خليل چانڊيو
سنڌ جي سماجي صورتحال
ڪنهن به مقصد جي ڪامياب ٿيڻ جو مدار انساني سوچ،
سمجهه،
ترجيح ۽ ترتيب تي منحصر هوندو آهي، سياست
جنهن جي لغوي معنى
حڪمت عملي آهي،
ان
جو بنيادي سبب
ئي
انساني فطرت سان هم آهنگ تقاضائن
جو حتم-
الامڪان پورائو ڪرڻ آهي. سياست ماڻهن جي مسئلن،
معاملن ۽ سندن زندگيءَ
جي اهنجن، ايذائن
۽ ڏکيائن کي دور ڪرڻ جو نالو
آهي،
جنهن لاء سياسي تنظيمون
پنهنجي بنيادي خدو خال ۽
هيئت
۾،
وقت بوقت تبديليون آڻيندي مسلسل
جدوجهد
سان، شانائتي
۽ لافاني
ڪردارسان، گفتار، رفتار ۽ حڪمت عملين سان نه صرف
قومن جون تقديرون تبديل ڪندي،
تاريخ کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪنديون آهن،
بلڪه خير ۽ شر
جي صلح
نامي جا پرده چاڪ
ڪندي، ڪائناتي
حسن جي تدوين ۽ ترويج جون ارتقائي
منزلون
طئي
ڪندي،
سماج کي نوان رخ، ڏس ۽ گس مهيا ڪنديون آهن.
ڇو ته هن پيشي سان سلهاڙيل انسانن
نڪتئه
نظر
اهي
آدرش هوندا آهن،
جن جو ماخذ لکين پيغمبر، هزارين صحيفا،
سوين دانشور۽ مادر علميون آهن،
جن جي علمي ادراڪ سان
فطري سونهن جو
جوڀن عروج جون ارتقائي منزلون همه وقت طئي ڪندي،
آسمانن ۽ زمين جا راز چاڪ ڪري رهيو هوندو آهي. دنيا
جي تاريخ پڌرو ڪري ٿي ته سرزمين سنڌ جي تهذيب و
تمدن انيڪ آدرشن ۽ اهنسائن جي مک مرڪز طور پنهنجي
وجود جي جنگ نه صرف احسن طريقي سان
جوٽي
آهي،
پر
تاريخي ۽
ثقافتي
طور تي ڪائناتي مقابلي ۾،
اعلى
مقام والاري ٿي.
اوهان دنيا جي درسگاهن جو مطالعو ڪندي حيران رهجي
ويندا ته دنيا کي تهذيب و تمدن جا انيڪ گس
ڏيکاريندڙ سنڌ
اڄ
ڪيڏي نه ستم
ظريفيءَ
جو شڪار آهي، اوهان ان وقت حيران ٿيندا
جڏهن
تاريخ اوهان کي اهو
ٻڌائيندي
هرگز ڪونه ڪيٻائيندي ته واديءَ
مهراڻ جي ان
نوجوان رياضيدان جو
روح اڄ
به اڳوڻي منصوره جي گھٽين ۾ رلي رهيو هوندو.
جنهن البيروني جي ان وقت مدد ڪئي هئي،
جنهن وقت هو
(ٻڙي)
جو انگ ايجاد ڪرڻ ۾ منجھي پيو هو ۽ سنڌ جي هن
نوجوان جي مدد سان کيس رياضيءَ
تي فتح حاصل ٿي،
جنهن جو سهرو
در حقيقت ان سنڌي نوجوان جي مٿان آهي،
جنهن کي تاريخ جي پنن اڃان ڪو نه وساريو آهي،
پر
افسوس ته سندس علمي وارثن، ڪنهن به
ڏاهي، اديب ۽ دانشور سندس سار
نه لڌي. مان ان وقت به حيران رهندو آهيان.
جڏهن
دنياجي تاريخ اهو
ٻڌايو
ته ڳوٺاڻو طرز نظام حيات دنيا ۾ سڀ کان پهريان سنڌ
۾ رائج هو، مان ان وقت به حيران هوندو جڏهن تاريخ
اهو
ٻڌايو
ته دنيا ۾ دوائن جو استعمال سڀ کان پهريان سنڌ ۾
رائج رهيو،
پر
افسوس ته اڄ
سنڌ جا هڪ ڪروڙ ماڻهو ڪاري يرقان ۽ ايڊز
جو کاڄ
بڻجندي زندگي کان پري،
موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. منهنجي حيرت ان وقت
به انتها تي هوندي آهي جڏهن تاريخ اهو
ٻڌايو
ته دنيا جي اندر پهرين ماپ ۽ تور جو نظام سنڌ ۾
رائج رهيو آهي، مان ان وقت به ماتم
ڪندڙن
جي
پيرن جي
خاڪ بڻجي پوندو آهيان جڏهن تاريخ اهو
ٻڌائيندي
آهي ته دنيا جي اندر پهريون ڇاپخانو
۽ ڪتابت جو نظام به سنڌ کان مليو،
پر
دنيا جي پهرين پرنٽنگ پريس جا روحاني وارث هن ڌرتي
جا ليکڪ، قلمڪار ۽ ڏات ڌڻي جيڪي وقت جي دز ۾
پنهنجا آدرشي اشلوڪ ۽ ادراڪ وڃائي ويٺا هجن.
انهن کي ان پهرين پرنٽنگ پريس قائم ڪندڙ سنڌي
نوجوان جو روح اڄ
به ٿرجي ٿوهرن مان مس ڦڙي جي تلاش ڪندي ٿاٻا
کائيندي محسوس ٿيندو مسئلو
ڇا آهي؟ سنڌي سماج جي زوال ۽ پستي جا
آخرڪار
بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟؟ ان سوال جو جواب بظاهر ته
آسان آهي،
پر
ان سوال جو
حقيقت ۾ لڪيل
سچ
انتهائي ڳوڙهي اڀياس ۽ فوري حل طلب ادراڪ جي
متقاضي اهميت جي حامل آهي، جنهن تي انتهائي زور
۽ غور
سان سوچڻ، سمجھڻ جي ضرورت بحرصورت درپيش آهي.
