International Year for the Eredication of
Poverty
رپورٽ: گلبدن جاويد
غربت جي خاتمي جو بين الاقوامي سال
غربت جي خاتمي جو بين الاقوامي سال جي عنوان سان هڪ ڏينهن جو
سيمينار 17- آڪٽوبر 1996ع تي اولڊ ڪئمپس ۾ ٿي
گذريو، جيڪو
SPO
سنڌ بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد آرگنائيز ڪيو. پروگرام
شروع ڪرڻ کان پهرين آيل مهمانن کي گلابي ۽ سائي
رنگ جا ڪارڊ ڏنا ويا. ڪارڊن ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته
گلابي رنگ جي ڪارڊ تي ”غربت ۽ ان جا ڪارڻ“ لکو ۽
گرين ڪارڊ تي، غربت کي ختم ڪرڻ جا حل لکو. ان کان
پوءِ پروگرام جو آغاز الله پاڪ جي بابرڪت نالي سان
ڪيو ويو. پروگرام جي ڪمپيرنگ
SPO
تنظيم جي هڪ سرگرم ورڪر غلام مصطفيٰ ڪئي. تلاوت
ڪلام لاءِ مولوي محمد بخش چانڊيو کي سڏيو ويو،
جيڪو ميهڙ مان آيو هو.
هن پروگرام جي صدارت اڳوڻي وزير عبدالحڪيم بلوچ ڪئي،
جڏهن ته مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر
ڊاڪٽر نذير مغل هو، ۽ اعزازي مهمان ريجنل ڊائريڪٽر
گل محمد مستوئي ۽ ايڊمسٽريٽر ۽ مينجمينٽ ڊائريڪٽر
مئڊم صادقه هئا. آجياڻي تقرير لاءِ گل محمد مستوئي
کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي، جنهن سڀني آيل
مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ چيو ته اوهان سڀني کي
هتي گڏ ڪرڻ جو خاص مقصد اهو آهي ته جيئن اسين گڏجي
هن مسئلي تي غربت جي خاتمي لاءِ سوچون ۽ ان تي عمل
پيرا ٿيون. پاڻ وڌيڪچيائين ته وڏو ادارو (اقوامي
متحده) جيستائين هيٺين سطح تائين نه سوچيندو،
تيستائين مسئلو حل ٿي نه سگهندو. اصل ۾ ٻهراڙيءَ ۾
غربت گهڻي آهي. پاڻ چيائين ته
C.B.O.S.N.G.O.S
ڳوٺن ۾ وڏو ڪم ڪن ٿيون، پر گورنمينٽ کي به انهيءَ
طرف ڪم ڪرڻ گهرجي. ٻهراڙي جي عورت هونئن ئي نظر
انداز ٿيل آهي، وري غربت جي ڪري گهڻي اذيت عورت کي
ئي ملي ٿي.
سنڌ ۾ 54
N.G.O.S
عورتن لاءِ ڪم ڪيو آهي، پر اهي ڪافي نه آهن. عورتن
جي ترقيءَ لاءِ يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن، وزيرن،
سفيرن، واپارين، تعليمي ماهرن کي به ڪم ڪرڻ گهرجي.
سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيائين ته سنڌ
يونيورسٽي تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. دنيا جو
بهترين بزنس مين، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ تعليمي ماهر
سنڌ يونيورسٽي جا پڙهيل آهن. سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ،
سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ
S.P.S.C
۽
Women-studies centres
تمام ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن، تنهن ڪري انهن
ڊپارٽمنٽس تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي عورتن جي
ترقيءَ لاءِ سنجيدگي سان پنهنجو رول ادا ڪن. مثال
ڏيندي چيائين ته گورنيمنٽ کان وڏا ماڻهو (پئسي
وارا) قرض وٺي وڃن ٿا، پر اسان کان جن به قرض ورتا
آهن، تن
100%
موٽايا آهن. هن وقت تائين اسين 32 لک ڏئي چڪا
آهيون ۽ رڪوري 31 لک آهي، انهيءَ مان ثابت ٿيو ته
تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، عوام پنهنجي حالت بدلائڻ چاهي
ٿو، اسين غربت ختم نٿا ڪري سگهون.“ پر گهٽ ۾ گهٽ
ماڻهن کي روزگار ته ڏيئي سگهون ٿا.
سيمينار تي ڳالهائيندي چيائين ته ”اسان اهڙا سيمينار
ڳوٺن ۾ ڪندا رهيا آهيون، ۽ ڪندا رهنداسين. پر هتي
(حيدرآباد) ۾ انهيءَ لاءِ ڪيو اٿئون ته جيئن وسيلا
رکندڙ ۽ پڙهيل طبقو هن مسئلي کي سمجهي ۽ اڳيان
آڻي.
ان کانپوءِ جيون داس کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن غربت
جا سبب ٻڌائيندي چيو ته وسيلن جي برابري جي بنياد
تي ورڇ ناهي، جيستائين
Structural change
نه ايندي، تيستائين اسين ڪامياب ٿي نه سگهنداسين.
”وڌيڪ چيائين، ”ٻهراڙيءَ ۾ وسيلا نه هئڻ ڪري، اتان
جا ماڻهو شهرن ڏانهن
Migrate
ڪن ٿا، پر وري شهرن ۾ اچي سندن حالت وڌيڪ بدتر ٿئي
ٿي. ”غربت“ سڄي ٽين دنيا جي ملڪن جو مسئلو آهي،
غربت سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي.
ان کانپوءِ ليزنگ جي آصف صديق کي دعوت ڏني وئي، جنهن
چيو ته هڪ ڳالهه سوچڻ جي ضرورت آهي ته جڏهن اسان
جي ملڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي سمنڊ جو ساحل آهي،
پنجاب جو هڪ پلين آهي، سرحد ۾ ايتريون خوبصورت
شيون آهن، ۽ ان کان پوءِ اسان جا ماڻهو محنتي ۽
ايماندار آهن، پر پوءِ به غربت ۽ بدحالي آهي، جنهن
جو وڏو سبب آهي
Resources
جو غلط استعمال ڪرڻ.
