سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: آگسٽ 2007ع

مضمون --

صفحو :10

هنن جي اڳيان پيش ڪش جو انداز معنيٰ رکندو آهي، هنن جي لاءِ ڪابه ڳالهه ڊرامي کان گهٽ ناهي هوندي، هي ڄاڻيندا آهن ته ڪنهن به شئي کي نمايا ڪيئن ڪجي، ڪنهن ڪم کي آهستي ڪرڻ هنن جي فطرت جي خلاف آهي، اسد ماڻهنن ۾ ”مان“ گهڻي آهي ٻيو ته هي بي وفا ناهن هوندا پر هنن جي لاءِ دل لڳي ضروري آهي، ڪڏهن ته هنن جي محبت مهم يا ايڊونچر جيان هوندي آهي، صرف پنهنجو چارم کي آزمائڻ جي لاءِ هي سوچيندا آهن ته هنن کان سواءِ ڪير به نٿو جي سگهي ان لاءِ هنن سان ٿوري گهڻي لاپرواهي ڪرڻ گهرجي ڇو ته محبت ۾ هنن کي گهڻو ڪجهه سيکارڻ جي ضرورت آهي، نه ته هي پنهنجي هلڪي سوچ جي ڪري اڪيلا ٿي پوندا آهن، ماڻهن هنن کي حاڪماڻي رويي جي ڪري ڇڏيو ڏيندا آهن.

جڏهن هنن کي ڪير پسند اچي وڃي

هي اهو راز آهي جيڪو هنن کان لڪندو ناهي هنن جي نظرن ۽ جيڪا ڳالهه هوندي آهي اها سڄي جهان کي خبر پئجي ويندي آهي.

هي اميد ڪندا آهن

هنن جو جو چيو مڃو، هنن تي چٿر نه ڪريو ۽ سدائين پنهنجو وقار قائم رکو.

جيڪڏهن ڪير بي وفائي ڪري

ڏاڍي باوقار طريقي سان نفرت مان اُن تي نطر وجهندا آهن ۽ ڪڏهن محسوس ڪين ڪرائيندا آهن ته هنن کي ڪيترو ڏک ٿيو آهي.

جيڪڏهن هي پاڻ بي وفائي ڪن

راند سمجهي قبول ڪندا آهن. پاڻ کي دلائل ڏئي مطمئن ڪندا آهن، جو ڪوبه پڇتاءُ يا هن جي ضمير تي ڪوبه بار نه رهي، هنن کي ان ڳالهه جي خوشي ٿيندي آهي، ته زندگي ۾ ڪابه شئي هنن جي ڪمزوري نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته جلد ئي ٻي ڪا شئِي سندن توجهه حاصل ڪري وٺندي آهي.

جدائي وقت

وڏا حوصلي مند هوندا آهن ڪڏهن به گهٽتائي جو مظاهرو ناهن ڪندا. پنهنجو سڀ ڪجهه ٻين کي ڏيڻ جو حوصلو رکندا آهن.

جيڪڏهن اسد کي تنگ ڪرڻ هجي

انهن کي هروڀرو ڪجهه بيڪار سيکارڻ شروع ڪريو. جنهن مان ظاهر ٿئي ته هو گهٽ عقل يا جاهل آهن. هنن کي نظر انداز ڪريو. دوستن جي اڳيان هن جو تعارف ڪرائڻ وساري ڇڏيو. ايئن ظاهر ڪريو ڄڻ توهان کي هنن جو نالو ياد ناهي، هن جي مزاج ٺٺولي ڪريو، هروڀرو تنقيد ڪريو. جيڪڏهن هنن کي مهڻو ڏنو وڃي ته هي آپي مان نڪري ويندا پر ايترو ڪريو جو هنن جي ڪاوڙ کان بچو ڇو ته هنن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

اسد مرد

هي مرد ڏسڻ ۾ سهڻا خوشگوار موڊ وارا حڪم ڏيندڙ ماڻهن کي هنن سان دوستي ڪرڻ  ۽ ڳالهيون ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي. عورتون گهڻيون ڌيان حاصل ڪري وٺنديون آهن. ظاهري طرح هي پرسڪون، پر امن رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هنن جي لاءِ پنهنجي آس پاس جي ماحول تي گهري نظر هوندي آهي ۽ چاهيندا آهن ته هر شيءِ هنن جي قابو ۾ هجي هنن ۾ تمام گهڻو اعتماد هوندو آهي. هن جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت جبل کي ٽڪر هڻڻ جي برابر هوندي آهي. هنن جو فيصلو مڙهڻ واري رويي سبب هنن جي دوستن جو ساهه منجهندو آهي. هي ڪنهن کي اظهار جو موقعو ناهن ڏيندا. هي پنهنجي ذات جي گهيري مان ٻاهر ناهن نڪرندا دل سان مڃندا به آهن ته هو غلط آهن پر ان جي باوجود پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندا آهن.

