سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2020ع

باب:

صفحو:4 

عيني سحر

 

اسڪولن ۾ لائبريرين جي اهميت

ڪتاب اوھان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ تخليقي عمل ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جڏهن اوهين ڪتاب کوليو ٿا ته هڪ نئين دنيا اوهان جي آجيان ڪري ٿي، هڪ الڳ جهان سان متعارف ٿيو ٿا، ڏاهپ جي چٽائي ٿئي ٿي ۽ ان کي دڳ ۽  ڏانءُ ملي ٿو ھڪ سلجهيل علمي ۽ مدبرانه ڪيفيت ۽ سوچ اوھان جي ذھن ۾ جاءِ  وٺي  ٿي جيڪا  سمجهه کي ٺاهي سنواري ٿي، ڇو ته ڪتاب ڄاڻ سان ڀريل هوندا آهن. ڪتابن ۾ زندگي ۽ زندگيءَ سان سلهاڙيل سبق  پيار، امن، عبادت، بندگي ۽ انسان جي ڪاميابي لاءِ مشورا هوندا آهن. مطلب ته ڪتاب سان ذهن جي تعمير ٿئي ٿي ۽ تعميراتي سوچ جنم وٺي ٿي، جيڪا وڌندي رهي ٿي ۽ پختي ٿئي ٿي. ڪتابن کان پري رهڻ وارن ماڻهن جون گھڻي قدر صلاحيتون تخريبڪاريءَ وارن پاسن ڏي وڃن ٿيون. انهن تي جبلي محرڪ حاوي ٿي سگهن ٿا ۽ انسانيت سان ڳانڍاپي يا احساس ۾ گھٽتائي اچي سگهي ٿي ٰٰ

اڄ ڪلهه جديد دور جي جديد سهولتن جهڙوڪ ڪمپيوٽر ۽ موبائل سبب ڪتاب آن لائن پڙهڻ جو رواج پئجي رهيو آهي، جيڪو هڪ سٺو عمل ته آهي، پر ان سان بينائيءَ کي گھڻو خطرو رسڻ جو امڪان هوندو آهي. پر ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪتاب کڻڻ جا فائدا هوندا آهن، جيئن ان کي پڙهڻ لاءِ نيٽ ورڪ جي ضرورت نٿي پوي، آسانيءَ سان پڙهي. سگھجي ٿو، سوڙھي اسڪرين کي بار بار وڏو ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي.

گذريل وقت ۾ ڇوڪرين جي پرسن مان هڪ عدد ڪتاب ضرور نڪرندو هو، پر اڄ رڳو ميڪ اپ جو سامان نڪري ٿو. ٻه يا ٽي ڏھاڪا اڳ تائين  پڙهيل لکيل ماڻهن جي گھرن ۾ ننڍڙو ئي صحيح،  پر هڪ ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل ضرور هوندو هو، جيڪو دل جي وندر سان گڏوگڏ هڪ ساٿ جو بهترين ذريعو ليکبو هو. ڪتاب جو رجهان نوي جي ڏهاڪي ۾ گھٽيو ڇو ته ان دور ۾ ڊش اينٽينا عام ٿي  رهي هئي، تنهن هوندي به ڪتاب پڙهڻ جو رواج ختم نه ٿيو هو. ڏسجي ته هاڻوڪي دور ۾ ڪتاب ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ئي نظر اچي ٿو، نه ته موبائل جي هٿن ۾ هجڻ سبب ڪتاب پڙهڻ جي عادت گھڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي اکيون رڳو موبائل ۽ ٽي. ويءَ تي هلندڙ ڊرامن جون عادي بڻجي چڪيون آهن سي ڪتابن سان ٺاهه ڪيئن ڪن؟

سو انڪري ضروري آهي ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ننڍي عمر ۾ پوي يعني  شاگردن ۾ عادت وجهڻ گهرجي، ڇو ته اڳتي هلي اھي ئي سماج جا ڏاھا، عالم، اديب ۽ پرامن ڪامياب شهري بڻجڻا آھن مستقبل جون واڳون انهن کي ئي سنڀالڻيون آهن.  سو ڪتاب انهن جي ھٿ ۾ ڏجي ته جيئن اهي شاگرد انهن ڪتابن ۾ لکيل ڳالهيون پڙهي ۽ سمجھي بهتر راهه اختيار ڪن ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن، برجستا انسان ٿين ۽ سٺا شهري ثابت ٿي سگهن.

