سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون اپريل 1996ع

گلبدن جاويد

عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جون ذميداريون

 

اٺين مارچ 1996ع تي سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. انهيءَ ڏينهن تي ’’عورتن جي حقن‘‘ جو پڌرنامو پڻ جاري ٿيو. اٺين مارچ تي مختلف تنظيمن پاران سيمينار، مذاڪرا، نمائشون، ميلا ۽ جلسا منعقد ڪيا ويا، انهيءَ موقعي تي تقريرون ڪندڙن انهي ڳالھ تي زور ڀريو ته عورتن کي مردن جي برابر حق ڏنا وڃن، ۽ سندن ترقي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيئن هو به هر شعبي ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن ۽ هنن سان ٿيندڙ ڏاڍين کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت اُپاءُ ورتا وڃن.

وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو عورتن کي هر شعبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ کين هاءِ ڪورٽ ۾ جج، ٻاهرين ملڪن ۾ سفير، خواتين پوليس، وومين بئنڪ ۽ سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ سندن مقررين لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن کي بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

محترمه بينظير ڀٽو جي انهن اُپائن وٺڻ سان عورتن ۾ خود اعتمادي جو جذبو پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻي اها عورت ناهي جيڪا مرد جي ڏاڍ کان ڊنل ۽ هيسيل آهي، پر هو مٿس ٿيندڙ هر ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي.

ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته صرف حڪومت تي ڀاڙڻ نه گھرجي پر پڙهيل عورتن ۽ اهي تنظيمون جيڪي عورتن جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي هن سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ گھرجي ۽ سچائيءَ سان پنهنجو فرض نباهي پوئتي پيل ۽ ڏکويل عورتن کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرجن. باقي انهيءَ ڏينهن تي جذباتي تقريرون ڪري، ٺهراءُ پاس ڪري خاموش ٿي ويهي رهڻ سان ڪجھ به حاصل نه ٿيندو. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد، محنت، ڪوشش جي ضرورت آهي، جنهن جي وسيلي ئي منزل تي پهچي سگھبو.

سرتيون جي باري ۾

ڪيترين ئي پڙهندڙ ڀينرن پنهنجي خطن ۾ شڪايت ڪئي آهي ته کين ’’سرتيون‘‘ نٿو ملي، ان سلسلي ۾ گذارش آهي ته اسان هر شهر ۾ رسالو موڪليندا آهيون، پر جيڪڏهن اوهان کي رسالو نٿو ملي ته اوهان صرف نوي رپيا، ساليانو چندو مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ بُڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد جي نالي تي مني آرڊر ڪري موڪلينديون، مني آرڊر تي ’’سرتيون‘‘ جو چندو ضرور لکنديون، جيئن هر مهيني پوسٽ ذريعي رسالو موڪلي سگھجي.

مارچ جو ’’سرتيون‘‘ حاضر آهي، ان بابت اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو. ٻيو عرض ته ڪنهن سبب ڪري سلسليوار ناول ’’جنين ڪاڻ مياس‘‘ جي ڇهين قسط هن شماري ۾ ڏيئي نه سگھيا آهيون، ايندڙ شماري ۾ اها قسط ڏني ويندي.           _گلبدن جاويد

 

 

عورتن جو مرتبو

 

وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو پهرين مارچ 1989ع تي ڪراچي ۾ اپوا طرفان ڏنل دعوت ۾ ’’عورتن جو مرتبو‘‘ جي موضوع تي تقرير ڪئي جيڪا ’’عورتن جي عالمي سال‘‘ جي مناسبت سان پيش ڪجي ٿي.

اڄ ڪراچي ۾ عورتن جي ڪل پاڪستان انجمن جي چاليهين سالياني ميڙ ۾ حصو وٺندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مونکي خاص ڪري ان جي لاءِ به خوشي ٿي آهي جو آئون هڪ اهڙي پهرين ۽ پراڻي انجمن جي ميڙ ۾ شريڪ ٿي آهيان، جيڪا پاڪستان ۾ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. گذريل چاليهن ورهين جي عرصي ۾ هن انجمن ڪيترائي ڏکيا ڏينهن ڏٺا ۽ عورتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون، انهن لاءِ انجمن جي ميمبرن ۽ خاص ڪري انجمن جو بنياد رکندڙ صدر جي جيتري به تعريف ڪجي ٿوري آهي. بيگم رعنا لياقت علي خان نه رڳو پاڪستان جي پهرين صوبائي گورنر آهي ۽ پهرين مسلمان عورت جنهن کي سفير جو عهدو ڏنو ويندو، پر هوءَ ملڪ جي پهرين عورت آهي، جنهن عورتن جي ڀلائيءَ جي لاءِ هڪ منظم تحريڪ شروع ڪئي هئي. اسين سڀئي هن جون شڪرگذار آهيون.

چون ٿا ته وڏا سفر سدائين پهرينءَ وک کڻڻ سان شروع ٿيندا آهن. اوهان جي انجمن ’’اپوا‘‘ پاڪستان جي پهرين انجمن آهي، جنهن عورتن جي آزاديءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڊگھي سفر جي پهرين وک کنئي هئي. اهو رستو تمام ڊگھو آهي ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون آهن، پر هڪ ڀيرو پهرين وک کڻڻ سان منزل جيئن پوءِ تيئن ويجھي ايندي ويندي. اڄ هت جيڪو ميڙ ڪٺو ٿيو آهي ان مان پاڪستان جي عورتن جو اهو عزم ظاهر ٿئي ٿو، ته کڻي ڪهڙيون به رنڊڪون ۽ رڪاوٽون ڇو نه هجن، پر سندن اهو سفر جاري رهندو. اوهان جي ان عزم ۽ ارادي جي ڪري آئون اوهان کي مبارڪون ڏيان ٿي ۽ اوهان کي خاطري ڏيان ٿي، ته پاڪستان جي حڪومت ان سلسلي ۾ اوهان جي هر ممڪن مدد ڪندي.

عورتن جي شعبي جي سيڪريٽري هت موجود آهي ۽ مون کي پڪ آهي، ته هن اوهان جي ڪيل تقريرن جون خاص خاص ڳالهيون نوٽ ڪيون هونديون جيئن حڪومت انهن تي هڪدم ويچار ڪري ۽ ’’اپوا‘‘ جو ڪم آسانيءَ سان هلندو رهي.

مون کي اميد آهي، ته جلدئي پاڪستان جي حڪومت ڪئبينيٽ ۾ واڌارو ڪندي جنهن ۾ عورتن جي شعبي لاءِ هڪ عورت کي وزير ڪري رکيو ويندو. پر آئون نه ٿي سمجھان، ته عورتن جي مسئلن لاءِ رڳو عورتن کي ذميدار ڪرڻ ڪافي ٿيندو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪيو ويندو ته عورتن جي معاملن کي عورتون ئي چڱيءَ طرح سان سمجھي سگھن ٿيون. اسين ڪئبينيٽ ۾ هڪ ٻي عورت کي به شامل ڪنداسين.

 

اسان جي آباديءَ جو 51 في سيڪڙو عورتون آهن. تنهن ڪري پاڪستان جي مستقبل ۽ ان جي عوام جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي، ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ عورتن کي هڪ جيترو ۽ رو رعايت کان سواءِ، شرڪت ڪرڻ جو حق ملڻ گھرجي. ان شرڪت کان سواءِ اسين ترقي نه ٿا ڪري سگھون. مومن هئڻ جي حيثيت ۾ اسان کي فخر آهي، ته مسلمان سماج ۾ اسلام عورتن کي هڪ بي مثال درجو عطا ڪيو آهي.

 

اسان جي دين عورتن کي هڪ نمايان پنهنجي قانوني حيثيت عطا ڪئي آهي ۽ هن کي زندگيءَ ۾ پنهنجي خانوند سان هڪ جھڙو درجو ڏنو آهي.

خواتين ۽ حضرات! پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ جتي مذهبي جذباتيت جو گھڻو اثر آهي، اتي سماج جو هڪڙو طبقو ان خيال جو به آهي ته عورتن جي ترقي اسان جي عظيم مذهب جي احڪامن جي البت خلاف آهي. آئون سمجھان ٿي، آئون اوهان سڀني جي نمائندگي ڪري چونديس، ته اسان مسلمان عورتن جو خيال آهي ته اسلامي سماج ۾ عورتن جي ترقي بلڪل الله تعاليٰ جي احڪامن مطابق آهي. اسلام ته آزاديءَ جو مذهب ٿي آيو هو. اهو ظلم جو مذهب نه هو. اسلام سڀني کي، مردن کي، عورتن کي، ڪمزورن کي، بي سهارن کي عظمت عطا ڪئي آهي. اسلام اهو نه ٿو چوي، ته هنن کان عظمت ڦري وٺو. آئون سمجھان ٿي، ته اسين پنهنجا، پنهنجي مذهب جا، پنهنجيءَ ثقافت جا شڪر گذار آهيون ۽ اسان کي گھرجي، ته اسين اسلام جو اهو جلال ۽ بزرگي ڏيکاريون، ته اهو رحمدليءَ جو مذهب آهي، اهو آزاديءَ جو مذهب آهي ۽ اهو مساوات جو مذهب آهي.

مون کي ياد آهي، ته مون کي هڪ سيمينار ۾ تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، جنهن جو موضوع هو ’’اسلام، عورت ۽ سياست‘‘. اتي تقرير ڪندي مون چيو هو، ته مصر ۾ ناصر جي وقت جيڪو اسلام هو اهو هن کان اڳ واري حاڪم جي وقت ۾ مختلف هو. يا جيئن شهيد ڀٽو جي ڏينهن ۾ اسلام ضياءالحق جي دؤر واري اسلام کان مختلف هو. اسلام ته دائم ۽ قائم آهي، پر حاڪم بدلبا رهن ٿا، تشريحون ڦرنديون رهن ٿيون، جيڪي مختلف فڪري مڪتب پيش ڪندا آهن ۽ شايدئي ڪو اهڙو مڪتب هوندو، جيڪو هن عظيم مذهب کي محدود ڪري پيش ڪندو هوندو. منهنجو خيال آهي، ته هن مذهب جي عظمت تمام وڏي آهي ۽ اهو اسان جو ذمو آهي، ته اسين پنهنجي مذهب جو ذڪر ان جي سچيءَ عظمت مطابق ڪريون.

اچو ته اسين اقبال جھڙن شاعرن مان اُتساهه حاصل ڪريون جيڪو پاڻ به هن سرزمين تي پيدا ٿيو هو ۽ جنهن کي خبر هئي، ته اسين ڇا آهيون ۽ اسان جي ثقافت ڇا آهي ۽ جنهن اسان جي مذهب کي ترقيءَ جو مذهب ۽ انسانيت جو مذهب ڪري ڄاڻايو هو. اچو ته اسين اهڙن ئي ٻين اسلامي عالمن مان اُتساهه حاصل ڪريون، شريعت مان، جنهن مذهب ۾ ظلم جي خلاف جنگ ڪرڻ جي قوت ڏني هئي ۽ ظلم ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.

