ڇپائيندڙ
پاران
سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالن جي ڇپجڻ جو بنياد 1890ع کان ماهوار
”سَرَسوَتي“ جي اشاعت سان پيو ۽ اڄ تائين هزارن جي
تعداد ۾ رسالا ڪڍيا
پيا
وڃن،
پر
جيڪا مڃتا
جڳ مشهور
رسالي
”مهراڻ“ کي ملي آهي، اُها ٻئي ڪنهن جي به پلئه ڪانه پيئي آهي.
ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو سنڌي ادب جو معياري رسالو
آهي، جنهن
ادب جي واڌاري،
سُڌاري
۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو
آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هيءَ علمي ادبي رسالو ٻوليءَ کي سگهاري
ڪرڻ ۾
پڻ
ڪِرنگهي واري حيثيت رکي ٿو.
ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي
جي اجراءَ جا ٻه دؤر رهيا آهن: پهريون دؤر 1946ع کان 1950ع
تائين،
جيڪو مسٽر
عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر
هرومل سدارنگاڻي ۽
مسٽر
لالچند امرڏنومل جڳتياڻي
جن جي ادارت هيٺ شروع ٿيو.
ٻيو دؤر 1955ع کان هيل تائين وارو آهي،
جيڪو سائين محمد ابراهيم جويو صاحب مولانا غلام
محمد گرامي صاحب جن جي ادارت هيٺ شروع ٿيو.
ٽماهي
”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ جنهن معياري مقام جو رسالو
آهي، اهو ڪنهن کان
به
ڳجهو نه آهي.
”مهراڻ“
جا پڙهندڙ اِهو
چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته رسالي ۾ علمي، ادبي
مضمون نهايت تحقيق ۽ محنت سان لکيل ئي شايع ٿيندا
آهن.
پهرئين دؤر ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي، احمد چاڳلا، مولانا دين محمد
وفائي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام،
لالچند امرڏنومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد
خان غني، لطف الله بدوي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، شيخ
مبارڪ
’اياز‘،
حاجي محمود
’خادم‘،
حافط محمد احسن، عبدالڪريم سنديلو، ڪشنچند
’بيوس‘،
جهامنداس ڀاٽيا، مولانا عبدالڪريم چشتي،
سائينداد
سولنگي، محمد
بخش
’واصف‘،
قادربخش
’بشير‘، جمعه خان
’غريب‘،
غلام احمد
’نظامي‘،
فقير غلام علي
’مسرور‘، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ليکراج
ڪشنچند
’عزيز‘، پروفيسر ايم.
يو.
ملڪاڻي،
پروفيسر ڀمڀاڻي، سوڀراج نرملداس، پرسرام
’ضيا‘
۽
کيئلداس
’فاني‘
”مهراڻ“
جا خاص
لکندڙ
هئا ۽ سندن
علمي، ادبي، اصلاحي، لغوي ۽ فني
مضمون، شاعري ۽
افسانا پرچن ۾ محفوظ آهن،
جيڪي سنڌي ادب جو
بهترين ۽ معياري علمي ذخيرو آهن.
سنڌي ادب ۾
ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي
جو پنهنجو هڪ خاص مقام رهيو آهي.
اُن جي اهميت ۽ معيار کي مدنظر رکندي ”ٽِماهي
مهراڻ: اوائلي دؤر“ جي نالي سان ”مهراڻ“ جي پهرين
دؤر جي مڪمل رسالن کي عڪسي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ويو
۽ اهو ڪم
سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي
صاحب جن کي سونپيو ويو. جَس لهڻي قاضي صاحب، جنهن
وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان ”مهراڻ“ رسالي جا اهي ناياب
پرچا هٿ ڪري پنهنجي نگرانيءَ ۾ اسڪين ڪرايا ۽
”مهراڻ“ جي اجراءَ تي تحقيقي مقدمو لکي بورڊ جي
حوالي ڪيو.
هيءُ ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي، سنڌي ادبي بورڊ
جي مانائتي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب
جن جي ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپيءَ سان پهريون جلد
”ٽماهي مهراڻ: اوائلي دؤر“ (حصو پهريون- 1946ع)
”انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ“ جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو
پيو وڃي، جنهن لاءِ ادارو ”انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ“ جي
سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند صاحب جن جو بيحد
ٿورائتو آهي.
”مهراڻ“ رسالي جي سال 1946ع ۾ شايع ٿيل مڪمل پرچا
گڏيل ڪتابي صورت ۾
”ٽماهي مهراڻ:
اوائلي دؤر“ (حصو پهريون- 1946ع) آءٌ
بورڊ جي مانائتي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ صاحب جن جي هدايتن ۽ ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري
سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
اميد آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش علم ۽ ادب سان
دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندي.
24 جمادي الاول 1441هه
سيد سڪندر
علي شاهه
20- جنوري
2020ع
سيڪريٽري
آزاد قاضي
مقدمو
سنڌ جي علم و ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ اشاعت جا 67
سال پورا ڪندڙ، معياري تحقيقي رسالو ٽه ماهي مهراڻ
سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ناغي پوڻ جي، لڳاتار نڪرڻ جو
رڪارڊ رکي ٿو. جنهن جي اشاعت، تخليق، ترجمي توڙي
تحقيق واري رجحان کي نه رڳو هٿي ڏني، پر علم و ادب
کي وڌائڻ ويجهائڻ واري عمل ۾ اڳ کان اڳرو پئي رهيو
آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌي ادب ۾ جديد فڪشن
يعني ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فڪر توڙي شعري صنفن جي ڏانءُ
کي ترويج ڏياري، پڪو ۽ پختو ڪرڻ، مضمون ۽ مقالن
لاءِ ميدان هموار ڪرڻ، نئين سنڌ جي تاريخ تي جديد
انداز سان تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي اوائلي ماخذن کي سوڌي
سنواري پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪم صرف ۽ صرف ٽه
ماهي مهراڻ سرانجام ڏنو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ
نه ٿيندو.
