليکراج ڪشنچند) ھڪ خاص امتياز ڏنو. عزيز جي ”آبشار“ ۽ ”صراحي“ مان انھيءَ جو مڪمل ثبوت ٿو ملي. عزيز فارسي ۽ عربيءَ جي طرز توڙي سنڌي طرز جي نشونما کي پنھنجن غزلن ۾ دلپذير نموني ۾ نمايان ڪيو. تغزل جي رنگ کي پوريءَ طرح قائم رکيائين. سندس غزلن ۾ زير اضافت توڙي ”و“ جو استعمال وسيع پيماني تي ڪيل آھي، پر تنھن ھوندي بھ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوتن ۽ ترڪيبن کي ھٿان نھ ڇڏيو اٿس.

ٻئي طرف (ڪشنچند) بيوس راھھ ئي نرالي ورتي ۽ غزل کي محض عشق محبت جي دائري مان ڪڍي زندگيءَ جي ٻين لھرن سان روشناس ڪرايو. البت ائين ڪندي ھن غزل جي تغزل بدران نظمي نوع اختيار ڪيو. بيوس غزل جي ٻوليءَ ۾ خاص ڦيرو آندو. ان ۾ ھڪ سليس لھجو پيدا ڪيائين، جنھن جا اثر موجوده غزل گو شاعرن ۾ بخوبيءَ نظر اچن ٿا. عزيز ۽ بيوس وارين ٻنھي مخالف طرزن جو ميل اسان کي موجوده غزل ۾ ملي ٿو. ضيا، خادم، ھري دلگير، پريو وفا، رام پنجواڻي، سڳن آھوجا، نارائڻ شيام ۽ اياز ۾ ٻنھي لھرن جو اھو وصل ظاھر ظھور آھي. ھن دؤر جي لڳ ڀڳ سڀني غزل گو شاعرن ۾ اھڙي قسم جي ارتقا جي تصوير ملي ٿي. دھليءَ مان شايع ٿيل ”غزل“ ڪتاب تي جيڪڏھن نظر ورائبي تھ ان صورت حال جو بخوبيءَ اندازو لڳائي سگھبو. ارجن شاد، موتي پرڪاش، ڪرشن راھي، واسديو نرمل، ايم. ڪمل، لڇمڻ ڪومل، ارجن حاسد ۽ لکميچند پريم جي غزل جون خاصيتون ان ارتقا جو دليل آھن.

غزل جي ٻنھي رفتارن کي شيام ۽ اياز ھڪ چشمي ۾ ملائي، غزل جي جمالياتي حسن جو لطيف ترين مثال پيش ڪيوآھي. سنڌي غزل جي تڪميلي صورت اسان کي انھن ٻنھي شاعرن ۾ شدت سان نظر اچي ٿي.

اياز نج سنڌي تلفظ، لب ۽ لھجي ۾ پنھنجو غزل پيش ڪندو ٿو اچي، ايتري قدر جو ھن کي سنڌ ۾ شاھھ لطيف کان پوءِ ھڪ نئين شاعريءَ جو باني ڪري تسليم ڪيو ويو آھي. اياز، دوھي ۽ غزل کي نئين جان عطا ڪئي آھي، بلڪ سندس ھٿن ۾ اِھي ٻئي صنفون ائين پيون لڳن، ڄڻ يڪ وجود آھن. شيام قديم غزل جي روايت کي قائم رکندو ٿو اچي، پر يا قديم ڪناين ۽ استعارن کي نئون رنگ ٿو ڏئي يا ماڳھين جديد ماحول مان تصويرون ۽ عڪس ٿو پيش ڪري. ھن جي شاعراڻي مصوري پنھنجي رنگ جي آھي، خاص ڪري سندس نازڪ خيالي دل تي نھايت گھرو ۽ زود اثر پيدا ڪيو ڇڏي. سوکيم جذبن جي ترجماني ڪرڻ جو کيس خاص فن عطا ٿيل آھي.

زندھھ شاعرن ۾ نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ گھڻي ۾ گھڻو غزل لکيو آھي. ھن پنھنجي غزل ۾ پارسي ۽ اردو غزل جي فڪر جي نوعيت، ھندي گيتن جي سنگيت جو رنگ ۽ سنڌي ڪافيءَ جي سرلتا جو انداز ھم آغوش ڪري ڇڏيا آھن. تنھن کان سواءِ ھن جي غزل مان ھڪ بلڪل نئين قسم جي ڪلاسيڪي طرز ادا ظاھر ٿئي ٿي، جا سنڌيءَ ۾ ھڪ يگانو مثال آھي. جيئن:

مرڪ راحت کي جنھن ڏني ھوندي

درد ۾ دل سندس ڀني ھوندي!

