عورت، سندس حق ۽ فرض
ڏٺو وڃي ته اسان وٽ عورت جي مقابلي ۾ مرد کي تعليم
حاصل ڪرڻ ۽ سماج ۾ اٿڻ _ ويهڻ جا تمام گهڻا موقعا
مليا آهن، پر مرد هميشه پنهنجي اختيار ۽ آزاديءَ
جو منفي استعمال ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان
جو سماجي ڍانچو مضبوط ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن
ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. مرد سماج جي اڌ طاقت يعني
عورت کي نظر انداز ڪري، سندس وجود ۽ حيثيت کي
تسليم نه ڪري، ڪيترائي مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪيا
آهن. ”پنج ئي آڱريون برابر نه آهن.“ چواڻي مطابق:
ڪن مردن عورتن جي حقن جو پورو تحفظ ڪري، کيس عزت ۽
مانُ ڏنو آهي. پر گهڻي ڀاڱي مرد عورت جي وجود جا
ناڪاري رهيا آهن. عورت جي حقن ۽ زندگيءَ جي ڪابه
پرواهه نه ڪندي، هر عمل مرضيءَ موجب ڪندا رهن ٿا.
مثال طور پنهنجن ڪن مفادن خاطر عورت کي بي گناهه
قتل ڪري، مٿس ڪاريءَ جو الزام هڻي آجا ٿي وڃن ٿا،
يا شاديءَ جهڙي انتهائي اهم ۽ زندگيءَ جي نجي
معاملي ۾، عورت جي جذبن ۽ احساسن تي جبر ڪندي،
اهڙي اڍنگي ۽ اڻ سهائتي نموني رشتو ڪن ٿا، جو عورت
جي شادي نه ٿي، پر روحاني موت ٿيو، ڇو ته ٽڪن جي
مٺ تي سٺ سال جي پوڙهي کي 13 سالن جي ڇوڪري پرڻائي
ڏيندا، يا وري 20/25 سالن جي نوجوان ڇوڪريءَ جو ڪنهن صغير ٻار سان نڪاح
ڪرائي ڇڏيندا. ڪي ته وري پنهنجي ملڪيت بچائيندي
مرڳو ڇوڪريءَ جو حق بخشرائي ڇڏيندا؛ پوءِ اها
ڇوڪري نه سٺو ڪپڙو پائي سگهندي، نه سٺو کاڌو کائي
سگهندي، ۽ نه وري گهر کان قدم ٻاهر رکي سگهندي، ڄڻ
جيئري ئي قبر ۾ هوندي.
ڪن خاندان جا مرد فخر سان چوندا آهن ته اسان جي نسل ۾ ڌيءُ جي
پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي؛ اسانجين ستن
پيڙهين ۾ ڌيءُ پيدا ئي ڪانه ٿي آهي. اها وڏي تعجب
جي ڳالهه آهي ته ڌيءُ پيدا ئي نه ٿي ٿئي
يا............!؟
ڪافي وقت کان اهو بحث هلي پيو ته عورت کي شعور ڏياريو وڃي
ته جيئن هوءَ پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي. ڇا، عورت
شعور نه ٿي رکي؟ يا هوءَ نٿي ڄاڻي ته سندس حق ڪهڙا
آهن؟ عورت سڀ ڪجهه سمجهي ۽ ڄاڻي ٿي، پر هوءَ فرضن
نڀائڻ ۾ ئي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ٿي. ڇو ته
صبر، سهپ ۽ بردباري عورت جي طبيعت جو حصو آهي.
هوءَ ڄاڻي ٿي ته مٿس ظلم ڪندڙ مرد، سندس پيءُ،
ڀاءُ، مڙس ۽ پٽ آهن. پر هوءَ ساڻن نڀائڻ ۾ ڪابه
ڪسر ڪانه ٿي ڇڏي، ڇو ته هوءَ ساڻن محبت ڪري ٿي.