چوندا آهن ته وڏن وڏن شاهڪار ڪمن جي شروعات بنهه
مختصر ڪارڪردگيءَ سان ٿيندي آهي. دنيا، پاڪستان ۽
سنڌ اندر اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن، اهڙوئي هڪڙو
مثال سنڌي ادبي بورڊ پاران ستهٺ سالن کان اعليٰ
معيار ۽ مقدار طور دنيا اندر مڃتا ماڻيندڙ ٽه ماهي
مهراڻ جو آهي. ٽه ماهي مهراڻ شروعاتي دور ۾ ماهوار
رسالي طور نڪرڻو هو، پر جڏهن اهو هڪ سال جي وقفي
کانپوءِ نڪرڻ شروع ٿيو ته، هڪ پرچي (جنوري 1946ع)
کانپوءِ، ٻيو پرچو اپريل 1946ع ۾ نڪتو، انڪري چئي
سگهجي ٿو ته مهراڻ ابتدا کان ئي ٻه ماهي ڪيو ويو،
پر پوءِ تجربي بعد معلوم ٿيو ته اهڙي معياري پرچي
جو هر ٻئي مهيني لاڳيتو نڪرڻ به مشڪل هو، انڪري
مهراڻ جو ٽيون پرچو 5،4،3 جهڙوڪر ٽن مهينن جو ڪري
ڪڍيو ويو.
ان دور وارين بحراني حالتن سبب مهراڻ جي اوائلي
دور جو آخري پرچو، جلد ٻيو، جنوري کان جون 1948ع
يعني 7 کان 12 نمبر پرچو، ڇهين مهينن تي مشتمل هو،
تنهن بعد 1949ع ۽ 1950ع ۾ موراڳو هڪ، هڪ پرچو نڪري
سگهيو، اهڙي ريت مهراڻ جي اشاعت جو، اهو اوائلي
دور مڪمل ٿيو، تنهن بعد مهراڻ جو ٻيو دور 1955ع
کان، محترم محمد ابراهيم جويي جي ادارت هيٺ شروع
ٿيو.
مهراڻ جي اشاعت جو پس منظر ۽ ضرورت:
’مهراڻ‘ رسالو، جنهن جي سڃاڻپ سنڌي ادبي بورڊ آهي،
سنڌي ادبي بورڊ، جنهن جو اوائلي نالو، سنڌي ادب
(ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (Central
Advisory Board of Control for Sindhi Literature
) رکيو ويو هو. اهو ادارو سنڌ سرڪار جي 14 آگسٽ
1940ع واري ٺهراءُ نمبر 666- (ب) 40 پٽاندر وجود ۾
آندو ويو. ان خير جي ڪم جي سرواڻي، ان وقت جي وزير
تعليم سائين غلام مرتضيٰ شاهه عرف جي. ايم. سيد جي
سِرِ سونهين، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، سنڌي ادب جي
واڌاري ۽ سڌاري لاءِ، اهڙي اداري جو بنياد وڌو.
جي.ايم.سيد |
چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ان ڪري
مهراڻ جي مٿي ذڪر ڪيل مقصدن واري پس منظر کي سمجهڻ
لاءِ، ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ضروري آهي ته اهي
ڪهڙيون حالتون هيون، يا اهي ڪهڙا ڪارڻ هيا، جن جي
ڪري سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ همدردن کي مٿي ذڪر ڪيل
اداري ٺاهڻ ۽ ان جي حوالي سان، اهڙي رسالي جاري
ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.
سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ واري تحريڪ، سنڌ جي هندن
۽ مسلمانن وچ ۾ مختلف حوالن سان نفاق ۽ نفرت جا
بنياد وجهي ڇڏيا هئا، جيڪي ڪن بنيادي ۽ جائز نُڪتن
جي بجاءِ فروعي ڳالهين تي مبني نظر اچن ٿا.
اهڙن نُڪتن منجهان هڪڙو اختلافي نُڪتو ٻوليءَ جو
بگاڙ به هيو، ان حوالي سان هندو مسلم اختلاف
ايتريقدر ته زور ورتو، جو انهيءَ جي اثر هيٺ ٻنهي
ڌرين پنهنجي پنهنجي مخصوص خواهش ۽ سوچ تحت غير
ضروري عربي لفظن (مسلم اثر هيٺ) ۽ سنسڪرت/ هندي
لفظن (هندي اثر هيٺ) جي ڀرمار ڪري سنڌي ٻوليءَ جو
بگاڙ شروع ڪري ڏنو هو، اهڙي ئي نوعيت جي ٻين ڪيترن
ئي معاملن تي ٻنهي ڌرين ۾ جن اختلافن جنم ورتو ،
انهن اختلافن گهڻ رخي حوالي سان سنڌ جي پر امن
ماحول کي مجموعي طور خراب ڪري وڌو. جنهن جو احساس
ٻنهي ڌرين جي ڪيترن ئي باشعور عالمن اديبن کي پڻ
هو. ان جي سڌاري لاءِ، پنهنجي پنهنجي طور تي مخير
ماڻهن وقت بوقت ڪوششون به ورتيون پئي، پر مجموعي
طور تي، اها صورت حال هئي جو علمي ادبي جلسن ۾
هندو مسلم گڏبا به هئا، ڪي گڏيل فيصلا به ڪندا
هئا، پر ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي ڏانهن رويو شڪ گمان
وارو هوندو هو، جنهن جو هڪ مثال مارچ 1934ع ۾
سنڌي ساهت واري جلسي جو آهي، ان جلسي ۾ گڏ ٿيل
ٻنهي ڌرين جي نمائندن سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري
لاءِ وڏا ويچار ونڊيا ۽ پروگرام رٿيا. پر ماهوار
سنڌوءَ جي رپورٽ موجب:
”پهرين ڏينهن جي ڪارروائي مان ائين ئي ٿي ڏسڻ ۾
آيو، ته جيڪي به هندو ۽ مسلمان ڪٺا ٿيا آهن تن کي
ساهت جو بلڪل اونو آهي ۽ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪري
اٿندا. جيڪي به هندن ۽ مسلمانن جون وشي ڪاميٽيءَ
۾ تقريرون ٿيون تن ۾ سنڌي ساهت جي اوڻاين ۽ ان جي
واڌاري تي روشني وڌل هئي. ٻي ڏينهن تي هندڪو /
مسلمانڪو سوال اچي پيدا ٿيو، جيئن هميشه اهڙن
موقعن تي ٿيندو آهي. هن ڳالهه ڪي قدر غلط فهمي
