سوچ
ويچار
آءٌ اڀران ٿي
سرتيون آڪٽوبر-ڊسمبر 2021ع جو رسالو اوهان جي هٿن
۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان آگاهه
ڪندا. اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي سهڪار ۽ تعاون
سبب ئي گذريل 32 سالن کان رسالو باقاعدي شايع
ٿيندو رهي ٿو، اميد ته آئينده به پنهنجو سهڪار
جاري ۽ ساري رکندا. اوهان جي تجويزن، صلاحن ۽
تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.
مون کي مايا اينجلو جون هي سٽون هميشه اتساهه
ڏيارينديون آهن ته:
ڇو ته آءٌ ايئن گهمان ٿي ڄڻ ته مون وٽ تيل جا کوهه
آهن ۽ تيل ڪڍڻ جو ڪم منهنجي رهڻ واري ڪمري ۾ ٿئي
ٿو.
آءٌ کلان ٿي ان طرح ڄڻ مون وٽ سون جون کاڻيون آهن
جيڪي منهنجي گهر جي پوئين اڱڻ مان کوٽجي نڪرن
ٿيون.
آءٌ غلام جو خواب ۽ اميد آهيان آءٌ اڀران ٿي.
چنڊن وانگي ۽ سجن وانگي
وير جي ويساهه وانگي
اميدن ۾ جهجهي ڦوٽهڙي وانگي
آءٌ اڀران ٿي.
عورت پنهنجي قلم سان جڏهن به ڪاڳر تي پنهنجو اندر
اوريو آهي، پنهنجي ذهن جي جڏهن به عڪاسي ڪئي آهي.
اها پڙهندڙ کي منزل طرف وڌڻ جو حوصلو ڏئي ٿي، اهو
ئي سبب آهي جو عورتن جي لکڻين کي پڙهڻ ۽ کانئن
لکرائڻ منهنجو پسنديده مشغلو رهيو آهي.
اڄ
سرتيون جي پليٽ فارم تان انهن گذريل 32 سالن کان
سوين ڪهاڻيون، شعر، آتم ڪٿائون، انٽرويوز، مضمون،
مقالا ۽ ڪيئي داستان عورتن لکيا ۽ ڇپايا آهن. هن
وقت سرتيون جا ڪيترائي خاص نمبر ان ڳالهه جو ثبوت
آهن ته سرتيون رسالو ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي حيثيت
مڃرائي چڪو آهي. سرتيون پنهنجي صفحن ۾ ادب جي هر
صنف کي محفوظ ڪيو آهي جيئن: 1. ڪهاڻي نمبر 2.
شاعري نمبر 3. ڪهاڻي نمبر حصو (2) 4. انٽرويو نمبر
5. شهيد راڻي بينظير ڀٽو نمبر 6. خيرالنساءِ جعفري
نمبر 7. مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو نمبر 8.
يادگيريون نمبر 9. امڙ نمبر 10. هڪ شخصيت 100 سوال
نمبر 11. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نمبر ۽ 12. بابا
خاص نمبر پڻ جلد منظر عام تي اچي ويندو، جنهن ۾
سنڌ جي عظيم قلمڪارائن/قلمڪارن جون لکڻيون موجود
آهن.
انساني
ڪرت ۽ ذوق جا مختلف درجا آهن. ڪڏهن اهو ڪم ڪوفت
کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو ۽ ڪڏهن بي انتها خوشيءَ جو
باعث بڻجي ٿو. ان جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته
ان ڪم جي نوعيت ڇا آهي؟ اهڙي نموني ”سرتيون“ جو ڪم
منهنجي لاءِ هميشه خوشيءَ ۽ ڪاميابي جو باعث رهيو
آهي. سرتيون کي سهيڙيندي مون کي فخر جو احساس
ٿيندو آهي. ڇو ته هن رسالي ۾ گهڻي ڀاڱي نوجوان
ليکڪ/ليکڪائون اُڀريا/اڀريون ۽ ان سان گڏ سينئر
قلمڪارن جي به موجودگي ۽ سهڪار رهيو آهي.
اهو به واضح ڪندي هلان ته هن رسالي جو اجراءُ ٻن
عظيم شخصيتن جيئن شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ سائين
مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جي مشاورت سان
ٿيو. سرتيون جي پهرين ايڊيٽر ٿيڻ جو اعزاز مون کي
مليو. اهو محترمه شهيد راڻي جي وزارت عظمى جو
پهريون دور هو ۽ ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين
سائين مخدوم طالب المولى صاحب جن هئا. سائين مخدوم
طالب المولى صاحب هن رسالي جي اشاعت ۾ خاص دلچسپي
۽ توجهه فرمائيندا هئا. ڪڏهن مواد کٽي پوندو هو ته
پاڻ مضمون لکي موڪليندا هئا. اهوئي سبب آهي جو وچ
۾ ڪيترين ئي ڪٺن حالتن باوجود ”سرتيون“ کي اهڙي ئي
آب و تاب سان شايع ڪبو رهجي ٿو.
سنڌ جو واحد علمي ادبي عورتن جو رسالو آهي جنهن
بنا ڪنهن تفريق جي ليکڪن کي پنهنجي صفحن ۾ سموهيو
آهي. سرتيون جي پليٽ فارم ڪيترا پروگرام ڪرايا. جن
۾ نامور ليکڪائن سان گڏ نون لکندڙ ڇوڪرين ۽ خواتين
کي موقعو ڏنو. اڄ خواتين جا سوين نالا پنهنجو پاڻ
ادب ۾ مڃرائي چڪا آهن.
پنهنجي اداري جي موجوده چيئرمين مخدوم سعيد الزمان
”عاطف“ جن جي بهترين حڪمت عملين ۽ سهڪار سبب،
سرتيون رسالو پنهنجا اعلانيل نمبر شايع ڪري رهيو
آهي جيئن ”سرتيون آلبم نمبر“ وغيره هن خاص نمبر ۾
زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائيندڙ شخصيتن جا
پروفائيل ۽ تصويرون ڇاپبيون. اهي نمبر تحقيق جي
ميدان ۾ ڪم ڪندڙ شاگردن لاءِ وڏي سهولت ميسر ڪن
ٿا. اهڙي نموني هي رسالو عورتن جي حوالي سان هڪ
تاريخي ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. اسان هڪ دفعو ٻيهر
پنهنجي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.
