پروفيسر رشيده ڀٽي
(حصو پهريون)
رت جي
آکاڻي
پڙهڻ ۾ مٿيان لفظ جيترو آسان آهن، اوتروئي رت جي
متعلق سربسته احوال، يعني آپ بيتي، هڪ نهايت ڏکي،
پيچيده ۽ مرحليوار ڪهاڻي آهي. رت جي ”اهميت“ ۽
سندس ڪارڪردگيءَ کان ڪير به اِنڪار نٿو ڪري سگهي.
پيدائش جي عمل کان وٺي، مڪمل ٿيڻ تائين، سندس مڪمل
۽ نارمل، جوڙجڪ، شڪل و صورت نهايت ئي ضروري عمل
آهي. اِن دوران ٿوري به گهٽ وڌائي، توڙي، شڪل و
صورت، پيمائش يعني سائيز ۾ ننڍ وڏائي، وغيره به
تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. رت هڪ ”عضوي“
طور نهايت اهم عضوو آهي، جنهن جا ذيلي حصا به
نهايت اهم ڪم ڪار سرانجام ڏين ٿا. ”رت“ ۽ اُن جون
بيماريون پڙهڻ ۾ جيترو آسان لڳي ٿو، اوتروئي تمام
پيچيده ۽ هزارين قسم جون ”پيچيدگيون“ منجهس موجود
هونديون آهن. هڪ ننڍي کان ننڍڙو پروٽين جو
ماليڪيول به جنهن کي ”گلوبن“ سڏجي ٿو، سو به نهايت
هزارين پيچيده مسئلن کي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي
ويندو آهي. تفصيلي جائزي وٺڻ کان اڳ اسان رت متعلق
ڪجهه عام لفظن جي استعمال تي پنهنجي موضوع کي
تَمَت باالخير چونداسين، مِثل مشهور آهي ته ”رت
دانگيءَ تي به وري“
رت جا رشتا ته رت جا آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڇِڪ ڪن.“
”آخر رت ته رت آهي، ڪٿي نه ڪٿي ڇِڪ ايندي.“
اسان هتي انساني جسم اندر موجود مختلف عضون ۽
اُنهن منجهه موجود مختلف ”رطوبتن“ ۽ ”پاڻياٺ“
متعلق ذڪر ڪنداسين. جيئن ته علم حياتيات، هڪ بي
انتها وسيع سمنڊ جهڙي وسعت رکي ٿو، انڪري هتي اسان
انساني جسم اندر موجود مختلف پاڻياٺن ۽ اُنهن ۾
موجود مختلف جيوَگهرڙن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. سڀ
کان پهريان اسان شروع ڪنداسين رت جي ڳاڙهن جزن
يعني جيوَگهرڙن جي آکاڻي.
رت اندر موجود ڳاڙهن جزن، جيوَگهرڙن جي آکاڻي
رت جي ڳاڙهن جزن کي،
”ريڊ بلڊ سيل“
(Red Blood Cells) سان گڏوگڏ،
”ريڊبل“
(Red Bull) به سڏيو وڃي ٿو. بذاتِ
خود هي جيوَگهرڙا، شفاف بغير رنگ جي هوندي به رت
کي ڳاڙهي مائل رنگت (Red Color)
ڏيندا آهن، جنهن جو ڪارڻ منجهن موجود هڪ خاص قسم
جي پروٽين (لمحيات) آهي. جنهن جو احوال اڳيان هلي
پيش ڪيو ويندو. مختصراً في الحال نالو ٻڌائجي ٿو،
هيموگلوبن (Hemoglobin) ،
جنهن جي ڪري جيوَگهرڙا سرخي مائل ڳاڙهو رنگ پيش ڪن
ٿا. رت (Blood) ڇا آهي؟
مختصر جواب آهي، اهڙي گهاٽي پاڻياٺ (رطوبت) جيڪا
(مجموعي
طور تي مختلف جزن، جيوَگهرڙن تي مشتمل، پاڻياٺ) جو
نالو آهي، جيڪا مسلسل پنهنجي نالين اندر، بنا رڪجڻ
جي هر وقت وهندي رهي ٿي ۽ انساني زندگيءَ جي زندهه
رهڻ جو دليل بڻجي ٿي. منجهس موجود ٽن قسمن جا
مختلف جزا،
جن جا نالا ترتيب وار آهن، (ڳاڙها جزا، اڇا جزا ۽
پليٽيليٽس)،
ترندا رهن ٿا ۽ پنهنجي خاص مقدار ۾ خاص قسم جا ڪم
سرانجام ڏيندا رهن ٿا. انساني زندگيءَ ۾ انهن جزن
جو ڪيتريقدر، اهم ڪم آهي، ان کان اڄ جو انسان
بخوبي واقف آهي، ڀلي اُهو سائنس جي علم سان واسطو
رکندڙ هجي يا نه؟ پر، هر ماڻهو علاج دوران،
ليبارٽري جي رپورٽس پڙهندي ۽ سمجهندي تقريباً، رت
اندر موجود هر قسم جي جزن، پروٽين ۽ ٻين معدنيات ۽
وٽامنس، سڀني جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري وٺي ٿو.
انسان جي زندگيءَ ۾ اُنهن رت جي جزن جي اهميت،
ڪيتريقدر اهم آهي ۽ ڪهڙو ڪردار آهي. اچو ته اسان
ٿوري گِهري نظر وجهون. ڪم ڪار جي لحاظ سان مختلف
”جزن“ جي، مختلف شڪل شبيهه آهي. عام طور تي، ڳاڙهو
جزو، ڏسڻ ۾ ڊسڪ وانگر ۽
محدب
بلور وانگر نظر ايندو آهي. پر مجموعي طور تي جڏهن
اسان مائيڪرواسڪوپ ۾ سلائيڊ تي رکي ڏسنداسين ته،
اسان کي پاڻياٺ ۾ ترندڙ گول گول نظر ايندا، جيڪي
صاف شفاف بلور وانگر سِيرم
(Serum) ۾ ترندا رهن ٿا. هي
ننڍڙا رت جا جزا،
سڄي جسم جي اندر سفر ڪندا رهن ٿا. سفر جو رستو،
اُهي خون ناليون آهن، جن کي اسان رت جون ناليون، (شريانيون،
نسون ۽ ڪِيپلريز ڪري سڏيون ٿا) جيئن ته ان خون جي
نالين جي اندران
سفر ڪندي، فشار خون (بلند
درجو)
خون جي نالين جي مزاحمت يعني رڪاوٽ ۽ رت نالين جي
ننڍڙين ننڍڙين ڪيپلريز
(Capillaries) جي گهڻي تعداد هجڻ
باعث سفر دوران رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. مائيڪرو اسڪوپ
جي ايجاد کان پوءِ جيئن ته ٻين جزن متعلق به
مطالعو شروع ڪيو ويو، ساڳي وقت رت (خون) اندر
موجود مواد (Material) تي
به غور و فڪر ڪيو ويو.