هنن جو زالون هنن جي مرضيءَ کان سواءِ ساهه به ناهن کڻي سگهنديون. هي چاهيندا آهن ته هر ڪم هنن کان پڇي ڪيو وڃي. جيڪو انساني نفسيات جي ابتڙ آهي. ڇو ته هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ذهن. مرضي ۽ خواهشون هونديون آهن. هو ڪيئن ٻئي جي مرضيءَ تي هلي سگهي ٿو. ڀلي جيل جون ڀتون سون جون هجن پر آهن ته جيل جون نه؟!

ان لاءِ اسد مرد کي سمجهڻ گهرجي ته محبت جي قيمت ڪڏهن به خودداري. عزت نفس ۽ دل و دماغ جي غلام ناهي.

محبت جيڪڏهن غلامي جو روپ اختيار ڪري ته ان کي ڇڏي ڏيڻ کپي، جيڪڏهن زندگيءَ جو ساٿي توهان جي سڃاڻپ ۽ شخصيت جي عزت نٿو ڪري ته هو توهان سان محبت به نه ٿو ڪري. پر هو پنهنجي پاڻ سان محبت ٿو ڪري، ڇوته اسد مرد ذهين به هوندا آهن، ڪجهه وقت کان پوءِ اها ڳالهه کين سمجهه ۾ به اچي ويندي آهي، پر توهان کين احساس نه ڏياريندا ته هو تڪليف ڏيندڙ حد تائين محبت ۾ خود غرض ٿي سگهي ٿو. پنهنجي ۽ هن جي حدن جي هن کي چٽي نموني ڄاڻ ڏيو زندگي ڏاڍي سولي ٿي ويندي.

اسد عورت

اسد عورتون چست چالاڪ هونديون آهن، هنن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ٻين عورتن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي.

پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ۾ جنبي وينديون آهن پوءِ نه ڏينهن کي ڏسنديون آهن ۽ نه رات کي. هنن جي دماغ ۾ هڪ ئي ڳالهه هوندي آهي ته جنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻو آهي ان کان پوءِ ساهه کڻڻو آهي.

اسد عورتن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو بي انتها هوندو آهي. جنهن کي چاهيندي آهي دل ۽ جان سان  چاهيندي آهي. پوءِ ڀل اهو ڪهڙو به هجي، اهو هن جي لاءِ ديوتا بنجي ويندو آهي. هن کي تحفي ڏيڻ جو به گهڻو شوق هوندو آهي بازار ويندي ته هر شئي خريد ڪرڻ تي هن جي دل چاهيندي آهي، ڀلي کيسي ۾ هڪ آنو به نه هجي پر دل جو ڇا ڪجي؟! سخاوت ۽ فضول خرچي هن تي اچي ختم ٿئي ٿي، جيڪا شئي هنن کي پسند ايندي آهي اها وٺندي آهي پوءِ ڀل اها ضرورت جي نه به هجي.

هي عورت حاوي ٿڻ واريون هونديون آهن، هنن جو محبوب صرف هن جو ئي هجي. هوءَ ان کي ايڏو پيار ۽ ڌيان ڏيندي آهي جو واقعي هو ان جو ئي ٿي رهندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي طرف متوجهه ٿيو ته ان جي موڪل ٿي ويندي آهي، بي وفا ماڻهو ڪن کي ڪڏهن به ناهي وڻندو، ڇو ته اسد عورت ته هڪ محبت ڪندڙ ديوي آهي هوءَ پنهنجي پوڄاري کان وفا جي اميد رکي ٿي. جيڪڏهن اسد عورت ۽ اسد مرد جو مقابلو ڪيو وڃي ته ادا مرد بهتر آهي، اسان جي سماج ۾ عورت جي آزادي هوندي به سماج عورت جي سربراهي کي قبول ناهي ڪيو. پر هي عورتون معمولي ناهن هونديون انهن کي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ اچي ٿو. هي عام ماڻهن کان ٻيڻ تي محنت ڪن ٿيون. جيڪڏهن هنن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه ملي ته هن جا جذباتي مسئلا وڌي وڃن ٿا. چاهي پڃري ۾ رهي يا سرڪس ۾ شينهن ته شينهن هوندو آهي.

اسد جا دوست برج

اسد ۽ ثور، اسد جو حاڪم سيارو سج آهي، جيڪو زندگيءَ جو امين هوندو آهي ۽ ثور زهره آهي جيڪو امن ۽ محبت جو پيغام آهي ٻئي جيڪڏهن صحيح طرح ملي وڃي ته زندگي سهڻن رنگن ۾ لهي وڃي.