ورلڊ بئنڪ جي اسماعيل شاهه جو حوالو ڏيندي چيائين ته
Developing Countries
۾ ماڻهن جي ڀلائيءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي، صرف سرن ۽
سيمنٽ جو ڪم نه هجي. پهرين بيروزگاري، صحت ۽ تعليم
جو مسئلو حل ڪجي، پوءِ سرن ۽ سيمينٽ جو ڪم ڪجي، ان
کانپوءِ محمد نواز، جيڪو گهوٽڪي مان آيل هو، تنهن
آسي زمينيءَ جو گيت تمام سريلي انداز ۾ ڳايو:
آءُ گهڙي کن هيٺ لهي اچ!
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ!
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ!
آءُ گهڙي کن هيٺ لهي اچ!
ان کان پوءِ
SAFCO
جي صدر سليمان ابڙي تقرير ڪئي. هن چيو ته اسان وٽ
معاشي بدحالي آهي، پر اهو به ڏسڻ حو آهي ته ڪٿي
اسان وٽ ذهني غربت ته ڪانهي؟ اسان جي معاشري جي
ذهني ڏيوالپڻي به اسان تي هاڃيڪار اثر وڌا آهن.
پهرين اسان کي ماڻهوءَ ۾ صحت مند سوچ پيدا ڪرڻي آهي ته جيئن هو
صحتمند سوچ سان ڪم ڪري سگهي. ۽ هر ماڻهوءَ ۾ اها
به سوچ پيدا ڪرڻي آهي ته هو ٻئي ماڻهوءَ جي عزت ۽
احترام ڪري.
ان کانپوءِ ڊاڪٽر لاشاري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”غربت هڪ اهم ۽
بدترين حالت آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ گهرجي. مطلب ته
”غربت“ سڀني تڪليفن جي ماءُ آهي. خوشحالي تڏهن
ايندي، جڏهن
Grass roots Level
تي ڪم ٿيندو.“
ان کان پوءِ پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي
چيو ”جيڪو ماڻهو روزانو هڪ ڊالر (40-50-60 روپيه)
نٿو ڪمائي، اهو غريب آهي. هن جي تقرير انگن اکرن
تي مشتمل هئي. پاڻ صلاح ڏيندي چيائين ته اسين
ماڻهن کي 7 ڪروڙ روپيا قرض ڏئي چڪا آهيون ۽ قرض جي
واپسي به
100%
آهي، ان ڪري اسين سنڌ جي ماڻهن کي تربيت ڏيون،
انهن جا دوست ٿيون، صلاحڪار ٿيون، وڪيل ٿيون،
همدرد ٿيون ته جيئن هو پنهنجي حالت بدلائي سگهن.
هن سيمينار جي مهمان خاص وائيس چانسلر آف سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر
نذير مغل کي هڪ بجي،
B.B.C کي انٽرويو ڏيڻو هو، تنهن ڪري پاڻ اڳ ۾ تقرير ڪري روانو ٿي
ويو. پنهنجي تقرير ۾
N.G.O.S
جي سڀني
Organizers
کي مبارڪباد پيش ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي مڪمل
تعاون ڪرڻ جو به وچن ڪيائين.
SPO
جي فيلڊ ڪوآرڊينيٽر فردوس مزناڻيءَ تقرير ڪندي چيو
”اسان جي
100%
سيڪڙو ماڻهن جي حالت غربت ۽ مسڪيني واري آهي. ٿر
جي هڪ سکئي ستابي گهر ۾ رٻ رڌي وڃي ٿي. هاري جڏهن
ٻج وٺي ٿو ته اهو ان کي مهانگو ٿو پوي، جڏهن فصل
لهي ٿو ته ان جو اگهه ڪري ٿو پوي. جنهن جو ٻٽو اثر
عورت تي پوي ٿو. عورت کي مزدوريءَ جي اجرت مرد جي
مقابلي ۾ گهٽ ڏني وڃي ٿي. ”جيڪا عورت جي ترقيءَ جي
راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.“
ان کانپوءِ باز محمد جوڻيجي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو،
”جانورن جي پالنا ۽ علاج ضروري آهي، ڇو ته اسان کي
گيهه، گوشت، مکڻ، بيدا جانورن مان ملن ٿا، جيڪي
انساني زندگيءَ لاءِ تمام ضروري آهن.
ان کانپوءِ اعزازي مهمان صادقه صلاح الدين پنهنجي تقرير ۾ چيو
ته اسين ضلع خيرپور ميرس ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.
اسان جون تنظيمون هڪ وڏي ريگستان ۾ ننڍا ننڍا باغ
آهن. ڇا، اهي ننڍا باغ ڪافي آهن. هتان جي ماڻهن کي
تمام پيچيده مسئلا درپيش آهن، جن جون جڙون تمام
مضبوط آهن. ٻهراڙين ۾ صحت ناهي، تعليم ناهي،
روزگار ناهي، جنهن جو ٻٽو شڪار هتان جي عورت ٿئي
ٿي.“ وس وارا ۽ جوابدار ماڻهو ايمانداري ۽
ذميواريءَ جو مظاهرو ڪن.
نهرن صاف ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ پئسا ڏئي ٿي. پر اهي صاف نٿيون ٿين.
بئنڪن جا قرض وڏا زميندار ادا نٿا ڪن، پر ننڍن
زميندارن کان قرض وصول ڪيو وڃي ٿو. تعليم جي شعبي
۾ سفارشي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، ڊاڪٽر پنهنجي
ڊيوٽي ايمانداريءَ سان نٿا ڏين. اهي سڀئي مسئلا
تڏهن حل ٿيندا جڏهن ميڊيا،
N.G.O.S, C.B.O.S
اديب، دانشور ملي جدوجهد ڪندا.
آخر ۾ پروگرام جي صدر عبدالحڪيم بلوچ، چيو، اسان وٽ
Population Growth
آهي. اسان دنيا جي پسمانده علائقن کان به پوئتي
آهيون.