سنڌ جي صورتحال جو جائزو زميني حقيقتن،
ذات انساني جي اعمالن ۽ افعالن، سوچڻ ۽ سمجھڻ واري
صفتن ۽ صلاحيتن، باهمي رواداري، نظم و ضبط، ترڪيب
و ترتيب، علم دوستي، خيش
پسندي، مسلسل جدوجهد
۽ جيري ڪارڻ ٻڪري کي ڪهڻ وارن روين جي جزئيات کي
سمجھڻ کان پهرين سنڌ جي هر نوجوان، عمر رسيده مرد
۽ عورت
کي پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائڻي پوندي، کين پنهنجو
پاڻ پنهنجو بي رحمانه ڇيد ڪرڻو پوندو، کين پنهنجو
پاڻ سان ڳالهائڻو پوندو ۽ خود احتسابي جو نظام عمل
۾ آڻڻو پوندو،
پر
انهن سمورين رياضتن ۽ مشقتن
جي حصول خاطر سڀ کان پهريان هڪ اهڙي بيماري ۽
برائي مان جان آجي ڪرائڻي پوندي،
جنهن اسان جي اندر ۾ ايئن ديرو
ڄمايو
آهي جيئن جسم جو ڪو عضوو هجي..اها برائي جيڪا
اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي، اها برائي جيڪا معاشي نا
همواري، سماجي نا انصافي، عدل
۽ انصاف
جي اڻاٺ، بي رحم روين جو پروان چڙهڻ، مروت ۽ اخلاص
جو موڪلائي وڃڻ ۽
ٻين
ڪيترين
ئي سماجي بيمارين جو اڪيلو ڪارڻ آهي اها اسان جي
پنهنجي سماج
ڏانهن
لاتعلقي، عدم دلچسپي وارا رويا ۽ رجحان آهن، منطقي
طور تي جيئن اسان سماج کان لا تعلقي اختيار ڪئي
آهي ايئن ئي سماج اسان کي پاڻ کان لا تعلق ڪري
ڇڏيوآهي ڇو ته ڪائنات جي فطري تقاضائن جي هڪ صنف
مڪافات عمل به آهي، انسان سماج لاءِ
جيترو جاکوڙي ٿو اهو سماج ان لاء به ايترو ئي
جاکوڙي ٿو، هي اهو سائنسي عمل آهي جنهن جي زد ۾
ڪائنات جو ذرو ذرو اچي وڃي ٿو ٻين لفظن ۾ ذات
انساني جيترو سماجي نظم و ضبط کان ترتيب و تنظيم
کان پري ٿيو وڃي ته سماج جا ارتقائي مدارج به ان
قوم کان،ان گروه کان، ان نسل
يا ان فرد کان اوترو ئي پري رهجيو وڃن
ٿا. ويجھي
ماضي ۾ ان سماجي بي راه روي يا لاتعلقي کي سنڌ
اندر ذوالفقار ڀٽو پنهنجي سياسي حڪمت عملي ۽ بصيرت
سان مخاطب ٿيندي،
ذات انساني کي سماجي محرڪات جو مرڪز بڻايو، نتيجي
طور سنڌي سماج ڪافي حد تائين سياسي طور تي پاڻ
سنڀالي ورتو ۽ هڪ نظم و ضبط جي ترڪيب ۾ سمائجڻ لڳو.
ارتقا جا مدارج پنهنجي منزل ڏانهن
روان دوان ٿيڻ شروع ٿي ويا،
منزل جو تعين ٿيڻ ۽ مقصدن جي حاصلات جا سانباها
۽
ارادي جي پختگي جو ظهور نظر اچڻ لڳو.
اجتماعي روين ۽ سياسي اصطلاحن جنم ورتو،
پر
ان قافلي جي سرواڻ جو منزل مقصود تائين پهچڻ کان
اڳ ئي ڪجهه
بنيادي خوشفهمين، کيس احاطه بند ڪري وڌو.
ڀٽي صاحب جي طرز انداز، سياسي سوچ ۽ نظرين کان قطع
نظر اهو طئي ڪرڻ ۾ آساني رهندي ته
هن صاحب سنڌي سماج ۾ موجود جمود کي ڌوڻي وڌو،
پيراڻي، شاهاڻي ۽ وڏيراڻي طرز انداز کي ڪنهن حد
تائين متاثر ڪيو
۽
ذات انساني کي حوصلو ڏنو ته هو پنهنجي سماجي ،
سياسي معاملن تي بي خوف و خطر پُر اثر اندازِ
بيان جاري رکن، سماجي ڀلائي، باهمي رواداري،
سماجي
ناهموارين، عدل و انصاف جي فراهمي، خون ناحق ۽ نا
جائز قيد و بند جي صعوبتن کي برداشت نه ڪرڻ جو
حوصلو پيدا ڪيو، ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي ته
ڀٽو صاحب ويجھي ماضي ۾ سنڌي سماج مان سياسي جمود
کي ٽوڙڻ لاء بارش جو پهريون قطرو ثابت ٿيو،
جنهن مڪمل طور تي پنهنجي اندازبيان، ذات انساني
سان همدرد روين سان، غريبن جي ڏک ۽ درد کي پنهنجو
درد سمجھڻ وارن متاثر ڪن روين سان نوي سيڪڙو سنڌ
جي سماجي بنيادن ۾ هڪ خاص قسم جي هلچل پيدا
ڪئي،نتيجي طور سنڌي سماج طرفان مليل موٽ طور اج به
سنڌ جو سماج سندس نالو استعمال ڪندڙن ۾ جناب
ذوالفقار ڀٽو جي سوچ ڳولهيندي نظر اچي رهيو آهي،
جنهن جا امڪانات انتهائي معدوم ۽ نه هجڻ جي برابر
آهن ڇاڪاڻ ته
ڀٽي صاحب جيان سماج جي نبض تي هٿ رکي بيماري جي
تشخيص ۽ ان جو علاج ڪرڻ وارو انداز ڪم از ڪم ڪٿي
به نظر نه اچي رهيو آهي.
