اختر درگاهي
(نظم)
نصيحت
ٻارو هيءَ نصيحت ته سڀئي ٻُڌو،
ڪيان ڳالهه جيڪا سا ڪن ڏئي ٻُڌو.
جڏهن باک صبح جو سوير ڦُٽي،
هر هڪ جلدي پوءِ ننڊ مان اٿي.
اول سڀ کان اوهين پڪاريو ڌڻي،
هڻو ڏندڻ روزانو ڏيو پوءِ ڦڻي.
وڃوجلد اوهين پوءِ اسڪول ڏي،
وڃو پهچي اتڙي جيئن گھنڊ لڳي.
استاد جيڪو اُت ِ پڙهائي ڇڏيو،
ذهن تي سو جلدي اُتاري ڇڏيو.
امتحان خاطر ٿيو سڀ تيار،
ٿيندو پاس سو جو هوندو هوشيار.
هلو ادب سان اوهين سان اوهين وڏڙن اڳيان،
ڪيو پيار جي ڳالهه ننڍڙن اڳيان.
پنهنجي ديس ۽ ويس کي ياد ڪيو،
پَرَ عالم ساري کي آباد ڪيو.
وزير منگي
ٻاراڻو گيت
گلڙن جھڙا، آهيون ٻار، |
آهيون، سنڌڙيءَ جا سينگار. |
پوپٽ جھڙو، پيار اسان جو، |
گيتن جي، آهيون گونجار! |
ديس اسان جو ڏاڍو پيارو، |
پنهنجي پيار جا، آر نه پار! |
نيٺ خزائون، گذري وينديون، |
موتي ايندا، نيٺ بهار! |
ديس جا دشمن ڄاتل آهن، |
وزير تن تي، ٿيندا وار! |
گلڙن جھڙا، آهيون ٻار، |
آهيون، سنڌڙيءَ جا سينگار. |
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حج بيت الله
اسلام جي بنيادي پنجن رُڪنن (فرضن) مان ”حج“ به
هڪ مکيه رُڪن آهي، جيڪو هجري سنه مطابق تائين سال
مسلمانن تي فرض ٿيو. قران پاڪ ۽ حديث شريف ۾ حج
بابت خاص هدايتون فرمايل آهن.
”حج“ عربي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي:
”اِرادو ڪرڻ“ هي سفر مقّرر وقت اندر عربستان ملڪ
ڏانهن ٿئي ٿو.
حج، صرف مالدار ماڻهوءَ تي فرض آهي؛ جنهن وٽ سفر
جي سگھ هجي ۽ ساڳئي وقت پوين لاءِ پڻ کاڌو خوراڪ
جو پورو پورو بندوبست ٿيل هجي. قرض جي پئسن يا
ناجائز ڪمائيءَ مان حج ادا ڪري نه ٿو سگھجي.
حج تي وڃڻ سان ڪعبت الله شريف جو طواف ڪرڻ، حج
پڙهڻ ۽ ٻنهي جھانن جي سردار محمّد مصطفيٰ اَحمد
مجتميٰ ﷺ جن جي روضي مبارڪ جو ديدار نصيب ٿيڻ مَنَ
جون ميرايون مٽجي وڃن ٿيون؛ ۽ قلب کي قرار ۽
اطمينان پڻ حاصل ٿئي ٿو.
حج لاءِ خاص مهينو مقرر ٿيل آهي؛ جنهن کي ”ذولحج“
سڏيو آهي. اسلامي ڪئلينڊر مطابق هي ٻارهون مهينو
سڏجي ٿو. هن مهيني جي نائين تاريخ تي مڪي شريف ۾،
عرفات جي ميدان تي مسلمان گڏ عبادت ڪندا آهن؛ ۽
پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ حاضر ٿي، مغفرت، عزت ۽
عاقبت لاءِ خاص دعائون گھُرندا آهن. اهڙيءَ طرح حج
ادا ٿئي ٿو. يعني حج لاءِ نائين تاريخ لازمي طرح
عرفات تي پهچڻو آهي. ان کان اڳ ۾ منيٰ ۾ پهچي قيام
ڪرڻو آهي؛
۽ اُتان نائين تاريخ عرفات جي ميدان ڏانهن اُسهڻو
آهي. انهيءَ ئي ڏينهن مغرب کان اڳ ۾ عرفات تان
موٽي اچي مُزدلفه ۾ رات رهڻِ پوي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن
صبح جو موٽي اچي منيٰ ۾ قيام ڪجي ٿو.
