ازل کان ھلي ڳالھڙي تنھنجي منھنجي
حياتِ بشر ھڪ گھڙي تنھنجي منھنجي
زماني کان رھندا ھميشھ نرالا
خدا تنھنجو منھنجو، خودي تنھنجي منھنجي
ڀري ٿو ڀونر روز سورج مکيءَ تي
چمن ۾ ھلي عاشقي تنھنجي منھنجي
پيو چنڊ جنھن کي اڃا تائين ڳولي
ڪٿي آھھ سا راتـڙي تنھنجي منھنجي!
محبت تھ آبِ حيات آھھ پيارا
ٻجھي ڇو نھ پو تشنگي تنھنجي منھنجي
محبت ”اياز“ آھھ زنجير، تنھن کان
چڱي آھھ آزادگي تنھنجي منھنجي
ß
ڪري ڪير ٿو ھي، پکن مان پڪارون
نھ منھنجو ملير آ، نھ ڪي منھنجا مارون!
رھي گونجندي ڪوڪ ڪائي فضا ۾
اڏامي ويون ڪونجڙين جون قطارون
ورھھ تنھنجي وستي ورھيھ ٿيا وساڻي
کڻي چڻنگ چوليءَ ھليو ڪير پارون؟
وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سھاري
نھ ترھو ئي تاڻيو، نھ ڪي آھيون تارون
”اياز“ ان سبب مي پرستي ڇڏيندو؟
ميان، تون بھ ڪنھن کي ڏئين ٿو ميارون!
ß
پرينءَ سان پکا ڪير ويھي اڏي
گھڙي لئون لڳائي ھلون ٿا لڏي
جھڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾
اڙي جيءُ آئين اسان جي تڏي
اتر کان اچي ٿي اٺي جي ھوا
ڀري آ، ڀري آ، نصيحت نھ ڏي
ميان، ڪير مي جون ميارون سھي
اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي، ڇڏي
نھ ٿيندي نھ ٿيندي محبت فنا
ھلي آ، ڀلي ويھھ گوڏو گڏي
”ِڀٽائي“ بھ ھو ميڪدي ۾ ”اياز“
ڏنائين پئي مي، اسان کي سڏي
ß
اکيون عاشقن جون اڃايل اڃايل
دليون درد واريون، دکايل دکايل
ھئي جاه و دولت جي ڪوڙي ڪھاڻي
جھان ۾ رھيا نينھڙا ڪجھھ نڀايل
خبر ناھھ اي دور تاريخ ڪيسين
اڃا خون انسان جو رھندين اڃايل
ڪٿي آنھھ ابر ڪرم تون ڪٿي آنھھ؟
اڙي ڏس تھ چھرا سڪايل، سڪايل!
ڪڏھن ھاءِ ڏسنديون نظام محبت
اکيون آس واريون، سڪايل سڪايل
ملن ئي نھ ٿا اڄ تھ پيرا پنھونءَ جا
ڪٿي آھھ ھو ڪيچ، اي منھنجي آيل؟
ڪڏھن منھنجي خامين بنا ڏس تھ دنيا
سوين تو ۾ خوبيون ھزارين خصايل
ß
حسين ھن جھان ۾ ڇا ڇا ھيا!
ڏٺوسي چتائي تھ پاڇا ھيا
ڇڻي گل ٿيا نيٺ خاڪ چمن
اھي رنگ و بو اي خدا ڇا ھيا؟
ربابِ شڪستھ، ٻڌائينم ھا
اھي نغمھء دلربا ڇا ھيا!
جي منزل ھئي واديء تيرگي
تھ ھو ماه و انجم ڀلا ڇا ھيا؟
ھيا خوب نقش و نگار حيات
مگر ڇا ھيا، ڇا ھيا، ڇا ھيا
ھوائون، گھٽائون، فضائون، بھار
الا ڇا ھيا سڀ، الا ڇا ھيا!
وفائون جفائون، ادائون حيا
ڪرشما ھيا خاڪ جا، ڇا ھيا!
