نذير ناز
تنهنجي ياد جي
وري آ وير
مارچ جو مهينو بهار سان ڳنڍيل آهي، بهار جي هوائن
۾ خوشبو رچيل، چئني پاسي عجيب قسم جو هڳاءُ محسوس
ٿيندو آهي، دلين ۾ عجيب قسم جو احساس پيدا ٿيندو
آهي. سُتل سور دل ۾ جاڳي اُٿندا آهن، وڇڙي ويل
دوست کي ڏسڻ ۽ ملڻ جي دل ۾ ڪلپنا ڪر موڙڻ لڳندي
آهي. جيڪڏهن ڪو دل گهريو گڏ آهي، يا ويجهو آهي ته
بهار جي رنگيني جو احساس ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو
اهڙي موسم ۾ وڇڙي ويو هجي ته پوءِ اهي بهار جون
رنگينيون اکين ۾ ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳنديون آهن.
اڄ وري هر سال جيان چوٿين مارچ موٽي آئي آهي. اها
چوٿين مارچ زندگي جو هڪ ڏکوئيندڙ ڏينهن يعني
خيروءَ جي وڇڙي وڃڻ جو ڏينهن. هر سال ايندڙ اها
چوٿين مارچ جي تاريخ ڏک ۽ غم جي احساس کي اندر ۾
اُڀاري اندر ۾ يادن جا الائي ڪيترا دريچا کولي
ڇڏيندي آهي. خيرو جيڪا پاڻ پُر بهار شخصيت جي مالڪ
هئي، انهيءَ پر بهار شخصيت انهيءَ موسم ۾ اسان کان
موڪلايو. اڄ چوٿين مارچ آهي، خيرو بار بار ياد اچي
رهي آهي. جيستائين مان جيئري آهيان چوٿين مارچ کي
وسارڻ چاهيان ته به وساري نٿي سگهان، جماعت خاني ۾
خيرو جو سرد لاش منهنجي اکين آڏو ڦري رهيو آهي،
مون ۽ تنوير پنهنجي هٿن سان هن جي جسم کي ڇهيو هو،
ڪيڏو نه سرد هو هن جو جسم، مون بي اختيار روئي ڏنو
هو، ۽ هن جو هٿ جهلي رئندي مون سوچيو ته هي ڇا ٿي
ويو؟ ڇا خيرو ائين اسان کي ڇڏي وڃي سگهي ٿي،
منهنجي ڏک، سک جي ساٿي، ڪومل اجرو، اجرو من رکندڙ،
ڪنهن کان به شڪست نه مڃيندڙ، اڄ قدرت آڏو شڪست
کائي وئي آهي. صائمه کي هڪ منٽ اڪيلو نه ڇڏيندڙ،
اڄ پنهنجي پياري صائمه کي به اڪيلو ڇڏي وئي آهي.
”ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟“
خيرو سان منهنجون تمام گهڻيون ساروڻيون وابسته
آهن. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪيون هيون. گڏ
سفر ڪياسين، مان جڏهن به پريشان ٿيندي هيس ته هن
کي فون ڪندي هيس ته خيرو هڪدم اچي حاضر ٿيندي هئي،
مون کي ڪابه تڪليف پيش ايندي هئي ته انهيءَ جو حل
اهڙي طريقي سان سمجهائيندي هئي، جو منهنجي پريشاني
دور ٿي ويندي هئي. هوءَ نفسيات جي استاد ته هئي،
پر انسان جي نفسيات کي سمجهڻ جي ماهر هئي. اسان
سنڌ جي اديبن جي باري ۾ سموري معلومات هن وٽ هوندي
هئي. مان هن کان ليکڪ يا ليکڪائن جي باري ۾ پڇندي
هيس هوءَ هن جي سموري بايوڊيٽا ٻڌائيندي هئي. سچ
پڇو ته هوءَ ڪنهن جي باري ۾ ڪا سٺي راءِ ڪانه
رکندي هئي، الاءِ ڇو اديبن کان شاڪي رهندي هئي، پر
انهيءَ باوجود سڀني سان محبت سان ملندي هئي، مان
چوندي هئي مانس، خيرو توکي ايتري معلومات ڪٿان ٿي
ملي وڃي. چوندي هئي اهي سڀئي ڇوڪرا، مون وٽ ايندا
آهن، پوءِ هڪٻئي جي باري ۾ پوري ڪٿا ٻڌائي ويندا
آهن. خيروءَ شايد انهي ڪري اهڙن اديبن کان شاڪي
رهندي هئي، ڇاڪاڻ جيڪي به هن وٽ ايندا هئا ۽ ٻين
جي اچي برائي ڪندا هئا، هوءَ ڪشادي دل جي مالڪ هئي
چوندي هئي ”نذير! توکي خبر ناهي! اهي ڏسڻ ۾ بظاهر
هڪٻئي جا دوست آهن، پر مون وٽ اچي ڪيئن نه هڪٻئي
جي برائي ڪن ٿا. وغيره وغيره“.