اسين ڄاڻو ٿا، ته اسين هينئر هڪ اهڙي سماج ۾ آهيون ، جنهن ساڍن يارهن ورهين تائين اسلام جي نالي ۾ بدترين ظلم ٿيندي ڏٺو هو. اسين معصوم ٻار نه آهيون، اسان کي ان ۾ يقين ڪونهي، ته اسين جادوءَ جي ڏنڊيءَ سان هر ان عمل جو انت آڻي سگھون ٿا، جيڪو ساڍن يارهن ورهين ۾ ٿيو هو، نه وري اسان جو فريب يا دغا ۾ ايمان آهي. اسان جو ان ۾ به يقين ڪونهي ته رياستي جبر ۽ ڏاڍ کي استعمال ڪري اسين ٻين تي پنهنجا خيال مڙهي سگھون ٿا. پر اسان کي پنهنجن نظرين ۾ يقين آهي. اسان کي منطق ۾ يقين آهي، اسان کي دانائيءَ ۾ يقين آهي ۽ اسان کي يقين آهي، ته نظرين جي انهيءَ جنگ ۾ دانائيءَ واري منطق جي فتح ٿيندي. اسان کي اهو به يقين آهي ته ساڍن پنجن ورهين کان پوءِ، جنهن مدت لاءِ اسان کي چونڊيو ويو آهي، اسين هڪ اهڙو سماج ٺاهي وينداسين، جنهن ۾ عظمت هوندي، جنهن ۾ مساوات هوندي ۽ جنهن ۾ عورت خوف خطري کان آجي هوندي ۽ رياست هن کي هر خطري کان بچائيندي ۽ هن جي حفاظت ڪندي.

Text Box: 10

 

اسلامي دنيا ڪيترائي عظيم عالم ۽ ولي پيدا ڪيا آهن. مسلمان عورتون به وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي آهن. اسين وڏي فخر سان چئي سگھون ٿا، ته پهرين هستي جنهن اسلام قبول ڪيو هو اها هئي مقدس خاتون حضرت خديجه رضه؛ اسين وڏي فخر سان چئي سگھون ٿا، ته اسلام جي اوائلي تاريخ ۾ ظلم ۽ جبر جي خلاف جنهن هستيءَ زبردست جدوجهد ڪئي هئي،  اها بهادر ۽ عظيم خاتون حضرت زينب رضه؛ هئي، جنهن زبردست همت ۽ پختي ارادي سان ڪربلا جو پيغام پهچايو. اسين اهو ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھون، ته پاڪستان جي اسلامي رياست کي قائم ڪرڻ ۾ عورتن مثالي ڪم ڪيو آهي ۽ اسين اهو به وساري نه ٿا سگھون، ته 1965ع ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ پهرين منظم جدوجهد جي اڳواڻي محترمه فاطمه جناح ڪئي هئي ۽ اوهين مون کي اجازت ڏيو، ته آئون وڏي عجز ۽ انڪساريءَ سان، جيتوڻيڪ هڪ ڌيءَ هجڻ جي حيثيت ۾ منهنجو اهو فرض نه آهي، ٻڌايان، ته جمهوريت جي جدوجهد ۾ بيگم نصرت ڀٽو پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو.

 

خواتين و حضرات! عورتن سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ هڪ اهڙو سماجي مسئلو آهي، جيڪو اسان جي جمهوري حڪومت کي ورثي ۾ مليو آهي. عورتن ۽ مردن جي برابريءَ جو جيڪو بنيادي اسلامي اصول آهي، ان کي ترميم جي ذريعي قربان ڪيو ويو آهي. ٻه سال اڳ هت ڪراچي ۾ ان نئين قانون جي ڪري هڪ عدالت هڪ مرد ۽ عورت کي سنگسار ڪري مارڻ جي سزا ٻڌائي هئي؛ ڇاڪاڻ ته ان عورت جي پهرين شادي قانوني طرح قائم سمجھي وئي هئي ڇو جو سندس طلاق جي ڪاغذن جي اڃان رجسٽري نه ٿي هئي. تنهن ڪري هن جي ٻي شاديءَ کي غير قانوني ۽ اسلامي اخلاقيات جي خلاف سمجھيو ويو، جنهن لاءِ موت جي سزا آهي. ان تي آئون پنهنجي راءِ نٿي ڏيان؛ ڇاڪاڻ ته ان مقدمي کي پوءِ ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ اڃان تائين پورو نه ٿيو آهي. مون کي خوشي آهي ته پاڪستان جي عورتن پهرينءَ عدالت جي فيصلي تي اعتراض اٿاريو ۽ هاڻي عورتن کي اهو پڻ پڇڻ گھرجي، ته چوڏهن سؤ ورهيه اڳ جيڪڏهن هڪ عورت اٿي حضرت عمر رضه کان سوال پڇيو هو، ته پوءِ اڄ اسين پنهنجي قانون ٺاهيندڙن کان ڇو نه ٿيون سوال پڇي سگھون.

مذهبي حڪمن سان گڏ، پاڪستان جو آئين به عورتن کي برابريءَ جو درجو ڏي ٿو. ان ۾ لکيل آهي، ته قانون جي نظر ۾ سڀئي شهري برابر آهن ۽ قانون جي هڪ جهڙي حفاظت جا حقدار آهن. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته اوهان ڪن قانونن جي خلاف پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو آهي، جيڪي اوهان جي خيال ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف آهن ۽ آئون سمجھان ٿي، ته سيڪريٽري مهرباني ڪري اها ڳالهه قانون جي وزير تائين پهچائيندو، ته هو ان مقدمي جي ڪاروائيءَ جي باري ۾ معلومات ڏي.

آمراڻي راڄ جي گذريل ڏهي ۾ عورتن جو آواز گھٽڻ جي لاءِ رياستي جبر کي استعمال ڪيو ويو هو، پر عورتن تي جيترو وڌيڪ ظلم ڪيو ويو اوترو وڌيڪ هنن کي پنهنجن حقن جو احساس ٿيو. هنن کي معلوم ٿيو آهي، ته منجھن ايتري طاقت آهي، جو اهي به سماج جي ترقيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺي سگھن ٿيون. زندگيءَ جي سڀني شعبن مان عورتن جي هيڏي وڏي تعداد جي هت موجودگي ان جو ثبوت آهي. آئون اهو ضرور چونديس، ته جيتوڻيڪ آئون پاڻ کي هڪ پڙهيل لکيل خاتون سمجھان ٿي، پر مون کي به زندگيءَ جي انهن ڪيترن ئي شعبن جي ڄاڻ نه هئي، جن جي هت اڄ نمائندگي ٿي آهي ۽ اوهان سڀني سان ملي مون کي واقعي خوشي ٿي آهي.

آئون هن موقعي جو فائدو وٺندي اوهان کي خاطري ڪرايا ٿي، ته حڪومت انهن سڀني قانونن کي رد ڪندي، جيڪي عورتن جي خلاف آهن. اهو اسان جي پڌرنامي ۾ چيل آهي ۽ اهو اسان جي جمهوري حڪومت جو واعدو آهي. جمهوريت اتي وڌي ويجھي ٿي جتي کليءَ طرح سان ڳالهائجي، جتي سهپ هجي ۽ سماجي انصاف هجي. اسين انهن قدرن کي قائم رکنداسين. اهوئي سبب آهي جي اسان جي حڪومت پهريون ڪم اهو به ڪيو هو،  ته عورتن جي حيثيت تي بيگم زري سرفراز ڪميٽي جيڪا رپورٽ تيار ڪئي هئي اها عوام جي لاءِ پڌري ڪئي وڃي، ته جيئن عورتن جي معاملي تي ملڪ جو عوام پنهنجي راءِ ظاهر ڪري سگھي. جيئن ته مون اوهان کي پنهنجي اعتماد ۾ ورتو آهي، تنهن ڪري آئون اوهان کي سچ ٿي ٻڌايان، ته مون کي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، ته ان رپورٽ ۾ آخر ڪهڙي ڳالهه تڪراري آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته ان ۾ جيڪا تڪراري ڳالهه هئي اها هاڻي عام بحث جو موضوع ٿي وئي آهي ۽ اسين ان بحث جي روشنيءَ ۾ ڪي اُپاءُ وٺڻ گھرون ٿا.

جڏهن آئون مستقبل ۾ ڏسان ٿي ۽ پاڪستان ۾ عورتن جي آزاديءَ جي طويل جدوجهد تي منهنجي نظر پوي ٿي، تڏهن مون کي خوشي ٿئي ٿي ته هنن فيصلو ڪيو آهي، ته هاڻي اهي ڪنهن به نا انصافيءَ ۽ امتيازي سماج جون خاموشيءَ سان شڪار نه ٿينديون. اُهي اهڙي ڪنهن به سرشتي کي قبول نه ڪنديون، جنهن مطابق هڪ عورت جون ٻه اکيون هڪ مرد جي ٻن اکين جي ڀيٽ ۾ گھٽ ڏسي سگھن. هنن هڪ اهڙي حڪم تي اعتراض ڪيو آهي، جنهن مطابق فقط مرد ئي اسلامي احڪام جاري ڪرڻ جا ذميدار آهن. اهو اوهان ۾ هڪ نئون احساس پيدا ٿيو آهي ۽ اوهان کي يقين آهي، ته اوهان جو مقصد منصفاڻو آهي.  تنهن ڪري اوهان کي پڪ سان ڪاميابي حاصل ٿيندي. اها راهه جيتوڻيڪ ڊگھي ۽ ڏکي آهي پر ڪاميابي اوهان جي تقدير آهي. جيڪڏهن اوهان جو پنهنجي مقصد ۾ ايمان آهي، ته پوءِ اوهين اهو حاصل ڪري سگھنديون. تنهن ڪري اوهان کي اهو ايمان، اهو عقيدو حاصل ڪرڻو آهي ۽ جنهن تان اوهان کي ڪڏهن به ڦرڻ نه گھرجي.

 

خواتين ۽ حضرات! تازو اسان وٽ ’’علماء ڪانفرنس‘‘ ٿي هئي ۽ آئون ان جو حوالو فقط انهيءَ ڪري ڏيان ٿي، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ جيئن ته اسان جو نظرين ۾ اعتقاد آهي، تنهن ڪري اسان جي لاءِ اها اهميت واري ڳالهه آهي، ته ڪن نظرين جي چڱيءَ ريت چڪاس ڪريون. ان علماء ڪانفرنس ۾، جتي ٻهَ سؤ پنجاهه عالم موجود هئا، اعلان ڪيو ويوهو، ته عورت حڪومت جي سربراهه ٿي نه ٿي سگھي. هاڻي خواتين و حضرات! جيڪڏهن هنن جي هميشه اها راءِ هجي ها ته اسين کڻي قبول ڪريون ها، پر اوهان کي ياد هوندو، ته 1960ع ۾ هنن چيو هو، ته عورت حڪومت جي سربراهه ٿيڻ کي ته ڇڏيو، مرڳو ملڪ جي سربراهه ٿي سگھي ٿي. تنهن ڪري اهي عالم اڳي صحيح هئا يا هاڻي صحيح آهن؟ يا ته هنن اڳي سچ چيو هو ۽ هاڻي ڪوڙ ڳالهائن ٿا يا وري اڳي هنن ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ هاڻي سچ چون ٿا. ٻنهي صورتن ۾ هنن جي ساک اعتراض جوڳي آهي ۽ اهي جيڪي به چون ٿا ان جي سچائيءَ تي شڪ ٿي سگھي ٿو. 1973ع جي آئين ۾، جنهن جي حمايت جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام به ڪئي هئي، اهي سڀئي ان راءِ تي متفق هئا، ته عورت به حڪومت جي سربراهه ٿي سگھي ٿي. پر اڄ هنن پنهنجي اها راءِ ڇو ڦيرائي آهي؟

