ترجمو: ثمينه ميمڻ
پرهيز علاج کان هزار دفعا بهتر
آهي
جيستائين انسان جي زندگي ۾ ساهه جي ڏوري موجود آهي، اهو پنهنجي
روزاني ڪم ڪار جي باري ۾ پريشان رهي ٿو، ڀلي اهو
آفيس ۾ ڪم ڪري يا ٻنيءَ ۾، اهو پنهنجي ڪم جي باري
۾ پريشان ضرور رهندو آهي. ڊاڪٽر، ست اٺ ڪلاڪ مريضن
کي ڏسي ٿو پر رات جو پنهنجي بستري تي سمهڻ وقت به
هن جي دماغ ۾ انهن مريضن جي لاءِ فڪر موجود رهي
ٿو، جيڪي هن ڪجهه ڪلاڪ پهرين ڏٺا هئا.
شاگرد امتحان ڏيڻ وقت به هڪ دٻاءُ جو شڪار رهي ٿو، ماءُ ٻار کي
ڄڻڻ مهل به هڪ خاص بار هيٺ پاڻ کي محسوس ڪري ٿي.
دماغي، جذباتي ۽ جسماني دٻاءُ جون گهڻيون شڪليون آهن، جن جو اثر
ڇڏڻ ناممڪن ڳالهه آهي انهن اثرن جو نتيجو خراب به
ٿي سگهي ٿو ۽ سٺو به. اهو دٻاءُ ڪنهن جي زندگي جي
لاءِ سٺو به ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن لاءِ بيماري
جو باعث به.
زندگيءَ جي هنن لاهين چاڙهين کي طبي زبان ۾ دٻاءَ جو نالو ڏنو
ويو آهي.
نفرت ۽ محبت جي جذبن کي به دٻاءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي. دٻاءَ
۽ زندگي هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن. دٻاءَ
کانسواءِ زندگي بي جان آهي، پر دٻاءَ جا هاڪاري ۽
ناڪاري پهلو اثر انداز ٿين ٿا.
پر جيڪڏهن دٻاءَ اسان جي صحت جي بهتري جو سبب بڻجي ته پوءِ
پريشاني ڇا جي؟
ياد رکڻ کپي ته زندگي کي گهٽ وڌ ڪرڻ ۾ دٻاءَ جي زيادتيءَ جو وڏو
هٿ آهي.
هر انسان جي پيدائش جي وقت ڪروڙين روپين جي ملڪيت برابر طاقت هن
جي دماغي بئنڪ ۾ جمع ٿئي ٿي. دٻاءَ جو مطالعو ڪرڻ
واري سبب کان وڏي ڊاڪٽر هانسسيلي جو چوڻ آهي ته
"هن ڪروڙين روپين جي ملڪيت کي خرچ ڪرڻ توهان جي
پنهنجي هٿن ۾ آهي، چاهي ته توهان کي هڪ ئي وقت
اڏائي ڇڏيو يا عقلمندي سان هر روز مناسب مقدار ۾
استعمال ڪيو. ڪنهن اوچتي حادثي ۾ دٻاءَ جي تحت هڪ
مادو
(ADRENALIN) پيدا ٿئي ٿو، جيڪو دماغي بئنڪ کان طاقت حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجي
ٿو، اهو ئي اثر جيڪو هن مادي کي پيدا ڪرڻ جو سبب
بڻجي ٿو، سو دٻاءُ چورائي ٿو، هي مادو جسم جي رت
جي نالين کي سـُـڪڙائي رت جي دٻاءَ ۾ وڌندو رهي
ٿو، جنهن سان پگهر اچڻ، کائڻ پيئڻ جو نظام سست ٿي
وڃڻ ۽ اکيون نڪري اچن ٿيون ۽ پٺن ۾ تڪليف وڌي وڃي
ٿي.
زندگيءَ جي مختلف تجربن جي روشني ۾ اسان کي دٻاءَ جون هيٺيون
شڪليون نظر اچن ٿيون، جن جو چارٽ ڏجي ٿو:
زندگي جو رجحان دٻاءَ جي شرح
(1) جيون ساٿيءَ جو موت
100
(2) طلاق هجڻ
73
(3) شادي کانپوءِ جدا ٿيڻ
65
(4) قيد ٿيڻ
63
(5) ويجهي مائٽ جو موت ٿيڻ
63
(6) زخمي ٿيڻ يا بيمار پوڻ
53
(7) شادي
50
(8) ڪم تان ڪڍي ڇڏڻ
47
(9) جيون ساٿي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ملڻ
45
(10) پينشن پٺيان خوار ٿيڻ
45
(11) خاندان جي ميمبر جي صحت ۾ تبديلي
44
(12) پيٽ سان ٿيڻ
40
(13) مرد جي قوت گهٽجي وڃڻ
39
(14) خاندان ۾ ميمبر جو وڌي وڃڻ
39
(15)
ويجهي دوست جو موت
37
(16) نئون ڪاروبار
36
(17)گهر خريدڻ جو قرض ڏهن هزارن کان وڌيڪ
31
(18) اولاد جو گهر کان ٻاهر وڃڻ
29
(19) ساهرن ۾ ناچاقي
29
(20) انعام ملڻ
28
(21) اسڪول جي شروعات ۽ آخر
26
(22) زال جي نوڪري ۽ وري ختم ٿيڻ
26
(23) گهر جي تبديلي
25
(24) عادتن جي تبديلي
24
(25) مالڪ سان گڙٻڙ
23
(26) مذهبي تبديلي
19
(27) سوشل تبديلي
18
(28) سمهڻ جي عادت ۾ تبديلي
16
(29) کائڻ جي عادت ۾ تبديلي
15
(30) موڪل
13
(31) ڪرسمس يا عيد
12
(32) چالان ٿيڻ
11
دٻاءَ جا اثر:
جذباتي دٻاءَ اسان جي رت تي اثر ڪري ٿو. رت ۾ تمام گهڻي قسم جا
ڪيميائي عنصر هوندا آهن، انهن ۾ هڪ چرٻي به هوندي
آهي، جنهن کي ڪوليسٽرول چوندا آهن. جذباتي دٻاءَ
ڪوليسٽرول کي وڌائي ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي فوجين جي لڙائي ۾ مري وڃڻ کانپوءِ انهن جو
پوسٽ مارٽم ڪري، انهن جي دٻاءَ جو معائنو ڪيو ويو،
اڻويهن سالن جي نوجوان جي رت جي نالين ۾ دٻاءَ جي
سبب ايترو ڪوليسٽرول موجود هو، جيترو هڪ 50 سال
پوڙهي جي رت جي نالين ۾ هجڻ کپي.
دٻاءَ جي سبب پيدا ٿيڻ واريون بيماريون سڀ کان پهرين، جسم جي ان
حصي تي اثر وجهنديون آهن، جيڪو جسم جو سڀ کان
ڪمزور حصو هوندو آهي. هڪ ٻئي قسم جي دٻاءَ جي سبب
ڪري، ڪنهن کي ته پيچش شروع ٿي ويندي آهي، ڇو ته هن
جو معدو ڪمزور هوندو آهي، وري ڪنهن جي چيلهه ۾ سور
پوندو آهي، ڇو ته ان جا پٺا ڪمزور هوندا آهن ۽ وري
ڪنهن جي مٿي ۾ سور پوندو آهي.
جڏهن اسان بيمار ٿي ڊاڪٽر وٽ وڃون ٿا ته عام طور تي ڊاڪٽر اهو
نه پڇندو آهي ته گهريلو حالتن ۾ ڪهڙيون تبديليون
آيون آهن، مثلن طلاق، ڪاروبار ۾ نقصان، يا جيون
ساٿي جو مرڻ وغيره. جيستائين بيماري جو جڙ کان
خاتمو نه ايندو، صحتيابي ناممڪن آهي.
دوائن سان ته وقتي طرح صحت ٺيڪ ٿي سگهي ٿي، پر بيماري جي جڙ
يعني دٻاءَ جي باري ۾ ويچار ڪبو ته صحتيابي ناممڪن
آهي.
تماڪ ڇڪيندڙ به هڪ خاص دٻاءَ جي اثر هيٺ هوندا آهن، انهن جو چوڻ
آهي ته تماڪ پيئڻ سان هنن کي سڪون ملي ٿو، پر اهو
سڪون وقتي طرح هئڻ سان گڏ تڪليف به ڏئي ٿو، ۽ ان ۾
شامل نڪوٽين ان جي معدي ۾ ناسور جو سبب پڻ بڻجي
ٿو، جنهن سان گيس، پيچش ۽ معدي ۾ سور جون علامتون
ظاهر ٿين ٿيون.
دٻاءَ جي سببن ۾ سڀ کان وڏو سبب خوف آهي. خوف کي ٻين لفظن ۾
اسان پريشاني جو نالو ڏيون ٿا. کوڙ دفعا اسان اهڙن
حالاتن لاءِ پريشان ٿي ويندا آهيون، جيڪي ڪڏهن
ايندا به ناهن، ۽ اسان پنهنجي دماغي بئنڪ مان پوري
طاقت يعني
(Adernalin) کي ختم ڪري ڇڏيون ٿا، جنهن کي ڪڍڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي.
جيڪڏهن اسان هن کي سٺن طريقن سان خرچ ڪريون ها ته
اسان کي خوشي ۽ ترقي ملي ها.
دماغي بئنڪ مان
(Adernalin)
جي فضول خرچي جي نتيجن ۾ هيٺين مان ڪو به هڪ اسان
تي ضرور اثرانداز ٿي سگهيو هوندو.
(1) جسماني ٿڪ (2) جذباتي ٿڪ (3) دماغي ٿڪ.
جسماني ٿڪ: هن ۾ معدي جو سور، ڪمزوري، ڪلهن وٽ سور، زڪام،
انفلوئزا ۽ ننڊ نه اچڻ جي شڪايت ٿي سگهي ٿي.
جذباتي ٿڪ: هن ۾ مايوسي، نااُميدي ۽ چوڌاري ڪنهن جي به مدد حاصل
نه هئڻ جو احساس ٿي ويندو آهي. جذباتي ٿڪاوٽ جي
ڪري ماڻهو احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، جلدي
پريشان ٿي ويندا آهن ۽ تنهائي پسند ڪندا آهن.
دماغي ٿڪ: هن قسم جا مريض پنهنجي باري ۾ الاهي لاپرواهه هوندا
آهن، ڪم ۽ زندگي جي باري ۾ انهن جو رويو هميشه
ناڪاري وارو هوندو آهي. پنهنجا ڪم، ذميواريون ۽
پريشانيون گهر کڻي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾
خاندان ۽ دوستن سان گڏ انهن جا تعلقات خراب ٿي
ويندا آهن.
ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجي ڪم کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳندا آهن يا وري ڪو
شراب يا ڪنهن نشي جا عادي ٿي پوندا آهن يا ڪڏهن
ڪڏهن خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.
هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪيئن سڃاڻجي ته اسان کي انهن ٽنهي
يعني جسماني، جذباتي ۽ دماغي ٿڪاوٽ جو اثر آهي.