ڪن ماهر نفسيات چوڻ مطابق ڪتاب پڙهڻ سان ذهني ڇڪتاڻ ۽ بدمزگي واري ڪيفيت کان ڇهن منٽن جي اندر ٻاهر نڪري سگھجي ٿو. سير، تفريح ۽ ميوزڪ به ذهني سڪون ڏين ٿا، پر ڪتاب انهن کان مٿانهين حيثيت رکي ٿو. سو اسڪولن ۾ نصاب کان علاوه وارن ڪتابن پڙهائڻ جو عمل جاري ڪيو وڃي. ان تي زور ڄاڻايو وڃي، خانگي توڙي  سرڪاري اسڪولن ۾ غير نصابي ڪتاب مطالعي ھيٺ آندا وڃن. اسڪولن ۾ ڪٿي لائبريريون آھن نه ته به اڪثر  اسڪولن ۾ غير نصابي ڪتابن جا ڪٻٽ يا بوڪ شيلف  رکيل هوندا آهن. پر انهن مان ڪتاب ڪڍي شاگردن کي  ناھن  ڏنا ويندا  پڙهايو ناھي ويندو، نالي ماتر لائبريرين جا پيرڊ به هوندا آهن، پر ھيڊ ماستر يا ھيڊ ماسترياڻي ڪٻٽ جي چاٻي اڪثر ڪري ان خوف ۾ ناھين ڏيندا ته ڪتاب ھيٺ مٿي نه ٿين گم نه ٿين وري جي اھي چاٻي ڏين به ته  لائبريريءَ جي مقرر ٿيل انچارجن کي. جن کي ڪتابن سان ڪا دلچسپي نه هوندي آهي انڪري هو شاگردن کي به ڪتابن پڙهائڻ جي حوالي سان غير ذميوار هوندا آهن . نتيجي طور تي ورلي ڪو ڪتابن جو شيلف کلندو آھي، اڪثر ڪري ڪتابن جي ڪٻٽن جا تالا ئي زنگجي ويندا آهن،  انهن ۾ رکيل ڪتاب اڪثر ڪري اڏهيءَ جو کاڄ ٿي ويندا آھن، پر شاگردن کي پڙهڻ لاءِ نه  ڏنا ويندا آھن. ٻار فقط نصابي ڪتاب جي پڙهائيءَ ۾ الجهيل رهن ٿا، جنهن ڪري اھي رٽي باز رھجي وڃن ٿا، انهن جي ذهني اوسر نٿي ٿئي ۽ انهن جون صلاحيتون ميسارجي وڃن ٿيون ۽ تخليقي سگهه ۽ اديباڻيون صلاحيتون ڪا شڪل نٿيون وٺي سگهن .

اڄ جي دور جي اشد ضرورت آهي ته اسڪولن ۾ لائبريرين کي فعال بڻايو وڃي ۽ ان ۾ رکيل ڪتاب  شاگردن کي مطالعي لاءِ ڏنا وڃن ۽ لائبريري جي پيرڊن کي پڻ يقيني بڻائي انهن جو لازمي مطالعو ڪرايو وڃي. ايتري قدر جو انسپيڪشن يعني جاچ واري عمل دوران غير نصابي ڪتابن جي پڙھائي متعلق به جاچ يا پرک ورتي وڃي .

جيڪڏهن شاگرديءَ واري دور ۾ ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت پوندي ته ان عمل سان بهترين نتيجا نڪرندا ۽  ڪتابن جي پڙهائيءَ وارو ماحول ٻيهر جڙي سگھي ٿو. شاگردن جي ڪتابن سان دوستيءَ جي ڪري سماج ۾ بهتري پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ اسان شاگردن کي هٿ ۾ ڪتاب ڏئي  معاشري ۾ مدبر اديب، عالم ڏاھا ۽ ذميوار شهري پيدا ڪري سگهون ٿا ھڪ بهترين سماج تشڪيل ڏئي سگهون ٿا ۽ ڏوھن جو خاتمو ڪري سگهون ٿا ۽ هڪ نئون سماج جوڙي سگهون ٿا.

