اچانڪ هن هڪ سينڍ جو آواز ٻڌو ۽ ٻيلي جي هيءَ
ننڍڙي نينگر وسامجي، سهمجي بيهي رهي. سينڍ جو آواز
چڱو صاف هو، ۽ گهڻو پري به ڪين ٿي ڀانيو. اها سينڍ
ڪنهن پکي جي به ڪانه هئي، جو ان ۾ هڪ قسم جي
مانوسيت هجي ها پر هي ته ڪنهن ڇوڪري جي سينڍ جو
آواز هو، جيڪا ارادتا وڄائي ويئي هئي. ۽ ان منجهه
ڪجهه چيڙائڻ جي به ڪيفت هئي. سلويه ڊڄندي ڊڄندي
ڳئون کي پنهنجي حال ۽ قسمت تي ڇڏيندي چپڙي ڪري
ٻوڙن ۾ لڪي ويهي رهي. پر کيس ڪجهه دير ٿي ويئي ۽
دشمن کيس ڏسي ورتو هو، ۽ ڏاڍي مٺي ۽ دلنشين لهجي ۾
کيس سڏيندي چيائين ”ننڍڙي نينگر، رستو هتان گهڻو
پري آهي. سلويه ڏڪندي ڪندي نهايت جهيڻي آواز ۾
جواب ڏنو ”چڱو پنڌ آهي.!“
هن ۾ ايتري جرت نه پئي ٿي ،جو هن قداور جوان
ڏانهن همت ڪري نهاري، جنهن جي ڪلهي تي بندوق
رکيل هئي.البت هوءَ ٻوڙن مان نڪري ٻاهر آئي، ۽
ماٺ ڪري ڳئون جوپويان هلڻ لڳي؛ هو جوان به هن جي
پاسي کان هلڻ لڳو.
اجنبي جوان نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو ته مون هتي پکين جو
شڪار پئي ڪيو، ۽ شڪار ڪندي رستو ڀلجي ويو آهيان.
مون کي هڪ ساٿي جي سخت ضرورت آهي.، جيڪو منهنجي
رهنمائي ڪري تون ڊڄ نه ۽ مون کي پنهنجو نالو
ٻڌاءِ، تون ڇا ٿي ڀانيئن ڇا اهو ممڪن آهي ته اڄوڪي
رات آءُ تنهنجي گهر هلي گذاريا. ۽ صبح جو وري
پنهنجي شڪار تي نڪري پوان.
سلويه کي هاڻ ته هيڪاري گهڻي ڊپ اچي ورايو. الائي
سندس ناني ڇا سمجهندي، ۽ سڄو ڏوهه مٿس مڙهيندي؟ پر
ههڙي اتفاق جي ماڻهو کي اڳواٽ ڪهڙي خبر؟ هن جو ته
ان ۾ ڪوبه ڏوهه گناهه ڪونه هو. هن ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيو، ڄڻ ته ڪنڌ جو مڻڪو ئي ڀڄي پيو هوس. پر نيئن
ساٿي جڏهن ٻيهر نالو پڇيس ته، جئن تئن ڪري مشڪل
سان جواب ڏنس ”سلويه!“
جڏهن ٽي ساٿي گهر پهتا ته مسز ٽلي اڳ ئي دروازي تي
بيٺي هئي، ڍڳي مسز ٽلي کي ڏسندي ئي هڪ ڊگهي رنڀ
ڪيئ، ڄڻ ته سموري قصي جي وضاحت ڪري رهي هئي.
”ها، ها ماري، تون پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳالهاءِ ته
چڱو، سلويه هن ڀيري هي ڪٿي وڃي لڪي هئي، پر سلويه
ڊپ مان اڃا به خاموش بيٺي رهي هن سمجهي ورتو هو ته
سندس ٻڍڙي ناني کي اڃا هن گنڀير صورتحال جو احساس
ڪين ٿيو هو ۽ هوءَ اجنبي کي ڪو اوسي پاسي جو ڪڙمي
جوان سمجهي رهي هئي.
