اندرا شبنم
رشتا
هن پنهنجي نرمائيءَ سان هٿ ڇڏايو ۽
چيائين، ”توهان هال ۾ ويهو، مان چانهه ٺاهي ٿيِ
اچان.“ هال ۾ ويهاري، هڪ فائيل منهنجي هٿن ۾ ڏئي
وئيِ. جنهن ۾ سندس رچنائون هيون. جن لاءِ مون کي
پڙهڻ جي تاڪيد ڪري وئي
مان هن کي ڏسندو ئيِ رهيس. ڇا پڙهيِ رهيِ هئيِ؟
مون کي ڪٿي هو هوش؟ عجيب حالت هئيِ دل جيِ، چپ
خشڪ، اکيون بس! هن کي ئي تڪي رهيون هيون. الا! غضب
جي ڪشش هئيِ هن جي آواز ۾، عجيب دلڪشي هئي هن جي
مرڪ ۾. جتي به ڪٿان خبر پوندي هئي، مشاعري ۾ سنڌيا
بهرو وٺي رهيِ آهي، بس مان وڃي حاضرين ۾ شامل ٿيِ
ويندو هوس.
سنڌيا سان هم ڪلام ٿيڻ مون کي بيحد ڏکيو لڳند هو.
غزل پڙهڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ ئيِ گم ٿيِ
ويندي هئي. آس پاس جي وايوُ منڊل کان گهڻو ڪري بي
نياز. جڏهن سڀ سندس فن ۽ سونهن جيِ ساراهه ڪندا
هئا، هن جون نگاهون الائي ڪٿي هونديون هيون. ڪنهن
تي هونديون هيون، خبر نه پوندي هئي. پر سندس منهن
تي هڪ مُرڪ
ضرور هوندي هئيِ تنهنڪري سڀنيِ کي تسلي
هوندي هئي ته ناشڪري ڪانهي. هيتري ساراهه ڪرڻ تي
هوءَ احسانمندگيءَ جو احساس ڏياريندي هئي، هڪ مٺڙي
مرڪ سان جا پنهنجائپ ۽ پيار سان ڀريل هونديِ هئي.
مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ پنهنجين ڳالهين ۾ پورا
هئا. ڪو ساراهي رهيو هو ڪنهن کي، ڪو گلا ڪري رهيو
هو. اڙي!! هوءَ ته مون طرف اچيِ رهيِ هئيِ. منهنجي
دل جيِ ڌڙڪن تيز ٿي رهيِ هئي. ”نمستي“ سنڌيا چيو.
”واڌايون هجن توهان کي.“ مان وائڙو ٿيِ ڏانهس
نهارڻ لڳس.
”انعام ملڻ لاءِ واڌايون ٿي
ڏيانوّ“ مان توهان جي ”رباعين“ جو اهو ڪتاب نه
پڙهيو آهي. خوب ساراهه ٻڌي اٿم.“ مون اکيون هيٺ
ڪري شڪريه بجا آندا.
”شايد
Introvert
آهيو؟ يا لڄارا؟ يا تنهائيِ پسند؟ هميشه ڪنڊ ۾ چپ
چاپ ويٺا هوندا آهيو. شايد گهرو سوچيو ٿا، جو
انعامن پٺيان انعام پيا کٽندا وڃو.“
مان الائي ڇو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس، صرف چهري
تي خوشگوار ڀاوَ هئا اها پڪ هيم. هن اڃان ڳالهائڻ
جو سلسلو وڌايو. ”مسٽر ديپڪ، مون توهان جا سڀ ڪتاب
گهڻو ڪري پڙهيا آهن. پنهنجو لکيل رباعين جو ڪتاب
ضرور ڏجو“ چئيِ هوءَ اڳتي وڌي وئي. سندس پنهنجائب
منهنجي من کي ڀانئجيِ وئيِ.
مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ لڳس. يار دوست حسد ۽
حسرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. منهنجي سوچ جو سلسلو
شروع ٿيِ ويو، ضرور هوءَ به مون طرف ايترو ڌيان
ڏيندي هوندي، تڏهن ته ائين وهنوار ڪيائين ڄڻ ته
سالن کان نه .... نه صدين کان سڃاڻي. منهنجو تن من
رومانس ۽ رومانچ سان ڀرجيِ ويو.
ڇهن مهينن کان پوءِ وري هڪ مشاعرو هو . مان اڄ خوب
سٺي نموني سان تيار ٿيڻ لڳس. نهرو ڪڙتو، پاجامو،
جئڪٽ ۽ شاعرن واري شال به ڪلهي تي لٽڪايم.
گهرواريءَ کان لڪائي پهريون دفعو پائوڊر جو پف به
لڳايم. مان پنهنجو پاڻ کي به وڻڻ لڳس. پنهنجي لکيل
”رباعن“ واري مجموعي کي به سهڻو ڪور لڳايم. اندر
هڪ گلاب جو گُل به وجهيِ ڇڏيم. سنڌيا کي ڏيڻو هو.
ڪيئن ڪتاب پيش ڪندس، ان جي ريهرسل به آئيني سامهون
ٻه ٽي دفعا ڪري ڇڏي. چهري جا ايڪسپريشنس به ٺاهيم
ته جيئن وڌيڪ سندر لڳان.
منچ تي ڄڻ ته سنڌيا ڇانئي پئيِ هئي. اڄ هوءَ هڪ
شرنگارڪ ڪوتا، ترنم ۾ گنگنائي رهي هئي. ”برسات“ تي
لکيل هڪ گيت هو، سندس انداز بيان تي گهڻا قربان
ٿيِ رهيا هئا. هن گلابيِ رنگ جا ڪپڙا پاتا هئا، ۽
مون هن کي تخلص ڏنو ”گلابيِ“ ڇاڪاڻ جو سندس ڳل،
چپ، ڊريس ڄڻ ته هڪ گلاب جو گل ئيِ لڳيِ رهيا هئا،
هلڪي پگهر جون شبنميِ بوندون سندس سونهن کي سرس
ڪري رهيون هيون. مون دستور موجب هڪ خشڪ ۽ نيرس
ڪوتا پڙهي ۽ وڃيِ ڪنڊ ۾ ويهيِ رهيس. مان لکڻ ۾
ماهر هوس. پر پڙهڻ جو انداز بيان نه هو.
جيئن ئيِ مشاعرو ختم ٿيو، مان تمام تڪڙو تڪڙو ڀيڙ
کي چيريندو وڃي گيٽ اڳيان بيٺم، ڄڻ ته دڳ جهلي،
جتان هوءَ
لنگهندي هئيِ. مون سنڌيا کي ڏسيِ ”هيلو“
ڪئيِ ۽ هن به جواب ڏنو کيس ڪتاب ڏيندي هڪدم چيم،
”هلو ڪٿي چانهه ٿا پئون.“
سنڌيا ٿوري ڄڻ ته منجهي، پر پوءِ حاميِ ڀريائين.
سندس چهري تي گلال ڇانيل هو.
هڪ وچوليِ هوٽل ڏسيِ مان اندر گهڙيس . هوءَ به
آئيِ. چانهه پيتيسين. ڪا به وجهه مون کي ته
ڳالهائڻ لاءِ نه پيئي سمجهه ۾ اچي ۽ هوءَ به الائي
ڇو خاموش هئيِ. مون کي ته سندس جهرڪيءَ واري چهه
چهه ياد هئي. چانهه جو سلسلو پورو ٿيو.”مان توهان
کي گهر ڇڏي سگهان ٿو ؟“
”ڇو نه ؟“ هن وراڻيو.
