احمد بخش جتوئي
مـــــــيم مــــــــــــــــڃي ٿـــــــــــيس مــــــــئي
مـــــخــــــمـــور،
الله ڏنــــــــــــــــــــــــــــــــــــوســــــــــــين
زِيـــــــــر زَبــــــــــــــــــــر ۾.
الف پڙھايو عشق جڏان ٿي ب ت باب وي وھلور،
ث سراسر ثابت سر ۾، پيش پري ٿيو پھري پور.
ج جفا ڪري جانب جيءَ سان حاصل ”ح“ تي حق حضور.
خ خوديءَ جي خيال کان خالي، ”ر“ رضا ۾ رھي زنجور.
ز زوراور زوري زر کان، ”د“ ڪئي سين دل دستور.
س سچي سڪ ثابت سيني، شي شريعت سان شعور.
ط طمع کي ترڪ ڪري، پس ظ ذقا سان ذات ظھور.
ع عجائب احمد اعليٰ ”غ“ غفلت ڪڍي غرور.
منصور ابڙو
غزل
ڇيڙي وئي ڪا سوچ وري ڪنھن سار تي موسيقي،
جسم جي اندر روح سندي ھر تار تي موسيقي.
جيئن ئي گونجيا تنھنجا ھلڪا ٽھڪ ھوائن ۾،
شاعر ڇيڙي ڪاڳر جي ديوار تي موسيقي.
مون تي تنھنجي مرڪن اھڙو اثر ڇڏيو آھي،
جادو جيئن ڪري ويندي آ ٻار تي موسيقي.
ٽين جي ڇت رات سڄي جا ھلڪي ڪڻ ڪڻ پئي،
اُڀ تان ڄڻ ته لٿي پئي ڪا جھنڪار تي موسيقي.
پيانو ۽ تنبوري تي ھئي، موسيقارن پر،
ڇيڙي دھشت گردن اڄ ھٿيارتي موسيقي.
سُر کڻي فطرت جا آيا باک ڦٽيءَ ويلي،
پکين وڄائي ويھي وڻ جي ڏار تي موسيقي.
ھيڏي ساري سانت ڏسي مون کي ٿو لڳي منصور،
ڇا نئي آ اڄ محفل جي ماٺار تي موسيقي.
شوڪت علي ڌماچ
غزل
ھن شھر جي ھر گھٽيءَ ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن،
مُشڪ جھڙي ھن مٽيءَ ۾ ياد جا ٿا گُل ٽڙن.
تون سمجھين ٿو ته توکي مون وساري آ ڇڏيو،
ھر سمي ۽ ھر گھڙيءَ ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
ڇا رھيو آ زندگي ۾ تنھنجن يادن کان سواءِ،
او سکي، ھن زندگي ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
تو ڪڏھن ھٿ ۾ آڻي منھنجي پڙھي ھئي ڊائري،
ھا! انھي ئي ڊائري ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
چنڊ تنھنجي روشنيءَ ۾ ياد ڪنھنجي ٿي اچي،
چنڊ تنھنجي چاندنيءَ ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
تون به روڳي تون به جوڳي ڄڻ ته سنياسي ھجين،
تنھنجي سک ۽ شانتي ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
ھر شي مان ٿو اچي تنھنجي ھٿڙن جو ھڳاءُ،
گھر جي ھر ڪنھن در دريءَ ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
اي ڪوي ھي تنھنجين ڪوتائن ۾ ڪنھنجو عڪس آ،
تنھنجي شوڪت شاعريءَ ۾ ياد جا ٿا گل ٽڙن.
محسن ڪڪڙائي
آزاد نظم
”عزت جي دال- روٽي“
منھن جو، ھڪڙو شرير دوست، مونکي،
پنھنجي گاڏيءَ ۾، سُڌ ڏيڻ کانسواءِ،
”لال – بازار“ ڏانھن گھلي ويو.
ھڪڙي ”مومل“ کان مون پُڇي ورتو:
”ڪر خبر، وقت ڪيئن پيو گذري؟“
ھُن“ وڏي اعتماد ساڻ چيو:
”رَب جو شڪر آ، ته عزت جي،
دال- روٽي ملي پئي ھردم،
ھِنَ شھر جي مُعززين ھٿان!“
فاطمه حيدر
ڪنھن چواڻي ته ”زندگيءَ کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪجي، ڇو جو ائين
ڪرڻ باھ سان راند ڪرڻ جي برابر آھي.
زندگيءَ کي بس خاموشيءَ سان گذاري ڇڏجي.“ اھا حقيقت آھي ته حساس
ماڻھو زندگيءَ آڏو لڳل سواليه نشان کي سمجھڻ جي
ڪوشش ڪندي پنھنجو پاڻ کان وڇڙي وڃي ٿو ۽ اتان ان
جي ذات تي فڪر جون نيون معائون کلنديون رھن ٿيون.