خيرو سان مون ڪيترا سفر ڪيا، بس ۾، ريل ۾، ڪار ۾،
جهاز ۾، گرمين جي موڪلن ۾، مان پنهنجي ٻارن عربيه
۽ فيصل اسان جي دوست نسرين نوري ۽ خيرو صائمه سان
گڏجي پنڊي، اسلام آباد، ڪوه مري، نٿيا گلي، ايوبيه
گذارڻ وياسين، سفر ته تمام دلچسپ ۽ يادگار هو، ريل
جي سفر دوران صائمه جون خيرو سان فرمائشون ۽ وري
خيرو فوراً صائمه جي فرمائش کي پورو ڪندي هئي.
عربيه، فيصل ننڍا هئا. هو به مون کي چوندا هئا
اسان کي به اهي شيون وٺي ڏي، مان هنن کي
سمجهائيندي هيس. آنٽي خيرو تمام وڏي ميڊم آهي هن
جي پگهار تمام گهڻي آهي، منهنجي گهٽ آهي، هروڀرو
اهي فضول شيون وٺي ڇڏيان. صائمه وڏي تڪبر ۽ فخر
سان شيون کائيندي هئي. پر هن کي به ريل جون ورتل
اهي فضول شيون پسند نه اينديون هيون، پوءِ ڦٽي ڪري
ڇڏيندي هئي، پر انهيءَ حرڪت تي خيرو صائمه کي ڪجهه
نه چوندي هئي، صائمه کي جيڪو وڻي سو ڪري، جيترا
ڏينهن اسان سڀني گڏجي گذاريا انهن ڏينهن ۾، بازار
۾ صائمه جون خيرو سان نت نيون فرمائشون، رانديڪا
ڊريسون، شوز وغيره مطلب ته صائمه جي هر فرمائش
خيرو وڏي فراخ دليءَ سان پوري ڪندي هئي. خدا جي
بندي ڪنهن مهل به انڪار نه ڪندي هئي. صائمه جا اهي
عيش ڏسي منهنجا ٻار ويچارا عجيب ڪيفيت ۾ هوندا
هئا، ۽ ٽنهي ٻارن جي چڪ چڪ رهندي هئي، اسان کي اها
حالت ڏسي کل ايندي هئي. مان ٻارن کي سندن مرضي جون
کائڻ لاءِ شيون ۽ رانديڪا وٺي ڏيندي هيس، صائمه
انهيءَ جاءِ تي چار، چار شيون ۽ رانديڪا وٺندي
هئي. خيرو کي شدت سان انهيءَ ڳالهه جو احساس هو،
انهي ڪري صائمه جي سلوڪ تي هوءِ عريبه ۽ فيصل سان
سوري ڪندي هئي ۽ ٻارن کي سمجهائيندي هئي. پر صائمه
کي هن ڪڏهن به نه چيو ته تون هي غلط ٿي ڪرين، يا
فضول شيون وٺي ايڏو خرچ ڇو ٿي ڪرين، شايد خيرو کي
اهو احساس هو ته صائمه ڀلي جيڏو به لاڏ ڪري صائمه
کي ماءُ جو ساٿ ٿورو وقت رهندو، جلدي وڇوڙو اچي
ويندو. اڄ خيرو ناهي صائمه کي ماءُ جو ساٿ حاصل
ناهي، هاڻي صائمه پاڻ پنهنجي ٻارن جي فرمائش پوري
ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. صائمه کي گهروارن جو، مڙس جو پيار
۽ ساٿ حاصل ته آهي، پر خيرو جهڙي ماءُ جو ساٿ حاصل
ناهي. مون کي احساس ٿيندو، ماءُ جو وڇوڙو صائمه کي
شدت سان محسوس ٿيندو هوندو، پر خيرو صائمه کي خود
اعتماد ۽ عزم سان جيئڻ سيکاريو آهي.