 

خواتين و حضرات! 1985ع جي آئين ۾ جيڪو اصل ۾ مارشل لا جي حڪم هيٺ پارليمينٽ جي منظوريءَ کان اڳ ۾ ئي منظور ڪيو ويو هو، ۽ جيڪو پاڻ کي بنياد پرست سڏائيندڙ ٺاهيو هو، اهو مسئلو فيصل ڪيو ويو هو، ته عورت حڪومت جي سربراهه ٿي سگھي ٿي. هاڻي جڏهن اوهان بنياد پرستيءَ جي نموني ۾ اهو فيصلو ڪيو هو، ته پوءِ هاڻي اوهان پنهنجو خيال ڇو ڦيرايو آهي؟ خواتين و حضرات! آئون اوهان کي ٻڌايان ٿي، ته سوال اهو نه آهي، ته عورت ملڪ جي سربراهه ٿئي يا حڪومت جي سربراهه، پر اصل سوال اهو آهي، ته هيءُ ملڪ ڪيئن هلائجي. ملڪ کي آزاديءَ، عزت ۽ جمهوريت سان هلائجي يا ملڪ کي رجعت پسنديءَ ۽ ظلم سان هلائجي؟ پاڪستان جي عوام پنهنجي آئين ۾ اعلان ڪيو آهي، ته حاڪميت فقط الله تعاليٰ جي آهي. مرد ۽ عورتون الله تعاليٰ جا عيوضي آهن، هن دنيا ۾ الله تعاليٰ جي حاڪميت جي سنڀال جو ذمو مردن ۽ عورتن جي حوالي ڪيل آهي. مردن ۽ عورتن جيڪي الله تعاليٰ جا عيوضي آهن، پاڪستان ۾ پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هنن جيڪا حڪومت چونڊي آهي، اها ڄڻ ته الله تعاليٰ جي مرضيءَ جو اظهار آهي ۽ آئون پنهنجن پيارن ڀائرن ۽ عالمن کي تاڪيد ڪرڻ گھران ٿي، ته جيڪڏهن هنن هن حڪومت جي مخالفت ڪئي، جيڪا الله تعاليٰ جي حاڪميت جي سنڀاليندڙن چونڊن جي ذريعي ٺاهي آهي ۽ جيڪا الله تعاليٰ جي مرضيءَ جو اظهار آهي، ته پوءِ اسين نه، پر اهي پاڻ پٺتي رهجي ويندا.

 

آئون اوهان جي مهربانيءَ جي شڪرگذار آهيان. آئون اوهان سان جمهوري حڪومت جي مڪمل حمايت جو واعدو ڪريان ٿي. جيڪڏهن اوهان جي ڪا اهڙي تجويز هجي جنهن جي لاءِ اوهان کي ڪنهن مدد، ڪنهن امداد جي ضرورت پوي، ته اوهين اسان وٽ ضرور اچو اسين ائين نه ٿا چئون، ته اسان وٽ هر ڳالهه جو جواب آهي. اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جي شهريءَ جي حيثيت ۾ اسان مان هر هڪ وٽ جواب آهي، جنهن کي ٻڌڻ گھرجي. اسان پنهنجي ’’عوامي پروگرام‘‘ هيٺ پهريون ڀيرو فيصلو ڪيو آهي، ته پاڪستان ۾ هر هڪ ايراضيءَ جي لاءِ جيڪا سرڪاري امداد ڏني وڃي ٿي، ان مان ’’غير حڪومتي ادارن‘‘ کي پڻ مدد ڏيڻ گھرجي. اسين اوهان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ موجود آهيون، ڇاڪاڻ ته اوهان جي سنڀال لهڻ ، اوهان جي امداد ڪرڻ جي ڪري، ڄڻ ، ته اسين پنهنجي ملڪ ۾ خود پنهنجي مدد پيا ڪريون.

 

اوهان سڀني جي مهرباني.

 

عورتن جي عالمي ڏينهن جو جائزو

 

8 مارچ1857ع تي، آمريڪا جي ٽيڪسٽائيل ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو، ۽ مطالبو ڪيو ته انهن کان 16 ڪلاڪن جي بدران 10 ڪلاڪ پورهيو ورتو وڃي، 1907ع ۾ آمريڪي عورتن ووٽ ڏيڻ لاءِ ان ڏينهن کي عورتن جو ڏينهن قرار ڏنو.

1910ع ۾ سوويت يونين جي ’’ڪلارازيٽ ڪن‘‘ مطالبو ڪيو ته ان ڏينهن کي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي. 19 مارچ 1911ع ۾، جرمنيءَ ۾ آسٽريليا جي بادشاهن خلاف عورتن مظاهرو ڪيو ته کين ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ برابري وارو حق ڏنو وڃي. 8 مارچ 1915ع ۾ ناروي جي گاديءَ واري هنڌ اوسلو ۾ عورتن پهرين عالمي جنگ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. 8 مارچ 1917ع ۾ پيٽرسبرگ جي عورتن روس جي راز (بادشاهه) جي خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو ۽ ’’سڀنيءَ مانيءَ جي لاءِ‘‘ مطالبو ڪيو، 8 مارچ 1937ع ۾ اسپين جي عورتن جنرل فرانڪو جي آمريت خلاف منظم مظاهرو ڪيو،8 مارچ 1943ع تي اٽليءَ جي عورتن جنرل فرنڪو جي آمريت خلاف احتجاج ڪيو. 8 مارچ 1943ع تي اٽليءَ جي عورتن مسوليني فاشسٽ جي آمريت خلاف احتجاج ڪيو. 8 مارچ 1947ع تي ويٽنامي عورتن آمريڪي سامراج جي خلاف مظاهرو ڪيو. ان طرح سان 8 مارچ هڪ روايتي ڏينهن بجاءِ عورتن جو عالمي ڏينهن بڻجي ويو. خود گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ اهو ڏينهن دنيا جي عورتن جو ڏينهن قرار ڏنو ويو. اهوئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ ان ڏينهن کي سرڪاري ۽ خانگي سطح  تي ملهايو وڃي ٿو.

 

’’اقوام متحده‘‘ جي جنرل اسيمبلي پنهنجي 7 نومبر 1967ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ 12263 تحت عورتن جي حقن جو عالمي پڌرنامو منظور ڪيو. جنهن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.

 

اهو ويچاريندي ته اقوام متحده جا ماڻهو پنهنجي چارٽر ۾ پنهنجي ان بنيادي انساني حقن واري ايمان کي دهرائين ٿا ته هو ڪنهن به شخص جي شان، شوڪت ۽ ان جي ملهه کي تسليم ڪن ٿا، ۽ مردن ۽ عورتن جي هڪ جهڙن حقن کي به تسليم ڪن ٿا.

اهو ويچاريندي ته انهيءَ اقوام متحده جو پڌرنامو جيڪو انساني حقن لاءِ آهي، ان ڳالهه کي ڀلي ڀت غير امتيازي سلوڪ واري اصول کي مڃي ٿو. اها دعويٰ ڪري ٿو ته سڀ انسان آزاد ڄاوا آهن، ۽ حقن جي اعتبار سان برابر آهن، انهن سڀني حقن ۽ آزادين جا مجاز آهن، جيڪي هن وقت تائين تسليم ٿيل آهن، بنا ڪنهن به قسم جي تفريق جي ان ۾ جنس جي غير امتيازي پڻ شامل آهي.

انهن سڀني ٺهرائن، اعلانن، ميڙن ۽ سفارشن جيڪي اقوام متحده ۽ ان جي خصوصي شاخن انهيءَ لاءِ عمل ۾ آندو ته سڀني قسم جي امتيازن ۽ تفريقن کي ختم ڪري مردن ۽ عورتن جي برابري وارن حقن کي تسليم ڪيو وڃي، انهن سڀني کي حساب ڪتاب سان توريو وڃي.

فڪرمند آهيون ته باوجود اقوام متحده جي دنيا واري اعلان، جيڪو انساني بنيادي حقن تي بين القوامي انجام ناما ۽ اهڙا ئي اقوام متحده جا ٻيا اقرار ناما ۽ خاص ايجنسيون، جنهن جي هڪ جهڙائي کي تسليم ڪيو وڃي، پوءِ به ڪافي حد تائين عورتن ڏانهن امتيازي سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو.

اهو تسليم ڪندي ته عورتن جي خلاف امتيازي سلوڪ انساني عظمت سان ٺهڪندڙ نه آهي، سماج ۽ ڪٽنب جي چڱ ڀلائي سان سهمت ڪونه ٿو رکي، جنهن ۾ عورتن جي مردن سان هڪ جهڙائي واري بنياد تي انهن جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي ٿي ۽ جيڪي عورتن جي پوري صلاحيتن جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهن. انهن جي خدمت جيڪي انسان ذات ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪن ٿيون.

اهو ذهن ۾ رکندي، عورتن جي وڏي ۾ وڏو حصو جيڪو هو سماجي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي ٺاهڻ ۾ ونڊين ٿيون، ۽ اهو حصو جيڪو هو ڪٽنب ٺاهڻ، ۽ خاص ڪري ٻارن جي پالنا ۾ صرف ڪن ٿيون.

اهو يقين ڪندي ته ڪنهن به ملڪ جي پوري، ۽ مڪمل واڌاري لاءِ سڄي دنيا جي ڀلائي، امن جي سببن کي حل ڪرڻ ۾ هر ميدان ۾ عورتن جي گھڻي ۾ گھڻي شموليت جي ايتري ئي ضرورت آهي، جيتري مردن جي.

اهو ذهن ۾ رکندي ته اهو لازمي آهي ته قانوني طور حقيقت ۾ سڄي ڪائنات ۾ تسليم ٿيل ان اصول جو يقين ڏياريو وڃي ته عورتن ۽ مردن جي هڪ جهڙائي کي هر ميدان ۾ تسليم ڪرڻ گھرجي.

 

اسين هن اعلان / پڌرنامي کي گنڀيرتا سان تسليم ڪريون ٿا.

 

قلم 1:

عورتن جي خلاف امتيازي سلوڪ جنهن هيٺ انهن جي حقن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ يا دٻائڻ ته هو مردن جي برابر آهن، بنيادي طور ناانصافي وارو عمل آهي. ان کي انساني عظمت جي خلاف ڏوهه سمجهيو ويندو.

قلم 2:

سڀ موزون اپاءَ کنيا ويندا ته موجود اهڙن قانونن، روايتن، قاعدن ۽ هلتن کي ٽوڙيو وڃي، جيڪي عورتن ڏانهن امتيازي سلوڪ جو ڏس ڏين ٿيون، ۽ خاص طرح مردن ۽ عورتن جي برابر حقن لاءِ پورو قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

(الف) برابري وارن حقن جو اصول يا ته دستور ۾ شامل ڪيو ويندو يا قانوني طور ان جي ضمانت ڏني ويندي.

(ب) اقوام متحده جا ادارا ۽ خصوصي ايجنسيون جيڪي عورتن جي ان امتياز واري سلوڪ خلاف پڌرناما ڪنديون، انهن کي بحال ڪرايو ويندو يا انهن کي پوري نموني ۾ عمل ۾ آندو ويندو، جيتري حد تائين اهو عمل جي قابل آهي.