هڪ ماهر طبيعيات
جان سويمر ڊيم،
(Jan Swammerdam)،
1678ع
۾ رت جي ڳاڙهي جزي کي دريافت ڪيو ۽ دنيا ۾ متعارف
ڪرايو. ان کان پوءِ وڌيڪ تفصيلي مطالعو شروع ٿي
ويو. رت جي جزن جو رت اندر مخصوص رستن، يعني نالين
اندر سفر به هڪ خاص نظام تحت شروع ٿي وڃي ٿو.
وهڪري جو ڄار به صرف نالين سان وابسته آهي، پر سڀ
کان پهريان بحيثيت عضوي جي دِل وٽان رت
جي
وهڪري کي شروعاتي سگنلز ڏنا وڃن ٿا ۽ رت
جا
جزا پيدا ٿيڻ بعد جڏهن بالغ ٿين ٿا ته فوري طور تي
رت جي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آتا هجن ٿا. بس رت
اندر شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ڌِڪي جي ضرورت پوي ٿي،
جيڪا ”دِل“ پنهنجو فرض سمجهي پورو ڪري ٿي. دِل اصل
۾،
تِرڪندڙ، لسي، ڏاڪڻ جو ڪم ادا ڪري ٿي ۽ اِهڙو ته
زوردار ڌِڪو لڳائي ٿي،
جو وري ٻيهر دِل تائين اچي رسن ٿا. ان سفر جي
آکاڻي اچو ته ڏِسون ته ڳاڙها جزا پاڻ ڪيئن بيان ڪن
ٿا.
رَت اندر مان ڳاڙهي جزي جي نالي سان مشهور آهيان،
جڏهن ته اصل ۾ مان صاف شفاف بلور وانگر چمڪندڙ،
بغير رنگ جي آهيان،
پر منهنجي اندر جيڪا لمحيات (پروٽين) موجود آهي،
اُن جي مرهونِ منت مان ڳاڙهو نظر اچان ٿو. رت عضوي
بون ميرو
(Bone marrow) جيڪو رت ٺاهيندڙ عضوو آهي، اُن ۾
جڏهن آءٌ بالغ ٿيان ٿو ته پوءِ هِڪ منٽ به پنهنجي
وهڪري کان پري نٿو رهان ۽ فوري طور تي دِل جي
ترڪندڙ ڏاڪڻ وٽان، تِرڪي ڪري رت ۾ شامل ٿي وڃان ٿو.
اِهو عمل ايترو جلدي ٿئي ٿو،
جو اُن کي ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. بهرحال هڪ دفعو
دِل وٽان ڌڪو کائي، وهڪري ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ وري ٻيهر واپس اُن تائين پهچڻ به هڪ ڏکيو مرحلو
آهي ۽ بمشڪل واپس اچي پهچان ٿو. جيترو اِهو سِڌو
رستو، توهان کي نظر اچي ٿو،
اِيترو آهي ڪونه؟ ڇو ته دِل ۽ جسم جي درميان ئي
گهمندو رهان ٿو. مون کي پنهنجي دورِ
حيات ۾ هر دفعي ڦڦڙن جي اندر،
چڪر لڳائي ڪري گيسز
(Gases) جي مٽاسٽا ڪري
(Exchange of Gases)واپس دِل ڏي موٽڻو هوندو آهي. ۽ وري واپس
جسم ڏي موٽڻو هوندو آهي. هاڻي توهان کي مان پنهنجي
ڪم جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. منهنجي اندر ۾ هڪ رنگدار
لمحيات هيموگلوبن
(Hemoglobin) پروٽين هوندي آهي. هن هيموگلوبن ۾ لوهه،
(Iron)، جو هڪ گروپ موجود هوندو آهي. هيءَ پگمينٽ
(Hb, Pigment) ڦڦڙن منجهان، آڪسيجن کڻندو آهي ۽ پاڻ سان گڏ، ساٿي بڻائي ڪري سفر لاءِ روانو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح
جسم منجهان واپسي تي ڦڦڙن کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ
آسانيءَ سان بهم پهچائيندو آهي، جيڪڏهن اسان سيل (خلئي)
جيوَگهرڙي
(Cells)
جي طاقت،
(Energy) جي ڳالهه ڪريون ته خلئي کي طاقت لاءِ
خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا اسان روزانو
کائيندا آهيون ۽ ان رت (خون) جي ذريعي،
سيلز
(Cells)
خلين تائين پهچي ٿي. ٻي اهم شيءَ جيڪا هن خوراڪ
منجهان طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي،
سا آهي آڪسيجن
(Oxygen).
جيوَگهرڙي کي خوراڪ يعني غذا ۽ آڪسيجن ساڻ هجڻ جي
نتيجي ۾ طاقت (انرجي) سان گڏوگڏ، اضافي گئس ملي ٿي، جنهن کي ڪاربن ڊآءِ آڪسائيڊ چيو وڃي ٿو.
هيءَ اضافي گئس رت جي ڳاڙهن جزن جي مدد سان، واپس ڦڦڙن جي طرف موڪلي وڃي ٿي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. رت جي ڳاڙهن
جزن کي ٺاهڻ لاءِ، ڪارخانو، قدرت واري هڏن جي گودي
اندر
(Bone marrow) ۾ رکيو آهي. رت جي ڳاڙهن جزن کي ٺهڻ واري عمل کي اسان اِريٿرو پوئيسز
(Erythropoiesis)
چوندا آهيون. جيڪو هڪ خاص هارمون (رطوبت) نالي ايروٿرپوئيٽن (Erythropoietin)
جي زير اثر،
پنهنجا ڪم سرانجام ڏيندو آهي. هيءَ رطوبت (هارمونز)،
غدود وڌيڪ فعال ٿي ويندا آهن، جڏهن اُنهن جي وڌيڪ
ضرورت پوندي آهي، يعني ته رت جي ڪمي واري صورتحال
جي دوران هي هارمونز وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن.