پيار دل ۾، نھ سونھن دنيا ۾،

شمع ھوندي تھ روشني ھوندي!

ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي،

چنڊ تي صرف چاندي ھوندي؟

غم تھ غم پر خوشي بھ ھيڪاندي،

حد ٿيڻ کان ئي دل ڊني ھوندي!

سواس تنھنجو ڇا شيام اکڙيل آھھ؟

پيار جي تند ڪنھن ڇني ھوندي؟

. . . . . .

رات بيشڪ اماس جي آھي!

ڇا تھ اونداھھ تڙي پئي آھي!

جيڪي مون پئي ڏسڻ گھريو ڪنھن ۾،

تو ۾ ان جي جھلڪ ملي آھي!

جن کي تنھنجي چپن ڇھيو نھ ڪڏھن

تن چپن تي ئي شاعري آھي!

شيام چريو سڪل پنن ۾ بھ ٿي

ڇا ھوا صبح جي لڳي آھي!

. . . . . .

ڪري جا وڄ ھئي اڀ مان، وئي ڌرتيءَ ۾ پيھي،

پر لڳي جا آگ گلشن ۾، اڃا تائين ٻري پيئي!

شيام جي طرز ادا جون رنگينيون اھڙي نموني ۾ تھ ھڪ ٻئي ۾ ڳتل آھن، جو ان مان سندس ڪلاسيڪي رنگ جو نمونو ظاھر ٿئي ٿو. ھن سنڌيءَ جي متروڪ اصطلاحن کي نئين انداز ۾ پيش ڪري، منجھن نئين جان ڀري آھي:

ھوا لڳندي ڪليون ٽڙنديون تھ پوپٽ ڦڙ ڦڙائيندا،

دليون لڇنديون، پري سان پنکڙين جي پاند لڳندي ئي!

’پاند لڳڻ‘ جي محاوري کي ھن نئون رنگ بخشي ڇڏيو آھي. شيام جي غزل ۾ اھڙي قسم جا ڪئين مثال ملندا. ھن جي طرز ادا ۾ مصوريءَ جو انداز ھر ھانڌ نظر چي ٿو. انھيءَ خوبيءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ شيام جو طريقو بھ نرالو آھي. ھن جي عڪاسيءَ جي انوکائيءَ جو ھيٺين بيتن (بندن) مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو:

آواز رنگ لاتو ورتي خيال صورت

ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر جي تات چمڪي!

آڌيءَ سمي اچانڪ جرڪي پئي خموشي!

اِئن مسڪرايو تارن اي شيام، رات چمڪي!

”آواز رنگ لاتو“، ”خيال صورت ورتي“، ”ڏات چمڪي“، ”تات چمڪي“، ”خموشي جرڪي پيئي“ ۽ ”تارن مسڪريو“- انھن عڪسن جو ميلاپ، اسان جي جمالياتي احساس تي جادوءَ جو اثر ڪري ٿو. اھڙي قسم جي ٽيڪنيڪ اسان کي شيام جي تقريبا ھر غزل ۾ ملي ٿي. انھيءَ ٽيڪنيڪ جي مدد سان شيام رمزيت ۽ اشاريت جي خصوصيت جو بھ دلڪش استعمال ڪيو آھي. سنڌي غزلن ۾ شيام جي ”رمزيت ۽ اشاريت“ جي وصف بھ ھڪ انوکو مثال آھي، جو فقط شيام تائين محدود آھي ۽ سندس شاعراڻي عظمت جي ساک ڀري ٿو.

شيخ اياز جي شروعاتي غزل ۾ پارسي ترڪيبن جو اثر نمايان آھي، پر جلدي ئي ھن پنھنجي غزل جو رنگ مٽائي ڇڏيو ۽ حقيقت ۾، ان ۾ ھڪ قسم جو نئون انقلاب آڻي ڇڏيائين؛ ايتري قدر جو ھن پارسي بحر وزن جي استعمال کي بھ گھٽائي ڇڏيو آھي ۽ غزل ”ماترائن“ جي حساب موجب لکي ٿو.

اياز جا اھڙي قسم جا غزل پارسي وزن جي ”فعلن فعلن. . . .“ تي بھ اتري اچن ٿا، پر جيئن تھ اياز غزل جو سڄو سنڌي ٺاٺ ڏيڻ چاھي ٿو، ان ڪري ان مان اِھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو تھ ھن شعوري طور سنڌيءَ جي ڪافي، وائي ۽ ڏوھيڙي جي گھاٽ جو نمونو اختيار ڪيو آھي:

پويون پھر، جدائي، جاڳ

اڀ ۾ چندرما، جي آڳ!