صائمه خوش آهي، واٽ ويندي صائمه سان ملڻ ٿيندو
رهيو آهي، صائمه سدائين پُراعتماد ۽ خوش نظر آئي
آهي، الله پاڪ ڪندو صائمه هميشه خوش رهندي، ڇاڪاڻ
ته خيرو صائمه کي خوش ڏسڻ چاهيندي هئي.
خير مون ذڪر ڪيو سفر جو، جيڪو مون خيرو سان ڪيو
هو. اسلام آباد ۾ اسان ڪجهه ڏينهن سعيده دراني جي
فليٽ تي گذاريا. سعيده دراني اڪيڊميءَ آف ليٽرس ۾
سروس ڪندي هئي ۽ خيروءَ جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس
فيلو هئي، تمام پر خلوص شخصيت جي مالڪ سعيده دراني
اسان سڀني کي ڏسي تمام گهڻي خوش ٿي، اسلام آباد
گهمايو، رهايو ۽ اسان جي ڏاڍي خاطر تواضع ڪئي.
اسلام آباد ۾ ادي غلام رباني آگري اسان جي دعوت
ڪئي. اسلام آباد جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ اسان جو
ڊنر هو. اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن گذاري، اسين ڪوهه
مري گهمڻ وياسين، ڪوه مري ۾ اسين هوٽل جي ڳولا ۾
هئاسين جو اتي مال روڊ تي خيرو کي پنهنجو شاگرد
ملي ويو، خيرو کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو، مئڊم
مئڊم چوندي خوشي مان نه پيو ماپي چوڻ لڳو ’ڪيسا
هوٽل، هماري گهر چلو‘ پوءِ اسان جو سامان کڻائي
پنهنجي بنگلي تي وٺي ويو، جيڪو رهائش لاءِ هن ۽
سندس زال کي گورنمينٽ طرفان مليل هو، هن جي زال به
خيرو جي اسٽوڊنٽ نڪتي.
خيرو ٻڌايو ته هي ٻئي ڄڻا منهنجا شاگرد هئا، ڇوڪرو
پنجابي ۽ ڇوڪري مهاجر. پوءِ پڙهائي دوران هڪٻئي کي
پسند ڪري ميرج ڪري ڇڏيائون. هاڻي ڇوڪرو ڪاليج جو
پرنسپال آهي، سندس زال به اتي ئي ليڪچرار هئي.
هوءَ اسان کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿي، اسان کي وڏو
بهترين ڪمرو ڏنو ويو، رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جو بهترين
بندوبست هو. زال مڙس خيرو جو بيحد احترام ڪندا
هئا.