گلبدن جاويد
جبران زيب
ڊاڪٽر سيد
درشهوار
نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ
جي قومي سياستدان
سائين
جي. ايم. سيد جي ڌيءُ جو جنم 21 مارچ 1942ع تي
اباڻي ڳوٺ سن، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. جيئن ئي پڙهڻ
جيڏي ٿي ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ 1947ع ۾ هندن
لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري سن جي گرلز پرائمري اسڪول ۾
پڙهائيندڙ ماسترياڻيون پڻ لڏي ويون، جنهن ڪري
ابتدائي طور کيس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ
رهايو ويو ۽
پرائمري
کان مئٽرڪ تائين ۽ بعد ۾ بي. اي 1967ع ۾ سينٽ جوزف
اسڪول ۽ پوءِ
انٽرميڊيٽ
ڪراچيءَ مان ڪيائين.
1969ع
۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فلاسافيءَ ۾
ڪيائين، جڏهن ته فارسي زبان جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1972ع ۾ ڪيائين. ان دوران
ئي سندس والد کيس پي. ايڇ. ڊي ڪرائڻ جو خيال ظاهر
ڪيو. 1974ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ
لنڊن وئي. پهرين 1978ع ۾ سسيڪس يونيورسٽي
(Sussex University)
۾ داخل ٿي ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان
1984ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
هيءَ پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن شاهه لطيف تي
انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس
پڙهائيءَ جي معاملي تان
”آل
سنڌ سيد
سادات“
جماعت سميت گھر جي ڪجهه فردن مخالفت ڪئي، پر سندس
والد هر ڳالهه کي پوئتي رکي کيس پڙهايو، جنهن جو
احوال جي. ايم. سيد ۽ درشهوار جي وچ ۾ ٿيل خط و
ڪتابت جي ڪتاب
”ڏونگر
سي ڏورينديون“
۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ کيس مخاطب ٿي
سائين
جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”تنهنجي علم جي
حصول جي ڪاميابي، منهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو
آهي.“ پيءُ جي ان خواب کي سنڌ جي هن لائق نياڻي
سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس شمار سنڌ جي تعليمي
ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي سنڌي،
انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. کيس
پيار ۽ احترام مان
”جيجي“
به سڏيو ويندو هو. هن 1985ع کان 1991ع تائين ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جوائن ڪيو ۽
اتي لڳاتار تاريخ جو مضمون پڙهايائين. ليڪچرار ۽
اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهي. ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ درس
و
تدريس جا فـرض سـرانجـام ڏيـڻ سـان گـڏ، 1991ع ۾
ڪـراچـي يـونيـورسـٽـيءَ جـي
”شاهه
عبداللطيف چيئر“
جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي. سندس انگريزي
ڪتاب
‘Universal Message of Shah Abdul Latif’ 1986
۾
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو
”لطيفي
ڪهانيان“
(اردوءَ ۾) 1993ع ۾ شايع ٿيو.
”شاهه
عبداللطيف جي موسيقي“
عنوان سان سندس ترتيب ڏنل ڪتاب
”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر“
1992ع ۾ شايع ڪيو. سندس سنڌي، اردو، انگريزي ٻولين
۾ لکيل کوڙ سارا مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾
شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترن قومي ۽ عالمي سطح جي
سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي مقالا
پڙهيا. کيس
ڪيترائي
ايوارڊ
به مليا، جن ۾ 1985ع ۾
”ارنسٽ
ٽرمپ اوارڊ“،
1988ع ۾
”لطيف
گولڊ ميڊل اوارڊ“.
ساڳئي سال
”گورنمينٽ
آف سنڌ ڪيش اوارڊ“،
1990ع ۾
”سچل
سرمست ايوارڊ“
شامل آهن. هن آل سنڌ وومين ايسوسئيشن جو بنياد
رکي، سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ ۽ انهن جي حقن
لاءِ
پاڻ
پتوڙيو ۽ ڪيترن شهرن جا دورا پڻ ڪيائين. ان
کانسواءِ شاهه لطيف چيئر ۾ رهڻ دوران هن (1)
”تحقيق
جو طريقيڪار“،
(2)
”شاهه
لطيف تي تحقيق“،
(3)
”ببليوگرافي
آف شاهه لطيف“،
(4)
”شاهه
جو رسالو“
(چئن ٻولين ۾) لکيا ۽ سهيڙي ڇپايا. ڊاڪٽر درشهوار
سيد 26 ڊسمبر 1997ع ۾ وفات ڪئي.
غلام علي الانا
ڊاڪٽر نور افروز
خواجه
(ولادت: جولاءِ 1953ع)
ڊاڪٽر نورافروز،
پنهنجيءَ هن تحقيق جي موضوع جي باري ۾، پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي:
”منهنجو هيءُ موضوع، انهيءَ ڪري به نئون آهي جو
ورهاڱي (1947ع) کان پوءِ، سنڌ ۾ جيڪي سياسي،
سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي تبديليون آيون آهن، ۽
اُنهن تبديلين جو سنڌي سماج ۽ سنڌي ثقافت تي جيڪو
اثر ٿيو آهي، تنهن جي اُنهيءَ دور ۾ لکيل ناولن ۾
پوري عڪاسي ٿيل آهي، پر اُنهن موضوعن تي گهربل
ادبي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪو خاص ڪم ڪونه ٿيو آهي.
انهيءَ ڪري ئي هن موضوع تي هڪ جامع تحقيقي مقالي
لکڻ جي ضرورت آهي.