هيٺ ڏنل چارٽ ۾ هر بيان جي سامهون ڏنل ٻنهي خانن
هڪ تي
ü نشان لڳايو.
صحيح
غلط
(1) مان دٻاءَ جي تحت ڪم ٺيڪ طرح نٿو ڪري سگهان.
(2) فيصلو ڪرڻ پسند نٿي ڪيان يا فيصلو ڪرڻ ۾ دير لڳايان ٿو.
(3) معمولي ڳالهه تي به ڪاوڙ اچي ٿي.
(4) گهڻو ڪري رات جو ننڊ نه ٿي اچي.
(5) ڪم جي وقت صبر نٿو ٿي سگهي.
(6) گهڻو ڪري هر وقت پريشان رهان ٿو.
(7) گهڻو ڪري ڪم پنهنجو گهر کڻي وڃان ٿو.
(8) مان ڪامل ڪم ۾ يقين رکان ٿو.
(9) هميشه مون وٽ ڪم گهڻو هوندو آهي ۽ وقت گهٽ.
(10) گهڻو ڪري ٿڪجي پوان ٿو ۽ ڪنهن سبب ڪري مايوس ٿي وڃان ٿو.
جيڪڏهن توهان پنهنجو نشان صحيح
10
üخانن
مان ستن تي لڳايو آهي ته توهان دٻاءَ جي ٿڪاوٽ ۾
مبتلا آهيو. توهان کي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي ڇو
ته انهن حالتن کي وڏي آساني سان حل ڪري سگهجي ٿو.
دٻاءَ تي ضابطو ڪرڻ: دٻاءَ جي حقيقتن ۽ اثرن معلوم ڪرڻ کانپوءِ،
سوال پيدا ٿئي ٿو ته دٻاءَ تي ضابطو ڪيئن ڪجي؟
هيٺ ڏنل 9 نقطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان دٻاءَ تي ڪنٽرول ڪيئن
ڪري سگهون ٿا.
(1) اسان پنهنجي زندگيءَ مان خوف ختم ڪري ڇڏيون. هن خوف ۾ اسان
جي دولت جو گـُـم ٿي وڃڻ، ناڪامي ۽ موت جو خوف
شامل آهي.
صرف هڪ ئي واحد ذريعو آهي، جنهن سان اسان پاڻ کي بچائي سگهون
ٿا، اهو آهي، خدا تي مڪمل ڀروسو "الله تعاليٰ ئي
آهي جيڪو اسان سڀني کي پالي ٿو، اهو ئي پوري دنيا
جي مال ۽ دولت جو مالڪ آهي.
هن جي هٿ ۾ موت ۽ زندگي آهي، اهو ئي انسان کي ڪامياب بنائي ٿو ۽
اهو ئي سزا ڏئي ٿو ۽ ظاهري طرح سان ته اسان اهو
ٻڌائيندا آهيون، ته اسان جو خدا تي مڪمل ڀروسو آهي
پر عمل ۽ رويي سان ان ڳالهه جا انڪاري هوندا
آهيون، جيستائين اسان زندگي جا قول ۽ فعل رب سائين
جي حوالي نٿا ڪيون، ان وقت تائين ڀروسي کي حقيقي
ڀروسو چوڻ، ڀروسي جي شان جي خلاف آهي.
الله تعاليٰ جو هڪ پيارو نبي فرمائي ٿو:
"ڪامل محبت هر قسم جي خوف کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿي. جڏهن اسان کي
الله تعاليٰ جي ذات تي ڀروسو آهي ته پوءِ ذرڙو به
خوف اسان جي زندگيءَ ۾ نٿو اچي سگهي.
(2) خوف کان بچڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته پنهنجو قدر ڪرڻ سکو.
"جنهن پاڻ کي سڃاتو اُن دنيا کي سڃاتو."
دنيا ۾ دشمن ۽ دوست جو قدر ڪرڻ سکو، بي لوث محبت ۽ پاڪيزه عزت،
جيڪا هن دنيا ۾ گهٽ آهي، انهن ئي قدرن سان پيدا
ٿئي ٿي.
(3) خوف جي بچڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي ته ٻين جو مقابلو ڪرڻ
ڇڏي ڏيو، مثلن ڪنهن پاڙي واري گاڏي خريد ڪئي آهي
ته توهان دٻاءَ ۾ اچي وڃو ته اها مون کي به خريد
ڪرڻي آهي. پنهنجي ڪاروبار ۾ ايترا پريشان نه ٿي
وڃو ته ٻين وانگر هر جائز ناجائز طريقي سان اڳيان
وڌڻ جي ڪوشش ڪيو.
ياد رکو ته اسان جي زندگي ۾ اهو موقعو ڪڏهن به نه ايندو، جو سڄي
دنيا توهان جي ماتحت ٿي وڃي. هن ڊوڙ جي نتيجي ۾
اسان پنهنجي دماغي بئنڪ جو ڏيوالو ڪڍي رهيا هوندا
آهيون، ۽ اهڙيءَ طرح اسان خودڪشي ڪري رهيا هوندا
آهيون، ڇو ته وقت کان اڳ ۾ دل جو دورو، مٿي جو
سور، چيلهه جو سور، معدي جو ناسور ۽ هڏن جو سور،
انهن سڀني جو نتيجو هوندو آهي.
(4) جيڪڏهن مقابلو ڪرڻو آهي، پنهنجي زندگي جو پاڻ سان مقابلو
ڪيو. اڄ جو ڪم ڪلهه کان وڌيڪ سٺي نموني هئڻ کپي.
ٻين تي تنقيد ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ واري طاقت کي جيڪڏهن
پاڻ تي خرچ ڪجي ته ايترو ڪم سٺو ٿيندو، جنهن سان
توهان جي روح کي سڪون گهڻو ۽ دٻاءَ گهٽ محسوس
ٿيندو.
(5) دٻاءَ کان بچڻ لاءِ وقت جي پابندي اهڙيءَ طرح ڪم ايندي آهي،
جيئن ڪاٺ جي ڪرسي تي فوم جي گدي، دٻاءَ جي نتيجن
۾ ئي غلطيون گهڻيون ۽ حادثا وڌيڪ ٿيندا آهن، ڇو ته
مادوي
(Adrenalin) جسم جي ٻين حصن ۾ رت جو استعمال زياده ڪيو هوندو آهي، دماغ کي
ايترو رت ميسر نه هوندو آهي ته اهو صحيح سوچي ڪو
فيصلو ڪري سگهي.
(6) روزمره جي فڪرن ۾ ٿورڙو وقفو ضروري آهي. روزاني دماغ کي
ٿورو آرام ڪرڻ ڏيو، هنن گهڙين ۾ پنهنجي پسند جو
ڪتاب پڙهو، موسيقي ٻڌو، پنهنجي ٻارن سان کيڏو يا
ٻيو ڪو پنهنجي پسند جو ڪم ڪيو. هن وقت تي پنهنجن،
واعدن، ذميوارين، گهڙين، ڪيلينڊر، قرض وغيره کي
وساري ڇڏيو، ڇو ته هن آرام ۾ مادو
(Adrenalin) رت جي نالين کان واندو ٿي توهان جي دماغي بئنڪ جي خرچ ٿيل
ماليت کي بحال ڪندو آهي.
(7) ورزش: اڄ جيڪڏهن روزاني ڪم جي ڪري مادو
(Adrenalin) جو استعمال وڌيڪ ٿي ويو آهي ته شام جو ورزش ڪري، انهن کي بحال
ڪري سگهجي ٿو. ڊگهي سفر تي هليا وڃو يا ڪنهن راند
۾ حصو وٺو، مثلن فٽ بال، باسڪٽ بال، اسڪوائش، هاڪي
وغيره. وڌيڪ خوشي جي ڳالهه چئبي جو توهان وٽ باغ
هجي، جتي ورزش سڀ کان وڌيڪ سٺي ٿي سگهي ٿي. اهڙي
قسم جي ورزش توهان جي پٺن کي مضبوط ڪري ٿي.
(8) آرام ڪرڻ سان زندگي وڏي ٿيندي آهي. هڪ بزرگ ماهر ڊاڪٽر ٻن
پهرن جو ماني کائڻ کانپوءِ هر روز اڌ ڪلاڪ آرام
ڪندو هو، هن آرام جي ڪري هن جي جسماني بناوٽ انهن
نوجوان ڊاڪٽرن کان بهتر هئي، جيڪي اڃان هاڻ پنهنجي
ميدان ۾ آيا هئا. ڏهه منٽ ليٽڻ سان جسم ائين تازو
توانو ٿي وڃي ٿو، جيئن ڪلاڪ ويهي آرام ڪري انسان
تازو توانو ٿي وڃي ٿو.
(9) ننڊ: توهان جيڪڏهن رات جو چار پنج ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ کي پنهنجي
لاءِ سٺو ٿا سمجهو ته اها توهان پاڻ سان زيادتي ٿا
ڪيو. ڪو به سبب دماغي بئنڪ کي ايترو جلدي ۽ تيزي
سان خالي نٿو ڪري سگهي، جيترو ننڊ جو گهٽ هئڻ ڪري
ٿئي ٿو. فطرت کي توهان مجبور نٿا ڪري سگهو، عام
طرح انساني جسم جي ڀڃ- ڊاهه کي بحال ڪرڻ لاءِ ستن
کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي هن وقت کان
گهٽ سمهن ٿا، اُهي ننڊ جي معاملي ۾ فطرت جي چوري
ڪندا آهن، ۽ ويجهڙائي ۾ انهن جي دماغي بئنڪ جي
پوري ملڪيت ختم ٿي ويندي.
پاڪستان ۾ اسان سڀني مشورن کي ايتري اهميت نه ڏيندا آهيون،
جيترو ٽـُـڪن، دوائن ۽ اسپتال جي سهولتن کي. اسان
علاج تي ڀاڙيندا آهيون ۽ گهڻو ڪري اهو وساري
ڇڏيندا آهيون ته پرهيز علاج کان هزار دفعا بهتر
آهي.
اسان اهو ته چئون ٿا ته اسان جي زندگي خدا جي ڏنل آهي، پر ان کي
پاڻ خراب ڪري، جلد ئي قبر ڏانهن هليا وڃون ٿا ۽
پوءِ چئون ٿا ته جيڪا خدا جي مرضي. ڪيلفورنيا جي
مشهور يونيورسٽي يو- سي- ايل- اي ۾ ست هزار ماڻهن
تي ڏهن سالن جي دؤران تجربو ڪيو ويو، هن تجربي ۾
انهن ماڻهن جي زندگي وڏي هئي جن هيٺين ستن قانونن
تي عمل ڪيو هو.
1- روزاني ورزش.
2. تماڪ نوشي نه ڪرڻ.
3- ستن کان اٺن ڪلاڪن تائين سمهڻ.
4- شراب نوشي نه ڪرڻ.
5- مناسب وزن رکڻ.
6- نيرن چڱي طرح کائڻ.
