نوشابه بلوچ
ٽٽل اعتماد
شام جا پاڇا گھرا ٿي رھيا ھئا. ھوءَ ھميشه جيان، ڪمري جي دريءَ
وٽ اچي بيٺي ھئي، ۽ ويران اکين سان لھندڙ سج ڏانھن
نھارڻ لڳي. ان گھڙيءَ کيس ماءُ جا چيل لفظ ياد اچڻ
لڳا.....
”مان تنھنجي ماءُ آھيان. مون کان وڌيڪ توکي ڪير به ڪونه ٿو
سمجھي سگھي . تنھنجو پيءُ ھڪ خود غرض انسان آھي،
جنھن وٽ تنھنجي ماءُ سورھن سال گڏ گذارڻ جي باوجود
به سچي خوشي حاصل نه ڪري سگھي آھي، سو ڀلا تو کي
ڪيئن ٿو خوش رکي سگھي ......“
پر مما... “ ھن ڪجھه چوڻ چاھيو .
”مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇا ٿي چاھين. مون کي ھن خود غرض انسان تي
بلڪل اعتبار ڪونھي. تون ھن وٽ رھندينءَ ته اھا
منھنجي ھار ٿيندي، مگر مان ھن کان ھارجڻ نٿي
چاھيان. مان تنھنجي ئي سھاري ٿي ڪيس وڙھي رھي
آھيان؛ منھنجو اعتبار ڪر پٽ!“
ماءُ جا چيل آخري جملا، ھن جي ذھن ۾ گونجڻ لڳا. زندگيءَ جي ھن
ٻه_ واٽي تي ھن لاءِ ھو فيصلو ڪرڻ نھايت مشڪل ٿي
پيو ھو ته ھوءَ ڪھڙو رستو اختيار ڪري. آخر ھن
پنھنجي ماءُ جي حق ۾ فيصلو ڏنو. موٽڻ مھل، ھن پيءُ
کي ڏسندي نظرون جھڪائي ڇڏيون. سندس پيءُ ھن جي
اندر جي ڪيفيت سمجھي ويو، ۽ شفقت سان سندس مٿي تي
ھٿ رکندي چيائين، ”پٽ، تو جيڪو به فيصلو ڪيو، اھو
تنھنجو حق ھو، ان لاءِ مان توکي ميار نه ڏيندس.“
ھوءَ پنھنجي صفائيءَ ۾ ڪجھه به نه چئي سگھي ۽ سڏڪندي رھي. سندس
پيءُ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ته آٿت ڏيندي چيائين،
”پٽ، ڪا ڳالھه ناھي، مان توسان ملڻ لاءِ ايندو
رھندس ۽ تون جڏھن به چاھين، مون وٽ اچين سگھين ٿي.
خدا توکي پنھنجي حفاظت ۾ رکي!“
پوءِ ھن ماءُ ڏانھن نھاريو ھو، جنھن جي چھري تي فاتحانه مرڪ
ھئي. سندس ماءُ_ پيءُ، سورھن سال گڏ رھندي به غيرن
جيان رھيا ھئا. اھوئي سبب ھو، جو ھوءَ ننڍي ھوندي
کان ئي محل نما گھر ۾ اڪيلي رھندي ھئي. سندس ماءُ
کي وڏين وڏين پارٽين اٽينڊ ڪرڻ کان فرصت ئي ڪانه
ملندي ھئي، جو ھوءَ ڪجھه وقت پنھنجي ڌيءُ کي ڏيئي
سگھي. ھوءَ رات جو دير سان ماءُ جو انتظار ڪندي
ڪندي سمھي رھندي ھئي، ۽ صبح جو ڪاليج وڃڻ کان
پھرين، پنھنجي ماءُ جي اٿڻ جو انتظار ڪندي رھندي
ھئي. اڪثر شام جي وقت اداس ٿي ويندي ھئي.
