سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :2

 دوها

شيخ اياز

آهي تنهنجي ياد جي، ائن گذريءَ ۾ گونج،

آکيري مان جئن وڃي، اُڏري ڪائي ڪونج.

 

نيڻن مان جو نـَئن ڇـُلِي، ڪک پن ٿي ويا رنج،

نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جئن پاڻيءَ تي هنج،

 

تون ئي منهنجو راز آن، تون ئي منهنجو ساز،

آهي تنهنجي تار جو، منهنجو من آواز.

 

هن کي تنهنجي پريت جي پڃري جي آ هير،

من جي مئنا ٿي اچي، موٽي سانجهه سوير.

 

نيڻن کي ڏي ننڊڙي، پڌري ٿي پرڀات،

ڪيسين ڪـُوڪِي ڪوئليون، ڪاٽين ڪاري رات.

 

بک تي نڪتي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن،

ڇڏ هِي سک جون ڳالهڙيون، پنهنجو ڪهڙو نينهن!

 

جڳ جي پوئين پهر ۾، مان جڳنوءَ جي جاڳ،

جرڪيا منهنجا راڳ ۾، ماڻهوئڙن جا ماڳ.

 

پهتو من ۾ پار کان، جئن ڇوليءَ جو ڇوهه،

ويجهي آئي جو ڪنڌي، ماٺو ٿي ويو موهه.

 

تارن جا تڙڪا پيا، جن سان جرڪيا جَرَ،

ماڻڪ موتي ٿي وئي، ڄڻ منڇر جي ڇَرَ.

بشير مورياڻي

چانڊوڪيءَ جي ساز تي ويٺي رات گيت ٿي ڳائي،

انگ انگ ۾ ڀري امنگون، جادو ٿي ڦهلائي.

 

نيڻن جي کڙڪيءَ مان پيهي آيو ڪو چت چور،

پاڳل من آ وَسَ کان ٻاهر، ڪير لڳائي زور.

 

کوهه تان گهاگهر ڀري ٿي موٽي هڪ البيلي نار،

گهاگهر مان جئن پاڻي ڇلڪي، تئن جوبن جو اُڀار!

 

پريم جو ساگر ڇوليون ماري، تنهنجي ڏياري،

پوءِ ڀلا ڪو ڪئن هن جڳ ۾، سک جون گهڙيون گهاري!

ڪافيون

حافظ محمد احسن

1- ڇني ڪين ڇڏڻ توکي يار کپي؛

ناتو نينهن ڳنڍڻ توکي يار کپي.

منهنجو وس ته سڄڻ آهي عرض ڪرڻ،

ٻانهون ٻئي ته ٻڌڻ پيرين سرڙو ڌرڻ؛

پوءِ ته عرض مڃڻ، ڇڏي ريت رسڻ

اچي مرڪي ملڻ توکي يار کپي.

 

2-  راتيان ڏينهان روئڻ،تنهنجون واٽون ڏسڻ،

پانڌي روز پڇڻ، تولئي يار سڪڻ؛

ڀري پير اچڻ، ڪا سنڀار لهڻ،

اهڙو قرب ڪرڻ توکي يار کپي.

 

3- توکان دور ٿيڻ، ٿيو وهه ته وهڻ،

ڪونهي سک ٿي سمهڻ، نڪو کائڻ پيڻ،

ٿيو جنجال جيئڻ، تنهن کان وڌ آ مرڻ،

هاڻي گڏجي رهڻ توکي يار کپي.

 

4- ”احسن“ دلڙي ڏيڻ، سختيون سور سهڻ،

ڪنهن کي ڪين چوڻ، اها ريت رکڻ؛

دل دوست لٽڻ، پوءِ وري منهڙو مٽڻ

ائين ڪين هئڻ توکي يار کپي.

”برده“ سنڌي

 

ڪيوين ڪران هـُڻ چين نَهين يَر

 

موهِي دل محبوب دي ناز!

 

 

 

1- خونِي چشمان تير چلايا،

 

کس دل سهڻي ول نه وجهايا،

پئي ڳل ڦاهِي زلف دراز!

2_ رو پِٽ هٿين ڪجهه نه آيم،

 

سوز زياده درد وڌايم،

هِن بي ترس دي خوب خماز!

3_ وسر ڳيم سڀ زُهد عبادت،

 

صوم صلواة تي طلب تلاوت،

هر دم يار دِي ياد نماز!