قلم 3:

سڀ موزون اپاءُ ورتا ويندا ته جيئن عام ماڻهوءَ واري نظرئي ۾ سڌارو آندو ويندو، ۽ قومي اتساهه کي اهڙو رستو ڏيکاريو ويندو ته جيئن انهيءَ  تعصب کي پاڙئون پٽيو وڃي، روايتي ۽ ٻين هلندڙ دستورن کي ختم ڪيو وڃي، جنهن سان عورتن جي گھٽتائي وارو خيال ظاهر ڪيو وڃي.

قلم 4:

سڀ موزون اپاءَ ورتا ويندا، ۽ عورتن کي ان جي پڪ ڏياري ويندي ته هو مردن سان برابريءَ وارن شرطن تي بنا ڪنهن امتياز جي.

(الف) ته هو سڀني انتخابن ۾ ووٽ جو حق رکنديون، ۽ انتخاب وڙهڻ لاءِ پڻ جائز قرار ڏنيون وينديون، انهن عوامي منتخب ادارن ۾ چونڊجي سگھنديون.

(ب) سڀني عوامي ريفرنڊم ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪنديون.

(ج) انهن کي حق حاصل ته هوندو هو عوامي عهدو حاصل ڪن، ۽ عوامي ذميواريون پڻ سنڀالين. انهن حقن جي ضمانت ملڪ جو قانون فراهم ڪندو.

قلم 5:

عورتن کي اوتروئي حق هوندو، جيترو مردن کي ته هو پنهنجي قوميت حاصل ڪري سگھنديون، قبول ڪري سگھنديون يا اهي ساڳي قوميت برقرار رکي سگھن ٿيون. ڪنهن مرد سان به شادي هن عورت جي قوميت تي اثر انداز انهيءَ طرح ٿيندي ته هن کي ڪنهن رياست مان بي دخل ڪيو وڃي يا هن تي هن جي مڙس جي قوميت زوري مڙهي وڃي.

قلم 6:

انهيءَ تعصب کان سواءِ ته ڪنهن به ڪٽنب جو ايڪو ۽ هم خيالي متاثر ٿئي، ڇاڪاڻ ته سماج جو اهو پهريون ضروري يونٽ آهي، باقي سڀ مناسب اپاءَ ورتا ويندا، جيئن عورتن کي يقين ڏياريو وڃي ته هوءَ شادي شده هجي يا غير شادي شده، انهن کي مردن جي برابر حق ڏنا ويندا، خاص طور تي ملڪي قانون واري ميدان ۾ پڻ مهيا ڪيا ويندا.

(الف) انهن کي اهو حق هوندو ته هو ملڪيت حاصل ڪن، ان ملڪيت جو انتظام ڪن، انهن کي ماڻڻ ڇڏي ڏين يا وري ورثي ۾ ملڪيت حاصل ڪن، ان ملڪيت سميت جيڪا هو شاديءَ ۾ حاصل ڪن ٿيون.

(ب) قانوني حيثيت ۾ هڪ جهڙائي وارو حق، ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جو حق.

(ج) مردن جهڙا اهي حق جيڪي ماڻهن جي چرپر واري قانون سان ٺهڪن ٿا.

قلم7:

اهڙا اُپاءَ ورتا ويندا، جنهن جي ذريعي مڙس ۽ زال جي بيهڪ جي هڪ جهڙائي واري اصول جو يقين ڏيايو وڃي ۽ خاص ڪري.

(الف) عورتن کي مردن جهڙي آزادي هوندي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان مڙس جي چونڊ ڪري، ۽ ڪنهن به شاديءَ ۾ پنهنجي پوري مرضيءَ سان داخل ٿئي.

(ب) شاديءَ دوران يا اُن جي ٽوڙڻ لاءِ عورتن کي مردن جهڙا ۽ هڪ جيترا حق ميسر هوندا. پر هر حالت ۾ ٻارن جي دلچسپين کي اوليت ڏني ويندي.

(ج) ماءُ، پيءُ/ والدين کي پنهنجي ٻارن جي پرگھور واري معاملي متعلق هڪ جيترا ۽ هڪ جهڙا حق ۽ فرض هوندا. پر هر حالت ۾ ٻارن جي دلچسپين کي اوليت هوندي.

(د) ننڍڙن ٻارن جي شادي، ۽ نوجوان ڇوڪرين جي بلوغت کان پهريائين بازار حسن ۾ آڻڻ جي روڪ هوندي ۽ ان لاءِ مؤثر قدم قانوني نقطن سان گڏوگڏ کنيو ويندو ته شاديءَ جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ عمر ظاهر ڪرڻ هوندي، ۽ شادين جي داخلا سرڪاري دفتر ۾ ضرور قرار ڏنو ويندو.

انهن سڀئي قانونن جا ٺهراءَ جيڪي عورتن جي امتيازي واري سلوڪ کي دستوري ٺاهن، انهن کي تبديل ڪيو ويندو.

قلم 8:

اهي سڀ موزون قدم/ اپاءَ ورتا ويندا، جن هيٺ ڇوڪرين ۽ عورتن کي ضمانت/ يقين ڏياريو ويو ته هو چاهي شادي شده هجن يا غير شادي شده، هنن کي مردن جي برابر تعليم جو هر سطح تي حق آهي ۽ خاص ڪري.

(الف)   هنن کي هڪ جهڙيون حالتون ميسر ڪيون وينديون، جنهن سان هو هر قسم جي تعليمي ادارن، جنهن ۾ يونيورسٽيون، ڌنڌي واريون يا ٽيڪنيڪي، ڌنڌي وارا اسڪول به شامل آهن، انهن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿيون.

(ب) ساڳئي قسم جي چونڊ جو حق ته هو ڪن به سرگرمين ۾ حصو وٺن، ساڳيا امتحان پاس ڪن، ۽ ساڳئي معيار وارن استادن وٽ پڙهن، ساڳئي اسڪول جي حدن اندر پڙهن، ساڳئي قسم جون شيون استعمال ڪن، چاهي انهن ادارن ۾ گڏيل تعليم وارو نظام هجي يا نه.

(ج) انهن کي هڪ جيترا موقعا ڏنا ويندا ته هو اسڪالرشپن مان فائدا وٺن يا پڙهڻ لاءِ ٻيون منظوريون حاصل ڪن.

(د) هڪ جيترا موقعا ته هو تعليم جاري رکڻ لاءِ اهڙن پروگرامن ۾ حصو وٺن، جنهن ۾ تعليم بالغان وارو پروگرام به شامل آهي.

(هه) انهن کي تعليمي ڄاڻ جو حق هوندو ته جيئن هو ڪٽنب جي صحت ۽ خوشحالي لاءِ ضامن ٿين.

قلم 10:

اهي سڀ قدم کنيا ويندا ته جيئن عورتن کي پڪ ڏيارجي ته هو شادي شده هجن يا غير شادي شده، هنن کي مردن سان برابري جي بنياد تي اقتصادي ۽ سماجي ميدان ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو حق هوندو خاص طور تي:

(الف) اهو حق جيڪو بنا امتياز جي هوندو ته هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن يا ٻئي ڪنهن سبب هو ڌنڌي واري سکيا حاصل ڪري سگھنديون، هو ڪم ڪار ڪري سگھنديون، پنهنجي چونڊ جي حساب سان ڪوبه ڌنڌو يا نوڪري حاصل ڪنديون، ۽ ڪنهن به ڌنڌي يا لياقت واري ڌنڌي ۾ اڳڀرو ٿيڻ چاهين.

(ب) هڪ جيترو ڪم ۽ هڪ جهڙن قدرن ۾ مردن جي برابري وارو اجورو ۽ هلت ۾ برابر هونديون.

(ج) پگھارن سان گڏ موڪل جو حق، رٽائرمينٽ وارا خاص حق ۽ بي روزگاري، بيماري، وڏي عمر يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري ڪم جي نااهلي واري حلت ۾ تحفظ جو حق رکڻ ٿيون.

(د) مردن جي برابر فيملي الائونس حاصل ڪرڻ جو حق.

(هه) عورتن کي امتيازي سلوڪ کان بچائڻ جي لاءِ جيڪو هنن سان شادي يا قرب واري بنياد تي روا رکيو وڃي ٿو، ۽ انهن کي ڪم ڪرڻ واري مؤثر حق جي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ اپاءَ ورتا ويندا ته جيئن هنن جي اميدواري شادي وقت نوڪري مان ڪڍڻ جو بچاءُ ڪيو وڃي، ۽ هنن کي اميدواري جي پگھار سميت موڪل مهيا ڪري ڏني وڃي، پر انهيءَ ضمانت کان پوءِ ته هوءَ پنهنجي پراڻي نوڪري تي واپس ايندي، ۽ انهن کي ضروري سماجي خدمتون، جنهن ۾ ٻارن جي سار سنڀال شامل هوندي.

(و) اهڙا اپاءَ وٺڻ جنهن ۾ عورتن کي ڪجھ ڪمن ڪرڻ کان روڪڻ جيڪي هنن جي جسماني فطرت جي خلاف هوندا ته انهن کي امتيازي سلوڪ نه سمجھيو ويندو.

قلم 11:

(1) عورتن ۽ مردن جي هڪ جهڙائيءَ وارن حقن وارو اصول اها تقاضا ڪري ٿو ته انهن کي سڀني رياستن ۾ اقوام متحده جي چارٽر ۽ انساني حقن واري پڌرنامي مطابق نافذ ڪرڻ گھرجي.

(2) سرڪاري يا غير سرڪاري تنظيمن ۽ فردن تي زور ڏنو وڃي ٿو ته پنهنجي حيثيت آهر هن پڌرنامي ۾ جيڪي اصول شامل آهن، انهن تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ورتي وڃي.

 

 

شگفته علي حيدر مرزا

 

اسلامي معاشري ۾ عورت جا حق

اسلام، دنيا جو اهو واحد دين آهي، جنهن ۾ عورت جي لاءِ حق تسليم ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي، جو اسلام، عورت جي ڪمتري متعلق تمام تصورات جو انت آڻي ڇڏيو آهي. اسلام جو اعلان آهي، ته عورت ڪا حقير ۽ نجس وجود نه آهي ۽ نه ئي ڪا هوءَ لايعقل ۽ بي مقصد هستي آهي، بلڪه جنهن نفس واحد مان مرد وجود ۾ آيو آهي، انهيءَ مان عورت به وجود ۾ آئي آهي.

جهڙي طرح انساني معاشري جو هڪ اهم رڪن مرد آهي، اهڙيءَ طرح ان معاشري جي ٻي اهم رڪن عورت آهي، جيڪڏهن مرد، روزگار حاصل ڪرڻ جي ذريعي، محنت ۽ مشقت ڪري ٿو، ته عورت سگھڙائپ ذريعي، گھر هلائي، اهوئي درجو ۽ فضيلت حاصل ڪري ٿي. قدرت جي طرفان جيڪي خصوصيتون عورت ۽ مرد کي عطا ٿيون آهن، ان ۾ فضيلت جو پهلو، ڪنهن هڪ سان گڏ مخصوص نه آهي،بلڪه ان جي فضيلت ۾ ٻئي برابر حصيدار آهن. مرد کي جتي طبعي برتري جي آڌار تي جهاد ۽ حفاظت جي ذميداري سونپي ويئي آهي، اتي وري عورت به برسر پيڪار آهي. هوءَ گھر کي سنڀالڻ سان گڏو گڏ ٻارن جي به مالهي بنجي، باغ جي آبياري ۽ پرورش ڪري ٿي؛ ۽ ان کان بهتر ڪردار اهو ادا ڪري ٿي جو هوءَ مرد جي معاون ۽ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان جي هڪ وڏي شاهدي آنحضرت جي زماني مان ملي ٿي:

 

حضرت اسماء بنت يزيد انصاريه هڪ مشهور ديندار ۽ عقلمند صحابه هئي. ان جي باري ۾ روايت آهي، ته هڪ ڀيري حضورصه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته مون کي عورتن جي هڪ جماعت، اوهان ڏانهن نمائندو ڪري موڪليو آهي ۽ پوءِ حضرت صه جن اڳيان عورتن جا حق بيان ڪيائين.