عورتون شهر جون هجن يا ٻهراڙيءَ جون، پڙهيل هجن يا
اڻ پڙهيل، پر اهي سڀئي فرض شناس آهن، رشتن سان
هڪجيتري محبت ڪن ٿيون، توڙي جو سندن ماحول ۾ ڏينهن
رات جو فرق آهي، پر نڀائڻ جو طريقو ٻنهي ڌرين ۾
ساڳيو آهي.
ڪافي مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته مرد نه صرف ٻهراڙيءَ
جي اڻ پڙهيل عورت کي هيسائي رکيو آهي پر شهري
عورت، جيڪا وڌيڪ با شعور ۽ تعليم يافته آهي ان کي
به ڌمڪائڻ ۽ هيسائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. مرد،
عورت کي ڪمزور سمجهي، پنهنجي ظلم و ستم جي وارتا
ڪندو رهي ٿو. ڇو ته گهڻي ڀاڱي قانوني اختيار مرد
جي حصي ۾ اچي وڃن ٿا ۽ عورت سڀ ڪجهه ڄاڻندي ۽
خاموشيءَ سان پنهنجن احساسن تي جبر ڪرڻ ۾ ئي
پنهنجي عافيت سمجهي ٿي. ليڪن وقت جي تقاضا اها آهي
ته مرد پنهنجن فرضن کي سمجهڻ ۽ نڀائڻ جي ڪوشش ڪري،
ٻي صورت ۾ مرد ۽ عورت ذميواري، ڏاڍائي ۽ لاپرواهي
ته صرف عورت کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي، پر سڄي معاشري
کي نيست و نابود ڪندي.
_ _ گلبدن جاويد
خوبصورت ڪهاڻيون ۽ شعر سرجيندڙ
تانيه ٿيٻو
سان ڳالهه ٻولهه
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: گلبدن جاويد
گل: سڀ کان پهرين اوهين پنهنجو تعارف ڪرائينديون؟
تانيه: منهنجو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو آهي، ۽ شروعاتي تعليم
حيدرآباد مان حاصل ڪيم، ۽ اعلى تعليم مهراڻ
يونيورسٽي، ڄامشور مان حاصل ڪيم. مون
B.E
(Bachelor of Engineering)
ڪيو آهي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ
آف فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس ۾ ريسرچ ايسوسئيٽ جي حيثيت ۾
ڪم ڪري رهي آهيان.
گل: ڪهڙين ڳالهين اوهان کي لکڻ جو اتساهه پيدا ڪيو؟
تانيه: بنيادي طور تي گهر جي ماحول جي اثر ڪري، مون ۾ لکڻ جو
اتساهه پيدا ٿيو. ڇو ته اسان جي گهر ۾ معياري ادب
ايندو هو،
جيئن: ”سهڻي“ ”سوجهرو“ ”برسات“ ۽ ”رشين“ (Russian) لٽريچر به تمام گهڻو پڙهيو، ۽ اهوئي سبب هو جو مون لکڻ
شروع ڪيو. ۽ ٻيو اثر منهنجي هيريڊٽيءَ (Heredity)
جو آهي: جيئن ته منهنجي ناني بادام ناتوان، ماءُ
نسيم ٿيٻو ۽ ماسي ناز احسان ۽ منهنجي والد صاحب
رسول بخش پليجي جو اثر آهي، باقي شعوري طور تي لکڻ
جي ڪوشش نه ڪئي آهي. بس مان انهيءَ کي خدا طرفان
ڏات ٿي سمجهان.
گل: اوهان شاعري به ڪئي آهي. منهنجو مطلب آهي ته نظم
/ نثر ٻنهي ۾ لکيو اٿو؟
تانيه: ها، مون نثر
/
نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. مطلب ته مون شروعات کان ئي
ڪهاڻيون، شاعري ۽ ننڍا ننڍا ڊراما لکيا آهن.