 

قاضي آصف

 

 

 

 

هوءَ ماءُ ئي هئي

 

چاچا سائين قاضي علي جان مون کي اٺين درجي ۾ ئي پڙهڻ لاءِ ڳوٺ کان، ڏوڪري وٺي آيو. قاضي جميل احمد، منهنجو اڪيلو سڳو سئوٽ ۽ پيءُ ماءَ جو اڪيلو سڪيلڌو پٽ. اسان جو وڏو جوڙ هوندو هو. شهر ۾ اسان کي گهڻا ماڻهو سڳا ڀائر سمجهندا هئا. ۽ رهياسين به ائين ئي. چوندا هئا، سئوٽن جي ته هڪٻئي سان لڳندي ئي ناهي هي توهان ڪهڙا سؤٽ آهيو جو هڪٻئي کان الڳ ٿيو ئي نٿا. وڏيون شرارتون ٿينديون هيون. اسان جي هر اختلاف جو فيصلو، والده ڪندي هئي. اختلاف ڪهڙا؟

چئن مينهن جي لاءِ شام جو مشين تي گاهه جي ڪتر ڪرڻي هوندي هئي. اهو طئه هوندو هو ته ڏهه دفعا، هڪ ڄڻو مشين هلائيندو، ٻيو ان ۾ گاهه وجهندو. وري ٻيو وارو وٺندو جيستائين پلال ۽ لوسڻ جو سمورو گاهه ڪتر نه ٿي وڃي

وچ ۾ ڪڏهن مان ڪڏهن جميل احمد گوهي هڻندو هو. قصو گهڻو وڌي وڃي ته فيصلو والده تائين پهچندو، هوءَ مون کي يا جميل احمد کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. مون وارو سوٽ ضدي، پنهنجي ڳالهه مڃرائيندو هو. والده چوندي هئي ابا آصف تون ئي مڙي وڃ. مان بڇڙو منهن ڪري، جميل احمد جي ڳالهه مڃي واپس موٽي ايندو هوس

صبح جو اسڪول وڃڻ مهل، والده ڪرمنڊل ۾ ڪڏهن اٺ ڪلو، ڪڏهن ڏهه ڪلو کير وجهي ڏيندي هئي. اهو اسان کي هدايت الله جي هوٽل تي پهچائي پوءِ اسڪول وڃڻو هوندو هو. واپسي تي ڪرمنڊل کڻي گهر ايندا هئاسين. اهو طئه ٿيندو هو ته اڌ پنڌ، وڏيري اڪبر خان جي اوطاق تائين هڪ کڻندو، پوءِ هوٽل تائين ٻيو کڻندو. پوءِ اهو جهيڙو هوندو هو ته، مان وڌيڪ پنڌ تي ڪرمنڊل کڻان ٿو هو گهٽ کڻي ٿو. اهو اسان جو تقريباً روز جو مسئلو هوندو هو. ڪرمنڊل آڻڻ تي به اهي مامرا هلندا هئا. اهي ننڍا وڏا فيصلا، مامرا والده طئي ڪندي هئي. قصو جڏهن زور تي هليو ويندو هو ، مان به ضد تي بيهندو هوس، ته جميل احمد جو آخري هربو، بک هڙتال تي هليو وڃڻ هوندو هو. اهو سيريس مسئلو ٿي ويندو هو. گهر ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي ويندي هئي. والده جميل احمد ڏانهن ماني کڻي وڃي ته چئي، مون کي ناهي کائڻي، تيستائين نه کائيندس جيستائين آصف منهنجي ڳالهه نه مڃيندو.

مان چوندو هوس، ماني نه کائڻي اٿئي ته نه کاءُ، مان ته کانوان ٿو. پوءِ ماني کڻي سندس سامهون ويهي، چسڪا ڏئي کائيندو هوس. يار، گوگڙو گوشت جي ڀاڄي واهه جي ٿي آهي. جميل احمد جون رڙيون هونديون هيون. والده وري ماني کڻي ايندي ته جميل جي ساڳي ڳالهه، آصف کي چئه منهنجي ڳالهه مڃي.

ڳالهه ڇا هوندي هئي، مان سندس پسند جي اداڪار کي سٺو چوان، تعريف ڪيان، ۽ پنهنجي پسند جي اداڪار کي چوان ته هو اداڪار جو پٽ ئي ناهي. مان چوندو هوس، مان نٿو چوان، جميل احمد جون وري رڙيون، امان بک لڳي آهي. والده چوندي هئي، ابا بک لڳي اٿئي ته ماني کاءُ ، هن جي ساڳي ڳالهه، آصف فلاڻي اداڪار لاءِ چئي ته اهو ڪنو اداڪار آهي. پوءِ والده چوندي، ابا آصف، ضد تان لهه کڻي، منهنجي جميل کي بک لڳي آهي......مان مجبور ٿي پنهنجي پسند جي اداڪار کي بيڪار اداڪار چوندوهوس، پوءِ جميل احمد جي بک هڙتال ختم ٿيندي ۽ هو ماني کائيندو.