 

حضور صلي الله عليه وسلم جن پوءِ اسماء کي فرمايو ته ’’اي اسماء! جن عورتن توکي نمائندو ڪري موڪليو آهي، انهن کي منهنجو جواب پهچائي ته توهان جي سٺي طرح گھرداري ڪرڻ پنهنجي گھر وارن کي خوش رکڻ ۽ انهن سان گڏ سازگاري ڪرڻ مردن جي انهن سڀني ڪمن جي برابر آهن جيڪي تو بيان ڪيو، اهڙيءَ طرح قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسلامي معاشري ۾ ٻنهي جا حق برابر آهن. مرد جيڪڏهن ميدان آهي ته عورت معاشري جي اڪائي آهي. عورت گھر جي سلطنت جي روح آهي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت جي ڇانوَ آهي. ماءُ جي هنج معاشري جي مستقبل جو پهريون درسگاهه آهي. قومن کي جنم ڏيڻ ۽ معاشري جو بنياد رکڻ وارين انهن هستين جي نگهداشت هئڻ گھرجي. شريعت عورت کي جيڪي حق ڏنا آهن انهن حقن موجب عورت کي پوري آزادي هئڻ گھرجي . اسلام اهوئي واحد دين آهي جنهن وراثت ۾ عورت جو حصو مقرر ڪيو آهي. اڄ به اسان جي معاشري ۾ ڪجھ حصن ۾ غير شرعي رسم و رواج جاري آهن. ڇوڪرين کي ڍڳن مينهن وانگر وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان جي قيمت لڳائي وڃي ٿي. يعني ڌيءَ ان جي حوالي ڪئي وڃي ٿي جيڪو وڌيڪ قيمت ڏئي. هن رسم جو مڪمل طور تي خاتمو ٿيڻ گھرجي يعني ڇوڪرين جي مرضي حاصل ڪئي وڃي ۽ شادي عين اسلامي ۽ شرعي طريقي تي ڪئي وڃي. عورتن جا شرعي حق مجروح نه ٿين عورت کي مرد جي برابر پورا حق ڏنا وڃن ڇو ته ان جي لاءِ اسلام به اجازت ڏئي ٿو.

 

 

 

عاليه خان                                                حصو آخري

ساگر جهڙو گهرو جيون

 

]زندگيءَ جي سفر ۾، نور هڪ گهٽ جهڙو ڊگهو رستو پار ڪري، هڪ اهڙي موڙ تي پهچي ٿي، جتي هن کي ٽي مرد، موهن کان زوار شاهه ۽ زوار شاهه کان آدم تائين جدا جدا روپن ۾ ملن ٿا. هن کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ موهن هڪ خواب ۽ زوار شاهه انهيءَ خواب جي حقيقت ۽ آدم شايد ڪو پاڇو[

ٻن پهرن جي مهل، آدم ۽ نور سنڌوءَ ڀري ان هڪ مٿاهين جاءِ تي ويٺل.

’’ڇا ٿي سوچين؟‘‘ آدم هڪ پٿر سنڌوءَ ۾ اڇليندي چيو.

آدم هڪ ڀيري مان ۽ موهن هميشه جيان هلندا پيا وڃون تڏهن سنڌو جي ڀرسان پهچڻ تي مون موهن کان پڇيو هو.

’’موهن جيون ڇا آهي.‘‘

’’موهن هلندي هلندي بيهي رهيو هو ۽ منهنجي اکين ۾ ڏسي چيو هئائين.

’’جيون سمعي آ، جيون تون آهين، جيون مان آهيان، جيون کنڊرن ۾ گونجدڙ ڪنهن مسافر جو آواز به آ، جيون ڪوٽ ۾ بند ٿيل ناري به آ، جيون جيل ۾ واڙيل باغي به آ، جيون من ۾ پيڙا به آ، جيون پيار به آ، جيون نفرت به آ.‘‘

هو کن پل لاءِ چپ ٿي ويو تڏهن مون چيو هو.

’’جيون ساگر جهڙو گهرو به ته آ، جيون موهن جي دڙي جيان خاموش به ته آ‘‘

’’ها جيون موهن جي دڙي جيان خاموش به آ، جهڙو منهنجو جيون.‘‘

موهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته هن سان گڏجڻ کان پوءِ منهنجو جيون به موهن جي دڙي جيان خاموش ٿي ويو هو.

هو جڏهن به مون کان جدا ٿيندو هو ته چوندو هو ته چڱو نور، ٿي سگھي ٿو ته پاڻ وري نه ملون ۽ پوءِ جڏهن ٻئي ڏينهن تي ملندا هياسين ته چوندو هو شايد اڄ اسان جي آخري  ملاقات هجي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مان هن جي انتظار ۾ ويٺي رهيس پر هو نه آيو، تڏهن هن مون کي چيو هو نور هاڻ هو ڪڏهن به نه ايندو، هو ته پاڇو هو سنڌ جو _ ۽ پاڇا به ڀلا پنهنجا ٿي سگھندا آهن ۽ پوءِ ڪيترائي ڏينهن مان روز هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺي رهيس، چوڌاري هن جي گم ٿيڻ تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿينديون رهيون. ڪن چيو ته هن کي بم بلاسٽ جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ڏني وئي آ، پر اهو ڪوڙ هو. مان ڄاڻان ٿي ته اهو سڀ ڪوڙ هو، هو ته انسانيت جو علمبردار هو. نفرت هئي هن کي بمن ۽ گولين کان! پوءِ هو ائين ڪيئن پيو ڪري سگھي. شايد هو ڪيڏانهن گھمڻ لاءِ نڪري ويو هجي، ڳولهيو ڪٿي هو شايد ڀٽ شاهه جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺو هجي، شايد هو رني ڪوٽ جي قلعي تي ٿيسز لکندو هجي، شايد مڪلي جي قبرستان ۾ هيڪلو هجي، شايد ڪنهن کنڊر ڀرسان پٿرن تي ويٺو هجي، شايد سچل جي درگاهه تي، پر ڪنهن به ته هن کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.

Text Box: 32

 

’’جي هو وري ڪڏهن توکي ملي وڃي ته پوءِ‘‘

 

مان خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن آدم، انهيءَ وادي سان منهنجو سمٻنڌ ٽٽي چڪو آ حقيقت ڏاڍي ڊڄاريندڙ آ هڪ ڀيرو انهيءَ کي سمجھڻ جي ڪوشش ته ڪر توکي خوابن کان نفرت ٿي ويندي.‘‘

’’جيون به ته هڪ خواب آ‘‘

’’نه آدم، جيون هڪ حقيقت آ، اها حقيقت، جنهن کي چاهڻ کان پوءِ به خواب جو رنگ نٿو ڏيئي سگھجي.‘‘ ’’آدم انسان سڄي زندگي آرسي جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر جڏهن هو انهيءَ ۾ فتح ماڻي ٿو ته آرسي هن جي پنهنجي هٿن کان ئي ٽٽي ٿي پئي، ۽ آرسي جي هن پار ڏسڻ جي خواهش، نازڪ شيشي جهڙا احساس رکندڙ انسان جي اندر ۾ ئي مري ٿي وڃي، پر مان آرسي جي پٺيان ڏسڻ جي ڪوشش ۾ نه ٿي جيئنان، مان ڄاڻان ٿي ته جي مان انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته به هن جي اندر ۾ لڪل راز کي ڄاڻي شايد مان هن کان پهريان ٽٽي پونديس. اي جيون تون مون کي پناهه ڏي ته جيئن مان تنهنجي ساگر جهڙي انت ۾ گم ٿي وڃان مان نه ٿي چاهيان ته منهنجي اندر ۾ آرسي جي هن پار ڏسڻ جي چاهه پيدا ٿئي.‘‘

هڪ ڀيري مون موهن کي چيو ته ’’موهن توکي هن وقت ۾ پيدا نه ٿيڻ کپندو هو تون شايد پنهنجي وقت کان ڪافي اڳ ۾ پيدا ٿيو آهين يا شايد پنهنجي وقت کان پوءِ پيدا ٿيو آهين،‘‘ تڏهن موهن کلي آهستي سان چيو هو: ’’مان بلڪل صحيح وقت ۽ صحيح حالتن ۾ پيدا ٿيو آهيان بس منهنجي اوسي پاسي ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي وقت کان پوءِ پيدا ٿيا آهن پر جي مان انهيءَ وقت ۾ پيدا نه ٿيان ها ته ڀلا تو سان ڪيئن گڏجان هان.‘‘

جيون وقت جي هٿان ٽٽل سپني وانگر لڳي رهيو آ هڪ ڀيري مون پنهنجي سپني کي وقت کان اڳ ٽٽندو محسوس ڪيو هو. ان مهل موهن مون کي ڪيتري دير کان گھوري ڏسي رهيو هو. تڏهن مون ڏاڍي آساني سان هن جي من ۾ لڪل راز کي پائي ورتو هو، هو مون ۾ منهنجو نه پر ڪنهن ئيءَ جي پاڇي کي ڳولهي رهيو هو. هو منهنجي اکين ۾ پاڻ کي نه پر پنهنجي ڪنهن وڃايل سپني کي ڳولي رهيو هو.

تڏهن مون هن کان پڇيو هو،

’’موهن هوءَ ڪير هئي، جنهن توکي موهن جي دڙي جيان خاموش ڪري ڇڏيو؟‘‘

هو ڇرڪجي پيو هو شايد هن کي مون کان اوچتو اهڙي سوال جي اميد نه هئي جيتري دير گم ٿي ويو هو پنهنجي پاڻ ۾.

موهن جي چپ کان مون سچ ڄاڻي ورتو هو، ڏاڍي عجيب حالت ٿي هئي انهيءَ مهل منهنجي، هڪ ئي پل ۾ مون پڻ سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيو هو، پوءِ سوچيو هئم ته ڪاش مان موهن کان اهو سوال نه ڪريان ها من ۾ سچي نه ته ڪوڙو ئي سهي ويساهه ته هجي ها، پر مون ته پاڻ وڃايو پنهنجي ويساهه کي. ”تون مون ۾ ڪنهن جي پاڇي کي ڳوليندو آهين موهن؟“

Text Box: 34

 

تڏهن موهن منهنجي ٿڌي برف جهڙي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ جھليندي چيو هو ته ”پنهنجي پاڻ کي پنهنجي پاڇي کي.“

 

”مون کي ڪوڙ کان نفرت آ موهن ۽ تنهنجي زبان کان ته انهيءَ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنديس سچ منهنجي زندگي جي تمام وڏي جيت آ انهيءَ کي مرڻ نه ڏجائين.“

”هو ”هئي“ آهي ڪونه هاڻ صرف تون آهين.“

”مان به ته ڪنهن ٻيءَ جي ڇڏيل جاءِ تي آهيان.“

موهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته مان پنهنجي لاءِ هڪ الڳ جاءِ پئي چاهي. ماٺ ٿي ويو هو هن جون اکيون ڌرتي تي ڄمي ويون هيون ۽ هٿ منهنجي هٿ ۾، اهو منهنجو پهريون ڏک هو آدم.