گل: اوهان جو ڪو مجموعو شايع ٿيو آهي؟
تانيه: نه منهنجو اڃا تائين ڪوبه مجموعو شايع نه ٿيو آهي.
گل: ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟
تانيه: ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته منهنجو سوشل سرڪس ڪونهي.
اديبن / پبلشرن سان ڪو تعلق ناهي. نه ئي ڪي فنڪشن
اٽينڊ ڪندي آهيان، انهيءَ سوشل ڪانٽيڪٽ نه هجڻ ڪري
به ماڻهوءَ جي محنت گم ٿيو وڃي ٿي.
گل: اوهان جون ڪيتريون ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن!
تانيه: منهنجي خيال ۾ ته منهنجيون 12 اسٽوريز مختلف رسالن ۾
ڇپجي چڪيون آهن.
گل: ڪامياب زندگي ڇا کي ٿيون چئو؟
تانيه: منهنجي نظر ۾ ڪامياب زندگي اها آهي ته پنهنجي شخصيت کي
جهڙي روپ ۾ ڏسڻ چاهيو ٿا، جهڙي نموني پنهنجي شخصيت
اڀارڻ چاهيو ٿا، جهڙي نموني سوچو ٿا، اگر اوهين
زندگي گذاري سگهو ته اها ڪامياب زندگي آهي. گهڻي
ڀاڱي ماڻهو زندگي ائين گذاريندا آهن. يا ڪي وري
ايئن پسند ڪندا آهن. اها زندگي جنهن مان سچي خوشي
ملي اها گذراجي. باقي مصنوعي خوشين جي سهاري زندگي
به گهارجي.
گل: گهريلو زندگيءَ جي ٺاهڻ ۾ پڙهيل لکيل عورت جو ڪيترو ڪردار
آهي؟
تانيه: گهريلو زندگي ٺاهڻ ۾ پڙهيل ڳڙهيل عورت جو وڏو ڪردار رهي
ٿو، بنسبت ان عورت جي جيڪا گهر اندر رهي ٿي ۽
ٻاهرين دنيا کان بي خبر آهي. اها پنهنجي زندگي ۽
ڪائنات کي چار ديواري اندر محدود سمجهي ٿي، ۽
انهيءَ ۾ ايترو اعتماد نه هو ندو آهي. زندگيءَ جي
فيصلن ۽ حقيقتن کان کيس ناواقف رکي سگهجي ٿو. پر
پڙهيل ڳڙهيل عورت اکيون ٻوٽي ڪنهن ڳالهه تي اعتماد
نٿي ڪري سگهي.
گل: عورت کي ٻار جي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي تي جيئن هو وڏو ٿي
ڪامياب فرد ثابت ٿئي؟
تانيه: مان پنهنجي ٻاراڻي دؤر کي نظر ۾ رکي ائين چونديس ته ٻار
جي تربيت اهڙي ڪجي جيئن هو پنهنجي شخصيت تي اعتماد
رکي، پنهنجي زندگيءَ جي فيصلا پاڻ ڪري سگهي.
پنهنجن مقصدن ۽ ارادن ۾ مضبوط هجي پاڻ تي ڀروسو
هجيس. ٻار جي انفرادي شخصيت اڀرڻ ڏجي، ۽ ٻار کي هڪ
فرد سمجهي تربيت ڪجي. هن کي پنهنجا حق
تانيه ٿيٻو ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر انيتا
ملڻ گهرجن ۽ سندس عزت نفس جو خيال ڪيو وڃي. ٻار جي ننڍڙي دنيا
کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، بجاءِ ان جي جو کيس وڏن
جي دنيا ۾ آڻجي.
فرائڊ جي چوڻ مطابق ته ٻاراڻي وهي تمام اهم هوندي آهي، ۽ انهيءَ
وهيءَ جا تجربا سڄي عمر تي اثر انداز رهن ٿا، ۽
انهن اثرن مان ٻار سڄي عمر نڪري ناهي سگهندو.