ھڪ ڏينھن ڪاليج کان واپسيءَ تي، پنھنجي ماءُ کي خلاف توقع گھر ۾
ڏسي، ھوءَ حيران ٿي ويئي ھئي. سندس حيراني مٽائڻ
لاءِ سندس ماءُ اڳيان وڌي پيار ڪيو. ”اچي وئينءَ
پٽ! مان ڪيتري دير کان تنھنجو انتظار ڪري رھي
ھيس.“
”پرڇو؟“ ھن پڇڻ چاھيو، پر لفظ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، ۽ ھوءَ
ويتر حيرانگيءَ سان ماءُ ڏانھن نھارڻ لڳي.
”پٽ، اڄ تنھنجو مامو، شام واري فلائٽ ۾ اچي رھيو آھي.“ سندس
ماءُ، سندس حيراني کي محسوس ڪندي چيو.
”سچ، مما. “ ھن خوش ٿيندي چيو.
”سچ پٽ، ھڪ ٻي ڳالھه به ڪرڻي آھي توسان. تون فواد کي ته
سڃاڻين!“
”ھا مما، ڇو نه.“
”ھو موڪلون گذارڻ لاءِ پنھنجي پيءُ سان گڏ اچي رھيو آھي.“ سندس
ماءُ ايترو چئي، ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويئي.
”مما، ڇا ڳالھه آھي، جو اوھان خاموش ٿي
ويون؟“ ماءُ کي خاموش ڏسي، ھن چيو.
”پٽ، توکي ته خبر آھي، فواد ھڪ سٺو ڇوڪرو آھي، ۽ تنھنجو دوست به
رھي چڪو آھي. تنھنجي مامي ھتان وڃڻ کان پھرين سڱ
جي گھر ڪئي ھئي، پر اھا ڳالھه مون ان وقت تو سان
ڪرڻ مناسب نه سمجھي. ھاڻي تنھنجو مامو، فواد کي
ساڻ وٺي ان ڪري ئي اچي رھيو آھي. تنھنجو ڇا خيال
آھي پٽ!؟“
ماءُ جي ڳالھه ٻڌي، ھن کي ڄڻ بجليءَ جو شاڪ لڳو ھو، ۽ ھوءَ
خاموشيءَ سان ماءُ کي ڏسندي رھي.
”پٽ، ڪابه جلدي ناھي، تون آرام سان سوچي وٺ، پوءِ مون کي جواب
ڏجانءِ! پر پٽ، اھو خيال رکجانءِ ته پنھنجا وري به
پنھنجا ھوندا آھن_ ان جو جيئرو مثال مان آھيان،
تنھنجي سامھون!“ ايترو چئي، سندس ماءُ ھلي ويئي.
پنھنجي ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ ھوءَ وري سوچن جي درياءَ ۾ غوطا
کائڻ لڳي. ”ڇا پنھنجا، ڇا پراوا. منھنجي لاءِ ته
جھڙا پنھنجا، تھڙا پراوا ۽ منھنجو اعتبار ته
پنھنجن ئي ٽوڙيو آھي. ھاڻي ته مون کي پاڻ تي به
اعتبار ڪونھي!
اوچتو ھوءَ سوچن جي درياءَ مان ٻاھر نڪري آئي، ڇاڪاڻ ته دروازي
کي ڪو زور زور سان کڙڪائي رھيو ھو. پوءِ ھن وکريل
وارن کي ھٿن سان سنواريندي، بي دليءَ سان دروازو
کوليو.
” ”ھيءَ ڪو سمھڻ جو وقت آھي محترمه! شام جي ست پيا ٿين. ھيءَ
ڪٿان جي تھذيب ۽ ڪٿان جي مھمانوازي آھي، جو مھمان
جاڳن پيا ۽ ميزبان بي اونا ٿيا پيا آھن.“ فواد اھو
سڀ ڪجھه چوندو، بي تڪلفيءَ سان سندس ڪمري ۾ ويھي
رھيو، ۽ ھوءَ بنا اکيون ڇنڀڻ جي ڏانھنس نھاري رھي
ھئي.