جيئن مان مٿي چئي چڪو آهيان ته
جيڪڏهن
اوهان سماج جو گلو گھٽيندؤ ته سماج اوهان جو ساهه
ٻوساٽي ڇڏيندو، اهو هڪ اهڙو ته فطري نظام آهي جيڪو
مڪمل طور تي غير متبادل
آهي، دنيا دارالعمل آهي، جيڪو پوکبو سو ئي لڻبو،
هي مڪافات عمل آهي هر انسان کي ان شاهراهه
تان گذرڻو پوي ٿو، ليڪن ڪنهن جي زندگي جو مدار وڏو
آهي،
ڪنهن جو ننڍو
پر
بحرصورت ان مڪافات عمل جي
پل
صراط تان هر ساڪن و
مسڪن، هرمحرڪ
وجامد هر با شعور ۽ بي شعور وجود کي زد ۾ اچڻو ئي
آهياٿاهه
مايوسين مان نڪرڻ در اصل
اسان
جي منزل جو تعين ڪندي،
ڪنهن
به
منزل جو متعين ٿيڻ تمام گھڻو اهم هوندو آهي
پر
ان کان وڌيڪ اهميت ان منزل جي راهه
۾ ايندڙ ڌڪا ٿاٻا،
ڏک ۽
ڏوجھرا
آهن.
ڳالهه
اها به نه آهي ته اسان
۽
توهان وٽ ڏانءُ
ڪونهي،
يا اسان توهان وٽان جستجو ختم ٿي وئي آهي، جذبا
مري ويا آهن، يا منزل جي تلاش نه رهي آهي، يا منزل
جي حصول ۾ ايندڙ
مشڪلاتن
کي سمجھون ڪو نه ٿا يا انهن دشوارين کي سهڻ جي
طاقت نه رهي آهي، نه بلڪل نه، دراصل
اسان سماجي نفسيات جي الجھنن جي
ڄار
مان بحيثيت مجموعي نڪري ڪو نه سگھيا آهيون ان جو
اڪيلو سبب علم ادب ۽ عمل جي اڻاٺ آهي.پر
حقيقت اها آهي ته اسان جي اديبن،
دانشورن پنهنجي علمي ذخيرن سان سنڌ کي نوازيو ضرور
آهي،
پر
انهن ۾ ڪيترا ڪتاب
علم و
ادب سان واسطو رکن ٿا،
ڪيترا ڪتاب نفسياتي بيمارين جي متلعق لکيل آهن،
ڪيترا ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي تناظر ۾ پيدا ٿيل اٿل
پٿل ۽ ان جي سببن مان سکڻ ۽ مستقبل تي نظر رکي
لکيا
ويا آهن،
ڪيترا ڪتاب صحافت تي لکيا ويا آهن، ڪيترا ڪتاب
سائنس تي لکيا ويا آهن، ڪيترا ڪتاب زندگي جي هر
مڪتبئه
فڪر سان تعلق رکندڙ موضوعن تي لکيا ويا آهن، ڪيترا
ڪتاب نهري نظام تي لکيا ويا آهن، ڪيترا ڪتاب
لاجسٽڪ يعني روڊ ريل رستن، ڪميونيڪيشن جي اهميت تي
لکيا ويا آهن،
جواب آهي ته ڪجھه
به نه!
اسان
جو اديب،
اسان جو صحافي، اسان جو دانشور، اسان جو فلسفي،
اسان جو مهان ڏاهو صرف خود پسندي، خود نمائي، واهه
واهه
عقل ڪل، هي اهي رويا ئي ته آهن جنهن سبب سنڌي
سماج سياسي ۽ سماجي جمود جي ور چڙهيل آهي.
مان هتي صرف هڪ موضوع
تي ڳالهيون
ڪيون آهن،
پر
اوهان پاڻ سوچيو ته زندگي ڪيترن موضوعن، معاملن جو
نالو آهي،
جتي
اسان جي سماج اندر داخلا ئي نه آهي، صرف نالي ۾
نهال ٿيڻ منهنجي سنڌ جي تپسيا ڪڏهن به نه رهي آهي،
جنهن جو جيترو به افسوس ڪجي گھٽ آهي.
شگفته شاهه
(اکيو ن پَسي آئيون)
دورِ شگفته
4 نومبر 1984ع تي جڏهن منهنجي عمر اوڻويهه سال
هئي ۽ آئون ڪاليجي شاگردياڻي هيس، تڏهن مون
مهراڻ آرٽس
ڪاؤنسل پاران ”شاهه جي شاعري تصويرن جي آئيني ۾ سري هيٺ ڪرايل گروپ
نمائش ۾ حصو ورتو ۽ پوري سنڌ مان ٽين پوزيشن حاصل
ڪئي. انعام اسان کي هفتو کن پوءِ ڀٽ شاهه ۾،
عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي ان وقت جي
گورنر جرنل جهانداد خان ڏنو ڇو ته ان وقت ضياءُ
الحق جو آمريت وارو دور هو. اها آرٽسٽ جي حيثيت
سان منهنجي باقاعدي انٽري هئي. مون کي ڏاڍي
پذيرائي ملي ڇو ته ان دور ۾ آرٽ جي فيلڊ ۾، سيد
خاندان جي هڪ ڇوڪري اڳتي اچي، سا نئين ڳالهه هئي.