پيدا ڪئي، نيٺ جيئن جو تيئن جوڙجڪي پروگرام ٺهراءُ
پاس ٿيو.“
ان ئي حوالي سان رپورٽ ۾ اڳتي هلي ڄاڻايو ويو آهي
ته:
”هت سنڌ ۾ هندو مسلم سوال ٽپي ٽپي تي سامهون اچي
ٿو، مسلمان هندن کي شڪي نظر سان ڏسن ٿا، جنهن ڪري
هو اهڙن جلسن ۾ شامل نه ٿا ٿين.” (بولچند، 1935ع،
ص 235)
اها صورتحال وقت گذرڻ سان گهٽي ڪا نه، پر روزبروز
وڌندي پئي رهي، جنهن تي 1936ع ۾ حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي هن ريت افسوس جو اظهار ڪري ٿو:
”افسوس جو هندڪيءَ ۽ مسلمانڪيءَ هندن مسلمانن کي
ته ڦٽائي چٽ ڪري وڌو آهي، پر غريب سنڌي ٻوليءَ کي
به ڦوڙي ڦاڪون ڦاڪون ڪري ڇڏيو آهي، ڳالهائڻ مهل ته
قدرت هندن توڙي مسلمانن کي لاچار ڪري ٿي ته هو هڪ
ٻئي سان اُها ٻولي ڳالهائين، جا ٻئي ڌريون ٻڌڻ مهل
سمجهي سگهن، پر لکڻ مهل هندو ’هندو‘ بنايو ڇڏيندس،
مسلمان ’مسلمان‘، نه هي هِنَنِ جي. سَمِجهن، نه هو
هُنَنِ جي! جنهن کي ساهت يا لٽريچر يا ادب يا ٻولي
چئجي، سا اتي اچي ٿي ويچاري وچ ۾ ڦاسي ۽ ڦاسيءَ
چڙهي، هوڏانهن مسلمان تاڻينس پاڻ ڏي، نتيجو اهو ٿو
نڪري، جو سنڌي ٻولي واڌارو ئي نه ٿي ڪري سگهي،
انهيءَ ڪري ساهت جي پريمين ۽ ادب جي گهڻ گهرن کي
منهنجو عرض آهي ته اوهين هونءُ ڀلي هندو مسلمان
هجو، پر لکڻ مهل فقط سنڌي (سنڌ جا رهاڪو) ٿي سنڌي
لکو، ته اوهان جو علمي ۽ قلمي پورهيو سڀني لاءِ هڪ
جهڙو فيضر ٿئي.” (سيوهاڻي، 1936ع، ص 137)
اڳتي هلي ٻوليءَ جي بگاڙ واري حوالي سان حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي مثال ڏيندي واضح نموني لکي ٿو:
”مسلمان سخت ڏکيا عربي لفظ وجهي غريب سنڌي ماڻهن
لاءِ هتي هڪ گورک ڌنڌو بنائي وجهندا اٿس ۽ هندو
سنسڪرت جا اڻ ڄاڻو شبد گڏي اسان غريب سنڌين لاءِ
هڻي ڀوتن جي ٻولي بنائي وجهندا آهن.” (سيوهاڻي،
1936ع، ص 138)
اهڙي صورتحال ۾ 1940ع ۾ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ
مرڪزي صلاحڪار بورڊ وجود ۾ آيو جنهن جي ڪمن مان
هڪڙو اهم ڪم معياري ادبي رسالو جاري ڪرڻ هو، جنهن
جو بورڊ جي هڪ معزز ميمبر ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائودپوٽي ”مهراڻ“ نالو تجويز ڪيو هو. ان سلسلي ۾
1945ع ۾ ”ادبي سنگت“ نالي لکيل هڪڙي ليک ۾ ڊاڪٽر
صاحب لکي ٿو ته:
”ڌڻيءَ جا لک شڪرانا جو اٽڪل ويهن ورهين جي دراز
عرصي بعد هن ضعيف جي ”مهراڻ“ نالي رٿيل مخزن آخر
وجود ۾ آئي آهي. ويهه ورهيه هڪ قوم جي ذهني انقلاب
۾ ڪا وڏي مدت ناهي، بشرطيڪه اهو انقلاب هڪ تنظيمي
صورت اختيار ڪري ملڪ جي ادبي ماحول ۾ موافق اصلاح
آڻي.“ (دائود پوٽو، 1946ع، ص 3)
ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ان وقت موافق اصلاح جو داعي
نظر پئي آيو. هڪ وقت ۾ عربي اثر هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾
عربي لفظن جي استعمال تي زور ڏيئي رهيو هو. جيئن
پاڻ 1939ع ۾ ڪتاب ’ابيات سنڌي‘ جي شايع ٿيڻ وقت
سنڌيءَ جي بجاءِ ’السندي‘ عنوان لکي عملن ڪري به
ڏيکاريو هيائين، (عربي ۾ ’ڌ‘ ڪونهي انڪري سندي
لکڻ) لڳي ائين ٿو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي 1945ع تائين
ٻوليءَ جي بگاڙ واري صورتحال کي سمجهي ورتو هو،
انڪري 1945ع ۾ ادبي سنگت نالي لکيل مضمون ۾ سندس
خيال مختلف نظر اچن ٿا. جيڪي وڌيڪ حقيقت پسندانه
آهن ۽ سندس اهڙن ئي خيالن مان رسالي مهراڻ جي وسيع
مقصدن ۽ مرادن جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. مهراڻ سنڌ جي
سنڌودرياءَ جو ٻيو نالو آهي. ان هڪجهڙائيءَ واري
حوالي سان ڊاڪٽر صاحب رسالي مهراڻ جي اجراءَ واري
اهميت کي سنڌونديءَ جي اعليٰ صفتن سان مشابهت
ڏيندي لکي ٿو:
”مهراڻ، سنڌونديءَ جو قديم نالو آهي، اها پياري
ندي جنهن جو لڙاٽيل پوتر پاڻي سنڌوديش جا سڀ
رهواسي هندو خواهه مسلمان پي پنهنجي اڃ لاهي اندر
ٿا ٺارين، جنهن جي آبياريءَ تي ملڪ جي ماڻهن ۽ ٻين
جيون جو جياپو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ هڪ زرخيز
زراعتي ملڪ ٿي پيو آهي. ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي
جو ساڳي هوا نَڪئُون ڳهِجي، ساڳي خوراڪ ۽ ساڳيو
پاڻي نڙي اندر نجي، ته به فقط هڪ بيروني عامل يعني
مذهب جي اثر ڪري ذهني پيداوار ۽ تخيل جي طريقن ۾
ايڏو تفرقو! بيشڪ مذهب هڪ حيرت انگيز ڪرشمو آهي،
جو انسان جي تخيل ۽ فڪر، زبان ۽ گفتي ۾ هيڏو فرق
آڻي ٿو!
