رابعه نور جمالي
خودڪشي،
پنهنجي زندگي، پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ جو هڪ عمل آهي،
جيڪو بيوسي جي انتها تي ڪيو ويندو آهي. عالمي
اداره صحت جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ هر سال اٺ لک
ماڻهو خودڪشي ڪن
ٿا ۽ سڀ کان وڌيڪ خودڪشي ڪندڙن
گهٽ آمدني وارن
۽ هيٺئين طبقي جي پيڙهيل
ماڻهن جو آهي. خودڪشي ڪندڙن
۾ عمر جي حساب سان 15 کان 19سالن جي عمر وارا نوجوان وڌيڪ
آهن ۽ وڏي ڳالهه ته خودڪشي ڪندڙن ۾ مردن جو تعداد وڌيڪ هوندو
آهي. خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو وٽ پنهنجو ذاتي سبب
هوندو آهي، پر جيڪا ڳالهه
هر خودڪشي
ڪندڙ ماڻهوءَ
۾ هڪ جهڙي هوندي آهي، اها آهي بيوسي. انسان اهڙي بند رستي تي هوندو آهي، جتي هن کي مرڻ کانسواءِ ڪوبه
رستو نه ملندو آهي. ايمل درخيم هڪ فرانسيسي سماجي
ماهر هو،
جنهن پهريون ڀيرو خودڪشي تي تحقيق ڪئي ۽ ان تي
ڪتاب لکيو. ان خودڪشيءَ جا چار قسم ڄاڻايا آهن.
1.
نرگسيت
Egoistic
:
سماجي اڪيلائپ جي ڪري،
ڪيل خودڪشي. ارسطو چواڻي:
انسان هڪ سماجي جانور آهي. اهو اڪيلو نٿو رهي سگهي.
پر ڪو ماڻهو جڏهن
خودثنائي ۾ اچي، ٻين کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي، دوستن مٽن مائٽن کان الڳ ٿلڳ رهڻ چاهيندو آهي ته دراصل هو
پنهنجي، ان سماجي پاڙ کي کوٽي رهيو هوندو آهي، جيڪا ان کي زندگيءَ
جي طوفانن ۾ مضبوط جهلي بيهي سگهي ٿي.
پاڻ کي،
سماجي ڳانڍاپن کان بلڪل ٽوڙي الڳ ڪرڻ جو هڪ نتيجو
خودڪشي به ٿي سگهي ٿو.
2.
پاڻ ارپڻ
Altruistic
:
هن قسم جي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو، مٿين قسم جي ماڻهن کان بلڪل ابتڙ
هوندا آهن، جيڪي
پاڻ
کي
مٽائڻ ۽ ٻين جي لاءِ
پنهنجي
زندگي ارپڻ جي انتها تي هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجي
ذات،
سماج جي اڳيان ڪا به حيثيت نه رکندي آهي. اهڙن
ماڻهن ۾ خودڪش حمله ڪندڙ ۽ وطن ۽ قوم لاءِ
پنهنجي زندگي ارپيندڙ ماڻهو شامل آهن. ڪي ماڻهو
پنهنجي خاندان جي ڪري، ڪو ماڻهو پنهنجي پيار جي
ڪري، ٻين کي تڪليف پهچڻ جو سبب ٿيڻ جي ڪري،
خودڪشي ڪندا آهن
3.
مايوسي
Fatalistic
:
جڏهن سماج هڪ ماڻهو تي گهڻين ئي اميدن جو بار
رکي۽ان مان سماجي، معاشي ۽ جذباتي هر طرح جو بار
کڻڻ جي اميد رکي وڃي ۽ انسان، اهو
سڀ پورو نه ڪري سگهي يا اهي اميدون پوريون ڪندي
ڪندي بيزار ٿي وڃي ته نتيجي ۾ اهومايوس ٿي خودڪشي
ڪندو آهي.
اهڙا ماڻهو، عام طور تي غربت، روزگار نه هجڻ، بک ۽ بيمارين جي سببن جي ڪري
خودڪشي ڪن
ٿا.
4.