سڀ ڪجھ وڃائڻ کان پوءِ به پاڻ کي جدا نه ڪري سگھي هئم. اسين ائين ئي ملندا رهياسين جيئن پهريان ملندا هئاسين. ڪابه ته تبديلي نه آئي هئي بس دل ۾ هڪ ڪنڊو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو زور سان چڀندو محسوس ٿيندو هو، موهن مون کي ٻڌايو ته ڪوشيلا مون کي انهي ڪري ڇڏيو جو موهن وٽ آسودي زندگي گذارڻ جو چيڪ نه هو پر ڪوشيلا ته موهن کي وڃائي به پائي ورتو هو موهن جي سوچ  جو فل اسٽاپ هن تي اچي لڳندو هو.

”مون کي لڳي ٿو ته توکي موهن وري ضرور ملندو“ ”ٿي سگھي ٿو ته ائين ٿئي، پر توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان چوندا آهن ته هڪڙي ڪاڪ محل ۾ ننڍڙي مومل رهندي هئي جيڪا سڄو ڏينهن سچائي جو ڏيئو ٻارڻ جي ڪوشش ۾ سڄي ڪاڪ ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن ڦرندي رهي هئي پوءِ هڪ ڏينهن ڏيئو ٻاريندي مومل پنهنجو هٿ ئي ساڙي ويٺي ڪنهن چيس ته مومل لڙڪ لاڙ جڏهن تنهنجا لڙڪ تنهنجي ٻرندڙ هٿ تي ڪرندا ته راڻو موٽندو. مومل کلي ويٺي ۽ ايترو کلي جو هن جي اکين مان لڙڪ وهي هٿ تي ڪرڻ لڳا پر راڻو نه موٽيو.

”توئي ته چيو هو نور ته مون ۾ موهن جهڙي ڪا ڳالهه آهي.“ نورالعين منهن ورائي آدم ڏانهن ڏٺو. ها، آدم ۾ موهن جو ئي ته پاڇو هو.

”آدم ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آ ڄڻ تو به ڪجھ وڃايو آ.“

اسان سڀ زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ڪجھ نه ڪجھ وڃائي ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ جڏهن وقت گذري ويندو آ تڏهن انهيءَ وڃايل وقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ دل چاهيندي آ جيڪو وري نه موٽندو آ ڪڏهن به نه، ڪڏهن ڪڏهن انسان هڪ پل ۾ سوچن جا بي انت سمنڊ پار ٿو ڪري وڃي ۽ تڏهن زندگي سوچ جي هڪ وڃائجي ويل ڌارا ٿي محسوس ٿئي ۽ ڪڏهن انسان پاڻ کي هڪ وسري ويل سوچ وانگر ٿو ڀانئين هو هر ٻي انسان ۾ پنهنجو پاڇو ٿو ڳولي. اهو پاڇو جنهن کي هو سڏڻ ۽ سمجھڻ کان پهريان وڃائي ٿو ويهي ۽ پوءِ هر ٻيءَ پل ۾ هڪ ٽهڪ ڏيئي هو پاڻ به پاڇو ٿو بڻجي وڃي، اي جيون ڪاش مان هر ٻيءَ پل ۾ کڙندڙ ساهه کي پنهنجو چئي سگھان پر نه مان هيل تائين ڪجھ به نه ڪري سگھيو آهيان زندگي منهنجي ناهي هي جيون منهنجو ناهي مان هڪ احساس آهيان يا شايد اهو به نه آهيان. پر نه شايد مان انسان آهيان تون نور تون به ته انسان آهين پر تون مون وانگر ناهين يا شايد مان تو وانگر ناهيان پر ائين ڇو! مان ڪنهن ۾ پنهنجي پاڻ کي ڇو ٿو ڳوليان مان تو ۾ پاڻ کي ڇو ٿو ڳوليان يا مان وڃائجي ويو آهيان.

Text Box: 36

 

اسان سڀ وڃائجي ويا آهيون بند ٿي ويا آهيون هڪ خول ۾.“

 

بند ڪيا ويا آهيون مجبور ڪيا ويا آهيون پنهنجو پاڻ کي هڪ خول ۾ بند ڪرڻ تي! پر مان انهيءَ خول مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان جيئڻ چاهيان ٿو. مان پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ چاهيان ٿو، مان زندگي جي پٿرن تي اگھاڙي پير هلندو رهيو آهيان. هوءَ مون کي نه ملي پر نه هوءَ هڪ وار مون کي ملي هئي. انهيءَ مهل مان ماڻهن ۾ ايترو ڦاٿل هيس جو هن کي هن جي پنهنجي انتظار ۾ ويٺل اکين کي به نه ڏسي سگھيس. هوءَ مون کي سڏ ڪندي رهي پر مان نٽائي اڳتي هليو ويس، هاڻ مان واپس موٽڻ چاهيان ٿو. مان هن کي ڳولڻ چاهيان ٿو، پر مون کي لڳي ٿو ته هوءَ ماڻهن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويئي آ مان هن کي وڃائي ڇڏيو، مان هن جي روح ۾ گھڙي هن جي انگ انگ کي چيري ڇڏيو هو، مان ڏاڍو ظالم آهيان مان وڏو ڏوهي آهيان.

مون کي ياد آ ڪجھ سال اڳ جڏهن هوءَ مون سان ملي هئي. انهي مهل منهنجي من ۾ ڏاڍو گوڙ هو جوش هو، خوشي هئي خود غرضي هئي. مان جذبات اڳيان انڌو هيس. هن جي سچائي ۽ پيار کي نه ڄاڻي سگھيس. ۽ هن جي انگ تي پنهنجو حق پائي هن جي رت کي ٽيپو ٽيپو ڪري پيئندو رهيس، مون هن جي روح جي گھراين مان ڏيندڙ پيار کي اهميت ڏيڻ بدران هن جي انگ کي اهميت ڏني، ها نور مون زيادتي ڪئي پنهنجي پيار سان، پنهنجي خوشي سان هوءَ ڏاڍو رُني، ڏاڍو ڦٿڪي پنهنجي ويساهه جو موت ڏسي پر مون هن کي نه ڇڏيو هن جون گھٽيل رڙيون به مون کي اهو سڀ ڪرڻ کان نه جھلي سگھيون، هاڻ مان هن جي لاءِ تڙپان ٿو لڙڪ ٿو لاڙيان هن جي لاءِ.

آدم منهن ڦيري نور ڏانهن ڏٺو هن جي اکين ۾ لڙڪ تري رهيا هئا.

”تنهنجي اکين ۾ پاڻي ڇو آ نور.“

ڪجھ به ته نه چئي سگھي هيس هن کي. مان سوچي رهي هيس ته انهيءَ مهل ان ڇوڪري جي اکين ۾ به ائين ئي پاڻي ڀرجي ويو هوندو. ڳوڙها هن جي ڳل تان ڪري هيٺ رئي ۾ گم ٿي ويا.

آدم وٽان واپس اچڻ کان پوءِ من ويتر ويڳاڻو ٿي پيو هو آدم تون چوين ٿو ته مان تو ۾ موهن کي ڳوليان پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي تنهنجي من ۾ به ته هڪ ٻي ڪوشيلا رهي ٿي.

اسان جي چوڌاري رهندڙ انسان ايترا خود غرض ڇو آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته شڪ ٿيڻ لڳندو آ. انهن جي انسان هئڻ تي، ڄڻ هي انسان نه پر مشين جا ٺهيل ڪي روبوٽ آهن، پٿر جا ٺهيل مجسما آهن جن جي اندر ۾ احساس نه هوندا آهن. اسان جون دليون پٿر ڇو نه ٿيون ٿين، ڇو نه ٿيون جيئن پر جيئڻ ايترو سولو ته ناهي.

Text Box: 38

 

من اندر ۾ درد جون ڪيتريون ئي لهرون گھڙي پيون هيون جڏهن ڪنهن ٻڌايو هو ته موهن سينٽرل جيل ۾ آهي ۽ پوءِ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي هلي وئي هئس جيل ڏانهن نه پيءُ جي نه ڀاءَ جي نالي جي ۽ نه زوار شاهه جي اسٽيٽس جي، ڏاڍي مشڪل کان پوءِ ملڻ ڏنو ويو هو ۽ پوءِ هو منهنجي سامهون بيٺل هو، وقت جا ڪيترائي نشان هن جي انگ انگ مان ظاهر پئي ٿيا مون کان سواءِ شايد ڪو به هن کي سڃاڻي نه سگھي ها. ميرا ڪپڙا وڌيل وار ۽ ڏاڙهي جنهن کي لڳي پيو ته هنڌان هنڌان سڙيو ويو هو، اکيون اندر ٿيل ۽ اکين اڳيان حلقا ڪارن کڏن جيان اکيون اندر ٿيل ۽ پيرن ۽ هٿن جا ننهن نڪتل، ٻانهن ۽ هٿن تي زخمن جا ڪارا داغ.

 

هڪ عجيب موڙ تي آڻي بيهاريو هو وقت اسان کي. ڪيتري دير هڪ جاءِ تي بيٺل سوچي رهيا هئاسين شايد سڀئي لفظ گم ٿي ويا هئا ڄڻ سڀ ڪجھ ڳالهائي ڇڏيو هئوسين ۽ هاڻ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھ به ته نه رهيو هو، مون کي ياد آيو جڏهن پهريون ڀيرو موهن منهنجي ڀرسان ويهندي چيو هو.

”نور توهان شايد گھٽ ڳالهائيندا آهيو.“

”نه صرف ضرورت مطابق ڳالهائيندي آهيان.“

”ڪڏهن ڪڏهن بنا ضرورت جي به ڳالهائڻ کپي.“

”ڇو؟“

”ڇو جو بنا ضرورت بي مقصد ڳالهائڻ سان پنهنجي هئڻ جو احساس وڌي ويندو آ.“

مون کي ياد آ تڏهن مون تو کي چيو هو.

”بي مقصد ڳالهائڻ سان ٻين کي ته توهان جي هئڻ جو احساس ٿي سگھي ٿو پر پاڻ کي نه.“

موهن ڇرڪجي مون ڏانهن ڏٺو هو شايد مون کان اهڙي جواب جي اميد نه هئس.

شايد تون سمجھي ويو هئين ته مان ڇا ٿي سوچان تڏهن تو چيو هو:

”اڄ اسان کي بي مقصد ڳالهائڻ کپي ائين نه.“

تنهنجي چپن تي اها مشڪ سمجھي نه سگھي هيس الائجي ڏک جي هئي يا ماضي جي ڪنهن سک جي.