7- کائڻ جي وچ وارن وقفن ۾ ڪجهه نه کائڻ، جن جي هنن ستن قانونن
مان ٽن تي عمل ڪيو هو، تن جي موت جي شرح، انهن ستن
قانونن تي عمل ڪرڻ وارن جي نسبت ٽي فيصد گهڻي هئي،
۽ انهن جو موت ٻارهن کان پندرهن سال پهرين اچي
ويو. ان جو مطلب ٿيو ته جڏهن اسان اهي قانون
ٽوڙيندا آهيون ته اسان آهستي آهستي موت کي سڏي
رهيا هوندا آهيون ۽ ٻئي نالي ۾ خودڪشي ڪري رهيا
هوندا آهيون. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته خودڪشي ڪرڻ
وارو دوزخي آهي.
الله تعاليٰ اهو برداشت نٿو ڪري ته خودڪشي ڪرڻ واري جا ٻار هن
ظالم دنيا جا ڌڪا کائيندا وتن.
جڏهن انساني ٻار دٻاءَ ۽ پريشاني جي ڪري دماغي بئنڪ کي خالي
ڪندو ويندو آهي ته اهو خودڪشي جي غلط رستي تي
پهريون قدم رکي رهيو هوندو آهي.
جڏهن اسان زندگي جي بار هيٺ پريشان هوندا آهيون ته گهڻو ڪري
اسان جو ڌيان خدا طرف نه هوندو آهي. جڏهن ته الله
تعاليٰ فرمايو آهي: جيڪو اسان جي سامهون آهي:
هوا ۾ اُڏامندڙ پکين کي ڏسو جيڪي نه کيڙن ٿا ۽ نه لڻن ٿا ۽ نه
ڪوٺين ۾ ڪجهه جمع ڪن ٿا، تڏهن به اسان جو (خدا
تعاليٰ) انهن کي کارايون ٿو، ڇا توهان انهن کان
وڌيڪ قدر نٿا رکو.
رزاق ۽ پالڻهار جي هن اطمينان تي يقين جيڪي نه رکندا ته اهي ڀلي
سو سال به زنده رهن پر حقيقي سڪون انهن کي ڪڏهن
نصيب نه ٿيندو.
جيڪڏهن توهان اڄ کان وٺي، اهڙي زندگي بسر ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ
چاهيو ٿا، جنهن ۾ اطمينان، سـُـک ۽ سڪون هجي ته
الله تعاليٰ جي هن دعوت کي قبول ڪيو ته:
”سڀ فڪر مون تي ڇڏي ڏيو ڇو ته مون کي توهان جو فڪر آهي“
ترجمو: نجمه پنهور
پنهنجي پاڻ کي سنڀاليو
تندرستي جي تعريف
تندرستي جي تعريف صرف مرض کان ڇوٽڪارو ڪونهي پر جسماني، ذهني ۽
سماجي طور تي تندرست ۽ چست رهڻو آهي. جسماني طور
تي صحتمند ماڻهو کي پنهنجي جسم جو خيال نٿو رهي،
باقي خيال تڏهن ٿو اچي، جڏهن جسم جي ڪنهن خاص حصي
۾ يا پوري جسم ۾ سور ۽ تڪليف محسوس ڪري ٿو. ان
لاءِ جسماني تندرستي جي علامت ئي اها آهي ته
پنهنجي جسم کي هلڪو ۽ بغير وجود جي محسوس ڪجي.
يوگا مشقون ان سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿيون
۽ جسم جي اندروني پاڪيزگي کي قائم رکي سگهن ٿيون.
ذهني تندرستي مان مراد آهي هڪ طرف لاشعور ۾ توازن جو هجڻ ۽ ٻئي
طرف بيروني دائري جي لاءِ به توازن هجي لاشعور ۾
منجهيل سوالن جا انبار ۽ بگڙيل توازن، سک، ڏک، هار
جيت، ڪاميابي، ناڪامي، بيماري، حادثو وغيره زندگي
۾ ڪنهن سان به پيش اچي ٿو سگهي، پر اهڙين حالتن ۾
فرق سان ردعمل ۾ فرق اچڻ هڪ قدرتي عمل آهي پر اهو
ردعمل مشڪل ۽ غير معمولي هجي، انتهاپسند يا جذباتي
هجڻ وارو رستو اختيار ڪجي ته اُهو ذهني خرابي جي
علامت ٿيندو ۽ سماجي تندرستي تي به اُن جو اثر
پوندو. انسان ذهني طور تي تندرست، طاقتور ۽ متوازن
هجي ته اُن جي قوت ارادي به وڌندي.
جيڪر ذهن منجهيل نه هوندو ته اُن سان ذهني طرح سان خوداعتمادي
وڌندي ۽ قوت ارادي پڻ وڌندي. اُن سان گڏ ماڻهو جي
شخصيت پرڪشش ٿيندي، گهر جو ماحول، ذاتي ڪردار،
ورتاءُ، بلڪه سماجي ڪردار ۽ ورتاءُ به سولو لڳندو.
ان لاءِ قابل تعريف آهي ذهني تندرستي ۽ سماجي
تندرستي جو هجڻ
تندرست جسم تندرست من:
چوندا آهن ته تندرست جسم ۾ تندرست من جو ديرو آهي، ماڻهوءَ تي
قدرتي ماحول جو به اثر آهي، پر اڄڪلهه اسان جو
قدرتي ماحول به ڪيترن ئي جيوڙن سان ڀريل آهي.
صحتمند جسم تي حملو ڪندڙ جيوڙا هوائن سان ملي،
اسان جي ساهه جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿين ٿا.
ملاوٽي شيون، ڪارخانن ۽ گاڏين جو دونهون اهي سڀ شيون ساهه کڻڻ
واري هوا کي خراب ٿيون ڪن، پر قدرت انسان جي جسم
جي اندر ئي انهن کان بچاءَ جو بندوبست به ڪيو آهي.
اگر ماحول ۾ گدلاڻ ۽ جيوڙا آهن ته جسم جي حفاظت
ڪرڻ وارا ڪيترائي ننڍڙا سپاهي به رت جي ڳاڙهن جزن
۾ موجود آهن، ان ڪري جيڪڏهن جسم صحتمند ۽ طاقتور
آهي ته ان جو مقابلو ڪري جراثيمن جو خاتمو ڪري
سگهجي ٿو. سائنسدان نون روڳن کان بچاءُ ۽ علاج جا
طريقا به ڳوليندا رهن ٿا. هن جديد سماج ۾ خاندان
جي حفاظت ۽ پنهنجي صحت جي حفاظت ڪرڻ جو رجحان گهٽ
آهي. محبتون گهٽجي ويون آهن ۽ ماڻهو اڪيلو ٿيندو
پيو وڃي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جيئن تمام گهڻي
مصروفيت، خودغرضي ۽ هر وقت جي مونجهارن دلين ۾
ڪڙاڻ ڀري ڇڏي آهي ۽ اسان ذهني طور بيمارين ڏي وڌي
رهيا آهيون ۽ غير صحتمند جسم اسان جي سماجي ورتاءُ
تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.
اهڙيءَ ريت هر ماڻهوءَ کي پوري طرح صحتمند رهڻ لاءِ، لاپرواهي
سان ڪم نه هلندو. جسماني، ذهني ۽ سماجي طور تي
صحتمند رهڻ جي لاءِ ڪجهه اصول اپنائڻا پوندا. جيئن
ته سٺي خوراڪ، صفائي، ورزش ۽ مناسب آرام جي پابندي
ته بنيادي ضرورتون آهن، انهن اصولن کي روزمره جي
عادت جو حصو بنايو.
پنهنجي صحت جي باري ۾ لاپرواهي قطعي نه ڪرڻ گهرجي. ننڍڙي
بيماريءَ کي معمولي سمجهي نظرانداز به نه ڪجي ڇو
ته توهان جي ٿوري سستي توهان کي وڏو نقصان ڀرائي
سگهي ٿي. علم، اخلاق، خوشي، طاقت ۽ قوت ڪارڪردگي
سڀ توهان جي صحتمند هئڻ تي منحصر آهي. جيڪڏهن
جسماني بيماري ناهي ۽ عام ڪمزوري آهي ته به
لاپرواهي نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪمزوري سان توهان جي
ڪم ڪار ۽ توهان جي ورتاءُ تي به خراب اثر پئجي
سگهي ٿو.
هڪ سهڻي چهري تي مهانگا ميڪ- اپ ۽ مهانگي ڊريس تڏهن ئي ٺهي سگهي
ٿي، جڏهن اسان جو مزاج به سٺو هجي، چڙ وارو موڊ،
سست، مرجهايل چهرو، لٿل منهن يا اداس چهرو، بي
رونق اکيون، اهي ڳالهيون اسان کي پرڪشش هئڻ بدران
مرجهايل ۽ اداس ڏيکارين ٿيون. بيماري جو مطلب آهي
بي چيني ۽ تڪليف، ڏک ڀري زندگي جا ڪڏهن ناڪام،
ناقابل برداشت، بوجهه بڻجي وڃي ۽ انسان خودڪشي ڪري
وجهي، ان لاءِ بهتر آهي پنهنجو پاڻ کي سنڀالجي.
عورتن لاءِ گهر ۽ گهر کان ٻاهر وارين سمورين
ذميوارين کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي
صحت جي سنڀال تمام ضروري آهي . ان لاءِ گهر، ٻار،
مڙس، گهر جا ٻيا ڀاتي بزرگن جي سنڀال به انهن ئي
کي ڪرڻي پوندي آهي. جڏهن سندس ئي گاڏي سهي پٽڙي تي
نه هلندي هوندي ته هوءَ ٻين جون ذميواريون ڪيئن
نڀائي سگهندي.
تنهنڪري توهان جي صحت خاص ڪري گهر جي عورت جو صحتمند هجڻ تمام
لازمي آهي، ڇو ته ان سان گهر جي ٻين ڀاتين جي ذهني
تندرستي قائم رهندي ۽ گهر خوشحال رهندو.
عورت پنهنجي سمجهه، عقل ۽ ڏاهپ سان پنهنجي تندرستي ۽ خوبصورتي
قائم رکي سگهي، ته سمجهو ته هوءَ جيئڻ جو فن ڄاڻي
ٿي. زندگي زندهه رهڻ جي لاءِ آهي. عيش و عشرت ۽
بيمارين ڀوڳڻ لاءِ ناهي. پنهنجي ڪردار کي نکاريو ۽
پنهنجي ذهني جسماني ۽ سماجي تندرستي جو هڪ معيار
قائم ڪريو.
انساني نقطئه نظر سان به ڏٺو وڃي ته پنهنجو خيال رکڻ، تندرست
رهڻ توهان جو بنيادي حق آهي، صحت خريد ڪو نه ٿي
ڪجي، ڪمائي ويندي آهي. بغير ڪنهن محنت جي ڪمائي
ممڪن ڪونهي، ان لاءِ ٿوري محنت سان توهان گهڻو
ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا.