سماجي مونجهارو
Anomic
:
هي هڪ سماجي بيقاعدگي جو قسم آهي، جنهن ۾ مروجه رسم و رواج ۽ ضابطه روزمره جي
زندگيءَ جي عملن سان ٽڪراءُ ۾ هجن. مثال طور:
جائز طريقي سان پئسا ڪمائڻ، سچ ڳالهائڻ، سماجي
ضابطه ۽ اصول ته آهن،
پر عملي طور تي دنيا ان جي مخالفت ۾ عمل ڪري ٿي ۽
نه صرف عمل ڪري ٿي بلڪه لڪل طور تي ان جي تعريف ۽
همٿ افزائي به ڪري ٿي ته انسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾
منجهي پوي ٿو ۽ اهو مونجهارو به انسان
کي خودڪشي
ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
خودڪشيءَ
جا سبب:
اسان جي ماحول ۾ چوگرد ڪيئي مسئلا آهن، جنهنڪري انسان ڊپريشن يا ڳڻتي جو شڪار
ٿئي ٿو، پر اسان وٽ ڊپريشن جي متعلق ڳالهائڻ ممنوع
سمجهيو وڃي ٿو. ڊپريشن يا پريشاني جون ڳالهيون
ڪندڙ کي سڌو سنئون
چوڻ ته، هو
چرين واريون ڳالهيون
پيو ڪري ته اها ڳالهه ڪنهن به ماڻهو کي بي همت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ واري کي بزدل، ايمان ڪمزور يا
هروڀرو گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي، انڪري ڳالهائڻ جي ڪري
به
خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو، ڪنهن کان مدد به نه وٺي سگهندو آهي، انتهائي
قدم کڻڻ تائين، ڪنهن کي خبر نه پوڻ ڏيندو آهي.
نفسياتي ڊاڪٽرن
جي کوٽ:
اسان وٽ هڪ
ته
اڳيئي نفسياتي ڊاڪٽرن
جي کوٽ آهي ۽ ٻيو ته ان کي ڪو ڏيکاري به ته ماڻهو
سمجهندا آهن ته چريو ٿي پيو
آهي يا چري ٿي وئي آهي،
انڪري
دماغي ڊاڪٽر کي ڏيکارين ٿا.
اهڙين ڳالهين ٻُڌڻ جي ڪري به ماڻهو نفسياتي ڊاڪٽر
کي ڏيکارڻ کان لنوائين ٿا.
خودڪشي ڪرڻ جو هڪ سبب، انتهائي
تڪليف ڏيندڙ
واقعو ٿيڻ به آهي.
مثال طور: ڪنهن سان جنسي زبردستي ڪئي وڃي ته نتيجي ۾ انسان پاڻ کان
نفرت ڪرڻ لڳندو آهي. ۽ اڳتي هلي،
ان جو ردعمل خودڪشي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
انصاف نه ملڻ جي ڪري: اسان جو سماج ناانصافي تي ٻڌل آهي، جتي گهر کان ويندي،
هر هنڌ اڻ
برابري آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڻ برابري جي ڪري ڪو ٻار ڪنهن خواهش
پوري نه ٿيڻ، امتحان ۾ فيل ٿيڻ، نوڪري وڃڻ، غربت، بک، بيماري،
اهي سبب به انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪن ٿا.
خودڪشيءَ
جا سبب مردن ۾ :
گهڻو ڪري مردن جي ننڍي هوندي کان تربيت ٿيندي آهي
ته ڪنهن به تڪليف ۽ ڏک تي پنهنجي جذباتن جو اظهار
نه ڪجي. اها تڪليف برداشت ڪجي. پنهنجي تڪليف يا
پريشاني جو اظهار مرد لاءِ ڪمزوري ۽
بزدلي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي،
جنهنڪري، جڏهن
هو
مسئلن کي حل نه ڪري سگهندو آهي ته ان جو اظهار ڪرڻ
يا مدد وٺڻ جي بدران، خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.
اسان جي سماج ۾
مرد تي معاشي بار گهڻو هوندو آهي. ان کي پنهنجي
ماءُ پيءُ، ڀيڻن،
ڀائرن، گهر واري، اولاد سڀني جو خرچ کڻڻو هوندو
آهي. معاشي اڻ
برابري جي ڪري محنت، آمدني ۽ خرچ جو فرق ختم نه
ڪري سگهندو آهي،
جڏهن اهو سڄو ڏينهن محنت باوجود،
ايترو ناهي ڪمائي سگهندو،
جو گهر هلائي سگهي ته نتيجي ۾ خودڪشي جو سوچيندو
آهي.