خيرو جو اهڙي فراخ دلي سان آڌر ڀاءُ ڏسي مون کي
احساس ٿيو اگر استاد سٺو آهي ته شاگرد کيس هر وقت
ياد رکي ٿو، عزت ۽ مان ڏئي ٿو. هڪڙو ٻيو سفر جنهن
خيرو کي بيزار ڪيو، اهو دادو جو سفر هو، جيڪو
اسان بس جي ذريعي ڪيو هو. عادل سخيراڻي مون وٽ آيو
چيائين آپا: دادو شهر جون عورتون ادبي پروگرامن ۾
نٿيون اچن، جيڪڏهن توهان ايندا ته پوءِ دادو جون
عورتون نالي واري عورتن کي ڏسڻ جي شوق ۾ هلي
اينديون، پوءِ پروگرام طئي ٿيو، نذير ناز خاص
مهمان، صدارت خيرالنساء جعفري، ليڪچر زيب نظاماڻي
جو هو. زيب نظاماڻي جي ڪري ادو نثار حسيني به گڏ
هليو، صبح جو سويري سول اسپتال وٽان اسين چارئي
ڄڻا بس ۾ ويٺاسين. ”هالن“ کان پوءِ بس جو انجڻ گرم
ٿي ويو، بس کي روڪڻو پيو. پوءِ ائين ٿيو هو جو بس
هلندي جڏهن انجڻ گرم پئي ٿي ته بس کي روڪڻو ٿي پيو
۽ انهيءَ طريقي سان بس جو سفر جاري رهيو، اسين
رستي ۾ جهوپڙا هوٽل جتي کٽون وڇايل هيون. اُتي
ويهي، ماني کائي بهترين چانهه پيتيسين چانهن ڏاڍي
وڻي، مانيءَ جو بل خيرو ادا ڪيو. اسان جي ڪوشش جي
باوجود اسان کي بل ڏيڻ نه ڏنو.
خيرو انهن ماڻهن مان هئي جيڪي ٻين کي کارائي خوش
ٿيندا آهن.
بهرحال اسين جيئن تيئن سفر ڪري 2 لڳي ڌاري دادو
پهتاسين، اسان جو انتظار ڪندي پروگرام ختم ٿي چڪو
هو. مهمان سڀ وڃي چڪا هئا، عادل سخيراڻيءَ ۽ ٻين
اسان جي خوب تواضح ڪئي ۽ افسوس به ڪيو. اسان پوءِ
موٽي آياسين دادو جو سفر يادگار رهيو. ڇاڪاڻ ته
سڄي واٽ خيرو مون سان جيڪا ڄُٺ ڪئي سا وسارڻ جهڙي
ناهي، ڇاڪاڻ ته هو رينگ رنگان ۽ لڪ لڪان ڪانه
ڄاڻندي هئي. زباني ڇنڊ پٽي ڇڏيندي هئي.
خيرو جو ٽيون سفر مون سان سعودي عرب جو هو، اهو
سفر هن جو مون سان آخري سفر هو. هڪ ڏينهن رات جو
مون کي خيرو فون ڪيو، مون پنهنجي دوست سان فون تي
پي ڳالهايو، انهي ڪري فون انگيج هو، ڪجهه دير کان
پوءِ وري فون ڪيو، هن مون کان پڇيو ته ايتري دير
فون انگيج هو، ڪنهن ٿي ڪچهري ڪئي؟
چيومانس عمري تي وڃان ٿي پنهنجي دوست سان انهيءَ
جي باري ۾ ڳالهائي رهي هيس. عمري جو ٻڌندي خيرو
خوش ٿي، وڏي چاهه سان چيائين الله ڀلو ڪري تنهنجو
نذير! مون کي به عمري ڪرڻ لاءِ وٺي هل، پوءِ فون
تي ڳالهه پڪي ٿي وئي، صبح جو سويري خيرو پنهنجو ۽
صائمه جو پاسپورٽ ۽ پيسا گهر اچي ڏئي وئي. جڏهن
جهاز ۾ ويٺي ته تمام گهڻي خوش هئي. احرام پائڻ کان
پوءِ سچ پچ جي گُڏي لڳي رهي هئي، چهرو معصوم لڳي
رهيو هئس، بلڪه منهن مان نور جهلڪي رهيو هوس.
جڏهن جهاز پرواز ڪئي ته ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين،
مون توکي مڃي ڇڏيو مون سمجهيو اهي اکر مون لاءِ
چئي رهي آهي.