اسڪوٽر تي هوءَ هميشه وانگر گم سم ويٺيِ هئي،
پنهنجو پاڻ ۾ پوري، پاڻ کي بلڪل سهيڙي ۽ سنڀالي.
ڪنهن به وقت بريڪ لڳائڻ وقت هوءَ مون کي نه چنبڙي.
پر ايتري قدر جو سندس ڇهاوَ کان به محروم رهيس.
مون کي چڙ اچڻ لڳيِ.
هيءَ ته بي جان بُت آهي. خير مون ئيِ ڳالهائڻ شروع
ڪيو، ”ڪيئن لڳو مشاعرو؟“ هوءَ پنهنجو رايو
ٻڌائيندي رهي، مان سندس آواز جي جادو ءَ ۾ وري
کوئجي ويس. سندس گهر ويجهو اچيِ رهيو آهي هن چيو.
مان کيس پرکڻ لاءِ چيو، ”هتي توهان کي لاهيان يا
گهر تائين ڇڏيان. توهان جي گهروارن جو سڀاوَ مون
کي ته خبر نه آهي نه. توهان ٻڌايو.
“هن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان چيو، ”اصل گهر هيٺان
وٺيِ هلو ۽ گهر ۾ ڇڏيو. ڇا هڪ چانهه جو ڪوپ به نه
پيئندا؟“
مان من ئي من ۾ کڳيون هڻڻ لڳس ۽ منهنجي همٿ وڌي
وئيِ. لهڻ وقت کيس ڀڻڪندي چيم، ”توهان نهايت ئيِ
خوبصورت آهيو.“
هن مسڪرايو ۽ ٿئنڪس چئي ۽ ڳالهه بدلائيندي چيائين،
”گهر هلو، منهنجا گهروارا توهان سان ملي پڪ خوش
ٿيندا.“
مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ٻئي دفعي.“
هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ مان به پنهنجي شهر لاءِ
روانو ٿيس گهرواريءَ سميت. خيالن ۽ خوابن ۾ ته
سنڌيا هئي. اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ ٽپال ۾ هڪ وڏو
رنگين لفافو آيو. هٿ ۾ کنيم. وزندار هو. رنگين
خوبصورت لفافي تي رنگين پين سان ائڊريس لکيل،
لکاوٽ سڃاڻي نه سگهيس. پٺيان لفافي تي ائڊريس لکيل
ڪونه هئيِ. ڪمري اندر وڃي پنهنجي لکڻ واري ميز تي
ويٺم، در ٻيڪڙي ڇڏيم. لفافي کولڻ سان ئيِ نهايت
ئيِ سندر رنگ جا پنا اٺ ڏهه نڪري آيا. اکر سهڻا نه
هئا، پر اندر ڳالهيون ۽ احوال نهايت ئيِ دلڪش ۽
خوبصورت هو. سنڌيا خط لکيو هو.....
منهنجن لکڻين تي سندس تاثرات هئا. سندس چهرو اکين
اڳيان پئي ڦريو. سندس مٺڙيون لاتيون، سندس ساراهه،
هڪ هڪ لفظ هن پڙهيو هو منهنجن ڪتابن جو ۽ سمجهيو
به هو. هن منهنجن ڪهاڻين جي ڪردارن سان سرگوشيون
ڪيون هيون. کيس منهنجي ٻولي بيحد وڻي هئي. غزل ۽
نظم ياد ڪرڻ لڳي هئي. هڪ ڪلاڪار کي ٻيو ڇا گهرجي،
جو ٻيو ڪلاڪار حسد ڪرڻ بدران چاهڪ بڻجي پوي. مان
پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ بهترين ساهتڪار سمجهڻ لڳس.
هن لکيو هو، اُٿندي، ويهندي ڄڻ. ته توهان جي ئيِ
تات آهي. هن پاسي اچو ڪنهن ڪم سانگي ته منهنجي گهر
ضرور پيرو پائجو ۽ پاڻ سان ڪي ڪتاب به آڻجو.“
مون ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان هن جي شهر وڃڻ جو ۽
گڏجڻ جو سوچي ورتو ۽ کيس ترت خط لکيو ته مان ٻن ٽن
ڏينهن لاءِ تنهنجي شهر ۾ اچيِ رهيو آهيان. مون هن
جي شهر اچي پنهنجي مائٽ جنهن جي گهر مان لٿو هوم،
فون ڪيو. منهنجو آواز ٻڌي، هوءَ ڄڻ ته نچڻ لڳي،
”اچي ويا؟ ڪٿي لٿل آيو؟ جلدي منهنجي گهر اچو، هاڻي
هليا اچو، مان وٺڻ اچانوَ؟“ سنڌيا جي مون سان گڏجڻ
جي هيتري اڇا ڏسيِ، مان منجهي ويس. مون کيس شام جو
وقت ڏنو. پهرين ته مون کيس ٻاهر گڏجڻ لاءِ چيو. پر
هوءَ بار بار چئيِ رهيِ هئيِ ته گهر اچو. مون کي
سنڌيا تي ڏاڍو غصو آيو. گهر به ڪنهن شادي شده
استريءَ سان گڏجڻ لاءِ ڪا سُريلي جڳهه آهي. هيتري
بيچيني، هيتري بيتابيِ، مان سنڌيا لاءِ کڻيِ آيو
آهيان. هن سان تنهائيءَ ۾ گڏجڻ جيِ تمنا، هن کي
صدين کان نه ملندڙ پيار ڏيڻ لاءِ غصي ۾ مون هن کي
”موڳي، موٿيِ، ڇسيِ، به چيو. وري خيال پلٽو کائڻ
لڳا. ٿي سگهي ٿو هوءَ اڪيلي رهندي هجي، ان لاءِ
بار بار گهر ۾ ٿيِ سڏائي. اڳئين دفعي به هن چيو
هو موڪلائڻ وقت ته، گهر هلو. ضرور هن جي گهر ۾
تنهائيِ ۽ وايُو منڊل آهي. شايد مان ئيِ بيوقوف
آهيان. عورت کي سمجهڻ مشڪل آهي.
ٿورا ڪتاب پاڻ سان کنيم. ڌڙڪندر دل، خماريل من ۽
شرير سان. مون دروازو کڙڪايو. دروازو کوليندڙ نون
ڏهن سالن جو ڇوڪرو هو. سهڻو، گول مٽول چيائين،
هيلو انڪل، مميِ توهان جو ئي انتظار ڪري رهيِ
آهي.