(آشاراني جي ڪتاب تان ورتل)
علي مرتضيٰ ڌاريجو
صحت- علاج
هميشه صحت بابت ڄاڻ رکندا رهو ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪتاب هجي ته اهو
سدائين پاڻ سان گڏ رکو. توهان کي پنهنجي رت جي
گروپ/ قسم، ائلرجي پيدا ڪندڙ دوائن، ذيابيطس سبب
پيدا ٿيندڙ مخصوص حالتن ۾ دل جي روڳن وغيره کان به
هوشيار رهڻ گهرجي. جڏهن اهڙي ڪا لاچاريءَ واري
گهڙي سر مٿان اچي وڃي يا ڪنهن جي مدد ڪرڻي پوي ته
اهڙي ڄاڻ ضرور رکندڙ هجو.
سوپاريون کائيندي رهڻ سان توهان کي وات جي ڪينسر ٿي سگهي ٿي ته
ڏندن ۽ مهارن کي ناقابل علاج نقصان به رسي سگهي
ٿو، جنهن سبب توهان جي شڪل عجيب ڏسڻ ۾ ايندي ته
ماحول ۾ گدلاڻ به ڦهلبي رهبي. ڇاڪاڻ ته رنگين ٿڪون
اڇلائڻ سان نه رڳو جايون خراب ٿين ٿيون ته ٿڪن
رستي ڪيتريون بيماريون جهڙوڪ سلهه به پکڙجي ٿي،
جيڪا هن وقت گهڻي تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
خبردار! هرٽ اٽئڪ جي نشانين کان هوشيار رهو. وچ سيني ۾ پوندڙ
ڀيڪوڙيندڙ، جڪڙيندڙ سور ۽ پوءِ جلد ئي ٻانهن ۽
پٺيءَ ڏانهن وگهرندڙ معدي ۾ پوندڙ تيز سور، غشجڻ،
پگهرجڻ، اوڪارجڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ ۽ جڏهن
بدهاضمو به ٿي پوي تڏهن پيدا ٿيندڙ اهڙين سڀني
نشانين جي حالت ۾ هڪدم ڊاڪٽر سان ملجي.
جڏهن ڳالهائي نه سگهجي ۽ ديد نه پوي. شيون ٻٽيون ڏسڻ ۾ اچن،
مٿي جو اهڙو سور جنهن جو سبب بيان ڪري نه سگهجي ۽
غشي طاري ٿي وڃي ته اهي سڀ اسٽروڪ
(Stroke)
جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون، جن جي ڄاڻ رکڻ ضروري
آهي.
ڏندن جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته انهن کي فلورائيڊ ملندي رهي،
تنهن ڪري رڳو اهي ٽوٿ پيسٽون استعمال ڪرڻ گهرجن،
جن ۾ فلورائيڊ هجي. جڏهن ته اهڙو پاڻي جنهن ۾
فلورائيڊ هجي اهو اڃا تائين سوالي نظرن سان
استعمال ڪيو وڃي ٿو
سوپاريون کائڻ بند ڪريو جو هاڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته اهي وات جي
ڪينسر پيدا ڪري وجهن ٿيون. جيڪڏهن ڪجهه نه ڪجهه
چٻاڙڻ ضرور چاهيو ٿا ته پوءِ ڦوٽو ۽ لونگ چٻاڙڻ
شروع ڪريو، ائين ڪرڻ سان توهان مان ڪجهه نه ڪجهه
چٻاڙڻ جي عادت به آهستي آهستي نڪرندي ويندي.
هروڀرو ضروري ناهي ته ڪسرت ڪرڻ سان توهان جو وزن گهٽجي وڃي،
جڏهن ته ائين ڪرڻ سان رڳو واڌو چرٻي ڳري وڃي ٿي ته
مشڪون ٻلوان ٿين ٿيون.
ايوب کوسو
وحشتناڪ لمحن جا دروزخ
اڻ چيل ڳالهين جو به پنهنجو جسم ٿيندو آ!
وقت ڪنهن به آرسي ۾ پنهنجو چهرو نٿو ڏسي، پر هو خود انسانن جي
چهرن کي آرسيون بڻايو ڇڏي، ڏينهن جي سيني ۾ سج جو
کـُـتل ڀالو ازل کان ابد تائين ڪو سوال آهي!
محرومي جي اکين جي ننڊ ۾ ڪو به خواب ڪونهي. درد وڌوا ٿيل عورت
جو وجود آهي. خواب نيڻن جي ساگر جي ٻيڙي مثل آهن،
عشق اُٿيل اک جي سور جي ابتدا جي ڪٿا آهي، روين ۽
لهجن جي زنجيرن جا ڦٽ حادثن جي ڦٽن کان وڌيڪ
ايذائيندڙ ٿيندا آهن! بيچيني ته هوا جي بدن ۾ به
وسيل آهي، ماڻهوءُ جو بيچين ٿيڻ روايتن جي قانون
خلاف ڪا به نئين بغاوت ناهي!
اکيون چون ٿيون ڪوڪو، چهرو آسمان جي ٻولي هوندو آهي، ڪا، ڪا،
دل بهارن جي جهولي هوندي آهي!
تنهائيءَ ۽ بيخياليءَ جو ديس ننگي عورت جيان ڇو ٿو لڳي!؟ ان جو
جواب مئل ٻار جي بـُـت تي به نٿو ملي! ڌوڙ کي ڪهڙو
درد آهي، جو اُڏندي ٿي رهي!؟ ان جو جواب ڪنهن به
گل جي بدن تي لکيل ڪونهي! ڪو اڪيلو وڻ ئي شايد
ٻڌائي سگهي! عرش جو ڪو، ڪو ستارو ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي
ڇو ڪندو آهي!؟ ڪنهن به عاشق جي اوجاڳي ۾ اڃا ان جو
جواب لکيل يا رکيل ناهي، شايد ڪا جلاوطن موسم ئي
ٻڌائي سگهي!
دل چوي ٿي پرٿوي جا سمورا معصوم يتيم ٻار ساڻ وٺي ڳليءَ ڳليءَ
۾ هوڪو ڏيان، ۽ شخص شخص جو گلو جهلي اهو پـُـڇان،
انصاف ڪٿي آهي!؟ آڪاش ڏي نهاري وڏي واڪ چوان،
عقيدتمند اکين، دلين ۽ روحن جا معبود هيٺ لهي آ، ۽
هنن جا حال پـُـڇ، هنن جا لڙڪ اگهه.
آئون ڄاڻان ٿو: حساسيت اڻ پورائي جي ڌيءَ آهي!
چنڊ جو رستو چڪور کان ڳجهو ڪونهي، پر پوءِ به ڪنهن محبوب جي ٽهڪ
جيئن حسين هوندي به، گهڻو پري آهي! مون کي لڳندو
آهي، منهنجا سمورا لفظ ڪنهن جون اکيون آهن، جيڪي
ڪن اکين ۾ وڃائجي ويون آهن ۽ ننڊ جي رستي تي الئه
جي ڪنهن جون اکيون آهن جيڪي سمهڻ ئي نٿيون ڏين!
چيم! تنهنجين اتاولين اکين جو موهه، جادوگري ۽ راڳ نانگ کي به
بچائي سگهي ٿو. تون گل جي خوشبو جي اُها تنهائي
آهين، جنهن کي خدائي سمجهي ئي نٿي سگهي!
وقت حرامي ٻار جي وجود جيان آهي، جنهن لئه سوال سفر ڪندا رهن
ٿا!
دک عشق جي ابتدا آهي يا انتها!؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ ڪنهن پکيءَ جو
جنم وٺي ئي شايد ڄاڻي سگهجي!
سچ جو سج بدن ۾ کڻي جڏهن ماڻهو دنيا کي ڏسي ٿو ته اُها عورتن جي
دلال ماڻهو جي اکين ۽ مـُـرڪ جيان ٿي لڳي!
عشق اهو ناهي جو ڳاڙهن چپن جون چميون ڦلن جيان ماڻهو لاءِ ڦٽن ۽
ڀاڪرن جي ڀرم کي زندگي ملي! عشق اهو آهي جو آڪاش
تي ستارن هوندي به چنڊ اڪيلو لڳي، هوا ڪنهن جي
ساڙهي جي سر سر جو گمان ڏياري، ستارا نيري جر ۾
ڪنول لڳن، چنڊ کلي چوي "اٿي مون سان هل!" عشق اهو
آهي! باقي جسمن جي واپار جون موسمون ته هلنديون ئي
رهنديون آهن، منافقي ۽ مصلحت پسندي اڄڪلهه ڪاروبار
وارو درجو ماڻي چڪي آهي! ڪا ماءٌ جيئن ڪاغذ مروڙي
سروڙي پنهنجي ٻار جو گند اگهي اُڇلي ڇڏيندي آهي،
صفا ائين ماڻهن جا ذهن ۽ رويا آهن!
وحشتناڪ لمحن جا دوزخ لتاڙڻ جو تجربو اسان ماڻهن لاءِ نئون
ڪونهي!
اسان جن خوابن کان ڪاڳر جي قيمت وڌيڪ چڙهي وئي آهي، شامن جي
سوڳوارين جو شراب اسان کي ڪيئن ۽ ڪيترو بيقرار ڪري
ٿو، ڪاش هي گلابي حسن ڪو ٿورو ئي ڄاڻي سگهي! اسکين
کان چپن ۽ آڱرين جي ڇهاءُ تائين جي موسم جون
سموريون اُميدون ڪنهن شمشان گهاٽ جو ٻارڻ ٿي ويون
آهن! لفظ، اکيون خواب ۽ محبتون اسان لئه ڪائناتون
رهيون آهن، انهن پويان اسان جا ڪي پنڌ اڃا به
اوجاڳن جيان آهن!
پيار جو صبح جهڙو چهرو ڪاراڻ سان ڍڪجي ويندو آهي، تڏهن من جون
موسمون مري وينديون آهن، چاهتيون جڏهن بيوفائي جي
چوٽي تان ڪرنديون آهن، تڏهن دل تازو بمباري ٿيل
بستيءَ جهڙي ويران، تباهه ۽ اُجاڙ ٿي ويندي آهي!
عشق جو اڌ رات جهڙو ياد جيان رهجي وڃڻ ته آسمان ٿو ٽوڙي سگهي،
نه زلزلو ٿو آڻي سگهي، مگر چاهتن جو شهر ويران ڪيو
وڃي، اهو الميو اُس کان به وڌيڪ ساڙيندڙ آهي!
سوچ جي بدن تي گلابن جهڙي جواني اچڻ کان اُن تي پوڙهپڻ جا دؤرا
پوڻ تائين صليبن جو هڪ سفر آهي جيڪو نه ٽٽي ٿو نه
کٽي ٿو!
آئون، مسجد، مندر، ڪليسا، ۽ چرچ جي جنم وٺڻ جا سبب ڄاڻان ٿو!
ڇو جو هر دؤر جا ماڻهو دلين جا مندر، مسجد ۽ چرچ
ڊاهيندا ۽ ٽوڙيندا رهيا آهن، تڏهن ئي انسان خدا جي
وجود تي يقين ڪري پوڄا ۾ پناهه ڀانئي آهي، ڪنهن به
دؤر جي ماڻهو ٻئي ماڻهو جي احساسن کي سمجهڻ جي
ڪوشش ئي ناهي ڪئي، اُتان کان ئي المين جنم ورتو
آهي!
