سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :8

ڊاڪٽر فهميده حسين: بابا اسان کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ ڇڏيو. ادا وارن ان ۾ سندس ساٿ ڏنو. اسان سندن مانُ رکيو، مڙس مون تي انڌو اعتبار (Trust) ڪيو ۽ مون سندس انهيءَ اعتبار ۽ اعتماد جي ساڳي موٽ ڏني. هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مون پنهنجي اولاد کي بهترين تعليم ۽ تربيت ڏني ۽ اڄ هو ماشاء الله سڀئي قابل ۽ لائق آهن ۽ هڪ استاد جي حيثيت ۾ مون پنهنجي پيشي سان سچائيءَ لاءِ پنهنجن ٻن آدرشي استادن جي تقليد ڪئي هڪ پنهنجي والد ۽ ٻيو اڪرام صاحب جي! ۽ آءٌ دلي طور مطمئن آهيان.

سوال: توهان جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت“ آهي. ان موضوع جي چونڊ جو ڪو خاص ڪارڻ؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ڇاڪاڻ جو انهيءَ موضوع تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي ته جيئن پنهنجي سنڌي سماج کي پنهنجي عظيم شاعر جو پيش ڪيل عورت جو اهو روپ ڏيکاري سگهان جيڪو آدرشي روپ آهي ۽ سنڌي سماج ۾ مثبت تبديليءَ جي راهه هموار ٿئي.

سوال: جيڪڏهن زندگي ٻيهر ملي ته ڇا ٿيڻ پسند ڪنديون؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: پنهنجي لياقت قابليت آهر جيڪو منهنجو حق هجي اهو ڪو به نه ماري سگهي، اهڙو هجي منهنجي سنڌ ۾ منهنجو ڪردار.

سوال: ڇا سنڌي سماج ڀڄي ڀري رهيو آهي؟ ان جا ڪارڻ توهان جي نظر ۾!؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: سنڌي سماج ۾ معياري تعليم جي کوٽ سبب گهڻو ڪجهه منفي ٿي رهيو آهي!

سوال: ان جي سڌاري لاءِ توهان وٽ ڪهڙيون مکيه رٿون آهن؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: پرائمري سطح تي تعليم جو نظام سڌارجي، سفارش، رشوت ۽ پنهنجن کي ورسائڻ بدران ميرٽ ۽ صرف ميرٽ تي استاد ۽ شاگرد ڀاڙين.

سوال: ڇا ڪڏهن اهو احساس ٿيو ته زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيون، پر نه ڪري سگهيون؟ ڪيترائي ڪم هئا، رهجي ويا؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ها، مون کي ٻاهر وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق به هو، صلاحيت، قابليت به هئم پر موقعو نه مليو، شايد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هجان ها ته اهو ممڪن هجي ها!

سوال: ادب ۾ زناني - مڙداني گاڏي رکڻ بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: صرف اوستائين جيستائين سماج ٻنهي کي هڪجيترا موقعا ڏيڻ جي قابل ٿئي.

سوال: سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي مسئلي جو ڪهڙو حل آهي توهان وٽ، سنڌي - عربي/سنڌي-ديوناگري يا سنڌي - رومن؟ ڪارڻ؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ٻولي ڪهڙي به لپيءَ ۾ لکجي ڪو فرق نٿو پوي، ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ وقت جي تقاضا آهي ته ان کي رومن ۾ به آڻجي. موهن جي دڙي کان هن وقت تائين الائجي ڪيتريون لپيون بدليون پر سنڌي ٻولي زنده رهي آهي!

سوال: سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت ڪيتريون پراميد آهيو؟ سنڌيءَ جي بهتر مستقبل لاءِ توهان وٽ ڪهڙيون رٿون/رٿائون آهن؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: سنڌي هڪ زنده ٻولي آهي، اُن کي پنهنجو هڪ سماج به آهي، زمين به آهي، ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن ويندي اها ڀڃ گهڙ جي عمل مان گذري ٿي، لفظ کڻي به ٿي ته ڇڏي به ٿي، پر ته به ان جو مستقبل روشن آهي. اها قائم ۽ دائم رهندي. سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ جو شعور جاڳائجي ته ان جو مستقبل بهتر ٿيندو.

سوال: توهان جي گهرو ٻولي ڪهڙي آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: سنڌي ۽ فقط سنڌي.

سوال: اسان لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ان ڏانهن اسان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: اسان لاءِ مادري ٻوليءَ جي اهميت اهڙي ئي آهي جهڙي پنهنجي ماءُ جي. ڀلي اها ڪراڙي ٿي وڃي، ڀلي ته بظاهر ڪنهن ڪارج ۾ نه ايندي هجي، ڀلي ته اها ڪو مادي فائدو نه ڏيندي هجي. پر ان کي ڇڏي ته ڪونه ڏبو آهي نه!