مون پنهنجي هن مقالي ۾، ورهاڱي (1947ع) کان پوءِ،
سنڌ جي هندو اديبن، عالمن، نقادن ۽ ناشرن جي سنڌ
مان لڏي وڃڻ، ۽ پاڪستان ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ
سياسي ۽ سماجي صورتحال جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ لاءِ
پيدا ڪيل مسئلن، جن ۾ 1951ع ۾، ڪراچيءَ ۾ قائم
ڪيل، نئين ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي،
ذريعه تعليم ۽ ذريعه امتحانات واريءَ حيثيت تان
هٽائڻ، ۽ پوءِ سال 1954ع ۾ ون يونٽ جي قيام جي
ڪري، سنڌ ۾ پيدا ٿيل سياسي، سياسي، ثقافتي ۽
اقتصادي مسئلن سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾، تحريرن ۽
تقريرن ۾ سنڌ جي نالي وٺڻ يا سنڌ جي نالي لکڻ تي
ون يونٽ سرڪار طرفان سزا مقرر ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن تي بندش وجهڻ، ۽ اُنهن (ڇپيل
ڪتابن) کي ضبط ڪرڻ کان سواءِ، سنڌي رسالن ۽ سنڌي
اخبارن تي بندش وجهڻ کان سواءِ ڪنهن به ادبي،
ثقافتي توڙي سياسي جلسي ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي
توڙي سياسي موضوعن تي تقريرون ڪرڻ تي به بندش وجهڻ
جهڙن مسئلن، ۽ اُن کان پوءِ 1958ع ۾، جنرل ايوب
خان طرفان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ، ۽ مارشل لا حڪومت
جي اوائلي زماني ۾ ملڪ ۾ تعليمي سڌارن آڻڻ جي
سلسلي ۾ جوڙيل ”شريف تعليم ڪميشن“ جي ڪيل سفارشن
ذريعي سنڌ ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردو
ٻوليءَ کي ذريعه تعليم طور نافذ ڪرڻ جو فيصلو، ۽
اهڙيءَ طرح جنرل ايوب خان جي حڪومت واري زماني ۾
سنڌ ۾ پيدا ڪيل ٻين به ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽
اقتصادي مسئلن، توڙي اُن کان پوءِ جنرل يحيٰ خان
جي مارشل لا واري زماني ۾، بنگلاديش جي قائم ڪرڻ
واريءَ تحريڪ جو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي
اثر، ۽ اڳتي هلي جنرل ضياءَ جي 1977ع واري مارشل
لا واري زماني ۾،
پهرين ملڪ جي هڪ اهم ۽ قداور سياسي اڳواڻ شهيد
ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري ۽ پوءِ اُنهن جي
شهادت کانسواءِ سنڌ ۾ 1983ع واري ايم. آر. ڊي
واريءَ هلچل، توڙي اُن کان پوءِ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي حڪومت جي ٻئي دور ۾ عام ماڻهن جي سوچ ۽
بدلجندڙ تقاضائن ۽ ملڪ جي حالتن، سنڌي ادب توڙي
سنڌي صحافت ۾ انقلابي تبديليون آڻي ڇڏيون. هن دور
۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي هر موضوع تي طبع آزمائي
ڪئي وئي. هن دور ۾ تخليق ڪيل سنڌي ادب جي موضوعن ۽
مضمونن ۾ به وڏي تبديلي آئي. انهن سياسي، سماجي،
ثقافتي ۽ اقتصادي تبديلين جو سنڌي ادب تي جيڪو اثر
ٿيو، اُنهن اثرن جي ڪري سنڌي نثر نويسيءَ ۽ سنڌي
شاعريءَ ۾ جيڪا نواڻ آئي، جيڪي نوان ادبي ۽
نظرياتي رجحان پيدا ٿيا، اُنهن سڀني موضوعن ۽
مضمونن جو جائزو، سنڌي ناولن ۾ بيان ڪيل موضوعن جي
ورتل جائزي جي حوالي سان، هن تحقيق ۾ تفصيل سان
بيان ڪيو ويو آهي. اُن لحاظ کان، هن تحقيق ۾،
ورهاڱي واري دور يعني 1947ع کان وٺي 1994ع تائين،
سنڌ جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي، تمدني، ۽ سنڌ جي
ماڻهن جي نفسياتي ڪيفيتن جي لاڙن، ادبي نظرين،
ادبي فلسفن ۽ ادبي مڪتبه فڪرن جو تحقيقي اڀياس ڪيو
ويو آهي.“
ڊاڪٽرن نور افروز، پنهنجيءَ هن تحقيق جي باري ۾
اڳتي لکي ٿي:
”مون ڪوشش ڪري ورهاڱي (1947ع) کان اڳ وارن ٽن
ڏهاڪن واري عرصي ۾ تخليق ڪيل يا ترجمو ڪيل ناولن،
اُنهن جي قسمن، اُن دور ۾ لکيل خاص خاص ناولن
کانسواءِ، سنڌ جي ادبي توڙي اشاعتي ادارن جي باري
۾ مختصر تبصرو پڻ ڪيو آهي. مون تفصيل کان انهيءَ
ڪري گريز ڪئي آهي جو، ڀارت ۾ پروفيسر لعل سنگ
اجواڻيءَ، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ ٻين ڪن
محققن ۽ اڳ ۾ ڄاڻايل اديبن ۽ نقادن پڻ پنهنجن
ڪتابن ۽ مقالن ۾ انهيءَ موضوع تي ڪافي روشني وڌي
آهي.
مون ڪنهن به ناول يا ناول نويس جي فن جي سلسلي ۾،
پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ، سنڌ ۽ ڀارت جي سنڌي نقادن
۽ ماهرن جي طرفان، ناول ۽ ناول نويسيءَ جي فن
متعلق ڏنل وصفن کي آڏو رکي، ورهاڱي کان پوءِ جي
لکيل، ناولن جو گهڻي توجهه سان مطالعو ڪيو آهي.
