بردو سنڌي
جوان ڌيءَ جي موت
تي، بدنصيب ماءُ جو ”اوراڻو“
منهنجي مٺري ڌيءَ، ڀلا ڇو، اوچتو وڇڙي وئينءِ؟“
ڇو وئينءَ مونکان رسي، تون ڇو ڀلا مٺڙي مُئينءَ؟
ڏاڍ سان، ڪنهن زور سان توکي نکيڙيو، هاءِ هاءِ،
ٿو جُهري جيئڙو، ڪپي ٿي دل سندم توکان سواءِ.
تو مري ماريو آ منهنجي مامتا کي ڏئي گهٽو،
پئي ڇڄي سنگت سلوڻي، ساٿ سالن جو ٽُٽو.
اي مٺي معصوم ٻچڙي ڪانه هئي اهڙي خبر،
اوچتو ڪو ڪيس ٿيندو، تون ڇڏي ويندينءَ ولر.
ڪين ٿيون سُتڙيون سڻايون ڪن پئي ڪاٿون ڪسر،
شڪ نه دارون ۽ دوائن جا جهليا ها موت در.
تون جئين ها جوان ڌيئڙي ۽ مري ها ماءُ مر،
منهنجي آسن جا مٺا موتي، اُميدن جا گهُرَ!
تنهن جون ڳالهيون ياد پونديون، تنهنجي صورت ۽ صبر،
تو ڇڏيو گهر هاڻ پوندو گهوٽ تنهنجي کي قدر!
ڪونج تو ڪوهن سندو اختيار ڪيو مرڪي سفر،
تو سوا مونجهو ولر، اونڌو اڱڻ، ولهڙو آ گهر.
”روح جنت جو وسي جنت ۾، دنيا تي قبر“
آ دعا تو جئن مٺي من کي به ڏي قدرت صبر!
تنهنجي جواني پاڪ صورت، نيڪ سيرت ياد آ،
ياد تنهنجي ساڻ دل بس ماءُ جي آباد آ.
اشرف آصف
غزل
لوڪ ۾ لڪندو پيار نه ڪنهنجو،
شل ڪو رُسي هت يار نه ڪنهنجو.
جان جي ڪشتي جان کڻندي،
ڪير کڻندو بار نه ڪنهنجو.
سک ۾ ته ساٿي هر ڪو آ ايندو،
ٿئي ڪوبه ”يارِ غار“نه ڪنهنجو.
چاهه چنيسر جو تو ڇو وڪيو،
ورُ نه کسي شل هار نه ڪنهنجو.
هاڻ دريءَ مان ديد نه پائي،
ڪنهن ۾ پوي ڪم ڪار نه ڪنهنجو.
پروفيسر سلميٰ لوهر
غزل
جيون هڪ سنگرام ٿي ڀانيان،
ان سان ڪيئن مان توڙ نڀايان.
آسن جا هي واريءَ گهرڙا،
پاڻيءَ تي ٿي ٺاهيان ڊاهيان.
ٽهڪ ڏيڻ تي دل ٿي چاهي،
پر ڪيئن ويهي لڙڪ لڪايان.
سور سڀن کان نيارا پنهنجا،
سهپ به سڀ کان سرس ٿي ساهيان.
’سلميٰ‘ ڄاتم ڪونه ته ڇاهيان؟
حق موجود! مان سڀ ڪجهه آهيان!
ايوب کوسو
يادن کي ڪوئي ڪيسين ته ميڙي!
دکن جي دنيا اڃا اُهائي،
ڪٿي نه دل ۾ دُکي سهائي.
چپن جي پر آ چاهت اُهائي،
چُميون نه آهن آنهون ته آهن،
ڪاون سان سٿيل رانهون ته آهن،
پيرن ۽ پنڌ جا قصا پراڻا،
آسن جا چهرا اڃا ويڳاڻا،
جاڳن جي موسم سمهي پئي آ،
اکين جي در تي بدن پکيڙي،
يادن کي ڪوئي ڪيسين ته ميڙي
اڃا آ ساڳي صدا ڳلين ۾،
غمن جا پاڇا اڃا اکين ۾،
گلن جا سڏڪا هوا سڻي هئه!
