نوبل انعام کٽيندڙ
ونگاري ماٿئي
جعفر رضا / نجمه پنهور
آفريڪا: ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ پوئتي پيل کنڊ آهي. بک، بيماريءَ
۽ گهرو ويڙهه جو شڪار آهي. وسيلن سان ته مالا مال
آهي، پر پوءِ به غريب مسڪين آهي.
واتاورڻ / ماحول کي صاف سٿري رکڻ، ان کي گدلاڻ کان بچائڻ جي ڏس
۾ هن خاتون جيڪي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون،
انهن کي آڏو رکندي گذريل سال (2004ع) امن جو نوبل
انعام کيس ڏنو ويو آهي، ان مائيءَ جو نالو آهي
ونگاري ماٿئي!
مائي ونگاري ماٿئي جو جنم 1940 ۾ ٿيو. هن نيروبي يونيورسٽيءَ
مان اناٽاميءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي ۽ آمريڪا جي پي. ايڇ.
ڊي ڪرڻ واري پهرين عورت بڻجي وئي. ريڊ ڪراس ڪينيا
جي ڪيترا سال ڊائريڪٽر رهي. 1977ع ۾ هن ڪينيا ۾
غير ضروري وڻن جي واڍيءَ جي ڪري جهنگ ختم ٿيڻ ڪري
انهن جي بچاءَ جي لاءِ هڪ ”وڻڪار تحريڪ“ جي شروعات
ڪئي. هن تحريڪ جو اهم ۽ بنيادي مقصد اهو هو ته
ماڻهن کي اُهو شعور ۽ سمجهه ڏني وڃي ته وڻڪاري ڇا
آهي؟ ٽيهن سالن جي عرصي دوران هن تحريڪ ذريعي ٽي
ڪروڙ وڻ پوکيا، جنهن ڪري اتي جي جهنگلن جي غير
ضروري واڍ روڪڻ ڪري اتي جي زمين جي زرخيزيءَ ۾
واڌارو ٿيو ۽ اتي جي عام ماڻهن جي ٻارڻ جي لاءِ
وڌيڪ ڪاٺيون پڻ ملڻ لڳيون. هن تحريڪ ۾ ڪينيا جي
ٻهراڙين جي عورتن حصو ورتو. عورتن جي وڌيڪ
دلچسپيءَ جي ڪري ئي هن تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪئي.
اهو ونگاري ماٿئي جي سحر انگيز شخصيت جو ئي اثر
هو.
وڻڪاريءَ دوران هوءَ عورتن جي نئشنل ڪائونسل جي چيئرمين جي
حيثيت سان خدمت سر انجام ڏيندي رهي. ونگاري ماٿئي
جي زندگي اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه وقف
رهي.
انهيءَ جذبي هيٺ هن ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن شعبن ۾ تمام گهڻيون
خدمتون سر انجام ڏنيون. 1998ع ۾ پهريون ڀيرو دنيا
جي سامهون ڪينيا ۾ هڪ پُر آسائش هائوسنگ پراجيڪٽ
جي تعمير جي خلاف آواز اٿاريو، پراجيڪٽ جي تعمير
جي لاءِ ڪينيا جا سوين ايڪڙ جهنگ کي ڪٽڻو هو. هن
بچاءَ واري تحريڪ جي دوران هن تي قاتلاڻو حملو پڻ
ٿيو جنهن ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي. هن احتجاج جي ڪري
1991ع ۾ ان وقت جي حڪومت هن کي گرفتار ڪري جيل
اماڻيو. جتان هن جي آزادي ايمنسٽي انٽرنئشنل جي
”خط لکو مهم“ جي پاران ممڪن ٿي.
حالات جون سختيون هن جي ارادن کي ذرو به لوڏي نه سگهيون، ماحول
جي بچاءُ جي لاءِ ماٿئي پنهنجي دل و جان سان
پنهنجي مشن ۾ مصروف رهي. 2002ع ۾ هن ڪينيا جي
پارلياماني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 98 سيڪڙو ووٽ کڻي
ڪاميابي حاصل ڪئي.