پڙهندڙن کي معلوم آهي ته مختلف ماهرن ۽ ادبي
نقادن، ناول نويسيءَ جي فن جي باري ۾ مختلف وصفون
مقرر ڪيون آهن. مون ڪوشش ڪري، مغربي توڙي ڏيهي
ماهرن طرفان مذڪوره وصفن کي گڏ ڪري، اُنهن کي هن
ٿيسز ۾ پيش ڪيو آهي. جن جن ماهرن جون ڏنل وصفون
مون کي هٿ آيون آهن، اُهي ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهر
اُهي ئي ساڳيا آهن جن جا نالا آءٌ اڳ ۾ ئي ڄاڻائي
آئي آهيان. اُنهن ماهرن جي ڏنل وصفن جي ئي آڌار تي
مون هڪ هڪ ناول پڙهڻ شروع ڪيو. اُنهن نقادن جي
طرفان مقرر ڪيل اصولن جي روشنيءَ ۾ هر هڪ ناول جون
فني خوبيون يا اُنهن ۾ اوڻايون به نوٽ ڪندي ويس.
زندگيءَ جي فلسفين يا انسان شناسيءَ جي ماهرن توڙي
علم ادب جي نقادن، ادب جا جيڪي مختلف نظريا، فلسفا
۽ رجحان بيان ڪيا آهن، اُنهن رجحانن، لاڙن ۽ ادب ۾
متواتر ايندڙ تبديلين، ۽ مختلف دورن ۾ سماج ۽
سماجي قدرن ۾ آيل ڦيرين گهيرين ۽ اُنهن ۾ آيل نون
رجحانن ۽ لاڙن جي ڪري اُهي نظريا به ادب تي
اثرانداز ٿيندا ويا آهن.
”ادب جي تاريخ لکندڙ ماهرن، عالمن ۽ نقادن کي اها
ڄاڻ آهي ته ادب جي ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻ
لاءِ ادب جي صنفن، خاص ڪري نثري صنفن لاءِ هر
اديب، عبارت آرائيءَ، حسن بيانيءَ ۽ اُسلوب وارن
اصولن جو محتاج هوندو آهي.
مطلب ته هر دور ۾ ماهرن، پنهنجن تجربن، آزمودن،
پنهنجيءَ سمجهه، سوچ ۽ خيال مطابق، ادب جي قدرن ۾
آيل تبديلين، رجحانن ۽ لاڙن کي ڌار ڌار نظرين طور
قبول ڪري، اُنهن جا ڌار ڌار نالا مقرر ڪيا ته جيئن
ادب جا نقاد، اُنهن ماهرن طرفان پيش ڪيل ڪسوٽيءَ ۽
اصولن جي آڌار تي، ادب جي مختلف صنفن جو تجزيو ڪري
سگهن.“
پروفيسر ڊاڪٽر نورافروز، پنهنجي هن تحقيقي مقالي
۾، نثري صنفن لاءِ، عبارت آرائيءَ جي ضرورت تي پڻ
بحث ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي:
”ادب جي تاريخ لکندڙ ماهرن، عالمن ۽ نقادن کي اها
ڄاڻ آهي ته ادب جي ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻ
لاءِ ادب جي صنفن، خاص ڪري نثري صنفن لاءِ هر
اديب، عبارت آرائيءَ، حسن بيانيءَ ۽ اُسلوب وارن
اصولن جو محتاج هوندو آهي. مثال طور: ڪنهن ناول جي
ڪهاڻي ڪيتري به دلچسپ ڇو نه هجي، اُن ناول جي
ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ڪيتري قدر به مناسب طريقي ۽ سٽاءَ
سان سوچيل ۽ لکيل ڇو نه هجي، اُن ناول جو پلاٽ
اعليٰ طريقي وارو ۽ پختو ڇو نه هجي، پر جيستائين
ڪو به ناول نگار، عبارت آرائيءَ، حسن بيانيءَ ۽
اُسلوب وارين خوبين سان مالامال نه هوندو،
جيستائين کيس اهي خوبيون عطا ٿيل نه هونديون، ۽
جيستائين ناول نگار وٽ لغوي خزانو اکُٽ نه هوندو،
تيستائين هُو، پنهنجي ناول ۾ حقيقت نگاريءَ، اصليت
نگاريءَ، منظر نگاريءَ، تخيل، محاڪات، سيرت
نگاريءَ ۽ گفتگو واريءَ خوبيءَ کي سهڻي ۽ ڪامياب
طريقي سان پيش ڪري نه سگهندو، انهن خوبين
کانسواءِ، هو پنهنجي انهيءَ شهپاري ۾ ڪابه جان
پيدا ڪري نه سگهندو. انهيءَ ڪري ئي هر ناول نگار
کي، هر لحاظ کان انهن خوبين تي مدار رکڻو پوي ٿو.
اُن جا ڪردار، سندس ئي سماج مان کنيل هجن، نه ڪي
اُهي ڪي آسماني ڪردار هجن، هن جي ڪردارن جي گفتگو
يا اُنهن جا مڪالما، اُنهن جي سماجي حيثيت ۽ اُنهن
جي سماجي سطح به اُنهن جي ماحول مطابق هجي، يعني
ڪو هاري، پنهنجي ئي ماحول واري ٻولي ڪم آڻيندو.
ماحول جي منظر ڪشي ڪندي هو هر سماج ۽ اُن جا سچا ۽
صحيح منظر چٽي، صنايع ۽ بدايع جو استعمال ڪري،
پنهنجي نثر ۾ موضوع مطابق نثر جو نمونو ڪم آڻي،
جتي تُڪبنديءَ يا سجع بنديءَ جي ضرورت هجي، اُتي
نثر جو اُهو اندازِ بيان ڪم آڻي، موزون سٽاءُ،
سهڻا لفظ ۽ فقرا چونڊي، عبارت کي سهڻو بڻائي. مطلب
ته اهي سڀ خوبيون، عبارت آرائيءَ، حسن بيانيءَ يا
انداز بيان
(style)
تي مدار رکن ٿيون.“
انهيءَ وضاحت کان پوءِ، ڊاڪٽر نور افروز، پنهنجي
هن تحقيقي مقالي ۾ ناول نويسيءَ جي هڪ ٻيءَ خوبيءَ
طرف به نشاندهي ڪئي آهي. هوءَ لکي ٿي:
”مٿي ڄاڻايل خوبين کي خيال ۾ رکندي، مون پنهنجيءَ
هن ٿيسز ۾ هر ناول جو تنقيدي تجزيو به پيش ڪيو
آهي. مون ڪوشش ڪري هر ناول نگار جي ناول نويسيءَ
جي خوبين ۽ سندس اوڻاين کي به نمايان ڪيو آهي، ۽
سندس اُنهن خوبين ۽ اوڻاين جي اُپٽار به ڪئي اٿم.