”مان وائڙو ٿيِ ويس.“
انڪل توهان جو فوٽو ڪتابن تي آهي، مميِ ٻڌايو
توهين اڄ هتي اچڻا آهيو، ويهو.“ مان هيتري ننڍڙي
ٻار جي سياڻپ ڀري گفتگو ٻڌي وائڙو ٿيِ ويس ۽ ٿوري
ناراضگيِ سنڌيا تي اچڻ شروع ٿي. پاڻيءَ جو گلاس ۽
بسڪيٽ کڻي هڪ ٻارهن تيرهن سالن جي سانوري سلوني،
سندر اکين واري بالڪا اندر آئي. ”هيلو انڪل،
سواگت! مميِ بس اجها اچي ٿيِ.“ مون ٻنهيِ ٻارن کان
حال احوال ورتو. ٻئي ڪلاڪار هئا. ڇوڪري ڪٿڪ ۾
مشهور نرتڪيِ ۽ پينٽنگ ۾ ماهر هئي. ڇوڪرو
ڊانس، ترڻ،
گهوڙيسواري، بئڊمنٽن، ڪراٽي سڀني راندين ۾
ماهر. مان ته اهڙو
گرمجوش سواگت
ڏسيِ، ڪي قدر پنهنجيءَ خراب نيت کان ڌڏڻ
لڳس. ٻئيِ ٻار مون تي ٻلهار پيا وڃن ۽ منهنجي
پرستار هئڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا. پنهنجي پنهنجي
ڊائريءَ ۾ مون کان ويچار لکائي ورتائون، صحيح
ورتائون ۽ ان وقت سنڌيا به اچيِ ويئيِ ۽
ٻارن کي مٺي
ڇڙٻ ڏيندي چيائين، ”انڪل کي ائين تنگ ڪبو
آهي ڇا؟“ مون ڏانهن
معافيِ طلب
نگاهن سان نهاريندي چيائين، ”توهان
کي گهڻو تنگ
ته نه ڪيائون؟“ مون مسڪرائيندي وراڻيو ،
”نه، مون کان ته اهو به وسري ويو ته مان توهان سان
گڏجڻ آيو آهيان، مان ته هنن ٻن ٻارن جي ڪشش ۾ ۽
پيار ۾ ئيِ ٻڌجيِ ويو هوس. تمام ذهين ۽ قدرتيِ ڏات
سان ڀريل آهن هيِ ٻئي ٻار.
شال پرماتما
هنن جو وار ونگو نه ڪري.“ هن احسان مند
نظرن سان ڏٺو ۽ ٻارن کي چيائين، ”هاڻي اسان کي اصل
ڊسٽرب نه ڪيو. توهان جي انڪل ۾ تمام گهڻو ڪم اٿم“
۽ هو ٻئي ڪمري ۾ هڪ منٽ لاءِ هليا ويا ۽ چند منٽن
۾ ٻئيِ ٻار گهر مان
روانا ٿيڻ
لڳا، ”چڱو مميِ، پوءِ گڏجنداسين.“چئيِ باءِ
باءِ ڪري هليا ويا.
ڪمري ۾ سانت ٿي وئيِ ۽ سڄي گهر ۾ اسان ٻئي اڪيلا
هئاسين. هاڻ منهنجو وري ڌيان وڃيِ هن ۾ کپيو. هن
دستوري حال احوال پڇيو ۽ پوءِ چيائين، هلو ته مان
توهان کي پنهنجو گهر ڏيکاريان. هت مان لکندي
آهيان، هت مان پڙهندي آهيان. هيءَ منهنجي ڪتابن جي
لئبرري، هتي مون فلاڻيِ رچنا لکي. هيءُ مجسمو مون
کي بيحد وڻندو آهي. هيءَ منهنجي ستار، هي
هارمونيم. هي منهنجا ڪيسٽ، هيءَ منهنجي ڌيءُ، ۽
منهنجي پُٽ جا ڪيسٽ. هي تمام جهونين فلمن جا ڪيسٽ
آهن منهنجي گهوٽ جا. اسان چئنيِ جون پسند الڳ الڳ
آهن. گانن ۽ گيتن جي باري ۾. ۽ هوءَ ٻارن وانگر
کلڻ لڳي. سندس هڪ هٿ بلڪل منهنجي هٿ جي ويجهو هو.
هوءَ سموري بلڪل منهنجي ويجهو هئيِ ۽ مون سندس هٿ
پڪڙي ورتو. ”تمام ننڍا، ڪومل ۽ سندر آهن تنهنجا
هٿ، گهر جو ڪم
ڪرڻ کان پوءِ به کهرا ڇو نه ٿياآهن؟“
هن نرمائيءَ سان پنهنجو هٿ ڇڏايو ۽ چيائين، توهان
هال ۾ ويهو. مان چانهه ٺاهي ٿي اچان. هال ۾ ويهاري
هڪ فائيل منهنجي هٿن ۾ ڏئي وئي. جنهن ۾ سندس
رچنائون هيون. جن لاءِ مون کي پڙهڻ جي تاڪيد ڪري
وئي.
منهنجو سمورو ڌيان سندس آهٽ، سندس شرير جي
وروڪڙن، سندس سهڻن پيرن، خماريل اکين، مدهوش ڪندڙ
آواز ۾ ئيِ اٽڪيل هو. سندس ڏنل فائيل کولڻ تي به
دل نه پئي ٿي. هوءِ چانهه کڻي آئيِ ۽ ڀرسان ويهندي
چيائين، ”ڪيئن لڳيون منهنجيون رچنائون؟“ مون هڪ
نظم ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ پڙهيِ ٻڌاءِ.“ هن پڙهڻ
شروع ڪيو، هوءَ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ ۾ ئيِ پوري هئيِ.
گهر جو سناٽو، هن جو گهرو مٺو آواز ۽ سندس شرير جي
خوشبوءِ مون کي بانورو بڻائي ڇڏيو ۽ منهنجا هٿ
کڄيا ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ جيِ ڪوشش ڪئيِ. هوءَ هيسيل
هرڻيِ وانگي، مون کان پاڻ ڇڏائي، پري ٿيِ بيٺيِ.
مان آزيون نيازيون ڪرڻ لڳس، ”مان توکي بيحد پيار
ڪندو آهيان سنڌيا، گذريل چئن پنجن سالن کان. ۽ تون
به بيحد مون کي چاهيندي آهين. من سان من، آتما سان
آتما گڏيل آهي، باقي شرير جي دوري ڇو؟“
هن آڱر جو اِشارو ڪندي ٽانڊن جيان ٻرندڙ اکين سان
چيو، ”خبردار! جو اڳيان وڌيا آهيو، مان توهان جي
رچنائن ۽ لکڻين جيِ پرستار آهيان. منهنجي من ۾
توهان جي خلقيل ڪردارن لاءِ پيار ۽ همدردي ۽ عزت
آهي ۽ ساٿيِ اديب سان ”ڪجهه“ ويچار ونڊي پاڻ کي
بهترين بڻائڻ جيِ اِڇا آهي. من جو رشتو، دوستي،
ساهڙپ ڇا صرف پنهنجي هم جنس سان ئيِ ٿيِ سگهي ٿو؟
ڇا اِستري پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن نه
آهن؟ اِستري ڇا صرف هڪ شرير آهي؟“
مون هوش وڃائي ڇڏيا هئا، حواسن منهنجو عقل ۽ ضمير
کسي ورتو هو. ”شرير کانسواءِ ڪهڙو پيار؟ تو چيو هو
تون مون کي ڀائيندي آهين، باقي ڇو گهر ۾ سڏايو تو؟
ڇو اڪيلائپ ۾ گڏينءَ؟ شرم نه ڪر، مکر به نه ڪر.
تون ماڊرن آهين، اهو سڀ ڪجهه هلڻ ڏي.“ مان متوالن
جيان کيس ڇڪڻ لڳس. هن مون کي زور سان ڌڪو ڏنو ۽
پاڻ ڇڏائي پري ٿيِ بيٺيِ. هٿ ۾ هڪ وزندار ڳورو
پيپر ويٽ کڻي ورتائين ۽ الاريندي چيائين، ”هاڻي
ويجهو آيا ته مان توهان جو خون ڪري ڇڏيندس.“ اسان
ٻئي سهڪي رهيا هئاسين. سندس اِها ڌمڪيِ ۽ ساکيات
درگا جهڙو ڀيانڪ روپ، هٿ ۾ پيپر ويٽ ڏسيِ مان
دهلجي ويس ۽ چپ ڪري، هارائجي ويهيِ رهيس.