سوال: اسان لاءِ انگريزيءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ٻاهر ڪاميابي، ترقي ۽ بقا لاءِ انگريزيءَ کي به اوتري ئي اهميت ڏيڻ کپي، جيتري ٻين سمورن علمن کي ڏبي آهي.

سوال: ڇا سنڌي ٻولي موجوده دور جي تقاضائن کي پورو ڪري سگهي ٿي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: سنڌي ٻولي پنهنجي ليکي وسيع ٻولي آهي. پر جيستائين ان ۾ جديد علم منتقل نه ٿا ٿين اها موجوده دور جون تقاضائون پوريون ڪونه ڪري سگهندي.

سوال: لوڪ گيتن سرجڻ ۾ عورت جو ڪيترو حصو آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: لوڪ گيت - ڪي عورتن جا ته ڪي مردن جا سرجيل آهن، حساب برابر آهي.

سوال: نياڻي ست قرآن، نياڻين جو ميڙ نه موٽائجي - اهي چوڻيون سنڌي سماج ۾ ئي اسريون - اڄ انهيءَ سماج ۾ نياڻيءَ/عورت جي حيثيت کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: اڄ به اصلوڪي سنڌي سماج ۾ اهي مثبت ڳالهيون آهن. صرف ڪي ٻاهران اچي وسيل قومون ۽ قبيلا انهن کان هٽيل آهن. اسين پنهنجن مثبت قدرن کي ٻيهر سربلند ڪرڻ لاءِ ذهني تبديلي آڻيون ته بهتر ۽ اهو اوستائين ڪونه ٿيندو جيستائين اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منفي قدرن جو پرچار ختم نه ٿيندو ۽ مثبت قدرن کي اجاگر نه ڪيو ويندو.

سوال: ادب جي حوالي سان ڪو اهڙو وڏو ڪم جيڪو توهين ڪرڻ چاهينديون هجو؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ها، ادب جي حوالي سان آءٌ شاهه لطيف کي سندس پنهنجي سموري سونهن سان سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ پڌرو ڪرڻ ٿي چاهيان.

سوال: ادبي سرگرمين ۾ توهان جي گهر واري جو ڪيترو سهڪار آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: هو ادبي ماڻهو ڪونهي، پر مون لاءِ هميشه سازگار حالتون جوڙيون اٿس، جيئن آءٌ پنهنجو علمي ادبي ڪم يڪسوئيءَ سان سهڻي نموني ڪري سگهان!

سوال: توهان ٻنهي مان ڪاوڙ ڪنهن کي وڌيڪ ايندي آهي؟ پوءِ پرچائيندو پهرين ڪير آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: موقعي جي مناسبت سان ڪاوڙ ڪنهن کي به اچي سگهي ٿي ۽ پرچائيندو اهو آهي جنهن جي غلطي هوندي آهي (غلطيءَ جو احساس هر باشعور ماڻهوءَ کي ٿي ويندو آهي.)

سوال: ڇا توهان جو گهر وارو گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو آهي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ها بلڪل، اسين پاڻ ۾ دوست وڌيڪ آهيون، انڪري هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا آهيون. ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي ته هڪڙو ڪم ڪري ۽ ٻيو ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويٺو هجي. گڏ ئي هوندا آهيون، گهر ۾ توڙي ٻاهر!

سوال: ٻار ڪنهن کي وڌيڪ ويجها آهن؟ پيءُ کي يا ماءُ کي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ٻارن مان ڌيئرون پيءُ کي ويجهيون آهن ۽ پٽ ماءُ کي - پر دوستي ٻنهي سان اٿن.

سوال: ”سرتيون“ توهين پڙهو ٿيون؟ ان بابت ڪا راءِ - ڪي رٿون؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: ”سرتيون“ پڙهندي آهيان - ان ۾ گهڻي بهتريءَ جي گنجائش آهي. روايتي ڳالهين کان وڌيڪ نين، بولڊ، روشن خيال ڳالهين جي ضرورت آهي.

سوال: توهين رڌ پچاءُ ڪنديون آهيو؟ ڪهڙو کاڌو سٺو رڌينديون آهيو؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: اڳي وڌيڪ ڪندي هئس، هاڻي گهٽ ٿي ڪريان، منهنجو رڌل مڇيءَ جو ٻوڙ سڀني کي وڻندو آهي.