اهو مذهب جو، وصل ۽ ڳانڍاپي بدران فصل ۽ وڇوڙو وچ
۾ وجهي، اهو حقيقي مذهب ناهي. اهو هڪ سياسي منصوبو
آهي، جو هڪ قوم کي ٻي قوم سان ويڙهائي ٿو. مذهب
اصل ۾ هڪ آهي، پر پوءِ زماني ۽ ماحول جي تقاضا آهر
انکي جدا جدا صورتون ڏنيون ويون آهن. جيئن پاڻي
حقيقت ۾ هڪڙو آهي، پر جدا جدا رنگين ٿانون ۾ الڳ
صورت اختيار ڪئي اٿس.، پوءِ ڇو نه اهڙن بيروني ۽
عارضي سببن کي ڇڏي وحدت جي واٽ وٺون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ
اهي خيال ۽ افڪار جيڪي سنڌي قوم جو مشترڪه ورثو
آهن، تن ۾ يگانگي ۽ يڪ جهتي پيدا ڪريون.“ (دائود
پوٽو، 1946ع، ص 3)
اهڙي ريت رسالي مهراڻ کي مسلم ۽ غير مسلم واري
تفرقي بازيءَ کان پري رکي سنڌ ۾ رهندڙ مڙني ماڻهن
لاءِ بغير رنگ، نسل ۽ مذهبي فرقي جي گڏيل معياري
علمي و ادبي ۽ تحقيقي پرچي طور هلائڻ طرف اشارو
ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکيو:
”’مهراڻ‘ جو ميدان ۾ اچڻ انهيءَ سڳوري سوڻ جو
سنيهو آهي، اچو يارو، هندو مسلم ڀائرو ته هڪ ٻئي
سان ملي، مهراڻ جي وسيلي هڪ اهڙي ادبي سنگت، ادبي
ياري يا جمعيت ٺاهيون، جنهن کي ملڪ جي ادبي انتيءَ
جو اونو هجي، جا مذهب ۽ ملت جو ملمع لاهي، ديسي
ادب کي هڪ اهڙي قالب ۾ پلٽائي ۽ سانچي ۾ سميٽي، جو
منجهائنس غيريت جو رنگ نڪري وڃي، هيڪڙائيءَ جي
هيئت پڪڙي. ۽ باوجود انهيءَ هيڪڙائيءَ جي انجو
شاندار وڻ اهڙا گوناگون ٽار ۽ شگوفا ڪڍي، جو سڀني
جون اکيون اهو منظر ڏسي ٺرن ۽ گد گد ٿين.
اسان جو ملڪ سو ننڍڙو آهي، پر ماڻهن جون زبانون
تمام وڏيون آهن، هرڪو آپي خان آهي. هر ڪو پنهنجي
تند تاڻي ۽ تنواري رهيو آهي. سڀ ڪنهن جو نوع
پنهنجو، طرز عبارت پنهنجي. ڪو نهايت عربي آميز
عبارت لکندو ته ڪو وري سنسڪرت ۽ هنديءَ جا سنگين
لفظ پيو پنهنجي لکڻيءَ ۾ ٽنبيندو، پر جملي جي نغمي
۽ راڳ ڏي نه ڏسندو. وري عبث هن ڳالهه جو ته سڀ ڪو
ائين سمجهندو ته مان ئي بي نظير ۽ لاثاني، ٻيا سڀ
عيبائتا ۽ ناقص. ڪنهن کي پنهنجي لفظن جي فراوانيءَ
۽ رعنائيءَ تي ناز، ته ڪو وري ٻاراڻي ٻولي لکي
چوندو ته سنديس ئي عبارت جو نمونو معياري ۽ آدرشي
آهي. سڀڪو پنهنجي خيال ۽ گهمنڊ ۾ خوش. وري ڪي نوان
ليکاري حباب وار ادبي مهراڻ مٿان اتپن ٿي آکين ته
آهيون ئي اسين. ڏسو اسان جي مدورائي ۽ چال! پر آهن
رڳو ڦوڪ وهيڻا. ڪن کي ته وري دماغ ۾ اهڙو اُٺ ويٺل
آهي، جو کڻي انيڪ عقلي ۽ علمي دليل پيش ڪجن ته به
’ڪبي نه مانون‘ نه ڇڏيندا. مطلب ته هائي لڳي پئي
آهي، وڃجي سو ڪهڙي وهه وڃجي؟“ (دائودپوٽو، 1946ع،
ص 4)
اهڙي قسم جي غيرسنجيده ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾
مهراڻ رسالو ئي اهو واحد پرچو هو، جنهن کي اميد جو
ڪرڻو تصور ڪيو پئي ويو. ان ڳالهه جو اظهار ڊاڪٽر
دائودپوٽو به هن طرح ڪري ٿو:
”اهڙي وايو منڊل کي مٽائڻ لاءِ مهراڻ جهڙو ئي مخزن
مفيد ٿيندو. مهراڻ جا باني مباني، مرڪزي ادبي بورڊ
جا عضوا ۽ سنڌ جا ٻيا اديب- هندو توڙي مسلمان-گڏجي
هڪ ادبي منڊلي بنائين، جنهن جي فردن ۾ ٻيائيءَ جي
بوءِ نه هجي، جي وصال جا ورق واري ۽ وڇوڙي جا وڍ
وڃائي، سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏين، پختگي ۽
پايندگي بخشين. (دائودپوٽو،1946 ع ص 4 )
اسان جي عالمن جون اهي ابتدائي ڪوششون هيون، پر
نفرت وارو ٻج ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي رهيو، جنهن
جو اندازو نماڻو نالي هڪ ليکڪ پاران ’سنڌ جا
مسلمان‘ عنوان سان لکيل ان ليک مان ٿئي ٿو، جنهن ۾
ليکڪ مخاطب ته سنڌ جي مسلمان سان آهي، پر هو
پنهنجو پاڻ کي به هڪ اهڙي سنڌي قوم جو فرد تصور
ڪري ٿو، جيڪا رنگ نسل توڙي مذهبي تفرقي بازيءَ کان
پري آهي، تڏهن ته هو کُليل لفظن ۾ لکي ٿو:
”اسين اول سنڌي آهيون ۽ پوءِ مسلمان، ملڪي معاملن
۾ هندڪي، مسلمانڪي ڏيکاريئي ته پوءِ ڍاڪئون ئي
پڪو، تنهن ڪري اي سنڌ جا مسلمان! تعصب جو تڏو ڇڏ ۽
رئيءَ کي دور ڪر، سازي آهي سونهن ۽ ناسازي آهي
بربادي... سنڌ جا صوفي ۽ سنت اها ئي تلقين ڪندا
آيا آهن ته ٻيائيءَ کي ٻن ڏيو ۽ پنهنجا ويڇا وساري
ڇڏيو، اي سنڌ جا مسلمان! اهو ورثو نه وسار، جيڪو
سازيءَ جي ڪم سنڌ جي صوفين ۽ سنتن شروع ڪري ڇڏيو
آهي، تنهن کي پريم پاڻيءَ سان تازو ۽ توانو رکندو
اچ.” (نماڻو، 1940ع، ص 53)
اهي هُيون ان وقت واريون سماجي حالتون ۽ علمي ادبي
ماحول، جنهن ۾ آخرڪار 1946ع ڌاري رسالي مهراڻ جو
اجراءُ ٿيو. ابتدائي رٿا موجب، مهراڻ ماهوار طور
نڪرڻو هو ۽ ان جي اهڙي شروعات پڻ ڪئي ويئي. پر صرف
هڪ مهيني بعد اهو اندازو ٿي ويو ته هي پرچو مستقل
طور ماهوار شڪل ۾ هلي ڪو نه سگهندو. ان ڳالهه جي
اندازي ٿي وڃڻ ۽ ماهيانه طور مهراڻ جي نه ڪڍي سگهڻ
تي، مهراڻ جي ان وقت واري ايڊيٽوريل بورڊ جيڪو
هيٺين چئن اديبن 1. مسٽر عثمان علي انصاري، 2.