ھيا نقش پا ھن سفر جو ثبوت
مگر نقش پا! نقش پا ڇا ھيا؟
”اياز“ اڄ جدائيءَ ۾ سوچيو پئي
ملاقات جا ولولا ڇا ھيا!
(
ھوءَ
عشق
و محبت جي دنيا،
گذري
بھ
وئي گذري
بھ
وئي
آ
ياد
جنھن
جي
باقي،
سا گذري
بھ
وئي گذري
بھ
وئي
اڄ
ياد
اوھان
جي
آئي
يا
ھر
شيءِ
تي
ڇايو
نور
مٺا
يا صحن چمن مان باد صبا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي
ھاڻي تھ لھي ويو آ دريا، جنھن ڪشتي ڪشتي ڪئي پاره
اي ھمسفرو، ھوءَ موجِ بلا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
محفل نھ رھي، ساقي نھ رھيا، پيالا نھ رھيا، پياسي
نھ رھيا
اي شمع سحر، ڇا رات اھا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي
سا رات نھ آ برسات نھ آ، سا تن ۾ ڪنھن جي تات نھ آ
او ديوانا، او ديوانا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي
ڪي ڏينھن ھيا جو نينھن ھيا، جو ڪنھن جي سونھن
ورونھن ھئي
نھ رھي، نھ رھي، نھ رھي، او الا، گذري بھ وئي گذري
بھ وئي
نھ رھي سا ڪيف و سرمستي، آ سرد محبت جي بستي
اڄ مي ۾ ناھي سا معنى، گذري بھ وئي گذري بھ وئي
اي ابر ڪرم، تنھنجا سائل توڏانھن تڪيندي رھجي ويا
بدلي نھ ھوا، ڇائي نھ گھٽا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
ڪنھن ڪانھ ٻڌي ڪنھن ڪانھ ٻڌي، توڙي ويو عرش و فرش
لڏي
ڪنھن جي دل مان نڪتي بھ صدا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
ھيءَ دنيا آھھ سراءِ پرين، آياسي پل جي لاءِ پرين
ھر چيز ھتان جي پيار سوا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي
جيڪا بھ گھڙي توسان گذري، آ ياد انھيءَ جي پيار
ڀري
مان ڪيئن چوان منھنجا پيارا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
اي دوست، بھار وري گل ڪيا، جھڙ ڇايا، پيمانا ڇلڪيا
ھوءَ باد خزان بھ رھي نھ سدا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
ڏک گھوري مون سک ورتا ھا، ڪنھن پياري جا، جڳ ساري
جا
پڇ ئي نھ ”اياز“ اِھي ڏکڙا، گذري بھ وئي گذري بھ
وئي
ß
شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منھنجي
ڪٿي آھين اڙي او روشني، او روشني منھنجي!
صدين کان روح آ ڀٽڪيو، پئي تنھنجي تمنا ۾
الائي ختم ٿيندي يا نھ، ھيءَ آوارگي منھنجي
ائين ڇو دور ۽ مجبور آھيون گرچھ ڄاڻون ٿا
تھ مان ھان زندگي تنھنجي ۽ تون آن زندگي منھنجي
سوين فانوس دنيا ۾، جلايا ويا وسايا ويا
اھائي روشني منھنجي، اھا ئي تيرگي منھنجي
خدا معلوم تنھنجي آستان تي ڪير ٿو پھچي
مگر ديرو حرم جي ڏس نھ ڪئي ڪا رھبري منھنجي
”اياز“ اڄ آسمان ۾
ڪونجڙين جي قافلن کي ڇو
سڪوتِ شام ۾ ڏسندي رھي بيچارگي منھنجي
ß
محبت جا اوھان کان راز، جي ھردم ڇپاياسي
ڪياسي شعر ۾ ظاھر، سڄي جڳ لاءِ ڳاياسي
ٽڙياسي دامن صحرا تي، خوشبو ئي اجائي وئي
خدا معلوم ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نھ ڄاياسي
ازل کان ڪائي جوي عشق، پئي ڇوليون ھڻي، جنھن ۾
ڪئي سي ڪشتيء دل چور، لڙھندا پار آياسي
ڪڏھن ايندءُ اڏامي، جو اکيون آسائتيون ڏسنديون
اوھان جي ياد سان ھي سرد آکيرا وساياسي
خدا معلوم ھن کي جستجو، ڪنھن چيز جي آھي
نھ آيو چين ڪو دل کي، سوين حيلا ھلاياسي
مليو اھڙو نھ ڪوئي ھمسفر، جيڪو ٻڌائي ھا
وڃون ڪيڏانھن ٿا بي خود، ھتي ڇا لاءِ آياسي
محبت ھئي، تمنا ھئي، جواني ھئي، حياتي ھئي
”اياز“ احساس ڪنھن بيحس، حسين تي ڇو وڃاياسي
ß
نھ ماھتاب، نھ ھو آفتاب آ، سائين!