سوال: توهان کي ڪهڙي ڊش وڻندي آهي ۽ پسند جو رنگ ڪهڙو آهي؟ خوشبو پسند جي؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: مون کي پلي ۾ پلاءُ وڻندو آهي، رنگ اڇو ۽ گلابي وڻندا اٿم ۽ خوشبو ڀنل مٽيءَ جي!

سوال: ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

ڊاڪٽر فهميده حسين: پنهنجي عورت هئڻ تي لڄي ٿيڻ بدران فخر ڪريو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته بحيثيت هڪ انسان توهان ڪنهن کان به گهٽ ڪونه آهيو.

قرة العين ۽ سعديه مهر سان ڳالهه ٻولهه

سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان سنڌ جي گاديءَ، ڪراچيءَ ۾ هڪ انٽرنئشنل ڪانفرنس 29، 30 اپريل ۽ 1 ۽ 2 مئي تي ٿي گذري. ريجنٽ پلازا ۾ ان ڪانفرنس جا مختلف سيشن ٿيا. انهن سيشنز ۾ چانهه جي ساهيءَ دوران، ڪراچي يونيورسٽيءَ جون ڪيتريون شاگردياڻيون مليون. ذهانت سندن چهرن مان بکي رهي هئي. سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ڪلچر سان سندن اٿاهه چاهه جو ثبوت، انهيءَ ڪانفرنس ۾، سندن ڀرپور شرڪت هئي. انهن ئي ذهين شاگردياڻين مان ٻن شاگردياڻين سان اسان ”سرتيون“ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اُها توهان جي آڏو پيش ٿا ڪريون - ادارو.

(1) قرة العين (عيني)

هن جو سڄو نالو قرة العين آهي، پر سڀ کيس عيني سڏيندا آهن. قرة العين عباسي دڙي جي آهي ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي جي شاگردياڻي آهي. دڙو جيڪو سنڌيءَ جي ٻهڳڻي شاعر موتي پرڪاش جو به ڳوٺ آهي. اسان عينيءَ کان پڇيو:

”ڳوٺ ياد ايندو آهي؟“

”ها - ڳوٺ ياد ايندو آهي. هر ٻئي ٽئين مهيني ڳوٺ ويندا آهيون.“ عيني چوي ٿي.

”ڀلا ڳوٺ به اوهان کي ياد رکيو آهي؟“

”ها ڳوٺ به اسان کي وساريو ناهي، ياد رکيو آهي.“

عيني پنهنجي ڳوٺائيءَ عبدالغفور ميمڻ معرفت ڪراچي يونيورسٽيءَ پهتي، جيڪو پاڻ به سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ استاد آهي. عينيءَ کي سنڌي ڏکي بلڪ ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي. هوءَ چئي ٿي: ”سامي ڏکيو ٿو لڳي. خاص ڪري هن جي هندي گاڏڙ سنڌي، اهو شايد انڪري به آهي ته سامي ڪورس ۾ نه آهي.“

۽ لطيف؟“

”لطيف سائين ٺيڪ آهي. شاهه سائين ڪورس ۾ پڙهايو به وڃي ٿو. لغتون به موجود آهن، سچل به پڙهايو وڃي ٿو.“

عينيءَ کي امر جليل جون ڪهاڻيون وڻن ٿيون. اسان کانئس پڇيو:

”انهن ڪهاڻين ۾ اهڙو ڇا آهي؟ جيڪو وڻي ٿو؟“

”انهن ڪهاڻين ۾ جيڪو طنز آهي، ان ۾ جيڪو چڀڪو آهي، اُهو سٺو ٿو لڳي.“ عيني چئي ٿي.

عينيءَ کي ميوزڪ ڪنهن حد تائين وڻي ٿو. ان ۾ به خاص ڪري ڪلاسيڪل ۽ لوڪ سنگيت.

”گهر جو ڪم؟“

”هر رات جو بورچياڻي ۽ هر سنڊي تي ڌوٻياڻي!“ عينيءَ جي ان چوڻ تي اسان جو گڏيل ٽهڪ ٿو ٻري.

عينيءَ کي وڪيل ٿيڻ جو شوق هو، پر هوءَ هاڻي ٽيچنگ ۾ دلچسپي رکي ٿي. پر ان سان گڏوگڏ قانون به پڙهڻ گهري ٿي.

رنگن ۾ کيس بليڪ ائنڊ وائيٽ وڻي ٿو. موسمن ۾ بهار سندس پسند جي رُت آهي.