مولوي دين محمد وفائي 3. پروفيسر هرومل سدانگاڻي
4. مسٽر لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي تي مشتمل هو. ان
بورڊ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه جي مهراڻ جي ٽئين پرچي ۾
هن طرح وضاحت ڪئي:
”اسين نهايت شرمسار آهيون جو مهيني سر مهيني اسين
مخزن جو پرچو ڪڍي نه سگهيا آهيون. ائين نه آهي ته
اسان وٽ مخزن لاءِ مواد ڪونهي. پر حقيقت هيءَ آهي
ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڇپائيءَ جو ڏاڍو اهنج آهي.“
(مهراڻ، جلد 1– نمبر 3، 4
۽5
)
ڪراچي، سنڌ جو مرڪزي شهر، ان ۾ سنڌي ڇپائي اهڙي
بحران واري شڪل اختيار ڪري ويئي، جو 40-50 صفحن جو
سنڌي پرچو وقت سِر شايع ٿي نه سگهي، ان جو بنيادي
ڪارڻ ان وقت واريون سياسي ۽ سماجي حالتون هُيون،
ان ڳالهه جي مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ وضاحت ڪندي
ڄاڻايو ويو آهي ته:
”جنگ جي ڪري هند سرڪار جي پاران جو بندش پئي ته
جنگ هلندي ڪا به نئين اخبار يا نئون مخزن چالو نه
ٿئي، انهي ڪارڻ هي مخزن به بروقت چالو نه ٿي
سگهيو. آخر هڻندي هڻندي، نومبر 1944ع ۾، هند سرڪار
وٽان اجازت ملي ته بورڊ، مخزن بيشڪ ڇپائي، پر مخزن
لاءِ پنو پنهنجي پرڳڻي جي سرڪار کان وٺي!
سنڌ سرڪار وٽان پني وٺڻ ۾ به ڪجهه مدت لڳي ويئي،
پروڪي سال وري ڇپائيءَ لاءِ پريسن جا در کڙڪائڻا
پيا، نيٺ ’الوحيد‘ وارن سان خاطر خواهه بندوبست
ٿيو، جو مخزن کي ڇپائي پڌرو ٿو ڪجي.“ (مهراڻ، جلد
1، نمبر 1)
مهراڻ جو پهريون پرچو جنوري 1946ع ۾ نڪتو مٿئين
سال 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو پئي ٿيو، جنهن جا
نمايان آثار اڳ ئي نظر اچڻ لڳا هئا ۽ امڪاني طور
نئين ماحول تحت ڪجهه پريسون بند ڪيون ويون هُيون،
ته ڪن پريس وارن متعصب رويي سبب تعاون ڪو نه پئي
ڪيو. لٿي پٿي الوحيد پريس هئي، جنهن جي پنهنجي
اخبار به هئي ۽ اُن وقت واري سنڌ جي ماحول جي
نمائندگي ڪرڻ ۽ مسلمانن جي معاملن بابت معلومات
ڏيڻ وارو ڪم پڻ ان جي ئي ذمي هيو. اهڙي صورتحال
سبب وقت سِر رسالي جو اچڻ ممڪن ڪو نه پئي ٿي
سگهيو. جنهن ڪري پهرين پرچي کانپوءِ، مهراڻ جي ٻئي
پرچي کي ٻه ماهي ڪري هلايو ويو. پر هڪ ئي پرچي
کانپوءِ مئي کان جولاءِ 1946ع وارو پرچو نمبر 4،3
۽ 5 ٽه ماهي ٿي نڪتو. جيڪو پوءِ بدليل وقت ۽ حالتن
جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن مهيني سر، ڪڏهن ٻه ماهي، ته
ڪڏهن ٽه ماهي ٿي پئي نڪتو، انڪري رسالي مهراڻ جي
ترتيب کي سمجهڻ لاءِ، مهينن جي نالن ڏسڻ بجاءِ،
پرچن جي نمبرن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. سال 1946ع کان
شروع ٿيل هن رسالي جا، سال نمبر 1- طور جون 1947ع
تائين ڇهه پرچا نڪتا ۽ سال ٻئي طور جولاءِ 1947ع
کان جون 1948ع تائين پنج پرچا نڪتا، ان جو آخري
پرچو جنوري کان جون 1948ع تائين ڇهه ماهي نڪتو هو.
حقيقت اها آهي ته مهراڻ رسالي جا سيپٽمبر 1947ع
کان جون 1948ع وارا آخري ٽي پرچا ڌڪي ڌوڻي ڪڍيا
ويا هئا. ڇاڪاڻ جو 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿي چڪو
هو، جنهن ۾ سنڌ کي هر لحاظ کان وڏو نقصان پهتو هو.
خاص طور تي ان حوالي سان ته نئين رياست وجود ۾
اچڻ ڪري، سنڌ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي ويئي،
جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ عالم، اديب ۽ اڪابر وطن جي
وڻن کي الوداع ڪري هتان هليا ويا، انهن الوداع
ڪندڙن ۾ مهراڻ جو مينيجنگ ايڊيٽر شري لالچند امر
ڏنو مل پڻ شامل هو. اهڙي تبديل ٿيل صورتحال جنهن
سنڌ جي سموري سماج کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو، ان ڪري
سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي ابتدائي ڪمن مان هن بنيادي
ڪم يعنيٰ رسالي مهراڻ جي نڪرڻ واري عمل ۾ به رڪاوٽ
پئجي وئي. ان کانپوءِ سال 1949ع ۽ 1950ع وارن ٻن
سالن ۾ صرف هڪ هڪ پرچو نڪتو. اهي ٻئي پرچا سنڌي
ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران ملهايل شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي ساليانه سالگره پروگرامن ۾
پڙهيل مضمونن ۽ شاعريءَ واري مواد تي مشتمل آهن.