مون هر ناول نويس جي عبارت آرائيءَ، اُسلوب بيان ۽
اُن جي ٻوليءَ جي خوبين جو به اڀياس ڪري سندس ناول
جي اُنهن خوبين کي هن ٿيسز ۾ نمايان به ڪيو آهي.“
اڳتي هلي، ناولن جي عام قسمن جي وضاحت کان پوءِ،
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز لکي ٿي:
”مون پنهنجيءَ هن تحقيق دوران اهو پڻ محسوس ڪيو ته
نه فقط ناولن جا ڪيترائي قسم آهن، پر اُهي ئي ناول
وري ڪيترن ئي موضوعن ۾ تقسيم به ٿيل آهن، يا تقسيم
ڪري سگهجن ٿا. انهن موضوعن جو مون، باب پنجين ۽
باب ڇهين ۾ تفصيل سان تنقيدي جائزو ورتو آهي. مون
اُنهن ئي ساڳين بابن ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته ادب
جي ڪنهن به صنف جي فني سٽاءَ ۾، موضوع کي تمام
گهڻي اهميت هوندي آهي. ناول جي وصف بيان ڪندي مون،
ڄاڻايو آهي ته:
”ناول جا موضوع، انسان جي روزانه زندگيءَ سان
واسطو رکن ٿا، يعني ناول جي موضوع ۾، زندگيءَ جو
وسيع، گَهِرو ۽ ڀرپور احوال اچي وڃي ٿو. هر قسم جي
ناول لاءِ ضروري آهي ته ناول نگار، موضوع سان پوري
واقفيت رکندو هجي. ناول نويس ۾ مشاهدي ڪرڻ جي پوري
صلاحيت هجي، هو، اعليٰ تخيل وارو ۽ فني صلاحيتون
رکندڙ هجي، کيس زندگيءَ جي وسيع هجڻ ۽ اُن جي
گهرائيءَ جو احساس هجي، ۽ جيڪو به موضوع هو پنهنجي
ناول ۾ بيان ڪرڻ چاهي اُن ۾ مخصوص سماج جي مڪمل
ترجماني ڪيل هجي وغيره.“
سچ پچ ته هيءُ تحقيقي مقالو، سنڌي ادب جو هڪ اهڙو
ته لاجواب شهپارو آهي جنهن لاءِ محقق کي جيتريون
به مبارڪون پيش ڪجن اُهي گهٽ آهن. منهنجي نظر ۾،
هيءَ ٿيسز اُنهن ماڻهن لاءِ ’نوشته ديوار‘ مثل آهي
جيڪي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن لاءِ هيءَ
بڪواس ڪندا آهن ته:
”قاسمي صاحب مفت ۾ ڊگريون ورهائيندو رهندو آهي.“
اهڙن ماڻهن لاءِ ڊاڪٽر نور افروز جي پيش ڪيل هيءَ
ٿيسز هڪ وڏو جواب آهي. پنهنجيءَ هن تحقيق جي آخر ۾
ڊاڪٽر نور افروز، پنهنجي هن شهپاري لاءِ پاڻ جيڪو
رايو ڏنو آهي، اُهو سنڌي سماج جي ڪنهن به موضوع تي
تحقيق ڪندڙ اديبن لاءِ هڪ دعوت مثل آهي. هوءَ لکي
ٿي:
”منهنجو اهو ارادو هو ته سنڌي ماڻهن جي نفسيات،
اُنهن جي نفسياتي ڪيفيتن، جبلتن ۽ سندن احساسن جي
باري ۾ به ڪجهه لکان، پر اُهو سمورو مواد، طوالت ۾
شامل ٿئي ها.
هن ٿيسز جي مطالعي دوران، مختلف ناولن ۾ آندل
ڪردارن جي ڪردار نگاريءَ مان مدد وٺي، سنڌي ڪردارن
جي عملي زندگيءَ جي اڀياس مان سنڌ جي ماڻهن جي
نفسيات ۽ اُنهن جي نفسياتي ڪيفيتن جو جائزو وٺي
سگهجي ٿو.
جيڪڏهن ڪو به محقق، سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ اُنهن
جي نفسياتي لاڙن، سندن جبلتن ۽ نفسياتي ڪيفيتن ۽
احساسن توڙي سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪيءَ، چوڻين،
پهاڪن، سنڌي نثر جي صنفن ۽ اُنهن جي ڌار ڌار نمونن
جي مطالعي ڪرڻ جي خواهش ۽ تمنا رکندو هجي، ته
منهنجي هيءَ ٿيسز اُن محقق جي هر طرح سان مدد ڪري
سگهندي، ۽ اُن سان گڏ اُن محقق جون سڀ تحقيقي
گهرجون به پوريون ڪندي (انشاءَ الله)“.
(ب) ڊاڪٽر نور افروز جي ڪتاب ”پائي پٽ ڪڻا“ تي ڪن
نقادن جا رايا:
هي ڪتاب، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز جي مختلف موضوعن
تي لکيل سندس مضمونن جو مجموعو آهي. پنهنجن لکيل
اُنهن مضمونن کي ڊاڪٽر صاحبه هن ڪتاب ۾، ڌار ڌار
عنوانن ۾ ورهايو آهي. سندس ڏنل اهي عنوان هي آهن:
(1) ادبي صنفون.