”ائين اکيون ڦاڙي، ڇا پئي ڏسين. سڃاڻين ڪونه ٿي ڇا؟“ مون کي
ڊاڪٽر فواد چوندا آھن.
جيڪڏھن اڃا به نٿي سڃاڻين ته مان ھلان ٿو.“
ائين چئي ھو اٿڻ لڳو.
فواد توھان... مان ته توھان کي بلڪل سڃاڻي نه سگھيس.“ توھان ته
بلڪل
Change
ٿي ويا آهيو. ان ۾ ڀلا ڪھڙو ڏوھه!“
ھن کان بي اختيار کل نڪري وئي.
”اجازت ھجي ته ھڪڙي ڳالھه چوان؟“
”چئو نه، پڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي.“
”خير ٻئي دفعي ٻڌائيندو سانءِ.“ چڱو مان ھلان ٿو... تون جلدي
اچ، پاپا تنھنجو انتظار ڪري رھيو آھي.“ ھو ائين
چئي ھيٺ ھليو ويو، ۽ ھوءَ جلدي جلدي تيار ٿي ھيٺ
لھي آئي، جتي سندس ماءُ ۽ مامو ويٺا ھئا.
”پٽ، ڪيئن آھين، خوش آھين نه؟“
سندس مامي کيس پيار ڪندي چيو.
”جي ماما، بلڪل ٺيڪ آھيان، توھان ڪيئن آھيو؟ ” ھن ڪرسيءَ تي
ويھندي چيو.
”مان ته ٺيڪ آھيان، پر تنھنجون شڪايتون پھتيون آھن مون وٽ.“
شڪايتون! ڪھڙيون شڪايتون؟“ ھن جواب طلب نظرن سان مامي ڏانھن
نھاريو.
”ڪا خاص نه، بس تنھنجي ماءُ چوي ٿي ته سڄو ڏينھن پنھنجي ڪمري ۾
ويٺي ھوندي آھي، ڪنھن پارٽي يا شاپنگ لاءِ چوانس
ته نه ٿي ھلي.“
”ماما اھڙي ڪابه ڳالھه ناھي، مون کي دلچسپي ناھي ٻاھر وڃڻ يا
شاپنگ ڪرڻ سان.“
”دلچسپي ھجي يا نه، پر مون سان گڏ ته ھلڻو پوندئي؟“
فواد وچ ۾ ڳالھائيندي چيو.
ڇا مطلب.“ ھوءَ حيرانگيءَ مان فواد ڏانھن نھارڻ لڳي.
”مطلب ته ڪافي سالن کان پوءِ موٽيو آھيان... ھاڻي ڪجھه گھمڻ ڦرڻ
چاھيان ٿو. تنھن لاءِ ھڪ پارٽنر جي ضرورت آھي.“
”ته پوءِ اھو.... ته توکي منھنجو پارٽنر ٿيڻو پوندو.“
فواد صبا کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسڻ لڳو. ”مان ڪوبه بھانو نه
ٻڌندس.. ائين به ڪنھن جي مھمانوازي ڪنھن ڪئي آھي،
جيئن تون پئي ڪرين... مون سان ھلڻو پوندئي ڇا به
ٿي پوي.“
فواد حڪمرانه لھجي ۾ چيو.
”ھا پٽ ڪھڙو ھرج آھي انھيءَ ۾.“ سندس مامي فواد جو پاسو وٺندي
چيو.
ھوءَ ماءُ ڏانھن مدد طلب نظرن سان نھارڻ لڳي، پر سندس ماءُ به
فواد جو پاسو وٺندي چيو.