اسد ۽ جوزا

ٻنهي ۾ جلد دوستي ٿي ويندي آهي ٻنهي ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جي، صلاحيت هوندي آهي، پري هجن يا ويجها هڪٻئي جي ڄاڻ رکندا آهن. ٻني هي دوستي ذهني بنيادن تي هوندي آهي. ان لاءِ مخالفت گهٽ ۽ سمجهه وڌيڪ هوندي آهي.

اسد ۽ ميزان

انهن ٻنهي ۾ سٺي دوستي ٿي سگهي ٿي هنن جي دوستيءَ ۾ ڪيترا اهڙا واقعا آهن جن کي سدائين ياد رکندا آهن، ۽ هڪٻئي جا مثال ڏيندا آهن.

اسد ۽ قوس

ٻئي کليل دل ۽ دماغ جا هوندا آهن هنن ۾ پاڻهي دوستي ٿي ويندي جيڪا هنن جي لاءِ سولايون پيدا ڪندي آهي. ان کان سواءِ ٻنهي جي حاڪم سيارن سج ۽ مشتري ۾ دوستي آهي، اسد ۽ جدي برجن جو دلچسپ ميلاپ آهي جدي ڪامياب ترين ماڻهن جو برج آهي هي ماڻهو قدامت پرست ۽ محتاط ۽ سنجيده هوندا آهن هنن جي نظر سدائين وڏي عهدي تي هوندي آهي، رستي جي هر رڪاوٽ ۽ مشڪلات کي پار ڪرڻ هنن جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، جدي جي سڀ کان وڏي مشڪل اسد هوندو آهي ڇو ته وڏي عهدي کي هو پنهنجو حق سمجهندو آهي، جدي وٽ پنهنجي منزل تائين پهچڻ جون سڀ صلاحيتون هونديون آهن، مثال طور تعليم، ذهانت، اڻٿڪ محنت، ارادو، سنجيدگي ۽ هو گهڻي طاقت جو مالڪ، هوندو آهي، پر اسد جي فولادي قوت هن تي حاوي ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهبي آهي ته سربراهن ۾ به ڪشمڪش نظر ايندي مثال طور قائداعظم (جدي) ۽ لياقت علي خان (اسد) صدر ايوب (اسد) ذوالفقار علي ڀٽو (جدي) نواز شريف (جدي) صدر پرويز مشرف (اسد) آهن.

ظفر عباسي

ترائيل

اچو ته روئون، رڙون ۽ دانهون ڪيون ايتريون،

جو ننڊ ۾ ستل هي لوڪ، سمورو به جاڳي پوي،

اچو ته پڪارون ڪيون زندگين جيتريون،

اچو ته روئون، رڙون ۽ دانهون ڪيون ايتريون.

 

من ۾ هجن جيتريون، آهون اگهامن تيتريون،

مجبور جي پاسي آهيان مان، هر ڪو ائين چوي،

اچو ته روئون، رڙون ۽ دانهون ڪيون ايتريون،

جو ننڊ ۾ ستل هي لوڪ سمورو به جاڳي پوي.

 

هي ديس ڇڏي، ويس مٽي، پاڻ هليا وينداسين،

هي پوءِ وڇوڙي جو گيت ڳائي ڪوئي يا نه ڳائي،

اسان هي ڀاڳ ڇڏي ماڳ ڇڏي ڪجهه به نه نينداسين،

هي ديس ڇڏي، ويس مٽي، پاڻ هليا وينداسين.

 

پوءِ ڳالهيون اسان جون ڳل ڪوئي لائي نه لائي،

هي ديس ڇڏي، ويس مٽي پاڻ هليا وينداسين،

پوِ وڇوڙي جو گيت ڳائي ڪوئي يا نه ڳائي.

 

هي وقت نه آهي ويهڻ جو، او جوڳي بين وڄاءِ،

ڪو اهڙو گيت ٻڌاءِ، جو هيءَ ڌرتي جاڳي پئي،

پريتم، نياڻي، امڙ سنڌ جو، سورهيه ننگ بچاءِ،

هي وقت نه آهي ويهڻ جو، او جوڳي! بين وڄاءِ.

 

اوندهه ۾ مشعل کڻي، ڀٽڪيل کي دڳ لاءِ،

ساگر ڇولين وچ نه، جيئن ڪو! ٻڏندڙ تياڳي پئي،

هي وقت نه آهي ويهڻ جو، او جوڳي! بين وڄاءِ،

ڪو اهڙو گيت ٻڌاءِ، جو هيءَ ڌرتي جاڳي پئي.