4_ ڪڏان ٻهي گڏ منڙا ٻولي،

 

ڪڏان ول هجر فراق ڏي رولي،

ريجهه رُسڻ تي شوخِي نياز!

5_ جنهن ڏينهن ڍولڻ، دِيد ڀَليسِي

 

اي دل ”برده“ عِيد ڪريسي،

بس، کـُل پئوسن ڳـُجهڙي راز!

 

محمد خان ”غني“

واٽون وٺيو روز واجهايان – تارا تارا ڇو نه تڪيندا!

آس اٿم، سي آخر ايندا!

1_ منهنجي اکين ۾ آب ڏٺائون، پاڻ رنائون قول ڪيائون؛

چيئون ’اچون ٿا گهڙي گذاري‘، ويا ته ويٺا وڃي وساري؛

هر هر تن جا پار پڇايان – ڏوٺ ڏمر سي ڪڏهن ڇڏيندا!

2_  سانوڻ مان ٿو ڦِري سيارو، سخت ٿي سردي وسيو پارو؛

وڻ ٽڻ سڀئي سڙي ٿيا ڪارا، سڙيا سڙيا محبت وارا؛

ائين چيو ٿِي من پرڀايان – ’منجهه بهاريءَ ڀيڙا ٿيندا‘!

3_ آئي آهي رات انڌاري، ڪاري ڪاري هيبت واري؛

هر هر پاسي کي بدلائي، نت نت نيڻين نير وهائي؛

سڏڪِن کي ٿي هيئن سمجهايان – ايندا ايندا وِرِه ُ ونڊيندا!

4_ سکيون ويٺيون موج مچائي، هڪڙي ٻيءَ جي دل وندرائي؛

من ”غني“ ٻئي پار وسي ٿو، اکين آڏو يار پسي ٿو؛

ڌارين سان ڪيئن دل اٽڪايان – منهنجا مون کان مُنهن نه مٽيندا!

لطف الله بدوي

لڳي ساهه ۾ آهه سانگين جي لوري،

وساريان نه وسرن ماروئڙن مقالون!

1- اَٿم روز اُڻ تڻ اَباڻن جي اندر،

جلايو جگر جان، سورن سراسر،

وئي آ وڇڙجي، ڇـُڳيرن کان ڇوري

وجهان ٿي ورن من ويٺي روز فالون.

 

2-  ڪڙهان هت ٿي ڪوٽن ۾ آءٌ اڪيلي،

نه ڪو حال محرم نه سـَرتي سهيلي،

هجن گڏ لڳي جن جي آ جيءَ ۾ جهوري

ڏيان باهه پـَٽ کي، سڙن شال شالـُون.

 

3_ ڪـَڙن ۽ ڪـَڙولن ۾ هت ٿيو جياپو،

ٿيس ڏور ڪنهن کي ڏيان مان ڏوراپو،

جدائي جو جالڻ بڻي ڳالهه ڳوري-

پـَري ٿيم پنهوارن جا پکڙا ۽ پالون-

4_ موٽ ملڪ مينهن ڪئي آ بهاري،

ٿڌي ٿي ٻڌان ٿي ويڙهيچن جي واري،

مون کي هت ڏکن جي ڊگهي آهه ڏوري-

هـُتي ڏور نـَڙ تي ٿيون ڇيڄون ڌَمالون.

 

5_ ڪري ياد ڏيهي، اَکئين نير هاريان،

ٿرن جون سنڀارون سدا ”لطف“ ساريان،

پائر جي گهـَڙيءَ تان سڙي جان گهوري-

سهيلين جي سـُهمن وڃايو آ حالون.

حسيني محمد حافظ ٽکڙائي

 

پنهل پسڻ کان آهي ڏور

-

ساعت سهڻل ري نه سري!

1- ساجن سرتيون ساڻ نيائون،

 

ڏير سندم پر قهر ڪيائون،

پيم پنهون جا پل پل پور،

 

ڳڻتين ۾ جي منهنجو ڳري.

 

 

 

2- باه ڀنڀور کي ڏينديس ڀينر،

 

ڪيچ ڏي ڪاهي وينديس ڀينر،

   ورنديس ور ري ڪين مان مور،

 

ٿينديس پٻ کان پل نه پري.

 

 

 

3_ روڄ روئڻ ۾ حال وڃايم،

 

عشق سڀئي آرام ڦٽايم،

    نينهن اندر ۾ ڪيا ناسور،

 

باه بره جي دل ۾ ٻري.