اِنڪري ئي پهاڙي علائقن يعني گلگت بلتستان وغيره
تي رهندڙ انساني آبادي سرخي مائل رنگت جي هوندي
آهي، ڇو ته بلنديءَ
تي هوا جو دٻاءُ گهٽ هجڻ ڪري، آڪسيجن تمام گهٽجي
وڃي ٿي. اِنڪري ميداني علائقن
جي ماڻهن جو به ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي. ان آڪسيجن
جي گهٽجي وڃڻ واري عمل جي ڪري،
جسم جي اندر بڪيون (غدود) پنهنجو ڪم تيزيءَ سان
ڪرڻ شروع ڪنديون آهن، جنهن ڪري ڳاڙها جزا ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن. مقامي ماڻهن جي
رنگت ۾ به تبديلي نظر ايندي آهي ۽ اُنهن جو ساهه
به گهٽ ٻوساٽجندو آهي.
هڏي جي گودي اندر ٺهندڙ ڳاڙها جزا، ستن ڏينهن بعد
بالغ ٿين ٿا ۽ اُنهن کي ريٽيڪلوسائيٽ سيلز
(Reticulocytes Cells)
جو نالو ڏنو وڃي ٿو. رت ۾ باقاعده شامل ٿيڻ جي تقريباً 24 ڪلاڪن جي اندر، هي رت جا جزا پنهنجي ڪم جي لحاظ کان مڪمل طور تي فعال
ٿي ويندا آهن، پر اُنهن ۾ نيوڪليئس موجود نه هوندو
آهي. اُهي جانور جيڪي پنهنجن ٻچن کي کير پيئارن ٿا،
اُنهن جي ڳاڙهن جزن ۾ نيوڪليئس موجود نه هوندو آهي،
پر ”اٺ“ اندر اِهو موجود آهي. ڳاڙهن جزن جي ڪل عمر
120 ڏينهن ٿئي ٿي. ان دوران ئي جسم جي اندر تقريباً
75 هزار چڪر مڪمل ڪري وٺن ٿا. پنهنجي محدود زندگيءَ
۾ اُهي جسم جي ٻين خلين کي زندهه رکڻ لاءِ آڪسيجن
مهيا ڪن ٿا ۽ خدمت ۾مصروف رهن ٿا. هو پنهنجي سموري
زندگي ٻين کي زندهه رکڻ جي جاکوڙ ۾ گذارين ٿا.
اسان کي به رت جي ڳاڙهن جزن کان سبق سکڻ گهرجي.
اُنهن وانگر ٻين جي آرام ۽ زندهه رکڻ لاءِ محنت
ڪرڻ گهرجي، جن جو مقصد صرف ٻين جي خدمت ڪرڻ آهي،
جيئن ته انهن جزن (خلين) اندر نيوڪليئس نه هوندو
آهي، ان ڪري نه
ئي
اِهي پنهنجي اندر پيد اٿيندڙ خرابيءَ کي دور ڪري
سگهن ٿا ۽ نه ئي وري نوان جزا بڻائي سگهن ٿا.
پنهنجي مدت پوري ڪرڻ وارا خليا جيوَ گهرڙا، سيلز، جگر (Liver)، تِري
(Spleen) يا لمفائڊ جي جڳهه تي رت جي سفيد ڳوڙهن جي صورت ۾ پاڻ کي گل مِثل پاش پاش
ڪري ڇڏين ٿا. رت اندر رت جي ڳاڙهن جزن جو ٻن حصن ۾
ورهائجي وڃڻ به ڪنهن حڪمت کان خالي نه آهي. هڪ حصو
هيم
(Haem) (آئرن سان ڀرپور) ۽ ٻيو گلوبن پروٽين ۾
الڳ ٿيڻ به ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. اِهي
ٻه ضروري حصا وري اندر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ٿا ۽
ناڪاره حصو خارج ٿي وڃي ٿو. ويچارا معصوم ڳاڙها
جزا، جسم جي
اندر،
گل
وانگر پاش پاش ٿي وڃن ٿا. اِهڙيءَ طرح تِريءَ
(Spleen)
کي ڳاڙهن جزن جو قبرستان سڏي سگهجي ٿو. ڇو ته
اُتان انهن جزن جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ وري ٻيهر ري
سائيڪل
(Recycle) ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر
هر رت جا پنٽ لڳرائڻ وارن منجهه تِريءَ
(Spleen)
جي ماپ (Size)
وڌي ويندي آهي. انڪري جو اُتان جزا،
نئين رت جي پيداوار لاءِ ويندا ئي نه آهن. هنن جزن
جي آکاڻي ۽ محبت جو نتيجو آهي جو انهن کي جيترو پڙهجي ۽ سمجهجي ٿو ته، ان چوڻ تي انسان آماده ۽مجبور ٿي وڃي ٿو ته، بيشڪ
الله تعاليٰ جو فرمان عظيم تر
۽ صحيح آهي ته،
ترجمو:
”پوءِ
تون
پنهنجي رب جي
ڪهڙين ڪهڙين نعمتن
جو انڪار ڪندين؟“
هڪ ننڍي شيءِ ڳاڙهن جزن جي تخليق،
جنهن کي اسان جي اک بغير مائيڪرواسڪوپ جي ڏسي
نٿي سگهي، اهو
خلقيندڙ ۽ اسان جو پالڻهار ڪيڏي نه عظمت وارو آهي
۽ يقيناً اهو الله ئي سپر پاور، رب ڪائنات آهي.
هنن ڳاڙهن جزن، توڙي ٻين ننڍن وڏن خلين ۽ حيات جي
ڪمن ۽ عضون جي باري ۾ مطالعو ڪرڻ، اسان جي اِيمان ۽ عِبادت جو عين حصوآهي ۽ اسان جي ايمان کي وڌيڪ ڪامل ۽ پختو بڻائي ٿو.
يقيناً هر انسان، رت جي باري ۾ ڄاڻي ٿو ته ”رت“ جي ڪهڙي اهميت آهي، نه
صرف ”رت“ جي باري ۾ عام زندگيءَ ۾ بي انتها چوڻيون،
پهاڪا ۽ قول ميسر آهن ۽ روز اُنهن جي باري ۾ گفتگو
ٿيندي رهي ٿي، پر اسان جي جسم اندر ڊوڙندڙ رت، جيڪو
الله جي حڪم سان، ڪيترن ئي پيچيده مرحلن منجهان
گذرندي، اسان لاءِ تازي
هوا ۽ جسماني قوت مهيا ڪندو رهي ٿو. اُن جي باري ۾ ”اهميت ۽ خاصيتن“
کان
اڄڪلهه جو هر انسان باخبر رهي ٿو. ڀلي اُن جو تعلق سائنس سان هجي يا نه؟ پر
عام زندگيءَ هينئر ”رت“ صرف زباني ڪلامي، چوڻين ۽
پهاڪن تائين محدود نه آهي، جو صرف هڪ
”ادب“ ۾ پڙهجن، پر عام زندگيءَ ۾ انسان جي بيمار ٿيڻ جي
صورت ۾ عام طور تي ”علاج معالج“ لاءِ
پڻ
نهايت اهم ترين موضوع بڻجي ويل رت جو اڀياس،
هر ماڻهوءَ کي ڪرڻو پوي ٿو.