”ھا پٽ تون ئي ڪٿي وٺي وڃينس، منھنجي ته ھڪ به نٿي ٻڌي.“
”آنٽي توھان فڪر نه ڪريو آئون اچي ويو آھيان نه، ھاڻي ڪابه من
ماني نه ڪرڻ ڏيندو سانس.“
۽ ھوءَ بي وسيءَ مان سڀني ڏانھن نھارڻ لڳي.
”ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن ڪاليج لاءِ تيار ٿي رھي ھئي ته فواد اچي
ويو.
”ھيلو ڪزن ڪيئن آھين؟ ”ڪاليج پئي وڃين ڇا؟“
”ھا.“
”ھل مان توکي ڇڏي اچان“
”نه مان ڊرائيور سان ھلي وينديس.“
”منھنجي ھوندي ڊرائيور جي ڪھڙي ضرورت؟“
”پر....!
بس بس، نخرا نه ڪر، مان ھونئن ئي فارغ آھيان.“
”فواد مان .....“
”پر پرڪجھه به نه، مان ٻاھر گاڏيءَ ۾ ويٺو آھيان، جلد اچ.“
فواد ائين چئي ھليو ويو. ھوءَ جلدي جلدي پنھنجا ڪتاب کڻي ٻاھر
آئي. ھوءَ اڳيان وڌي، ۽ ڪار جو پويون دروازو کولڻ
تي ھئي ته فواد چيو:
”اڳيان اچي ويھه، پويان ڇو پئي ويھين.“
”پر مان ته ھميشه پويان ئي ويھندي آھيان.“
”جيڪو تون ھميشه کان پئي ڪرين ته..... اھو ھاڻي ڪونه ٿيندو.
پنھنجن ھميشه کان ھلندڙ عادتن کي بدلاءِ، خاموشيءَ
سان اڳيان اچي ويھه.“
ھميشه جيان ھوءَ خاموش ھئي. فواد خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”نه
ڳالھائڻ جو قسم کنيو اٿئي ڇا؟“
”نه نه .... !! صبا وراڻيو.
”ته پوءِ ڇا ٿيو آھي؟“ فواد صبا کي گھوريندي چيو.
”ڪجھه به نه ...“
”ڪجھه ته آھي... تون ايڏي خاموشي ڇو ٿي وئي آھين؟“
”بس ائين ئي ....“ صبا لنوائيندي چيو.
”ڪٿي مونکان ناراض ته نه آھين؟“
”ته پوءِ آنٽي ...“
”نه ....ڪنھن سان به نه ..“
صبا گھٽ ۾ گھٽ مون سان ته ڳالھاءِ.“
”ڇا ڳالھايان .....!!
”ڪجھه به.“
”ڪجھه به ته ڪونھي ڳالھائڻ لاءِ!“
”ڳالھائڻ لاءِ ته گھڻو ڪجھه آھي، اھو چئو ته مون سان ڳالھائڻ
نٿي چاھين.“
”نه نه اھڙي ته ڪا ڳالھه ناھي.“
”اھڙي ئي ڳالھه آھي. جيڪڏھن تون مون سان ڳالھائڻ نٿي چاھين ته
ٺيڪ آھي، بيزار ٿي ٿين منھنجي اچڻ سان ته ٻيھر
ڪونه ايندس.“
ھن ڊڄندي چيو ”توھان ناراض ٿي ويا.“
فواد ڪو به جواب نه ڏنو.
”فواد پليز، معاف ڪريو.“
ھن روئڻھار ڪي لھجي ۾ چيو.
صبا جي معصوم صورت ڏسي فواد کي کل اچي وئي.
اڙي مون ته ڀوڳ پئي ڪيو. تون روئين پئي. چري! ڏس ٻار پئي لڳين.“
”جي ته اھو صرف ڊرامو ھو.“
”ھا صرف ڊرامو ھو توکي روئارڻ لاءِ ڪيئن آھيان نه وڏو اداڪار.“
|