1986ع ۾ 27 نومبر تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهراڻ آرٽس
ڪاؤنسل پاران منهنجي تصويرن جي سولو نمائش ٿي،
جنهن سان منهنجي سڃاڻپ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي وئي ۽
سنڌي توڙي اردو ميڊيا ۾ ان نمائش جي ڀرپور ڪوريج
ٿي. نمائش کان
پوءِ منهنجو
هڪ تفصيلي انٽرويو ”آفتاب“ اخبار ۾ ڇپيو
جيڪو ناز سهتو ورتو هو. ناز سهتو ان وقت آفتاب
اخبار سان وابسته هو. ڊسمبر 1986ع ۾ منهنجو هڪ
منفرد انٽرويو طارق عالم ابڙو (مرحوم) ”عبرت
مئگزين“ ۾ هلايو ۽ فوٽو گرافي پڻ ڪئي. جيتوڻيڪ اهو
نه ته سيل فون جو زمانو هو ۽ نه ئي سوشل ميڊيا جو
اڃان ڪو تصورئي
نه هو، پر
پوءِ به مون کي آرٽسٽ جي حيثيت سان ايڏي
ته مڃتا ملي، جنهن جو مون تصور به ڪونه ڪيو هو.
ريڊيو جي هڪ پرو گرام ۾ جنوري 1987ع ۾ مون
کي”نئين ٽهيءَ“ نالي جي هڪ سيگمنٽ لاءِ نئين ٽهيءَ
جي آرٽسٽ جي حيثيت سان انٽرويو ڏيڻ لاءِ ريڊيو
حيدرآباد تي گهرايو ويو. منهنجو اهو انٽرويو به
ناز سهتي ورتو. ان پروگرام جو پروڊيوسر الاهي بخش
ٻانڀڻ هو. انٽرويو
دوران ئي
منهنجي
Voiceڪوالٽي
۽
لهجي سبب مون کي خبرون پڙهڻ جي آفر به ملي. حيرت
آهي ته مون کي ايستائين اندازو ئي نه هو ته منهنجو
آواز ۽ لهجو ريڊيو وائيس
لاءِ فٽ هو.
ان وقت بي.اي فائنل جي امتحانن جي تياريءَ
سبب مون ڪجهه ڏينهن خبرون پڙهڻ بعد وقفو ڏنو.
فيبروري 1988ع ۾ سنڌي شعبي پاران سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ ”بين الاقوامي
سنڌي ادبي
ڪانفرنس“ ڪرائي وئي. جنهن
جا روح روان
ڊاڪٽر سحر امداد ۽ پروفيسر محمد قاسم ٻگهيو
هئا.ان موقعي تي به تصويرن جي گروپ نمائش ٿي، جنهن
۾ مون حصو ورتو. ان نمائش ۾
منهنجي ملاقات منصور عالم ابڙي (مرحوم) سان ٿي جنهن منهنجي تمام گهڻي
همٿ افزائي ڪئي. ان ئي نمائش ۾ منهنجي شبنم گل
سان پهرين ملاقات ٿي جڏهن هوءَ انگريزي شعبي ۾
فائنل ايئر جي شاگردياڻي هئي.
1989ع جي فيبروري جي مهيني ۾ نوابشاهه جي ميڊيڪل
ڪاليج ۾ (جنهن کي پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ کان
پوءِ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جو نالو ٻيهر موٽائي ڏنو
ويو هو) ”لطيف ڊي“ جي موقعي تي منهنجي تصويرن جي
نمائش ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ اتي پڙهندڙ منهنجون
اڳوڻيون ڪاليجي ڪلاس فيلوز شيرين ناريجو ۽ ريحانه
سهاڳ جو گهڻو چاهه هو ته منهنجو ڪم اتي ڊسپلي ٿئي.
هنن سان گڏ سندن ڪيتريون ئي پياريون سرتيون هيون،
جن مان هن وقت نائله سليم ۽ شيرين شاهه جا نالا
ياد پون ٿا. ان نمائش جو افتتاح قائم علي شاهه،
سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان ڪيو ۽ اها نمائش
به مهراڻ آرٽس
ڪاؤنسل جي سهڪار سان ڪرائي وئي هئي. مهراڻ
آرٽس ڪائونسل
جو ڊائريڪٽر عبدالرزاق چانڊيو هو. مون کي
هن ئي بطور آرٽسٽ متعارف ڪرايو هو.
1989ع ۾ نيو ٿنڪرز فورم
“New thinkers forum”طرفان
شاهه جي بيتن ۽ ٻين موضوعن تي ٺاهيل منهنجن اسڪيچن
جا پاڪيٽ سائيز ڪئلنڊر ڪارڊ پڌرا ٿيا جيڪي سڄي سنڌ
۾ مقبول ٿيا.
هي ته هو منهنجو آرٽسٽ جي حيثيت سان سفر. ان ئي
دور ۾ ”عبرت مئگزين“ جي آفيس گلستان سجاد ۾ کلي
جتي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڇوڪريون، ڀرتي ڪيون ويون.
اتي جي انچارج محترم ”غفور ڪريمي“ مون سان رابطو
ڪري مون کي اتي گهرايو ۽ ”عبرت مئگزين“ لاءِ ڪم
ڪرڻ لاءِ چيو. عبرت مئگزين سان منهنجو واسطو
اسڪولي دور کان هو جڏهن عبدالغني درس (مرحوم) ان
جو ايڊيٽر هوندو هو ۽ مون کان عبرت مئگزين لاءِ
اسڪيچ ٺهرائيندو هو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ منهنجا
ٺاهيل اسڪيچ عبرت مئگزين ۾ ڇپجندا هئا، انڪري هاڻي
غفور ڪريمي صاحب جي پڻ خواهش هئي ته آئون باقاعدي
مئگزين لاءِ ڪو سلسلو هلايان. پوءِ مون اتي
باقاعدي ڪم ڪرڻ پئي چاهيو انڪري اسڪيچ ڏيڻ سان
گڏوگڏ انٽرويوز جو هڪ منفرد سلسلو 1990ع واري سڄي
سال ۾ هلايم. اهو منهنجو فري لانسر ۽ بالڪل اعزازي
صحافتي دور هو. غفور ڪريمي صاحب مون کي ننڍڙي ڀيڻ
بلڪه پنهنجي نياڻيءَ وانگر ٽريٽ ڪندو هو ۽ مون کي
”شگو بابا“ چوندو
هو. عبرت مئگزين کانسواءِ عبرت
پبليڪيشن پاران نئين نڪرندڙ ماهوار رسالي ”بختاور“
لاءِ پڻ انٽرويو ڪيم.