ڳلن جا ڳوڙها هوا اگهي هئه،
صدين تي پکڙيل اهي اوسيئڙا،
بوندن لئه ترسيل اڃا روهيڙا،
اوهان کي سارڻ سندا بهانا،
ٿيا هي پل ڀي آهن زمانا،
اڃا ڪي ڪاڳر قلم هٿن ۾،
اڃا به آسون اُڀيون گلن ۾،
شيشي جا گهرڙا پٿر نگر ۾،
اڃا به الڪا اکر اکر ۾،
ڪير ٿو ڄاڻي ڪٿي پڄاڻي،
وقت ڏئي ٿو اکين ۾ پاڻي،
دکن جي برکا ذري ذري هئه،
ڪنڊن سان جهولي ڀري ڀري هئه!
صُبحن مان شامون اسين ٿياسين،
ڪٿي آ منزل خبر نه ڪائي،
تارن جي سانجهي مٿان آ ڇائي،
اکين جا ڏيئا پيا ٻرن ٿا،
اوهان لئه ليئا پيا ٻرن ٿا،
ڪٿي آ منزل خبر نه ڪائي،
دکن جي دنيا اڃا اُهائي،
اسان جو جيون ٻٻر جا ڦُلڙا،
اسان جا سپنا سڪل ڪي پلڙا،
اوهان جون يادون وڃي نه سگهنديون،
اسان سان گڏجي سدائين رهنديون،
اوهان ڀلي پوءِ وساري ڇڏجو!
عذرا رفيق
آزاد نظم
هو رئاڙي کلي نه سگهيو دير تائين،
جڏهن مان روئي مسڪرايو دير تائين.
ڀلائڻ چاهيو جڏهن به هن کي،
اڃا به وڌيڪ ياد آيو دير تائين.
بکايل ٻارن جي تسليءَ خاطر،
ماءُ وري پاڻ رڌيو دير تائين.
گونجاريندو وڃي پيو ڪو فقير،
اُس رهندي آهي، نه ڇانو دير تائين.
تو الائي جي ڇو ڇڏيو مون کي،
پاڻ کي ته سفر ڪرڻو هو دير تائين.
ممتاز لوهار
وائي
اڄ هي ڪاري رات،
ويندي ڪجهه مون کان کسي!
ويٺيس وجهه آسري،
تن ۾ تنهنجي تات_
ويندي ڪجهه مون کان کسي!
تنهنجن سڏڪن پٺيان،
ڳوڙهن جي برسات،
ويندي ڪجهه مون کان کسي!
پرديپ ڪمار ”پريمي“
وائي
هن اچي اچتو،
ڪيا قول قرار_
لڪ ڇپ ۾!
واعدو اهو ڪيائين،
ٿيندو پيو پيار،
لڪ ڇپ ۾!
سندس اچڻ جو،
ڪيو مون انتظار_
لڪ ڇپ ۾!
پتو نه پيو ”پريمي“
ڪيائين ڇو انڪار،
لڪ ڇپ ۾!
شيخ سڪايل
وائي
ماڻهو چريو ميڻ بتيءَ سان،
ڳالهائي ٿو _
ماڻهو چريو!
رات جو هو پيو ننڊ ڦٽيءَ سان،
ڳالهائي ٿو _
ماڻهو چريو!
ڪوئي پريمي، ڦوهه وهيءَ سان،
ڳالهائي ٿو _
ماڻهو چريو!
عشق سندي هو، آڳ اُٿيءَ سان،
ڳالهائي ٿو _
ماڻهو چريو!
سڪايل نهال چانڊيو
غزل
ايڏي نفسانفسي ڇو آ؟
بي ڏوهه ناري ڪُسبي ڇو آ؟
ڪمپيوٽر جو دؤر آ پوءِ به،
اڻپوري هر خوشي ڇو آ؟
لالچ خاطر مڙس کان توبه!