هٿ ۾ سندس پيپر ويٽ به هو، پر ٻئي هٿ سان هن ٻه
گلاس پاڻيءَ جا ڀريا، هڪ مون کي ڏنو ۽ هڪ پاڻ ۽
صوفا تي ٽيڪ ڏئيِ ويهي رهيِ. منهنجي اهڙي نيچ هلت
تي به سندس مهمان نوازي ۽ سنسڪار ڏسيِ مان پنهنجي
من ۾ شرمندو ٿيِ رهيو هوس ۽ سندس بچاوَ جيِ ڍال
پيپر ويٽ کي ڏسيِ رهيو هوس. ڪمري ۾ سهڪيل ساهن
کانسواءِ سناٽو هو. هوءَ به هلڪا هلڪا ڍُڪ پاڻيءَ
جا پيِ رهيِ هئيِ ۽ مان به. اوچتو در تي کڙڪو ٿيو.
سنڌيا پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا. مُنهن جا ڀاوَ بدلائڻ
جي ڪوشش ڪئي ۽ دروازو کوليو. هڪ ڊگهو، سانورو،
وچولي عمر جو پرش اندر داخل ٿيو، ”هيلو مسٽر....
دير سان ته نه آيو آهيان؟ منهنجي پتنيِ سنڌيا
توهان جي لکڻين جي پرستار آهي. مون کي به توهان
جون ٻه_ٽي ڪهاڻيون پڙهيِ ٻڌايون اٿائين. واهه
صاحب! مزو اچيِ ويو توهان سان گڏجيِ.“ ”پتني جي
دير ته نٿيِ؟ ڏسو پورا اڍائيِ ڪلاڪ اڳ دڪان بند
ڪري بندو حاضر ٿيو آهي. توهان کي هيِ شهر گهمائڻ
لاءِ ڪار حاضر آهي ۽ هڪ سٺيِ هوٽل ۾ ٽيبل به رزروِ
ڪرائي ڇڏيم ڀاءُ، هوم منسٽر جو آرڊر ڪيئن ٽاربو؟“
مون سان هٿ ملائيندي ۽ مسڪرائيندي پتنيءَ ڏانهن
نهاريو. مان پنهنجي زخميل ضمير، تڙپندڙ دل سان هن
صاف دل سنڌيا جي پتيءَ کي نهارڻ لڳس. سنڌيا اندر
تيار ٿيڻ لاءِ هليِ وئيِ. سنڌيا جي گهوٽ ساراهيندي
چيو، ”سائين توهان جا ڪردار، جيڪي توهان ڪهاڻين ۾
خلقيندا آهيو تمام مهان ۽ عام ماڻهن کان
عظيم هوندا آهن.“ مون ڪنڌ
سان ”ها“ ڪئيِ
۽ پنهنجيِ نئين ڪهاڻيءَ جي
نائڪا ”سنڌيا“ جي باري ۾ سوچڻ لڳس. هن جي مهانتا،
مون کي به سندس لاءِ مهانتا جي ڀاوَنا سان ڀري
ڇڏيو ۽ مون ۾ به عظمت جواحساس ڀريو، ڪرِڻ کان
بچايو.
* * *
ياسمين چانڊيو
نياڻي...!!
روز جيان، پاڙي واري
مولوي جي، ٻانگ جي آواز تي زيبوءَ جي اکِ کُلي، ھر روز جيان اک کلڻ
تي ھو پنھنجي آس پاس جو جائزو وٺندي هئي.
انڪري جو، خوابن ۾ ھوءَ جيڪو ڪجھه ڏسندي ھئي، اُن جي پڪ ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن
ھوڏانھن نِھاريندي ھئي ته
ڪٿي سندس خوابن واري محل ۾ ته
ناھي! پر ننڊ مان جاڳڻ کان
پوءِ به ساڳئي غريباڻي پڌر ۾ ڇڳل کٽ تي سُتل ھوندي ھئي. اُن لمحي ھوءَ ھڪڙو ٿڌو
ساھه کڻي آسمان ڏانھن نِھاريندي ھئي. آسمان ڏانهن
نهاريندي
دل ئي دل ۾ ڄڻ ڪا شڪايت ڪندي ھئي.
اڄ به اک کُلڻ شرط ھن جي نظر کٽ ڀرسان پيل لٺ
واري پکي تي پئي، جيڪو ھوا گھٽ ۽ کڙڪو
وڌيڪ ڪندو هو، اُن پکي جي سامھون سندس کٽ سميت
قطار ۾ کٽون رکيل ھونديون ھيون جن
تي
سندس ڀينرون
ڀائر ۽ آخري کٽ تي پيءُ سُتل ھوندو ھو. ھاڙه جا ڏھاڙا ھئا ۽ مڇرن ھُجڻ ڪري کٽن تي مھارا وجهي سمھندا ھئا.
سندن اڱڻ وڏو ھئڻ ڪري جيڪڏھن ڪڏھن ڪا تيز ھوا ھلندي ھئي ته مھارن جا کٽ سان
ٻڌل لڪڙا ڪِري پوندا هئا، جيڪي پِڻس
ڀڻ ڀڻ ڪندي گاريون ڏيندي، کٽ جي پاون سان ٻيھر ڇڪي
ٻڌندو هو.
زيبو
ﷲ
اڪبر جو آواز
ٻُڌي
ڪلمو پڙهي، مھاري کي مٿي ڪري اُٿي ھٿ مُنهن ڌوئي رڌڻي ۾ آئي ته
ماڻس چيلهه کي ھٿ ڏئي پريشاني ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن
ڦري رهي هئي. جڏھن
ته
اڪثر ماڻس اَٽو
بيٺي ڳوھيندي ھئي.
زيبو سمجهي وئي ته امان کي سورَ ٿيا آهن.
گھر جي وڏي ڌيءُ
ھئڻ ڪري زيبو ماءُ جو ھر ڪم ۾ ھٿ ونڊرائيندي ھئي نه
صرف ايترو،
پر چوڏھن سالن جي
عمر
۾ چار ڀيرا ماءُ کي ائين سور کائيندي ڏٺو ھئائين. زيبو ماءُ کي ھٿ مان وٺي اچي کٽ تي ليٽايو ۽ پاڻ
نماز پڙھڻ لاءِ پڌر ۾ مُصلو وڇايائين، نماز جي
آخري رڪعت لاءِ جڏھن سلام
ورايائين ته
ماڻس تي نظر پيس جيڪا پڌر ۾ تڪليف وچان چڪر
ڏئي رھي ھئي.
ھن دعا لاءِ ھٿ مٿي کنيا ۽ آسمان ۾ نِھارڻ لڳي، پرهه اڃا ڪونه
ڦُٽي ھئي، پر تارا سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي
ڄڻ لِڪي رھيا ھئا، زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس
ٿيو ته
ھو به
ته
اُنھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي
تاءَ
۾ لوڪ کان زماني کان لِڪندا رھندا آھن.
پر
ڪٿي به
ڪڏھن به
کين ڪنھن اميد جو، خوشيءَ جو پاڇو يا ڇانورو نصيب
نه
ٿيو.
ھن وري ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماءُ کي ڏسڻ لڳي.