ائين والده جميل احمد لاءِ خرچي لڪائي رکندي هئي. هو والد کان الڳ ته والده کان الڳ خرچي وٺندو هو. ان خرچي مان ڪڏهن فلم ڏسڻ وڃون، ڪڏهن، فراءِ ٿيل جيرا کائون، ڪڏهن ٿهيمن جو ٺاهيل مائو، اسان جا گهڻا ڪم هوندا هئا.
هن ڪڏهن به پنهنجي سڳي اڪيلي دادلي پٽ ۽ مون ۾ فرق نه ڪيو، سدائين ٻاجهاري ماءُ رهي. جهڙو کير جوگلاس هن کي ملندو تهڙو مون
کي. صبح جي اسڪول وڃڻ کان اڳ گڏيل نيرن ملندي هئي.

اها ٻاجهاري ماءُ گذريل آچر تي هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي وئي. هوءَ منهنجي به ماءُ ئي هئي جو منهنجي پالنا، اڳتي پڙهڻ سندس هٿن ۾ ٿيو. سندس شفقت ڀرين دعائن کان هميشه لاءِ محروم ٿي وياسين.

جڏهن قبرستان ۾ سندس مڙهه قبر ۾ لاٿو پئي ويو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ڄڻ چوندي هجي، ابا آصف، منهنجي جميل کي بک لڳي آهي.

سندس وفات واري رات منهنجي گهرواري چيو، ڪجهه ڏينهن اڳ امان هڪ ننڍو بٽون ڏنو هو. چيو هئائين ته جڏهن مان هن دنيا ۾ نه هجان ته پوءِ اهو جميل احمد جي حوالي ڪجانءِ مون اهو بٽون جڏهن کوليو ته، ان ۾ ٻه هزار چار سو روپيا پيا هئا. اها هڪ ماءُ جي، پٽ لاءِ آخري خرچي هئي. امڙ سدائين لاءِ دعاگو رهندينءَ. آمين

ممتاز علي پٺاڻ

 

 

 

گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان

 

 “ بزم طالب المولى بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    مون پنهنجي لکڻين ۾ مختلف موضوعن تي دوستن سڄڻن سان ويچار ونڊيا آھن ۽ انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته تاريخي اهميت وارن شخصيتن، ادارن ۽ واقعن سنڌ جي ڪهڙي سماجي، سياسي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت ڪندي تاريخ ۾ مانائتي جاءِ ورتي آھي ۽ انهن بابت گل حيات ۾ ڪهڙو مواد موجود آھي.

ادارن“ مان جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي ، انهن مان “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ کان  ويندي “ انجمن فروغ ادب “ تائين لڳ ڀڳ ستن اٺن ادبي تنظيمن تي مون تفصيل سان لکيو آھي. اڄ انهيءَ تسلسل کي باقي رکندي بزم طالب المولى“ بابت ڳجهه لکي رهيو آھيان.

   مون اهو واضح طور تي پئي ور ور ڏئي ٻڌايو آھي ته اسان جو تاريخي تحقيق تي جيڪو ڪم آھي، ان ۾ اسان جي نفرتن  ۽ محبتن، لاڳاپن ۽ مفادن جو ڪو عمل دخل ڪونه هوندو آھي. ميرٽ اها هوندي آھي جنهن اداري يا فرد سنڌ سان وڌيڪ محبت ڪئي آھي ۽ سنڌ جي مثالي خدمت ڪئي آھي، ڪوشش ڪري ان جو گهڻي کان گهڻو مواد گڏ ڪجي.

    هالن جي مخدومن خاص طور تي مخدوم محمد زمان طالب المولى سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ علم ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آھي. هن ڀلاري انسان جميت الشعراءِ “ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڪيترين ادبي تنظيمن جي سرپرستي ۽ مدد ڪيائين ۽ پنهنجي بزم طالب المولى“ نالي ادبي تنظيم قائم ڪيائين، جيڪا اڄ به فعال آھي.