Population
جي حساب سان اسان وٽ
Effeciency of Work
گهٽ آهي. هڪ ته
Resources
ناهن، جيڪي آهن، ته انهن جو استعمال صحيح نٿو ٿئي،
پاڪستان جي سڀني صوبن سان سنڌ صوبي جي
Work Effeciency
گهٽ آهي. مان پنهنجن ماڻهن کي چوندو آهيان ته ڪم
ڪرڻ عيب ناهي. اسين سيمينار ڪيترا به ڪيون،
جيستائين اسان ماڻهن کي محنت ڪرڻ جي سکيا نه
ڏينداسين، تيستائين ترقي ڪرڻ ممڪن ناهي.
ترقي يافته ملڪن ۾ ڏسو ته ماڻهو صبح کان شام تائين ڪم
ڪن ٿا. يورپ ۾، اسپين ۾، جرمني ۾، فرانس ۾، هر
ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اسان جو صوبو تمام شاهوڪار
آهي، پر اسان ان تي صحيح طريقي محنت نٿا ڪريون.
ٻيو ته اسان وٽ
Maphia Culture
آهي، ريتي/ بجري مافيا آهي، پر جتي، جنهن علائقي ۾
N.G.O.S
هيون ته اتي مافيا به رڪجي ويون. اسان جي علائقي
جي خوبصورتي بچائڻ لاءِ اتان جي ماڻهن گهڻو ڪم ڪيو
آهي. سماجي مسئلن ۽ سماجي براين ختم ڪرڻ لاءِ به
گهڻو ڪم ڪيو آهي. اسان وٽ جيڪڏهن سڀ ماڻهو پنهنجي
ڪم سان سچا هجن ته اهي مسئلا رهن ئي نه. دنيا ۾
ڪٿي به ساوڪ تباهه ناهي ڪبي، پر ڪراچيءَ ۾ لالو
کيت، جيڪو لالو نالي هندوءَ جو کيت هو، تنهن کي
پلاننگ تحت تباهه ڪيو ويو.
*---------*------*
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ۽ منفرد ليکڪا ماهتاب محبوب جي تازي
پڌري ٿيل ناول ”خواب، خوشبو، ڇوڪري“ جي مهورت جي
رپورٽ
سنڌي ٻوليءَ ۾ پختي ذهن جو هي پهريون ناول آهي. (عبدالڪريم
بلوچ)
سنڌي ٻوليءَ ۾ جنس جي موضوع تي هي پهريون ڀرپور ناول آهي. (مراد
علي مرزا)
هي ناول انساني روين ۽ رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو.(آغا سليم)
ماهتاب محبوب سنڌي ٻوليءَ جي شهنشاهه آهي. (رسول بخش پليجو)
ماهتاب محبوب جو قلم اهو پارس آهي، جيڪو لوهه لفظن کي سون بنائي
ڇڏي ٿو.(سحر امداد)
”خواب، خوشبو، ڇوڪري“ جو مهورت 16 آگسٽ 1996ع تي سندس سٽيزن
ڪالوني واري بنگلي ”ارم نما“ ۾ پاڪستان ٽيليويزن
جي ڊائريڪٽر محترم عبدالڪريم بلوچ جي هٿان ٿيو.
جنهن ۾ هيٺ ذڪر ڪيل اديبن، دانشورن ۽ صحافين شرڪت
ڪئي: مراد علي مرزا، ظفر حسين شاهه، آغا سليم،
امداد حسيني، علي بابا، رسول بخش پليجو، عبدالقادر
جوڻيجو، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، نصير مرزا، زوار
نقوي، ناز سهتو، جاويد مرزا، فدا حسين شاهه، حسن
درس، تاج جويو، فيروز ميمڻ، ميڊم رقيه، احمد
سولنگي، ارم محبوب، ستار رند، آغا ثناء الله، شهيد
سومرو ۽ صادق فقير.
پروگرام جي شروعات ڪتاب جي مهورت سان ٿي. عبدالڪريم بلوچ صاحب،
الله پاڪ جي بابرڪت نالي سان ڪتاب جو مهورت ڪري
”خواب، خوشبو، ڇوڪري“ جي نالي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽
ماهتاب محبوب جي ڌيئرن (ارم محبوب ۽ زمر محبوب)
اهو مهمانن ۾ تقسيم ڪيو. ان کانپوءِ نصير مرزا،
جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، جنهن کي آواز
جي دنيا جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، تنهن پروگرام جي
ڪارروائي هلائيندي ناول جي تاريخ تي روشني وڌي، ۽
”سانگهڙ“ ۽ ”زينت“ کان ويندي هينئر تائين شايع
ٿيندڙ ناولن ۽ ناول نگارن بابت ڄاڻ ڏنائين ۽ انهن
ناول نگارن جا نانءَ ورتائين، جن سنڌي ادب کي ناول
جي صنف سان مالا مال ڪيو. مرزا قليڇ بيگ، محمد
عثمان ڏيپلائي، سراج، آغا سليم، امر جليل، حليم
بروهي، طارق عالم ابڙو، غلام نبي مغل، ملڪ آگاڻي
جي ناولن سان گڏوگڏ مراد علي مرزا جي اڻ پوري ناول
(سامي سج وڙاءَ) ۽ علي بابا جي (موهن جو دڙو) جو
به ذڪر ڪيائين.
سڀ کان پهرين تاج جوئي کي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني وئي، جنهن ناول
بابت ڳالهائيندي چيو: ”هن ناول ۾ اسان جي
جاگيرداري نظام جي اپر ڪلاس کان وٺي، مڊل ڪلاس جي
ماڻهن جي ڏکن سکن، مسئلن ۽ مونجهارن کي واضح ڪيو
ويو آهي. اسان جي سماج ۾ ظاهري طور تي اڇا اجرا
نظر ايندڙ چهرا جن هميشه عورت کي رانديڪو سمجهي
استعمال ڪيو آهي، انهن جي منهن تان نقاب لاٿو ويو
آهي. وڌيڪ چيائين: ناول جي ٻولي سادي، پر وڻندڙ
اسانجن شهري گهرن جي ٻولي آهي. منهنجي نظر ۾ اديءَ
جو هي ناول سندس سڀني ڪهاڻين/لکڻين کان مختلف ۽
ڇرڪائيندڙ آهي، جيڪو اڄ جي بهترين ناولن مان هڪ
آهي“.
