عبدالله
”آس“ هنڱورجو
خوبصورت خيالن جي مالڪ فھميده شرف بلوچ
فهميده شرف بلوچ، جنهن کي آئون پنهنجي وڏي ڀيڻ ڪري ڪوٺيندو آھيان،
۽ پيار مان فهمي ڪري سڏيندو آھيان.
فھميده شرف نه صرف شاعره آھي،
پر
سنڌ
ڌرتيءَ
جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره پڻ آھي، ھُوءَ
اسان جي لاءِ ھڪ وڏو اتساھه آھي، سندس مزاج
۾ سادگي آهي،
سڀئي درد لڪائي،
ھر ڪنھن سان مُرڪي ملڻ، ھڪ وڏو درس آھي.
فھميده شرف بلوچ اھا شاعره آھي، جنھن پنھنجي نالي سان گڏ، پنھنجي پيءُ جي نالي کي پنھنجي تخليقن ۾ قلمبند ڪندي، امرتا بخشي آھي، ۽ سندس خوش نصيبي اها به آھي ته هُن کي
پنھنجيءَ پيءُ
پاران اتساھه
مليو، نه ته اڄڪلهه جي دور ۾
نياڻي
کي آٿتون ڏيڻ
۽ شاعري ڪرڻ کان روڪيو ويندو آھي،
اھو ئي سبب آھي جو ڪيتريون ئي سنڌ جون شاعرائون
اڳتي نه اچي سگھيون.
اڄ به هن سماج
۾ اهو
رويو عروج تي آھي،
پر
بندشن جي باوجود به ڪي ڪي وجود، اهڙن
شعبن ۾ تمام سُٺو
۽
شاهڪار لکن ٿيون.
فهميده شرف بلوچ جي ماءُ
پڻ
ڪُشادي دل رکندڙ ۽ سُٺي سوچ جي مالڪه
آھي. فهمي جي ماءُ، پيءُ جيان سهارو ۽ ڀرجهلو رهي
آھي، جنهن نه رڳو پاڻ کي حياتيءَ
ڀر سنڀاليو آھي،
پر
ھُن جي شاعريءَ
جا وکريل پنا پڻ ميڙي سهيڙي ڪٻٽن ۽ پيتين ۾ سنڀالي رکندي آھي. فهمي کي سندس ماءُ پيار مان
”گُل“ ڪري سڏيندي آھي.
ھُن سان ايترو پيار ڪندي آھي،
جنهن جو انت نه پار هوندو آهي.
جڏھن درد ڳچيءَ ۾ ھار جيان پوندا آھن ته زندگيءَ
جو حُسن صرف لُڙڪ ئي ھُوندا آھن،
پر انھن لُڙڪن کي لڪائڻ به ھڪ ڪلا آھي، ھڪ تخليقڪار
سڀ ڪجھه پنھنجي تخليقن ۾ بيان ڪندو آھي.
ھُن جو قلم ئي سڀ ڪُجھه
ڳالھائيندو آھي، ۽ پاڻ خاموش ھوندو آھي، ايئن فھميده به پنھنجي دل جي
ڳالھين جو اظھار، تخليقن ۾ ڪري ٿي! ھُن جي تخليق ۾ ڪمال
جي منظرڪشي بيان ٿيل ھُوندي آھي.
ھُن جي تخليق مان سدائين پيار، پريت، سِڪ، ڇِڪ جي
خوشبوءِ
ايندي آھي،
سندس
تخليقن
۾
ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڏُکن ڏوجهرن ۽ دردن سُورن جي پُڪار شامل
آھي.
فهميده شرف بلوچ هڪ سهڻي شاعره هئڻ سان گڏ، طبيعتن صفا سادڙي ۽ سٻاجهي آھي. مون سندس ڪافي تخليقون مختلف رسالن، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا
تي
پڙھيون آھن ۽ سراسر پڙھندو رهان ٿو. سندس شاعريءَ
جا ٻه
خوبصورت ڪتاب
”اماس
راتيون، اداس رستا“ ۽ ٻيو
”جُدائي“ مارڪيٽ ۾
اچي
چڪا آھن.