2003ع ۾ ماٿئي کي ماحوليات، قدرتي وسيلن ۽ جهنگلي جيوت جونائب
وزير مقرر ڪيو ويو، 2004ع ۾ هن جي بي لوث خدمت جي
مڃتا لاءِ کيس نوبل انعام ڏنو ويو. انعام جي لاءِ
چونڊجڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ هڪ صحافيءَ کي ڏنل
انٽرويو ۾ ماٿئي چيو!
”نوبل انعام کڻڻ کان پوءِ منهنجون ذميواريون وڌي ويون آهن، مان
صرف پنهنجي ملڪ ڪينيا جي لاءِ نه پر سموري آفريڪا
کنڊ جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪنديس ۽ منهنجو مشن
جاري رهندو.“
***
قانون ۽ عورت
ڳورهاري عورت جا حق
مڙس ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي سندس آرام جو خيال رکن.
ان کي سٺي خوراڪ ڏني وڃي.
ان جي مٿان گهڻي ڪم جو بار نه وڌو وڃي.
ويم جو مناسب انتظام ڪيو وڃي ته جيئن عورت ۽ ٻار ٻنهي جي زندگي
بچي وڃي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 34 هزار عورتون
ويم دوران فوت ٿي وينديون آهن.
عورت کي اهو حق آهي ته جيترا مناسب سمجهي اوترا ٻار پيدا ڪري.
اسان جي سماج ۾ چڱي عرصي کان عورت کي فقط ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين
سمجهيو وڃي ٿو. گهٽ آمدنيءَ وارن ڪٽنبن ۾ اٺَ يا
نوَ يا يارهن ٻارن جي پيدائش معمولي ڳالهه آهي.
لڳاتار ٻار پيدا ڪرڻ سان عورت جي صحت تباهه ٿي وڃي
ٿي. پاڪستان ۾ عورتن جو وڏو تعداد رت جي کوٽ جو
شڪار آهي، انڪري عورت يا ته وقت کان اڳ مري وڃي ٿي
يا هڪ زنده لاش بڻجي بيشمار بيمارين ۾ مبتلا رهي
ٿي. انساني وجود فقط جسماني نه پر ذهني به هوندو
آهي. گهڻن ٻارن واري عورت حياتيءَ جو وڏو حصو ذهني
عذاب ۾ گذاري ٿي. ان ڳالهه کان ڪير واقف ناهي ته
گهڻن ٻارن واري گهر ۾ ئي مرد عام طور تي لاپرواهه
ٿي ويندو آهي. هوءَ رات ڏينهن انهيءَ ڏک ۾ رهندي،
پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي ٻارن کي کارائيندي رهندي
آهي. اهڙيءَ طرح ٻارن جي گهڻائي هن لاءِ روح جو
عذاب بڻجي ويندي آهي.
خوشيءَ جو حق ته الله تعالى جانورن کي به ڏنو آهي. جيڪي چراگاهن
۾ ٺينگ ٽپا ڏيندا وتندا آهن. ڇا عورت جانورن کان
به ويل آهي؟ جو ٻارن جي گهڻائي ڪري ان کان تفريح،
سٺا ڪپڙا، سٺي خوراڪ ۽ ذهني سڪون کسي وٺجي؟ انهيءَ
ڄاڻ مطابق عورت جا ٻه بنيادي حق آهن:
عورت کي حق آهي ته هوءَ ٻارن جي وچ ۾ جيترو وڻيس اوترو وقفو
رکي.
عورت کي حق آهي ته اها ٻار پيدا ڪرڻ کان روڪ لاءِ دوائون کائي
يا آپريشن ڪرائي.
هونئن ته دنيا ۾ ٻار نه ٿيڻ لاءِ عورتون صدين کان ڪونه ڪو طريقو
استعمال ڪنديون آيون آهن. ليڪن اهو نسخو فقط عورتن
جي علم ۾ هوندو هو. مردن کان اها ڳالهه ڳجهي رکي
ويندي هئي. هاڻ وقت اهو اچي ويو آهي ته عورت جي ان
حق کي قانوني طور تسليم ڪيو وڃي.