سهري نياڻي کسي ڇو آ؟
الله ڄاڻي چين ”سڪايل“،
ويو مون کان رُسي ڇو آ؟
سحر ڪبريٰ
غزل
ترس پرين تون گهڙي اڃا،
چانڊوڪي ناهي کڙي اڃا.
چنڊ اڃا اڀريو ناهي،
ناهي جوت ستارن جڙي اڃا.
بادل ڀرجي آيا ته ڇاهي،
بر وٺي ناهي ڦڙي اڃا.
رتون ساريون ساڳيون آهن،
ناهي ريت ڪائي سڙي اڃا.
بشريٰ رحمان/ امام راشدي
دل جي اڱڻ ۾
مون پنهنجي دل جي اڱڻ ۾
اداسيءَ جو هڪڙو
ٻُوٽو پوکيو آهي
ڏينهن رات ان کي
پنهنجن لڙڪن جو پاڻي ڏيندي آهيان.
ڪنهن کي موتيو وڻي
ڪنهن کي گلاب،
ڪنهن کي نرگس،
ڪنهن کي رابيل،
مون کي تنهنجي ياد جي،
اٿاهه اداسيءَ ۾ ٻڏل ٻوٽو وڻندو آهي.
ڇا ڪريان
مون کي هر حال ۾ ان کي سائو رکڻو آهي،
جيستائين جيئڻو آهي.
فهميده سحرش
آزاد نظم
ماڻهو ڄڻ ته مسافر آهي،
زندگيءَ جي پيچرن تي،
اڪيلو راهي،
گهڙي پل جو آ مهمان.
خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪٿي
سفر جو سانباهو ٿئي،
منزل سڀني جي ساڳي آ.
خــط
ايڊيٽر ڏانهن
ايڊيٽر سرتيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
مانواري ادي!
سدا خوش هجين!
سرتيون لاءِ مواد موڪليان ٿي اُميد ته شايع ڪنديون.
ريحانه سومرو،
H.S.T
گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جوهي، دادو.
جواب: ڀيڻ خط لکڻ لاءِ لک ٿورا، اوهان جو مواد پهتل آهي، ڪوشش
ڪنداسين ته جلد شايع ٿئي.
مانواري ڀيڻ!
آءٌ پهريان به .سرتيون“ ۾ شاعري موڪليندي هيس، جيڪا
شايع ٿيندي رهي. ڪجهه مهينن کان ڪن مصروفيتن سبب
مون اهو سلسلو بند رکيو. هاڻ وري مواد موڪليان پئي
مايوس نه ڪندا ۽ هاڻي به سالياني خريدار بڻجڻ
چاهيان ٿي. مهرباني ڪري رسالو ڏياري موڪليندا.
شازيه عارب عمراڻي، ڊرائنگ ٽيچر، سنڌ اڪيڊمي قاسم آباد فيز 2 بي
نمبر: اي.
جواب: ڀيڻ، اوهان کي ”سرتيون“۾ ٻيهر شامل ٿيڻ تي اسين دل جي
گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. مواد پهتل آهي، جيڪو
جلد شايع ڪنداسين ۽ ”سرتيون“ رسالو به اوهان کي
جلد ملي ويندو.
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ مارچ، هميشه جيان بڪ اسٽال تان ورتم. ”سرتيون“
۾ امر اوڏ جي شاعري ماضي جي سرتين ڏانهن ڇڪي وئي.
امر اوڏ غزل جا پهريان ٻئي بند ستار سومري جي غزل
مان چوري ڪيا آهن. ستار سومري جو اهو غزل مئي
1995ع جي ”سرتيون“ ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن جا پهريان
ٻئي بند هن ريت آهن:
جيون ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيئن،
ڄڻ ٿر جي سڪل واريءَ جيئن،
نيڻ ۽ جذبا خاموش منهنجا،
مظلوم نماڻي ڪنهن ناريءَ جيئن.