ٻنهي ڪتابن ۾ ڪمال جون تخليقون شامل آھن،
جن کي پڙھڻ سان دل چوندي آھي
ته بار بار پيو پڙھجي.
ان کانسواءِ
سندس
ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ مارڪيٽ
۾ اچي چُڪا آھن، ھُن جي شاعري مون
کي وڌ کان وڌ موهيو آھي.
سندس
شاعري ڌيان ڇڪائيندڙ پڻ آھي.
خاموش آھي ھر منظر، ويران گليون آھن،
ڪيڏو نه وڪوڙي ويون دردن جون وليون آھن.
منظرن جي خاموشي، گلين جي ويراني کي قلم بند ڪري،
غزل
جي
هر هڪ بند کي،
ھڪ اھڙي حُسناڪي ارپي اٿس، جو دل چوندي آھي صرف فهميده شرف بلوچ (فهمي)
جا غزل ئي پڙھجن! تشبيھه
شاعري کي پائندگي عطا ڪندي آھي،
پر
خيالن جو به ڪمال ھوندو آھي. حسرتن کي ٻوساٽڻ به ھڪ گناھ آھي!
قلم جي سھاري، دل جا درد بيان ڪري وساميل ڏيئن کي جلائي ٿو سگھجي! جنھن
جو ثبوت
هي سِٽون آھن.
ڪا ياد ايئن دل کي ھر روز ٿي پئي گھائي
ٽانڊن تي رکيون ڄڻ ڪنھن چمپا جون ڪليون آھن!
ڪليون جڏھن ٽانڊن تي رکبيون آھن ته ٽانڊا به
پنھنجي وجود تي شرمائڻ
لڳندا آھن ۽ جڏھن ڪا شاعره،
اھا تشبيھه پنھنجي احساسن سان سنواري ٿي ته قھرام مچي ويندو آھي.
ھونئن به اندر جون
آھون قھر ئي ته
هونديون
آھن، ھتي ياد ھڪ ٽانڊو آھي ۽ يادون ٽانڊن جيان
هونديون آھن، جن
۾
فھميده جون حسرتون ڪليون بڻجي
سڙن
ٿيون، زخمي ٿين ٿيون،
خاڪ بڻجي ھوائن ۾ اڏرن ٿيون،
تڏھن ھُن جو ھٿ، قلم ڏانھن وڌي ٿو ۽ ان
خاڪ کي ھڪ وجود ڏي ٿو!!
اماس راتيون، اداس رستا،
وٺن ٿا يادن جو واس رستا.
پرين سنڀالي پوءِ پير رکجو،
اسان جي دل جا حساس رستا.
سمورو جيون اجاڙ بن آ،
ڪٿي. اچن ٿا ھي راس رستا.
ڦُري ٿو سوچون سفر اسان کان،
پٽن ٿا پيرن جا ماس رستا.
ڪڏھن ته ايندين پرين اسان وٽ،
رکن ٿا تو مان ڪي آس رستا.
نصيب پنھنجو سدا نه رھندو،
لٽيل ڦٽيل ۽ نراس رستا.
ھتي مان ڪجھه نٿو چوان.
دل چوي ٿي، ھن غزل کي فل اسٽاپ بڻائي،
پئرا
مٽائجي ۽ ان پئرا جو ڪلائميڪس صرف اياڻپ
ھُجي!! اياڻپ قلم بند ڪرڻ به منهنجي وس جي ڳالھه
ناھي، ھتي ھن غزل جي مھڪار موھيندڙ آھي،
جنھن ۾ پڙھندڙ جي مَن ۾ مرجھايل گلاب ٽڙي پون ٿا!
فھميده جو ھڪ نظم جنھن ۾ نه ڄاڻ ڪيترا اوپرا خيال
آھن.
مون
کي نه سڏجانءِ
ڏس!
مون
کي نه سڏجانءِ
مان وقت جو گذري ويل لمحو آھيان
ھوا سان اڏاريل دز
۽ پوپٽ جي پرن مان
ڇڏيل رنگ آھيان
مان دل جي اڪيلائي
۽
خاڪ ۾ وساميل
آخري چڻنگ آھيان.
چريا! نه مون
کي سڏجانءِ
مَس مَس ته اڃان
زندگيءَ جو قيد ڪاٽي
ساھ جو پکي آزاد ٿيو آ.