 

تو ته چيو هو جيون پل پل گڏ رهنداسين،

پر هي اوچتو وڇوڙي جو واءُ ڪهڙو گهليو؟

تو ته چيو هو گڏ جيئنداسين گڏ مرنداسين،

تو ته چيو هو جيون پل پل گڏ رهنداسين.

 

تو ته چيو هو مرڪ ڪٽورا گڏ پيئنداسين،

زهر پيالن جو ڇو آ وري هيءُ هليو؟

تو ته چيو هو جيون پل پل گڏ رهنداسين،

پر هي اوچتو وڇوڙي جو واءُ ڪهڙو گهليو

ثانيا پنهور

ٻارن کي موبائيل فون سان کيڏڻ نه ڏيو

موبائيل جي وڌندڙ مارڪيٽ ڀارت آهي، صرف هڪ مهيني ۾ 6 ملين ماڻهن موبائيلن جا ڪنيڪشن حاصل ڪيا، چين ۾ اهو تعداد تقريبن 5 ملين آهي. بهارت جا گهڻا تڻا علائقا اڃا به غربت جو شڪار آهن، پر شهرن ۾ وچولي طبقي ۾ موبائيل جو لاڙو وڌي رهيو آهي، سيل فون جو استعمال ڀارت ۽ پاڪستان ۽ ٻين اهڙن ملڪن ۾ وڌي رهيو آهي. ڀارت ۾ في ڪال چارجز دنيا ۾ سڀني کان گهٽ آهي، هتي ڪجهه اهڙا ادارا به آهن جيڪي مفت ۾ سروس مهيا ڪندا آهن. هڪ طرف ته گهٽ پڙهيل ماڻهن ۾ موبائيل فون جو استعمال وڌي رهيو آهي، ٻئي طرف فون جي متعلق شعور گهڻو عام نه ٿي سگهيو آهي. مثال طور تمام گهٽ ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته پنهنجو موبائيل فون ٻئي کي نٿو ڏئي سگهجي!؟ ڇو ته اهڙيءَ طرح هنن جي سڃاڻپ ۽ هنن جا راز ٻين کي ملي ويندا ۽ انهن کي ڪير به نقصان پهچائي سگهي ٿو، ان کان سواءِ ڪيترن ماڻهن کي اها ڄاڻ ناهي ته موبائيل ٻارن جي لاءِ نقصان ڪار آهي. آسٽريليا جي ڊاڪٽرن خبردار ڪيو آهي ته موبائيل فون جا سيٽ ٻارن جي لاءِ خطرناڪ هوندا آهن. ان لاءِ هر سيٽ تي اُن مان خارج ٿيندڙ تابڪاريءَ جي سطح ڄاڻايل هجڻ کپي. جيئن ڪا به دوا مارڪيٽ ۾ ايندي آهي ته ان تي ٿيڻ واري تحقيق ۽ نتيجا عام ماڻهن جي اڳيان ظاهر ڪيا ويندا آهن. ٻئي طرف موبائيل فونن جون نت نيون ٽيڪنالاجيون آنديون پيون وڃن، انهن جي اثرن جي ڪنهن کي به خبر ناهي، هن چيو ته ٻارن کي خاص ڪري موبائيل فون جي تابڪاريءَ کان بچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا ٻارن کي (Gune, Pigs)  نه ٺاهيو وڃي يعني انهن کي اڻڄاتل تجربن جي نذر نه ڪيو وڃي، هن چيو ته موبائيل فون ٻارن لاءِ اهڙا ئي خطرناڪ آهي جهڙو نرم ۽ نازڪ ٻار جي لاءِ سن باٿ، آسٽريليا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته موبائيل فون ڪڏهن ڪڏهن ۽ وقفي کان پوءِ ۽ گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪيون وڃن هن کي ڪار ۾ نه استعمال ڪيو وڃي ڇو ته ان سان تابڪاريءَ جي سطح وڌي وڃي ٿي. اُن ماحولياتي گروپ اهو به ٻڌايو ته موبائيل فون تي گيمز نه کيڏيون وڃن. ڇو ته ان سان گهڻي دير تائين اُن جا اثر رهن ٿا.

 

برسات ۽ ٻوڏ سبب آيل تباهڪاريءَ جو منظر...