مُصلو ويڙهي اُٿي ماءُ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، وري وڃي
پيءُ جي کٽ ڀرسان بيھي غور سان پيءُ کي ڏسڻ لڳي، جيڪو رات پنھنجو
نشو پَتو ڪري گھري ننڊ
۾
سُتل ھو. ھُن پنھنجي پيءُ کي اُٿارڻ
چاھيندي ۽ ٻُڌائڻ چاھيندي به
کيس اُٿارڻ نه پئي چاھيو جو کيس گذريل سال جو واقعو اکين ۾ تري آيو. جڏهن
ماڻس کي سُور ٿيا هئا. ۽ ھن پيءُ کي اٿاريندي چيو
هو ته،
”
بابا اُٿو دائيءَ
کي وٺي اچو، امان کي سُور ٿيا آھن.“
ته پڻس گار ڏيندي چيو ھئس ته،
”ماڻهين
روز روز ٿي ٻار ڄڻي، اسان نوڪر آهيون، جو ننڊ
ڦٽائي دائيون ڳوليندا وتون ۽ ٻيو ته
ھت پيا به نوٽ آهن جو دائيءَ کي ڏينداسين.“
اُن لمحي زيبو جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. ھوءَ سوچڻ
لڳي ته.
امان جي سُورن ۽ ٻارن ڄڻڻ جو سبب ڪير آھي؟
پر
کيس اندر مان جواب ملي ويو
ڇو
جو ھوءَ عمر جي حساب سان سياڻي ٿي چُڪي ھئي. ھُن اڪثر ماءُ کي
سندس پيءُ کي چوندي ٻڌو هو ته،
زيبوءَ جا پيءُ! ڪجھه ته خدا جو خوف ڪر ڀلا، وقفو
به
ڪر کڻي، مان روز روز ٻار ڄڻي مري پئي آھيان.“ تنھن
تي پڻس گار ڏيندي چوندو ھئس.
”شودي رَنَ وقفي ڪرڻ سان
الله
ناراض ٿيندو، جيڪڏھن اُن جي قدرت سان ھٿ چراند
ڪندينءَ ته ڪارو مُنهن ٿيندو تنھنجو به منھنجو به.“
۽ وري سُورن مھل چوندو ھو ته رَنَ روز ٿي ٻار ڄڻي.
اِھو سوچي ڪاوڙ ۽ ڏک وچان زيبوءَ جي اکين مان لڙڪ
لارون ڪري وھڻ
لڳا.
پنھنجا لڙڪ اگهندي ورانڊي ۾ رکيل وڏي پيتيءَ
مان
چادر ڪڍندي چيائين،
”امان!
سج به نڪتو آهي، مان پاڻ وڃان ٿي راڻي ماءُ ڏي ته
ھوءَ مون
سان گڏجي ھلي دائيء کي وٺڻ لاءِ.“ ماڻس کيس ڏک ۽ تڪليف مان
شڪست کاڌل ھرڻيءَ جيان، نماڻين اکين سان ڏٺو، ڄڻ
کيس پنهنجي ھُجڻ جو پڇتاءُ ھجي.
زيبو ننڊ سُتل ننڍي ڀيڻ زريءَ کي اُٿاريندي چيو،
”مان وڃان ٿي دائي کي وٺڻ لاءِ جو امان کي سُور ٿيا آھن،
تون اُٿ امان جو خيال ڪر ۽ چانھه ڍُڪ ٺاهي امان ۽
ڀائرن کي ڏي،“ زري، زيبوءَ کان ٻه سال ننڍي ھئي سو
دائيء جو ٻڌي ٽپو ڏئي اکيون مھٽيندي کٽ تان اٿي.
زيبو چادر ڍڪي پاڙي ۾ رهندڙ راڻي ماءُ جي گهر
پھتي، سامھون کان راڻي ماءُ زيبوءَ
کي صبح سوير ايندو ڏسي سمجهي وئي ته زيبوءَ ماءُ
کي سور ٿيا ھوندا. ان کي خبر هئي ته زيبوءَ ماءُ
پورن ڏينهن
سان
آهي.
زيبو ويجھو آئي ته
راڻي کيس مُرڪي نھاريو جيڪا اسڪول وڃڻ جي تياري
ڪري رھي ھئي، زيبو کي ويجھو ايندي ئي راڻي ماءُ
چيو.
”خير ته
آھي زيبو صبح ساڻ ئي ڀڄندي آئي آھين، ماڻھين کي
سُور ٿيا آھن ڇا؟“ زيبو جواب ته
ڪونه
ڏنو.
پر سندس اکين مان لُڙڪ وھي پيا. راڻي ماءُ زيبوءَ
کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيندو چيو
”اُلڪو
نه
ڪر ڌيءَ، رب سڻائي ڪندو.“ ايتري ۾ راڻي به سُري سندن ويجھو آئي ۽ ماءُ کي چيائين،
”امان
مان اڄ اسڪول نٿي وڃان جو زيبو سان ڪم ڪار ۾ گڏ
ھونديس.“
راڻي زيبو جي پڪي ساھيڙي ھئي، ٻئي
ننڍپڻ
کان ئي گڏ کيڏيون
۽ ھڪ ئي اسڪول ۾ پڙھنديون ھيون.
سڄي پاڙي ۾ زيبو ۽ راڻي جي دوستي مشهور ھئي. ٻئي
ساھيڙيون سڄي پاڙي جو نڪ ھيون.
جھڙيون سمجھدار ۽ سياڻيون ھُيون تھڙيون ئي وري
اخلاق واريون به
ھُيون، ھر ڪنھن سان پيار محبت ۽ اخلاق سان
ڳالھائينديون ھُيون، جيڪڏھن. پاڙي ۾ ڪا عورت بيمار
ٿيندي ھئي ته اُن جي گهر جو ڪم ڪار ٻئي ڄڻيون ملي
ڪنديون هيون،. تنھنڪري سڄي پاڙي وارا زيبو ماءُ
کي، زيبو جي نالي سان ۽ راڻي ماءُ کي راڻيء جي
نالي سان سڏيندا هئا.
راڻي ماءُ به سڄي پاڙي ۾ مشهور ھئي، پاڻ وڏيري جي ٻي زال ھئي،
سھڻي سٻاجھڙي،
پڙھيل لکيل.
وڏيري جو بنگلو سڄي پاڙي ۾ سڀني کان سھڻو ۽ وڏو
ٺھيل ھو.
اهو راڻي ماءُ
جي نالي ڪيو ھئائين ۽ وڏي زال کي ڳوٺ ۾ الڳ
حويليءَ ۾ رکيو ھئائين.
راڻي ماءُ جيتوڻيڪ پڙھيل لکيل ھئي.
پر زيبوءَ ماءُ جي سٺي تعلق ۽ دوستيءَ جو به مٿس اثر ھو، جو زيبو ماءُ غريب ھوندي به
ڏاڍي سٻاجھي ۽ گُڻن واري ھئي. سو راڻيءَ کي جواب
ڏيندي چيائين،
”راڻي تنھنجو اسڪول وڃڻ ھن مھل ٺھي
به
ڪونه
ٿو.“ راڻي ماءُ
پنھنجي نوڪرياڻي شھزادي کي سڏ ڪيو، جيڪا ڊوڙندي
آئي.