اڪثر ڪري گهرن ۾، هوند اڻهوند ۾ به ڇوڪرن جون
خواهشون پوريون ڪيون وينديون آهن،
جنهنڪري
انهن ۾ خود غرضي جي سوچ پيدا ٿي
ويندي آهي. اڪثر ڇوڪرا،
ننڍين ننڍين خواهشن جي پوري نه ٿيڻ تي گهر وارن
کي
خودڪشي ڪرڻ جي
ڌمڪي
ڏيندا آهن ۽ اڪثر نادانيءَ ۾ ان
ڪُڌي ڪم
تي عمل به ڪري ويهندا آهن.
عورتن ۾ خودڪشيءَ جا سبب
:
اڪثر عورتن ۾ خودڪشيءَ
جو سبب، ذهني، جنسي، ۽ جسماني تشدد ۽ زبردستي هوندو آهي. شادي شده عورت تي ساهرن ۽ مڙس جي طرفان تشدد.
زبردستي جي شادي، ان کانسواءِ، غربت ۽ بک ۾ ٻارن
کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪري،
اجتماعي خودڪشي به گهڻو ڪري، عورت جي طرفان ٿيندي آهي، جنهنڪري هو پنهجي ٻارن سميت پنهجي زندگيءَ جو انت آڻيندي آهي.
خودڪشي کي روڪڻ لاءِ قدم
:
جڏهن به ڪو ماڻهوءَ مايوسيءَ
جون ڳالهيون ڪري يا پاڻ مارڻ جون ڳالهيون ڪري ته
ان تي نه ٽوڪ ڪجي ۽ نه ڪاوڙ ڪجي، پر ان سان،
سنجيدگيءَ سان ويهي ڳالهائجي. ڇاڪاڻ ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو
اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي. يا اڻ
سڌيءَ
طرح مشورو يا مدد گهرندو
آهي
۽
پنهنجن مسئلن بابت ڳالهائڻ چاهيندو
آهي، سو ان
جي ڳالهين کي ٻڌجي ۽ ان کي
نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
2 .خودڪشي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ شين
کي پري رکڻ يا حفاظت ڪرڻ:
اڪثر ڪري، ڳوٺن ۾ عورتون زرعي اسپري وارو زهر پي خودڪشي ڪن ٿيون يا وري ڪارو پٿر کائي،
پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻين ٿيون. مرد اڪثر ڪري پسٽل سان يا وڻ ۾ رسو ٻڌي، ڦاهي ڏيڻ ذريعي خودڪشي ڪن ٿا،
اهڙين شين تي نظر رکجي
۽ خودڪشي جي سوچيندڙ ماڻهو کان پري رکڻ
گهرجن
۽ ان کي اڪيلو نه ڇڏڻ به هڪ وقتي بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
3 . نفسياتي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ:
اسان مان هر ڪو نفسياتي ماهر ٿيڻ جي ڪوشش ضرور
ڪندو آهي،
پر اها حقيقت آهي ته جيئن ڪنهن به جسماني بيماري جي صورت ۾ اسان ڊاڪٽر
کي ڏيکاريندا آهيون. ائين ذهني مونجهارن کي به
ڊاڪٽر ئي بهتر
نموني
سمجهي
سگهي ٿو
۽ حل ڪري سگهي ٿو.
4 . تعليمي ادارن م ماهر ڪائونسلر جو
هجڻ:
هر عمر جي حساب سان،
ماڻهن ۾ مختلف ذهني مونجهارا ۽ مسئلا ٿي سگهن
ٿا،
جن کي صرف هڪ ماهر ئي سمجهي سگهي ٿو. اسان وٽ ته نفسياتي
علاج جي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي،
جنهنڪري ڪافي ماڻهو
انهن تائين، پهچي
نٿا سگهن.
ان لاءِ
ضروري آهي ته هر اسڪول ۾ نفسياتي ڊپلومه ڪيل
ڪائونسلرن،
استادن ۽ هيلٿ ورڪرن کي پڻ اهڙي ٽريننگ ڏياري وڃي،
جو اهي اسڪول ۾ اهڙن ٻارن جي رهنمائي ڪري سگهن،
جيڪي ڪنهن ذهني موجهاري جو شڪار هجن
ٿا.
