تلهار پيرزادو گمبٽ
پنجڪڙا
نه رڳو گفتگو هجي.
پر پيٽ بکايل ٻارن لاءِ،
۽ پنهنجي ٿر وارن لاءِ،
ساٿيو! هي جستجو هجي.
نه رڳو گفتگو هجي.
اڄ گل سان خار اٽڪي پيو.
چمن سڄو ويو وائڙو ٿي،
پکي ويا ڏارن تان اڏري،
خوف وچان هر جانور ڏڪي پيو.
اڄ گل سان خار اٽڪي پيو.
لڙڪ هاڻي نه وهو.
سڄڻ سائين اجهو آيو،
پوءِ ٿيندو لايو سجايو،
هڪ منٽ به نه رهو.
لڙڪ هاڻي نه وهو.
يار آئي آ هولي.
تون هڻ پچڪاري مون کي،
۽ مان هڻان پچڪاري توکي،
هڪ ٻئي جي پسايون چولي.
يار ائي آ هولي.
امداد حيدر
غزل
هنگر تي ٽنگيل جذبا
ڄڻ ڪلي مئل جذبا
تو سان پيار اٿم
خط ۾ لکيل جذبا
سانت اڪيلائي ۽
کٽ تي سُتل جذبا
اظهار تنهنجي ۾ سانئڻ
ڪيڏا نه لڪل جذبا
اونداهي ۾ هن کي
ڳل تي ڏنل جذبا
امداد ڏئي ويا درد
لڙڪن ۾ وهيل جذبا
گل ڪونڌر
غزل
هوءَ زلفن ڄار وڇائي ٿي.
۽ منهنجي دل تڙپائي ٿي.
ناز نظر سان مون ڏي ڏسندي،
هوءَ ته پئي شرمائي ٿي.
ڪيڏي سندر ڪيڏي سُهڻي،
دل هر ڪنهن هرکائي ٿي.
ڀڳل سندس هن نيڻ نشيلا،
جِن سان من تڙپائي ٿي.
ڏاڍي آ هوءَ نخرن واري،
ناز نوان ڏيکاري ٿي.
”گل“ به گهائيو رستي ويندي،
ڏسجي ڪيئن نڀائي ٿي.
مخدوم فياض
نثري نظم
(1)
شاهه جي شاعريءَ
جهڙا پرين!
تنهنجو پيار
مون ۾ ايئن سَمائجي ويو آهي
جيئن سمنڊ ۾ لهرون
چنڊ ۾ روشني
فريم ۾ تصوير-
(2)
اي منهنجا خالق!
تون پنهنجن ڪَڪَرن کي چَئُه
ته اُهي
سمنڊ مٿان وَسَڻ بدران
منهنجي ديس جي
مسڪين ٿرين جي
وَٿاڻن تي وَسن
قاضي اياز مهيسر
وائي
رات رني آ، ڪيڏي ڀِني آ
منهنجي ڪمري ۾
سوچ اڀاڳڻ، ڇوههَ ڇِني آ
منهنجي ڪمري ۾
ڇا ٿو رَجهي، ڪهڙي ڪُني آ-؟
منهنجي ڪمري ۾
چيڙهه – چڳون، ليڙ چُني آ
منهنجي ڪمري ۾
جيئڻ گَهڙي، اچي پُني آ
منهنجي ڪمري ۾.
لياقت رضوي
غزل
برف ۽ باهه جهڙي آهين تون.
هير ۽ ساهه جهڙي آهين تون.
مان وڇوڙي جي ٿو ديوار ٽپان،
ويڙهه ۽ ٺاهه جهڙي آهين تون.
زخم پوکيان ٿو پاڻ ۾ ٻيهر،
ٽهڪ ۽ آهه جهڙي آهين تون.
پنڌ ٿو سمنڊ ڏي ڇڪي مون کي،
روڪ ۽ راه جهڙي آهين تون.
صائم کرل
وائي
گيڙو، ڪپڙن واري، فقير جي صدا ۾
گم ٿي ويس مان!
تو کي ڏٺم سپرين، ڄڻ ته هوا ۾
گم ٿي ويس مان!
تات وڌي من جي پنهنجي جيون ڪٿا ۾
گم ٿي ويس مان!
اڳيان ظالم وڏيرو، غريب جي التجا ۾
گم ٿي ويس مان!
محمد علي ماجد
سوال؟
اي! منهنجا اديب!
پنهنجين لکڻين ۾تون،
عورت جي آزاديءَ جي
ڳالهه ڪرين ٿو.
عورت جي حقن جي،
هر پل
هام هڻين ٿو.
ڪُوڪ مٿان تون ڪوڪ ڪرين ٿو،
ڇا؟
تو، پنهنجي، گهر جي
ديوارن ۾،
ٻُوساٽيل
آزاد فضا ڏي،
اوڪاسيندڙ،
۽،
واجهائيندڙ
پنهنجي عورت،
خاطر ڪڏهن،
سوچيو آهي؟
ان جي حقن ۽ آزادي تي
عملي ڌيان ڌريو آهي!؟ |