نيرو آسمان جنهن شاعر جو گيت آهي، اهو هر دؤر جي ماڻهو لاءِ
نامڪمل رهيو آهي، اسين ڪيئن ٿا مڪمل ٿي سگهون! اڻ
پورائيءَ جو احساس اسان جي جيئڻ کان اسان جي محبتن
تائين شامل آهي!
اسين سانجهن جي سينڌن ۾ بيقرار موسمن جون ٻٽيون ٻانهون ڏسندا
رهيا آهن، سفر جي ڌوڙ ۾ اسان جا لٽيل چهرا ۽ ڌُنڌ
جي مند ۾ اسان جون لـُـڙاٽيل اکيون، ماڪ سان ڌوتل
صبحن جي چهرن جهڙن پهرن جي پيار لاءِ عجيب چريائين
جي چئونڪن تي ڪجهه ڳولينديون رهنديون آهن! اسان کي
اڪثر ڪنهن ٻار جي رکيل روزي وانگر ٽوڙيو ويو آهي!
عجيب آپگهاتن جي ٻانهن مان نڪرندا ۽ گذرندا رهون ٿا!
اسين نه کٽندڙ سوچ جي ڄار ۾ ڦاٿل ڪنهن ننڍڙي جيو جيئن آهيون! هر
شيءِ هر عمل، اسان جي توقع جي خلاف ٿئي ۽ ٿيندو
پئي رهيو آهي، اڃا تائين اُجري گلاس ۾ پيل وسڪي
جهڙي هر چنچل خوبصورتي جي بدن جي آرسي کي هوس جي
نگاهن جون آڱريون ڇهنديون ٿيون رهن، پوءِ جي اُهي
آرسيون خوشقسمتيءَ سان ميريون ٿيڻ کان بچيو وڃن ته
اُهو انهن جو نئون جنم آهي. جلايل اَجهن، اُجهاميل
سگريٽن جهڙيون جوانيون، شاعرن جي خوابن جهڙيون
سـُـڏڪندڙ موسمون، مجبورين جي صليبن تي لٽڪيل
گلابي جسمن سان ويساهه گهاتيون، خواهشن جي خوابن
جون ڇڪي لاٿل پوتيون، وڪاميل حجاب، ڄڻ ته دؤر جي
منهن تي ڪا، ڪاراڻ آهن، ۽ اسين سڀ ڪجهه چپ چاپ
ڏسندا ٿا رهون، اکيون بند ڪريون ته به اهو تسلسل
هلندو ٿو رهي!
رستن تي شام جو مئخانو کلي پيو آهي، جنهن جي ٻک ۾ ڪيئي مسافر
آهن، جڏهن ته سڪون صرف مٽيءَ جي بدن کي آهي جيڪو
قدمن هيٺان ئي ستل آهي!
ڪهڙي لمحي کي ٻانهن کان جهلي پڇجي ته امن ڪٿي آهي!؟ پيار ڪٿي
آهي!؟ لڳي ٿو وقت صرف پکين جي اکين ۾ رهي ٿو، جيڪي
گيت ڳائن ٿا، اسر جي جواڻ ڀاڪرن مان اُٿي سورج جي
آجيان ڪن ٿا! اسين بڊي جي بادل جيئن ڪڏهن وسون پتو
ڪونهي!
سڄي رات بد ذوقن جي اڳيان نچي اسر جو آرام لاءِ ويٺل ٿڪل ٽٽل
رقاصا جي پيرن کان پري اڇليل گهنگهروئن جهڙيون
نڌڻڪيون اسان جون آشائون پاڻيءَ ۾ ٻـُـڏي ويون
آهن! ڪير ڄاڻي ڪهڙي پل ڪهڙو درد وري ڀاڪر وجهي!!
اسان پنن جي پـُـٺين تي لفظن جا نيٽ وسائي به
نامطمئن آهيون، اڻ پورا آهيون، شروعاتي راتين جي
چنڊ جيان اڌورا آهيون، درد جو دروزخ اسان جي راهن
۾ آهي!
ماڻهو هن ڌرتيءَ تي ڪيترو نه اوپرو ۽ نڌڻڪو آهي، ان جو پتو
تڏهن پئي ٿو، جڏهن شمشان گهاٽن تي سج لهي ٿو، جڏهن
شام ڪربلا جي پـُـڪار بڻجي وڃي ٿي، جڏهن زندگي بي
لباس ٿي وڃي ٿي! جڏهن وقت مسيحا بجاءِ جلاد بڻجي
وڃي ٿو! انتهائن جون اکيون ڏاڍيون ڀيانڪ آهن، سچ
جو زهر پي جيئڻ عجيب تجربو آهي. تنهائي شڪستن جي
چادر آهي، يا شڪستن جو آئينو يا آواز، فيصلو ڪرڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي. زندگي جي اگهاڙين گهڙين جون
رڙيون، سڏ ۽ صدائون ٻـُـڌي بيقراري جون سرحدون
وڌيڪ ڊگهيون ٿي وينديون آهن، لمحا صليب ٿي پوندا
آهن. درد، شڪستن، وڇوڙن ۽ محرومين جو آواز بڻجي
ويندو آهي! ٿر ۾ ڪنهن نئين ٿوهر ڦٽڻ سان ڪو به
ٿرٿلو پيدا نٿو ٿئي، پر زندگي جي صحرا تي درد جي
سج جو ساڙڻ انيڪ سوچن ۽ سپنن کي شهيد ڪري وڃي ٿو!
زندگي ٻيهر جڏهن اکيون کولي ڏسڻ جي لائق ٿئي ٿي ته ساڳيو سج
چمڪندو نظر اچي ٿو! اها ئي زندگي جي المين جي
تاريخ آهي، اها ئي زندگي جي ڪهاڻي آهي!
اسان جنم جنم کان پاڻي تي پوندڙ چنڊ جي پاڇي جيان ليرون ليرون
۽ ڇيهون ڇيهون آهيون، الاءِ جي ڪهڙي جنم ۾ مڪمل
ٿيون! يا ٿيون ئي نه،ڪو پتو ڪونهي!
شاعري
امداد حسيني
اهو ڏينهن
سج کي ساڻ کڻي
تون به آئين هـُـيين جنهن ڏينهن
اُهو ڏينهن اڃا تاءِ اُلهيو ناهي
سامهون ميز مٿان
بند اسڪرپٽ اڃا بند ٿيو پيو آهي
پينَ اُن منجهه کـُـليل پئي آهي!
(دل چئي ٿي ته اُها گفٽ ڪريان مان توکي!)
اُلهندي ڏانهن کـُـليل ڳڙکيءَ جي
گـِـرل مان پار پئي
ترورا تنهنجي پدم پيرن ۾
اُئين ڦان ٿيا پيا آهن سائڻ!
(دل چئي ٿي ته اُهي ترورا ميڙي سيڙي
سينڌ تنهنجيءَ ۾ سجائي ڇڏيان!)
تون اڃا تاءِ اُئين ڪرسيءَ تي
ويٺل آهين ۽ پئي ڳالهائين
۽ ڪنن منجهه اڃا تاءِ وڄن ٿيون
پيون چانديءَ جو سـُـريليون ٽـَـليون!
ترائيل
پتنگ آءٌ نه آهيان نه شمع آهين تون
تڏهن به رات (وهيڻا) جلي رهيا آهيون
للاٽ لاٽ مٿان ٿي پلاند ٺاهين تون
پتنگ آءٌ نه آهيان نه شمع آهين تون!
گهـُـران گهـُـران نه گهـُـران ۽ ڀلي نه چاهين تون،
ڪڏهن تـِـکا ڪڏهن جهيڻا جلي رهيا آهيون،
پتنگ آءٌ نه آهيان نه شمع آهين تون،
تڏهن به رات وهيڻا جلي رهيا آهيون!
ترائيل
تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي،
هو سونُ پگهاريو يا، هو رنگ شفق هاريو!
واهيري ورڻ واري، ڪـَـڻڇيءَ جي صدا آئي
تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي.
اُن وير چپن تي بس، آئي ته دُعا آئي،
۽ شام جي تاري سان، تو پاڻ ڏيو ٻاريو!
تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي،
هو سونُ پگهاريو يا، هو رنگ شفق هاريو!
رجب ٻگهيو
غزل
اُلفت جو اظهار ڪري ٿي،
دلڙي ڏس بيزار ڪري ٿي
ڪيئن چوان هڪ وار ڪري ٿي!
روز نئون جو پيار ڪري ٿي.
جڳ جي ريت نه ڄاڻي پوءِ ڀي،
جنهن ڪنهن تي اعتبار ڪري ٿي.
هير ڏکڻ جي شام لهي ٿي،
شهر سڄو هـُـٻڪار ڪري ٿي.
آس پکي جيان اُڏري تو وٽ،
تنهنجي در ديدار ڪري ٿي.
ڪارڊ، گل ڪتاب ۽ خوشبو
سالگرهه تي سار ڪري ٿي.
ساگر سرتومل روپاڻي
غزل
گهنگهور گهٽائن جو گـُـڙڪڻ پري آ،
بادل! اڃا تنهنجو برسڻ پري آ.
ڪيڏا ڪاري رات راڱا ڏنا هن،
اڃا اوشاديويءَ جو مرڪڻ پري آ.
ڪڪورجڻ لئه تڙپيو آ روح جو راڻو،
طلسمي ڪاڪ جو ٽڙڪڻ پري آ.
ڪيڏو مڌ موکي اوتيو آ متارا!
پر اوهان جي جام جو ڇلڪڻ پري آ.
ڀلي پيا ٿا پوڄيون، صدين کان ساگر!
درگا جي دل جو ڌڙڪڻ پري آ.
امداد علي گوپانگ
ائين ته نه ٿي!
تون ته لهرن جهڙي آهن،
تڏهن ٿي دل ۾ اڌما کائين،
ائين ته نه ٿي! ڇوليون وينديون موٽي!
مان ڪناري جيان ٿي ويندس.
تون ته بادل جهڙي آهين،
ڪجهه پهر ڇانو ڏيندين،
ائين ته نه ٿي! بادل پوندا برسي،
مان واريءَ جيان ٿي ويندس!
تون ته چانڊوڪي جهڙي آهين،
رات جو به ٿي جرڪي پوين،
ائين ته نه ٿي! رات ويندي کٽي،
مان تاريڪي جيان ٿي ويندس.
تون ته خوشبوءَ جهڙي آهين،
گل جي تازگيءَ تائين رهندين،
ائين ته نه ٿي! گل ويندا مرجهائجي،
مان سڪل پتن جيان ٿي ويندس.
تون ته پارس جهڙي آهين،
توکي ڇهڻ نه ٿو چاهيان مان،
ائين ته نه ٿي! احساس جو ختم ٿي وڃن،
مان سون جو، ٿي ويندس.