اهي بند امر اوڏ پنهنجي غزل ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
تو بن جيون ٿرجي واريءَ جيان،
آهي ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيان!
ڪهڙين رسمن جي ور چڙهيل،
مجبور بيوس ڪنهن ناريءَ جيان!
ڀيڻ! هاڻي اوهان وس واريون آهيو، منهنجي خيال ۾ ڪنهن شاعر جا
خيال چوري ڪري وري ساڳئي بيان ۾ لکڻ اخلاقي طور تي
غلط آهي، امر اوڏ کي ائين ڪرڻ نه کپي ها.
وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ ڪندا ته مٿين ۽ هيٺين بندن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
آدم لاشاري، داد لغاري، وايه ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي.
محترمه ايديٽر!
هن مهيني وارو ”سرتيون“ سامهون آهي، جنهن ۾ ڪافي سٺيون ڪهاڻيون
تاثر ۽ شاعري آهي. سرتيون واقعي انڊلٺ جي خوبصورت
رنگن جيان سهيڙيل آهي. هر شيءِ پنهنجي معيار تي
ڪَرُ کڻي بيٺي آهي ۽ وڻي پئي. اُميد ته پرچي کي
آئينده به اهڙي خوبصورتيءَ سان سينگاريندا.
ستار سومرو، حيدرآباد.
محترمه ايڊيٽر
ڀيڻ!
ماهوار ”سرتيون“ اپريل 1996ع ۾ پنهنجو غزل پڙهيم، ڏاڍي سرهائي
ٿي. ٽائيٽل ڪور تي پوپٽ جا پرڙا دلفريب لڳا. اڄوڪو
”سرتيون“ مڙني سرتين کان سرس لڳي ٿو، ههڙي سٺي
محنت تي دلي مبارڪباد قبول ڪندا.
جبار تاثير سومرو، نصيرآباد.
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ جو تازو شمارو ڪارونجهر جي ڪنهن ناريءَ جيان انوکو روپ
ڌاري، مهيني جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اسان تائين پهتو.
پرچي ۾ آيل سمورو مواد جهڙوڪ: مضمون، ڪهاڻيون مطب
ته سڄو مواد سڀ ساراهڻ جوڳو آهي.
شاعري ۾ روشن ناز ڌاريجو، سلميٰ پنهور، انجم قاضي، خليل عارف
سومرو ۽ ٻين تمام سٺو ملهايو آهي. خاص ڪري
”ريحانه“ جا چؤسٽا ڏاڍا موهيندڙ هئا. سرتيون ۾
عالمي ۽ ملڪي ليول تي ممتاز ۽ معروف شخصيتن جا
انٽرويو وري هلايو ته جيڪر سٺو ٿي پوي! سرتيون ۾
سائنسي مضمونن جي کوٽ آهي. ان کان سواءِ ”شاعري
نمبر“ ڪڍڻ وارو اوهان جو واعدو به اڃا اڌ ۾ پيو
آهي!
ساگر سرتومل روپاڻي داديو تڙ، ٿرپارڪر.
جواب: محترم ڀاءُ، ”سرتيون“ کي مسلسل پڙهڻ لاءِ اوهان جا لک
لائق. اوهان جون تجويزون بلڪل معقول آهن. انشاءَ
الله پرچي ۾ باقي گهرجون به جلد کان جلد پوريون
ڪيون وينديون. اوهان اپريل واري پرچي کي ساراهيو
آهي، ان لاءِ به اسين ٿورائتا آهيون. باقي شاعري
نمبر ڪڍڻ جو ارادو بلڪل اٽل آهي ۽ اهو واعدو ضرور
پورو ڪبو.
محترمه ڀيڻ!
جيڪڏهن منهنجي شاعري رسالي ۾ ڇپجي ته مهرباني ڪري رسالو هن
ائڊريس تي ڏياري موڪليندا، ڇو ته اسان جي شهر
ڪنڊيارو جي ڪنهن به بڪ اسٽال تي رسالو نه ٿو ملي.