سيپٽمبر 1990ع کان ڊسمبر 1990 تائين ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تان ”فن جي دنيا“ نالي سان پروگرام ڪيم
جنهن جا اسڪرپٽ آئون خود لکندي هيس. ان پروگرام ۾
سنڌ جي مصورن ظفر ڪاظمي، ع.ق.شيخ، علي اڪبر سومرو،
اي.آر ناگوري، مسرت مرزا، لطف علي انصاري ۽ ٻين
فنڪارن بابت معلومات ڏني. جڏهن ته دارا ابڙو جو
انٽرويو به ورتم ريڊيو تي. منصور عالم ابڙي کي پڻ
ان ڏينهن انٽرويو لاءِ گهرايم، پر جيئن ئي محترم
دارا ابڙو تي نظر پيس ته انٽرويو ڏيڻ کانسواءِ وٺي
ڀڳو چيائين ته:
”ادا ڪنهن ڳالهه تان مون سان
ناراض آهي مارائيندا ڇا....؟“
هو ائين ئي مذاق ڪندو هو سدائين جو کلمک هو. ”فن
جي دنيا“ جو پروڊيوسر الاهي بخش ٻانڀڻ هو. ان
پروگرام جي تياري ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آئون
سنڌ يونيورسٽي
جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ به ويس ۽ اتي ان
وقت جي چيئرپرسن ۽ وڏي آرٽسٽ اي_آر_ ناگوري سان
به ملاقات ڪيم، جنهن آمر ضياءَ جي دور ۾ کليو
کلايو پنهنجي پينٽنگز ۾ آمريت کي ننديو هو. مون
ڊان ۾ سندس اهي پينٽنگز ڏٺيون هيون جن جي نمائش
ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. ميڊم مسرت مرزا سان پڻ ملاقات
ٿي. ان کان اڳ سندس فوٽو ۽ انٽرويو ”جنگ مڊويڪ
ميگزين“ ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو هو. ٻئي مون سان قرب سان
مليا ۽ جڏهن مون ٻڌايو ته آئون سنڌ جي آرٽسٽن بابت
ريڊيو تي پروگرام پئي ڪريان ته ڏاڍا خوش ٿيا.
ع_ق شيخ سان به ان سلسلي ۾ ملي هيس.
1991ع کان 1993ع تائين آئون ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد سان ڪمپيئر جي حيثيت سان وابسته رهيس.
”سڳنڌ“ ۽ ”رهاڻ“ جا يادگار پروگرام ڪيا ۽ ان دوران
ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون، فيچر ۽ ڊراما به
لکندي رهيس. آپا تنوير جوڻيجو، محمود مغل ۽ مختيار
انڙ ان دور ۾ ساٿي ڪمپيئر هئا.
ڪمپيئر جي حيثيت سان مون
پروڊيوسر گل حسن قريشي ۽ پروڊيوسر علي نواز
خاصخيلي وٽ ڪم ڪيو ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما
مون کان محترم گل حسن قريشي ۽ محترم زيب سنڌي
لکرايون ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي حوالي سان فيچر
نصير مرزا صاحب لکرايا ۽ ڊرامه به.”سگهڙين سٿ“
لاءِ ”شاهه جون سورميون“ لکيم.
1990ع کان سنڌي ادبي بورڊ مان ”سرتيون“ رسالو
جاري ٿيو ته ان جي ايڊيٽر گلبدن آصف مصراڻي ۽
هاڻي (گلبدن جاويد مرزا) جيڪا منهنجي به سرتي بنجي
وئي، سندس چوڻ تي ”سرتيون“ ۾ لکندي رهيس. گلبدن جي
فرمائش تي سرتيون جا ٽائيٽل پڻ ٺاهيم خاص طرح سان
ڪهاڻي نمبر حصو پهريون جو ٽائيٽل ٺاهيم.
مٿيون دور منهنجي زندگيءَ جو ”شگفته دور“ هو. هر
انسان گهڻو ڪري پنهنجي زندگيءَ جي هڪ شگفته دور
مان گذرندو آهي جيڪو گهڻو ڪري نوجواني جو هوندو
آهي. جڏهن جوش هوندو آهي، اکين ۾ ڪيئي خواب لهي
ايندا آهن پاڻ ۽ پنهنجي ديس واسين لاءِ ڪجهه ڪرڻ
جي آس هوندي آهي
هي منهنجو ”دور شگفته“آهي بهترين ۽ خوبصورت. ان
دور جا ”نقش“ اڄ ڏينهن تائين دل جي ڪئنواس تي
واضح آهن.
ريحانه نظير
وري سهڻي سير ۾.....
”تون ناول ڪڏهن لکي پورو ڪندينءَ.“
”ڪندس ڪندس ضرور پورو ڪندس.
في الحال ته ان جي ڪهاڻي ئي پوري ڪانه پئي ٿئي.“
”الائي ڪڏهن پوري ٿيندي تنهنجي ناول جي ڪهاڻي.“
ريحان اُٿندي چيو.
ريحان ۽ روبي ٻئي شام جو ڪلب ۾ واڪ ڪرڻ مهل ملندا
هئا، جيئن ته ٻيئي اديب هئا، انڪري مختلف پروگرامن
۾ ملڻ ڪري هڪٻئي کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا. پوءِ
ڪڏهن ۽ ڪيئن اها شناسائي محبت ۾ تبديل ٿي، ٻنهي کي
خبر ئي ڪونه پئي. پوءِ ٻنهي ملڻ جو هنڌ ڪلب مقرر
ڪيو ۽ شام جو 5 وڳي کان ڇهين وڳي تائين واڪ ڪندي
ڪچهري ڪندا هئا. آهستي آهستي اهو هڪ ڪلاڪ وڌي
ڪلاڪن ۾ تبديل ٿيندو ويو، کين ڪا ڪل ئي ڪانه پئي.
روبي هونئن ته سٺي ڪهاڻيڪار هئي، پر هن کي ناول
لکڻ جو به ڏاڍو شوق هو ۽ ريحان هن کي روز پيو
همٿائيندو هو.