بس دل ٿي جان ۾ ڌڙڪندي رهه،
تنهنجي هجڻ سان مان به هجان،
ائين ٿي! جڏهن به تون خاموش ٿئين،
مان به موت جي آغوش ۾ هليو اچان.
شوڪت علي ڌماچ
وائي
چنڊ تڪي تو ڏي،
سرتا، ٿڪجي ئي نٿو.
چريون منهنجون چاهتون،
روح ڇڪي تو ڏي-
سرتا، ٿڪجي ئي نٿو.
روز ڌڪارين پوءِ به تو،
ڪير اچي تو ڏي-
سرتا، ٿڪجي ئي نٿو.
دل پيئي دعائون ڏئي،
خير هجي تو ڏي-
سرتا، ٿڪجي ئي نٿو.
"شوڪت" ويهي روز ٿو،
پتر لکي توڏي-
سرتا، ٿڪجي ئي نٿو.
بخت عابد
آزاد نظم
"پوڄا"
تون منهنجي من مندر ۾
جهاتي پائي،
ڏسين ته
توکي منهنجي
شيشهءِ دل ۾،
پنهنجي تصوير نظر ايندي،
جنهن جي
مان ازل کان
پوڄا
ڪندو رهان ٿو
پر، ڪاش!
تون ڏسين.
قلب سومرو
(نظم)
"خوشي"
خوشي ڇا آهي؟
شايد معصوم جي مـُـرڪ آهي!
يا وري دلين جي ڪسڪ آهي!
شايد شباب جي جهلڪ آهي!
يا وري مـُـکڙين مٿان ماڪ آهي!
شايد پنهنجائپ جي مهڪ آهي!
يا وري سڪ جي سـُـرڪ آهي!
شايد غمن کان روڪ آهي!
يا وري سـُـورن مٿان ٽوڪ آهي!
ڇا خوشي ٽهڪن جو نانءُ آهي؟
يا وري مڌ ڀريل ڪو ٿانءُ آهي؟
ڇا خوشي بهار جي بوند آهي؟
يا وري ڏکن جي اَڻ هوند آهي؟
ڇا خوشي آسائش جي ڀرمار آهي؟
ڇا خوشي کاڌن ۽ خوراڪ ۾ آهي؟
يا ڏاڍ، ظلم ۽ حاڪ ۾ آهي؟
آخر خوشي ڇا آهي؟
خوشي ته اُهو جذبو آهي،
جو دل منجهارؤن کنڀيءَ جان،
ازخود ٽڙي پوندو آهي،
جڏ من جي چيڪي مٽيءَ تي،
مهر جو مينهن وسندو آهي،
۽ خوشي ته اُهو جذبو آهي،
جو دل منجهارؤن اُن پنڇيءَ جان،
مٺڙو ٻولي اُڏندو آهي،
جو چنڊ ڏانهن ويندي،
چانڊوڪيءَ ۾ ڪڏندو آهي.
***
ڪنول محمد يوسف ڪپري
(مرڪي تون هڪ وار ڏسين)
اڄ
تون جيڪر
اچي،
هي منهنجون
لڙڪن
لارون
ڏسين، رت
جا ڳوڙها،
پيار
پڪارون
ڏسين،
کولي
اندر جا
سڀ تاڪ
من ميارون
ڏسين،
سڀ
پاڻي
ليڪي جيئن
ڊهي ويندا
مٺڙي،
فقط مونڏي
مـُـرڪي تون
هڪ وار
ڏسين!
عبدالحميد آس ٻٻر
غزل
ويجهڙو رڳي تنهنجو گهر آهي،
هونئن، "جوهي" به ڪو شهر آهي.
پاڻ لئه پو به گهڻي مشڪل آ،
زندگي توڙي مختصر آهي.
مان اُتي دل- اکيون رکي آيس،
جنهن گهٽي ساڻ تنهنجو گهر آهي.
هٿ بتي، ساٿ تنهنجي يادن ۾،
زندگي اونداهه جو سفر آهي.
شاعري! هونئن شراب ڪو نه آهي،
چپ- پيالي جو ڪجهه اثر آهي.
آءٌ، ڪـُـڙمي جا پير ۽ جيون،
جـُـون جي منجهند جو پهر آهي.
ساگر ڀٽي
(بيت)
واعدا سڀئي وساري، لڌيون هـُـن لائون،
آڳ منجهه سڙي، ويون سڀ آشائون،
هاءِ! منهنجون دعائون، قبول ڪا نه پيون.
ساروڻين جا پنڇي، دل ڍنڍ تي وريا،
اکڙين منجهان ڪنول، ڳوڙهن جا ڪريا،
هينئڙي منجهه هريا، تنهنجا ٻول سـُـپرين!
هوءَ منهنجي لاءِ پاڻ، سنواريندي آهي،
سـُـڌ آهي مون کي، ڪيڏو ٿي چاهي،
رسمون سڀ ڊاهي، ايندي آهه اڌ رات جو.
***
فضه غزل
غزل
پويان تنهنجي ڏس هلي ها مان،
تنهنجي پيرن جي نشانن تان
سـُـرهاڻ ٿي ويو سارو رستو،
تون گذريو آهين جتان.
ڪا به توکان آ ملي مون کي خوشي،
پيار! اهڙو ڪو نه مليو آ ڪٿان.
ذهن ٻئي لاءِ ڀلا ڪيئن سوچي،
پهرا تنهنجا هن سوچن مٿان.
ٿي سمجهان مون سان گڏ آهين،
۽ هاڻ هليو ويو آهين هتان.
***
روشن
گهانگهرو
نظم
پيار جي پين ۾ خون دل جو ڀري،
روز دردن ڀريا ڪو ٿو دوکا لکي.
ڇڏ دنيا کي او مورک! هلي آ مٿي،
ڄڻ ڪو آڪاش کان ٿو عطارد سڏي.
برهه جي باهه ۾ دل ائين ٿي ڪڙهي،
جيئن ڪو آتش فشان پيو اندر ۾ ٻري.
پيار جي ويس ۾ پنهنجي ئي ديس ۾،
ٿيون ٺٺوليون ٿين، سوچ سنگسار ٿي.
ڪنهن کي هڪ ئي قدم سان منزل ملي،
ڪو حياتي سڄي ٿو هوا سان هلي.
توکان وڇڙي پرين! درد دل جا لکيم،
لوڪ سارو پيو مون کي شاعر سڏي.
جو به ٿيڻو آ سو ٿيندو آخر مٺا!
ڪير ٿو حالتن جي ستم کان بچي!؟
ميڪدو بند مسجد کي تالو مگر،
دور ديپڪ پيو ٿي مندر ۾ ٻري.
هونءَ نه تخليق "روشن" ٿي سرجي ڪڏهن،
جي ٿو الهام ٿئي پو ٿي رچنا رچي.
سجاد ميراڻي
وائي
اجرڪ جي چولي ۾،
ڪيڏي ٿي ٺهين.
لب مهراڻ تي سانوري،
سرتين جي ٽولي ۾،
ڪيڏي ٿي ٺهين.
منهنجي سنڌڙي سانئڻ،
ڌرتيءَ جي گولي ۾،
ڪيڏي ٿي ٺهين.
ڇو نه مان توکي ڳايان،
ساز سريلي ۾.
ڪيڏي ٿي ٺهين.
***
عظميٰ پنهور
جهڙي سونهن سندياس
ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته ماڻهو توهان جو چهرو ڏسن ٿا، توهان جي
خوبصورت چهري کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪجهه
تجويزون ۽ مفيد مشورا کڻي حاضر آهيون، جن تي عمل
ڪرڻ سان توهان وڌيڪ خوبصورت بنجي وينديون. خاص ڪري
اُهي ڀيڻون جيڪي ملازمت ٿيون ڪن ۽ سڄي ڏينهن جي ڪم
ڪار دؤران نه ته کين پنهنجو هوش رهي ٿو ۽ نه
پنهنجي چمڙيءَ جو ان ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي محنت سان
توهان سالن جي سونهن خريد ڪري سگهون ٿيون.
توهان چاهيو ٿيون ته ميڪ- اپ کانسواءِ ئي توهان خوبصورت ۽ دلڪش
نظر اچو ته ان لاءِ هنن مشورن تي عمل ڪريو.
اکين جي هيٺيان ڪارا نشان
اکين جي هيٺيان هلڪا ڪا بيماري ڪونهي نه ئي ڪو مسئلو آهي پر عام
صحت جي خرابي جي ڪري به ائين ٿي سگهي ٿو، گهڻو ڪري
غذا جي ڪمي جي ڪري به اهي نشان ٿي سگهن ٿا، حمل جي
دؤران غذا اڻپوري هئڻ ڪري به چهري تي ڇانئيون ۽
اکين جي هيٺان ڪارا نشان ٿيندا آهن، ان لاءِ سڀ
کان پهرين پنهنجي غذا کي بهتر کان بهتر ڪريو.
ڇانئين کي لڪائڻ لاءِ وائيٽنگ ڪريم استعمال ڪريو.
ڪڏهن ته گهڻو جاڳڻ جي ڪري ۽ گهڻي دير تائين پڙهڻ جي ڪري، اکين
جي ٿڪڻ سبب اکين جي هيٺان ڪارا نشان پئجي سگهن ٿا.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اکيون نه ٿڪجن ته ان
لاءِ روشني جو انتظام سهي رکو، ۽ پوءِ پڙهائي
ڪريو، ۽ گهڻي دير تائين نه جاڳڻ گهرجي ۽ سٺي ننڊ
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ڪنهن به پريشاني ۾ ٽينشن نه
وٺڻ کپي ڇو ته ان سان چهري تي تمام خراب اثر پئجي
سگهي ٿو.
سڄي چهري تي داغ ۽ نشان
سڄي چهري تي داغ ۽ نشان خوراڪ جي ڪمي جي ڪري ٿي سگهن ٿا، يا
ڪنهن بيماري کانپوءِ سڄو چهرو ڇانئين ۽ مختلف
نشانن سان ڀرجي ٿو وڃي، ته سٺي خوراڪ سان گڏ فيس
پيڪ يا چهري جو ليپ مفيد رهندو. اهڙي ڪا پريشاني
نه به هجي، تڏهن به رنگ روپ نکارڻ جي لاءِ پندرهن
ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو فيشل ڪرڻ مفيد علاج آهي. ان
کانسواءِ گهريلو نسخا به مفيد آهن.
بيسڻ ٻه چمچا، ڪريم يا ملائي هڪ ننڍو چمچو هيڊ چپٽي کن، انهن
شين کي چڱي ريت ملائي (چهري کي ڪنهن ڪليئرنگ ڪريم
سان صاف ڪري) اکين تي ڪپهه جا پها رکو ۽ باقي سڄي
چهري تي انهن شين جو ليپ هڻو، ڳچي سميت، ڏهه منٽن
تائين خاموش ويٺا رهو، ليپ هئڻ کانپوءِ کلڻ ۽
ڳالهائڻ بلڪل نه گهرجي، ڏهن منٽن کانپوءِ پاڻي سان
چهري کي ڌوئي ڇڏيو.