ڪعبت الله شريف ۾ طواف (ڦيرا ڏيڻ) بعد جڏهن ڪروڙين
مسلمان هڪ ڪفني (احرام) ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي،
عرفات جي ميدان تي جمع ٿين ٿا، ته عجيب منظر ڏسڻ
ڪري. انهيءَ ميڙ مان هڪ طرف برادري ۽ ايڪي جذبو
جاڳي ٿو ۽ ٻئي طرف مسلمان جو خدا پاڪ جي آڏو نياز
۽ نوڙت جو نمونو ڏسي، ائين کڻي چئجي، ته ڄڻڪ قيامت
جو نظارو اکين آڏو آيل آهي.
حج مان اخلاق جي بلنديءَ جو سبق پڻ ملي ٿو. ڪنهن
کي به بدنظر، پنڻ مڱڻ، چوري، زري، جھيڙي جھڳڙي يا
گارگند ڏيڻ جو موقعو نه ٿو ملي.
حج جا مقرر ڪيل ڪجھ خاص اُصول به آهن، جھڙوڪ: مقرر
ڏينهن تي ڪعبت الله شريف جو طواف ڪري منيٰ ۾ قيام
ڪرڻ، عرفات تي پهچڻ۽ موٽي اچي شيطان کي پٿريون هڻڻ
۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي پيرويءَ مطابق
اُضحيٰ قرباني) ڪرڻ.
حاجي سڳورا، حج جي موقعي تي، حج ڪرڻ سان گڏ مڪي
شريف کان مديني شريف ويندا آهن. ڪائنات جي ڪارڻي،
اَڙين آڌار، مديني جي مُرسل ۽ رحمت العالمين جي
حضور حاضر ٿي درود ۽ سلام پڙهندا آهن. اُتي ترسڻ
دوران کين چاليهه نمازون لازمي پڙهڻيون پون ٿيون
رسول الله ﷺ جن جي آرامگاهه، جنت جي جاءِ آهي. هن
جاءِ تي جيڪو به مسلمان پهچي ٿو، ڄڻڪ جنت ۾ داخل
ٿيو. سندس مَن جون نيڪ مرادون ته پوريون ٿين ٿيون،
پر آخرت به اُجاري وڃي ٿو. حديث شريف جي لفظن ۾:
”النظر الهيٰ روضة عبادت ُ.“ يعني روضي رسول الله
کي نيڻن سان نهارڻ عبادت آهي. هڪ ٻي حديث شريف ۾
فرمايل آهي!
”من زار قبري وَجمت لہُ شِفاعتي“
جنهن منهنجي شفاعت واجب (ضروري) آهي. ”حج“ هڪ بين
القوامي ڪانفرنس آهي، جتي دنيا جا مسلمان گڏ ٿي،
هڪ ٻئي جي حالتن، طور طريقن، لباس، کاڌو ۽ اُٿڻي
ويهڻيءَ کان پوريءَ ريت باخبر ٿين ٿا؛ انهيءَ ميل
ميلاپ سان منجھن اسلامي ايڪو، برداري ۽ محبت وڌي
ٿي. اهڙي موقعي تي کين اسلام جو اهو بنيادي سبق دل
تي تري اچي ٿو، ته مسلمان کڻي ڪهڙي به ملڪم رنگ يا
نسل وغيره جا هجن، هو پاڻ ۾ ڀائر آهن. ڪنهن کي به
ڪنهن تي فوقيت حاصل نه آهي ۽ سمورا هڪ ٻئي جا حال
ڀائي، هڏ ڏوکي ۽ همدرد آهن. اهڙيءَ طرح حج جو هي
مقدس فرض هڪ عبادت جو درجو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف
مسلمان جو هي وڏو ميڙ منجھن اتحاد ، برادري ۽ قوت
پيدا ڪرڻ جو هڪ مثالي نمونو پڻ آهي.
ايترين سارين خوبين کي سامهون آڻي، بنا ڪنهن هُٻڪ
جي چئي سگھيو، ته حج اسلام جي سمورين عبادتن جو
نچوڙ آهي. حج عقيدن جي پختگيءَ جي مشق به روان
دوان نظر اچي ٿي.