عبدالقادر جوڻيجي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو: ”ماهتاب
محبوب هميشه پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبو مان
لکيو آهي.“
سحر امداد چيو: ”ماهتاب محبوب جو قلم اهو پارس آهي، جيڪو لوهه
لفظن کي سون بنائي ڇڏي ٿو.“ اهوئي سبب آهي جو پاڻ
ادب جي جنهن به صنف کي ڇهيو اٿس، تنهن کي سون ڪري
ڇڏيو آهي“.
گلبدن جاويد (راقم الحروف) ماهتاب محبوب جي شخصيت تي ڳالهائيندي
چيو: ”مان هي رسمي جملا نه پيئي ادا ڪيان، پر اها
هڪ حقيقت آهي ته ماهتاب محبوب ظاهري حسن سان گڏوگڏ
باطني حسن جي به مالڪ آهي. سندس طبعيت جي سچائي ۽
بردباري ۾ مون کي ڪابه ڪمي ڪانه نظر آئي- دوستي ۽
رشتن ناتن ۾ محبتون ورهائڻ، اوڻايون درگذر ڪرڻ
سندس طبعيت جو حصو آهي. ”ناول بابت ڳالهائيندي
چيو: ”اسان جي سماج جي سوچ کي
Build-up
ڪرڻ لاءِ هن وقت جنهن ادب جي ضرورت آهي، اهو خال
هن ناول پورو ڪيو آهي. هي ناول (خواب، خوشبو،
ڇوڪري) هر عمر جي ماڻهو کي پڙهڻ گهرجي. خاص ڪري
والدين کي ته ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇو ته هي ناول
والدين کي سندن ذميواري محسوس ڪرائڻ جو هڪ وڏو سبق
آهي، ۽ نوجوان ڇوڪرن/ڇوڪرين جي اکين تان آزاديءَ
جي نالي ۾ انڌ ۽ ڇڙواڳيءَ جا کوپا لاهي ٿو.“
امداد حسيني چيو: ”ماهتاب محبوب جو ناول 21 صديءَ ۾ داخل ٿيڻ
لاءِ پهريون ڏاڪو آهي.“ وڌيڪ ناول جي کوٽ بابت
ڳالهائيندي چيائين: ”اسان وٽ ناولن جي کوٽ آهي ته
اسان وٽ نقادن جي به کوٽ آهي، ان ڪري ڪهاڻيڪارجيڪو
به آهي ان تي فرض عائد ٿو ٿئي ته هو پوري ڌيان ۽
بيان سان ناول طرف وڃي. سچائي ۽ حقيقتن کي اڳيان
رکي. اسان وٽ نثر ۾ ڪافي صنفون موجود ئي ناهن،
جيئن مضمون جي صنف جي کوٽ آهي، پر ان ۾ رائيٽرس جو
قصور ناهي ته ڪو اهي لکن ئي نٿا، ليڪن پبلشر ڪنهن
سٺي رائيٽر کان ڪا شيءَ گهرن ئي نٿا. مثال ڏيندي
چيئين: ”جيڪڏهن مراد علي مرزا کي بائونڊ ڪجي ۽ کيس
ڪجهه سهولتون ڏجن ته هو هڪ سال اندر اسان کي هڪ
سٺو ناول ڏيئي سگهي ٿو. پر اسان وٽ ته اها به
سهولت ناهي جو پبلشر اچي رائيٽر کي چوي ته اسان کي
ڪا شي لکي ڏي.“
احمد سولنگي ناول بابت ڳالهائيندي چيو: ”ادي ماهتاب محبوب جي
ناول جي جڏهن مان ٻين ناولن سان ڀيٽ ڪيان ٿو ته
محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون سگهارو
ناول آهي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته هي
ناول پاڪستان يا دنيا جي بهترين ناولن مان هڪ آهي.
جيڪو هن ناول کي پڙهندو، سو وري وري پڙهڻ چاهيندو.
ظفر حسن شاهه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو: ”مون پهرين به
اها ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌي ۾ نثر نويس ڪونهن، تنهن
تي ڪيترائي دوست ڪاوڙجي پيا هئا، پر منهنجي چوڻ جو
مقصد نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل هو ته جيستائين اهي ناول
نه لکندا، تيستائين اهي نثر نويس ناهن. ڇو ته ناول
ڪنهن به قوم جي ذهني سوچ جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو.“
پاڻ وڌيڪ چيائين: ”هي هڪ بهترين ناول آهي، جنهن
لاءِ مان ادي ماهتاب محبوب کي مبارڪباد ڏيان ٿو.“
مراد علي مرزا، ناول تي ڳالهائيندي چيو: ”سنڌي ادب ۾ جنس جي
موضوع تي هي پهريون ڀرپور ناول آهي.“ وڌيڪ چيائين:
”سنڌ ۾ بيشڪ ٿورا ناول لکيا ويا آهن پر اها هڪ
دلچسپ حقيقت آهي ته موضوعن جي لحاظ کان انهن ۾ وڏي
رنگارنگي آهي“.
آغا سليم چيو: ”هي ناول انساني روپن ۽ رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو.
پاڻ هڪ ڏاڍي گهري ڳالهه ڪيائين ته”خواب، خوشبو،
ڇوڪري“ جي آخري باب پڙهڻ کانپوءِ ”دل ۾ درد جو تاج
محل ۽ من ۾ غمن جا منارا کڙا ٿي ويا“.