ٿورو ميٽ، چندن جو چورو، گليسرين ۽ گلاب جو پاڻي ڪجهه چمچا، اهي
سڀ شيون ملائي ليپ ٺاهيو اهو به هڪ قسم جو ماسڪ
ٿيو، ليپ هڻڻ جو طريقو ساڳيو آهي.
داغ نشان مٽائي رنگ صاف ڪرڻ لاءِ هي ليپ يا ماسڪ مفيد آهي، هي
ٻئي طريقا خشڪ چمڙيءَ جي لاءِ آهن، جيڪر چمڙي چڪني
آهي ته هي ٻئي طريقا ڪريم ۽ گليسرين ملائي استعمال
۾ آڻيو، پاڻي جي جڳهه تي ونگي جو رس چڪني چمڙي جي
لاءِ مفيد آهي، اسڪن ٽانڪ جي حالت ۾ خشڪ چمڙي جي
ماسڪ ۾ بيدي جي صرف زردي ملائجي ۽ عام چمڙي جي
لاءِ بيدي جي اڇاڻ ۽ زردي ٻئي استعمال ڪجن.
***
برکا پنهور
رڌ پچاءُ
نان ختائي
گهربل شيون:
ميدو = اڌ ڪلو
کنڊ سنهي پيٺل = اڌ ڪلو
ننڍا ڦوٽا= 6 عدد
بيڪنگ پائونڊر = اڌ چمچو
لوڻ = چپٽي کن
بادام = ٻارنهن عدد، ڇلي سنها ڪٽيو
گيهه = هڪ پيالي
ترڪيب:- سڀ کان پهرين ميدو ڇاڻي، ان ۾ گيهه، کنڊ، ڦوٽا ۽ بيڪنگ
پائونڊر ملائي چڱيءَ طرح ڳوهيو، هاڻ ان کي ٿلهو
ڪري ويليو ۽ ننڍيون ننڍيون ٽڪيون ٺاهيو (نان ختائي
جي سائيز جون) هاڻ ان جي مٿان بادام لڳائي اووَن ۾
وچولي درجه حرارت تي رکي 25 کان 30 منٽ بيڪ ڪريو،
توهان جون نان ختايون تيار آهن.
مغز جا ڪباب
گهربل شيون:
مغز = اڌ ڪلو
ٿوم ۽ ادرڪ ٻه چمچا
ساوا ڌاڻا= هڪ لڇي
ساوا مرچ = ست عدد
بيدو= هڪ عدد
تيل/گيهه = اڌ ڪوپ
پيٺل پپيتو= ٽي چمچا
لوڻ= حسب ذائقه
مرچ= حسب ذائقه.
ترڪيب:- مغز کي پاڻي ۾ پنج منٽن تائين اٻاريو، ۽ ان ۾ سمورو
مصالحو ملايو ۽ ڪباب جي شڪل جا گول يا چوڪور
ٺاهيو، انهن ڪبابن کي بيدي ۾ ٻوڙي فرائي ڪريو،
سلاد سان گڏ پيش ڪريو، کٽن ڏاڙهن جي چٽڻي يا
گدامڙي جي چٽڻي سان پيش ڪريو، مزيدار ٿيندا.
**
پسند پنهنجي پنهنجي
موتيا- حيدرآباد
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، ڪوپا ڪڍجان ڪينڪي
همت وارو هيج مان ثابت سندرو ٻنڌ،
پيءُ پيالو پر ڪري، مڙسيءَ وارو منڌ
لاهج لاک انهن جي، آه جنين کي انڌ،
صدقي ڪر تون سنڌ تان، انگ انگ ۽ سنڌ سنڌ،
"آصف" آزاديءَ جو حاصل ٿيندو هنڌ،
پري آهي پنڌ، اٿ ته ماڻين منزلون.
شهيد احمد خان آصف
پرهه بلوچ- ڪراچي
تون جي ملي پئين مون کي مٺڙي،
ٻيو نه مون کي ڪو پارس گهرجي،
تون جي پوکين جاڳ اکين ۾،
مون کي ننڊ نه آرس گهرجي.
احمد
سولنگي
***
ثريا مصراڻي- شهدادپور
نه (جانان) ملين ها، نه ڀٽڪان گليون ها،
نه ئي درد جون ٿي وڌان مان وليون ها،
اکين جي اڳيان جي هجر ۾ هجين ها،
ته گڏجي ڏکن جي ڳجهارت سليون ها.
اسين ساهه هاسين سريو پل نه پنهنجو،
جي بادل هجون ها وسي دل پليون ها.
وسيم سومرو
علي بابا پنهور - حيدرآباد
درد جي شام آ سج ويندو لهي،
واءُ ۾ آهه ڪا ڳالهڙي اَڻ ڪهي!
ڪيئن زنجير هـُـن تي پيا پيار جا،
ڪا گهڙي ڪا نه مون کان سوا ٿي رَهي.
شيخ اياز
باک راڻي- ڄام شورو
ڪير ڄاڻي ته مون لکيا ڪنهن لاءِ،
نظم، جن ۾ نهار آ ڪائي،
ڪير ڄاڻي ته مون رچيا آهن،
گيت ڪهڙا الاءِ ڪنهن جي لاءِ،
ڪهڙي اهڙي پرائي پنهنجي لاءِ،
ٿو رهان بيقرار جنهن جي لاءِ.
امداد حسيني
برکا نياز- حيدرآباد
منهنجي اکڙين ۾ خواب ڪونهي ڪو،
چند سوالن جو جواب ڪونهي ڪو،
منهنجي هڪڙي خطا بس تو لاءِ ڏکي،
تنهنجي هيڏين خطائن جو حساب ڪونهي ڪو.
سلميٰ پنهور
قرت العين عباسي- لاڙڪاڻو
ڪيئن چوان ته هن مون کي ڇڏي ڏنو،
ڳالهه ته سچي آ، پر ڳالهه آهي، رسوائي جي،
تنهنجو دامن، تنهنجي دل جيان آباد هجي!
بس اهيائي دُعا آهي، منهنجي تنهائي جي.
پروين شاڪر
ارم عباسي- لاڙڪاڻو
پرين پسڻ ڪاڻ واجهايان واهون،
سدا سپرين لاءِ دل اندر دانهون،
اهي منهنجون آهون، اڄ بادل بنجي آيون.
يوسف شاهين
***
صنم عباسي- لاڙڪاڻو
منهنجو پيار وساري ڇڏجان،
پنهنجو نينهن اجاري ڇڏجان،
باک ڦٽيءَ جو اکيون مهٽي،
رات جا سپنا واري ڇڏجان.
ذوالفقار سيال
صوفيه ميرجت- ٽنڊو الهيار
چيائين تون ته ڪو درويش ماڻهو آن،
اسان جي محفلن جي توکي خبر ڪهڙي،
وراڻيم تون به ڪو بي درد ماڻهو آن،
اسان جي مشڪلن جي توکي خبر ڪهڙي؟
استاد بخاري
انيل ڪمار مهيشوري - جهڏو
ڇني گل گلاب جا، ڌارون ڪيئي ڌار،
اڙي موت، ميار ايڏي ساڙ سڳنڌ سان.
شيخ اياز
شگفته سومرو- ڪراچي
ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي،
ڪڏهن محب ملندين ملاقات ٿيندي،
ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪل ڪڪر ڇانوَ ٿيندي،
ڪڏهن ورندين بادل ٿي برسات ٿيندي.
"وفا" پلي
سيما ممتاز عباسي
سلسلو اچو ته ڊائري لکون.
مون پنهنجي ڊائري جي پهرين صفحي تي امر جليل جي
ڪهاڻي "جنم" مان هڪ ٽڪرو لکي ڇڏيو آهي:
اسين زندگيءَ ۾ جيڪي
ڪجهه ڏسندا آهيون ۽
انهيءَ کي محسوس ڪندا
آهيون، سو ڌرتيءَ جي
حوالي سان ڏسندا ۽
اُن کي محسوس ڪندا
آهيون، جيڪڏهن ائين
نه هجي ها، ته پوءِ
جيڪر پنهنجي ٽئين
وجود کي مان ٽيڪسيلا
۾ ٻڌمت جي ويران کنڊرن
۾ ضرور ڏسان ها! فقط
انسان جلاوطن نه ٿيندا
آهن پر عبادتگاهه، درسگاهه
شهر ۽ يادگار به جلاوطن
ٿي ويندا آهن.
جبار تاثير سومرو
ماءُ جا لڙڪ
ڪالهه!
ڪونڌر جي ڪـُـٺا
تو به ڏٺا، مون به ڏٺا،
جن جي، هٿڙن تي نه ڪا ميندي هئي نه هين موڙ مٿي تي
ڪو زمانو هو جو،
سنڌوءَ ۾ پئي لاش لـُـڙهيا
اڄ ته
هر چئونڪ تي،
هر گهيڙ ۽ گهٽيءَ ۾
لاشن جا ته انبار لڳا پيا هن،
انسان جي عظمت جو ڇا حال ٿيو!
ڪيئي لاش، اداس لاش، سرد لاش، ابتا سبتا
ٻورين ۽ کٿن ۾ ابتدا سڌا پيل پيا ڏسجن.
ڪنهن جي اکڙين ۾ هن لڙڪ ته ڪو وري مـُـرڪي پيو
بس! هڪ ماءُ ئي آهي
جيڪا پنهنجا لڙڪ لڪائي ڪا نه ٿي سگهي.
***
غلام نبي شاد
آزاد نظم
ها،
هوءَ مري وئي،
ها ان کي مرڻ گهرجي.
ڇو جو مائٽن تي،
بوجهه بنيل هئي
ڪنواري هئي،
بيمار هئي
ٽيبي هيس
سٺو ٿيو
وئي مري،
مليس نجات
غمن کان.
***
ايڊيٽر ڏانهن
خط
مانواري ايڊيٽر صاحبه!
هڪ سنڌي رسالو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.
توهان جو "سرتيون" ماهوار مئگزين مون پهريون دفعو پڙهيو، مون کي
تمام سٺو لڳو، دل چيو ته اهڙي سٺي رسالي ۾ منهنجي
به ڪا ننڍي ڪاوش ڇپجي، سو آءٌ هڪ غزل موڪلي رهي
آهيان اُميد ته ان کي شايع ڪندا.
ٻيو هڪڙو ننڍڙو مشورو ته توهان هن رسالي جا نمائندا مقرر ڪيو،
هر هڪ ڪاليج ۾، جيئن اهو رسالو هر هڪ هٿ ۾ نظر
اچي. آءٌ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
M.B.B.S (4th year)
۾ پڙهي رهي آهيان. اسان ته هي هينئر ڏٺو آهي. ڪوشش
ڪندا ته هاڻي اسان وٽ هر مهيني پهچندو رهي.
حفصه الطاف
جواب: محترمه ڀيڻ خط لکڻ ۽ مواد موڪڻ لاءِ لک لائق. اوهان جي
شاعري ايندڙ شماري ۾ يقينن هلائبي. "سرتيون" رسالي
لاءِ نمائندا مقرر ڪرڻ واري اوهان جي تجويز نوٽ
ڪئي وئي آهي.