مگر ”اياز“ ڪيو انتخاب آ، سائين!
اسان جي روح ۾ جنھن جي نفيس خوشبو آ
اھو بدن بھ مثال گلاب آ، سائين!
اسان سوال ڪيو ھو خدا بھ آھي ڇا؟
اوھان جو حسن انھيءَ جو جواب آ، سائين!
اوھان جو شوق بجا نغمھء مسرت ليءِ
اسان جي دل تھ شڪستھ رباب آ، سائين!
اھو ”اياز“ وڏو بي حجاب آ، جنھن ھئن
رخِ حيات ڪيو بي نقاب آ، سائين!
ß
مان نھ نڪتو ھوس، ڪنھن محتاج ٻاڏايو ھيو
ڪنھن چيو ٿي، ڪلھھ سندءِ در تي خدا آيو ھيو
بارھا مون ھن سفر ۾ راءِ بدلائي ھئي
بارھا ھر رھنما کان جيءُ گھٻرايو ھيو
اي خوشي، تون زندگيءَ ۾ ڪيترو اڻ- لڀ ھئينءَ!
مون تھ سارو وقت غم سان جيءُ بھلايو ھيو
زندگي آ جستجو ۽ جستجو آ زندگي
ڄڻ تھ پائي مون پرينءَ کي پوءِ پڇتايو ھيو
ڇانو ڪڪريءَ جي ھئي، کن پل خوشي پنھنجي ”اياز“
ھاءِ ترسايو ھيو جنھن، پر نھ برسايو ھيو
(
اسان
سمجھيو
تھ
وندرايون
پيا
ٿا
روح
کي
کن پل
نھ
ايندو
چين
ھِئن
تو
بن، ھئي اھڙي نھ ڪنھن کي ڪل
کڻي آيون وري ھو ياد، ڪنھن گذري محبت جي،
اوھان جي پار جون ھيرون، اوھان جي ديس جا بادل
اسان کي ڪا شڪايت ناھھ، تنھنجي بيوفائيءَ جي
مٺا سائين! مٺا سائين! تون سڏڪا روڪ، ڳوڙھا جھل
بھار جي خزان آھي، اوھان جي حسن جي دنيا
حياتِ جاودان آھي، اسان جي عشق جو پل پل
ß
نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو
نھ ھو قفس آ نھ آب دانو، اڏام ساڳيو نھ آ زمانو
ازل ادب سمجھھ ۾ نھ ايندو، نھ سمجھبو آھھ ڇا زمانو
اچو تھ بدلائجي زمانو، اچو جوانو، اچو جوانو
ھتي سوين رند روز آيا، نوان نوان دور جن ھلايا
نھ آھھ قدرت ڪڏھن بھ خالي، کليو پيو آ شراب خانو
صديون جھلڪ ليءِ جھڪي ڪيا تو ھزار سجدا، نھ
سمجھندين تون
نگار کان بي نياز آھي، ائين ھلي ٿو نگارخانو
”اياز“ ڪنھن جي سرود سان رات، روح ۾ تازگي اچي وئي
ٿيو فلڪ تي وري ستارن جو جھومندو قافلو روانو
ß
(وڌيڪ پڙهو) |