نوجوان ڪلهي تان بندوق لاهي دروازي جي پاسي ۾ اڀي
ڪري ڇڏي ۽ شڪار جو ٿيلهو به لاهي کڻي پاسي تي
ڇڏيائين. مسز ٽلي کي سلام ڪري، رستو ڀلجي وڃڻ وارو
قصو کيس ٻڌايائين، ۽ پڇيائينس ته ڇا هو رات سندس
گهر ۾ بسر ڪري ٿي سگهيو. آئون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾
جتي، اوهان جي مرضي هوندي، ليٽي پوندس، صبح جو
ساجهر مونکي وڃڻو آهي، في الحال ته سخت بک لڳي
اٿم- ٻيو جيڪڏهن نه، ته ڀلائي ڪري کير ڍڪ ته
ڏيوم!“
ٻڍڙي ميزبان چيو ته بيشڪ سائين! ڄڻ ته هن جي عرصي
کان ستل مهمان نوازي جي فطرت جاڳي پئي هئي. هتان
ميل اڌ جي پنڌ تي شايد اوهان کي رات وڌيڪ آرام
آسائش سان بسر ڪرڻ جو موقعو ملي پر جڏهن اسان وٽ
هلي آيا آهيو، ته ڀلي آيا، جي آيا، جيڪي اسان وٽ
آهي، سو اوهان جي اڳيان حاضر ڪنديس. آءُ گهڙي ۾
کير ڏهي ٿي وٺان تيسين اوهين ٿورو آرام ڪريو.
پنهنجو گهر اٿو وڻيو ته گاهه تي سمهو، وڻيو ته
کنڀن جي وڇاڻي تي سمهي پئو. ٻڍڙي شفقت ڀريل لهجي ۾
وري چوڻ لڳي ؛ اي کنڀ مون پنهنجي هٿن سان گڏ ڪيا
هئا. هيٺ ترائي ۾ چڱو خاصو سبزه زار آهي، جتي ڪافي
هنج ۽ مرغابيون چوڳي لاءِ اينديون آهن. سلوي اٿ
مهمان لاءِ دسترخوان وڇائي، رڪيبيون وغيره رک!
سلويه فورن اٿي اندر ويئي ڪم هاج ملڻ تي هو ڏاڍي
خوشي ٿي ۽ کيس بک به اچي لڳي هئي.
نيو انگلينڊ جي هن ويران علائقي ۾ ههڙي صاف سٿري ۽
آرامده گهر جو هجڻ حيرت جهڙي ڳالهه هئي. نوجوان کي
هن علائقي جي دقيانوسي طرز رهائش جي براين جي پوري
خبر هئي ۽ هن کي خبر هئي ته هن علائقي جو سماج جو
معيار ايترو ته غليظ ۽ پست هو، جو ماڻهن کي ڪڪڙين
سان گڏ رهڻ ۾ به ڪا ڪراهت ڪانه ٿي محسوس ٿي. پر هي
گهر قديم وضح جي ڪڙمي گهراڻي جي ڪفايت شعاري جو
بهترين نمونو هو، جيتوڻيڪ ايترو مخصتر هو، جو ايئن
ٿي ڀانيو ڄڻ ڪا خانقاهه هئي، نوجوان ٻڍڙيءَ جي
انوکين ڳالهين کي ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو، ۽
سلويه جي زرد زرد چهري ۽ ڀورين ڀورين اکين کي ڏسي
رهيو هو، جيڪي وڌندڙ مسرت جي جذبي کان چمڪي رهيون
هيون. پوءِ ڏاڍي ڌيرج سان چوڻ لڳو ته پوري مهيني
کان پوءِ هن کي رات جي بهترين ماني نصيب ٿي هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ هي نوان دوست اٿي آڳنڌ ۾ ٿي
ويٺا ۽ چنڊ اڀري آيو.