مانواري ڀيڻ!
رسالي "سرتيون" جو نئون پڙهندڙ آهيان. خط پهريون دفعو لکي رهيو
آهيان، اُميد ته شايع ڪندا. سيپٽمبر 1996ع جو
رسالو هڪ دوست کي هٿ ۾ ڏٺم، ۽ ان کان وٺي پڙهيم،
تمام گهڻو وڻيو. "بخل ۽ دوست سان محبت"، "ڪهاڻي/
"لڙائي ۽ بک" ترجمو فردوس شاهي، ڪهاڻي "مقناطيس"،
"سنڌ ۾ موتين جي پوچ جو هنر" مهرالنساءِ مهر
پروين، "سنڌيءَ ّ ۾ جمالياتي شاعري" شمشير
الحيدري، ڪهاڻي "ٽي پٿر" ترجمو غلام مصطفيٰ
سولنگي، ڪهاڻي "اصل ڌاڙو" قلب سومرو، "تشدد ٻارن
کي نفسياتي مريض بنائي ٿو" نجمه پنهور، "جياپي جو
نظم" تمام پسند آيا.
محمد يامين لنڊ بلوچ
جواب: محترم ڀاءُ، رسالو "سرتيون" پڙهي، تفصيلي خط لکڻ لاءِ
مهرباني. اُميد ٿي ڪجي ته آئينده به اهو تعاون
جاري رکندا.
مانواري ڀيڻ!
جيئن ته اوهان جو رسالو "سرتيون" هر مهيني پابنديءَ سان پڙهندو
آهيان. پر هڪ شڪايت ته رسالو دير سان اچي ٿو، سو
مهرباني ڪري رسالو ٽائيم سان موڪليندا. ماهه
سيپٽمبر جو رسالو جنهن ۾ "بخل ۽ دولت سان محبت"
امام غزالي دين محمد اديب، ڪهاڻي "لڙائي ۽ بک"
ترجمو فردوس شاهي، "سنڌ ۾ موتين جي پوچ جو هنر"
مهرالنساءِ مهر پروين، ڪهاڻي ٽي ڀتر غلام مصطفيٰ
سولنگي، ڪهاڻي/ "اصل ڌاڙو" قلب سومرو، تشدد ٻارن
کي نفسياتي مريض بنائي ٿو، ترجمو نجمه پنهور،
"مظهر السلام جون سفر ڪهاڻيون"، "سيما ممتاز
عباسي، ڪهاڻي "زندگيءَ کان آزاد"، امر اوڏو، بيحد
پسند آيون، ۽ شاعري ۾ امين اڏيرائي، پريم پتافي،
حبيب ساجد، تبسم شوڪت، ممتاز سراج عباسي ۽ مشتاق
گبول پسند آيا.
"وفا" منير احمد ٿهيم
جواب: محترم ڀاءُ، رسالي لاءِ تفصيلي خط لکڻ لاءِ لک ٿورا.
اوهان کي شڪايت آهي ته رسالو دير سان مارڪيٽ ۾ اچي
ٿو، جنهن لاءِ معذرت خواهه آهيون. واضح رهي ته ڪن
ٽيڪنيڪل سببن ڪري ائين ٿئي ٿو. بهرحال، اسان ڪوشش
ڪنداسين ته رسالو اوهان کي وقت سر ملي.
محترمه ڀيڻ!
ماهوار سرتيون لاءِ هڪ غزل ارسال ڪري رهيو آهيان، اُميد ته ڪنهن
شماري ۾ شايع ڪري ٿورائتو ڪندا.
بشير سيتائي
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني. اوهان جو
غزل معياري آهي، تنهن ڪري يقينن شايع ڪبو.
محترمه ايڊيٽر!
ماهوار "سرتيون" پڙهڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن دوست کان وٺندو آهيان ته
ڪڏهن وري پاڻ خريد ڪندو آهيان. هن ڀيري واري پرچي
۾ ڪهاڻيون توڙي شاعري ڏاڍي پسند آئي. ڪهاڻين ۾
سڀني کان وڌيڪ محترمه فرزانه ڪنول بلوچ جي ڪهاڻي
متاثر ڪيو.
ادي مان پنهنجي نڪور شاعري اماڻيان پيو، انهيءَ اُميد سان ته
شايع ڪري ٿورائتو ڪنديون.
پتافي نياز، ٽيڪنيڪل ڪاليج، خيرپور.
جواب: محترم ڀاءُ، سرتيون کي پڙهڻ ۽ خط لکڻ لاءِ لک احسان.
اوهان جو مواد پهتل آهي، جيڪو جلد شايع ڪنداسين.
محترمه ايڊيٽر!
ماهوار "سرتيون" جو پرچو هٿن ۾ آهي. محترم شمشير الحيدري جو
لکيل مضمون "سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعري" بيحد پسند
آيو.
پشتو ادب مان چونڊ ڪهاڻيءَ به تمام خوبصورت تاثر ڇڏيو.
"تشدد" جي عنوان سان تحرير هڪ حقيقت جيان هئي؟
شاعري ۾ ڪو به شاعر معياري نه هو! خطن واري سلسلي ۾ ساگر سرتومل
روپاڻي، سلسليوار ناول هلائڻ جي اپيل ڪئي آهي،
آئون دوست کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ناول ۾ ڪهڙي شيءِ
معياري آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته ناول هروڀرو وقت جو
زيان آهي، ان جي جاءِ تي ٻي ڪا سٺي لکڻي ڏيندا
ڪريو ته بهتر. آخر ۾ عرض ته آئون پنهنجو غزل اماڻي
رهيو آهيان، مهرباني ڪري ضرور شامل ڪندا؟
اصغر علي سنڌي، جهڏو.
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ لاءِ لک لائق. اوهان جي خط مان ظاهر
آهي ته اوهان کي نثري ادب وڻيو، باقي شاعري متاثر
نه ڪيو. بهرحال، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسين
پڙهندڙن کي سٺي کان سٺي شيءِ ڏيون. ٻيو ته
سلسليوار ناول "جنين ڪاڻ مياس...!" کي ٻيهر هلائڻ
لاءِ اسان کي ڪافي خط مليا آهن، ان ڪري اسين ٻيهر
سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي لاءِ
سڀئي پڙهندڙ برابر آهن ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي
راءِ ڏيڻ جو هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو حق آهي.
مانائتي ايڊيٽر!
اوهان جي خدمت ۾ شاعري موڪلي رهيو آهيان، هن کان اڳ به "سرتيون"
لاءِ مواد موڪليل آهي، اُميد ته شايع ڪنديون.
مشتاق بخاري
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني. اوهان جو
"وڏو اديب" جي عنوان سان مواد پهتل آهي، جيڪو اسين
شايع نه ڪري سگهنداسين، باقي تازي مليل شاعري ضرور
هلائبي.
مانواري ادي!
غزل اماڻيان پيو، همت افزائي ڪندا.
رعايت ڪپري
جواب: محترم ڀاءُ، غزل موڪلڻ لاءِ مهرباني. اوهان جي همت افزائي
ڪرڻ لاءِ سوچينداسين.
مانواري ڀيڻ!
ذاتي مصروفيتن سبب سرتيون لاءِ ڪجهه مواد موڪلي نه سگهيس.
بهرحال، تازو خليل جبران جا خط اردو ۾ ملي ويا،
انهن مان سندس محبوبه ڏانهن لکيل خط ترجمو ڪري
موڪلي رهيو آهيان، جيڪي اهم ادبي خط آهن. ان سان
گڏ پنهنجي هڪ عدد وائي به موڪلي رهيو آهيان. اُميد
ته شايع ڪنديون.
ممتاز لوهار
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ لک ٿورا. اُميد ته
اوهان جو مواد ايندڙ شماري ۾ شايع ڪنداسين.
مانواري ايڊيٽر!
جيئن ته توهان جي نگرانيءَ ۾ نڪرندڙ "سرتيون" مطالعي جي ميز تي
ٻين ماهوار رسالن سان گڏوگڏ، مطالعي هيٺ رهي ٿو.
ڪافي وقت کان پئي سوچيم ته پنهنجو مواد توهان
ڏانهن موڪليان. ان سنبت ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ مون هڪ
مضمون "ڏسائن جي ڏيهه ۾ عورت جي ڪٿا" لکيو هو،
جيتوڻيڪ ان مضمون ۾ اڃا به ڪي پاسا رهجي ويا آهن،
سي پورا نه ڪري سگهيس. بهرحال اهو مضمون موڪلي
رهيو آهيان، مناسب سمجهو ته پنهنجي پرچي ۾ ان کي
جاءِ ڏيندا ته مهرباني ٿيندي. اُميد ته هاڻي خط و
ڪتابت جو سلسلو باقاعده جاري رکبو.
مولا بخش ڪاڪا، ڀليڏنو ڪاڪا.
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ ٿورائتا آهيون.
اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته وڌ ۾ وڌ ليکڪن کي
سرتيون ۾ شامل ڪيون، ان ڪري اوهين اطمينان رکندا
ته اوهان جو مواد شايع ٿيندو.
محترمه ڀيڻ!
ماهوار "سرتيون" سيپٽمبر جو شمارو منهنجي نظرن مان گذريو، سو دل
چاهيو ته توهان جي خدمت ۾ ڪجهه لکي موڪليان. اوهان
جن سلسلن جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن اهي سلسلا
پنهنجي معيار مطابق هلائيندا رهو ته "سرتيون" کي
چار چنڊ لڳي ويندا.
شمشير الحيدري، عبدالرحمان جتوئي، امام غزالي جا مضمون تمام
گهڻا معلوماتي ۽ دلچسپ آهن. باقي ٻين مضمونن کي
گهٽائي شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ واڌارو آڻي، تنقيدي ۽
اڀياسي مضمون هلايو ته بهتر. شاعريءَ ۾ امين
اڏيرائي، غلام محمد، عادل عباسي، غلام مصطفيٰ
مشتاق، منظور قادر، شازيه عارب ۽ آغا زائر پنهنجو
پاڻ ملهايو آهي.
رسالي جا صفحا وڌايو، ايڊيٽوريل ٻهراڙين جي مسئلن ۽ عورتن تي
لکو ته سٺو ٿئي.
پنهنجي شاعري موڪلي رهيو آهيان، اُميد ته "سرتيون" جي ڪنهن ڪنڊ
۾ شايع ڪري، مانائتي موٽ ڏيندا.
خاڪي جاني.
جواب: محترم ڀاءُ، تفصيلي خط لکڻ، رسالي جي چڱاين ۽ اوڻاين کي
واضح ڪرڻ ۽ مشورن ڏيڻ لاءِ نهايت ئي شڪر گذار
آهيون. مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جا پڙهندڙ
اسان کي هر ڳالهه
Realise ڪرائين ٿا. اوهان جن خطن ذريعي اسان کي اها پڻ خبر پوي ٿي ته
اسان جا پڙهندڙ ڪهڙيون شيون پڙهڻ چاهين ٿا.
|