”شايد تو مون کي وسارڻ جي ڪوشش نه ڪئي.“

”ڪئي ته هيم پر اڄ تائين جنهن ڪم جي لاءِ ڪوشش ڪندي آهيان اهو ٿيندو ناهي.“

”ائين ڇا ٿي ڏسين.“

”ڏسان ٿي ته پنهنجو سنڌ سان ڪيل واعدو چڱي ريت نڀايو آهي پر پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيو اٿئي.“

مون وٽ هيوئي ڇا جنهن کي وڃايان ها بس ڪجھ پل هئا جيڪي اڄ به مون پاڻ وٽ سانڍي رکيا آهن.“

مون تنهنجي اکين ۾ ڏٺو هو ڄڻ جاچڻ پئي چاهيم ته انهن ۾ ڪي پل منهنجا به آهن يا نه.

۽ پوءِ ڪيتري دير گذري وئي هئي اسان هڪ ٻئي کان ڪجھ به نه پڇيو هيوسين بس ڏسندا رهياسين هڪ ٻئي ڏانهن! سڀنن سوالن ڄڻ پنهنجو جواب پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو هو.

مون به ته ڪجھ به نه پڇيو هو ته موهن هي هيترا سال ڪيئن گذاريئي جيل جي ڀتين اندر! ٽارچر سيل جو هر عذاب_ موهن سان گڏ سهيو آ، هن جي اندر مان نڪرندر هرهڪ رڙ منهنجي اندر ۾ دم ڏنو آ هر هڪ اليڪٽرڪ شاڪ جو ايذاءُ موهن سان گڏ کاڌو آ.

ڪجھ به ته نه چئي سگھيا هئاسين هڪ ٻئي کي بس هڪ ٻئي جي هر هڪ جذبي کان خالي اکين ۾ ڏسندا رهياسين.

جيل جي وڏين ڀتين ٻاهران ڪيتري دير اڪيلي بيٺي رهيس سڀئي رستا ڄڻ بند ٿي ويا هئا.

منهنجي سامهون هاڻ فقط هڪ ئي رستو بچيل هو پر اهو به پٿرن سان ڀريل، تڏهن من اندر کان هڪ وار وري پڇيو هيم ته ڳول متان ڪو نئون رستو نڪري اچي.

پر هتي به ته اهوئي پٿرن سان ڀريل رستو هو جنهن تي مان صدين کان هلندي آئي هيس.

 

فرخنده لوڌي/ مجيد گل

 

ايل او وي اِي

هن ڪتابن جي دنيا ۾ پناهه ورتي هئي. دنيا کان تقريبن ڪٽجي رهجي ويو هو. هو ڪير هو، اها ڪنهن کي به خبر نه هئي. هن جو ڪو مٽ مائٽ اڳتي ڪير هو به يا نه،

هاڻي ڪجھ ڏينهن پهريان هڪ مغربي رسالي ۾ نيم سائنسي مضمون ڇپيو، جنهن ۾ اها ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته اسان جي درميان خلائي انسان موجود آهن. اهو پڙهي يقين ٿيڻ لڳو ته، اهو چُنڌين اکين وارو، سياهه فام ٺينگڻو ڪنهن ٻي سياري جي مخلوق آهي.

اسان ڪڏهن به هن کي مناسب لباس ۾ نه ڏٺو. لنڊي بازار جي پراڻي ڦاٽل پتلون جيڪا ڪنهن ڊگھي ٿلهي ماڻهو جي ماپ جي هئي. پاتل رهندي هيس. پائنچا مڙيل هيس گوڏن تي پيوند_ پيرن ۾ ڪارو بوٽ اهو به بغير تسمن جي_ اهو وک کڻندو ته ڦاٽل کُڙيون ٻاهر نڪري ٿي آيون پير ٿي رکيائين ته پير ڏانهن دٻجي ٿي ويون. گنجيءَ جي مٿان ڪوٽ پائيندو هو. سردين ۾ ڪوٽ جا سڀ بٽڻ بند ڪري سڀني کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجا هٿ بغلن ۾ وجھي ڇڏيندو هو.

پنهنجو نالو مشرف ئي ٻڌايو هو. اهو مان ان ڪري پيو چوان ته هن جو نالو سڏڻ جي اسان کي ضرورت ئي نه ٿي هئي ۽ نه ئي هن سان ڪو ملڻ ايندو هو. ۽ نه هن اسان کي ان قابل سمجھيو هو جو اک کڻي ڏسي_ ۽ نه مان اهو چوندس جو هو گونگو يا ٻوڙو هو.

اسان سڀ پنهنجي پنهنجي ٽيبل تي ڪم ۾ مگن رهندا هئاسين. اسلم ماهر ڪيٽيلاگر هو. هو مشڪل کان مشڪل ۽ الجهيل ٽائٽل واري ڪتاب کي ڪيٽلاگ ڪري حيران ڪري ڇڏيندو هو. هن جي مقابلي ۾ مان ڪجھ سُست هوس. مان انهيءَ لائبريري ۾ بحيثيت ڪلاسيفائر ڪم ڪندي ڪندي ايترو ته هنر مند ٿي ويو هوس جو ڪتاب ڏسندي ئي اهو ٻڌائي ٿي سگھيس ته اهو ڪتاب ڪهڙي کاتي ۾ ويندو.

ڪم ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن اسان گپ شپ ۾ لڳي ويندا هئاسين. ۽ ڪڏهن چانهه پيئڻ لاءِ نڪري ويندا هئاسين. بازار جي رونق اسان کي گھڻي دير پاڻ ڏانهن ڇڪي رکندي هئي. واپسي تي اسان کي ڊگھي غير حاضري جو سبب گھڙڻو پوندو هو. حالانڪ سبب صرف هڪڙو ئي هو. اسان ڪتابن کان اُڪتائجي، گل چهرن سان اکيون تازيون ڪرڻ ويندا هئاسين ٿڪل اکين لاءِ شبنمي چهرن جو نظارو ضروري هو.

مشرف کي اسان جنهن حالت ۾ ڇڏي ويندا هئاسين ته واپسي تي انهيءَ حالت ۾ ملندو هو. اسان انهيءَ خلائي انسان جون رپورٽون پنهنجي صاحب (آفيسر) ڏانهن ڪيئي ڀيرا موڪليون، هن کي غير ملڪي جاسوس، آفاقي مخلوق، ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا نالا ڏنا، هن کي مشڪوڪ ثابت ڪرڻ جي لاءِ جيڪو زور لڳو لاٿوسين.

پوءِ هڪ ڏينهن مان ۽ اسلم ڊڄندا ڊڄندا چيف جي دفتر وياسين ۽ اسان هڪ ڊگھي عرضداشت پيش ڪندي چيو ته ”اسان کي انهيءَ خاموشي جي عذاب کان بچايو وڃي. ٿورو سوچيو هڪ ماڻهو مسلسل توهان جي سامهون ويٺو آهي، ڳالهائڻ ته پري رهيو پر اک به نه ٿو ملائي، ڪتابن تي جھڪيل ئي رهي ٿو مسلسل عذاب ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟“

چيف ابتو اسان کي سخت سست سڏيندي چيو ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان کي پنهنجي ڪم سان دلچسپي ناهي. لائبريري جو چيف هجڻ جي ناتي منهنجو منصب اهو ڪونهي ته قاري جي تسلسل ۾ خلل وجھان. وڃو وڃي پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. لائبريري جي نظام کي ڊسٽرب نه ڪيو.“

۽ اسان بُرو منهن کڻي ڪري رهجي وياسين.

دفتر مان نڪري اسلم منهنجي اکين ۾ معنيٰ خيز نگاهن سان تڪيندي چيو.

”يار راشد! هي ڇا ٿيو؟“

”وڃي کڏ ۾ اسان کي ڇا!“

”ها اسان کي ڇا هي_“

چيف سان ملاقات ڪئي ڏينهن هفتن ۾ ۽ هفتا مهينن ۾ گذري ويا مُشرف جي رويي ۾ رَتي برابر به فرق نه آيو. انهيءَ وچ ۾ اسان ٻنهي گڏجي ڪافي ڪوشش ڪئي هن سان فري ٿيڻ جي، پر اتي اها پسپائي! اهو انسان هو يا واري جو ڍير _اسان ٻنهي کي اهو کٽڪو لڳو رهندو هو. ڪجھ ته ڳالهائي ڪمبخت.

اسلم کي هڪ اٽڪل يا ترڪيب سجھي چيائين ”يار هيئين ٿا ڪريون هن کي…“

Text Box: 44

 

”بس بس _ ڇڏ“ مون اسلم جي ڳالهه ڪٽي ڇڏي ”مون کي بُتن سان همڪلام ٿيڻ جي ضرورت ناهي _ مون لاءِ هن ۾ ڪابه Attraction ڪونهي _ هڪ Curiosit هئي اها به ختم ٿي وئي.

 

اسلم اهڙي طبيعت جو انسان آهي. جو مون هن کي ڪم ۾ ڪنن تائين غرق ڏٺو پر کلندو ڏٺم. ٿوري دير کان پوءِ مون کي مخاطب ڪري ڪانه ڪا گھريلو خبر ٻڌائيندو آهي. مثال طور ”يار راشد! تو اڄ ناشتي ۾ ڇا کاڌو؟ منهنجي زال ته اڄ مونکي کير ۾ آنو ملائي ڏنو _ چوي ٿي ”دماغي ڪم ڪندو آهين نه _ کائيندو پيئندو ڪر _ يار! اهي زالون به خوب ٿين ٿيون _ ڪڏهن ڪڏهن ته ماءُ لڳن ٿيون.“

”ها، آهي سهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها اميد به رکن ٿيون ته اسان انهن جا پيءَ بڻجي وڃون.“

”ها _ ها _ بلڪل.“

۽ اسان ڪتابن جي ڍير ۾ منهن لڪائي هلڪا هلڪا ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئاسين.

مون هن جو نالو ڪارو بُت رکيو هو. پر اسلم بضد هو ته هن کي ڪارو جن سڏيو وڃي ته زياده بهتر ٿيندو.

خير اسان جي منهن ۾ جيڪو ايندو هو چئي ڇڏيندا هئاسين پر ان سان ڪهڙو فرق پي پيو.

ڇهه مهينا پهريان جي ڳالهه آهي سردي جي موسم جي آمد هئي. اسان جي علائقي جي جاگرافيائي حالت ڪجھ هيئن آهي. ته سردي پنهنجو رنگ ڏيکارڻ کان اڳ قاصد طور مٽي ڌوڙ سان گڏيل تيز هوائون موڪلي ٿي. تيز هوائون مٽي اُڏائين ٿيون جڏهن ماڻهو نزلي زڪام ۾ مبتلا ٿين ٿا تڏهن پاڻ اچي ٿي ڪڙڪي. پوءِ جنهن جي کيسي ۾ جان ۽ توانائي آهي اهي مقابلو ڪن ٿا _ پر ٻيا به گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.