اُميد ته احسان ڪنديون ۽ همت افزائي پڻ.
شبنم ڪمن مهيسر،
گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪمالديرو،
تعلقو ڪنڊيارو، نوشهروفيروز.
جواب: ڀيڻ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ لک لائق، اوهان جو مواد
جلد شايع ڪيو ويندو ۽ يقينن اعزازي ڪاپي اوهان کي
ملندي. باقي جيستائين ڪنڊيارو شهر ۾ ”سرتيون“
رسالي نه پهچڻ جو سوال آهي ته ان لاءِ اسان بڪ
اسٽال، ”سنڌي ادبي بورڊ“ تلڪ چاڙهي جي مئنيجر کي
لکي موڪليو آهي ته هو ڪنڊياري شهر جي بڪ اسٽال تي
سرتيون موڪلي. ٻيو سرتيون گهرائڻ لاءِ وڌيڪ سولو
طريقو اهو آهي ته اوهين ساليانا ميمبر ٿي وڃو ته
پرچو اوهان کي گهر ويٺي ملي ويندو.
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ جو تازو شمارو ڏاڍو سٺو آهي. ”سرتيون“ جيئن
پوءِ تيئن ترقيءَ جون تڪڙيون منزلون طئي ڪندو پيو
وڃي. اسان جو سهڪار انشاءَ الله تعاليٰ اوهان سان
سدائين رهندو. اوهان ۽ اوهان جي ساٿ جون محنتون ۽
ڪاوشون جَسَ جوڳيون آهن، آئينده به اهڙيون ئي
اميدون رکجن ٿيون.
طالب قلب سومرو، پنجو ديرو، لاڙڪاڻو.،
محترمه ايڊيٽر!
مارچ جو شمارو هٿن ۾ آهي، هن شماري ۾ جيڪي خوبصورت رنگ
آهن، سي اوهان جي محنت جو نتيجو آهن، توهان واقعي
پنهنجو فرض خوب انجام ڏيو پيون. رب العزت توهان کي
سگهه ۽ توفيق عطا فرمائي ۽ اهڙو مواد سهيڙي هن
سلسلي کي وڌ کان وڌ بهتر بنايو. شگفته علي، عاليه
آغا، مجيد گل، ممتاز عباسي، نصرت پنهور، مريم
جروار، صنم ولي، قربان جعفري ۽ فهميده سحرش جون
لکڻيون بهترين هيون. شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
ڪنول محمد يوسف ڪپري، ڳوٺ حاجي نياز محمد ڪپري.
جواب: محترم ڀاءُ، تفصيلي خط لکڻ لاءِ مهرباني، اسان کي انهيءَ
ڳالهه تي فخر اهي ته توهان پڙهندڙ نه صرف مئگزين
شوق و ذوق سان پڙهو ٿا، پر هڪ طرف ان جي چڱاين جي
ساراهه ڪري اسان جو حوصلو وڌايو ٿا، ته وري ٻئي
طرف اوڻاين جي نشاندهي ڪري اسان جي اصلاح ڪيو ٿا.
اهو اوهان جو بي لوث تعاون ئي آهي جو اسان مئگزين
کي پاڻ ڀرو بڻائي سگهيا آهيون. اُميد ته اهو تعاون
هميشه قائم رهندو.
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ روزبروز ترقي طرف وڌي رهيو آهي. اميد ته اوهان
جي نگراني ۾ هي رسالو حد کان وڌيڪ معياري ٿيندو.
عاليه آغا، ممتاز عباسي، غلام مصطفيٰ سولنگي ۽
ثمينه ميمڻ جون لکڻيون پسند آيون.
”وفا“ منير احمد ٿهيم ڳوٺ ملڪ، مورو، ضلع نوشهروفيروز
محترمه ايڊيٽر!