 

 

 

4_ رڙهنديس،روئنديس،هلنديس آءٌ،

 

پنڌ پنهل جو پڇنديس آءٌ،

هاڙي هلڻو آهي ضرور،

 

ڏينهن تپي يا رات ٺري.

5- هوت حمايت ”حافظ“ تن جو،

 

قرب ٿيو ڪامل يار سان جن جو،

وڃ نه وڇوڙي ۾ وهلور،

 

ڪيچي ايندا قرب ڪري.

مخدوم غلام احمد ”غلام“

او مُحبَن ڪئي مجبور، اديون دل محبن ڪئي مجبور-

نِت پـَوَنِ پنهل جا پـُور!

او سڄڻ بنان هِت سُهج سمورا، سرتيون ڀانيان سور!

او محبن ڪئي مجبور  . . . . . . .

1- انگُ اڳي هو لوحَ لکيو، نه ته ٻاروچو ڪِٿِ ٻانبڀـَڻ،

اَلا، پِـرِتِ پـِرايـَم پينگهي ۾، هاڻي سورَ پـِيا ٿَمِ سانڀـِڻ،

او، ڏاجُ ڏکن جو ڏنو ڏاڏاڻن، پنهلَ پـِڙي ۾ پُور!

او محبن ڪئي مجبور  . . . . . . .

2- هوت ُ کڻي وِيـَم هـَنجَ مان، ڪري ڌوٻـِڻ سان ڌاڙو،

اَلا، هاڙهي هـَلـَنديس هيڪلي، ڇڏي پيڪـَن جو پاڙو،

او، عقل شرم ۽ مـَت مِڙيئي، قُربَ ڪـَيـَم ڪافـُور!

او محبن ڪئي مجبور  . . . . . . .

3- ڄامَ! ”غلام“ جو عرض اگهائي، آري آ هڪواري،

دردن دلڙي ڪئي ديواني، دلبـَر ڏي دلداري،

گهـُورَ ڪـَيا جي گهاو جِگر ۾، نـِسِري ٿيا ناسور!

او محبن ڪئي مجبور  . . . . . . .

احمد خان ”آصف“

ڪيئَن پليان مان پاڻ، جانب سان جيءُ جڙيو جڙيو!

1- آدم کان اڳ اڳ ڙي اديون

 

سهڻي ساجن ساڻ

منهنجو انگ هو اڙيو اڙيو!

2_ لالڻ خاطر لوڪ سڄي جي

 

آيم ڪڍڻي ڪاڻ

لکيو آخر پڙيو پڙيو!

3_ڳئون چارينديس ڳوٺ سڄي جون

 

پنهنجي پيارل ڪاڻ

من جنهين سان مڙهيو مڙهيو!

4_ حجت هلنديس هوت سان ڪهڙي

 

آهه مڃي مون آڻ

قرب انهيءَ جي ڪڙيو ڪڙيو!

5_ ”آصف“ جي جنهن دلڙي ڌتاري

 

پاڪ اَلہ سو آڻ

ساه سورن ۾ سڙيو سڙيو!

”راز“ بلڙائي

دلڙي لٽي وئين دلبر نيڻن سان ناز وارا،

شب روز يار تولئي نيڻين وهايان نارا.

1-قاصد ادا ڪا آندي

 

خاصي خبر تو پانڌي،

مشتاق دل ٿي ماندي

 

ايندا ڪڏهن پيارا.

 

 

 

2- سهڻيون اکيون هي سنڃ تون

 

منهنجو عرض هي مڃ تون،

ڀيرو ڀلا نه ڀڃ تون

 

ڪر ڀال ڪي ڀلارا.

 

 

 

3_تنهنجي فراق ماري

 

ڇڏيو جان تن کي ڳاري،

ويٺين تون ڇو وساري

 

جيءَ جان جا جيارا.

 

 

 

4_نازن سان ڀل پيا ماريو

 

پر قياس ڪجهه ڪو ڌاريو،

نرمل پرين نهاريو،

 

پرچي ملو پيارا.

5- مڃ ”راز“ جي تون آزي،

 

پرچي پرين ٿي راضي،

ڪهڙا پڇين ٿو قاضي،

 

قربن ۾ قرب وارا.