تڏهن پڇيومانس ڇا مڃي ڇڏيو؟
تڏهن ٿڌو ساهه ڀري چيائين: ”نذير! روز، روز پئي
ٻڌندي هيس ته اڄ فلاڻي وئي عمرو ڪرڻ اڄ فلاڻي وئي
عمرو ڪرڻ، مون کي به شوق ٿيندو هو ته مان به عمرو
ڪري اچان، حضور پاڪ جو روضو مبارڪ ڏسي اچان، الله
پاڪ جو گهر ڏسي اچان، جت ماڻهو وڃن ٿا ۽ حج ڪرڻ به
وڃان، پر مسئلو هو محرم جو، محرم ته مون وٽ ڪونه
هو، جڏهن به تڙپ دل ۾ جاڳندي هئي، تڏهن گهر ۾ ويهي
وڏي واڪ چوندي هيس توکي تڏهن مڃان جڏهن مون کي
حضور پاڪ پاڻهي گهرائڻ جو بندوبست
ڪري.“ واقعي نذير! هي معجزو ٿي ويو، ويٺي، ويٺي
توکي فون ڪرڻ جو خيال آيم اڄ مقدس گهر ڏسڻ ۽ حضور
پاڪ جي روضي مبارڪ ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي رهي آهي
بنا محرم جي پوءِ ڪيئن نه مڃان.
اسين مڪي شريف پهتاسين تقريباً رات جا ٻه ٿيا هئا،
رمضان شريف جو مهينو هو، هوٽل تي رهڻ مشڪل هو،
هوٽلن جي نڪي خبر چار، سوچيوسين ته صبح جو هوٽل
تلاش ڪنداسين، مون پنهنجي دوست کي چيو ته تون
پنهنجي ڌيءَ ۽ مڙس سان وڃي عمرو ڪر، مان خيرو ۽
صائمه پوءِ عمرو ڪنداسين.
اسين خانه ڪعبه جي احاطي ۾ ويٺاسين. مون پنهنجي
دوست کي چيو ته پهرين توهان وڃي عمرو ڪري اچو، مان
خيرو ۽ صائمه سامان وٽ ويٺا آهيون. پوءِ اسين عمرو
ڪرڻ وينداسين، هنن جي وڃڻ کان پوءِ خيرو کي سُک نه
آيو، مون کي چوڻ لڳي ته صائمه جو خيال رکجان، مان
رڳو اندران وڃي جهاتي پائي ٿي اچان، چيومانس خيرو
سڀ دروازا هڪ جهڙا آهن متان ڀلجي نه وڃين، پوءِ هٿ
اچڻ مشڪل آهي، چيائين سڌو سامهون وڃان ٿي رڳو حرم
پاڪ پري کان ڏسي زيارت ڪري اچان ٿي، نذير! مون کان
صبر نٿو ٿئي، اجها ٿي اچان، خيرو هلي وئي، ڪلاڪ ٻه
ڪلاڪ گذري ويا، خيرو نه موٽي، مان پريشان، صائمه
پريشان، خيرو جي نڪا خبر نڪا چار، ڇا ڪيان هاڻي
وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ صائمه کي اڪيلو ڇڏي به نٿي
سگهان، يا کڻي مان ۽ صائمه ڳولهڻ نڪرون ته سامان
کي ڪٿي ڇڏيون. روزي رکڻ جي اچي مهل ٿي مان ته رڳو
دعا گهرڻ ۾ پوري هيس اتي ويٺي حيران پريشان اچي
پرهه ڦٽي جي ويل ٿي، ايتري ۾ هڪ پنجابي نوجوان
اسان وٽ آيو ۽ چيائين: ”آنٽي آپ ڪي ڪوئي ساٿي گم
هي،“ هن جو اهو چوڻ مون ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو،
بيقرار ٿي اٿي بيٺس چيم ”هان جي هان ڪهان پر هي
وه؟“
هن چيو، وه خاتون اوپر بيٺهي هي اور اپني بيٽي ڪي
ليي پريشان هو رهي هي اس ڪو راسته نهين مل رها هي،
آپ مهرباني ڪري اس ڪي بيٽي ڪو بهيج دين،
مون چيومانس: ’بيٽا بچي ڪو آپ ڪي ساتهه نهين بهيج