فيروز ميمڻ چيو: ”اسان وٽ ناول جي وڏي کوٽ آهي، ليکڪ ناول لکن،
ڇپائڻ منهنجو ڪم آهي.“ ناول بابت ڳالهائيندي
چيائين: ”ادي ماهتاب محبوب تمام بهترين ناول لکيو
آهي، ان ڪري ئي ان کي 200 نمبر ڏنو ويو آهي.“
رسول بخش پليجي ناول تي ڳالهائيندي چيو: ”ماهتاب محبوب سنڌي
ٻوليءَ جي شهنشاهه آهي ۽ ناول ڪنهن به قوم جي ڪلچر
جو مڪمل ترجمان آهي. جڏهن ته شارٽ اسٽوري ڪنهن به
ڪلچر جي ترجمان ناهي هوندي، ڇو ته شارٽ اسٽوري هڪ
پل جي اسٽوري آهي ۽ اهو پل ڪيترن ڪلچرس ۾ يڪسان به
ٿي سگهي ٿو“. وڌيڪ چيائين: ”هن ناول پڙهڻ سان
ڪيترا ئي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا.“
آخر ۾ مهورت ڪار عبدالڪريم بلوچ چيو: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ پختي ذهن
جو اهو پهرين ناول آهي، جيڪو به هن ناول کي پڙهندو
سو پڙهي راس ڪري ئي ڇڏيندو.“ وڌيڪ چيائين: ”هن
ناول منهنجي دقيانوسيءَ کي به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي،
سو سوچيان ٿو ته هي ناول گهر ۾ رکان يا نه رکان!“
ان کان پوءِ ميزبان ليکڪا آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سهڻن
لفظن ۾ پنهنجن تجربن جو ذڪر هيئن ڪيو: ”ناول لکڻ
مون لاءِ اڻ رٿيل تجربو هو، جنهن کي پڙهندڙن قبول
ڪيو آهي.“
ان کانپوءِ مهمانن کي ڊنر ڪرايو ويو ۽ ڊنر کان پوءِ وارو هو راڳ
رنگ جو، جنهن ۾ صادق فقير ۽ آغا ثناء الله پنهنجي
فن سان محفل کي گرمائي ڇڏيو ٺيڪ ٻارهين وڳي محفل
پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.
*-----------*--------*
SAFCO
(سافڪو سنڌ) ۽
ASR
(اتر لاهور) جي تعاون سان عورتن جي عالمي ڪانفرنس
بيجنگ 1995ع کان پوءِ پاڪستان ۾ عملي سرگرمين بابت
هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ 30 آڪٽوبر 1996ع تي، سٽي گيٽ
هوٽل، حيدرآباد ۾ ٿي گذريو.
رپورٽ؛ گلبدن جاويد
هن پروگرام جي ڪارروائي محترم سليمان ابڙي صدر سافڪو هلائيندي
چيو:
”عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ 147 ملڪن شرڪت ڪئي، انهن واپس
وڃي، پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ عورتن جون سرگرميون
شروع ڪري ڏنيون آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ عورتن لاءِ
ڪيترو ڪم ڪيو ٿو وڃي ان تي به بحث ڪرڻو آهي.
دنيا ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪي ڪم ٿي رهيا آهن، سي اسان جي
ملڪ، اسان جي علائقي جي حوالي سان
Women’s Organizations Internatonal Level
تي ڪم ڪري رهيون آهن. ڇا، ان ڪانفرنس جا مقصد اسان
جي مقصدن سان ملن ٿا، ان ڪانفرنس ۾ جيڪي 12 اشوز
کنيا ويا هئا، اهي اسان جا اشوز هئا؟ جيڪي نمائندا
هتان ويا، اهي اسان جا نمائندا هئا، ۽ انهن واپس
اچي ڇا ڪيو آهي، يا جيڪو ڪري رهيا آهن، سو بهتر
ڪري رهيا آهن. هن سيمينار ڪرڻ جو مقصد اهو به آهي
ته اسين ڀينرن کي ٻڌايون ته اسان عورتن لاءِ ڪهڙو
ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ان کي ملڪي ليول تائين ڪيئن
کڻي وڃجي“.
وڌيڪ چيائين ته ”غربت ڪيئن ٿي اڀري ۽ ان جا ماڻهن تي ڪهڙا اثر
پون ٿا. ڇوڪرين کي مناسب تعليم نٿي ملي، اهي سڀ
سبب ڳولڻا آهن. ڇو ته انهن جو وڌيڪ شڪار عورتون
ٿين ٿيون، انڪري اسان سڀئي گڏجي ڪا اهڙي حڪمت عملي
تيار ڪيون، جنهن سان امن ۽ خوشحالي وارو ماحول
پيدا ٿئي ۽ ڇوڪريون/ عورتون امن ۽ عزت سان پڙهي/
نوڪري ڪري سگهن ۽ انهن سڀني ڪمن ۾ ٻهراڙيءَ جي
عورتن کي به شامل ڪجي.
عورتن جي ترقي لاءِ ڪيترائي حساس ادارا آهن، پر انهن ۾ عورتون
تمام گهٽ آهن، انڪري اهڙا خودمختيار ادارا قائم
ڪرڻ گهرجن، جيئن عورتون ڀرپور شموليت ڪري سگهن،
لوڪل باڊيز اليڪشن، قومي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ عورتن
کي بيهڻ جو حق هئڻ گهرجي.
اسان جي ملڪ ۾ رهائش جو به وڏو مسئلو آهي، ڇو ته زمين ٿورن
ماڻهن جي هٿن ۾ آهي، ترقيءَ جي نالي تي جيڪي ماڻهو
بي گهر ٿي رهيا آهن، انهن ۾ وڌيڪ متاثر عورت ٿي
آهي.“
ان کانپوءِ شين فرخ صدر انٽر پريس ڪميونيڪيشن چيو ته: ”اسين
بيجنگ ڪانفرنس ۾ جيڪي واعدا اقرار ڪري آيا
هئاسينج، انهن مان ڪنهن تي به عمل نه ٿيو آهي. هڪ
سال گذرڻ کانپوءِ به ڪجهه نه ٿيو آهي. اسان سوچيو
هو ته ”ڪارو ڪاري“ رسم ختم ڪرائينداسين، پر ائين
نه ٿيو. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي،
پر اسين اتي جو اتي بيٺا آهيون. نيمبيا جي عورتن
کي شاديءَ جو حق برابريءَ جي بنياد تي ڏنو ويو.