(2) تنقيدي مضمون ۽ مقالا.
(3) لطيف شناسي.
(4) شخصيتون.
(5) لسانيات.
(6) تخليقي مضمون .
(7) لوڪ ادب.
(i)
پنهنجي هن ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحبه پاڻ لکي ٿي:
”سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيڻ
کان پوءِ، پنهنجن اُستادن جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ
هيٺ مون، مختلف تحقيقي مقالا لکڻ شروع ڪيا. هن وقت
تائين منهنجا سٺ کن تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
انهيءَ کان علاوه مختلف ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ پڻ
ڪيترائي مقالا پڙهيا اٿم، مثلاً: شاهه لطيف
ڪانفرنس ۾، سامي ڪانفرنس ۾، سنڌي شعبي، سنڌ
يونيورسٽيءَ طرفان ڪوٺايل ادبي ڪانفرنسن ۾، اهڙيءَ
طرح سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سندس علمي ادبي
ڪمن جي حوالي سان ڪوٺايل ڪانفرنسن وغيره ۾.
جيئن هن ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته
منهنجا اهي سڀ مضمون، مختلف موضوعن تي لکيل آهن.
اُنهن مان گهڻا ته سنڌ ۽ هند جي علمي ۽ ادبي
شخصيتن تي لکيل آهن. اُنهن شخصيتن جي علم ادب تي
ڪيل تحقيقي ڪم، اُنهن شخصيتن جي تصنيفن، سندن لکيل
ناولن ۽ افسانن جي مجموعن وغيره تي به مون پنهنجي
ناقص تنقيدي راءِ پيش ڪئي آهي.“
ڊاڪٽر صاحبه اڳتي لکي ٿي:
”مون ڪوشش ڪري سنڌي ادب جي نثري توڙي شاعريءَ جي
صنفن، جهڙوڪ: نثر ۾ افساني، ناول، ۽ شاعريءَ ۾
گنانن جي باري ۾ تنقيدي ڇنڊڇاڻ سان گڏو گڏ، شاهه
لطيف، شاهه ڪريم ۽ پير صدرالدين جي شاعريءَ جي
لحاظ کان تقابلي مطالعو پڻ پيش ڪيو آهي. اُن
کانسواءِ سنڌي ادب ۾، سنڌي افسانن ۽ سنڌي ناولن ۾
سنڌي سماج جي ٿيل عڪاسي، سنڌ جي ريتن رسمن، سنڌي
ڪلچر، سنڌي تهذيب کانسواءِ سنڌي ناولن جا موضوع،
اُنهن ۾ سنڌ ۽ هند يعني ٻنهي ملڪن ۾ ڇپيل سنڌي
ناولن جي اڀياس کانسواءِ، سنڌي ناولن ۾ رومانيت،
وجوديت ۽ قوميت وارن نظرين جي باري ۾ پڻ جائزو پيش
ڪيو آهي. منهنجي اها ڪوشش، در اصل سنڌي ٻوليءَ جي
تنقيدي ادب ۾ نئين ڪوشش آهي.
اهڙيءَ ريت مرزا قليچ بيگ جي لکيل سندس سوانح
عمريءَ،”سائو پن ڪارو پنو“، سائين جي ايم سيد جي
لکيل سوانح عمري، ”جيئن ڏٺو آهي مون“، اُن
کانسواءِ ”ساميءَ جي ڪلام ۾ عورت جو روپ“، ڊاڪٽر
سحر امداد جهڙيءَ مڃيل ترقي پسند شاعره جي شاعريءَ
جي مجموعي، ”چوڏهين چنڊ آڪاش“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪتاب،
”سرها گل سنڌ جا“ ۾، سنڌي اديبن جي ڪردار ۾ اديبن
لاءِ نيون تجويزون پڻ پيش ڪيون آهن.
اهڙِيءَ طرح لطيف شناسيءَ واري حصي ۾، ”شاهه لطيف
جي نظر ۾ عورت“، ”شاهه جي سورميءَ سورٺ جو ڪردار“
۽ ”سر مومل راڻي جي تمثيل“ وغيره کان علاوه
لسانيات واري حصي ۾ اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا وغيره
مضمون پڻ شامل ڪيل آهن.“
ڊاڪٽر نور افروز جي هن ڪتاب، ”پائي پٽ ڪڻا“ جي
باري ۾ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار، محترم حميد سنڌيءَ
پڻ هڪ ڀرپور تجزيو پيش ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽
تنقيدي مقالن ۽ مضمونن جي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿو
ٿئي ته منجهس هڪ سٺي نقاد ۽ هڪ ماهر محقق واريون
سڀ خوبيون سمايل آهن. انهن مقالن ۽ مضمونن جي پڙهڻ
کان پوءِ هيءَ راءِ صحيح ثابت ٿي معلوم ٿئي ته:
”هڪ اديب جي شخصيت، اُن جي سوچ، فڪر ۽ اخلاق جي
باري ۾ سندس لکيل مضمونن ۽ مقالن مان ئي ڄاڻ ملندي
آهي.“
حميد سنڌي صاحب اڳتي لکي ٿو:
”سنڌي ادب جي صنفن، جهڙوڪ: ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن ۽
مضمونن کانسواءِ سنڌي شاعريءَ جي صنفن تي سنڌ جي
گهڻن ئي محققن تحقيق ڪئي آهي، پر ڊاڪٽر نور افروز
جي مقالن پڙهڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو هر نقاد،
ڊاڪٽر نور افروز صاحبه جي وسيع مطالعي، ادبي سوچ ۽
تحقيقي معيار جو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.
پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحبه، سنڌ ۽ سنڌي زبان جي
مسئلن، سنڌي سماج جي مقامي حالتن ۽ غير ملڪي سماجي
نظرين جي اثر جا ثبوت، سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ناولن
مان ڏنا آهن. منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر نور افروز پهرين
ليکڪا آهي جنهن سندس هن ڪتاب ۾، ادب جي سماجي ۽
فڪري نظرين جي باري ۾، سنڌي ادب جي حوالي سان،
تفصيل سان لکيو آهي، ۽ وجوديت، رومانيت، اشتراڪيت
۽ قوم پرستيءَ وارن نظرين جي باري ۾ سنڌي ناولن
مان حوالا ڏئي مثال ڏنا آهن.