گل: اسان جي عورت اڄ به ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي، ان جا
ڪهڙا سبب آهن؟
تانيه: ان جو بنيادي سبب آهي عورتن کي تعليم نه ڏيارڻ. والدين
ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ڇوڪرن جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان
ڏين ٿا. ٿيڻ ائين کپي ته ٻارن ۾ جيڪو وڌيڪ ذهين
هجي، ان کي پڙهائجي. پر اسان وٽ اصول اهو آهي
پهرين ترجيح ڇوڪري کي ڏني وڃي ٿي.
ٻيو سبب غريب جو هجڻ به آهي. جيڪڏهن ماڻهن جو اٽي، لٽي ۽ اجهي
جو مسئلو حل ٿيل هجي ته پوءِ هو تعليم ڏانهن ڌيان
ڏين. باقي جتي بک، ڏک، بيماري ۽ بيروزگاري هوندي،
اتي سڀئي سياسي ۽ سماجي مسئلا گڏجي سماج جي ڪمزور
حصي تي اثر انداز ٿين ٿا، ۽ لازمي آهي ته عورت
ڪمزور طبقي ۾ شمار ڪئي ٿي وڃي، انڪري انهيءَ کي ئي
ڀوڳڻو ٿو پوي. جنهن سماجي ڍانچي ۾ اسڪول کان وٺي
اسپتال تائين، کاڌي کان وٺي لٽي تائين هر ڳالهه ۾
ترجيح مرد کي ڏني ويندي ته انهن حالتن ۾ عورتن جا
مسئلا ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿيندا رهن ٿا، ۽ عورت جيئن پوءِ
تيئن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي وڃي ٿي.
گل:اوهان جي خيال ۾ مرد کي ڪيترين شادين ڪرڻ جو حق حاصل هئڻ
گهرجي؟ جڏهن ته قرآن شريف ۾ چئن شادين ڪرڻ جو مرد
کي اختيار ڏنو آهي.
تانيه: اسان جو مذهب اسلام جيڪو نظريه حيات آهي، ۽ قرآن شريف
اسان جو پاڪ حيات آهي، ۽ قرآن شريف اسان جو پاڪ
ڪلام آهي، ۽ ان ۾ اهو اختيار آهي، پر اها ڳالهه ان
دؤر جي آهي، جڏهن جنگين لڳڻ سبب ٻار يتيم ٿيا ۽
عورتون بيواهه ٿيون ته انهن کي شيلٽر ڏيڻ لاءِ
اهوئي طريقو هو ته سرنديءَ وارو مرد چئن تائين
نڪاح ڪري پيو سگهي.
ان سان گڏ قرآن شريف ۾ عورتن جي حقن جو تاڪيد پڻ ڪيو ويو آهي ته
جيڪڏهن اوهين سمجهو ته سڀني زالن سان برابريءَ
وارو سلوڪ ڪري سگهندو ته پوءِ ٻي شادي ڪريو. پر اڄ
جو مرد عورتن جي حقن واري ڳالهه کي بلڪل نظر انداز
ڪري، صرف پنهنجي ذهني ڇڙ واڳيءَ جي ڪري سڀني قائدن
قانونن کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو هو هڪ کان وڌيڪ شاديون ته ڪري
ٿو، پر زالن ۽ ٻارن کي حقن ڏيارڻ لاءِ جوابدار
ناهي. انڪري آئون چونديس ته مرد کي صرف هڪ ئي شادي
ڪرڻ گهرجي ۽ زال ۽ ٻارن جي حقن جو پورو تحفظ ڪرڻ
گهرجي. باقي ڪن صورتن ۾ جيئن پهرين زال مان اولاد
نه ٿئي يا ٻي ڪا ڳالهه هجي ته پوءِ به مرد کي
پهرين زال کان اجازت وٺڻ گهرجي ۽ جي هوءَ اجازت نه
ڏئي ته کيس ٻي شادي نه ڪرڻ گهرجي. |