مون ۽ اسلم لنڊي مان اٺ ڏهه سال پهريان اوور ڪوٽ ورتا هئا. هاڻي تائين هلن پيا. توهان يقين ڪريو اسان اوور ڪوٽ کان ويندي جورابن تائين غير ملڪي ڪپڙن ۾ آهيون. اهڙي طرح پيسا به بچي ٿا وڃن ۽ سردي به ڪونه ٿي لڳي ۽ امپورٽيڊ فيشن _ ها انهيءَ کان ٻه چار سال پوئتي آهيون ته ڇا ٿي پيو _ اتان کان هيستائين فاصلو به ته آهي _ فيشن کي هتي پهچندي پهچندي وقت ته لڳندو نه _ بهرحال

مون پئي چيو ته موسم سردي اچڻ واري هئي _ ٿڌيون هوائون هلڻ شروع ٿيون هيون. هاڻ اسان ٿلها ڪپڙا پائي ڪم تي ايندا هئاسين. اسان ڏٺو ته مشرف به ڪوٽ جا سڀ بٽڻ هيٺ مٿي تائين بند ڪري ڇڏيا آهن _ ڪالرن کي مٿي ڪري ڪامن پڻ لڳائي ڇڏي آهي. يقينا ريڊنگ روم جي ڪنهن ڪنڊ مان کنئي هوندئين. هو ڪتاب تي جھڪي بار بار نڇي رهيو هو. ”راشد يار! ڀوت کي زڪام ٿي ويو!“ اسلم ڪتاب جي ديوار کان منهن ڪڍي اطلاع ڏنو.

”ٿيڻ ڏينس يار.“ مان ان وقت هڪ ٽيڪنيڪل ڪتاب جو Subject ڳولڻ ۾ مشغول هوس.

”اسان تائين به پهچائيندو نڀاڳو ۽ هن کان زڪام جا جراثيم جھٽڻ تي دل نه پئي ڪري.“

”ڪهڙن ماڻهن کان جھٽڻ تي دل ٿي ڪري؟“

”سهڻن ماڻهن کان“ اسلم اک هڻندي چيو.

مون ڪتاب کڻي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. اسلم مڙي ئي نه پيو.

”فضول ڳالهيون نه ڪندو ڪر _ جراثيم ۽ عشق تي اسان جو اختيار ناهي هوندو.“

۽ اسان ڏٺو مشرف ڪتاب جي مٿئين حصي تي ڪجھ وڌيڪ جھڪيل هو.

ٻن پهرن جو وقفو ٿيو. ۽ اسان چانهه ٽيبل تي گھرائي ورتي. ڇو ته ٻاهر تيز هوا هلي رهي هئي. اسلم اڄ جيڪو آرڊر ڏنو ٽي ڪيڪ پيس ۽ ٽي چانهه جا ڪپ.

اسلم گرم گرم چانهه ڪوپ ۾ وڌي ۽ ڪيڪ پيس ڪاغذ ۾ ويڙهيو ۽ پوءِ منهنجي سواليه نظرن ڏانهن ڏسندي اک جي اشاري سان ٻڌايائين ته ”ڀوت لاءِ_“

”چڱو _ وڃ“

”پيئو _“ اسلم ڪوپ مشرف جي اڳيان رکي چيو ۽ مشرف خاموشي سان اها پيش ڪش قبول ڪئي بغير نظرون کڻي ڏسڻ جي _ اسلم موٽي آيو ۽ منهنجي ويجھو اچي ڪرسي تي ڍير ٿي پيو.

”يار راشد! جيڪڏهن اها مخلوق RE-ACT نه ٿي ڪري ته مان ڪنهن ڏينهن هن کي اهڙو سبق ڏيندس_ منهنجي هٿن ۾ خارش رهي ٿي.“

”ڀائو_ هو پڙهڻ ٿو اچي اسان کان ڇا ٿو وٺي.“

”وٺي ته ڪجهه ڪونه ٿو_ پر.....“

اسلم مشرف متعلق الجهن جو شڪار ٿيندو ٿي ويو.

هڪ ڏينهن اسلم مونکي ڇڪيندو مشرف جي پويان وٺي ويو ته هو ڇا ٿو پڙهي. اسان کي خبر هئي ته گهڻو ڪري فڪسن، شاعري، ڊراما، انسائيڪلوپيڊيا پڙهندو هو_ پر اسلم جو چوڻ هو ته ڪنهن ڪنهن وقت هو ڪنهن ناول جي ڪنهن هڪ صفحي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نظرون ڄمايو ويٺو رهي ٿو، ۽ اڄ هو ان منزل تي هو، پر هن کي اسان جي غير محسوس موجودگي جو احساس ٿي ويو ۽جلدي جلدي ورق اٿلائڻ لڳو_ پوءِ هو ڪتاب بند ڪري ڪرسي تي ڪري پيو ۽ هن جو ساهه تيز هو.

مُشرف، ڇا ڳالهه آهي ڀاءُ! طبيعت ته ٺيڪ آهي!“

هن وقت شام جا ساڍا ست ٿيا هئا، اسان پنهنجو ڪم بند ڪري گهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين. لائبريري بند ٿيڻ ۾ صرف اڌ ڪلاڪ باقي هو.

مشرف اڃا تائين انسائيڪلو پيڊيا جي هڪ صفحي تي رڪيل هو. اسان واري پاسي واري هٿ تي هن جو مٿوٽيڪيل هو. هر روز وانگر ”غلام محمد دريون_ ڪٻٽ چيڪ ڪر“ اسلم پٽيوالي کي حڪم ڏنو ”۽ ڏس ڪٿي ڪو ريڊر ته ڪونهي ويٺو_“

اسان هر روز اهو جملو دهرائيندا هئاسين، جيئن ئي اسان پٽيوالي کي سڏ ڪندا هئاسين ۽ مشرف اٿي بيهندو هو ۽مٿو لوڏي سلام ڪري هليو ويندو هو_ اهو روز جو معمول هو، پر اڄ هو چريو ئي ڪونه ته اسلم کلندي چيو ”اڃ جِن اتي ئي سمهندو.“

”نه يار!“

اسان ٻئي هن جي ميز ڏانهن وڌياسين.

”مشرف ڀاءُ!“ مون سڏڪيو_ اسلم ڪلهو لوڏيو ۽ دَڦ ڪري هڪ پاسي ڪري پيو.

”لڳي ٿو مراهه ويو_“ اسلم چيو.

”نه يار_“

اسان هن جي نبض ڏٺي_ لوڏي ڏٺوسين ساهه محسوس ڪيوسين، سچ پچ هو وڃي چڪو هو.

هن جي سامهون انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ايل L وارو جلد کليل پيو هو. ايل او وي اي Love واري باب جا ورق اسان جي ساهه جي هوا سان لڏڻ لڳا ۽ اسان جي نظرن اڳيان هر شيءِ ڌنڌلي نظر اچڻ لڳي.

 

 

 

عبدالمجيد نجفي/ ممتاز عباسي

ايراني ادب مان چونڊ

 

لپ ۾ واري

الله ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن اسان کي هڪ اڌ ٻار به هجي ها ته اصل حالت ئي اور هجي ها! مان پروفيسر هيس، مسڪين حال، شادي دير سان ڪيم ۽ زال عمر ۾ گهڻي ننڍي هئي. ان لاءِ ان جو خيال رکڻو پوندو هيم. ڪڏهن ڪڏهن ته ان جي ننڍڙي خواهش جي پورائي نه ٿيڻ لاءِ به هن اڏو شرمسار هوندو هيس، پر هن ڪڏهن به اهڙين ڳالهين تي ميار نه ڏني!

انهن ڏينهن ۾ مون کي منهنجي علمي خدمتن جي عيوض سرڪار انعام ڏنو هو.

مون کيس سڄي ڪٿا ٻڌائي، پر هن ويچاريءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ڏاڍي صبر سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌندي رهي ۽ پوءِ نهايت ڌيرج مان چيائين:

”ڏيکار؟“

مون بئگ کولي ۽ ان مان شيلڊ ڪڍي کيس ڏيندي چيو: ”ڏس“.

فريم جي قيد ۾ هڪ اڪريل ڪتاب، ان کليل ڪتاب جي ليڪن ۽ ڪن اڪريل لفظن تي ’سون‘ هاري ٺاهيو ويو هو. ڪتاب جي چؤگرد ڏنل ليڪ به سون جي هئي ته مونوگرام به سون جو ٺهيل هو_ اهو انعام ۾ مليل شيلڊ جو روپ. مون کيس تفريحي سند ڏيکاري پر هن ڪجهه چوڻ بجاءِ، شيلڊ مونکان وٺي اول ان کي غور سان ڏٺو۽ پوءِ ان تي پنهنجيون آڱريون ڦيريندي چيو.

”هي سون آهي؟“

”ها! ڪٿي ڪٿي هن ۾ ڳچ سون استعمال ڪيل آهي.“

”هي سون گهڻي جو ٿيندو؟“

مون کان ڇرڪ نڪري ويو، پر هوءَ آرام سان بيٺي رهي. خاموش ۽ چپ.

”هي ڏاڍي قيمتي شيلڊ آهي، منهنجي سالن جي محنت جو ثمر هوندي به مون لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، اصل اثاثو آهي.“

”مون کي رڳو ايترو ٻڌاءِ ته اها گهڻي رقم ۾ وڪرو ٿي ويندي.“

”ڇا؟“

”هن کي کپايون ته ڪيترا پئسا ملندا؟“

”پر....... پر هن کي ڇو وڪڻون.“

”جي اها وڪي ته ڇا ٿيندو.“

”ڏس! اهي شيون وڪرو نه ڪبيون آهن.....“

”پر..... پر کي ڇڏ!“ هن وچ ۾ چيو: ”هن کي وڪڻي مون لاءِ سونو ڪنگڻ وٺي آ.“

مان هارجي ويس. ٻوسٽ ٿيڻ لڳم. شاديءَ کان اڳ مون کين ٻڌايو هو ته مون وٽ ڪجهه به نه اٿوَ.سواءِ هڪ پراڻي گهر ۽ پراڻي سامان سان ڀريل ڪتاب جي سٿن جي ٻيو مون وٽ جيڪو هو سوان لاءِ پيار هو ۽ بس! هن جو ائين چوڻ ڪرنٽ ٿي بت مان پار ٿي ويو. ساعتن کان پوءِ چيم:

”ڏس! اهڙا اعزاز وڪرو نه ڪبا آهن.“

”تون هن کي مون ڪاڻ وڪڻي ڇڏ ۽ مون لاءِ هڪ سٺو ڪنگڻ ضرور وٺي اچ.“

هن شيلڊ مون کي واپس ڏني.

مون نرڙ تان پگهر اگهيو. شيلڊ کي سيني سان لڳائي ڪتابن جي شيلف اڳيان اچي بيٺس. سمورا ڪتاب غمناڪ بنجي تڪي رهيا هئا. ٻيا سمورا مليل انعام اڪرام ڪنڌ جهڪايو بيٺل هئا. مون پنهنجي زال ڏانهن ڏٺو، جيڪا اکين ۾ عجيب چمڪ کنيو بيٺي هئي.

مان گهران نڪتس. منهنجي هٿن ۾ شيلڊ نه پر دل هئي، جنهن کي مان جيولري مارڪيٽ ۾ کڻي وڃي رهيو هوس.

ان مارڪيٽ ۾، منهنجي پراڻي دوست جي پٽ جو دڪان هو. مون پنهنجي دل هن کي رڳو ٽن هزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏي ۽ ان ٽن هزار رپين مان هڪ سونو ڪنگڻ خريد ڪري واپس گهر آيس.

منهنجي زال سوني ڪنگڻ کي ڏسندي، ڏاڍي خوشيءَ ۽ مسرت مان اچي ڀاڪر پاتو ۽ مٺڙي آواز ۾ چيائين:

او پروفيسر! تون واقعي جينئيس آهين!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com