آخوند فضل صديق صديقي

برهه بنايم بي حياءَ، نينهن پرينءَ جي ناچ نچايا،

ٻول ٻه ٽي ٻڌ جيجل ماءُ، سوز سڄڻ جي ساز سـُرايا.

 

انگ اگهاڙي پيٺ بکئي سان، گرمي سردي ڏيل ڏکئي سان،

عشق چيو ٿِي ارڏو آءُ، پير جڏهن مون پڙَ ۾ پايا.

 

حاڪم هـَٻـَڇي پاپِي پاڙو، ڀاءُ برادر سيڻن ساڙو،

ويري ڀانئج سڀ وِياءُ، سنگتي ساٿي پارَ پـَرايا.

 

ڏک ۽ سک جو ڄاڻ نه ڄامن، ڪِين ڏسِينِ ٿا آه ڪا عامـَن،

حمد هـُنـَن جو آهه اُپاءُ، ارها سـَرَهـَا سـَمجهه سـَوايا.

 

جان تي جڻيان مـَرُ مـَٿي ۾، ڪـُندري ڪـِشـِتو اوڍ کٿي ۾،

لالن ڌاران ناهي لاءُ، محبت جي محفل رُڃَ رهايا.

 

آڌيءَ مانجهيءَ جوڳِي جاڳن، باهيون بـَرَ ۾ ساڻ نه سامن،

مؤنَن ۾ مُنهـُن، تـَن ۾ تاءُ، هـُو هـُو جا تن هـُلَ هـُلاَيـَا.

 

ٻَن ٻيائي جوڙ نه جوڙن، تند طلب جي وحدت ووڙن،

وصلَ جو والي واري واءُ، رندن روئي روههَ رجايا.

 

هوڏ نه هلندي پاڻ نه پنهنجي، ترڪ طمع کي ڪاوڙ ڪنهنجي،

سهڻو ڪنهن جو ناهه سياءُ، هستي مستي آرَ اَجايا.

 

والي واحد وحده وائي، وردُ ويراڳين ڪاڻ نه ڪائي،

”فضل“ فقيرن پيو پڙلاءُ، انڱڻ اسان جي اظهر آيا.

وايون

شيخ اياز

(1)

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

 

 

 

زندگانيءَ جي چمن مان آئي خوشبوي نجات-

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

 

 

 

ڪنهن ازل جي راز ڳاتو، سـُر وٺايو ڪائنات -

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

 

 

 

اوچتو هر شي لڳي ڄڻ بي ثبوت و بي ثبات

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

 

 

 

هي ستارا، هي نظارا، نيٺ ڪنهنجي آ صفات!

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

 

 

 

چنڊ جو چارو وٺي ڳولڻ لڳس مان حسن ذات-

رات ڪائي تانگهه تات،

 

منهنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!

(2)

آءُ زندان جي جهـَروڪي مان نهار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

آسمانن مان ڪِري ٿو چاندنيءَ جو آبشار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

ٻن جهانن تي ڪـَري ٿي وار ڪويل جي پـُڪار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

هي هوا، هي هيج، هي سامهون کجورين جي قطار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

چنڊ تنهنجي لاءِ سيخن مان نهاريو بار بار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

تون ڪـَڙين ۾ ڀي ڪـُڏي سگهندين گهڙيءَ جي لاءِ يار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

ڳاءِ پيارا! هي در و ديوار ناهي پايدار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

آءُ، زندان جي جهورڪي مان نهار-

ڪهڙي پياري رات آهه!

گيت

هري، درياني ”دلگير“

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

نيلي اُڀ تي ننڍڙا تارا

 

اڄ ڇو خاص وڻن ٿا پيارا؛

اڄ ڪيڏو مـَنَ کي موهن ٿا،

 

اڄ ڪن ٿا ڪي خاص اشارا؛

بيٺا آهن جهرمر لايو-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

اڄ دنيا ڇاڪاڻ وڻي ٿي،

 

اڄ ڪيڏي چانڊاڻ وڻي ٿي؛

اڄ پـَن پـَن مان موج ملي ٿي،

 

گل گل جي سرهاڻ وڻي ٿي؛

دل تي ڪهڙو جادو ڇايو-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

اي بلبل! تون ڳائين ڇو ٿي؟

 

هـير!تون سازَ وڄائين ڇو ٿي؟

ناچ نـَچِي ۽ ڳائي جهومي،

 

سِنڌُو! موج مچائين ڇو ٿي؟

ڇا ڪنهن کي ڪنهن آهه ٻڌايو-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

جاڳان ٿِي، پر جاڳ نه آهي،

 

هي اڄ مون کي ٿِي ويو ڇاهي!