”ٻيرن جي مند
به اچي مٿان پيئي آهي؛ ۽ سليويه ٻٻرن چونڊڻ ۾ ڪافي مونکي
مددد ڏيندي .ڳئون چڱو کير ٿي ڏئي.پر جڏهن ٻيلي ۾
ٿي وڃي ، تڏهن کيس ڳولڻ آفت آهي.“ ٻڍڙي دل کولي
اجنبيءَسان لهواري ڪرڻ ڪرڻ لڳي؛ ۽ کيس ٻڌايائين
ته چئن ٻارن کي قبر ڀيڙو ڪري چڪي هئي، باقي
سلويه جي ماءُ ۽ هڪ پٽ( جو به شايد مري ويو هجي)
وڃي اولاد مان بچيا هئس، جي ڪئليفورنيا ۾ رهندا
هئا.
”منهبجو پٽ، ڊئن ڏاڍو سٺو نسانباز شڪاري هو. جڏهن
هو گھر ۾ هوندو هو ، تڏهن مون وٽ ڪڏهن به تترن يا
سهيڙن جي کوٽ نه هوندي هئي“ ٻڍڙي ڏکويل دل سان
پنهنجي پٽ جون ڳالهيون اورڻ لڳي . هو سيلاني هو.
لکڻ پڙهڻ ته هن کي آيو ئي ڪين، جو کڻي مون ڏي خط
پٽ لکي.پر آءُ هن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان: جيڪڏهن
منهنجو وس پڄي، ته هوند آءُ به دنيا ڏسڻ لاءِ
ڪيڏانهن نڪري وڃان ها!“
ٻڍڙي ڪجھ گھڙيون چپ رهڻ کان پوءِ، ساڳئي جذباتي
انداز ۾ چيو، ” سلوي هت اچي هن جي جاءِ ڀري آهي.
ٻيلي جو هڪڙو فوٽ به اهڙو ڪونهي، جنهن جي هيءَ
چاڪف نه هجي. هتي جي جھنگلي جانور به هن کي پاڻ
منجھان هڪڙو ٿا سمجھن. نوريئڙن کي اهڙو هيرائي
ڇڏيو اٿس، جو سندن هٿن ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون،
جيڪڏهن آءُ کيس نه جھليان ها ته هوند سمورو کاڌو
ڪٻرن کي کارائي ڇڏي ها، ۽ پاڻ پئي بکن ۾ پاهه ٿئي
ها، ۽ آءُ کيس چوندي آهيان ته ڪانون کي سواءِ
باقي سمورن پکين لاءِ آءُ تو کي چوڳو ڏيڻ لاءِ
تيار آهيان. خود ڊئن به هڪ ڪانءُ پاليو هو، جو ٻين
کانون جھڙوئي ڇسو بيوقوف هو: جڏهن ڊئن هليو ويو،
تڏهن به اهو ڪانءُ ڪافي وقت هتي پيو چڪرهڻندو هو.
ڊئن ۽ سندس پيءُ پاڻ ۾ هتي ڪين ٺهندا هئا. پر جڏهن
کان ڊئن کيس سامهون ٿي، گھر ڇڏي هليو ويو،ان وقت
کانپوءِ پڻس وري ڪڏهن ڪنڌ سنؤن نه ڪيو.“
مهمان کي ٻڍڙي جي خانداني ڏکن جي هن قصي ۾ خير ڪا
دلچسپي هئي ۽ هو پنهنجي ئي خيالن ۾ گم هو.