  بزم طالب المولى“ جو بنياد 13 نومبر 1955 تي حيدرآباد ۾ رکيو ويو. هيءَ هڪ اهڙي ادبي تحريڪ هئي، جيڪا مخدوم محمد زمان طالب المولى جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي. بزم طالب المولى“ ان وقت قائم ڪئي وئي، جڏهن ادبي تنظيم سازيءَ جي عمل ۾ ڪافي ماٺار محسوس ٿي رهيو هيو. ان ڪري اها وقت جي تقاضا هئي ته ڪا اهڙي ادبي تنظيم جوڙي وڃي جيڪا نج ادبي هجي ۽ ان جو پري کان به سياست سان واسطو نه هجي. هن بزم لاءِ ڪنول جي گل کي Emblem  طور اختيار ڪيو ويو. جنهن مان انهيءَ پيغام ۽ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب ڪنول جي گل وانگر آهي ۽ حالتن خواه حادثن جو اٿلون هڻندڙ پاڻي ان جي وجود، پاڪيزگيءَ ۽ اهميت کي بگاڙي بدلائي نه ٿو سگهي. هن بزم “ط “ جي حرف کي وري اکري نشان Monogram طور اختيار ڪيو. جنهن جا ڪيترا مقصد آھن. پهريون مقصد هي آھي  ته هن بزم جي قائم ڪندڙ طالب المولى“ آھي. ٻيو مقصد هي آھي ته عربيءَ ۾ “ط“ لکڻ جو مفهوم آھي ڳالهه پوري هجڻ جي نشاني“. بزم طالب المولى  انهيءَ اختيار ڪرڻ سان هي پيغام ڏيڻ گهريو ته بزم طالب المولى ئي اسان لاءِ ڪافي آھي ۽ اهو اسان جو ادبي دنگ آھي.

     شروعاتي ڏينهن ۾ بزم طالب المولى جي تنظيم سازيءَ ۾ جن اديبن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون انهن ۾ الله بخش سرشار عقيلي“، اظهر ريلائي، احمد خان آصف مصراڻي، راز بلڙائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ حسين بخش خادم سروري جا نالا ذڪر لائق آھن.

   بزم طالب المولى جون سال ڏيڍ ۾ 30 شاخون قائم ٿيون. انهن مان ڪن شاخن جا نالا هن ريت آھن:  پير رکيل ريلائي، پٿورو، مير پور بٺورو، ڪراچي، تاج پور، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار، سعيد آباد، پٽڻي، ٺٽو، ڊگهڙي، کپرو، سنڌڙي، هالا، بدين، خيرپور ناٿن شاه، ماتلي، حيدر آباد، نواب شاه ۽ قمبر.

     بزم طالب المولى هن وقت تائين سنڌ سطح جا ڪيترا مشاعره سڏايا آھن ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون آھن. هن بزم جي ادبي گڏجاڻين ۾ شاعريءَ ۽ نثري ادب جا واھڙ وهايا ويا. انهيءَ اهم رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بابا ڊاڪٽر پٺاڻ اڄ ڪلهه مخدوم محمد زمان طالب المولى ويب سائيٽ“ تي ڪم ڪري رهيو آھي، جنهن ۾ حضرت مخدوم نوح سخي سرور ۽ سندس گادي نشينن، مشاهير. بزم طالب المولى، طالب المولى اڪيڊمي ۽ سروري تنظيم جي علمي ادبي ۽  سياسي خدمتن بابت مواد ڏنو ويندو. هي هالا جي مخدومن جي اسائنمينٽ ڪانهي، پر بابو هڪ ماڊل ويب سائيٽ ٺاهي ٻين خاندانن کي اتساه ڏيڻ چاهي ٿو ته اهي به اهڙي ريت پنهنجي پنهنجي خاندان جي ويب سائٽ ٺاهن.

آدرش

ڪتابن جا احوال

 

پنهنجو شهر شڪارپور ڪوپَ جي بَسِيءَ جيترو هو. خوشبودار مٺي چانهه جي ڍُڪن جيترا رهواسي هئا. پريت سان انگورن جي ڇڳن وانگر رهندا هئا. هڪٻئي جا ڀرجهلو هئا. پاڙي ۾ ڪو ڪراڙو مري ويندو هو، سڀ پاڙي جا گهرَ سوڳ ۾ ورتل هوندا هئا. ٽيجهي تائين گهر گهر جو ريڊيو ۽ ٽي وي بند هوندا هئا. هاڻي ڪو رحم ناهي. هڪ گهر ۾ ڪو جوان فوت ٿي وڃي ٿو، ڀت واري گهر ۾ شادي آهي ته ڊيڪ تي فل آواز ۾ گانا هلن ٿا. مسجد الله جو گهر هوندي هئي. ديو بندي، بريلوي، تبليغي، شيعا ۽ سني جا ليبل ڪونه هئا. ماڻهو اهڙي سڪون سان نماز پڙهندا هئا جو پاسي ۾ کين تلوار هڻي ڪڍو ته کين خبر نه پئي. هاڻي هڪٻئي جي مسجد ۾ نماز ڪونه ٿا پڙهن. نماز پڙهندي، سلام ورائڻ کان پوءِ سندن هڪدم تڪڙو هٿ کيسي ۾ وڃي ٽچ موبائيل ۾ پئي ٿو ۽ اسڪرين تي فيس بوڪ ۾ سندن رکيل فوٽو تي آيل ڪمينٽس پڙهن ٿا. هنن نماز ڪهڙي پڙهي هوندي؟