نه چاهيندي به ليبارٽري ٽيسٽن دوران جيڪي رپورٽس
ملن ٿيون، هر ماڻهو چاهي ٿو ته اُن
باري ۾ ”ڄاڻ“ حاصل ڪري. انڪري عام طور تي اڄ جو
انسان بيحد باخبر آهي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ رت ۽
اُن سان وابسته ٻين ڪيميائي، توڙي معدني جزن جي
باري ۾ نارمل ليول جي موجودگيءَ جي ڄاڻ ضرور حاصل
ڪري ٿو ۽ اُن جي اهميت کان پڻ واقف هجي ٿو. پر
اُنهن ماڻهن لاءِ اڃان به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري
وڃي ٿو، جن جي جسم اندر نارمل طور زندگي گذاري عمر
پوري ڪندڙ ڳاڙها جزا،
جڏهن 120 ڏينهن پورا ڪري، زندگي گذاري وڃن ٿا ته
پوءِ وري ٻيهر اُنهن جي پيداوار مشڪل ٿيو وڃي،
جسماني طور، اُنهن منجهه پيداواري عمل ۾ رڪاوٽ هجڻ
ڪري، رت جي پيدا ٿيڻ جو عمل سست هجڻ يا وري مختلف قسمن جي مسئلن هئڻ سببان، رت
جي جزن جو نارمل تعداد وقت
سِر پيدا نه ٿيڻ سبب، مشڪلات پيش اچڻ هوندو آهي.
رت جا مسئلا بيحد پيچيده هجڻ سان گڏوگڏ، تمام عام آهن. ”رت“، جيترو ڏسڻ ۾ صرف ”گهاٽو
پاڻياٺ“ آهي، پر اُن جي ”ساخت“ جو عمل تمام پيچيده
آهي. رت جي علم کي ”هيماٽالاجي“ سڏيو ويندو آهي،
جيڪو پڙهڻ ۾ جيترو آسان لڳندو آهي، پر اُن جا ڪم ۽
پيداوار
جا
تمام ڏکيا مرحلا هوندا آهن.
رت جو اڀياس، بظاهر سادو ۽ سولو
آهي،
پر درحقيقت
هي
تمام ڏکيو ۽ پيچيده عِلم آهي.
اسان مٿي صرف ڳاڙهن جُزن جي عام آکاڻي، اُن جي
بناوت، ڪم ڪار ۽ عام وهنوار بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن
تفصيلات ۾ وڃي اُن جي پيدائشي عمل ۽ جوڙجڪ کان
وٺي، بالغ ٿيڻ تائين ۽ پوءِ هڪ پلڪ جهپڪ يعني (اک
ڇنڀ اندر)، رت جي عام وهڪري اندر شامل ٿيڻ تائين،
ذري ذري کي بيان ڪيو ته پوءِ اُن لاءِ اسان کي
تفصيلي طور جائزو وٺڻو پوندو. اِنشاءَالله تعاليٰ.
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
لوڪ
گيتن کي بلندين تائين پهچائيندڙ
مائي ڀاڳي
مان وائڙن وانگر
پي.ٽي.وي
ڪراچي مرڪز ۾ پنهنجي آفيس جي ڪمري کي ڏسي رهيو
آهيان. اٺٽيهه-
چاليهه سال اڳ،
هڪ ٻار جي حيثيت سان هن ڪمري ۾ مون
ڪي يادگار پَل گزاريا هئا. هن ڪمري ۾ ممتاز مرزا ويهندو هو ۽ تڏهن پاڻ هتي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي
حيثيت سان خدمتون سَر انجام ڏئي رهيو
هو
۽ هاڻي وري اهو حيران ڪندڙ اتفاق آهي، جو مان
سينئر پروڊيوسر ۽ هڪ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ممتاز مرزا
جي ڪمري ۾ ويهندو آهيان. مان ڇهين يا ستين درجي ۾
پڙهندو هيس،
جڏهن مون کي شوق ٿيو ته سنڌ جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن جا ٻارڙن جي رسالي
”گُل
ڦُل“
لاءِ انٽرويو ڪجن.
گُل ڦُل جي تَڏهوڪي ايڊيٽر ۽ منهنجي محسن اڪبر جسڪاڻيءَ کي خط
لکي،
پنهنجي ان ارادي بابت ٻُڌايَم پاڻ جو ابي خَط ۾ صَلاح ڏنائين ته
تون اڃان ٻارآهين. وڏن ادبين ۽ شاعرن سان ملن لاءِ
ڏورانهن شهرن جو سَفر نه ڪري سگهندين. بهتر آهي ته
تون اُنهن اديبن ۽ شاعرن کي ٽپال وسيلي سوالنامو
موڪل. اهي جواب موڪلين ته پوءِ اُهي گُل ڦُل لاءِ
موڪلجانءِ.
مان ائين ئي ڪيو ۽ جن اديبن ۽
شاعرن کي سوالناما ڏياري موڪليم، ته ممتاز مرزا به
شامل
هيو.
منهنجي
خوشيءَ ۽ حيرت جي حَد نه رهي، جڏهن ڏهن ٻارهن
ڏينهن کان پوءِ ممتاز مرزا جو خَط سوالن جي
تَفصيلي جوابن سميت مون وٽ اچي پهتو. اهو انٽرويو
ٻارن
جي ماهوار رسالي
”گُل
ڦُل“
۾ شايع ٿيو ۽ ڪجهه سال اڳ ئي ڇپيل ٻارن جي اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل
منهنجي ڪتاب ”ٻارن سان ڳالهيون“ ۾ پڻ شامل آهي. ان
انٽرويوءَ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ممتاز مرزا
سان، منهنجو
خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ٿي ويو. پاڻ هر خط جو تڪڙو جواب ڏيندو هيو، ۽
ادبي حوالي سان منهنجي حوصلي افزائي ڪندو هيو.