”
شھزادي! ڊوڙ ڪري وڃي دائيءَ کي وٺي اچ.“ شھزادي،
اُن جون ٻه ڌيئر ۽ سندس مڙس راڻي ماءُ جي گھر ۾ ڪم
ڪندا ھئا. شھزادي
جي شادي به راڻي ماءُ ڪرائي
هئي
جيڪا اصل وڏيري جي ڳوٺ جي ھئي. زيبو اڃان ڳوڙھا به
نه
اُگھيا ته،
کيس راڻي ماءُ چيو،”
زيبو تون پريشان نٿي، شھزادي
ڄاڻ دائيءَ کي وٺي ايندي ۽ پيسن جو
فڪر نه ڪر.
مان پاڻ دائيءَ کي پئسا ڏينديس.“
زيبو ۽ راڻي
نائين ڪلاس ۾
پڙھنديون ھيون.
زيبوءَ جي پڙھائيءَ
جو خرچ راڻي ماءُ ڪندي هئي.
زيبوءَ جو
پيءُ موالي ھو،
سو ڪڏھن مزدوري
تي ويندو ته
ڪڏھن نه
ويندو ھو. مزدوري تي ويندو هو ته
به
ھڪ ويلو گھر ۾ پچندو ھئن ته ٻيو ويلو بک تي گذران
ڪرڻو پوندو ھئن. اُن حالت ۾ به
راڻي ماءُ سندن پرگھور لھندي ھئي.
زيبو ماءُ جيتري سھڻي
هئي اوتري سٻاجھڙي،
بس حالتن ۽ تڪليفن کيس چُپ ڪرائي ڇڏي ھئي. ھوءَ
خاموش خاموش رھندي ھئي، بس اندر ئي اندر ۾ سوچيندي ۽ لوچيندي رھندي ھئي. روز روز مُڙس
جي گارين
۽ مار موچڙي زيبو ماءُ جي وجود کي جنجھوڙي ڇڏيو هو.
بس ڪو وسيلو نه ڏسي ٻارن جي سِر خاطر پنھنجا چپ
ھميشه لاءِ سبي ڇڏيا ھئائين.
ڪجھه دير ۾ شھزادي
دائيءَ کي وٺي آئي، زيبو راڻي ماءُ ۽ شھزادي
دائيءَ کي وٺي سندن گھر آيون.
دائيءَ زيبو ماءُ کي ڏٺو ۽ زيبو کي چيائين ته:
”چلھي
تي پاڻي ديڳڙو رکُ.
گرم ٿئي ته آڻي ڏي.“
زيبو جلدي ۾ وڏو جست جو ديڳڙو کڻي اڱڻ تي لڳل ھٿ
واري نلڪي کي گيڙيندي ڀرڻ لڳي، پر ديڳڙو به ھنن جي
غربت واري زندگيءَ جيان چٻو ٿي ويو هو، زيبو ان کي
نلڪي ھيٺان رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳي،
پر پاڻي جي زور تي ديڳڙو نلڪي ھيٺان ھٽي پيو وڃي،
بلڪل ايئن جيئن
پيءُ جي روش سبب
ھنن جا سکُ ھنن کان ھٽي ويا
هئا،
سو زيبو زري کي سڏيندي چيو ته،
”زري
اچ ديڳڙو جھل ته
پاڻي ڀري رکان“.
زيبو ديڳڙو ڀري چلهه
تي رکيو، ديگڙو چُلهه
تي رکي ھوءَ ڪوٺي ۾ وئي ۽ ڪوٺي جي ھڪ ڪنڊ
۾ پراڻيون ڳوڻيون وڇائي انھن مٿان پراڻي رِلي وڇائي ڇڏيائين ۽
اُن ڀرسان ھڪڙي ڇَلي رکي ڇڏيائين جنهن ۾ ماڻس ٻار
جا ڪپڙا ٽوال رِلِڪا ۽ ناڙو ڪٽڻ لاءِ بليڊ، تيل ۽ ٻيون شيون رکيون ھيون.
جيئن ھوءَ ماءَ جي ويم وقت سدائين ڪندي ھئي.
ايتري ۾ دائي ماڻس کي ھٿ ڏيندي وٺي ڪوٺيء ۾ آئي ۽
زيبو کي چيائين،
”جلد
ڪر گرم پاڻي کڻي اچ، بس ٿوري دير ۾ ٻار اچڻ وارو
آهي.“
زيبو ماءُ
کي دائي انھن وڇايل ڳوڻين تي سمھاريو، ۽ راڻي ماءُ کي چوڻ لڳي،
”زيبو
پاڻي آڻي ته چيس
ڪوٺي جو در بند ڪري“.
زيبو پاڻي کڻي اچي رکيو ته راڻي ماءُ چيس،
”ڌيءُ
در بند ڪر ۽ تون ٻاهر وڃ.“
زيبو جنھن صبح کان چانهه جو ڍڪُ به ڪونه پيتو ھو،
ڳڻتي ۽ ڏک وچان مٿو ڦري رھيو ھيس. ڪوٺيء جو در بند
ڪري اُتي ئي ويھي رھي. سامهون پڻس سلفي ۾ چرس جا
سوٽا ويٺي لڳايا، ھو اُنھن سمورين پيڙائن
کان بي خبر ھو.
زيبو جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا، کيس ايئن
لڳي رهيو هو ڄڻ پڻس گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو ھجي، جنهن
کي زال جي تڪليف جي پرواهه ئي نه ھئي.
ھُن کي پيءُ کان ڪِراھت اچڻ لڳي، جنھن جو ڪم بس ۽
جانورن جيان ٻار پيدا ڪرڻ.
ٿوري دير ۾، ڪوٺيءَ اندران اُوئان اُوئان جا آواز
اچڻ لڳا.
گڏوگڏ دائي سڏ ڪندي چيو:
” زيبو جلد اچ...“زيبو ڪوٺي جو در کولي اندر وئي ته
دائيءَ کيس ٽوال ۾ ويڙھيل ٻار ڏيندي چيو:
”مبارڪ ھُجئي، ڀيڻ ڄائي اٿئي.“ زيبو پنهنجي ڄاول ڀيڻ
جھولي ۾ جھلي دائيءَ کي ڏسڻ لڳي ته، ڇا واقعي به
خير مبارڪ چوان يا نه!؟
جو اُھا ٽئين زيبو به ھن زندگيءَ جي آڙاهه ۾ جلڻ
لاءِ آئي ھئي. زيبو جي ھٿ ۾ جھليل ٻارڙي مسلسل
”اوئان
اوئان“
ڪري روئي رھي ھئي.
زيبو کي لڳي رهيو هو ڄڻ، ٻارڙي سندس گھر ۾ اچڻ تي
خدا کان شڪايت ڪري رھي ھجي ۽ چئي رهي ھجي ته:
”اي
خدا پيدا ته ڪيئي.
پر اھڙي گھر ۾ جتي عورت کي انسان ئي ناهي سمجھيو
ويندو.“ ايتري ۾ پڻس جو آواز آيو،
”ڇا
ڄڻيو آھي ماڻهين؟“
زيبو چيو،
”
ادڙي.....“ پڻس ٻڌندي ئي چيو،
”
لک لعنت اٿس، ڀلا نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به
ڇا ؟“
اُھي لفظ زيبو جي دماغ ۾ ڪنهن تير جيان لڳا ۽ ڏُک وچان سمورو
اندر وڍجي ويس، اندر مان ھڪ آھه نڪتس، ھُن ننڍڙي
ڄاول ڀيڻ کي ھٿن تي ٿورو مٿي ڪري،
الله
کي التجا واري انداز ۾ چيو،
”
اي
الله
سائين، ھن معصوم کي واپس وٺي وڃ، ھن گھر ۾ نياڻي
جيڪا
رحمت
آهي. پر ان
جي ڪابه
ضرورت ڪونھي.