جيئن ھڪ نظم آزاد آھي، تيئن ھن جا خيال آزاد آھن،
ڪٿي به خيالن جي گلن کي
مرجهايو
ناھي
ويو. بس روح کي راحت بخشيندڙ خيال،
جن ۾ ھن پنھنجو پاڻ ايڏو ته مجبور سمجھيو آھي،
جيئن ڪنھن آکيري تي نانگ پھچڻ کان پوءِ آکيري ۾
رھندڙ پکي پاڻ کي مجبور سمجھندو آھي، سندس ھر سٽ
۾ سادگي، ھر تخليق ۾ معصوميت فھميده کي خُدا کان مليل ھڪ وڏو اعزاز
آھي..
گلاب جي ڇانوَ ۾
مون
کي اج به ياد آھي اھو زمانو
جڏھن آئون پنھنجا
سڀئي خواب
گلاب جي ڇانوَ ۾
وساري آئي ھُئس
ڪجھه نه رھيو باقي،
خالي خالي ھٿڙا
خالي خالي نيڻ
خوابن جي......!!
ھاڻي ته شايد لڙڪ به منھنجا ناھن رھيا.
تڏھن آئون خواب ڳولڻ لڳس
پوءِ خبر پئي
ڪالھه شام ڪوئي پوپٽ
سمورا خواب
پنھنجي پرن تي کڻي اڏري ھليو ويو
اڄ به آءُ
گم ٿيل خواب ورائڻ لئه
ھر چھري تي رستا جوڙيا ھن.
تقاضائُن جي زد ۾ آيل ڪنھن جي حسرتن جا پکي پُڇن
ٿا.
تون پنھنجا سپنا ڪٿي ڀلائي آئين، ڪيئن ڀلائي آئين،
ھوءَ سوچي ٿي ۽ وري سوچي ٿي. مُرڪون چھري تي آڻي چوي ٿي:
مان پنھنجا خواب، ھڪ گلاب جي ڇانو ۾ وساري آيس، اھو گلاب جيڪو مون پنھنجي محبوب کي گفٽ ڏيڻ لاءِ پوکيو ھو
۽ آخر! ھن جي بي رُخيءَ
جي خزان سَڀ ڪجھه
برباد ڪري ڇڏيو...!!
ھڪ وڏو سمنڊ آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪ ڪشتي آھي،
جنھن جا ڪيئي مسافر منتظر آھن،
پر اھا ڪشتي ڪنارن جي منتظر آھي.
دردن، ڏُکن، ڏوجهرن، سُورن، تڪليفن جون پٺارڪون کڻي گهمندڙ، هن دردوندي شاعره فهميده شرف بلوچ جي ڏات مٿان لکي ته گهڻو
ڪُجھه سگهجي ٿو،
پر
اڄوڪي هن بي ترتيب لکڻي کي سندس ئي غزل سان پُڄاڻي ڪندس.
تو سواءِ ڪاٿي سري ٿي زندگي،
پل جئي ٿي،
پل مري ٿي زندگي.
ڏينهن ٿيا جو تون هليو وئين پر هتي،
اڄ به پئي سڏڪا ڀري ٿي زندگي.
گذرندڙ منظر سان گڏ ڊوڙي پئي،
رُڪجي هت ڪنهن جي ڪري ٿي زندگي.
تون جو ناهين ڇانو ٻئي ڪانهي پرين،
باھ ۾ ڄڻ پئي ٻري ٿي زندگي.
ڪاغذي ٻيڙي جيان تنهنجو وجود،
خواب جي اک ۾ تري ٿي زندگي.
مُٺ مان واري جيان کسڪي وڃي،
پوءِ ڏس ڪاٿي وري ٿي زندگي.
21. جوانيءَ جو پهريون خواب؟
ليکڪا ٿيڻ.
22. جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
پنهنجي ننڍڙي ڪتيءَ سان گڏ.
23. بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
ڪافي آهن.
24. دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟
تون اچڻو هان، تون ايندين.
25. ڏک جي اظهار جو طريقو؟
تصويرون ٺاهڻ.
26. خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
ڊانس ڪرڻ.
27. اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي
راند ۾ پسند جو ويلو؟
شام وارو.
28. اڪيلائيءَ جو احساس؟
ڪڏهن ڪونه ٿيو.
29. تاريڪيءَ جو احساس؟
ناهي ٿيو.
30. گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪا نه.
31. خالي رستن جا احساس؟
وڻندڙ آهن.
32. قد کان اُڀيون ديوارون؟
حوصلو ڏيندڙ ته ان کي ٽوڙي سگهجي ٿو.
33. دوستي؟
انمول احساس.
34. هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
سمجهه ڏين ها.
35. دوستن تي ڪا ميار؟
نه ڪابه نه.
36. پيار؟
سراپا پيار هئڻ کپي.
37. عشق؟
محبت جي انتها.
38. پيار جو بي اختيار اظهار؟
اميءَ سان.
39. پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ان عذاب کي پيار ۾ بدلائجي.
40. پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
ڪرڻ گهرجي.
41. ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
ادب.
42. پهرين مڃتا؟
مڃتا جي خواهش آهي.
43. ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
ڊارڪ تي ليکئان
44. فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي.
45. فني زندگيءَ جي ابتدا؟
گل ڦل رسالي ۾ لکڻ سان ڪئي.
46. سڃاڻپ جو حوالو؟
لازمي ناهي.
47. سڀ کان وڏو نقاد؟
خاموشي.
48. تعريف
جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪا سچي هجي.
49. پسنديده شاعر؟
حسن درس.
50. پسنديده نثرنگار؟
ڪافي آهي.
51. راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
رجب فقير.
52. وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
اَمي.
53. خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
چنبيلي جي.
54. ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جي موسم.
55. اکيون ٺاريندڙ رنگ، جيڪو دل کي پسند اچي؟
اَڇو.
56. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
انسان.
57. چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
واڪ تي وڃڻ سان، پنڌ ڪرڻ.
58. انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟
اخلاق.
59. دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
گهڻيون آهن.
60. پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
حساس هجڻ.
61. پيڙا جو ڪو پل؟
اهو احساس ته پنهنجا ڇڏي ويندا.
62. معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
دوکو.
63. ڪٽنبي زندگي؟
خوشحال.
64. نفرت؟
وقت جو زيان.
65. اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
مائٽ.
66. عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل.
67. عقيدو؟
هڪ خدا تي.
68. عبادت؟
محبت سان شروعات.
69. وقت؟
Inusion/فريب
70. موت؟
Uncertain
71. زندگي؟
مجموعو.
72. هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
صوفي جي دنيا.
73. دل کي ڇهندڙ فلم؟
گهڻيون.
74. پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
اَمر جليل.
75. تاريخ جي پسنديده هستي؟
گهڻيون آهن.
76. سياست؟
ڪا دلچسپي ناهي.
77. وڻندڙ سياسي شخصيت؟
رسول بخش پليجو.
78. وڻندڙ مشروب؟
انب جو جوس.
79. وڻندڙ اخبار؟
ڪاوش اخبار.
80. وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
ڪوبه نه.
81. پسنديده اداڪار؟
عامر خان.
82. سواري جيڪا پسند هجي؟
ريل.
83. خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
آبشارن جو.
84. خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
خواب ڏسون ٿا.
85. مستقبل جي باري ۾ پلان؟
هڪ سٺي سرجن ۽ ليکڪا ٿيان.
86. ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڪابه نه.
87. خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
هزارين خوشيون گهرجن.
88. آزادي؟
آزادي هر ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي.
89. ڇڙواڳي؟
پسند ناهي.
90. ڌرتيءَ سان پيار؟
بيحد گهڻو.
91. زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92. انساني ڪردار جي سونهن؟
سٺي سيرت.
93. انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
دوکو.
94. پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
نه.
95. تقدير تي ويساهه؟
تدبير تي ويساهه آهي.
96. زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
سڀ ڇڏي ويندا آهن.
97. زندگيءَ جو اعتراف؟
ڏکائيندڙ.
98. ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
آرٽسٽ.
99. ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪوڙ، دوکو، فريب.
100. پيغام؟
تجسس کي کڻي هلڻ کپي. |