سندس هٿ اکرن ۾ لکيل منهنجي سوالن جا جواب ۽ ٻيا
خط مون وٽ هن وقت به سانڍيل آهن. تن ڏينهن ۾
بدقسمتيءَ سان مون کي اڌرنگ ۽ ان کان پوءِ وري
نڪهيرجي شديد تڪليف
ٿي پئي. سال سوا کان پوءِ مون کي ڪراچيءَ آندو
ويو، جتي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ علاج ٿيو. ان کان
پوءِ وري ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي والد صاحب سان گڏ چيڪ
اپ لاءِ ڪراچيءَ ايندو رهيس. اسان جي ڳوٺ جو هڪ
نوجوان هتي ڪراچيءَ ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو. موڪل
تي ڳوٺ آيل هو.
هن منهنجي والد صاحب کي چيو مان ايندڙ هفتي ڪراچي
موٽي ويندس. غلام مصطفى کي هلڻو هجي ته هو مون سان
گڏ هلي. کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاري ڪوچ ۾ ويهاري شڪارپور
موڪلي ڏيندس. ائين ئي ٿيو ۽ هن ڀلوڙ نوجوان وقت
ڪڍي نه رڳو اسپتال وٺي منهنجو چيڪ اپ ڪرايو، پر
منهنجي خواهش تي مون کي پي.ٽي.ويءَ
تي ممتاز مرزا سان،
ملائڻ لاءِ پڻ وٺي هليو. هن کي پنهنجي آفيس ۾ ڪو
ضروري ڪم هيو، انڪري هو مون کي ممتاز مرزا وٽ ڇڏي،
ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ موٽي اچڻ جو چئي هليو ويو .
ممتاز مرزا وڏي پاٻوهه وچان مليو. کيس پنهنجي
طبيعت جو پيرائتو احوال ڏنو ته هو ڄڻ بيحد
ڏکارو ٿي ويو. حال احوال وٺڻ کان پوءِ هن مون کان
بنا پڇڻ جي پي.ٽي.ويءَ
جي ڪينٽين
تان ماني گهرائي ورتي.
پاڻ ڪجهه ڪاغذ پَٽَ ڏسي رهيو هيو. ۽ مان وري ماني
کائي رهيو هوس. ايتري ۾ ڪمري جو دروازو کليو،
ٿر جي ڪنهن
ڀٽ
جهڙو، مٿي تي اجرڪ اوڍيل ۽ حيرت سان ڀريل اکين، جن ۾ سرمو پاتل هيو، واري هڪ سانوري عورت وڏي
ڌيرج سان داخل
ٿي. ساڻس گڏ هڪ مڙسالو به هيو. (ان وقت معلوم ٿيو ته اهو
سندس
پُٽ ڪالو فقير هو). منهنجي دل مان دانهن نڪري وئي،
”او...هيءَ ته مائي ڀاڳي آهي.“
سوز گداز سان ڀريل
مخملي
آواز،
جيڪو ٻڌندڙ جي رڳ رڳ ۾ پيهي وڃي. لهجو ۽ ادائگي
باڪمال ۽ ٿري انداز ۾ گيت ڳائڻ جو نرالو ڍنگ، جنهن
کي ڪوبه نقل نٿو ڪري سگهي.
مجموعي طور تي ٿر جي جادوئي ۽ روايتي فضا جي
نمائنده ڳائڻي، مائي ڀاڳي، منهنجي سامهون هئي. کيس ڏسي،
ممتاز مرزا پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ جهڪي ڪري
وڏي ادب سان،
ساڻس مليو. مان به اٿي بيٺس ته هوءَ مون ڏانهن وڌي
آئي ۽ شفقت
وچان منهنجي
مٿي تي ۽ پوءِ وري کاڏيءَ تي هٿ رکي چيائين، ”بابلا! ماني کائڻ مهل اُٿبو
ناهي.
ماني الله جي آهي. ان جو ادب لازمي آهي.“ مان به
کيس ٺهه پهه جواب ڏنو: ”توهان به ته الله جون
آهيو. انڪري توهان جو ادب به اسان تي لازمي آهي.“
مائي ڀاڳيءَ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ مسڪرائيندي،
ممتاز مرزا جي سامهون ڪُرسيءَ تي وڃي ويٺي. هنن
پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ممتاز مرزا ڪجهه
لکندو به ٿي ويو. ان ئي گهڙيءَ مصطفى قريشي به
ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ مون سميت سڀني سان هٿ ملايائين.
چانهه جو دور هليو ۽ ممتاز مرزا هڪ نوجوان ڇوڪري
کي چيو ته هنن کي ميڪ اپ ڪرائي اسٽوديو ۾ وٺي هل.
پاڻ وري ڪجهه ڪاغذ ۽ ڪئسٽون کڻي، ڪمري مان نڪري
ويو. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ موٽي آيو ۽ مون کي ساڻ
ڪري، ڀرسان واري اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سيٽ، لائيٽ،
ڪئمرائون وغيره ڏسي، مان اچرج ۾ پئجي ويس. اهو سڀ
ڪجهه منهنجي لاءِ بنهه نئون ۽ نرالو هو. ممتاز
مرزا مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو چئي، پاڻ لوهي ڏاڪڻ
تان مٿي ڪنٽرول روم ۾ هليو ويو. ٿوريءَ دير کان
پوءِ مائي ڀاڳي ۽ مصطفيٰ قريشي به اتي اچي ويا.
کين سيٽ تي رکيل ڪرسين تي ويهاريو ويو ۽ پوءِ مٿان
ممتاز مرزا جو آواز آيو ۽ سندس ڳالهه ٻولهه شروع
ٿي. ڪئميرامين، ڪئميرائون جهليو، هيڏانهن هوڏانهن
ڦرندا رهيا. انٽرويوءَ دوران، مائي ڀاڳيءَ، پنهنجي
گيتن جا ڪجهه ٻول به آلاپيا، جن ۾، ”سمن سائين مان
ته گولي غلام تنهنجي در جي“ ۽ ”ڌارين منجهه آيس
الا!“ اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. ڏيڍ ٻن
ڪلاڪن کان پوءِ اها رڪارڊنگ پوري ٿي پوءِ سڀئي
گڏجي وري ممتاز مرزا جي ڪمري ۾ آياسين، جتي اڳ ۾
ئي ڀائو الله بخش سهتو ويٺو هو ۽ مون کي وٺڻ آيو
هو. مان ممتاز مرزا، مائي ڀاڳي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ
کان موڪلائي، رسيپشن وٽ آيس ته ان جي پويان بيٺل
ناريل جي وڻ تي ڪويل ڪوڪي رهي هئي ۽ ٿوري دير اڳ
وري مان اسٽوڊيو ۾ ٿر جي ڪويل جي ڪوڪ ٻڌي آيو هوس.