”سو، سلويءَ کي پکين بابت چڱي خاصي ڄاڻ هئي، ايئن
نه” اجنبي ننڍڙي نينگر ڏانهن نهاريندي چيو، جا
چانڊوڪي ۾ نهايت گنڀير ٿيو ويٺي هئي، ۽ مٿس ننڊ
به هوريان هوريان غلبو ڪري رهي هئي. آئون پاڻ
مختلف قسمن جي پکين کي جمع ڪري رهيو آهيان، ننڍي
هوندي کان مون کي پکين گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“
(مسز ٽلي مرڪڻ لڳي)
”ٻن ٽن اڻلڀ قسم جي پکين جي تلاش ۾ گذريل پنجن
سالن کان رلندو رهيو آهيان منهنجو مقصد رڳو اهو
آهي ته پاڻ پنهنجي هٿن سان انهن کي جهليان.“
”تون انهن کي پڃرن ۾ رکندو هوندين“
مهمان جي انهي چاهه ۽ شوق ڀرائي ارادي کي ٻڌي، مسز
ٽلي کانئس پڇيو:
مهمان جواب ڏنو، ”نه، نه آئون انهن ۾ بوسو ڀري،
کين محفوظ ڪري رکندو آهيان، درجنن جا درجن ۽ اهي
سڀ منهنجي پنهنجي هٿن جا شڪار ٿيل يا ڦاسايل آهن.
ڇنڇر جي ڏينهن هتان ڪجهه ڪوهن جي پنڌ تي مون هڪڙي
سفيد ڪونج اڏامندي ڏٺي، ۽ ان جي پٺيان هلندي هلندي
هن طرف اچي نڪتو آهيان. ان قسم جون ڪونجون هن
سموري علائقي ۾ ڪڏهن به ڪين لڀنديون آهن، هڪ ننڍڙي
کير جهڙي سفيد ڪونجڙي آهي!“ ائين چئي هن سلويه جي
منهن ڏانهن ان اميد سان نهاريو ته شايد هن به اها
ڪونج ڪٿي ڏٺي هجي.
پر سلويه ته سامهون ٻاهرئين سوڙهي پيچري تي هڪ
ڏيڏر کي ٽپ ڏيندي ڏسي رهي هئي.
اجنبي وري به ڏاڍي اشتياق منجهان چوڻ لڳو. ”
جيڪڏهن تو انهي ڪونج کي ڏٺو هوندو ته ضرور سڃاڻي
ويئي هوندينءُ. هڪ عجيب سفيد ڊگهڙو پکي آهي نرم ۽
نفيس کنڀڙا اٿس، ۽ ڊگهيون ڊگهيون ٽنگون اٿس، سندس
آکيرو به ضرور ڪنهن اوچي وڻ جي چوٽي تي هوندو ۽
باز جي آکيري وانگر ڪاٺين جو ٺهيل هوندو.“
۽ سلويه جي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هوءَ
انهي عجيب پکيئڙي کي سڃاڻيندي هئي. ۽ هڪ ڀيري، دور
ٻيلي جي هن پار، ڌٻڻ جي چمڪيلي سائي گاهه تي اهو
پکي ويٺو هو، تڏهن هوءَ لڪندي لڪندي هوريان هوريان
وڃي ان جي ڀرسان بيٺي هئي. اتي هڪ کليل پٽ هو، جتي
اس هميشه عجيب طرح جي زرد زرد ۽ گرم محسوس ٿيندي
هئي، ۽ جتي ڊگها ڊگها سر بيٺل هئا. ان بابت کيس
سندس ناني منع ڪري ڇڏي هئي ته ان طرف ڪڏهن به وڃڻ
جو خيال نه ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به ان طرف ويئي ته
نرم نرم ڪارڙي گپ ۾ ڦاسي هيٺ هلي ويندي. ۽ وري
سندس نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو. اتان کان ٿورو
ئي دور، نرم گاهه جا ٻوڙا هئا. جنهن جو ٿورو پريان
سمنڊ هو- سمنڊ، جنهن بابت سلويه کي هميشه حيرت ۽
عجب لڳندو هو ۽ سدائين جنهن جا خواب پئي ڏسندي
هئي، پر اکين سان ان کي ڪڏهن به ڪين ڏٺو هئائين،
ان جو آواز ڪڏهن ڪڏهن طوفاني راتين ۾ ٻيلي جي
آوازن کان به چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
خوبصورت اجنبي چئي رهيو ته ”بس مون کي ان ڪونج جو
آکيرو ملي وڃي ته بس منهنجي دل جي آس پوري ٿي وڃي.
ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه مون لاءِ ٻي ڪانه
آهي.
جيڪو به مون کي انهي جو آکيرو لهي ڏيندو، ان کي
آءُ ڏهه ڊالر ڏيندس“ ٿورو جوش ۾ ايندي، وري چوڻ
لڳو ته، ”جيڪڏهن ضرورت پئي، ته آئون پنهنجون
سموريون موڪلون ان جي پٺيان گذاري ڇڏيندس. ٿي سگهي
ٿو ته اهو پکي يا ته فقط سيلاني آهي، يا ته ڪنهن
شڪاري پکي ان جو تعاقب ڪري کيس پنهنجي علائقي ۾
تڙي هت آڻي ڪڍيو آهي.“
مسز ٽلي اجنبي جي ڳالهين کي حيرت گاڏڙ ڌيان سان
ٻڌي رهي هئي، پر سلويه اڃا تائين ڏيڏر کي ڏسڻ ۾
محو هئي کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، جيڪا
هوند معمولي سڪون جي حالت ۾ هوءَ هڪدم سمجهي وڃي
ها، يعني هي ته ويچارو ڏيڏر دروازي جي چائنٺ
هيٺيان پنهنجي ٻر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو،
پر رات جو ايتري دير ٿي وڃڻ جي باوجود ايترن سارن
ماڻهن کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، ٻر ۾ وڃڻ کان
هٻڪي رهيو هو. ان رات، هر طرح جي خيالن جي باوجود
هوءَ سمجهي نه سگهي ته اجنبي جن ڏهن ڊالرن جو
ايتري سادگي سان کلندي کلندي ذڪر ڪري ويو، انهن
سان ماڻهن جون ڪيتريون دلپسند ضرورتون پوريون ٿي
سگهيون.
ٻئي ڏينهن شڪاري نوجوان سڄو ڏينهن ٻيلي ۾ گهمندو
رهيو، ۽ سلويه به سمورو وقت ساڻس گڏ هلندي رهي،
ڇاڪاڻ ته نوجوان کي ڏسي اول اول جيڪو خوف سندس دل
تي طاري ٿي ويو هو، سو لهي ويو هو، ۽ هاڻي ته هو
نهايت همدرد ۽ مهربان ثابت ٿيو هو. هن سلويه کي
پکين بابت بي انداز ڳالهيون ٻڌايو، پکي ڇا ڇا ٿا
ڄاڻن ڪٿي ٿا رهن ۽ هڪ ٻئي سان ڪيئن ٿا هلن وغيره،
هن سلويه کي هڪڙو چاقو به سوکڙي طور ڏنو ۽ سلويه
سمجهيو ته ڄڻ ته هو ڪنهن غير آباد جزيري جي رهواسڻ
هئي، ۽ هن کي هڪ وڏي دولت ملي ويئي هئي. سڄو ڏينهن
اجنبي ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن کان سلويه کي
ڪو ڏک پهچي يا خوف ٿئي، سواءِ هڪڙي واقعي جي جڏهن
اجنبي هڪ مٺي ٻوليندڙ پکي کي، وڻ جي ٽاري تان
اوچتو ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو هو. سلويه اجنبي کي بنا
بندوق جي وڌيڪ پسند ڪري ها هن کي اها ڳالهه سمجهه
۾ نه ٿي آئي ته جن پکين کي هو ايترو پسند ٿو ڪري
انهن کي ماري ڇو ٿو؟ پر جيئن ڏينهن گذرڻ لڳو،
سلويه نوجوان کي چاهه ڀرئي شوق ۽ محبت جي نگاهن
سان ڏسڻ لڳي: هن پنهنجي زندگي ۾ اهڙو موهيندڙ ۽ دل
کي وڻندڙ ماڻهو ڪونه ڏٺو هو، شايد هن ٻارڙي جي
سيني اندر عورت جي ستل دل ۾ محبت جي ڪنهن خواب
هلچل مچائي ڏني هئي. |