رخسانه پريت
غزل
آسمان اداس ڪنهن تارا کڻي ڇڏيا،
۽ چوطرف ڌرتيءَ تان نظارا کڻي ڇڏيا.
آخر ته محبتن جو ڀي رکڻو ڀرم هيو،
الزام جي لڳا اسان سارا کڻي ڇڏيا.
قدرت اسان کي سامهون ئي منزل کي ڏيکاري،
۽ وڃڻ وارا سڀئي چارا کڻي ڇڏيا.
سَولن سڌن رستن جي هت سڀني کي هُئي تلاش،
اسان ئي بس گوندر سان گذارا کڻي ڇڏيا.
جا ناو هئي لهرن لٿي منزل تي سا پُڳي،
پوئتي رهيا جنين ها ڪنارا کڻي ڇڏيا.
جو اوچتو نظر پئي رنگ برف جو ڏٺو،
پتو نه پيو ته وار ڪنهن ڪارا کڻي ڇڏيا.
ڏاڍو متل هو شور هن دنيا ۾ چوطرف،
جاٿي ڏٺاسين نينهن جا نعرا کڻي ڇڏيا.
غزل
اڃا جيئون هر سزا مليل آ،
اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ.
تنهائي ۽ اڀ چانڊوڪيون،
چاهت آ يا چِتا مليل آ.
مڃيون حياتي سور سڀن جي،
درد هي دل جو جدا مليل آ.
ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ،
شايد هن سان هوا مليل آ.
چپ چپ ۾ سڀ ڪجهه چئي پيو ٿو،
هن کي اهڙي ادا مليل آ.
ڪئي مسيحا، پر پيو ڳولي،
جنهن کان هن کي شفا مليل آ.
هن کي ڪيئن ماري تون سگهندين،
هن سان آخر خدا مليل آ.
غزل
جي اکڙيون ٿينديون ٿاڪ پرين،
ڪئي رهندا ات رولاڪ پرين.
تو گهر جي در جي ڳالهه ڪئي،
مون دل جا کوليا تاڪ پرين.
هڪ پيار جي دل ۾ چڻنگ دُکي،
ٻيو چنڊ ڪري دل چاڪ پرين.
ڇا سُرڪي تن سيراب ڪري،
جي عرصن جا هيراڪ پرين.
ٿا پهرڻ هي جذبا چاهن،
ڪا پيار سندي پوشاڪ پرين.
هت ڪو ته اچي مومل کي ماڻي،
ڪو ته ڪڪوري ڪاڪ پرين.
ريشما ناز مٺل سومرو
بهار ۾ ڇڻيل گُل
ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ننڍي شهر راڌڻ اسٽيشن
جي پرائمري اسڪول ۾ اسان چئن ڇوڪرين جي پاڻ ۾ تمام
گهڻي گهري دوستي هوندي هئي. اسان ويهنديون،
کيڏنديون، گهمنديون، کائينديون گڏ هيونسين. اسان
هوشيار به ڏاڍيون هيونسين. اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪو
دوستيءَ جو مثال ڏيندو هو ته اسان چئن سرتين جو
ڏيندو هو. اسان سرتين جا نالا هي آهن:ريشمان مٺل
سومرو، رضيه، سلميٰ ۽ انيتا.
رضيه جو گهر ته پرائمري اسڪول جي ڀرسان هوندو هو،
باقي منهنجو ۽ سلميٰ جو گهر جامع مسجد جي ويجهو هڪ
ئي ڳليءَ ۾ هوندو هو. باقي انيتا جو گهر اسان ٽنهي
سرتين جي وچ تي هوندو هو. اسان چئن کي جيڪڏهن اڃ
لڳندي هئي ته اسڪول مان نه پر، رضيه جي گهر مان
وڃي پاڻي پيئنديون هيونسين ۽ رضي جي گهر وارا به
رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. انڪري هو اسان
کي به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. مان ۽ رضيه ته
هڪٻئي سان واعدو به ڪري چڪيون هيونسين، ته اسان،
پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به گڏ
پڙهنديونسين ۽ نوڪري به ساڳيءَ ۽ هڪ جاءِ تي
ڪنديونسين.