ڊاڪٽر نور افروز جو لکيل هي ڪتاب، دراصل ادب ذريعي
سنڌي سماج جو مطالعو، آهي، جنهن جي دعويٰ هن پاڻ،
پنهنجيءَ ٿيسز، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي
اوسر“ ۾ ڪئي آهي.
حميد سنڌي صاحب، پنهنجيءَ راءِ جي آخر ۾، ڊاڪٽر
نور افروز جي هن ڪتاب (پائي پٽ ڪڻا) جي باري ۾
جيڪي ڪجهه چيو آهي، اُهائي دعويٰ در اصل ڊاڪٽر نور
افروز پاڻ پنهنجيءَ تحقيق جي مهاڳ ۾ به ڪئي آهي
جنهن جو ذڪر اڳ ۾ به ڪيو ويو آهي.“
حميد سنڌي صاحب، ڊاڪٽر نور افروز جي ساڳئي ڪتاب،
”پائي پٽ ڪڻا“ تي پنهنجو رايو ڏيندي اڳتي لکي ٿو:
”نور افروز خواجه پنهنجيءَ تحقيق کي جيڪي رخ ڏنا
آهن، اُنهيءَ ۾ پراڻي مروج طريقي هوندي به جدت ۽
جامعيت جو احساس ٿئي ٿو. مون پهريائين سندس هڪ
مضمون، ’اصطلاح‘ ئي پڙهيو هو. اُهو به اهڙو جامع ۽
Informative
هو جو مون کي پنهنجي ڪم علميءَ ۽ ڪم مائيگيءَ جو
احساس ٿيو. شاهه جي ڪيترن ئي سرن ۾ استعمال ٿيل
اصطلاح، هن مضمون ۾ ڏنل آهن. هيءُ مضمون، نور
افروز خواجه جي محنت ۽ جاکوڙ جو مظهر آهي. انهيءَ
سان گڏ، شاهه سائينءَ جي حوالي سان نوان مضمون ۽
موضوع به هن ڳٽڪي ۾ شامل آهن؛ جهڙوڪ: ’شاهه جي نظر
۾ عورت‘، ’شاهه ڪريم جو شاهه لطيف تي اثر‘، ’سورٺ
جو ڪردار‘، ’سر مومل راڻي جي تمثيل‘ ۽ ’پير
صدرالدين ۽ شاهه لطيف‘ اهي سڀ تخليقي عمل مان
گذري، اسان تائين پهتا آهن، پر ائين لڳي ٿو ته هنن
۾ تخليقي عمل جو اثر وڌيڪ آهي سندس لکڻين ۾ گهڻي
قدر هڪ
Creativity
آهي، جنهن ڪري شايد سندس گهڻا مضمون اُنهن ليکڪن
جي باري ۾ آهن جن تخليقي ادب سرجيو آهي. جيتوڻيڪ
اهي سڀ مضمون تحقيق جي عمل مان گذريا آهن، پر سندن
اثر مثبت يا رڳو خراج عقيدت وارو نه آهي، پر اُنهن
جي تخليق ڪيل ادب کي ورائي، پنهنجيءَ راءِ موجب
Create
ڪيو ويو آهي، جيئن ’نسيم کرل‘، ’سراج الحق‘، ’امر
جليل‘، خيرالنساءِ جعفري‘، ’سندري اُتمچنداڻي‘،
’ڪلاپرڪاش‘، ’پروفيسر رام پنجواڻي‘، ’پوپٽي
هيراننداڻي‘، ’گوبند مالهي‘، ’نجم عباسي‘ ۽ ’آغا
سليم‘ تي لکيل مضمونن ۾ هن، ڪنهن نه ڪنهن طرح
ڪهاڻين جي ڪردارن، ناولن جي ڪردارن، پلاٽ ۽ اُن جي
سماجي پهلوءَ کي ڳولي ڦولي، نئين سر اسان لاءِ
پُراسراريت يا ڀيدن، مت ڀيدن جي ڳنڍين کي کولي پيش
ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هنن مضمونن ۾ پهريائين تعارف
ڪرايو ويو آهي جنهن کي
biographical
سڏي نٿو سگهجي.
علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،
محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ مرزا
قليچ بيگ وارا مضمون به مڪمل تحقيقي ۽ ڪجهه
Biographical
آهن جن کي لکندي ليکڪا هڪ ڀرپور خراج عقيدت وارو
انداز اختيار ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح شيخ اياز تي
لکيل مضمون، شيخ اياز جي لکيل افسانن جو هڪ ڀرپور
جائزو آهي.
سائين جي ايم سيد تي سندس لکيل مضمون، جديد ادب جي
بانيءَ جي حيثيت ۾ وزنائتو ۽ زور وارو آهي. اصل ۾
سندس بنيادي نظر، سنڌ جي سماجي صورتحال ۽ سنڌي ادب
جي ڪردار تي به آهي. سندس ٻه ڀرپور مضمون، ”سنڌي
ادب ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي“ ۽ ”ايڪويهين صديءَ ۾
سنڌي اديب جو ڪردار“، سندس نئين فڪر جي به آگاهي
ڏين ٿا.
عزيزه نور افروز خواجه جا ٻيا مضمون به ادب جي
حوالي سان، سماج جي ڀڃ ڊاهه ۾ شامل عوامل ۽ سماجي
ڪارج جا پرچاري، سحر امداد جي شاعريءَ کي اُن ڪارج
۾ شامل سمجهندي، هڪ سٺو مضمون لکيو اٿس.