گوئٽا مالا ۾
Politics Industries & Science
توڙي ٻين ادارن ۾وڌيڪ سيٽون ڏنيون ويون آهن
ڪولمبيا جي عورتن کي
Domestic Polices
۾ قانوني تحفظ مليو آهي. مطلب ته ٻين ملڪن ۾
عورتن کي گهڻا حق پلئه پيا آهن. پر اسان وٽ ڪجهه
به نه ٿيو آهي، اسان جو گهڻو پئسو اصلحي تي خرچ
ڪيو وڃي ٿو. ڇوڪرين جي اسڪولن کي اوطاق يا مال جي
واڙي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. سڀني مسئلن کي حل
ڪرڻ لاءِ پوري سسٽم کي تبديل ڪرڻو پوندو“.
انيتا مير، ريسرچ آفيسر
ASR
چيو: ”اسان کي عورتن جي اشوز کي اڳيان آڻڻ گهرجي.
ماضيءَ ۾ وري به عورتن جي عزت هوندي هئي، پر هينئر
اها به نه رهي آهي. اسان وٽ 90 سيڪڙو عورتن تي
مختلف طريقن سان تشدد ٿئي ٿو، انهيءَ تي به سوچڻو
آهي. ان کانپوءِ ٻه سوال پڇيائين.
اسان کي دنيا جي مسئلن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ۽ ڇو؟
ڇا، اهي مسئلا اسان جن مسئلن سان مطابقت رکن ٿا يا نه؟
انيتا مير جي سوالن جي جواب ۾ ممتاز ڀٽيءَ چيو: ”اسان کي دنيا
جي ڊوڙ ۾ بلڪل شامل ٿيڻ گهرجي. جيستائين عورتن جي
مسئلن جو سوال آهي ته دنيا جي عورت جا مسئلا
تقرتبن هڪ جهڙا آهن، صرف مسئلن جي نوعيت مختلف
آهي. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تعليم جو مسئلو هڪ جهڙو
آهي. خاص ڪري اسان وٽ تعليم جو معيار بلڪل به نه
رهيو آهي. هينئر ٻارن کي ٽن ٻولين انگريزي، سنڌي ۽
اردو ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. جيڪو صحيح طريقو ناهي.
ٿيڻ ائين گهرجي ته ٻار تي هڪ
Medium
لاڳو ڪئي وڃي. بهتر ائين ٿيندو ته ٻار کي مادري
زبان ۾ تعليم ڏني وڃي. اسان وٽ صحت لاءِ ڪا پلاننگ
ناهي. ماڻهن جي ذهني تربيت جي به ضرورت آهي. خاص
ڪري غريب گهر ۾ هڪ هڪ عورت کي ڏهه ڏهه ٻار آهن.
اهي سڀئي مسئلا گڏجي تشدد کي جنم ڏين ٿا، جنهن جو
شڪار عورت ئي آهي.
سائره حڪيم پٺاڻ سافڪو حيدرآباد، جيڪا اصل ۾ سرحد جي
آهي، تنهن صوبي سرحد جي هڪ علائقي جو ذڪر ڪندي چيو
ته هڪ عورت مڙس کي صرف اهو چيو ته آئون توکان وڌيڪ
ڪمايان ٿي ته ان تي سڄي خاندان جي مردن گڏجي وڃي
اهو پراجيڪٽ بند ڪرايو، جنهن ۾ هوءَ آفيسر هئي.“
انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ
جي مردن جي سوچ ڪيتري پٺتي پيل آهي.“
نجمه ملاح چيو: ”اسان وٽ تعليم جي شعبي ۾ گهٽ پڙهيل
ماڻهو مڙهيا ويا آهن، جنهن ڪري اسان جي تعليم جو
معيار ڪري رهيو آهي.“
سڪينه چيو: ”تعليم ايتري مهانگي ٿي وئي آهي جو غريب
ماڻهو فيون ادا نٿو ڪري سگهي. مزدور ماڻهو ڇا
ڪري....؟“
شگفته جوڻيجو چيو: اسان جن عورتن کي گهرجي ته هو ميڊيا (ٽي وي،
ريڊيو، پريس) ۾ اچن.
ڊاڪٽر لاشاري چيو: ”اسان جا مسئلا دنيا جي مسئلن کان الڳ ناهن.
ڪهڙي به ملڪ وڃبو ته مسئلا اهي نظر ايندا، جيڪي
اسان جا آهن. ٻين ملڪن ۾ مسئلن جا حل ڳوليا وڃن
ٿا، پر اسان وٽ ائين نٿو ٿئي. مطلب ته پوري
انسانيت جون خوشيون ۽ مونجهارا برابر آهن.“ هڪ
مثال ڏيندي چيائين: يورپ جي ٻار جي روئڻ ۽ کلڻ جو
انداز اهو آهي، جيڪو آفريڪا جي ٻار جو آهي.“ عورتن
جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيائين ته ”آفريڪا ۾ هڪ
عورت پنهنجي مڙس کان پڇيو ته ايڏي دير سان گهر ڇو
آيو آهين ته ان لالٽين (بتي) کڻي ان کي منهن ۾
ٺڪائي، جنهن سان سندس چهرو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. فرق
صرف اهو آهي ته اسان جي ٻهراڙيءَ جي عورت رڳو ماني
پچائڻ ۾ دير ڪري ته ان تي ڪهاڙيءَ جو وار ڪيو وڃي
ٿو، پر هتي لالٽين استعمال ڪئي وڃي ٿي“.
شمع خيبر صدر مهراڻ وومين آرگنائيزيشن حيدرآباد پنهنجي شروعاتي
دور جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو:”مان 81 کان 83 تائين
اخبار ۾ رپورٽر ٿي رهيس، پر ان وقت مردن ۾ بلڪل به
سجاڳي نه هئي، ان ڪري مون کي ڪيترائي اڻ وڻندڙ لقب
۽ جملا ٻڌڻا پوندا هئا، پر مان پوئتي نه هٽيس ۽
بلڪل پنهنجي همت محنت سان پنهنجو پاڻ مڃرايو ۽ اهي
ساڳيا ماڻهو اڄ منهنجي عزت ڪن ٿا“.