ريحان پاڻ هڪ سٺو شاعر هو ۽ پيشي جي لحاظ کان
مئنيجر هو، انڪري ڪڏهن ڪڏهن دير پهچڻ تي ٻنهي جي
وچ ۾ ڪيترا ڀيرا جهڳڙو ٿيندو هو. پر پيار ٻنهي جو
صلح ڪرائي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن روبي ڪلب پهتي ته حسب معمول ريحان ڪونه
پهتو. هوءَ انتظار ڪندي رهي، آخر رات جا اٺ ٿي ويا
نيٺ هوءَ لاچار گهر موٽي آئي. ان دوران هن ريحان
کي الائي ته ڪيتريون ڪالون ڪيون،
SMS
ڪيا، پر ڪوبه جواب ڪونه مليس. هوءَ وهمن ۽ وسوسن ۾
ويڙهجي وئي، الائي ڇا ٿيو هوندو ڪٿي ائڪسيڊنٽ...
نه. نه... الله نه ڪري، متان ڪجهه ٻيو... هن جي
ماءُ بيمار آهي ڪٿي... نه نه مان ڇا پئي سوچيان.
روبي پاڻ کي سمجهائيندي چيو. رات جا ڏهه انهي هڻ
وٺ ۾ ٿي ويا. روبي نه هٿ منهن ڌوتو نه چانهه پيتي
۽ نه ماني کاڌي رڳو فون ۾ اک وجهي تڪيندي رهي.
”هيلو روبي“.
”هيلو..... ريحان تون ٺيڪ ته آهين.“
”ها ها مان ٺيڪ آهيان.“
”امان ٺيڪ آهي نه.“
”ٻيو سڀ خير آهي نه“. روبي لاڳيتا سوال ڪندي رهي.
”ها سڀ ٺيڪ آهي امان به ٺيڪ آهي. تون ڇو ايترو
پريشان آهين. ايڏيون ڪالون ڪيون اٿئي. مان ته
پريشان ٿي ويس.“
”تون ڪٿي هئين ريحان اڄ ڪلب به ڪونه آئيين. مان
پريشان ٿي ويس تڏهن ڪالون ڪيون اٿم.“
”چري! بس ايتري ڳالهه. ننڊ اچي وئي هئي، ڏاڍو ٿڪجي
پيو هئس، اڃا ليٽيس
مس ته اک لڳي
وئي. صفا چري آهين.“ ريحان ٽهڪ ڏيندي چيو.
”تون کلين پيو. توکي ڪهڙي خبر منهنجو ته ڄڻ ساهه
ئي بند ٿي ويو هو ۽ توکي وري کل پئي اچي.“ روبي
ناراض ٿيندي چيو.
روبي جا ٻه ڀائر آمريڪا ۾ رهندا هئا
۽ ڪڏهن ڪڏهن
ايندا هئا. روبي پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندي
هئي. پئسي ڏوڪڙ جي ڪمي ڪانه هيس، جو پيءُ زميندار
هيس. اهو ڳوٺ ٻنين تي هوندو هو ۽ هڪ چاچو جيڪو هڪ
ٽنگ کان معذور هو، سو هنن سان رهندو هو ۽ ٻه ٽي
نوڪر هوندا هئا. شام جو روبي جي ماءُ فون تي پٽن
سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ روبي واڪ ڪرڻ لاءِ ڪلب ويندي
هئي. روبي جو نڪاح ننڍي هوندي سندس سوٽ سان ٿيل هو
جيڪو ڳوٺ ۾ رهندو هو. گهڻي پئسي وارو هو، پر
منجهنس ڏاڍيون برايون هيون. انڪري روبيءَ جي پيءَ
هنن کي چيو ته جيستائين هي سڌرندو نه مان هن کي
پنهنجي ڌيءُ ڪونه ڏيندس. انڪري ئي هن روبيءَ کي
پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ زال سان شهر موڪلي ڇڏيو هو.
روبي هاڻي
بي.ايس.سي ڪري رهي هئي. ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هن
جو مشغلو هو.
پر جڏهن کان ريحان سان ملي هئي، تڏهن کان نه صرف
هن لکڻ، پر پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هو. هميشه ريحان کي
کلي چوندي هئي: ”عشق
نے
غالب نکما کردیا،
ورنہ ہم بھی
آدمی
کام کے
تھے“
”مان وري ڪهڙو پيو لکان. هيڏانهن به ساڳيو حال
آهي. جڏهن کان توسان مليو آهيان شاعري ئي وسري وئي
آهي. ڀلا ’ٻه تلوارون مياڻ‘ ۾ ڪٿي رهي سگهن ٿيون.“
”ڇا چيئي مان تلوار آهيان“. روبي هٿ ۾ جهليل ڪتاب
هن تي الاريندي چيو.
”الا مار ته نه. تنهنجي نيڻن اڳ ئي قتل ڪري ڇڏيو
آهي“. ريحان قاتلانه ادا سان چيو.
”پر ارادو ته هو نه، سچ ٻڌاءِ.“
”اڙي مون ته ائين ئي....!“
”پر ارادو ته هو نه سچ ٻڌاءِ“.
”ارادا ته الائي ڇا ڇا ڪرڻ جا آهن.“ روبي وراڻيو.
”سچي مثلاً“.... ريحان چيو.
”اچ ته ٻڌايانءِ.“
ريحان اکيون اکين سان ملائيندي چيو به ٻڌاءِ!
روبي وٺي ڊوڙ پاتي ته ڪلب ۾ موجود ماڻهو هنن کي
ڏسڻ لڳا. روبي هڪدم ٻاهر دروازي ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽
ريحان به هن جي پويان وڃڻ لڳو. روبي هڪ پاڇي کي
ڏسي دهلجي وئي، اهو پاڇو کيس ڄاتل سڃاتل لڳو.
اکيون مٿي کڻي ته سندس چاچو سامهون بيٺو هو.