سڪتي آپ ڪو الله اجر ديگا آپ اس ڪو ميري پاس ليڪر
آجائين‘، الله پاڪ هن جي دل ۾ رحم وڌو، ڪجهه دير
کان پوءِ خيرو اچي وئي. پاڻ ٿڪجي پئي هئي. پوءِ
مون صائمه سان گڏ وڃي عمرو ڪيو. اهڙيءَ ريت سعودي
عرب جو سفر خيرو سان گڏ ٿيو هو. مون چڱيءَ طرح
محسوس ڪيو ته اسان کان وڌيڪ هن جي دل ۾ الله پاڪ ۽
حضور پاڪ جي سڪ ۽ محبت سمايل هئي. هوءَ مڪي ۾ حرم
پاڪ کي ويٺي ڏسندي هئي. مديني ۾ حضور پاڪ جي روضي
کي ڏسندي رهندي هئي، اڌ رات جو اٿي هوٽل مان اڪيلي
اڪيلي حضور پاڪ جي روضي کي چمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ هلي
ويندي هئي. عمري تان واپسي کان پوءِ خيرو جلدي ئي
لاڏاڻو ڪيو. آپريشن صبح جو ٿيڻو هيس، شام جو مون
سان ملڻ آئي ”چيائين نذير! صبح جو سويري آپريشن
اٿم دعا ڪجان، تون ته ڪنجوس آهين، ڊڄڻي آهين، گوڏن
جو آپريشن نٿي ڪرائين پيسا بچائي رک.“ مون
چيومانس: ”ڪنجوس ناهيان، نڪي ڊڄڻي آهيان، الله پاڪ
تي ڀروسو اٿم، موت جو هڪ وقت مقرر آهي. جڏهن اچڻو
هوندو انهي ٽائيم ايندو، مون وٽ ايترا پيسا ناهن
جو آپريشن ڪرائي سگهان.“ ٻئي ڏينهن خبر پئي ته
خيرو جو آپريشن خير خوبي سان ٿي ويو آهي. مان خيرو
جي آپريشن کان پوءِ ٻي ڏينهن هن کي ڏسڻ لاءِ ويس،
جيئن ڪمري ۾ اندر داخل ٿيس ته مون کي ڏسندي رڙ ڪري
چيائين: نذير! ڀلجي به آپريشن نه ڪرانجاءِ، متان
ڪرايو اٿئي آپريشن! هوءَ آپريشن کان پوءِ سخت
پريشان هئي، ڇاڪاڻ ته هن جو هيٺيون ڌڙ ڪم نه پيو
ڪري. هن جي اها حالت ڏسي مون کي روئڻ اچي ويو،
مان هن کي دلاسو ڏيان ها بلڪه هن مون کي دلاسو
ڏيندي چيو. نذير! پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي،
ڊاڪٽر چون ٿا ته فزيو ٿيراپيءَ کان پوءِ مان ٺيڪ
ٿي ويندس. پر خيرو ٺيڪ ٿيڻ جي بدران الله پاڪ
ڏانهن هلي وئي، ڇاڪاڻ هو دل جي مريض هئي، ٿيراپيءَ
دوران هن کي دل جو دورو پيو اهو دورو آخري ٿيو.
مان خيرو جي سرد جسم کي ڏسي، بس سوچيندي رهيس. هن
جي محبت هن جي شفقت ياد ڪري رهي هيس، ڳوڙها منهنجي
ڳلن تي بس نه پيا ڪن. خاموشيءَ سان مان تنوير کي ،
تنوير مون کي ڏسي رهي هئي. صائمه صبر سان ڪفن دفن
جي تياري ۾ لڳل هئي. جماعت خاني جي بس آئي، خيرو
کي وهنجاري ڪفن پهرائي تيار ڪري خيرو کي بس کڻي
قبرستان ڏانهن هلي وئي هئي.
پوءِ مان به اٿيس جسم ۾ جهڙي جان نه هئي، تنوير
سان ڳالهائڻ جي ۽ موڪلائڻ جي سگهه نه هئي. بس،
تنوير کي خالي خالي نظرن سان ڏٺم پوءِ گهر هلي
آيس.
اڄ چوٿين مارچ آهي، خيرو جو وڇوڙو ستائي رهيو آهي.