اپريل 1996ع جو ”سرتيون“ ڏاڍو ڀرپور ۽ بيحد خوبصورت
رهيو آهي. اها تبديلي موهي ٿي. مواد جو سيٽ اپ
توڙي ٽائيٽل سڀ سهڻا رهيا آهن. مواد به ڪافي بهتر
ٿو محسوس ٿئي.
ايوب کوسو، جهڏو
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ جو تازو شمارو هٿن ۾ آهي. هن شماري م ڊاڪٽر
عبدالغفور سنڌيءَ جو مضمون وڻندڙ آهي. همسفر کوسو
جي ڪهاڻي کانسواءِ ايوب کوسو، گل محمد خاصخيلي ۽
آفتاب ناز جي شاعري سٺي آهي. باقي ڪنول محمد يوسف
جي شاعري ڪو خاص تاثر نه ڇڏيو، ڀيڻ ثمينه ميمڻ جو
تاثر خوبصورت هو.
اصغر علي سنڌي، ڳوٺ احمد خان کوسو، جهڏو.
محترمه ايڊيٽر!
تازو پرچو ”سرتيون“ جو دير سان مليو. پڙهيم ۽ وڻيو.
خليل عارف سومري، آس ٻٻر ۽ ٻين ساهتڪارن جون سوچون
سُندر لڳيون. مضمون ۽ ڪهاڻيون به گهڻيون
وڻيــــون.
گل حسن ساگر ڪوري، جوهي، دادو.
محترمه ايڊيٽر!
”سرتيون“ جو تازو شمارو منهنجن هٿن ۾ آهي. خوبصورت
ٽائيٽل تي ڀاءُ اياز گل تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.
توهان به هن پرچي کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽايو
آهي. هر طرح سان سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو. سٽاءُ
کان وٺي خطن تائين جيڪي به رنگ آهن، تن بيحد موهيو
آهي.
گل محمد خاصخيلي، جهڏو
محترمه ايڊيٽر!
اُميد ته سنڌي ادب جي واڌاري ۽ اشاعت لاءِ پاڻ پتوڙيندا
رهندا. عرض ته مون پنهنجي والد صاحب جو هڪ غزل
جيڪو اشاعت جي خيال سان اوهان ڏانهن موڪليو آهي.
اُميد ته جاءِ ملندي.
باڊاهي علي محمد ”انڙ“، معرفت جامع عيدگاهه،
پوسٽ آفيس نصيرآباد، ضلع لاڙڪاڻو
جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني. غزل پهتل
آهي، جلد شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ساحره اعجاز
مٺو دسترخوان
شاهي ٽڪرا
استعمال لاءِ شيون: کنڊ
=
هڪ پاءُ، ڊبل روٽي
= هڪ عدد عام سائيز جي، کير
= هڪ سير، گيهه
= هڪ پاءُ، پستا، بادام، چاندي جا ورق ۽ ننڍا ڦوٽا
=
جيترا استعمال ڪرڻ چاهيو.
ترڪيب: ڊبل روٽيءَ جا سخت ڪنارا صفائيءَ سان عليحده ڪري ڇڏيو.
بادامن جون کلون لاهي صاف ڪيو. ان لاءِ جيڪڏهن
بادامن کي ٿوري دير لاِ پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکجي ته
آسانيءَ سان کلون لهي وينديون. کير کي ايترو
ڪاڙهجي جو اُهو اڌ رهجي وڃي. وقت بچائڻ خاطر اهو
بهتر ٿيندو ته سڀ کان پهرين کير گرم ڪرڻ لاءِ رکيو
وڃي ۽ باقي ڪم پوءِ شروع ڪيو وڃي. جڏهن کير اڌ
رهجي وڃي ته اُن ۾ کنڊ ملائجي. ڊبل روٽي جا ٽڪرا
هلڪي باهه تي ڪنهن فرائي پان ۾ بادامي رنگ جهڙا
تري وٺو ۽کير ۾ وجهندا وڃو. کير هلڪي باهه تي رکيو
هجي. جڏهن کير وڌيڪ خشڪ ٿي وڃي ته ٽڪرا اهڙي
احتياط سان ڪڍيا وڃن جو اُهي ٽٽي نه پون. مهمانن
کي پيش ڪرڻ کان پهرين چاندي جا ورق ۽ سڪو ميوو
يعني پستا، بادام وغيره سنها ڪري مٿان ڇڙڪجن.