فاطمه حيدر به ھڪ اھڙي شاعره آھي جنھن زندگيءَ جي
حساب کي پنھنجي شاعريءَ وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آھي. ڪڏھن ھوءَ زندگيءَ جي سچ کي ڳولي ٿي ته ڪڏھن
رومانيت ۾ پناھ وٺي تلخ حقيقتن کان فرار حاصل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري ٿي. عورت جيڪڏھن حساس آھي ۽ پنھنجي
تشخص جي اھميت کان آگاھ آھي ته ھن لاءِ ڀوڳنا جو
عذاب ٻيڻو ٿي وڃي ٿو.
فاطمه حيدر جي انگريزي شاعريءَ جو مجموعو
Religion of love
1988ع ۾ شايع ٿيو آھي. سندس خيالن ۾ نفاست، جذبن
۾ سڀاءُ ۽ لھجي ۾ حقيقتن جي تلخي آھي سندس ڪجھ شعر
”سرتيون“ جي پڙھندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا.
(شبنم گل، سنيتا گانڌي)
”مان توکي اھو ٻڌائڻ چاھيان ٿي“
مان توکي اھو ٻڌائڻ
چاھيان ٿي
ته اسان ڪھڙي شيءِ جي
ڪمي محسوس ڪندا رھيا آھيون.
اسان ڪنھن ٻي دنيا ۾
گڏ ھئاسين، ۽ پوءِ
جڏھن ھتي ملياسين
ته ھڪٻئي کي سڃاڻي ورتوسين،
پر ائين جيئن
چنڊ جو ڀاڇو
چنڊ جي تاريڪ
گھراين ۾،
ليئا پائيندو ھجي!
”مان تنھا آھيان“
مان تنھا آھيان،
۽ ھميشه تنھا رھنديس.
توسان گڏ گھاريل گھڙيون
تنھا رات جي خاموشين ۾
مھڪندڙ ھوائن جيان آھن.
مون کي تنھنجي جستجو آھي؛
مان پنھنجي رھنما پاڻ آھيان،
جيڪڏھن توسان ملندي رھنديس
ته سچائيءَ جي ان لمحي ۾،
اُھي پل منھنجي روح جي
گھراين ۾ ڪنھن ديپ جيان
ٻري پوندا،
پر اھو وصل
صرف لمحن جو سچ آھي!
”جڏھن تو مون کي چاھيو ھو“
جڏھن احساس ٿيو ته
ته تون مون کي چاھين ٿو،
ته گل جو روپ
ڌاري مان
نديءَ جي ڪناري
جھومڻ لڳي ھيس.
مان ماڻھن جي اکين ۾
ڏسڻ لڳي ھيس.
۽ کين ٻڌائيندي ھيس
ته مان ڇا ٿي سوچان،
منھنجا آدرش،
پاڻيءَ جي تيز وھڪري جيان
مون ڏانھن موٽي آيا ھئا،
مون زندگيءَ ۾ دلچسپي
وٺڻ شروع ڪئي،
۽ ٻيھر منھنجو ويساھ
خوابن ۾ پختو ٿي ويو.
پر مان خوفزده آھيان ته
تون ھڪ ڏينھن چوندين،
نه فقط اھا مذاق ھئي،
پر تو رحم کائي؛
دوستيءَ جو ھٿ وڌايو ھو!
”مان تنھنجي اداسي دور ڪرڻ نه ٿي چاھيان“
مان تنھنجي اداسي
دور ڪرڻ نه ٿي چاھيان،
اھا ڏاڍي قيمتي آھي،
پر مان توکي مرڪندو
ڏسڻ چاھيان ٿي.
۽ پوءِ چاھيان ٿي
ته تون ٽھڪ ڏي،
۽ پوءِ مان توکي
روئارڻ چاھيان ٿي،
جيئن مان تنھنجي درد کي محسوس ڪري سگھان،
جيئن تون منھنجي غم کي محسوس ڪري سگھين!
باري ابڙو
غزل
ھي ڪجھ گھڙين لئه رھن ٿا خواب نيڻن ۾،
انھيءَ کان پوءِ مسلسل عذاب نيڻن ۾.
زبان سان ئي رڳو چئي نه ٿا سگھون ورنه،
وڄن ٿا روز اسانجي رب نيڻن ۾.
اڳي ته نيڻ نقابن ۾ لڪيل ھا ليڪن،
چون ٿا گم ٿي ويا اڄ نقاب نيڻن ۾.
اسانجي دل جون ڌڙڪنون به بند ٿي وينديون،
وري ڏٺاسين جي اھڙا حجاب نيڻن ۾.
متان ڪا آجيان سکڻين اکين سندي ٿي پئي،
رکيو وتئون ٿا انھيءَ لئه گلاب نيڻن ۾.
وڏا جي ڪائنات ۾ ھي سمنڊ ۽ صحرا،
اڃا انھن کان وڏا ڪجھ سراب نيڻن ۾.
اسان کي ھڪڙو ئي ڏک رھندو بندن کان باري!
اگھيا نه ڪنھن به، جي آيا آب نيڻن ۾.
حميره شمس شيخ
غزل
ٽم ٽم ٽم پئي برسات،
ھاءِ رسي وئي مون کان ڏات.
پنھون پويان سسئيءَ جي،
زخمي ٿي وئي آ جذبات.