خير پرائمري ته هڪ ئي اسڪول ۾ ڪئي ۽ وري ڇهين ۾ به
اسان گڏ داخلا ورتي ۽ وري اتي نائين ڪلاس تائين گڏ
پڙهيون سين. جڏهن ڏهين ڪلاس ۾ پهتيونسين، ته اوچتو
رضيه جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي پئي ۽ رضيه اسڪول اچڻ
ڇڏي ڏنو. رضيه جي اسڪول نه اچڻ سان منهنجي، سلميٰ
۽ انيتا جي بلڪل پڙهائيءَ ۾ دل نه لڳندي هئي. پر
تنهن هوندي به اسان اسڪول وينديون هيونسين ۽ موڪل
۾ رضيه کي ڏسڻ لاءِ رضيه جي گهر وينديون هيونسين.
ائين ڪندي ڪندي ڪجهه مهينن کان پوءِ رضيه اسڪول
آئي ۽ هڪ مهينو مس آئي ته وري هن اسڪول اچڻ ڇڏي
ڏنو. جڏهن مان رضيه جي گهر ويس ته رضيه جي طبيعت
خراب هئي ۽ هن جو جسم سُڄي ويو هو ۽ هوءَ ڦڪي ٿي
وئي هئي. هن جي گهر وارا تمام غمگين ويٺا هئا.
پڇيومانِ ته ”ماسي ڇا ڳالهه آهي؟ توهان هيئن غمگين
ڇو ويٺيون آهيو؟“ تنهن تي رضيه جي وڏي ڀيڻ چيو ته
”ڀيڻ ريشمان، تنهنجي دوست رضيه جي جيري تي سوڄ ٿي
پئي آهي. سو ڊاڪٽرن جواب ڏنو آهي.“ تنهن تي مون
هنن کي دلداري ڏني ۽ رضيه سان ملڻ ان جي ڪمري ۾
ويس ته رضيه مون سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. بس ائين
ڪندي وڃي اسان جا امتحان ويجها ٿيا. آخرڪار اسان
امتحان ڏنو ۽ رضيه امتحان نه ڏنو. وري مان اڳتي
پڙهڻ لاءِ خيرپور ناٿن شاهه تي پنهنجي وڏي چاچي
نياز جي گهر وڃي رهيس ڇو جو ان وقت راڌڻ ۾ ڪاليج
نه هوندو هو. تڏهن مون خيرپور ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾
داخلا ورتي ۽ رضيه راڌڻ ۾ مئٽرڪ ۾ ورائي داخلا
ورتي ۽ سلميٰ ۽ انيتا مئٽرڪ پاس ڪري گهر ۾ ويهي
رهيون ۽ جڏهن مون فرسٽ ايئر پاس ڪري انٽر ۾ داخلا
ورتي، تڏهن راڌڻ ۾ به ڪاليج کليو. ۽ رضيه اتي ئي
فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي. جڏهن مون انٽر پاس ڪئي ته
واپس اچي پنهنجي شهر راڌڻ ۾ رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن رضيه
جي گهر ويندي هيس ۽ ائين رضيه به انٽر پاس ڪئي. ان
کان پوءِ وري رضيه جي طبيعت خراب ٿي پئي. نيٺ اسان
راڌڻ کي ڇڏي ڪوٽڙيءَ لڏي وڃي رهيا هياسين ۽ مان
آخري دفعو رضيه کان موڪلائڻ ان جي گهر ويس ته رضيه
مون کي چيو ته ”ريشمان تون ڪوٽڙيءَ نه وڃ. مان
اڪيلي ٿي وينديس.“
تڏهن مون رضيه کي چيو ته مان جڏهن به راڌڻ اينديس
ته توسان ضرور ملڻ اينديس.“ تڏهن رضيه دل نه جهلي
۽ هن روئي ڏنو ۽ آخر ۾ هن هڪ گانو ڳايو ۽ موڪلايو.