ان کان پوءِ ته موراڳو رسالو نڪرڻ ئي بند ٿي ويو ۽
پوءِ وري 1955ع ۾ ٻيهر نڪرڻ شروع ٿيو. جنهن کي ٽه
ماهي مهراڻ جي ٻئي دورطور ياد ڪيو وڃي ٿو.
مهراڻ جو مقصد:
سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ کي وجود
۾ آڻي، بورڊ لاءِ جيڪي مکيه ڪم طئه ڪيا ويا، تن
مان هڪڙو هي به هو ته بورڊ هڪ ادبي رسالو ڪڍي جنهن
۾:
1.
چيدا چيدا مضمون ڇپجن.
2.
سائنس جا نوان نوان لفظ ۽ محاورا گهڙي چالو ڪجن.
3.
ڪتابن جي تنقيد يعني سمالوچنا ڪجي، جنهن ۾ نون
لکندڙن جي همت افزائيءَ ۽ فائدي لاٰءِ سندن تصنيف
ڪيل ڪتابن جون خوبيون ۽ خاميون نروار ڪيون وڃن“.
(مهراڻ جلد 1، نمبر 1)
مٿي ذڪر ڪيل خيالن جي روشنيءَ ۾ پهرئين ئي پرچي ۾
”مهراڻ جو مقصد“ عنوان هيٺ اداره ۾ ڄاڻايو ويو ته:
”سنڌ ۽ هند جي ٻين مخزنن وانگر ’مهراڻ‘ کي هيءَ
دعويٰ نه آهي ته هي روحاني، طبي، تمدني، معاشرتي،
سياسي، صنعتي، اخلاقي يا ادبي وغيره وغيره سڀ ڪجهه
آهي. اسان جو مهراڻ فقط هڪ ئي مقصد سان ڪڍيو ويو
آهي ته جي ورق ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن سي
ٿورڙا هجن، اهم هجن ۽ اهڙا هجن جن کي پڙهڻ کانپوءِ
ڪو صاحب ائين نه چئي ته ”اجايو وقت وڃايم“.
(اداره، جلد 1، نمبر 1، ص 2)
ان سلسلي ۾ اهو پڻ اظهار ڪيو ويو ته:
”نازن جي پليل سنڌيءَ جي اهڙي ته نازڪ حالت ٿي
وئي، جو ظاهر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته جيڪڏهن مٿس اڃا به
ڪجهه وقت انهن ڌارين زبانن جي ظلم جي بارش ٿي ته
شايد اهو ٿورو گهڻو ساهه جو باقي فقط ٻارن جي طوطي
زبان مان معلوم ٿي رهيو هو سو به ختم ٿي ويندو، ۽
سنڌ ۾ باقي ڪو انسان شاهه، سوامي (سامي) يا سچل جي
پڙهڻ وارو به ڪون لڀندو. اتي قدرت جي مالڪ جي
انصاف پسندي جوش ۾ آئي ۽ سنڌ جي ستلن ۾ هڪ ٽولو
سجاڳ ٿيو، سندن درد مند دلين ۾ فقط هي سوال پيدا
ٿيو: ”دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي زبان به اهڙي طرح
پنهنجن جي هٿان ذليل ٿيندي ٿي رهي، يا هيءَ خاص
نوازش اسين پنهنجي مادري زبان تي ڪري رهيا آهيون؟
اهڙو ڪو ٻيو به ملڪ آهي جتي ٻارن جي معصوم دماغن
کي مادري زبان کانسواءَ ڪنهن ٻي زبان ۾ ضروري
تعليم ڏني ٿي وڃي؟ جواب بلڪل صاف هو، تنهنڪري ڪوشش
ڪرڻ لڳا ته ڪيئن به ڪري اسين پنهنجي زبان کي وري
سهڻو بنايون، وري اهڙو بڻايون جهڙي اجلي اڳ هئي،
ڇو ته اسانجي آهي، پرائي محلات کي ڏسي پنهنجي ڇنل
ڇپر کي باهه ڏيڻ عقلمندي نه آهي.“ (اداره، جلد 1،
نمبر 1، ص 2) )
ڊگهي عرصي تائين عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي
اثرن سبب تعليم تدريس ۽ علم و ادب واري حوالي سان
اها صورت حال وڃي بيٺي هئي، جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي هڏ ڏوکي هندن توڙي مسلمانن شدت سان
محسوس ڪيو پئي. جن ان وقت (1940ع) جي وزير تعليم
جي تعاون سان تعليم کاتي جي هٿ هيٺ سنڌ ادب جي
واڌاري لاءِ نه رڳو بورڊ قائم ڪرايو پر ان جي هڪ
اهم ڪم طور رسالي مهراڻ جو اجراء پڻ ڪرايو.
مهراڻ جي پهرين پرچي نڪرڻ تي ان دور جي مشهور
رسالي ماهوار سنڌو لکيو:
”اسين تعليم کاتي وارن کي مبارڪون ٿا ڏيون ته مسين
مسين مهراڻ جي ڪڍڻ سان سنڌ جي هڪ گهرج پوري ڪئي
ويئي آهي. اسان کي اميد هئي ته مهراڻ، سنڌي ٻولي
جي ويراني ۾ سرسبزي لڳائي ڇڏيندي، پر مهراڻ جي
پهرين پرچي ئي اسان جون اميدون گهڻي قدر ڍريون ڪري
ڇڏيون آهن. ائين برابر آهي ته هڪ پرچي مان ڪو به
انومان ڪڍڻ ٺيڪ نه آهي، اسين اميد ٿا ڪريون ته
مهراڻ جا ايندڙ پرچا سنڌي ٻولي جي رڻ پٽ ۾ اها
گلزاري ۽ سرسبزي لڳائيندا جو سنڌ واسي ڏسي دنگ
رهجي ويندا.“ (اداره، 1946ع، ص 84)
ماهوار سنڌو سالن کان نڪرندڙ وڏو معياري رسالو هو،
ان جي مهتمم طرفان مٿي ذڪر ڪيل راءِ پنهنجي جاءِ
تي، پر پوءِ به ان وقت ۾ جا مهراڻ جي اڀري سڀري
حال سان ابتدا ڪئي ويئي. اڄ جڏهن 67 سال گذرڻ بعد
پوئتي نظر ڊوڙايون ٿا، تڏهن سنڌ جي سموري علم و
ادب جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ صرف مهراڻ جو ئي مستقل ۽
نمايان ڪردار نظر اچي ٿو.