شيخ، ميمڻ، دائود پوٽا، سومرا ۽ ڀائي بند پڙهيل لکيل، سهڻا اهڙا جو ليڊي ڊائنا کين ڏسي ها ته شهزادي چارلس کي ليکي ۾ ئي نه آڻي ها. ارشاد احمد شيخ سڏائيندي فخر محسوس ٿيندو هو. ڀاڳ ناڙيءَ جي ڀاڳ لڳڻ کان پوءِ شيخ ٻڌائيندي لڄ ٿي اچي. ندامت کان ڪنڌ هيٺ ٿي وڃي ٿو. جهاز ۾ سفر ڪندي ڀرسان ويٺل سان سڃاڻپ ٿي، شيخ ٻڌندي هن جي اکين ۾ خوف جا پاڇا اچي ويا. ڪنن ۾ ڪلاشنڪوف جا آواز ٻُرڻ لڳس. لنگهي ويندڙ ايئرهوسٽس شڪارپور جو شيخ ٻڌندي، وٺي جو ڪاڪ پٽ ڏانهن ڊڪ پاتي، وري نه مائيءَ جو منهن ڏٺو. ڪوڪا ڪولا بوتل به اسٽيورڊ ڏئي ويو.

ايئر هوسٽس کانسواءِ ڪهڙي بوتل وڻندي؟ زهر ڪري پيتم. شيخ ماڻهو آيل شيءِ مئي نه موٽائي.

ڪوپ واري بَسِي هٿن مان ڇڏائجي ڪري پئي. ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پئي. مٺي چانهه جهڙا ماڻهو فوت ٿي ويا. الاهي سارا لڏي ويا. اجها به پٽي ويا. اَسان پارن رهجي ويلن کي ڌڌڙ ۾ لٽي ويا. منهن ئي مٽي ويا. پنهنجا ڏينهن راتيون بيمار ماڻهوءَ جي رات وانگر گذرن ٿا. هاڻي شهر وڏي کاري وانگر آهي، جنهن ۾ ڪنيون مڇيون پيون آهن! اسيءَ جي ڏهاڪي تائين شڪارپور ننڍو شهر هو. ٿوري آبادي هئي. هر گهر مٿان امن جا سفيد جهنڊا جهولندا هئا. رابيل مرجهائجي اڃان ڪونه ويو هو. اخلاق وارا بگي گهوڙي وارا هئا. شام جو هنن سان گڏجي ٻار به “مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشي مان داڻو کاءُ” ڳائيندا هئا. مڱڻهار فقير به شانائتا، ويس وڳو اهڙو پهرن جو ڇا ڳالهه ڪجي! بوسڪيءَ جو پٽڪو پائي، چمڪندڙ ڪَهين وارو بوٽ پائي، ڪنهن ڀرپاسي ڳوٺ شادي مراديءَ تي وڃن ته وڏيري جو هنن کي ڏسي وات پٽجي وڃي. عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي ته وڏيرو مان آهيان يا هي دهل وڄائيندڙ؟

اسان جي شهر ۾ پنج پرائيويٽ لائبريريون هونديون هيون، اتان ماڻهو ڪرائي تي ناول ۽ ڊائجسٽ وٺي پڙهندا هئا. ڪرائي جي پئسن مان لائبريرين جي گهر جي چلهه ٻرندي هئي. جاسوسي ناولن ۾ ابن صفي، ايڇ اقبال ۽ ايم اي راحت وغيره جا عمران سيريز، تيرٿ رام فيروزپوري جا انگريزن جا ترجمو ٿيل ناول، ڪرشن چندر جا ناول، نسيم حجازي جا “آخري چٽان” جهڙا تاريخي ناول، رضيه بٽ، سلميٰ ڪنول، ديبا خانم، دت ڀارتي وغيره جا روماني ناول جام هوندا هئا. سب رنگ ڊائجسٽ، عالمي ڊائجسٽ، الف ليلا ڊائجسٽ وغيره کوڙ ماهوار مئگزين هوندا هئا.