ٻاهرين دنيا جي ڪنهن ليکڪ جو جملو آهي ته ”روئجي يا تخليق ڪجي“ شايد هن به اهڙي ڪنهن دکدائڪ صورتحال تي اهي لفظ چيا هوندا. هي تباهڪاريون ڏسي اڄ منهنجي دل به ائين سوچي رهي آهي. ”روئجي يا تخليق ڪجي!“ قدرت ته ڪرم ڪندڙ ۽ ڪڻن مان خرار ڪندڙ آهي، قدرت جي نعمتن تي جيترو شڪر ڪجي اوترو گهٽ آهي، پر هن حقيقت کان به لنوائي نٿو سگهجي ته هلندڙ ڏينهن دوران سڄي دنيا ۾ مينهن ۽ ٻوڏ جيڪي تباهيون ۽ هاڃا ڪيا آهن،

جنهن ۾ اسان جو ملڪ بريءَ طرح متاثر ٿيو آهي. اهو هاڃو اها تباهي هڪ هيانءُ ڏاريندڙ ۽ دل وڍيندڙ الميو آهي، ڇو ته هن ۾ سوين ماڻهو موت جو بک بڻيا آهن. هزارين بي گهر ٿيا آهن، سوين لاپتا آهن ۽ انهن گم ٿيل ماڻهن جا عزيز قريب پل پل پيڙا مان گذري رهيا آهن. هن تباهي هن هاڃي تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي، پر نيٺ ڇا ڪجي؟ آخر ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي. قدرت پنهنجو ڳجهه پاڻ ڄاڻي انسان جي ڇا مجال آهي جو ويهي سينو ساهي، ڪيڏي اذيتناڪ ڳالهه آهي جو اسان جي ملڪ جا مسڪين ۽ مارو ماڻهو جيڪي اڳ ئي بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن. شهرن جي ڪچين آبادين جي حالت ڪنهن کان لڪل ناهي. اسان جي ملڪ جو پورهيت طبقو رات ڏينهن جو محنت ۽ مزوري ڪرڻ باوجود سُکي زندگي نٿو گذاري. ان سڄي طبقي جو ڏيل ڏينهون ڏينهن ڏٻرو ٿيندو جهرندو وڃي. ان طبقي جا ماڻهو صحت، تعليم جهڙين سهولتن لاءِ ته سوچين به نه ٿا، پر انهن جو ٽي وقت پيٽ قوت ڪرڻ ئي مشڪل آهي، وري ههڙين حالتن جو مجموعي شڪار به اهوئي طبقو ٿيو آهي. هاڻي ته هنن لاءِ ڪو زمين ٽڪر به نه رهيو آهي. جتي ڪو ڪکائون گهر اڏي ويهن، اڃا ته اهي پوريءَ طرح پاڻيءَ مان نڪري به نه سگهيا آهن، هي منظر انهيءَ صورتحال جو چٽو پٽو ثبوت آهي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هنن لٽيل ڦريل مسڪين ماڻهن جي ڪا واهر ڪجي! اسان سڀني کي پنهنجي هڙئون وڙئون هنن جي مدد ڪرڻ گهرجي! ٻئي پاسي اسان جي سماج جي بي حسيءَ جي انتها ته ڏسو، جو سرڪار، رفاهي ادارا يا عوام ٻوڏ ستايلن جي لاءِ امداد ڏين ٿا. ان مان به لاڳاپيل عملو ڪميشن سمجهي پنهنجو حصو رکي ٿو ۽ امداد متاثر ماڻهن تائين نٿي پهچي. انهيءَ تي به نظر رکڻ گهرجي. وري به اسان سڀني تي فرض عائد ٿو ٿئي ته اسين سڀئي پنهنجي وس ۾ وت آهر هنن ڏتڙيل ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ڪريون ۽ سرڪار کي پڻ اپيل ڪريون ته هنن ماڻهن کي نئين سرآباد ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ وٺي.

لالي مصراڻي

سهيڙيندڙ: امر سنڌو

هڪ شخصيت 100 سوال: عرفانه ملاح

استاد، ليکڪ، شاعر، تجزيه نگار ۽ ڪمپيئر

1.                  نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

فري

2.                 ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟

27 آگسٽ، سال ٻڌائيندس به ڪونه،

3. شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

ڳوٺ سيتا ننڍي.

4.                 شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد سنڌ.

5.                 شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شهر.

6.                 شره جو دل کي نه آئڙبو هجي؟

اسلام آباد.

7.                 زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

زندگي ڪيا ڪسي مفلس ڪي قبا هي جس مين هر گهڙي درد ڪي پيوند لڳي جاتي هين.

8.                 زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

پهريون ڪلاس، پهريون ڀيرو. امان فيروزي ڪلر جا ڪپڙا ٺهرائي ڏنا هئا، اهي ڪپڙا پائي ڏاڍي خوش ٿي هيس.

9.                 زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

پهريون ڀيرو بابا اجازت ڏني ڪاليج پڙهڻ جي.

10.             زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي ناناڻي گهر وارن جو پيار.

11.              موسمن سان پيار پهرين يادگيري؟

سرءَ جي موسم ۾ پن ڇڻ دوران راڪ هڊس جي فلم a fare well  to arms ڏسڻ.