مهراڻ جا مضمون:
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جنهن ليک ۾ ادبي سنگت
جو تصور پيش ڪري، ان جي هڪ اهم ڪم طور رسالي مهراڻ
جي اجرا جو تصور پيش ڪيو هو، ڊاڪٽر صاحب ان جي آخر
۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو هو ته:
”انهيءَ ادبي سنگت جا هيٺيان مکيه وظيفا هئڻ
گهرجن.
1.
قديم سنڌي ادبي ذخيرو ڪٺو ڪري، سنڌي لغت کي سهڻن
سنڌي لفظن سان مالا مال ڪرڻ.
2.
سنڌي ادب، نثر توڙي نظم، کي مهراڻ جي وسيلي ڪمال
جي اوج تي پهچائڻ.
3.
سنڌي صورت خطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ.
4.
سنڌي ڪتاب ۽ طباعت جي صحت لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺڻ.
5.
سنڌي صرف ۽ نحو، جو هاڻ نهايت ناقص آهي، تنهن کي
علمي اصولن موجب ترتيب
ڏيڻ.“
(دائود پوٽه، 1946ع، ص 4)
مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ خواهشون ڊاڪٽر دائودپوٽي جون
هُيون پر اهڙي صورت حال، جنهن ۾ هر شيءَ ڊانواڊول
ٿيندي پئي رهي. لکڻ وارا هڪڙا لڏڻ ۾ پورا هئا، ٻيا
هيسيل ۽ هراسيل ڪجهه ڪرڻ واري حالت ۾ ڪو نه هئا،
پريسون برباد ٿي رهيون هُيون. اهڙي افراتفريءَ
واري عالم ۾ ڪو وڏو اهم ڪم ته ڪجا، ڪنهن معمولي
کان معمولي ڪم جو به باقائديءَ سان ٿيڻ مشڪل هو،
اهڙي وقت ۾ صرف ۽ صرف چند صفحن وارو رسالو مهراڻ
ئي هو، جيڪو اپڙڻ واري جهد ۾ هو. ان جو ايڊيٽوريل
بورڊ به هو، جنهن کي لٿي پٿي مڙني خواهشن، اميدن ۽
آرزوئن جي سلسلي ۾ اڳتي وک وڌائڻي هئي، ۽ ڪي پڪا
پختا بنياد رکڻا هئا.
ان سلسلي ۾ مهراڻ جي اوائلي پرچن جي ورق گرداني
ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته مهراڻ پنهنجي اشاعت واري
پهرئين سال يعني جنوري 1946ع کان فيبروري 1947ع
تائين هيٺين موضوعن بابت مواد شايع ڪري، سنڌ جي
علم و ادب جا بهترين بنياد رکيا، جن تي اڳتي هلي
معياري عمارتون تعمير ٿيون.
مهراڻ جو پهريون پرچو کولڻ سان پهرين نظر ”سنڌيءَ
جي پيار وارن جي خدمت سڳوريءَ ۾ عرض “عنوان سان
پوري صفحي جي اشتهار تي پئي ٿي، جنهن ۾ ڏنل مواد
مان ظاهر ٿئي ٿو ته نئين قائم ٿيل مرڪزي صلاحڪار
بورڊ سنڌ جي قلمي نسخن ۽ دست ڪاريءَ کي نمودار ڪرڻ
سان گڏوگڏ شاعرن جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ محفل
مشاعرن جو پڻ انتظام ڪيو هو، ان ڪم جي اهميت کي
سمجهڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو
ويو ته:
”ادبي ميڙ، مشاعرن ۽ نمايش کي ڪامياب بنائڻ ۾،
اميد ٿي ڪجي ته بورڊ کي هر سنڌيءَ جي پيار واري
وٽان جوڳي واهر ملندي.
زماني جي زوردار تقاضا آهي ته اسين سنڌي پنهنجي
مادري زبان خواه سنڌ جي دستڪاريءَ کي اها ڪا اوڄ
ڏياريون، جو سنڌيت جو ڌاڪو هنڌ پٽ پيو وڄي”.
(مهراڻ، جلد 1، نمبر 1)
اسان جي بزرگن جا اهي ارادا ۽ ازم هئا، جن کي نظر
۾ رکي رسالي مهراڻ جي چند صفحن رستي سنڌ جي ثقافت،
ٻولي ۽ ادب جي سلسلي ۾ مختلف حوالن سان واڌاري
بابت ڪوششن جي شروعات ڪئي وئي.
جامع لغات سنڌي جنهن جي ضرورت سالن کان محسوس ڪئي
پئي وئي، جنهن لاءِ اڳ لغات ڪميٽي پڻ جوڙيل هئي
جنهن ڪجهه قدر ڪم به ڪيو هو، پر افراتفريءَ واري
عالم ان ۾ رولهڙو وجھي ڇڏيو هو. مهراڻ جي پهرين
پرچي کان ئي ان سلسلي بابت نون بنيادن، نون ويچارن
۽ سائنسي طريقن سان ڪم جي ابتدا ڪرڻ وارا اهڃاڻ
”لکپڙه“ عنوان هيٺ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران
لکيل طويل علمي خط واري مواد مان ملن ٿا. جنهن تحت
ڊاڪٽر صاحب، لغات بابت ڪم ڪندڙ ٽيم اڳيان، پنهنجي
مطالعي جي روشنيءَ ۾ لغات جي دائري، طريقي ڪار،
اصولِ انتخاب، سنڌي لغت جا سرچشما، انتخاب ڪندڙن
لاءِ سنڌ ۽ سنڌي لغت جون خصوصيات بيان ڪري ان جي
اهميت کي اجاڳر ڪيو، جنهن ڪري لغات جي حوالي سان
هلندڙ ڪم کي سنوارڻ ۽ سهڻي نموني اڳتي وڌائڻ واري
عمل لاءِ راهون هموار ٿيون.
سنڌ شناسي واري حوالي سان پهرين پرچي کان سنڌ جا
عجيب نظارا عنوان هيٺ کير ٿر جي نظارن جو سير سفر
جي روشنيءَ ۾ اکين ڏٺو احوال بيان ڪيو ويو.