اڄ به شايد اهوئي ناريل جو وڻ رسيپشن جي پويان
بيٺل آهي.اڄ به اهو اسٽوڊيو ”بي“ موجود آهي.
رسيپشن وٽان گذرندي، ڪويل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي
۽ وري اسٽوڊيو بي ۾ ويندي، مون کي مائي ڀاڳي ويٺل
نظر ايندي آهي. هوءَ ڳائيندي رهندي آهي. سرن جي
ڌارا، وهندي رهندي آهي. هوءَ صبح جي اجراڻ جهڙا
گيت ڳائيندي رهندي آهي. شام جي لهندڙ پاڇولن جهڙو
آواز، ڄڻ ته فطرت جي سازن سان ملي ويندو آهي. مان
ڪٿي گم ٿي ويندو آهيان ۽ هڪدم بيهجي ويندو آهيان.
سندس آواز، هڪ اهڙي دنيا جو دروازو کوليندو آهي،
جتي رڳو موسيقي ئي موسيقي هوندي آهي.
اصل ۾ موسيقي هر هنڌ، تهذيب ۽ هر دور ۾ ٻن قسمن جي
پئي رهي آهي. هڪ کي دستوري موسيقي چون ٿا.يعني
ڪلاسيڪي موسيقي، جنهن جون وري پنهجون گهرجون ۽
پنهنجو هڪ خاص مزاج ٿئي ٿو. ٻي وري آهي، غير
دستوري موسيقي، جنهن کي عوامي موسيقي به چيو ويندو
آهي. ان عوامي موسيقيءَ جا وري ڪيترائي تَهَه
ٿيندا آهن ۽ انهن مان گهڻو سگهارو تهه، لوڪ موسيقي
يا لوڪ سنگيت ٿيندو آهي. لوڪ موسيقي، ان زمين
وانگيان آهي، جيڪا سدائين سائي ستابي هوندي آهي.۽
جنهن جو ٿڙائتو وڻ، سدائين گهاٽو لڳو پيو هوندو
آهي. عام ماڻهن جي جذبن جو ڪامل اظهار به ان لوڪ
موسيقيءَ ۾ ئي ٿيندو آهي. تنهنڪري سگهاري موسيقيءَ
جون پاڙون، عوامي موسيقيءَ ۾ ئي کتل هونديون آهن.
لوڪ موسيقيءَ جي جڏهن ڳالهه ڪبي ته مائي ڀاڳيءَ جو
ڀاڳن ڀريو نالو، هڪ اڻ ٽر حوالي طور اُڀري سامهون
اچي ٿو. هوءَ اڄ به عوامي موسيقيءَ جو روح بڻيل
آهي. هن لوڪ گيتن جي ذريعي، سوز ۽ گداز کي هڪ
نرالي نغمگيءَ سان نوازيو. لوڪ گيتن جي ڳائڻيءَ
طور مائي ڀاڳيءَ جو انداز نهايت حيران ڪندڙ رهيو.
هن لوڪ گيتن کي ان بلنديءَ تي پهچايو، جتي انهن کي
هجڻ گهربو هو. ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري
سگهي ته هن لوڪ گيت جي صنف کي، جيڪا امرتا بخشي،
سال مثالي ۽ اُتساهيندڙ آهي.
موسيقيءَ جي هڪ پروگرام ۾، ميزبان
مهتاب اڪبر راشدي ۽ سُر وکيريندي مائي
ڀاڳي |
ٿر جي لوڪ گيتن کي پنهنجي سريلي ۽ نرالي آواز
وسيلي، سڄي دنيا تائين پهچائيندڙ مائي ڀاڳي 1920ع
ڌاري، ڏيپلي جي هڪ مڱڻهار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس
پيءُ وهنيو فقير ۽ ماءُ خديجه عرف ڪسو ٻائي ڳائڻ
وڄائڻ جي ڪرت سان لڳل هئا. وهنيو فقير، يڪتاري تي
۽خديجه ڍولڪ تي ڳائيندي هئي. ماءُ پيءُ سان هر وقت
گڏ هجڻ ڪري، ڀاڳيءَ به موسيقيءَ ڏانهن لاڙو رکيو ۽
اٺن سالن جي ڪچڙيءَ عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. سُر ته
مائي ڀاڳيءَ جي رڳ رڳ ۾ رچيل هو، تنهنڪري هوءَ
اٿندي ويهندي ۽ ڪم ڪار ڪندي ڳائيندي رهندي هئي.
هوءَ پنهنجي والدين جي هڪڙي اولاد هئي، انڪري هوءَ
دادلي هئي ۽ سندس ڳائڻ وڄائڻ تي ڪابه جهل پل ڪونه
هوندي هئي. هن ڍولڪ وڄائڻ ۽ دلو وڄائڻ به ننڍپڻ ۾
ئي سکي ورتو هو. هوءَ ڏهن سالن جي هئي، جو سندس
گهراڻو نئين ڪوٽ لڏي اچي ويٺو. نئين ڪوٽ ۾ لڏي اچڻ
جي ٿوري عرصي کان پوءِ ڀاڳيءَ کي ماتا جي بيماري
ٿي پئي. جنهن جو ٿر ۾ علاج ڪونه هو. هي اهو زمانو
هو، جڏهن ريل گاڏيءَ ۽ بس جو سفر عام ڪونه هوندو
هو ۽ ويچارا ٿر جا ماڻهو، اُٺن تي يا وري پنڌ سفر
ڪندا هئا. تنهنڪري ڀاڳيءَ کي ڪنهن وڏي شهر وٺي وڃڻ
بدران، سندس والدين ”سمن سرڪار“ وٽ وٺي آيا. درويش
مٿس ٻاجهه جو هٿ رکيو ۽ پوءِ کيس ڳائڻ جو اشارو
ڪيو. ننڍڙي ڀاڳيءَ، دهل کي ٿاپ هڻي، سمن سرڪار جي
عقيدت ۾ ”آهي تخت بهاري منهنجي سمن جو“ ۽ ”سمن
منهنجو ولي خدا جو“ ڳيت ڳايا. سمن سرڪار ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ کيس چڱڀلائيءَ ۽ ڳائڻ ۾ اڳتي وڌڻ جون دعائون
ڏنائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ هوءَ چاق چؤبند ٿي ته
شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. سريلي آوازڪري،
هوءَ سڄي ٿر ۾ پنهنجو نالو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
تر ۾ مائي ڀاڳيءَ جي مقبوليت جي ڌاڪ ويهجي وئي ۽
اتي وهانءَ جي ڪابه تقريب ايستائين اڻپوري سمجهي
ويندي هئي، جيستائين ان ۾ مائي ڀاڳي شامل نه هوندي
هئي، ان مقبوليت ۾ سندس ٻاجهاري سانوري چهري ۽ جسم
جو قطعي دخل ڪونه هو. پر مقبوليت جو سڄو دارو مدار
سندس گائڪيءَ جي انداز تي هو.