12.             وڻندڙ موسم؟

سيارو.

13.             ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن ؟

سومر.

14.             ڏينهن جي چئن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو مٺڙو پهر.

15.             فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نطارو؟

برف پوش، اوچا پهاڙ.

16.             ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ٻالڪپڻ ته ويو پر ڏنگائي رهجي وئي.

17.             ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اسٿما هجن ڪري عام ٻارن وانگر راند روند نه ڪري سگهڻ.

18.             ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

مان ننڍي هوندي کان ئي وڏي رهي آهيان.

19.             ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ماستر جي پنجين ڌيءَ ڪهڙا انگل ڪندي؟

20.            جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ياد ناهي.

21.             جوانيءَ جو پهريون خواب؟

اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ.

22.            جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جواني جو هر پل خوبصورت آهي.

23.            بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

اڙي شهر جانان.

24.            دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

تن ۾ تونس پرين جي پيان نه ڍاپان

25.            ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

”فيض“ پڙهڻ.

26.            خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

وڏا ٽهڪ ڏيڻ.

27.            اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو پهريون پهر.

28.            اڪيلائي جو احساس؟

جڏهن ”سنڌو“ آس پاس نه هجي.

29 تاريڪي جو احساس؟

جڏهن امان سان وڙهندي آهيان، يا گهر وارن سان ڪاوڙبي آهيان.

30.            گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

وهي گذري وئي ڇا؟؟ ابهي تومين جوان هون.

31.             خالي رستن جا احساس؟

جڏهن دوست گڏ نه هجن.

32.            قد کان اڀيون ديوارون؟

هٽن ئي نه ٿيون.

33.            دوستي؟

آسمان جيڏو آٿت.

34.            هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي شڪايت؟

جڏهن روح جا ريلا سڪي وڃن ته نه توتي ميار نه مون تي ميار، (حفيظ شيخ)

35.            دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن سان ڪهڙا ليکا؟

36.            پيار؟

زندگي جو احساس.

37 عشق؟

اهڙي بي خودي جنهن ۾ انسان ۽ ڪائنات هڪ ٿي وڃي.

38 پيار جو بي اختيار اظهار؟

مختلف ماڻهن سان مختلف طريقي سان اظهار ٿئي ٿو.

39. پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار جا عذاب به پيارا آهن.

40. پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

جو آنگ سي هي نه ٽپڪا تو ڦر لهو ڪيا هي؟

41. ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڪو به نه.

42. پهرين مڃتا؟

اڃا انتظار ۾ آهيان.

43. ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

منهنجا دوست مون کان ايترو ته ڊڄن ٿا جو تنقيد ڪن ئي ڪونه، باقي ٻين جي تنقيد کي مان سيريس وٺان ئي ڪونه.

44. فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

امر سنڌوءَ جي لکيل سيلف ڊائلاگ تي تنقيد لکڻ.

45. فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ياد ناهي.

46. سڃاڻپ جو حوالو؟

اڃا ڪو هڪ حوالو نه آهي I am jack, of all, master of none

47. سڀ کان وڏو نقاد؟

وقت.

48. تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

پنهنجي دوستن جي.

49. پسنديده شاعر؟

فيض احمد فيض.

50. پسنديده نثر نگار؟

اڄڪلهه اورهان پامڪ جو اٽيڪ آهي.

51. راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

شفيع فقير سنڌيءَ ۾ ۽ هونءَ اقبال بانو.

52. وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

منهنجي پياري دوست ”امر سنڌو“.

53. خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

هوگيو باس ۽ گيونچي اريز سٽبل.

54. ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

پيار جي موسم جو.

55. اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

فيروزي رنگ، جيڪو پهريون ڀيرو امان پارايو ۽ مون کي ياد آهي.

56. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ماءُ.

57. چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

لهندي ئي ناهي، ڏاڍي ڏکي لهندي آهي.

58. انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ نوٽ ڪريو؟

آواز ۽ رک رکاءُ.

59. دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

انسان خامين جو مجموعو آهي، تنهن ڪري گهڻو وقت دل تي ڪنهن ڳالهه کي نه رکندي آهيان.

60. پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

منهنجي دل پنهنجي پيار ۾ ڏاڍي ڪمزور آهي.

61. پيڙا جو ڪو پل؟

منهنجي نوجوان ڀاڄائي نواب جي بيماري ۽ وڇوڙو.

62. معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

معاف ڪرڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻي سخي آهيان، هر خطا آخرڪار معاف ڪري ڇڏيندي آهيان.

63. ڪٽنبي زندگي؟

هڪ Soap Opera مسلسل جاري مشڪلاتون ۽ امڪاني خوشي.