آس – اسونھان، رڻ ۾ رات،

گھايل گھوڙا، بيوس واڳ!

جھاڳي آئي جيون – ناؤ،

ڪيئي ڪارونڀار اجھاڳ

پھتا نيٺ ڪلالن – ڪوءِ،

ڀٽڪي ڀٽڪي منھنجا ڀاڳ

تنھنجي ماندي باندي آءٌ،

امرت اوت، مئي جا ماڳ!

ولھھ ۾ ويڻا ڇيڙ ”اياز“

ڀنڀٽ بڻبا تنھنجا راڳ!

ماترائن جي حساب وارن غزلن جا بھترين مثال اسان کي دلگير ۽ شيام وٽ پڻ ملن ٿا. اھا لھر سنڌي غزل ۾ ھڪ نئين لھر آھي. انھيءَ وصف سان گڏ سنڌي قافين، سنڌي محاورن، سنڌي ترڪيبن، سنڌي تشبيھن ۽ استعارن جي استعمال، ۽ سڀ کان مٿي سنڌي ريتن رسمن ۽ سنڌي رھڻي ڪھڻي وغيره جي تصويرن، غزل جي ٺاٺ کي بلڪل بدلائي ڇڏيو آھي. اياز، پارسي علامتن لاءِ پنھنجا سنڌي لفظ چونڊيا آھن ۽ ان ريت تغزل جي مفھوم ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو اٿس. مٿئين غزل ۾ ’ساقي‘ جي بجاءِ ’ڪلال‘ لفظ ڪتب آڻي ٿو. اھو نمونو پھريائين اسان کي سچل سرمست جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر اياز ان جو وسيع پيماني تي استعمال ڪيو آھي.

سنڌيءَ جي قديمي محاورن کي جنھن نموني اياز نئين رنگينيءَ ۽ لطافت سان پيش ڪيو آھي، سو ڏيکاري ٿو تھ اياز بھ پنھنجي لاءِ شيام وانگر ڪلاسيڪي لھجو تيار ڪيو آھي، پر ھن جي ان لھجي ۾ سنڌيءَ جو نج رنگ باڪمال اڀري بيٺو آھي. اياز اِھو ڪرشمو ڪري ھڪ طرف سنڌي غزل جي نوع ۾ انقلابي تبديلي آندي آھي تھ ٻئي طرف سنڌي غزل کي ھڪ انوکو اسلوب- بيان عطا ڪيو آھي. اياز صحيح طور لکي ٿو:

سنڌڙيءَ کي سيباءِ، اياز

پنھنجو گيڙو ويس غزل.

(”سنڌي غزل“ ڪتاب تان)

واسديو نرمل

غزل ۽ ”شيام“

لغت ۾ غزل جي جيڪا معنى ڏنل آھي، اھا آھي: ”عشقبازي ڪرڻ يا زالن سان گفتگو ڪرڻ.“ غزل جو جنم عربستان ۾ ٿيو؛ اتان اھو ايران ويو، جتان سفر ڪندو ھندستان ۾ وارد ٿيو. شروع شروع ۾ قصيدي جي شروعاتي حصي (تشبيب) ۾ سرپرست جي ساراھھ جا ڍڪ ڀريا ويندا ھئا. ان تشبيب ئي اڳتي ھلي ھڪ الڳ صفت- سخن غزل جي صورت اختيار ڪئي. ٻين لفظن ۾، قصيدي جي وڻ مان قلم ڪري ڌار لڳايو ويو.

سو چئبو تھ حسن ۽ عشق غزل جا شروعاتي موضوع آھن، جيڪي اڄ تائين بھ غزل جا موضوع آھن. اھو ئي سبب آھي جو ڪي نقاد غزل جي خلاف شڪايت ڪندا آھن. پر بقول فراق گورکپوري (مشھور اردو شاعر): ”جھڙيءَ طرح انفرادي ۽ اجتمائي حيات کي صحيح عمل جي ضرورت آھي، اھڙيءَ طرح ان کي صحيح معنى ۾ عشق جي بھ ضرورت آھي، ۽ حسن ۽ عشق جي معنويت جي ترجماني جنھن لطيف انداز ۽ جنھن نشتريت سان غزل ۾ ٿي سگھي ٿي، اھا ٻيءَ ڪنھن صنف- سخن ذريع نھ ٿي ٿي سگھي. . . . ازان سواءِ حسن ۽ عشق نھ صرف غزل جا بلڪ تمام دنيا جي ادب جا اھم جزا پئي رھيا آھن، اِن ڪري نھ اھي محدود ٿي سگھن ٿا ۽ نھ فرسوده.“


[1]   ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي: ’غزل‘ جو مھاڳ، ص 11

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org