”چاچا سائين توهان هتي؟“روبي ڊڄندي ڊڄندي پڇيو.
”ٻاهر گاڏي بيٺي آهي ان ۾ هلي ويهه“. هن جي چاچي
غضبناڪ نظر ريحان تي وڌي ۽ ٽنگ کي منڊڪائيندو ٻاهر
هليو ويو.
”ادا پنهنجي عزت خراب نه ڪريو ۽ ڇوڪري پرڻائي وڃو،
هينئر هوءَ تنهنجي پٽ جي نڪاح ۾ آهي ڇا تون
چاهيندي ته تنهنجي عزت غيرت ٻين جي هٿان نيلام
ٿئي. ادي وڏي سان ڳالهاءِ ۽ ڇوڪري هٿيڪي ڪر.“ روبي
جي چاچي روبيءَ جي پيءُ کي اها خبر به ٻڌائي ته
سڄو ڪلب تنهنجي ڌيءَ ۽ ان جي عاشق تان کِلي رهيو
هو ۽ هي ٻئي هڪٻئي کي پڪڙڻ ۾ پورا هئا. ڇوري وتي
ٿي خاندان جي عزت رلائيندي. ڀلائي انهي ۾ اٿئي ته
امانت ڌڻين جي حوالي ڪر. نه ته سڀاڻي منهن ڏيکارڻ
جهڙو ڪونه رهندين.
روبيءَ به ماءُ پيءُ کي ريحان سان محبت ڪرڻ جو
اظهار ڪري ڇڏيو هو، انڪري روبيءَ جو پيءُ ڇوڪري
پرڻائڻ تي راضي ٿي ويو ۽ ننڍي ڀاءُ کي ان ڪم لاءِ
ڀاءُ ڏي موڪليو.
نيٺ خاندان جي عزت جو سوال هو سو ڀاڻس به راضي ٿي
ويو. ٻن ڏينهن اندر روبي شهباز جي ڪنوار بنجي گهر
آئي. روبي جي سڄي دنيا اُجڙي ويئي. هوءَ ڪنوار
بنجي بيڊ تي ويٺي هئي ته شهباز ڪمري ۾ آيو.
”تون ڪنهن جو پئي انتظار
ڪرين.“ شهباز رڙ ڪندي چيو. روبي
ڏڪي ويئي، ۽ سهميل نظرن سان هن کي ڏسڻ لڳي.
”توسان صرف خاندان جي عزت بچائڻ لاءِ شادي ڪئي
اٿم. اسان ته سيڪنڊ هينڊ گاڏي ڪونه وٺندا آهيون سو
توکي ڪيئن قبول ڪندس. پر سزا توکي ضرور ملندي. تون
سڄي عمر ائين اڪيلو گذاريندينءَ. خبردار جو منهنجي
ڪمري ۾ قدم رکيو اٿئي، اُٿ وڃي ساران دائي جي ڪمري
۾ سمهه.“
روبي ڪپڙا سنڀالي اٿڻ لڳي.
”اُٿ جلدي ڪر نه ته منهنجو پارو چڙهي ويو ته هڏ
گُڏ ڀڃي ڇڏيندوسانءِ.“
روبي تڪڙي اُٿي ٻاهر آئي ته ساران در تي بيٺي هئي
۽ هن کي ڪمري ۾ وٺي وئي. روبيءَ کي ان رويي جي ته
پهريائين خبر هئي. پر خوش ان لاءِ ٿي ته جيڪڏهن
مان ريحان جي ڪانه ٿيس ته هي به مون کي هاڻي هٿ
ڪونه لائيندو.
صبح جو نه ڪير سندس گهران نيرن کڻي آيو ۽ نه ئي
سندس سس هن کي ماني موڪلي. ساران هن ڏي ناشتو کڻي
آئي، جيڪو ٻه گرهه کائي هن ڦٽي ڪيو. هن کان فون به
کسي ويئي هئي. ڪنهن سان به ڳالهائڻ کان منع ڪئي
ويئي. ائين جو مهينو گذري ويو. هن کي لکڻ لاءِ پين
۽ پنو به نه
ڏنو ويندو هو. هوءَ صرف نوڪرياڻين سان
ڳالهائيندي هئي. شهباز رڳو اهو ڏسڻ ايندو هو ته
هوءَ خوش ته ڪونهي جنهن حال ۾ هن کي رکيو ويو آهي.
جڏهن هن جا افعال ڏسندو هو تڏهن مُڇن کي وٽ ڏيندو
ٽهڪ ڏئي چوندو هو: ”پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه
طبيب.“
روبي ڪيترا دفعا ساران کي چيو هو ته هن کي فون ڏي
ته جيئن هوءَ ماءُ سان ڳالهائي، پر سارا خوف وچان
هن کي فون ڪونه ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن روبي ساران کي
چيچ ۾ پاتل سوني منڊي لاهي ڏني ته مون کي فون ڏي.
ساران لالچ ۾ اچي هن کي فون ڏني. وڏيرو ۽ سانئڻ ان
ڏينهن شهر ويل هئا. شهباز ٻاهر شڪار تي ويل هو.
روبي پنهنجي ماءُ کي فون ڪيو. ”امان مون کي نوڪرن
جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن. مون کي آزاد ڪرايو“.
”امان جيڪو تنهنجو نصيب ”اسان ته توکي بچائڻ لاءِ
شهر وٺي وياسين. پر تو پنهنجو موت شهر مان ئي وٺي
ڇڏيو“.
”پر امان....“ هوءَ رڙيون ڪندي رهي. پر هن جي ماءُ
فون رکي ڇڏي. چِڙ ۾ هن ريحان جو نمبر ملايو.
”هيلو هيلو ڪير.“ ريحان جي آواز ڄڻ ته روبيءَ ۾
ساهه وجهي ڇڏيو.
”ريحان.... ريحان مان مان
روبي.“ ائين چئي روبي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
”روبي تون ٺيڪ آهين نه. ڪٿي آهين. مون ڪيڏو توکي
ڳوليو آهي. تنهنجي گهر پهتس ته تالو لڳل هو.