64. نفرت؟

شايد ڪهن سان به نه.

65. اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

ڪنهن سان ڪئي ئي نه آهي ته ختم ڪيئن ڪبي.

66. عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

هجڻ ته عقل کي گهرجي پر مان گهڻي جذباتي آهيان جو جذبو ڀاري آهي.

67. عقيدو؟

انسان بنيادي طور نيڪ آهي.

68. عبادت؟

انسانن جي خدمت.

69. وقت؟

وقت ڪيا ويرانا ماڻهو، تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو.

70. موت؟

سڀ کان وڏو سچ.

1.                  زندگي؟

Comic tragedy

2.                 هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

فيض جو مجموعو.

3.                 دل کي ڇهندڙ فلم؟

بازار.

4.                 پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

منصور حلاج.

5.                 تاريخ جي پسنديده هستي؟

عمر جي هر حصي ۾ مختلف ماڻهو وڻندا آهن.

6.                 سياست؟

نجات جو رستو.

7.                 وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ولاد مير لينن.

8.                 وڻندڙ مشروب؟

پاڻي.

9.                 وڻندڙ اخبار؟

ڊان، ڪاوش.

10.             وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

نيوز چينل سڀ وڻندا آهن.

11.              پسنديده اداڪارا؟

ريکا ۽ نڪول ڪيڊمين

12.             سواري جيڪا پسند هجي؟

پنهنجي مهراڻ ڪار جنهن کي اسين ”پوم پوم ڊارلنگ“ چوندا آهيون.

13.             خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

خوابن جا پکي منهنجي نيڻن تي آکيرو ٺاهي نه سگهيا آهن تنهنڪري خواب ڏسندي نه پر جوڙيندي آهيان.

14.             خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نکلي؟

15.             مستقبل جي باري ۾ پلان؟

يورپ گهمڻ جو.

16.             ناڪامي جيڪا اڃان تائين دل ۾ دکندي هجي؟

ياداشت ڏاڍي ڪمزور آهي.

17.             خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

پي. ايڇ. ڊي پوري ڪرڻ.

18.             آزادي؟

فرضن ۽ حقن ۾ توازن.

19.             ڇڙواڳي؟

ذميواريءَ کان آجي آزادي.

20.            ڌرتيءَ سان پيار؟

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

21.             زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

هر خوشيءَ جي قيمت ڏيڻي ٿي پوي.

22.            انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي ۽ ايمانداري.

23.            انسان روين جو رنگ جيڪو رئاڙي.

انسان جي بي رحمي.

24.            پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

منهنجي آس پاس سڀني ماڻهن کي مون کان ايتريون شڪايتون آهن.

25.            تقدير تي ويساهه؟

ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه طيءِ ٿيل آهي. پنهنجي شڪايت جو ٽائيم نه آهي.

26.            زندگي جو ڪڙو سچ؟

پيارن جو وڇوڙو.

27.            زندگيءَ جو اعتراف؟

دل ناڪام هي توهي، نا اميد تونهين.

28.            ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

هڪ جنم ئي مشڪل سان گذريو آهي، ٻيو نه کپي.

29.            ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟

وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ ۽ تيز ڊرائيونگ ڪرڻ تي.

30.            پيغام؟

انڌي عقيده پرستيءَ کان پاسو ڪجي.

تعارف

امرتا ڏاهري

نظيران ڌيءُ عبدالله ڏاهري جو ادبي نالو امرتا ڏاهري آهي سندس جنم 1980ع ۾ ڳوٺ نيڪ محمد ڏاهري ۾ ٿيو، پرائمري تعليم پڻ اتان پرايائين، مئٽرڪ، انٽر شاهپور چاڪر مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين 1998ع کان شاعري باقاعده لکندي رهي ٿي. سندس کوڙ ساري شاعري ماهوار ادب، امرتا، سورهيه، رسالن کان سواءِ ٻين رسالن ۾ به ڇپجندي رهي ٿي. سندس شاعري جو سر توڙي کڻي چند سالن تي ٻڌل آهي پر ان ٿوري وقت ۾ شاعريءَ جي گهڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪي آهي ۽ کوڙ ساري شاعري موجود اٿس. هن وقت پاڻ ڳوٺ خليفو دوست محمد ڏاهري ۾ رهائش پذير آهي.

 

غزل

رُت رسيلي تنها من تڙپائي ٿي،

رات چٿرون ڪري چنڊ مرڪائي ٿي.

 

زندگي به عجيب آهي هيءَ دوستو،

پاڻ رسي ۽ پاڻ ئي پرچائي ٿي.

 

هو نه اچڻو، هو نه ايندو، هو نه آيو.