ويٺي ويٺي، بِيٺي بِيٺي،

 

آءٌ ڇڏيان سوَ سپنا ٺاهي!

هر هڪ ۾ هـُن پاڻ پسايو-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

ساهيڙين ۾ هيانءُ هڄي ٿو،

 

دنيا کان من دُور ڀڄي ٿو؛

در تي کڙڪو، دل ۾ ڌڙڪو،

 

تڪڙو تڪڙو ساه کڄي ٿو؛

لال بڻي مـُکڙو شرمايو-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

هو ايندو، ڇا حالت ٿيندي!

 

بي سـُرتِيءَ ۾ دلڙي ايندي؛

هـُو ڪجهه پڇندو مُرڪي مرڪي،

 

پر نه لڄاري ورندي ڏيندي؛

اي لڄ، شرمَ! اَٿـَوَ ڇا رايو؟-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

دير گهڻي ڇو راجا لاتي؟

 

مـهل ڪـُمـَهلَ به ڪانه سڃاتي؟

جوت جلائي، جوت ٻجهايان،

 

ويٺيس پائي در ۾ جهاتي؛

دل کي ڪهڙي وهم ورايو!-

منهنجو سائين ڄاڻ ته آيو!

شيخ ”اياز“

برساتي گيت

گهنن گهنن گهن گهن گهن گهن گهن،

ڌنن ڌنن ڌن ڌن ڌن ڌن ڌن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

پيو پيو مـَي جا متوارا، جيو جيو ڌرتيءَ جا پيارا!

ڇنن ڇنن ڇن پيالا ڇلڪن-

گهنن گهنن گهن گهن گهن گهن گهن،

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

جـُڳ جـُڳ کان آ ڌرتي پياسي، مسين مسين آئي چؤماسي!

سوين صديون ليلايو لــُڙڪن-

گهنن گهنن گهن گهن گهن گهن گهن،

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

کِلو کِلو اي کنوڻيون کيريون، رِلو مِلو اي ڪڪريون نيريون!

ٽِلو ٽِلو اڄ گلشن گلشن-

گهنن گهنن گهن گهن گهن گهن گهن،

ڌنن ڌنن ڌن ڌن ڌن ڌن ڌن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

”برده“

سانوڻ آيو

سانوڻ آيو، مِينهن اُٺا،

 

وئي مونجهه بهاري آئي آ!

اک ڇنڀ ۾ ڪنهن، اُترؤن آڻي،

 

ڇڏيا ٿڌا شاميانا تاڻي،

پينگههَ پير ۾ جهوٽن جيڏيُون،

 

ڪري ٺٺول نهارن ٽيڏيُون،

ڪاڻِي ڀي پـَٽ راڻِي سونهين، هن جي اک سـُرمائي آ!

جهڙ ڏسِي ڪنهن ساجنُ ساريو،

 

واٽ تڪي جنهن ورهـُه گــُذاريو،

گيتَ ميلاپ جا ڳائي ويٺِي،

 

پنهنجي مـُنهن ورجائي ويٺِي،

سانوڻ ساري، هـُن وِڇڙيلَ ڀي وَطنين واڳ ورائِي آ!

ڪـَڪـَرَ پهاڙن جهڙا ڪارا،

 

ڏسجن تن تي ڏنگڙا چارا،

ڄـُڻ ڪنهن ديسَ کان ديو اُڏامِي،

 

’سِنڌُ‘ جِي آيا ڪرڻ سلامِي،

ائين ته ناهي اُڀَ ۽ ساگر، پاڻ ۾ جوڻ مٽائِي آ!

دُنگَ لـُٽي ديوانو آيو،

 

پنهنجو ڪين سـُجهيسِ پرايو،

ڪارا ڪيسَ ڪُلهن لـَڙڪائي،

 

پوربُ پاندَ ڀِنل ڳـَلِ پائي،

ڌرتيءَ تي هن امَرت اوتي، موت جِي آڳ اُجهائي آ!

جوڳي بادل، جوڳين وانگي،

 

آيا سڀ سنسار اورانگهي،

کنوڻ کِلي جو اک جهِمڪائِي،

 

گهوري جوڳين جان گهمائِي،

پوءِ نکيڙَ جِي ڳڻتيءَ ۾، اک روئِي رَعدَ پسائِي آ!