جدوجهد ۾ ساٿ ڏيو.
پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي ڪافي حق ڏنا ويا آهن. بدقسمتيءَ سان
گذريل ڪجهه سالن اندر اسان جي وطن ۾ اهڙيون
تبديليون آيون آهن، جو انهن مان ڪيترائي حق ختم
ڪيا ويا آهن، انهيءَ دور ۾ حدود آرڊينس جاري ڪيو
ويو، جنهن موجب زوريءَ زنا جو نشانو بنجڻ واري
عورت يا ڇوڪريءَ کي به ڏوهاري قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ان آرڊيننس هيٺ هڪ گهر ۾ نوڪري ڪرڻ واري انڌي
ڇوڪريءَ کي جنهن سان گهر جي مالڪ پيءُ ۽ پٽ زوريءَ
زنا ڪئي هئي ڦٽڪن جي سزا ڏئي وئي.
ان آرڊيننس هيٺ پاڪستاني عيسائي يا پارسي ڪنهن به غير مسلم عورت
سان زوريءَ زنا جي سزا مسلمان عورت جي مقابلي ۾
گهٽ رکي وئي آهي، اها اسان سڀني مسلمان عورتن لاءِ
نهايت شرم جي ڳالهه آهي ۽ اسلام جي روح جي خلاف
آهي، ڇو ته اسان جي پياري مذهب جو بنياد انصاف ۽
مساوات آهي.
اهڙيءَ طرح هڪ مرد جي شاهديءَ جي ڀيٽ ۾ ٻن عورتن جي شاهديءَ جو
قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن جي حساب سان عورت جي
سمجهه ۽ عقل کي مرد جي سمجهه جي اڌ برابر قرار ڏنو
ويو آهي.
انهيءَ قانون موجب هڪ سمجهدار ۽ پڙهيل لکيل عورت جي شاهديءَ جي
ڪا اهميت ناهي. ان جي ڀيٽ ۾ ان جو ڄٽ ۽ گهٽ سمجهه
وارو چوڪيدار قانون جي نظر ۾ وڌيڪ معتبر آهي ڇو ته
هو مرد آهي.
اسين سمجهون ٿيون ته عورتن جي انتهائي توهين ڪرڻ وارو قانون
اسلام جي روح جي خلاف آهي. اسانجو پيارو دين عورت
۽ مرد وچ ۾ امتياز جي ڳالهه نٿو ڪري، حقيقت اها
آهي ته ڪجهه تنگ نظر ظالم ۽ سفاڪ مردن هڪ پاڪ ۽
صاف دين کي صدين کان عورتن جي خلاف استعمال ڪيو
آهي ۽ مقدس ڪتابن کي به پنهنجي مرضيءَ جي معنى
ڏيندا رهيا آهن.
پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون انهن ڪارن قانونن کي ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيون آهن. اوهان کي عرض آهي ته انهن
تحريڪن جو ڀرپور ساٿ ڏيو، اوهان انهيءَ سلسلي ۾:
1 .جلوسن ۾ شامل ٿي سگهو ٿيون.
2. صحيح مهم شروع ڪري سگهو ٿيون.
3. اخبارن ۾ مضمون لکي سگهو ٿيون.
4. اخبارن ۾ لڳاتار خط لکي سگهو ٿيون.
پاڪستان ۾ عورتن کي حق ڏيڻ لاءِ انهن جو سماجي رتبو وڌائڻ لاءِ
جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميشن قائم
ڪئي وئي. ان ڪميشن تمام سٺيون تجويزون ڏنيون آهن.
اوهان کي اسان جي ڀرپور سفارش آهي ته انهن سفارشن
کي عملي جامو پارائڻ لاءِ تحريڪ ۾ سڀني عورتن جو
ساٿ ڏيو.
(واعده ڪتاب گهر طرفان ڇپايل ڪتاب ”قانون ۽ عورت“ تان ورتل)
************** |