نسيم ملاح چيو: ”ٻهراڙي جون عورتون مردن کان وڌيڪ جفاڪش آهن،
اهي گهر ٻار سنڀالڻ سان گڏ، ٻنيءَ جو ڪم به ڪن
ٿيون. عورتون جيڪي ڀاڄيون پوکين هٿيون، انهن جي
اپت مردن جي پوکيل ڀاڄين کان وڌيڪ ٿئي ٿي، پر انهن
کي اجرت مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ملي ٿي.“
عابده شيخ چيو: ”اسان وٽ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي ”غربت“. ٻهراڙيءَ
جي عورتن جي معاشي بدحالي دور ڪرڻ لاءِ ننڍا وڏا
ڪارخانا ۽ هنري سينٽر کوليا وڃن ته جيئن اهي به
معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿين“.
نذير ناز چيو: ”ٻهراڙيءَ جا ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ چاهين
ٿا، پر اتي اسڪول خالي پيا آهن. ٽيچرس ڳوٺن ۾ وڃڻ
لاءِ تيار نه آهن، انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ جي به
اشد ضرورت آهي.
رضيه چيو: ”عام طور تي عورتن جي راءِ آهي ته مردن کي خطرو آهي
ته ڪٿي عورتون اسان تي حاوي نه ٿي وڃن، ان ڪري
عورتن کي حقن ڏيڻ کان لنوائين ٿا.“
ماروي ابڙو چيو: ”تعليم حاصل ڪرڻ عورتن جو بنيادي حق آهي، انڪري
اهو حق عورتن کي ڏياريو وڃي.“
ثمينه شيخ چيو: ”پاڪستان ۾ جيتريون به
N.G.O.S
ڪم ڪري رهيون آهن، پر انهن اڄ تائين عورتن جي ترقي
لاءِ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ناهي ڏنو.“
ان سان گڏ پهريون سيشن ختم ٿيو، تنهن کانپوءِ چانهه جو وقفو ڪيو
ويو ۽ ٻيو سيشن وري 12:30 تي شروع ٿيو.
مشتاق ميراڻي پروفيسر مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي
هن سيشن جي صدارت ڪئي. پاڻ ڳالهائيندي چيائين:
”عورتون سڄي معاشري جو حصو آهن، پر انهن کي سماج کان ڪٽي هڪ
نئين قسم جي بنياد پرستي قائم ڪئي وئي آهي.“
عورتن کي روزگار ۾ مردن جيتري اهميت نٿي ڏني وڃي. اسان وٽ ”ڪارو
ڪاري“ جو مسئلو الڳ آهي. اسان جي آبادي جو 60
سيڪڙو 65 هزار ڳوٺن ۾ رهي ٿو ۽ هر جڳهه تي، روڊ
رستا، روزگار، اسڪول، اسپتال، صاف پاڻي، گئس،
بجلي، سماجي، تعليمي ۽ اقتصادي مسئلا ٿين ٿا ۽
ڪابه حڪومت انهن جي ذميواري نٿي کڻي سگهي. ٻيو ته
جڏهن مختلف قبيلا پاڻ ۾ وڙهن ٿا ته عورتن کي وڏي
اذيت ملي ٿي. ڪرمنل ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به
پوليس عورتن کي ٿاڻي تي ويهاري ٿي، جنهن سان عورتن
جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿو.
نشي جو مسئلو آهي ته ان جو عادي به ٻار ۽ مرد آهي، ان لاءِ به
عورت پريشان ٿئي ٿي. غربت جو مسئلو آهي ته به عورت
سفر ڪري ٿي، ان ڪري انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ
لاءِ عورتن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، (لوڪل
باڊيز يا ملي اليڪشن ۾) ڇو ته انهن ادارن ۾ وڏا
پاور آهن، جنهن ڪري اهي ننڍا وڏا مسئلا حل ڪرائي
سگهن ٿا. ٻيو ته عورتن جي شموليت سان حڪومت تي
وڌيڪ دٻاءُ پوندو ۽ جڏهن عورتن جا گروپ اڀري ايندا
۽ سياسي دٻاءَ وجهندا ته ان جا سٺا نتيجا نڪرندا.
مثال
Urban Areas
۾ ڪو باهه وغيره جو
Incident
ٿئي ٿو ته حڪومت انهن سان تعزيت به ڪندي آهي ۽ لک
رپيا به ڏيندي آهي، پر جي ٻهراڙي ۾ باهه لڳي ٿي ته
اتي هزار رپيا ڏئي جان ڇڏائي وڃي ٿي. انڪري جيڪڏهن
اهي
N.G.O.S
سياسي پارٽين کي ڄاڻ پهچائين ته اهي به اسٽينڊ
وٺن. مثال بدين ۾
T.B
جو مرض آهي، يا ”ڪارو ڪاري“ جو مسئلو آهي يا جيڪب
آباد ۽ ٻين هنڌن تي ڇوڪرين جي وڪري جي ٻولي لڳندي
آهي ته انهن سڀني مسئلن کي مٿي آڻڻ گهرجي. ۽ جڏهن
اهي مسئلا عورتون سياسي طور تي کڻنديون ته انهن جو
حل به ملي پوندو.
اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته هي نعريبازيءَ جو دور ناهي، مطالبي جو
دور ناهي، پر ڪم ڪرڻ جو دور آهي. اسان جا مسئلا
ملائڪ اچي حل ڪونه ڪندا، هينئر وقت آهي عملي ڪم
ڪرڻ جو.
M.A.Shah
ڊائريڪٽر آف ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ رهائش جي مسئلن
کي حل ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندي چيو ته ”رهائش جو
مسئلو سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن کي نه ته ڪا
حڪومت حل ڪري سگهي ٿي، نه ئي،
N.G.O.S
جيستائين ماڻهو ٽيڪنالاجي کان واقف ٿي
Self intrest
نه وٺندا، تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو.