عزيزه نور افروز، تحقيقي ادب ۾، مضمون نويسيءَ ۾
هن وقت هڪ نمايان ۽ اهم نالو آهي. دعا آهي ته هنن
مضمونن جي ڳٽڪي ڇپجڻ کان پوءِ، نور افروز جو وڌيڪ
نانءُ اُڀري مٿانهون ليکجي جو هن بيقدريءَ واري
زماني ۾ ڪير ڪنهن کي ڏئي ته ڪو نه، پر سهي به
ڪونه.
جن به عورت ليکڪائن، جنهن نموني ۾، سنڌي ادب جو
مان مٿانهون ڪيو آهي، عزيزه نور افروز اُنهن مان
هڪ آهي. کيس جس هجي جو هوءَ هڪ پورهيت وانگي اڄ به
پورهيو ڪري لکي رهي آهي. سندس چاليهن کان به مٿي
لکيل مضمونن جو هي مجموعو، هڪ موتين مالها آهي. هن
مالها ۾ جيڪي به موتي آهن اُهي جرڪندڙ ۽ سچا موتي
آهن. سندس پرک ۽ نگاهه ساراهه جوڳي آهي.“
اهڙيءَ طرح پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جو هن
ڪتاب جي باري ۾ ڏنل رايو به وڏيءَ اهميت وارو آهي.
پر طوالت سبب اُن مضمون کي هن تبصري ۾ شامل نه ڪرڻ
لاءِ آءٌ معذرت خواهه آهيان.
ڊاڪٽر نور افروز جي لکيل مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب،
”پائي پٽ ڪڻا“ سندس ٽيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر صاحبه، سنڌي ادب جي نثري صنفن، افساني ۽
ناول کانسواءِ، سنڌي عورت ۽ اُن جي نفسياتي
ڪيفيتن، جبلتن، سنڌي سماج ۾ عورت جي مختلف روپن،
سنڌي عورت جي اُمنگن، جذبن ۽ احساسن کانسواءِ،
سنڌي ادب جي وڏن ۽ قداور ڪهاڻيڪارن، ناول نويسن،
نقادن ۽ محققن جي علمي ۽ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن جي
باري ۾ به پنهنجا لکيل علمي ۽ معلوماتي مضمون ۽
مقالا شامل ڪيا آهن. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر نور
افروز جو هي ڪتاب، سندس هڪ علمي، ادبي ۽ تنقيدي
ڪاوش آهي جنهن جو اُميد ته سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر
ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي پڙهندڙ به قدر ڪندا.
موجوده زماني ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب ۾
ماٺار ڇانيل آهي، اهڙي زماني ۾، ڊاڪٽر نور افروز
خواجه، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ۽ چونڊ اديبن جي
تخليق ڪيل ادب پارن تي پنهنجا تنقيدي مضمون ۽
مقالا لکي، سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب جي تاريخ جي
وڏي خدمت ڪئي آهي.
ڊاڪٽر نور افروز، سنڌي ادب جي نثر واري حصي ۾،
سنڌي افساني، سنڌي افساني جي سماجي ڪارج کانسواءِ،
سنڌي شاعريءَ واري حصي ۾ ”شاهه جي ڪلام ۾ عورت“ ۽
سنڌي شاعريءَ جي اوائلي ۽ قديم صنف، ”گنان“ جي
شاعراڻي اهميت تي به روشني وڌي آهي. سندس اهو
مضمون، سنڌي ادب ۾ واکاڻ جوڳو عمل آهي. اُن
کانسواءِ شاعريءَ واري حصي ۾، ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه
عبدالڪريم“ ۽ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ“ جهڙن سنڌ
جي اساسي شاعرن جو ”عالمي ادب عاليه“ جي حيثيت ۾
جيڪو اڀياس پيش ڪيو آهي، اُهو پڻ سنڌي ادب ۾ هڪ
نئون موضوع آهي جنهن جو مطالعو پڻ تعريف جوڳو عمل
آهي.
مشڪ کٿوريءَ مڻ ڪتاب جي باري ۾ سنڌ جي ڪن نقادن جي
راءِ:
ڊاڪٽر نور افروز جو هي ڪتاب به سندس ئي لکيل
تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن ۽ مقالن جو هڪ ٻيو بي بها
مجموعو آهي. ڊاڪٽر صاحبه، پنهنجي هن ڪتاب کي
مضمونن ۽ مقالن کانسواءِ، ڪن ڪتابن تي سندس ئي
لکيل مهاڳن ۽ تبصرن جي حصي ۾ به ورهايو آهي.
پنهنجي هن ڪتاب جي باري ۾، ڊاڪٽر نورافروز پاڻ لکي
ٿي:
”هن ڪتاب ۾ منهنجا لکيل تحقيقي تخليقي ۽ تنقيدي
مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جهڙوڪ: آغا خان محلاتي
پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر
موتي لال جوتواڻي، پير صدرالدين جا گنان، سومرن جي
دور جي ويراڳي شاعري: ”گنان“ ۽ سنڌ جا اشاعتي
ادارا وغيره کان علاوه ڪيترن ئي ليکڪن جي لکڻين جو
تنقيدي جائزو پڻ شامل آهي، جيئن: شيخ اياز جي
افسانن ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي، ڊاڪٽر تنوير عباسي
بحيثيت هڪ لاثاني اديب جي، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جا
افسانا، جمال ابڙي جي افسانن جو جائزو ۽ چندولال
جئسنگهاڻي وغيره جي لکڻين جو فني، فڪري ۽ تنقيدي
جائزو پڻ شامل ڪيل آهي. اُن کان علاوه سنڌي صحافت
۾ طارق اشرف ۽ حميد سنڌيءَ جا نالا اهم آهن. سنڌي
ادب لاءِ سندن ڪيل خدمتن جو تفصيل پڻ هن ڪتاب ۾
شامل آهي. سنڌ کي ولين، بزرگن، ساڌوئن ۽ سنتنن جي
سرزمين چيو وڃي ٿو. انهن ساڌوئن ۾، ساڌو ٽي ايل
واسواڻيءَ جي ڪيل سماجي خدمتن بابت پڻ مضمون هن
ڪتاب ۾ شامل آهي.“
(هلندڙ) |