رھندو پئي سموري عمر لعنت وسندس. سواءِ تڙپڻ جي ڪجھه ڪونه ملندس.“
شايد زيبو جي دُعا قبول پئي يا وري دائيءَ ڪو کيس
ڄڻائيندي زوريا
ايذاءُ ڏنو ھو، جنھن
ڪري ٻارڙي ڳيتون ڏيندي
ڏيندي
روئڻ بند ڪري ڇڏيو. زيبو، ڄاول ڀيڻ کي ڏٺو ته
ھوءَ نيري پيلي ٿي وئي آھي ته،
رڙ ڪندي راڻي ماءُ
کي سڏ ڪيو.
”ماسي!
ھي ڏسو!
ننڍڙي روئي به
نٿي ۽ ڪاراٽجي
نيري ٿي وئي آھي.“ راڻي ماءُ ۽ دائي، زيبو ڏانھن
ڊوڙنديون آيون.
دائي يڪدم کڻي ٻارڙي، زيبو کان ورتي.
ٻارڙي ته
ساهه
ڏئي چُڪي ھئي. دائيءَ ڏُک وچان راڻي ماءُ ڏانھن
نھاريو ۽ چيائين،
”
سانئڻ! ڏک نه ڪجانءِ،
ننڍڙي
الله کي پياري ٿي وئي. پريان زيبو ماءُ جي سُڏڪن جو آواز اُڀريو.
پر زيبو ڄڻ سڪتي ۾ ورتل ھئي!.
مير سجاد
رمضان جو چنڊ
چنڊ جي نظر اچڻ سان سڄي پاڙي ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي
وئي، سڀڪو هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو. ”ادا
مبارڪون، سال جو ڀلارو مهينو شروع ٿي ويو.“ وري
ٻئي پاسان آوا
ز آيو. ”شُڪر الله پاڪ جو، وري هن حياتي ۾ ئي
رمضان شريف ڏيکاريائين، اڳئين سال يا نصيب. وري
اهڙو ڀلارو مهينو نصيب ٿئي يا نه.“ هر گهر ٻهڪيو
پئي. جي خوشي نـ هُئي ته
دُر محمد جي گهر ۾ نـ هُئي. رمضان جي مهيني اچڻ
سان هن جو سڄو گهر ڄڻ اُجهامي ويو هو
.
”
اي خُدن جا پيءُ، سڀاڻي کڻي ريڙهو لڳائجانءِ، ڇو
اچي هانءُ لاٿو اٿئي.. رب خلقيو آهي ته روزي بـ
ڏيندو..!!“
دُرو جي زال، دُرو کي ائين گائون
مالؤن ڏسي چيو.
”
نيڪ بخت، ڳالهـ ته سچي ٿي چئين. پر ريڙهي وارو به
ته پهرين ايڊوانس گهُرندو، ٻيو تـه ريڙهي تي سامان
رکڻ لاءِ بـ ته ڏوڪڙ گهُرجن ۽ مُنهنجي کيسي ۾ ڪجهه
ڪونهي
. “
”
تون هلڪان نٿي، اجهو آئون پاڙي مان ڪنهن نه ڪنهن
کان سَوُ ٻه وٺي ٿي اچان.“
ائين
چئي دُرو جي زال، مٿي تي رئو رکي، ٻاهر رواني ٿي
وئي
۽ سوچيندي پئي وئي ته پهرين ڪنهن جي گهر وڃان. ته
اوچتو حاجاڻي هاجران جو نالو ذهن تي تري آيس، سو
ست اٺ گهر ڇڏي، حاجاڻي جي گهر ۾ گهڙي وئي
.
”
اي مائي....اتي ئي بيهه، پنهنجي حالت ڏٺي اٿئي جو
ائين لُر ڪيو پئي ڀڳي اچين. اتي مُنهنجي نماز جي
جاءِ آهي.
“
حاجاڻي جو دڙڪو ٻُڌي، دُرو جي زال در وٽ ئي بيهي
رهي
.
”
نوران او نوران.........! ڪيڏانهن مري
وئينءَ..........؟ الله انهن کي پُڄي، رمضان جو
چنڊ
ڏٺو ڪونهي، پنڻ وارن کڻي سندرو ٻڌو .... نـه نماز
جي، نه روزي جي، بس الله جو نالو بچيو ئي پنڻ لاءِ
آهي.“
حاجاڻي پنهنجي مُنهن ٿورو ڏاڍيان ڳالهائيندي
ڳالهائيندي...وري نوران کي سڏ ڪيو.
”
نوران...!“
نوران پيرين اُگهاڙي ڊوڙندي آئي.
”
آئي.... حاجاڻي.
“
”
ڪيڏانهن مري وئي هُئينءَ، سڏي سڏي مُنهنجي نڙي
ويهي وئي آهي.“
نوران سهڪندي سهڪندي چيو،
”حاجاڻي،
ننڍڙي جا....“
حاجاڻي، نوران جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”
نوران، هن کي وٽي اٽي جي ڏي، نه ته در ڪانه
ڇڏيندي، توبهه آهي هنن کان. ڏينهن جو سڄو ڏينهن
پنندي ٿو گذري.“
دُرو جي گهر واري جا ته لفظ ئي نڙي ۾ اٽڪي بيهي
رهيا. جيئن آئي هُئي ائين ئي حاجاڻي جي گهر مان
نڪري وئي. وري سيٺياڻي آپا رحمت
جو خيال آيس. سڄي پاڙي ۾ وڏي مُتقي، پرهيزگار، پنج
وقت نمازڻ ۽ نيڪ عورت طور مشهور هُئي. سو تيز تيز
وکون کڻندي، سيٺياڻي جو وڏو لوهي گيٽ ٽپي اندر ٿي
تـ پريان سامهون ويٺل آپا جي خاص خدمتگار راڻي هن
کي اڳيان ايندي ڏسي ڊوڙندي اچي هن جي سامهون بيٺي.
”
اي رن ڪيڏانهن ڇتي ڪتي جيان لُرِ ڪيو پئي ڀڳي اچين
!“
دُرو جي گهر واري راڻيءَ کي منٿ ڪندي چيو،
”راڻي ڀيڻ، آپا کان ٻه سوَ روپيا اُڌارا تـ وٺي
ڏينم.
“
راڻي وات تي آڱريون رکندي، وڏي واڪي وراڻيو،
”
ائي مُٺيس ......! اُڌارا پيسا گهرڻ آئي آهين، ڇو
مُڙسهين ڪو ڪارخانو لڳايو آهي ڇا ؟ جو موٽائي
ڏيندينءَ.
“
دُرو جي زال، راڻي جي خوشامد ڪندي وراڻيو،
”ادي،
ائين ڪونهي، سُڀاڻي کان ڀلارو مهينو رمضان شروع
پيو ٿئي، انڪري
دُرمحمد
فروٽ جي ريڙهي لڳائيندو، هوٽل بند هوندو نه. ڀيڻ
پندرهين رمضان کان اڳ پيسا موٽائي ڏينديس
“
راڻي لمڪو ڏئي، پنهنجي کٽ ڏانهن واپس ايندي چيو،
”
نه مائي، اهڙو ڪچو ڪم پاڻ ڪريون ئي ڪونه. آپا کان
پيسا گهُران، مورڳو آپا ڪاوڙجي پوي. توبهه توبهه
الله ڪنهن کي محتاج نـ ڪري
.“
دُرو جي زال راڻي کي چيو،
”
ڀلا آپا ويٺي آهي، آئون پاڻ وڃي گهُرانس ٿي.“
راڻي کي دُرو جي زال تي ڪهل اچي وئي. سو دُرو جي
زال کي آپا وٽ وٺي آئي جيڪا روزي رکڻ لاءِ سامان
جي لسٽ پوڙهي مٺان کي لکائي رهي هُئي.