هر جا آ سُرهاڻ ۽ ساول،

 

هر شيءِ ڌوتل هرڪو ڍاول،

هر شيءِ تي اڄ مستِي مستِي

 

مفت ملِي سَستي هَستي،

مينگهه ملهار ڏسِي مـَن منهنجي ”برده“ عيد ملهائِي آ!

”تنوير“ عباسي

سياري جي رات

تنهنجا پور پچايان سهڻا، توکي پل پل ساريان!

ساهه لکي منهنجي سيءُ  لڳي ٿو تنهنجي جدائي ماري،

ڏک جي ڏڪڻيءَ کي روڪيان ٿي محبت جو مچ ٻاري-

سياري جون هي لنبيون راتيون ڪيئن اڪيلي گهاريان!

 

سڪ جو نازڪ نازڪ سلڙو اُڀريو منهنجي من ۾

موٽ مسافر ڄاڻ سڙيو هي پورن جي پارن ۾-

نظرن کي واٽن ۾ ڄمائي تنهنجي لاءِ نهاريان!

 

هڪ پاسي ٿا واءَ اتر جا جيءَ ۾ سيءُ اٿارن،

منهنجون آهون ٻئي پاسي ٿيون باهه برهه جي ٻارن-

آڳ اندر جي ٻاري ٺاريان، ٺاري هر هر ٻاريان!

 

جوت جهڪيءَ سان سانت ستارا ائين ٿا من کي ڀاسن،

ڄڻ اُڀ جي دامن تي ڳوڙها  سيءَ کان ڄمي پيا آهن-

تارا  مون ڏي نهارن ٿا ۽ مان تارن ڏي نهاريان!

تنهنجا پور پچايان سهڻا، توکي پل پل ساريان!

گوبند ڀاٽيه

گيت پراڻو ڳائي ڳائي

ساٿي . . . . . !

گيت پُراڻو ڳائي ڳائي،

 

دل وِرچِي ٿِي واجهائي؛

تارُن کي ڪو محب ملائي،.

 

طرح نئين ڪا طرز ٻـُڌائي_ ساٿي . .. . !

 

 

 

واڻي ساڳي، وائي ساڳي،

 

ٻول ٻو، پر ٻيائي ساڳي؛

ظاهر آه يڪجائي ساڳي،

 

ٻاهر ميل، جدائي ساڳي؛

 

 

 

 

 

اصلي ڪوئي ڀيد بتائي- ساٿي. . . . !

گيت نه جو سنگيت رکي ٿو،

 

ساز نه جو رس راز رکي ٿو؛

 

 

 

ناز نه جيڪو نياز رکي ٿو،

 

آواز نه جو پرواز رکي ٿو؛

 

 

جيءَ مَي ٿي جنهن ۾ لَي ناهي- ساٿي . . !

 

 

 

هٿراڌو هي ساز نه گهرجن،

 

ٻهروُپي آواز نه گهرجن؛

سياست وارا راز نه گهرجن،

 

بازاري انداز نه گهرجن

 

 

هردي جِي ڪو تار هلائي- ساٿي. . . !

 Text Box: ”تنهنجي تند تنوار، مون من موهيو“ – شاهه
- چترڪار: ظفر ڪاظمي
Text Box: ”تنهنجي تند تنوار، مون من موهيو“ – شاهه
- چترڪار: ظفر ڪاظمي

شمشير الحيدري

 

”سڏ“

اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون،

پنهنجو پاڻ ملهايون!

عمريون گذريون روئندي، رڙندي،

گيت خوشيءَ جا ڳايون!

 

هر هنڌ زر جو زور ٽـُٽي پيو،

انسان ڪشٽن مان نڪري پيو-

اچ همت سان پاڻ به ساٿي،

پنهنجو ڀاڳ ورايون!

 

ڌن پاپيءَ کي سرڳ ڏياري،

ڌن ئي ماري، ڌن ئي جياري

ڌن ئي آهي جڳ جو داتا-

ڌن جي ڌُوڙ اُڏايون!

 

ڌرم ڪرم جا جهڳڙا رڳڙا،

مايا راڄ جا راکــُو رکڙا:

پيار جو مذهب سڀ کان سهڻو،

پيار جي جوت جڳايون!

 

اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون،

پنهنجو پاڻ ملهايون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com