وڌيڪ پختي ڀروسي سان چئي سگھجي ٿو، الله تعاليٰ جي
هيڪڙائيءَ ۾ يقين رکندڙ حج ويندو. حضرت محمّد
مُصطفيٰ اَحمد مجتميٰ ﷺ جن تي ايم آڻندڙ ئي سندن
ٻُڌايل حڪمن موجب حج ادا ڪري سگھندو. آخرت تي
ايمان رکندڙ ئي حج جي اجتماع کي ڏسي قيامت ۽ حشر
جو نقشو اڳيان آڻيندو ۽ گناهن کان توبہ تائب ٿيندو
زڪوات ۽ خيرات ڏيندڙ مسلمان ئي هيتري دور درواز
پنڌ جو خرچ برداشت ڪندو نماز ۽ روزي جو پابند،
اهڙي ڏکي ۽ تڪليف واري عبادت جي ئي سگھ ساريندو
مطلب ته حج ۾ عقيدي جي پختگي، بدني عبادت، جدوجھد،
هجرت ۽ مالي ايثار وغيره جا مرحلا طئي ٿين ٿا.
حج ۾ الله تعاليٰ جي حڪمن جي بجا آوريءَ جانفشاني
به ڪرڻي پوي ٿي. ملت جي مرڪز، ڪعبت الله شريف ۾
پهچڻ جو جذبو ۽ ولولو آهي؛ ۽ عابدانه ۽ زهدانه روح
به آهي. مطلب ته هڪ فرد جي اصلاح جو جي پورو پورو
نظام ”حج“ جي عبادت ۾ سمايل آهي.
حج جي اجتماع ۾ خيالن جي ڏي. وٺ ٿئي ٿي. حج جي
انهيءَ فيض ۽ ادائگيءَ جي خوشيءَ ۾، باقي دنيا ۾
رهيل مسلمان عيدگاهن ۽ مسجدن ۾ گڏجي شُڪراني جون
نمازون ادا ڪن ٿا؛ قربانيءَ سان گڏ عيد ملهائين
ٿا؛ جنه ”عيدالاضحيٰ“ سڏيون ٿا.
مطلب ته ”حج“ اسلامي تعليم جو هڪ بهترين اخلاقي ۽
مثالي نمونو آهي؛ جنهن ۾ اسلام جا سمورا ارڪان،
اخلاص، عادتون، عمل ۽ قربانيءَ جا سبق سمايل آهن.
حج، دنيا جي مسلمانن جي هڪ سالياني ڪانفرنس به
آهي؛ جنهن ۾ نسل ۽ رنگ جي امتياز کان سواءِ هر هڪ
مسلمان چاهي گورو هجي يا ڪارو، عربي هجي يا عجمي،
ايشيائي هجي يا يورپلي. سمورا مسلمان عرفات جي
ميدان تي هڪ ئي لباس ۾ ۽ هڪ ئي نموني ۾ هي لفظ
چوندي حاضر ٿيندا آهن:
(”اي الله) اسين تنهنجي اڳيان حاضر آهيون. اَي
الله!! تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي؛ اسين هر طرح
تنهنجي حڪمن جي بجا آوريءَ لاءِ حاضر آهيون. اي
الله!!! تنهنجو ڪوبه ثاني ڪونهي؛ اسين هر طرح
تنهنجي حڪمن جي فرمانبداريءَ لاءِ حاضر آهيون. سڀ
ڪنهن قسم جي وڏائي ۽ تعريف توکي ئي ٿي جُڳائي.
سڀني نعتن جو تون مالڪ آهين؛ ۽ تنهنجي بادشاهيت ۾
تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي.)
جنهن مسلمان حج جي احڪامن کي چڱيءَ طرح نيّت سان
ادا ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي، ته ان جا
ّ سمرا گناهه ائين معاف ٿين ٿا ، ڄڻڪ ماءُ جي
پيٽان نئون ڄائو. دعا آهي، ته ڌڻي سڳورو هر مسلمان
کي حج ڪرڻ جي توفيق ڏيندو، ته جيئن هو پنهنجي دنيا
۽ آخرت موچاري ڪري سگھي. |