سنڌي ادب جي واڌاري واري حوالي سان شروعات کان وٺي
ترجمن جي وڏي اهميت پئي رهي آهي ان مقصد کي هٿي
وٺرائڻ جي سلسلي ۾ رسالي مهراڻ کي پڻ پهرين ڏينهن
کان ڪارگر ذريعي طور استعمال ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ ”خاص مترجمن جي
ڌيان طلب“ عنوان سان عالمي سطح جي ڇهن ڪتابن جا
نالا ڏيئي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته اهي ڪتاب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائجن، ان ئي اشتهار ۾ ان ڳالهه
جو پڻ اظهار ڪيو ويو ته، ”ٻين ٻولين جا معياري
ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جوڳا آهن، تن جي به هڪ
يادداشت بورڊ پاران تيار پئي ٿئي.“
ان سلسلي ۾ معياري ترجمن ڪرڻ واري حوالي سان پڻ
مهراڻ جي ذريعي صحتمند بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي. جنهن موجب اهو ڪم ڪندڙن کي صلاح ڏني ويئي
ته:
”جيڪو به صاحب هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪرڻ چاهي سو اول
اول ڪي ٿورڙا پرت ڪهڙي يا ڪن به ڪتابن جا ترجمو
ڪري، نموني طور بورڊ ڏانهن پسنديءَ لاءِ ڏياري
موڪلي، وڌيڪ پورهيو ڪنهن به ڪتاب يا ڪتابن جي
ترجمي تي بورڊ جي فيصلي بعد ڪري.“
سنڌ جي صوفياڻي فڪر کان واقف ڪرائڻ واري مقصد سان
مختلف صوفي شاعرن جون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪافيون پڻ شايع
ڪرڻ جو رواج وڌو ويو هو. ڪنهن به قوم جي سنوار ۽
سڌار واري عمل ۾ ان قوم ۾ اتفاق ۽ اتحاد هئڻ ضروري
آهي ۽ جنهن ماحول ۾ رسالي مهراڻ جي ابتدا ڪئي ويئي
ان ۾ اهڙين ڳالهين کي وڌيڪ اهميت حاصل هئي، ان ڪري
مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ ئي باهمي اتحاد جهڙا مضمون
شايع ڪري، اتحاد ۽ اتفاق جي سلسلي ۾ قلمي ڪاوش کي
جاري رکيو ويو.
صحتمند تنقيد واري مقصد سان پهرين پرچي کان مارڪيٽ
۾ آيل نون ڪتابن ۾ ڪم آيل ٻولي، مواد ۽ ان جي
ادائگي توڙي مقصديت واري حوالي سان ”تنقيد“ عنوان
هيٺ تعميري تنقيد جي شروعات ڪئي ويئي. جنهن تحت
ذڪر ڪيل ڪتابن جو گھرو مطالعو ڪري، اصلاحي واٽ ڏسڻ
جي ابتدا ڪيل نظر اچي ٿي. ان ڳالهه جو اندازو
تبصرانگار جي هيٺين جملن مان بخوبي ٿئي ٿو. ڪهاڻين
جي مجموعي ريگستاني ڦول پڙهڻ بعد لکي ٿو:
”ڪهاڻين جا سڀ لکندڙ اڃا ڳڀرو جوان آهن، ۽ منجھن
اسري ڪنهن ڪماليت کي رسڻ جا آثار چٽا پيا ڏسجن.
ڪٿي ڪٿي رٿا جو ڪو ٿورو نقص، يا ميلو ڊراما جو
انگ، يا پرچار جي مقصد ڪري مبالغو نظر اچي ٿو. پر
اوائلي تصنيفات ۾ اهڙا نقص عام طرح ٿيندا ئي آهن.
سمي پئي، استعمال ۽ فن جي بهتر ڄاڻ سان، اهي سقم
پاڻهي الوپ ٿي ويندا.“ (ص 32)
سنڌي ادب جي مقصديت ۽ معيار واري لحاظ کان، ان وقت
جا ڪمزور صورتحال هئي ان ۾ فڪر ۽ خيال واري حوالي
سان جنهن نوعيت جو سڌارو محسوس ڪيو پئي ويو، ان جو
اندازومولوي عبدالڪريم چشتي پاران لکيل ”سنڌي
ٻولي“ عنوان واري مضمون مان بخوبي ٿئي ٿو. مولوي
صاحب سنڌ جي ماضي وارن صوفي بزرگن جي ڪلام جو ذڪر
ڪندي، لکي ٿو:
”سنڌ جي رهندڙن جي خيال ۽ جذبن کي، محاورن ۽
اصطلاحن کي، ريتن ۽ رسمن کي، اوهان شاهه جي ڪلام ۾
ڏسو. شاهه کان پوءِ سچل، روحل، دلپت، سامي ۽ ٻيا
گھڻا ئي صاحبِ سخن ۽ اهلِ ڪمال سنڌ ۾ ٿي گذريا
آهن، جي پنهنجي ڪلام ۾ اسان کي سنڌ جي ماضيءَ جو
نقشو ۽ ڪيفيت ڏيکاري رهيا آهن. نه رڳو هنن ۽ اهڙن
ٻين نظم گو بزرگن تي اسان ناز ڪري سگھون ٿا، پر
سنڌ جي ماضيءَ ۾ اسان کي اهلِ قلم ۽ اهلِ سخن نثر
نويس به ججھا ٿا ڏسڻ ۾ اچن“
سنڌ جي صوفي شاعرن جو اهڙي ريت حوالو ڏيڻ کان پوءِ
مولوي صاحب بعد وارن شاعرن جي اندازِ بيان ۽ لفظي
رنگينين ۾ گرفتار ٿي وصل، وصال ۽ صنم لاءِ فرضي
تشبيهن ۽ اشتهارن استعمال ڪرڻ واري انداز تي تنقيد
ڪندي آخر ۾ لکندڙن کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو:
”اڄ ضرورت آهي ته نظم خواهه، نثر، قلم خواهه
ڪلام، تحرير خواهه تقرير، علم خواه عقل قوم جي
زندگي سنوارڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ صرف ڪيا وڃن. سڀ سعيا
۽ جهد قوم جي جوڙ جڪ ۽ سڌاري جي لاءَ وقف ڪيا وڃن.
ٻوليءَ کي بهترين اوج تي رسايو وڃي. ساهتيه ۽ ادب
جي عملي ۽ نتيجا خيز شيوا ۽ خدمت ڪئي وڃي. انقلاب
پيدا ڪندڙ شعر ۽ انقلاب آڻيندڙ لٽريچر لکيو وڃي ته
جيئن قوم جي مستقبل تي سٺو اثر پوي.“ (چشتي،
1946ع، ص 18) |