”کاڌي ۾ ڇا وڻندو آهي؟“

”انب!“ هوءَ فوراً چئي ٿي. سنڌڙي انب رُکا به کائيندي آهيان، پر کير ڀت سان وڌيڪ وڻندا اٿم.“

”ڀلا ڪو خواب؟“

”نه ڪو به نه. بس چاهيان ٿي ته سڄي دنيا مان دهشتگردي ختم ٿي وڃي!“

 

(2) سعديه مهر

سعديه مهر اصل سکر جي آهي، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهي آهي.

”پر سکر کي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور وڌيڪ ويجهي آهي، اُتي ڇو نه پڙهيون؟“

اسان جي انهيءَ سوال جي جواب ۾ سعديه چئي ٿي:

”اُتي پڙهائيءَ جو ماحول صحيح نه آهي.“

”ڳوٺ ياد اچي ٿو؟“

”الاهي!“ سعديه چئي ٿي.

”ڀلا ڳوٺ به توهان کي ايترو ئي ياد ڪري ٿو؟“

سعديه ان سوال جو هڪدم جواب ڏئي ٿي:

”ها اُهو به ياد ڪري ٿو.“

سعديه جي ماءُ گذاري وئي آهي. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. پڙهائيءَ کان سواءِ سعديه جا شوق هي آهن:

ٽي وي ڏسڻ/ميوزڪ ٻڌڻ/ڪمپيوٽر

ٽي وي جو خاص پروگرام نه، پر جيڪو اچي ڏسي وٺندي آهي.

”ميوزڪ ڪهڙو پسند آهي؟“

ان سوال تي سعديه چئي ٿي:

”اهو موڊ تي آهي، سنڌي، انگريزي، هندي، اردو - هر ٻوليءَ جو سنگيت ٻڌي وٺندي آهيان.“

”ڪمپيوٽر موجوده دور ۾ ڪيترو ضروري آهي؟“

”تمام ضروري آهي.“ هوءَ چئي ٿي. ”پوري دنيا جي انفرميشن ملي ٿي وڃي. ڪمپيوٽر وسيلي، پڙهائيءَ جي حوالي سان!“

”ذاتي ڪمپيوتر آهي؟“

”ها، ذاتي به آهي.“ سعديه ٻڌائي ٿي.

”چئٽنگ ڪنديون آهيو؟“

”ها، ڀائرن، ڀينرن ۽ ڪزنس سان.“

”انگريزيءَ ۾ يا رومن - سنڌيءَ ۾؟“

”انگريزيءَ ۾. ائين انگريزي Improve به ٿئي ٿي.

سعديه جي ڄمار وارو نسل گهڻو ڪري ڪمپيوٽر سان لڳو ويٺو هوندو آهي. ماني ٽِڪي سڀ وسري ويندو اٿن، پر هوءَ انهن مان ناهي. هونئن به هن کي ٽائيم گهٽ ملندو آهي. يونيورسٽيءَ ڏانهن ويندي ۽ گهر ڏانهن ورندي ئي هن کي 3 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. ان کان پوءِ گهر جو ڪم به ڪرڻو پوندو آهيس ۽ رات جي ماني به ٺاهڻي پوندي اٿس. قيمو، ڪڙهائي گوشت ۽ ڪريلا سُٺا ٺاهيندي آهي.

”اُها ته کائڻ کان پوءِ خبر پوندي.“

”مان توهان کي هينئر ئي دعوت ڏيان ٿي. ڪڏهن به اچو.“ سعديه چئي ٿي.

سعديه کي رنگ نيرو وڻندو آهي. خوشبوئون سڀ سٺيون لڳنديون اٿس.

”لباس؟“

”شلوار قميض.“

سعديه هلڪو ميڪ اَپ ڪندي آهي. ڇوڪري هُئڻ تي فخر اٿس.

امر جليل سندس پسند جو ليکڪ آهي. هن امر جليل جا گهڻي ڀاڱي سڀ افسانا پڙهيا آهن.

”ڀلا لکنديون آهيو؟“

”ڊائري لکندي آهيان. ننڍڙا ننڍڙا آرٽيڪل. ذاتي نه، پر جنرل.“

”ڀلا اهڙو ڪم جيڪو ڪرڻ چاهيندي هجين؟“

”اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن ماڻهو مون کي سڃاڻن. پر اُن کان اڳ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ چاهيان ٿي.“

”الاهي!“ سعديه چئي ٿي.

”ڀلا ڳوٺ به توهان کي ايترو ئي ياد ڪري ٿو؟“

سعديه ان سوال جو هڪدم جواب ڏئي ٿي:

”ها اُهو به ياد ڪري ٿو.“

سعديه جي ماءُ گذاري وئي آهي. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. پڙهائيءَ کان سواءِ سعديه جا شوق هي آهن:

ٽي وي ڏسڻ/ميوزڪ ٻڌڻ/ڪمپيوٽر

ٽي وي جو خاص پروگرام نه، پر جيڪو اچي ڏسي وٺندي آهي.