راڻي آپا جي ڪن ۾ ڪُجهـ چيو. سامهون دُرو جي گهر
واري، اڱڻ تي جُتي لاهيو، آپا ڏانهن نماڻين اکين
سان نهاري رهي هُئي، آپا دُرو جي گهر واري تي هڪ
اَڇاتري نظر وجهي، ٿورو ڏاڍيان راڻي کي چيو،
”
مائي وڃي چئيس، هينئر سيٺ جي ڌنڌي ۾ مندي آهي، سو
سيٺ گهر جي خرچ جا پيسا پورا مس ٿو ڏئي، آئون ڪٿان
ماڻهن کي اوڌرون ڏيان
.“
راڻي کي ڄاڻ هُئي ته سيٺياڻي اها ڳالهـ زور سان ڇو
چئي آهي، سو ڀڄي وڃي دُرو جي گهرواري وٽ پُهتي.
”
مائي هاڻي ته نڪر هِتان، پاڻ بـ بيعزتي ٿينءَ ۽
اسان جو مانُ بـ وڃايئي.“
راڻي دُرو جي گهر واري کي ٿيلها ڏيندي اڳيان ڪيو
۽ پاڻ پويان پويان هلندي آئي
.
دُرو جي گهر واري مايوس ٿي منهن تي آيل پگهر
اُگهندي، واپس پنهنجي گهر ڏانهن موٽي آئي، ٻئي
ڪنهن جي گهر ڏانهن وڃڻ لاءِ دل راضي ئي نـ ٿيس.
دُرو جي زال جيئن سڻي جي ٻوري سان ٺهيل گهر جي
دروازي جو پردو هٽائي گهر ۾ داخل ٿي تـ دُرو
پنهنجي زال جو لٿل منهن ڏسي سمجهي ويو تـ ڪُجهـ
ڪينَ مليو اٿس.
”
خُدن ماءُ، پريشان نٿي، هوٽل بند آهي ته خير آهي
ڪٿي نه ڪٿي وڃي مزدوري ڪندس.
“دُرو
پنهنجي زال کي آٿت ڏيندي چيو.
ننڍڙو خُدابخش، پنهنجي ماءُ پيءُ کي پريشان ڏسي
حيران هو. من ۾ اُڻ تُڻ هئس ته رمضان مهيني جي اچڻ
تي سڄو پاڙو خوش آهي. امان ۽ بابا ڇو پريشان آهن
نيٺ ماءُ کان پُڇيائين،”امان، پاڙي ۾ سڀ هڪٻئي کي
رمضان مهيني جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ مبارڪون ڏين پيا.
پاڻ رمضان جي اچڻ ڪري ائين پريشان ڇو آهيون؟
“
درو جي زال جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا.
”
ابا ڪُجهه ڪونهي! ڀلاري مهيني جي اچڻ تي پاڻ بـ
خوش آهيون. تون سُمهي پئهُ. صبح جو تو کي اسڪول بـ
وڃڻو آهي.“
دُرو جي گهر واري، پُٽ کي پنهنجي گوڏي تي ليٽائي،
ٿپڪيون ڏئي ڏئي سُمهاري ڇڏيو.
پر ٻنهي زال مُڙس کي سڄي رات ننڊ ڪانه آئي. فجر جي
اذان مس آئي جو دُرو گهر کان ٻاهر مزدوري لاءِ
نڪري ويو، سڄو ڏينهن ڪيترن ئي رازن ۽ مسترين کي
مزدوري لاءِ منٿون ڪيائين، پر سڀني ڪو نـ ڪو عُذر
ٿي ڏنو تـ مون وٽ مزدور پورا آهن، سيٺ وڌيڪ مزدور
رکڻ نٿو ڏئي، ادا ايترو ڪم ئي ڪونهي جو وڌيڪ مزدور
رکون
.
شام جو افطاري مهل بکيو اُڃيو گهر واپس موٽي آيو.
خُدن ماءُ، مُڙس جو لٿل مُنهن ڏسي ڪنهن ڳالهه جي
پُڇا ڪونـ ڪيس
.
”
ماني کڻي اچان...“
”
ها
“
خُدن ماءُ ڪالهوڪيون هوٽل تان آيل سُڪل مانيون ۽
پاڻي جو گلاس دُرو جي اڳيان اچي رکيو. بُک ۾ تڪڙا
تڪڙا ٻه ٽي گرهه هڻي ويو، وري اوچتو پنهنجن ٻارڙن
جو خيال آيس
ته هٿ رُڪجي ويس، گرهه نڙي کان هيٺ لهڻ کان نابري
ڪري بيهي رهيا
.
”
خُدن ماءُ هي ماني رکي ڇڏ. صبح جو وري ماني ڪٿان
ايندي، ننڍڙا ٻچا ڇا کائيندا؟“
”
خُدن جا پيءُ، رب رازق آهي، رحيم آهي. ضرور ڪٿان
نه ڪٿان بلو ڪري ڏيندو، تون سڄي ڏينهن جو بکيو
آهين ماني جا ٻه گرهه هڻي وٺ
. “
دُرو ڇڳل کٽ تان اُٿندي چيو:
”
نـ، بس.... ڍؤ ٿي ويو، الله جي سڀاڻي
ڪو رزق جو بلو
ڪيو ته کائي سير ٿينداسين.“
ائين دُرو کي پندرنهن ڏينهن لنگهي ويا. پر ڪٿان بـ
ڪو مزدوري جو بلو ڪونـ ٿيس، ايستائين ته دُرو جي
زال هتان
هُتان
پني سني اڌورو سڌورو کائي مڙئي گهر جو گاڏو پئي
هلايو. پر ٻيو ڪو ڪيستائين ڏي. دُرو هاڻ پنڻ شروع
ڪري ڏنو هو. پر چڱي ڀلي جوان مڙس کي بـ خيرات ڪير
ڏيندو. سڄو ڏينهن ڌڪا ٿاٻا کائي تڏهن وڃي پندرهن
ويهه روپيا ملندا هئس. مٿان ننڍڙو به واري جي تپ ۾
وٺجي ويو هُئس، هاڻي دوا جي ڪري يا پيٽ جي ڪري،
ائين سڄو رمضان لنگهي ويو.
29 رمضان تي سڀڪو ڇت تي چڙهي عيد جو چنڊ ڏسڻ ۾
پورو هو. پر دُرو ۽ دُرو جي گهر واري پنهنجي گهر
جي چنڊ کي جهولي ۾ کنيو ويٺا هُئا، جيڪو آخري
پساهه کڻي رهيو هو، تيسين سڄي پاڙي ۾ هُل ٿي ويو.
”ادا! چنڊ نظر اچي ويو...مبارڪون.“ ”ادا توکي به
عيد جون ايڊوانس مبارڪون هجن.“ سڄي پاڙي ۾ دهل
شرنائين جا آواز گونجڻ لڳا ۽ خُدن ماءُ ۽ پيءُ جي
جهولي ۾ دم ڏنو. هو ٻئي خاموشي سان پنهنجي خاموش
ٿيل معصوم چنڊ کي ڏسي رهيا هُئا...! |