چوڪيدار به ڪجهه ڪونه ٻڌايو، تنهنجي فون به بند
آهي.“
ريحان جا لاڳيتا سوال ٻڌي روبي کي ڪجهه آٿت مليو
ته ريحان به هن لاءِ ايترو ئي ماندو آهي جيتري
هوءَ.
”ريحان مون کي هِتان وٺي وڃ هنن مون کي هتي قيد
ڪيو آهي.“
”ڪنهن قيد ڪيو آهي ڪٿي آهين تون. مون کي ٻڌاءِ.“
”ريحان بابي منهنجي شادي سوٽ سان ڪرائي ڇڏي آهي.
جنهن مون کي نوڪرن واري ڪمري ۾ قيد ڪري رکيو آهي.
منهنجو مڙس مون کي ڏوهي سمجهي ٿو، ۽ سس مون کي
بدڪردار سمجهي ٿي، بابو ۽ امان ته منهنجو نالو وٺڻ
به گار ٿا سمجهن. ريحان مون کي هِتان وٺي وڃ. نه
ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“ روبي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪٿي آهين؟ مان اتي ڪيئن ٿو
اچي سگهان. مان توکي ائين اڪيلو سزا لوڙڻ ڪونه
ڏيندس. جيڪڏهن پيار ڪرڻ ڏوهه آهي ته پوءِ اسان ٻئي
سزاوار آهيون، تون اڪيلي نه.“ ريحان جذباتي ٿيندي
چيو.
”مان توکي رات فون ڪندس.“ روبي آواز ٻڌي فون رکي
ڇڏي.
در تي ٻي نوڪرياڻي هئي جيڪا ماني کڻي آئي هئي.
رات جو جيئن ئي سڀ سمهي پيا. روبي فون ڪئي ته
ريحان هڪدم فون رسيو ڪئي.
”ريحان مان سڀاڻي رات جو بند تي پهچي ويندس. تون
گاڏي اتي بيهارجانءِ پوءِ روبيءَ ريحان کي ڳوٺ جو
پتو ٻڌايو، باقي سڀ گوگل مئپ تي سرچ ڪري وٺجانءِ.
فون رکان ٿي سڀاڻي جي حياتي رهي ته ملنداسين نه
ته......“
خدا خدا ڪري
روبي اها رات گذاري. صبح ٿيو ته به اندر ۾
اُڻ تڻ نه ويهڻ پئي ڏنس ۽ نه آرام ڪري پئي سگهي.
هن ڪجهه زيور جيڪي هن جي ماءُ هن کي ڏنا هئا اهي
کڻي ٻڌي رکيا انهن مان هڪ هار ساران کي ڏنو، جنهن
ان جي بدران هن کي بند تائين وٺي وڃڻ جو دلاسو
ڏنو.
رات جا ڏهه ٿيا ته سڀ ماني کائي ڪمرن ڏي روانا
ٿيا، ساران پنهنجا ڪپڙا روبي کي پائڻ لاءِ ڏنا.
روبي سر جو سانگو لاهي گهران نڪتي. ساران هن کي
وٺي گهٽيون ٽپائي بند جو رستو ڏيکاريو ۽ پوئتي پير
ڪري واپس وڏيري جي گهر ڏانهن هلي ويئي. هن سوچي
ڇڏيو هو ته هوءَ پاڻ کي زخمي ڪري چوندي ته هن کي
روبي ڌڪ هنيو هو ۽ هوءَ بيهوش هئي.....
روبي تڪڙيون تڪڙيون وِکون
کڻندي بند تي پهتي. سياري جي رات هر طرف خاموشي
لڳي پئي هئي، ڪابه چون چان ڪانه پئي ٻڌڻ ۾ آئي.
روبي ته هونئن به سر جو سانگو لاهي نڪتي هئي،
انڪري ڪوبه ڊپ يا خوف هن کي ڪمزور ڪري ڪونه پئي
سگهيو. هوءَ ٻارهين بجي تائين بند تي پهتي،
هوڏانهن هيڏانهن ديوانن وانگر ريحان کي ڳولڻ لڳي،
پر هن کي ڪابه چرپر ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه پئي
آيو. نيٺ هن موبائيل جي ٽارچ ٻاري هيڏي هوڏي نهاري
آهستي آهستي آواز ڏيڻ شروع ڪيا: ”ريحان....
ريحان.... ريحان.“
پر سنسان جڳهه تي هن جو آواز هن ڏي پڙاڏو بنجي
موٽي رهيو هو. هن هڪدم فون جو نمبر ملايو ته اهو
بند اچي رهيو هو. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي
نه نه ريحان ائين نٿو ڪري سگهي. متان سگنل نه هجن
متان بئٽري ختم ٿي ويئي هجيس. هاڻي هوءَ سيءَ
الائي خوف مان ڏڪي رهي هئي. بند جي پاسي کان لڳل
وڻن ۾ لڪي رهي هئي وري ڪيڏي مهل لين ۾ لڪي رهي
هئي، ائين رات جا پهر گذرڻ لڳا هن جا چپ ٺري سڪي
ويا ۽ هوءَ سامهون ڪنهن هراسيل هرڻي جيان نهاري
رهي هئي، هن کي موت جو خوف ڪونه هو. هن کي ته
ريحان جي بيوفائي ماري رهي هئي. ائين هن بند جا
ڪيترائي چڪر ڪاٽيا، پر چوڌاري ڪاري وارا ڪک نظر
آيس. آخر مجبور ٿي بند تي چڙهي درياهه کي ڏسڻ لڳي
جيڪو بلڪل خاموش هيو. هن جي هر سوال جو جواب
درياهه جي خاموشيءَ ۾ لِڪل هو. هن پنهنجو پاڻ
درياهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. هڪ ٻي سهڻي گهڙي تي
اعتبار ڪري درياهه پار ڪرڻ جا خواب کڻي نڪتي هئي.
پر ڪچو گهڙو دغا ڏئي ويو ۽ وري سهڻي سير ۾..... |