هوءَ سورهن سالن کن جي ٿي ته سندس شادي اسلام ڪوٽ
جي ڀرپاسي واري ڪنهن ڳوٺ جي هڪ رهواسيءَ هوٿي فقير
سان ٿي ۽ پوءِ اهي مٺيءَ لڏي آيا. هتي اچي، مائي
ڀاڳيءَ ڳائڻ جي بنيادي سکيا، پنهجي مامي مراد فقير
کان ورتي ۽ ساڻس گڏ ڳائڻ به شروع ڪيو. هن مراد
فقير سان گڏ ”چرمي“ لوڪ گيت ڳايو، جيڪو بيحد مشهور
ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ مير پور خاص جي هڪ نيڪ مرد ۽
موسيقيءَ جي قدردان مير محمد بخش ٽالپر ڀالوا ۾
”مارئي جو ميلو“ لڳرايو. جتي پهريون ڀيرو ممتاز
مرزا کيس اسٽيج تي ڳارايو. سندس آواز ڪويل جي ڪوڪ
وانگر ٻڌندڙن جي دلين کي چيري ڇڏيو. هر پاسي مائي
ڀاڳيءَ جي واهه واهه ٿي وئي. ان ميلي ۾ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ کيس
ريديو تي اچي ڳائڻ جي دعوت ڏني. پر هوءَ ڪونه وڃي
سگهي، مائي ڀاڳيءَ، مٺيءَ مان پنهنجا ڪک ڇڏي، بدين
جي ملڪاڻي ڳوٺ ۾ اچي ويٺي، جتي ڳوٺ جي چڱن مڙسن،
سندس سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ڪئي. ڪنهن سمي،
سرڪاري ڪم ڪار سانگي غلام حسين شيخ مٺيءَ آيو ته
مائي ڀاڳيءَ جي پُڇا ڪرايائين. هوءَ اتي ڪونه هئي،
تنهنڪري ريديو تي اچڻ جو نياپو ڪرايائين. اهڙيءَ
طرح هوءَ هڪ ڏينهن ٻڍي فقير کي ساڻ ڪري، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تي پهچي وئي.غلام حسين شيخ سندس
آواز جو آڊيشن ورتو ۽ سندس اواز ۾ پهريون گيت
”لوڙهه منجهان لڙهندي اچي“ رڪارڊ ٿيو.ان گيت جي
ڌُن، ناليواري موسيقار استاد نياز حسين ٺاهي هئي.
غلام حسين شيخ سندس فن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هڪ
ٻيو گيت، ”کڙي نيم ڪي نيچي هون تان هيڪلي“ به
رڪارڊنگ ڪري ورتائين. اها 1967ع جي ڳالهه آهي. اهو
گيت ريڊيو تي گهڻو مشهور ڪونه ٿيو. پر ان جي ڪجهه
عرصي کان پوءِ جڏهن عبدلڪريم بلوچ، مائي ڀاڳيءَ کي
پي.ٽي.ويءَ تي وٺي آيو. ته اهو ساڳيو گيت هتي
پي.ٽي.ويءَ تي رڪارڊ ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ مائي ڀاڳيءَ
جي هاڪ مچي وئي. اهو گيت سندس زندگيءَ جو مقبول
ترين گيت ثابت ٿيو. پوءِ وري اهو گيت، ٽينا
ثانيءَ، عبدالقادر جوڻيجي جي ڊراما سيريل ”ڪاروان“
لاءِ ڳايو هو. ۽ اهو ڊرامي جي مڙني قسطن جي ٽائيٽل
تي هلايو ويندو هو. اهو گيت ٽينا ثانيءَ جي
موسيقيءَ جي سفر ۾ کيس اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بيحد
لاڀائتو رهيو.
ريڊيو ۽ پي.ٽي.ويءَ، مائي ڀاڳيءَ جي فن کي سگهارو
ڪري، بلندين جي انتها تي پهچايو. هن جي لوڪ گيتن
کي هڪ دائمي سونهن ۽ سچائي بخشي. لوڪ گيتن جي لفظن
جي معنويت سان ادائگي ۽ راڳن جو رچاءُ، سڀ ڪجهه
مائي ڀاڳيءَ ۾ نظر اچڻ لڳو، لوڪ گيتن ۽ مائي
ڀاڳيءَ جو ساٿ سگهارو ٿي ويو. اسان جڏهن سندس ۽
ٻين شاعرن جا گيت سندس آواز ۾ ٻُڌو ٿا ته لفظ ڄڻ
پنهنجي معنى سان ڳالهائيندا، هڪ منظرنامو جوڙيندا،
سامهون اچي بيهن ٿا. ۽ پوءِ ائين لڳي ٿو ته ڄڻ،
اُهي سمورا گيت رڳو مائي ڀاڳيءَ لاءِ ئي لکيا ويا
هُجن. مائي ڀاڳيءَ ۾ جيڪي اڻ ڳڻيون خوبيون هيون،
تن مان هڪ خوبي اها به هئي جو هوءَ لوڪ گيتن جي
چونڊ ۾ بيحد مُحتاط رهندي هئي ۽ وڏي با صَلاحيت پڻ
هئي. ٻي ڳالهه اها ته هن لوڪ گيتن جي شاعريءَ ۾
سَمايل جذبن ۽ احساسن کي سُرن ۽ پنهنجي آواز
وسيلي، هڪ نئين زندگي بخشي. سندس آواز ۾ ڳايل لوڪ
گيتن کي ٻڌڻ کان پوءِ، جيڪو تصور جڙي ٿو، تنهن ۾
حد درجي جي معنويت، گهرائي ۽ اثر انگيزي هوندي
آهي. هن پنهنجي لاڳيتي رياضت سان، لوڪ گيتن جي
موسيقيءَ کي هڪ نرالي آواز سان سونهون ڪرايو، جنهن
جو پڙاڏو، اڄ به گونجي رهيو آهي. سچ ته مائي
ڀاڳيءَ جو آواز ويهين صديءَ ۾ سنڌي لوڪ موسيقيءَ
جي جاڳرتا ۽ مقبوليت جو ضامن بڻيو. هي اهو آواز
هو، جنهن سنڌي لوڪ موسيقيءَ کي سڄي دنيا ۾ سونهون
ڪرايو.