آخر ۾ سليمان ابڙي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ پروگرام تي
ڳالهائيندي چيو:
”غربت سڀني مسئلن جي جڙ آهي، ان کان پوءِ تعليم ۽ صحت جو مسئلو
آهي. ايندڙ 20 سالن ۾ جيڪي هاڃيڪار مسئلا درپيش
ايندا، انهيءَ جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. اوهين
سڀئي وچن ڪريو ته هتان کان واپس وڃي پنهنجن پنهنجن
علائقن ۾ ڪم ڪندؤ.“
خاص ڪري نوجوانن کي تاڪيد ڪيائين ته اوهان هنن مسئلن تي
ڀرپور انداز سان ڪم ڪيو، جيئن ته هن سيمينار ۾
ڪيترن ئي مسئلن جو ڪارڻ مرد کي ٺهرايو ويو آهي، ان
ڪري مردن کي گهرجي ته سگريٽ، چانهه، نشو پتو ۽
هوٽلن تي ماني کائڻ ڇڏي ڏين ۽ ڪم ڪن ۽ ڪمايل پئسو
بچائين.
هن سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي سڀني صوبن مان آيل
مهمانن (مردن، عورتن) جي نالن جي لسٽ:
افروز ٽالپر، ارباب زادي، فهميده ٽالپر، هدايت خاتون، نسيم
ملاح، عائشه لطيف ملاح، نجمه، رضيه، زبيده ڀٽي،
سڪينه ڀٽي، ثميرا ناهيون، عزيزه لغاري، زاهده
بلوچ، زاهدا، ڪلثوم، غلام سڪينه نوناري، صابل،
انيتا مير، شين فرخ، ثمينه، نزهت، زرينه خاصخيلي،
تسليم لغاري، خير بانو ٿهيم، فرزانه پروين
باگراڻي، نصرت پروين باگراڻي، عرفانه، فرزانه،
ارباب زادي، سائره حڪيم، خالده رياض، فهميده سمون،
شيرين مغل، عابده شيخ، پروين شاهه، غلام صغريٰ
سولنگي، فريده شيخ، سعيده شيخ، ناهيد ميمڻ، نسرين
قريشي، نوشابه ڪنول، سحر رضوي، شمع خيبر، سنڌو
انصاري، بلقيس عثمان، زبيده ميتلو، ڊاڪٽر فريده
ميتلو، رفيعه گلاڻي، دلشاد سومرو، شگفته پروين،
سائره ڪاشگير، ثمينه شيخ، صفيه مهر، زليخا ميمڻ،
ريحانه مير جت،، سائره ميمڻ، ناهيد ابڙو، فرخ علي،
زرينه لغاري، شازيه ٽالپر، امبر مغل، نوشابه حسين،
وحيده ملاح، قادر بخش ڀٽي، امير بخش ناهيون، مير
عبدالشڪور ملاح، محمد عظيم باگراڻي، رياض علي
خاصخيلي، مشتاق باهو، عاشق حسين سولنگي، سيد انعام
الدين، ايم – اي شاهه، جيوڻ داس، ڊاڪٽر ايم – ايس
– لاشاري، نذير ناز، مسٽر ولي محمد خاصخيلي، منو
خان عمراڻي، نذير احمد سيال، نثار احمد نظاماڻي،
مولا بخش ملاح، مولا بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر يامين
ميمڻ، رياض حسين خاصخيلي.
*---------*---------*
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.
سنڌ جي مشهور و معروف ليکڪا ماهتاب محبوب جي ننڍي ڌيءَ زمر
محبوب جي شادي نئين ٽهيءَ جي بهترين شاعر احمد
سولنگيءَ سان انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ تاريخ 11
آڪٽوبر 1996ع تي ٿي گذري. شاديءَ ۾ زندگيءَ جي
مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ اديبن، شاعرن،
دانشورن، صحافين ۽ سياستدانن جو وڏو انگ شامل هو.
هيءَ شادي ان ڪري به مختلف هئي، جو هيءَ تقريب
رٿيل پروگرام تحت شروع ٿي ۽ وڌ ۾وڌ اڍائي ڪلاڪن
اندر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. هن شاديءَ جو ذڪر
ڪرڻ مان ان ڪري به بيحد ضروري ٿي سمجهان جوماهتاب
محبوب پنهنجين لکڻين ۾ هميشه انسان سوز ريتن، غير
ضروري رسمن ۽ معاشري ۾ احساس محرومي پيدا ڪرڻ واري
ٺاٺ باٺ کي هميشه ننديو آهي، ۽ اها ڳالهه عملي طور
به ڪري ڏيکاري، جنهن مان سندس قول ۽ فعل جي
سچائيءَ جي اهميت تهائين وڌيو وڃي. ڇو ته پاڻ
ونواهه، ميندي وغيره جي الڳ الڳ ڏينهن تي فنڪشنس
ڪرائڻ بجاءِ صرف هڪ ڏينهن سڀ پروگرام ڪرايا. ۽ ڏاڄ
ڏيوڻ جيڪو اڄڪلهه هڪ نمائش جو رخ اختيار ڪري چڪو
آهي. ان جو ته ذڪر به ڪونه آيو ته ڇا ڪنواريتن
ڏنو. ڇا گهوٽيتن ڏنو، جيڪو ڪجهه به ڏيڻو هو، سو
پنهنجي طريقي سان نياڻيءَ کي ڏنو ويو. واضح رهي ته
ماهتاب محبوب پنهنجي وڏي ڌيءَ ارم محبوب جي شادي
به ان ئي نموني ڪرائي هئي. (گ. ج)
زمر ۽ احمد جي نانءُ
ٻئي ڪيڏا سُندر،
ٻئي پنڇي پيار جا،
احمد ۽ زمر،
احمد ۽ زمر،
خوشبو خوشبو ٿي ويو،
سارو نينهن نگر،
تارن جي جِهر مِرِ،
پوپٽ خوشبو چاندني،
احمد ۽ زمر،
احمد ۽ زمر،
جنهن ۾ رهندا پيار سان،
سوئي سُهڻو گهر،
احمد ۽ زمر،
حَهِڙا سپنا سونهن جا،
اُجرا پَل پَهَرَ.
نصير مرزا |