سماجي اصولن جو سهل هجڻ:
جڏهن به سماج،
ڪنهن جي زندگيءَ
۾ حد کان وڌيڪ دخل ڏيندو
آهي
ته انسان سماج جو غلام ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي مرضيءَ
سان، پنهجي زندگيءَ جو ڪو به قدم نٿو کڻي سگهي.
هر ڳالهه
۾
ته،
ماڻهو ڇا چوندا،
اهو سوچڻو ٿو پوي. انڪري انسان پنهنجون خواهشون،
پنهنجا
خواب، سماج جي
دقيانوسي سوچن ۽ رسمن رواجن تي
قربان ڪري،
هڪ بي سڪوني واري زندگي گذاري ٿو. ان سان گڏ ئي، جيڪڏهن ڏسجي ته شهري زندگي ۾ ماڻهو سماجي اڪيلائپ جو شڪار ٿي
وڃن ٿا
۽ ڪنهن به مسئلي ۾ خوشين توڙي ڏکن ۾ اڪيلائي جو
شڪار ٿي
وڃن ٿا.
انڪري ضروري آهي ته اسان،
اهو سکئون ته
ٻين
ماڻهن جي خوشين ۽ ڏکن ۾ ته شريڪ ٿجي، پر ان جي فيصلن ۽ان جي چونڊ تي اثر انداز نه ٿجي.
خدا جي ذات تي ڀروسو:
هڪ ڀيرو ڪنهن ريسرچ
مئگزين ۾ پڙهيو هو ته:
هڪ سماجي ماهر،
ٻن مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي ڪري،
ماڻهن جي زندگيءَ
۾ آيل نفسياتي اثرن تي تحقيق ڪندو آهي.
ان تحقيق جي نتيجي ۾
اهو ٻڌائيندو آهي ته جتي ماڻهو خدا جي ذات تي يقين ڪندڙ
نه هوندا آهن ته اتي، اهي مختلف ذهني مونجهارن جو شڪار هوندا آهن ۽ اتي خودڪشي جي
شرح به گهڻي هوندي آهي، بنسبت ان جي، جتي ماڻهو خدا جي ذات تي ڀروسو ڪندڙ هوندا آهن. خدا جي ذات تي
ڀروسو، انسان ۾ اميد پيدا ڪري ٿو ۽ان اميد سان ڪوشش ڪري ٿو ته خدا جي ذات ان جو
ضرور ساٿ ڏيندي.
ٻارن جي صحيح نموني سان تربيت:
اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ٻارن کي ڳالهه
ڳالهه
تي
گهروارن
پاران،
مار موچڙو
ڪيو ويندو آهي،
۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي.
يا انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
ٻار اهي سڀ شيون،
پنهنجي دماغ ۾
رکندو
ويندو آهي،
هر اهو لفظ،
جيڪو ٻار کي توهان چئو ٿا.
ٻار پاڻ کي ائين سمجهڻ شروع ڪندو آهي.
مثال طور:
توهان ٻار کي چئو نڪمو سست ڪاهل، ته ٻار
انهن لفظن جو اثر وٺندو ۽ نتيجي ۾ ٻار ائين
ئي
ٿيندو ويندو ۽ احساس ڪمتريءَ
جو
شڪار
ٿي ويندو.
يا وري
گهرڀاتين طرفان
ٻين ٻارن سان
ان ٻار جي
ڀيٽ ڪرڻ ته هي يا هو هوشيار آهي، عقلمند آهي. ۽ تون نه آهين. ته ائين ڪري ڪري،
اسان ٻار جي شخصيت تباهه
ٿا ڪري ڇڏيون ۽
ان ٻار
۾ پاڻ کي ڏوهه
ڏيڻ جي عادت ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن ان جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو مسئلو ٿئي ٿو ته هو انتهائي قدم کڻڻ جو سوچي ٿو.
خودڪشي جو رجحان ختم ڪرڻ لاءِ ادارن
کي خودڪشي جي سببن تي ڪم ڪرڻو پوندو. سڀ کان پهرين
اسان کي هڪ ٻئي لاءِ بهتر رويا، احترام ۽ برداشت
سکڻو پوندو ۽ ٻيو ته هر
ماڻهوءَ کي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي،
سماج
مان،
غربت ۽ ناانصافيءَ
کي
ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻي پوندي.