منهنجي گهگهراڻي گهٽي ۾ ڀٽا لائبريري هوندي هئي. مختيار احمد ڀٽو مالڪ هو. طبيعت جو خشڪ هوندو هو. مفلر مٿي تي ويڙهي، پن جي ٻيڙي پيئندو هو. ڀٽائي بازار ۾ شهزادي جي لائبريري هوندي هئي. اردو ڳالهائيندڙ، کلمک هوندو هو. ڍَڪَ بازار جي مهڙ ۾ ئي برق لائبريري هئي. اردو ڳالهائيندڙ، اڌڙوٽ عمر جو لائبريرين هو. ڪاري نهائيءَ ۾ فضل ڪريم جي لائبريري هئي. هو اسلاميه هاءِ اسڪول ۾ اُستاد هو. هن جي ڀاءُ جي لائبريري بوٽ بازار ۾ هئي. جمعه خان مڏيءَ ۾ بشير ڀٽيءَ جي لائبريري هئي. هو درزڪو ڪم به ڪندو هو. واريءَ منجهه وڃايل پيرن وانگر اهي لائبريريون وڃائجي ويون.

جام سنڌي رسالا نڪرندا هئا. نئين زندگي، ڳوٺ سڌار، مهراڻ، سهڻي، سوجهرو، تحريڪ، اڳتي قدم هر گهر ويندا هئا. پڙهايا ويندا هئا. عورتن لاءِ ماهوار “اديون” ۽ ٻارن لاءِ گلن جهڙا ٻارڙا ۽ گل ڦل جهڙا شاندار رسالا ڇپبا هئا، علم جو ڏيئو روشن هو.

هر سنڌي ڪتاب ٿوري آباديءَ هوندي هڪ هزار جي انگ ۾ ڇپبو هو. وڪامبو هو. پوءِ به دانهون هونديون هيون ته سنڌي ڪتاب گهٽ ٿو ملي. اردو ۾ ڪتاب تي آدم جي انعام ۽ سنڌيءَ ۾ سنڌيالاجي جو ايوارڊ بُوڪر پرائيز جهڙي اهميت رکندا هئا. هاڻي ايوارڊ جي اهميت وڃائجي وئي آهي. خراب ڪتابن تي، سفارش تي ملن ٿا. ٿورو گهڻو سٺا ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا.

ماضيءَ ۾ ليکڪ ڪتاب لکندو هو، پبلشر پنهنجي خرچ تي ڇپائيندو هو. بڪ شاپ وارو ڪتاب کپائيندو هو. هاڻي ليکڪ پاڻي ڇپائي ٿو، انگ به ڇڙو ٽي سئو ڪاپيون. مفت ۾ سڪ مان لکي اعزازي ڏئي ٿو. اڳلو عذابي ڪاپي ڪري وٺي ٿو. هن جو انتساب به پورو ڪو نه پڙهي ٿو. ماضيءَ ۾ ڪتاب پئسا ڏئي پڙهيو ويندو هو، هاڻي مفت ۾ مليل ڪتاب ٺپي رکي ڇڏجي ٿو. ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٽرئجڪ يوناني ناٽڪ هوندو!

ڪجهه ڏينهن اڳ سجاد مهر، انور سومرو ۽ خالد ڀٽي سان کجين جي شهر وڃڻ ٿيو، اتي پروفيسر ساجد سومرو گڏيو. هڪ ليکڪ جي ڏهن ڪتابن جي مهورتي تقريب ۾ وياسون. اسٽيج تي هڪ خاتون صدارت جي مسند تي هئي، ڏهه شاعر ۽ ليکڪ ٻيا براجمان هئا. سڀني رڳو حوال ڪيا، ڪنهن ليکڪ جي ذاتي خوبين تي ڳالهايو، ڪتابن تي ڪنهن به ڪو نه ڳالهايو. سچ پڇو! جيڪڏهن ڪو هنن کان ڏهن ڪتابن جا نالا پڇي ها ته اهي ڏهن جا نالا ته ڇا هڪ ڪتاب جو نالو ڪو نه ٻڌائي سگهن ها! ڀت ۾ مٿو هڻڻ جهڙيون ڳالهيون ڪجن، من ! مٿو ڀڄي پوندو، ڀت اتي ئي بيٺي هوندي.

شبانه تبسم

من سان منافقت

 

منافقت تي ته اڪثر ذڪر ٿيندو رھندو آھي، ۽ اھڙا ڪافي ڪردار نظرن مان گذرندا به آھن، ته نظرن منجهه محفوظ به آھن، جيڪي اڪثر منافقت ڪندي نظر ايندا آھن، يا وري ڪجهه اھڙا به آھن جيڪي منافقن جي ور به چڙھي ويندا آھن.