زعفراني زردو
استعمال لاءِ شيون: انب جو مربو
=
اڌ ڇٽانگ، گيهه
=
اڌ پاءُ، چانور
=
ڏيڍ ڀاءُ، زعفران
=
اڌ گرام، کنڊ
=
هڪ پاءُ، ننڍا ڦوٽا، پستا، بادام ۽ ڪيوڙو، هار
سينگار جا گل
= پندرنهن گرام.
ترڪيب: سڀ کان پهرين هارسينگار جي گلن جي ڏنڊين کي مناسب مقدار
پاڻيءَ ۾ جوش ڏيئي ڇڏيو ۽ ان رنگين پاڻيءَ ۾ کنڊ
وجهو ۽ زعفران به وجهي ڇڏيو ۽ ان جي چاش پچايو.
جيڪڏهن پاڻي جي وڌيڪ ضرورت محسوس ٿئي ته شامل ڪري
سگهجي ٿو. چانورن کي ڦوٽن سان ٻاڦجي ۽ پوءِ اُنهن
کي ڇاڻي ڇڏجي ته جيئن صرف چانور حاصل ٿي سگهن.
انهن چانورن کي چاش ۾ وجهي، دم ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
خيال رکو ته باهه ايتري هجي جو چانورن کي نه ڇُهي.
سڪي ميوي کي گيهه ۾ ٿورو ٽڙڪائجي (گرم ڪجي) ۽ گيهه
سميت چانورن ۾ شامل ڪري ڇڏجي. ڪنهن چمچي سان آهستي
انهن سڀني کي شامل ڪجي ان کان پوءِ ٿورو مربو به
وجهو، ڪجهه دير رڌڻ کان پوءِ لاهي، مهمانن آڏو پيش
ڪيو.
سادو شيرخُرمو
استعمال لاءِ شيون: کير
=
هڪ سير، سيون
=
اڌ پاءُ، ڇوهارا
=
هڪ ڇٽانگ، بادام، ننڍا ڦوٽا ۽ کنڊ
=
پنهنجي مزاج ۽ طبيعت مطابق استعمال ڪجن.
ترڪيب: کير ۾ ڇوهارا ڀڄائي ڇڏجن، سيون گيهه ۾ ٿوريون ڀُڃي رکجن.
ان کان پوءِ کير کي هلڪي باهه تي ڪاڙهڻ لاءِ رکجي.
جڏهن کير ڪجهه سُڪي تقريباً 3 پاءُ رهجي وڃي ته ان
۾ ڀُڳل سيون ملائجن. هاڻ ان ۾ پنهنجي ذائقي مطابق
کنڊ وجهي ڇڏيو ۽ وڌيڪ رڌڻ ڏيو، جڏهن رڌجي رڌجي کير
گهاٽو ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته ان ۾ کير ۾ ڀڳل ڇوهارا
وجهي ڇڏيو. چاهيو ته چوهارن کي ٻه ٽڪر يا وڌيڪ
سنها ٽڪر به ڪري سگهو ٿا يا پورا ڇوهارا استعمال
ڪيو. ان کان پوءِ بادام (کل لٿل) ۽ ننڍن ڦوٽن جا
داڻا ڪڍي ان ۾ وجهو. جڏهن کير ڪڙهي ڪڙهي گهاٽو ٿي
وڃي ته لاهي ڇڏيو. تيار ٿيل شير خرمي کي ٿڌوٿيڻ
لاءِ رکو، جيترو ٿڌو کائبو اوترو مزيدار ٿيندو. |