اعظم ڀٽي
ڊاڪٽر سيده بنفشه
بهار
ٽکڙ جي سرزمين جي شاعره
ڊاڪٽر
سيده بنفشه بهار جو تعلق،
سنڌ جي قديم تاريخي، علمي ۽ ادبي ماڳ ٽکڙ جي علمي
ادبي سيد خاندان سان آهي. سندس جنم 19 مئي 1978ع
تي،
ٽنڊي محمد خان جي پير محلا ۾ ٿيو. سندس والد جو
نالو سيد منظور علي شاهه آهي.
پاڻ
پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد،
ٽالپر ڪالوني مان حاصل ڪيائين.
مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ
اسڪول ٽنڊي محمد خان مان ۽ انٽر سائنس جي تعليم
گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل
ڪيائين.
ڪئي.
اتان ئي اسڪالرشپ
ملڻ
تي،
لنڊن
مان
جنرل سرجري جو ٽن مهينن جو ڪورس مڪمل ڪيو.
ڊاڪٽر بنفشه
ٻوڏ دوران،
ٺٽي ۾ يو ڪي جي ”سيو دي چلڊرين پروجيڪٽ“ تحت
ميڊيڪل آفيسر ۽ ڪنسلٽنٽ طور
پڻ
خدمتون سرانجام ڏنيون
اٿائين.
2007ع ۾ ناٽنگهم يونيورسٽي، انگلينڊ مان بريسٽ
سرجري ۾ پي.ايڇ.ڊي
ڪيائين، ڇاتي جي ڪينسر تي سندس ڪتاب نووا پبلشر،
نيويارڪ، آمريڪا پاران ڇپايو ويو. ڪيترائي ئي
تحقيقي مقالا پڻ لکيا اٿس، پاڪستان ۾ هاير
ايجوڪيشن ڪميشن پاران کيس ڇاتي جي سرجري تي پي.ايڇ.ڊي
جي ڊگري جي اپروول جي حوالي سان،
سپروائيزر طور مقرر ڪيو ويو آهي. هن وقت لياقت
يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ
اينڊ
سائنسز ڄام شورو ۾ ريسرچ پروفيسر طور خدمتون
سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ اتي ڪلينيڪل ريسرچ ڊويزن
اينڊ
شيرويو الاسٽروگرافي يونٽ جي هيڊ آهي. جڏهن ته
ڊائريڪٽر او.آر.آءِ.سي
۽
ڊائريڪٽر ايم.آر.سي
جا عهدا به وٽس آهن
۽
لياقت ميڊيڪل ريسرچ جنرل جي ايڊيٽر انچيف ۽ لمس
پبلشرس جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر آهي.
ڊاڪٽر بنفشه بهار
نيشنل هيلٿ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي پرنسپال ريسرچ
آفيسر طور به خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
انٽرنيشنل ڪنسورشم آن گلوبل هيلٿ، نانجنگ، چائنا
جي ڊائريڪٽر توڙي ايشين ڪنسورشم آن آرسينڪ ريسرچ،
نانجنگ، چائنا جي ڊائريڪٽر جون ذميداريون پڻ مليل
اٿس.
شاعري سندس خانداني ورثو آهي. سنڌي ٻولي جا
ناميارا اديب ۽ شاعر اسدالله شاهه بيخود حُسيني
۽ شبير هاتف رشتي ۾ سندس چاچا ٿين. خانداني ورثي
سبب،
شاعريءَ
سان کيس دلي لڳاءُ پڻ رهيو آهي، آزاد توڙي پابند
شاعري ڪئي اٿائين. بنفشه بهار جي تخيل ۾ سندس جذبن،
اميدن، آسرن ۽ احساسن جو سٺو اظهار آهي، سندس
خيالي تصور،
تتل واريءَ واري ڊگهي سفر تي ويندڙ ٿڪل پيرن لاءِ
ڇپر ۽ ڇانوَ آهي، سندس سوچن ۾ وسيع نظريءَ جو ثبوت
به آهي ته وري سندس احساسن جو ڀرپور اظهار به ملي
ٿو، سندس تخليق،
سندس ذهني سوچن جو اولڙو آهي. هن پاڻ کي ٻين کان
نرالو سمجهيو آهي. جڏهن ته پيڙا سڀن لاءِ پيڙا
هوندي آهي،
صرف شدت جو احساس مختلف هوندو آهي.