”ميورڪ ڪهڙو پسند آهي؟“

ان سوال تي سعديه چئي ٿي:

”اهو موڊ تي آهي، سنڌي، انگريزي، هندي، اردو - هر ٻوليءَ جو سنگيت ٻڌي وٺندي آهيان.“

”ڪمپيوٽر موجوده دور ۾ ڪيترو ضروري آهي؟“

”تمام ضروري آهي.“ هوءَ چئي ٿي. ”پوري دنيا جي انفرميشن ملي ٿي وڃي. ڪمپوٽر وسيلي، پڙهائيءَ جي حوالي سان!“

”ذاتي ڪمپيوٽر آهي؟“

”ها، ذاتي به آهي.“ سعديه ٻڌائي ٿي.

”چيٽنگ ڪنديون آهيو؟“

”ها، ڀائرن، ڀينرن ۽ ڪزنس سان.“

”انگريزيءَ ۾ يا رومن - سنڌيءَ ۾؟“

”انگريزيءَ ۾. ائين انگيرزي Improve به ٿئي ٿي.

سعديه جي ڄمار وارو نسل گهڻو ڪري ڪمپيوٽر سان لڳو ويٺو هوندو آهي. ماني ٽڪي سڀ وسري ويندو اٿن، پر هوءَ انهن مان ناهي. هونئن به هن کي ٽائيم گهٽ ملندو آهي. يونيورسٽيءَ ڏانهن ويندي ۽ گهر ڏانهن ورندي ئي هن کي 3 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. ان کان پوءِ گهر جو ڪم به ڪرڻو پوندو آهيس ۽ رات جي ماني به ٺاهڻي پوندي اٿس. قيمو، ڪڙهائي گوشت ۽ ڪريلا سٺا ٺاهيندي آهي.

”اُها ته کائڻ کان پوءِ خبر پوندي.“

”مان توهان کي هينئر ئي دعوت ڏيان ٿي. ڪڏهن به اچو.“ سعديه چئي ٿي.

سعديه کي رنگ نيرو وڻندو آهي. خوشبوئون سڀ سٺيون لڳنديون اٿس.

”شلوار قميض.“

سعديه هلڪو ميڪ اَپ ڪندي آهي. ڇوڪري هئڻ تي فخر اٿس.

امر جليل سندس پسند جو ليکڪ آهي. هن امر جليل جا گهڻي ڀاڱي سڀ افسانا پڙهيا آهن.

”ڀلا لکنديون آهيو؟“

”ڊائري لکندي آهيان. ننڍڙا ننڍڙا آرٽيڪل. ذاتي نه، پر جنرل.“

”ڀلا اهڙو ڪم جيڪو ڪرڻ چاهيندي هجين؟“

”اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن ماڻهو مون کي سڃاڻن. پر اُن کان اڳ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ چاهيان ٿي.“

اختر افروز شاهه

روان دوان زندگي

سڄو ڏينهن ڪم ڪري مغز هڻي لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن پر ڪم آهي جو کٽي ئي نٿو! اڃا به ڪلاڪ لوڙڻو آهي، تڏهن هتان جان ڇٽندي.  شبنم واچ ۾ ٽائيم ڏسندي ڀڻڪيو، ”جي بابا بي وقت نه مري ها ۽ ننڍا ڀائر ڀينر نه هجن ها ته اڄ مان به آرام سان شادي ڪري پنهنجي گهر هلي وڃان ها. هيئن جيڪر دربدر آفيسن ۾ ڌڪا نه کائڻا پون ها!“

کنهگڻ جو آواز ٻڌي شبنم جي سوچ جو ڌاڳو ٽٽي پيو، سامهون سندس ڪليگ وسيم بيٺو هو.

”مس شبنم ڪنهن سان پيا ڳالهايو؟“

”ڪنهن سان به نه.“

”پر مون ته توهان جو آواز ٻڌو.“

”پوءِ ڇا ٿي پيو. توهان کي منهنجي ڳالهائڻ مان ڪهڙو نقصان رسيو مسٽر وسيم صاحب.“ مون ڪاوڙ مان چيو.

”مس شبنم توهان ته ناراض ٿي پيا! مان ته اُن لاءِ توهان جي ٽيبل تي آيس ته جيئن گڏجي چانهه پيون؟“

”جي نه مون کي چانهه پيئڻ جي عادت ڪانهي مان رڳو صبح جو چانهه پيئندي آهيان، توهان جي مهرباني.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com