منافقت جي لغوي معنيٰ آهي مڪار، دغاباز.

منافقت جي اصلاحي معنيٰ جي لحاظ سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪنھن به ماڻھو سان منافقت ڪرڻ معنيٰ (سندس اجائي تعريف ڪرڻ ۽ سندس اصلاح ڪرڻ بجاءِ سندس ”ھا“ ۾ ”ھا“ ملائيندي سچائي کي پُٺي ڏيڻ آھي،) ۽ ڏٺو وڃي ته منافقت جي ان مرض کان پاڻ بچائڻ مشڪل ٿي پيو آھي، ۽ اِھو مرض ڪنھن وائرل بيماري جيان پيو ڦهلجي ۽ ايتري قدر جو ھاڻي ڪافي ماڻھو ”من سان منافقت“ ڪندي به نظر اچن ٿا.

من سان منافقتواري مرض ۾ مبتلا ماڻھن جون نشانيون اُھي آھن، جو اُھي صرف پنھنجي ٻڌندا آھن، صرف پنھنجي ڪندا، ۽ صرف سندن تعريف ڪرڻ وارا ماڻھو ئي سندن ويجهو رهي سگهندا آھن، ڇو جو ڪنھن به ڳالهه تي جيڪڏهن کين چيو وڃي ته ھتي ھيءَ ڳالهه غلط آھي، ته اُھا ڳالهه سمجھڻ بجاءِ اسان کي ئي غلط ڪندي دير ناھن ڪندا آھن.

پنھنجي ”اندر سان دغا ڪرڻ“ جو مرض جنھن کي ”من سان منافقت“ ٿيڻ چئجي ٿو، اھا بيماري منافق ماڻھن سان ملڻ ۽ پنھنجي اندر جي عدالت ۾ نه وڃڻ سان جنم وٺي ٿي، ڇو جو ڪا به شيءِ يا بيماري ايستائين انسان تي اثر انداز نٿي ٿي سگھي، جيستائين اُھو پاڻ اُن جو اثر قبول نه ڪري.

منافقن جو انگ وڌڻ سان ”من جي منافقت“ ٿيڻ جو انديشو ڪافي حد تائين وڌي ويو آھي.

منافق ماڻھو ٻهروپي ھوندو آھي، جيئن سندس اندر ۾ ھڪڙي ڳالهه ھوندي، پر ظاھر ۾ ٻي ڪندو آھي. مطلب اُھي سامھون سچ چئي ڏيڻ کان قاصر ھوندا آھن ۽ وڏي ڳالهه ته اھڙا ماڻھو ٻن رشتيدارن، ٻن ڀائرن يا وري ٻن دوستن کي ويڙھائيندي به دير ناھن ڪندا، اھڙا ماڻھو ھر ڪنھن جي منھن تي اُن جھڙا ٿي پنھنجو پيا نمبر وڌائيندا آھن، اھڙن ماڻھن جي مڪاري جي ڪري ڪافي وجود جيڪي خاص پنھنجي تعريف ٻڌڻ جا قائل ھوندا آھن، اُھي ”من سان منافقت“ جي مرض ۾ جلد ئي مبتلا ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ پنھنجي اصلاح ناھن ڪري سگھندا، سندن اندر جو آئينو ڌنڌلو ٿي ويندو آھي جنھن ۾ کين پنھنجو پاڻ به چٽو نظر ناھي ايندو، ”من سان منافقت“ جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ اُھي وجود مخلص ماڻھن کان پري ٿي، منافقن جي ھجوم ۾ ويھڻ پسند ڪندا آھن، اھڙن وجودن کي لڳندو آھي ته اُھي ئي ھر ڳالهه ۾ عمده، سٺا ۽ صحيح آھن، کين لڳندو آھي ته ڄڻ ”لَھي اُڀري“ ئي اُنھن تان پئي، اصل ۾ اھڙا ماڻھو پنھنجي اندر سان به سچا ناھن ھوندا.

من سان منافقت“جو مرض انسان جي سچائي کي ختم ڪري ڇڏيندو آھي، انسان پنھنجي پاڻ سان به ڪوڙ ڳالھائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آھي، انسان جو پنھنجي ضمير سان به تضاد ٿي پوندو آھي، جڏھن سندس اندر ڪنھن غلط ڳالهه ۽ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي تلقين ڪندو آھي ته پاڻ اُن آواز کي نظرانداز ڪندي چوندو آھي ته منھنجو ڪيل ڪم صحيح آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org