”ڇڏي وڃڻ جي ڳالهه نه ڪر،
متان توکان اڳي منهنجو ساهه وڃي،
ساهه وڃي، ها ساهه وڃي.“
ته مون جواب ۾ هي گانو ڳايو:
”هجيئي حياتي
شل ڪوسو نه توکي واءُ لڳي،
واءُ لڳي، واءُ لڳي ها واءُ لڳي!
ائين ڪندي اسان هڪٻئي کان آخري ڀاڪر پائي موڪلايو
۽ ڪوٽڙيءَ جي غريب آباد، نزد بهار ڪالونيءَ ۾ اچي
رهياسين. اتان جي موسم، هوا ۽ ماحول تمام زبردست ۽
ڏاڍو سٺو هو. پر انهن خوشين ۽ مزن کي ڏسي خوشي به
ٿئي پئي ۽ ڏک به ٿئي پيو. ۽ پنهنجي سرتين جي ياد
به ايندي هئي ۽ رضيه جي ته ڏاڍي ياد ايندي هئي.
ڪوٽڙيءَ ۾ اسان کي رهندي ٻه سال مس گذريا ته مون
کي رضيه جي يادگيري آئي ۽ مان هن سان ملڻ جڏهن
راڌڻ پنهنجي چاچي انور علي سومرو جي گهر آيس ته
چاچي مون کان حال احوال ورتا: ”خير ۾ اچڻ ٿيو.“
ته مون چيو ته:”چاچا مان پنهنجي دوست رضيه سان ملڻ
آئي آهيان.“ ته اتي منهنجي ماسيءَ چيو ته ”تنهنجي
دوست رضيه کي ته ٻه سال ٿيا آهن ته هوءَ فوت ٿي
وئي آهي!“
اهي لفظ ٻڌڻ سان ئي منهنجي پيرن جي هيٺان زمين
نڪري وئي ۽ منهنجي سڄي جسم مان ساهه نڪري ويو ۽
مان بُت بڻي بيٺي رهيس. جڏهن مون کي هوش آيو ته
مان ڏاڍو رُني هيس ۽ دل جهلي رضيه جي گهر پهتيس ته
جيئن رضيه جي ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ ڀائرن مون کي
ڏٺو ته هنن سڀني روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چيائون ته
”ريشمان تنهنجي دوست رضيه تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
جلدي توکي ۽ اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي وئي ۽ هن
جي ڀائرن ته روئي روئي هيڻا حال ڪري ڇڏيا. ننڍي
ڀاءُ مني کي ته ڄڻ هوش ئي نه هو ڇو جو رضيه جا ٽئي
ڀائر رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا.“
حقيقت ۾ روئڻ ته مون کي به تمام گهڻو پئي آيو، پر
تنهن هوندي مون انهن کي آٿت ڏني. ۽ مون دل ۾ سوچيو
ته اسان چئن دوستن ڇا سوچيو هو ۽ ڇا ٿي ويو! بندي
جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي.
الله کي به هميشه سٺن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي.
ڀلا رضيه جي عمر ئي ڇا هئي. هُن هن دنيا ۾ ڏٺو ئي
ڇا هيو. ان جي وڃڻ جي عمر ڪانه هئي پر هوءَ هڪ سٺي
ڇوڪري هئي. الله سائينءَ کي ان جي ضرورت هئي ۽
الله رضيه کي پاڻ ڏانهن گهرائي ورتو. بس مان رضيه
جي گهر ڀاتين کان ۽ چاچا انور ۽ ماسيءَ کان
موڪلائي واپس ڪوٽڙيءَ گهر آيس ۽ جيئن ئي کٽ تي
ليٽيس ته مهينو پورو مون کي بخار رهيو ۽ جڏهن هوش
آيو ۽ چاڪ ٿيس ته مون قرآن شريف پڙهي رضيه جي روح
کي بخشرايو. ۽ منهنجي رب کان هميشه اها ئي دعا
هوندي آهي ته الله رضيه کي جنت نصيب ڪري. |