هر هر خيرو ياد اچي رهي آهي، ڪاش دنيا مان وڃڻ
واري کي خبر هجي هن جي وڃڻ کان پوءِ جيڪي شدت سان
هن جي ڪمي کي محسوس ڪن ٿا. اها ڪمي هنن جي محبت
محسوس ڪرائي ٿي، جيڪي زندگي ۾ هو اسان سان ڪن ٿا،
وک وک تي ساٿ ڏين ٿا، خيرو ته منهنجي اهڙي ساٿي
اهڙي دوست هئي جو هن کي وساري نٿي سگهان. اڄ ڪلهه
ماڻهن کي هڪٻئي لاءِ ٽائيم ناهي. مون کي ياد آهي،
جڏهن منهنجو پٽ فيصل ننڍڙو هو، هن جو طهر ڪرائڻو
هو، خيرو کي چيم خيرو اڪيلي آهيان. ڊاڪٽر ايندو
طهر ڪرڻ مان فيصل کي ڪيئن سنڀالي سگهنديس، تون گهر
اچ مون کي حوصلو ٿيندو. هوءَ ڊاڪٽر کان به اڳ ۾
اچي وئي، فيصل لاءِ وڏي موٽر چاٻي واري، مٺائي،
بسڪٽ ٻيا رانديڪا وغيره وغيره وٺي آئي هئي.
طُهر مهل مان گهر کان ٻاهر هلي ويس جيئن فيصل جون
رڙيون نه ٻڌي سگهان. خيرو فيصل کي سنڀاليو، خير
خوبيءَ سان طهر ٿي ويو، فيصل رانديڪا ۽ چاٻي سان
موٽر کي هلندو ڏسي خوش ٿي ويو هو، سور وسري ويو
هوس.
مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي. گرمين جا ڏينهن هئا.
مون کي خيرو فون ڪيو ۽ پڇيو ته ”نذير! چاندني وٽ
ڪپڙي جا دڪان آهن، لون جو وڳو ڪيئن ملي رهيو آهي.
اگهه ڪهڙو آهي؟“
مون جواب ڏنو خيرو مون کي خبر ناهي لون جو وڳو
ڪهڙي اگهه تي ملي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان دڪان تي
لون وٺڻ ڪانه وئي آهيان، هن گرميءَ ۾ پراڻن وڳن تي
گذارو آهي. دڪان تي وڃي ڇا ڪريان؟ ”هن چيو: نذير!
تون ڪنجوس جي ڪنجوس رهي آهين.“ مون چيومانس:
”ڪنجوسي جي ڳالهه ناهي، چوڻي آهي: ”پير چادر مطابق
ڊگهيرجن“ توکي خبر آهي ته مان اڪيلي ۽ عرفان اسلام
آباد ۾ پڙهي رهيو آهي. هن جو خرچ، عربيه ۽ فيصل جي
پڙهائي ۽ ٽيوشن جو خرچ، سوچي سمجهي خرچ هلائڻو ٿو
پوي.
بهرحال شام جو ڇا ڏسان خيرو اچي رهي هئي هٿن ۾
شاپر، چاندني وٽان شاپنگ ڪري آئي هئي، منهنجي لاءِ
به هڪ بهترين لون جو وڳو وٺي آئي هئي.
انهيءَ تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي اڄ سوچيان
ٿي، خيرو جهڙي دوست وري ٻي ڪانه ملي اٿم، اڄ به
دوست آهن، اسين هڪ ٻي کي گفٽ ڏيون ٿا، پر اها رسمي
ڏي وٺ آهي، پر خيرو وارو پُرخلوص جذبو ناهي، ادي
زرينه بلوچ به سچي دوست هئي، نسرين نوري به دوست
هئي، سچي پر خلوص سچيون ساهيڙيون مون کي اڪيلو ڇڏي
سک جي ننڊ وڃي سُتيون آهن، مان اڪيلي ڪيئن دنيا جي
هل بکيڙي کي منهن ڏيئي رهي آهيان، اڄ 2011ع ۾ مان
هنن جي ڪمي کي شدت سان محسوس ڪري رهي آهيان. |