تنھنجي ياد ۾ گيت لکي،
روئندي روئندي ٿي پرڀات.
سوچون، سپنا جھول ۾ پنھنجي،
سانڍي سيني سان سوغات.
تو بن نوريءَ نيڻ ڀنل،
چوڏس آھي ڪيڏي سانت.
لاجواب لغات الحاج ولي
محمد طاھرزادو
مُھاڳ مُھڙ مُنڍ
دنيا ۾ ڪيترائي علم مروج ۾ ھلندڙ آھن: علم فلاسافي، علم
حيوانات، علم ادب، علم نباتات، علم تواريخ، علم
جغرافي، علم جنسيات، علم نفسيات ۽ علم لسانيات،
علم صرف و نحو وغيره ھڙئي علم انسان جي ضرورت ۽
گھرج وارا آھن ساڳيءَ طرح علم لغات پڻ ھڪ اھم علم
آھي. ھن ۾ مڙئي ساري جا سارا علم موجود آھن، بنياد
علم لغات آھي ۽ علمن جي اپٽار ان ۾ آھي.
جي علم لغات نه ھجي ھا ته اسين ڪابه زبان ڪابه ٻولي، ڪوبه لھجو
ڪابه مخرج سمجھي ڪين سگھون ھا.
لغات يا لغت عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي. جنھن جو مطلب آھي جيڪي به
زبان کان لفظ نڪرن، سي سمجھ ۾ اچن ۽ سمجھيا وڃن.
لغت ٻوليءَ جي ضمانت آھي. ھن کي ٻين نالن سان فرھنگ، قاموس ۽
ڪوش پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو.
ھيءَ جيڪا لغات آءُ لکي رھيو آھيان سا اھڙي ناھي جو پڙھندڙن کي
بنيادي قديم قاموسن وانگيان ڪڪ ڪري؛ نڪي اٽپٽانگ
لفظن جي لغتن جيان بي مزي بيزار ڪري. ھيءَ لغات
عين ٻين، ھو بھو انھن لغاتن جيئن ناھي.
لاجواب لغات استادن، شاگردن ۽ سگھڙن شاعرن جي سھاري ۽ سھڪار ڪاڻ
جوڙي ويئي آھي. منجائنس معنيٰ جي جواھرن جون
جھوليون ۽ موتين جا اڻميا ماڻ پڙھندڙ ميڙيندا ۽
ماڻيندا.
لاجواب لغات جي درڪار انھيءَ ڪري ٿي آھي جو اڄڪلھ جي سنڌي ٻولي
وڃي ٻيو رخ اختيار ڪندي: ڇاڪاڻ جو انگريزي ٻوليءَ
جي اُٿل ۽ سائنسي علم جي سيلاب سببان شايد سگھوئي
دنيا ۾ اھڙو سمو اچي وڃي جو ساري جو سارو جھان
سائنسي ٻولي تسليم ڪري پنھنجي مول مقصد خاطر يڪمشت
يڪسان ٿي اھائي ٻولي استعمال ڪرڻ لڳي جا پوءِ ھر
ھنڌ مروج رائج ٿي وڃڻي آھي. ڇو ته سائنس ھڪ مشاھدي
۽ تجربي وارو علم آھي باقي علم ان جي اڳيان، جيئن
پارو اونڌي پليٽ مٿان ٿر ڪري بيھارڻ جي ڪوشش
رھندي.
ايوب کوسو
نظم
عجيب ڳالھيون عجيب سوچون،
ٿڪل ذھن ۾ اچي روئن ٿيون،
جنين کان وڇڙئي ٿيا زمانا،
اداس دل جا اُھي فسانا،
جنين جون يادون اڃا اکين ۾،
جنين جون باتيون اڃا اکين ۾،
اھي به ٻانھون رھيون ڳچي ۾،
جنين سيکاريا جتن جيئڻ جا،
اُھي به سپنا رھيا جي سپنا،
جنين ڏَسيا ٿي جتن جيئڻ جا،
اڃا به سيءَ ۾ چادر ڪا اوڍي،
وڃون ٿا گذري دکيل دُکن سان،
انھي شھر جي ڪچين گھٽين ۾،
اڃان به دونھون پيو رُلي ٿو.
اڃا به دونھون پيو گھُلي ٿو،
جنين گھٽين ۾ اسان جا سپنا،
سَتي جي بُت جيان جليا سمورا،
اکين جا ڳوڙھا رھيا اڌورا،
وقت ۽ سوچون ائين رُلن ٿيون،
رُلن جيئن ٻالڪ پيا گھٽين ۾،
اُھي به اکيون ائين ڏسن ٿيون،
ھجون جيئن ڌاريا اسان ازل کان،
جنين جون مرُڪون ڏسڻ جي ڪارڻ،
اسان ھو جيون سدائين روليو،
اسان جي اکين جنين کي ڳوليو،
اھي ئي ڳوڙھا ٿيا اکين جا!
عجيب ڳالھيون عجيب سوچون،
ٿڪل ذھن ۾ اچي روئن ٿيون!! |