ڏس پو ڀي ڏيئڙا دل چري جلائي ٿي.

 

دلڙي، ڪري آباد توڙي شاد پر،

دل کي محبت درد ڀي ڀوڳائي ٿي.

 

هن سر مئي سانجهه ۾ ڪا سانوري،

گيت چئي من منهنجو پرڀائي ٿي.

 

ايسين پيار ڇا ڄاڻين جيسين نه ڄاڻين،

ٽانڊن تي ڪيئن دل امرتا پائي ٿي.

 

غزل

ڪيس ڪيئي ڪلور ڪيئي،

پيار ڪري ڇو دور ڪيئي.

 

توبن دارون ٿيندو ڪيئن؟

نينهن سندو ناسور ڪيئي.

 

ساڀيا ماڻي سگهندا ڪيئن،

سپنا سار چور ڪيئي.

 

دلڙي خالي خالي هئي،

درد ڏئي ڀرپور ڪيئي.

 

توکي ارپي هيءَ حياتي

موهي من مجبور ڪيئي

 

هاءِ امرتا ماڻيون ڪيئن،

جيون ڄڻ تندور ڪيئي.

 

غزل

ڪهڙا سهڻا خواب ڏٺاسين،

لڙڪن جا سيلاب ڏٺاسين.

 

پنهنجي دل جا سڀ ويا وسري

دوستن تي عذاب ڏٺاسين.

 

پيار ته هڪڙو ڀيرو نه مليو،

پر درد بي حساب ڏٺاسين.

 

نير نيڻن ۾ چپڙن مٿان،

مرڪن سندا گلاب ڏٺاسين.

 

هاءِ هيءَ حياتي الجبرا،

ساري عمر حساب ڏٺاسين.

 

گهوري گهوري ڄڻ پيا کائن،

آدمي ڄڻ عقاب ڏٺاسين.

 

نثري نظم

نيڻن جي

در تي

دستڪ ڏيڻ کان اڳي

هر رات

ننڊ

اهو سوچي

وڃي ٿي موٽِ

نيڻن ۾ کن

ترسڻ کان پوءِ

وڃن نه بند جي

هميشه هميشه لاءِ

در نيڻن جا وري

پر

چري ننڊ کي

خبر ڪهڙي

هي مرڻ پڄاڻان ڀي

نيڻ رهندا کليل

اوجاڳيل

ورهين کان

نيڻ رهندا کليل

جيستائين موت اوسيئڙي کي

مات نه ڏئي سگهندو

نيڻ رهندا کليل

نيڻ رهندا کليل


 

 

چوسٽا

ڪوئي گيت کسي ويو آهي،

من جو ميت کسي ويو آهي،

تنها وڻ خاموش پکيئڙا ،

ڪي پريت کسي ويو آهي.

 

مرڪي ڍُڪ وهه جو پيڻ پوي ٿو،

بس آخر ڪنهن جو ٿيڻو پوي ٿو،

ڀل ته اسان لئه مرندو هجي ڪوئي،

اسان کي ٻين لئه جيئڻو پوي ٿو.

 

تنهنجي دل جون بند کڙڪيون رهن ٿيون،

منهنجي دل جون بند سسڪيون رهن ٿيون،

تون ڀلجي به سارين دل نٿي مڃي،

پو ڀي اينديون ڇو هڏڪيون رهٿن ٿيون.

سحر امداد

ڌمال

دم دم منجهه ڌمال قلندر

لال قلندر لال قلندر

 

تنهنجا مارو اُڃيا بُکيا

ڏينهن انهن تي آيا ڏُکيا

سُک ڏسن سي شال قلندر

لال قلندر لال قلندر

دم دم منجهه ڌمال قلندر

 

هيل ڪيا جي مِينهَن راڱا

ماڻهو ٿي ويا ڀاڱا ڀاڱا

تن جي لهج سنڀال قلندر

لال قلندر لال قلندر

 

تون سنڌريءَ جو سنڌڙي تنهنجي

منٿ مڃي شل مالڪ منهنجي

ڀلو ڀلائي ڀال قلندر

لال قلندر لال قلندر

دم دم منجهه ڌمال قلندر

لال قلندر لال قلندر

لال، لال، لال، لال.....

عاليجاه بيگي آوي ري

ساون بيتو جائي.

پاڻيهاري چپن ۾ اهو ڍاٽڪي گيت جهونگاري بس ڪيو ته اوچتو هو ساسهان وڏي ڀٽ تان ايندي نظر آيو- ائين هو شرم ۽ لجا ۾ ٻڏي وئي، هاڻ ڇا ڪريان؟ ڪيئنن هُن جي سامهون وڃان؟.....

هُن سان ڪيئن ڳالهايان؟

(ساجده پروين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com