مائي ڀاڳيءَ جي گائيڪيءَ ۾ جتي ٿَر جو سوز ۽ گداز
ملي ٿو، اُتي سندس ڳايل لوڪ گيتن ۾، سنڌ جي تهذيب
به جَهلڪَندي نظر ايندي آهي. ان کانسواءِ مائي
ڀاڳيءَ نه رڳو سُرن جي لاهن چاڙهن کان سونهين هئي،
پر لفظن جي ادائگي جو هنر به چڱيءَ ريت ڄاڻندي
هئي. ائين لڳي ٿو ته سُر مائي ڀاڳيءَ جي اوسيئڙي ۾
هوندا هئا ته ڪڏهن ٿي مائي ڀاڳي پنهنجي نڙيءَ مان
کين ادا ڪري، سُرن ۽ لفظن جي ادائگيءَ تي مائي
ڀاڳيءَ کي، جيڪو ڪمال حاصل هو، تنهن جو عڪس، سندس
لوڪ گيت ٻڌڻ کان پوءِ ئي چٽيءَ طرح آڏو اچي وڃي
ٿو. ڪهڙو لفظ، ڪهڙي انداز ۾ ۽ ڪهڙي سُرسان ادا
ڪرڻو آهي، تنهن کان هوءَ ڀليءَ ڀت واقف هئي.
لوڪ موسيقيءَ ۾ سندس خدمتن جي مڃتاطور، 14 آگسٽ
1979ع تي وفاقي سرڪاري پاران کيس حسن ڪارگردگيءَ
جو صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو. اُن کان پوءِ شاهه لطيف
ايوارڊ، سَچل سَرمست ايوارڊ، لال شهباز قلندر
ايوارڊ، مارئي ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي
ايوارڊ سندس حصي ۾ آيا.اُهي ايوارڊ پنهنجي جاءِ
تي، پرمائي ڀاڳيءَ جي حوالي سان هڪ ڏُکوئيندڙ
ڳالهه اها آهي، جو سندس آخري خواهش پٽاندڙ کيس، ان
سال، سندس پٽ ڪالو فقير ۽ ڌيءُ سونيءَ سان، سرڪار
پاران حَج تي موڪليو ٿي ويو. اهڙي سرڪاري اعلان
کان پوءِ هوءَ ڏاڍي خوش هئي ۽ ڳائيندي وتَندي هئي
ته، ”مان مديني وڃان، سارو مدينو گُهمان“ پَر
بدقسمتيءَ سان الله جي گهر ۽ رسول جي درجي حاضري
ڀرڻ جي سندس پراڻي ۽ آخري خُواهش پوري نه ٿي سگهي.
هوءَ بيماريءَ جي حالت ۾ پروردگار کان اهائي دعا
گُهرندي هئي ته هو کيس ڪُجهه ڏينهن مُهلت ڏي ته
هوءَ اها سعادت حاصل ڪري وٺي، پر موت جو ڏهاڙو
مُقرر هو ۽ 7 جولائي 1986ع تي، هوءَ ان وقت انتقال
ڪري وئي، جڏهن سندس بيماريءَ، روح ۽ جسم جو ساٿ
ڇني ورتو. هوءَ لاڳيتو پَنجَن سالن کان بيمار هئي.
شروع ۾ مٿس اڌرنگ جو حَملو ٿيو هو، جنهن جي ڪري،
سندس هيٺيون ڌڙ بي ساهو ٿي ويو هو. ان کان پوءِ
وري دم جي بيماريءَ به اچي سوڙهو ڪيو هو، انهن
اهنجن کان آجو ڪري، موت جو ملائڪ، مائي ڀاڳيءَ کي
پنهنجي هنجهه ۾ کڻي، ڪنهن اڻ ڏٺي ڏورانهين ڏيهه
ڇڏي آيو. کيس مهراڻي جي مير سائين راضي شاهه
بادشاهه جي قبرستان ۾ خاڪدان نصيب ٿيو، هوءَ سندس
لاءِ ئي ڳائيندي هئي ته، ”مهراڻي جا مير، واڳون
وَطَن ڏي وارج، آسروندڙي آهيان.“
”هاءِ..! هاءِ....! مٽيءَ مان ڦُٽَندڙ لوڪ موسيقي،
مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿي. الا.. الا..!
ڪيترن ئي فَنڪارن مائي ڀاڳيءَ جا لوڪ گيت ڳايا
آهن، جن ۾ حُسين بَخش خادم، محمد يوسف، مصري فقير،
شهنيلا علي وغيره شامل آهن. مئڊم نور جَهان، مائي
ڀاڳيءَ جو گيت، ”سَمن سائين مان ته گولي غُلام
تُنهنجي دَرجي“ ڪَمال خوبيءَ سان ڳائي، ڄڻ مائي
ڀاڳيءَ کي پنهنجي آواز جي ڀيٽا ڏني آهي. ڀارومل
اُمراڻي سوٽهڙ پنهنجي ڪتاب ”ٿَر ٿَر اندر ٿاڪ“ ۾
لکيو آهي. ته، ”ننڍي کنڊ جي عَظيم گُلوڪاره لتا
منگيشڪر جي ڊرائنگ روم ۾ رکيل ٽيبل تي مائي ڀاڳيءَ
جي گيتن جي ڪئسٽ ۽ تصوير رکيل آهي. لتا، مائي
ڀاڳيءَ کي فن جي ديوين ۾ ڳڻي ٿي“.
مان، مائي ڀاڳيءَ کي آخري ڀيرو پي ٽي ويءَ تي،
طارق عَزيز جي ڪُوئز پروگرام ”نيلام گهر“ ۾ ڏٺو.
کيس ويل چيئر تي ويهاري آندو ويو هو. هوءَ بيحد
ڏُٻري ٿي چُڪي هُئي.پر بيحَد پيار ۽ پاٻوهه وچان
ڀڳل ڀريل اُردوءَ ۾ انٽرويو ڏنائين. پي.ٽي.ويءَ
تي، اُهو سَندس آخري انٽرويو هو.
مان ڀاڳوند آهيان، جو مان، هن درويش صفت لوڪ ڳائڻي
کي ڏٺو، هن سان ڳالهايو ۽ پوءِ هن، مُنهنجي مٿي تي
شفقت ڀَريو هَٿ رکيو. اڄ به مُنهنجي آفيس جي ڪمري
۾ مون کي، ممتاز مرزا ۽ مائي ڀاڳي ويٺل نظر ايندا
آهن ۽ مان کين، هڪ ٻار جي حيثيت ۾ ڏسندو، ٻُڌندو ۽
محسوس ڪندو آهيان..
|