ڊاڪٽر سيده بنفشه بهار هن وقت به لياقت يونيورسٽي
جي تدريسي، علمي ۽ ادبي سرگرمين سان سلهاڙيل آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين
پنهنجي ڪتاب:
”دنيا
جون شاعر عورتون“
۾ لکي ٿي ته: ”بنفشه بهار،
ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. پاڻ
ڊاڪٽرياڻي آهي. آزاد توڙي پابند شاعري ڪري ٿي.
سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ تازگي آهي.“
بنفشه بهار جون تخليقون مهراڻ، نئين زندگي، سرتيون،
اديون ۽ ٻين رسالن توڙي ملڪي ۽ عالمي تحقيقي جنرلس
۾ شايع ٿيل آهن ۽ سندس جديد سائنسي تحقيقي مواد پڻ
شايع ٿيندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر سيده بنفشه بهار جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
غزل
وسارئي
به وسرن نٿا ڇا ڪجي،
جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي!
نه ڪي چوريان چپ نه واتان ڪُڇان،
جي سمجهي وڃن ته به غضب ٿي وڃي!
وڃي عيد ٿي جي اڱڻ تي اچن،
اچي جي وڃن ته به غضب ٿي وڃي!
سُتل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان،
جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي!
نه سنگتي نه ساٿي نه زادِ سفر،
جي سهڻا سَڏن ته به غضب ٿي وڃي!
ٻڌو روئي روئي جنين حالِ دل،
پٿر سي هڻن ته به غضب ٿي وڃي!
هئم آسرو جن تي ايندا ڏسڻ؟
وساري ڇڏين ته به غضب ٿي وڃي!
********
وائي
اي زندگي منهنجي مٿان،
ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!
پَيرَ ٿَڪل، ڊگهو سفر،
واري تتل، ڪيئن پير کڻان؟
ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!
سڄڻ ڏُور، وڃڻ ضرور،
جانب ريءَ، ڪيئن جيئان؟
ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!
ڏونگر ڏوريان، اکين ڀر،
اڃا پئي ٿي پنڌ پڇان،
ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!
**********
غزل
دنيا کي کِلڪارا ڏي،
پنهنجا درد اُڌارا ڏي!
مون کي اهي سارا ڏي!
تنهنجي اُداسي دل ٿي جهوري.
اندر جهورڻ وارا ڏي!
تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل.
مون کي اهي وسڪارا ڏي!
دل جا سڀ بار ڪڍي ڇڏ.
اهي مڙيئي مونجهارا ڏي!
دنيا ۾ گذر آ ساٿي.
دنيا کي کِلڪارا ڏي!
ماڻهو ڏس ڪيڏا تڙپن پيا.
تن کي تون سهارا ڏي!
وقت وڏو مرهم آ.
وقت کي تون وارا ڏي!
********
غزل
ايڏو پيار نه ڪر مون سان،
مان پيار کان ڊنل آهيان.
برسات ته ڪڏهوڪي وٺي،
مان لڙڪن ۾ ڀنل آهيان.
ڌرتيءَ تي ڀلي ڏسجان،
مان سُوريءَ تي چڙهيل آهيان.
فقط هڪ توکان وڇڙي،
مان پاڻ کان رُٺل آهيان.
پنهنجن ئي پيارن هٿان،
مان ڪاري ٿي ڪُٺل آهيان.!
********
غزل
ڊڄان ٿي ڪٿي وڇڙي نه وڃان،
پن پن ٿي ڪٿي وکري نه وڃان!
رُڃ ۾ بيٺل ڪنهن سڪل وڻ وانگي،
تيز هوائن ۾ ڪٿي اُکڙي نه وڃان!
ڪيسين بيهان بادِ مخالف جي سامهون،
ٿڪجي پوان ڪٿي اُڏري نه وڃان!
نصيب منهنجو ڌڪي ٿو ڪيڏانهن؟
ضد پنهنجي ۾ ڪٿي ڀٽڪي نه وڃان!
پنهنجو پاڻ کي ڀلائي هلڻ ڏاڍو محال،
پاڻ کان ئي ڪٿي وسري نه وڃان!
”بهار“
پاڻ کي گڏ کڻ زماني سان،
زمانو نڪري وڃي ڪٿي رهجي نه وڃان!
|