سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

شمس الدين سومرو

 

روشن تارا

مٿئين تصوير وارا ٻئي ڇوڪرا پاڻ ۾ ڀائر آهن. ٻئي عمر جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان وڏا ۽ ننڍا آهن. وڏي جو نالو ظهير احمد ۽ ننڍي جو نالو سهيل احمد آهي. وڏو 5- آڪٽوبر 1972ع تي ننڍو 2- جون 1974ع تي ڄائو هو. هن وقت وڏي عمر چار سال يارهن مهينا آهي ۽ ننڍي جي عمر ٽي سال ٽي مهينا آهي. ٻئي ڀائر هڪٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن. راند رونڊ گڏ سمهن گڏ، کائين گڏ ۽ ڪوشش ڪري اٿندا به گڏ آهن. وڏو ڀاءُ جيڪڏهن گهر کان ٻاهر وڃڻ چاهيندو آهي ته پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي پتڪڙن هٿن کي پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان جهلي ٻاهر وٺي ويندو آهي. ٻاهران پاڻ به گهمي ايندو آهي. وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کان سمجهدار آهي. ڪيڏي مهل جيڪڏهن ظهير کا ٻاهر وڃڻو هوندو ۽ گهر جو ڪوبه ڀاتي گهمائڻ وارو نه هوندو يا سندن پيءُ آفيس مان گهڻي ڪم ڪار هجڻ ڪري ٿڪل ٽٽل هوندو آهي ۽ اڳواٽ ئي ٻاهران شيءِ وٺيو ايندو آهي ته ظهير يڪدم سمجهي ويندو آهي ته اڄ گهمي ڪونه سگهبو. ان وقت سندن پيءُ ماني کائيندو هوندو ته ظهير سهيل کي چوندو آهي ته ”ڇهيل، هلو بابا لاءِ مٽ مان پاڻي ڀري اچون.“

سهيل وري اوڏي مهل سندن پيءُ ڏانهن معصوميت سان نهاريندو، ڄڻ هن کان پڪ ڪري رهيو هجي ته واقعي کيس پاڻيءَ جي ضرورت به آهي؟ هو مانيءَ جو گرهه وات ۾ وجهندي صرف ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪندو ته هو ٽپ ڏيئي پلنگ تي اٿي بيهندو ۽ چوندو: ”بابا! لاهه، آءٌ مائين ڀئي اتان.“ (بابا لاهه آءٌ پاڻي ڀري اچان) جڏهن ٻئي ڄڻا پاڻيءَ جو گلاس ڀري ايندا ته ظهير احمد سياڻو ٿي ماٺ ڪري پڻس جي پاسي ۾ ويهي رهندو ۽ ڪجهه مهل کان پوءِ سهيل کي رڳو يادگيريءَ طور چوندو: ”سهيل، اڄ بابا ٻاهر ڪونه ويندو!“ بس پوءِ انهن ٻنهي ڀائرن جو ٻاهر ٺاهيل منصوبو سهيل کي ياد اچي ويندو ۽ هو هڪدم ضد ڪندو. ”بابا، مون ٿي ٻاهل وٿي هل، آءٌ ٻاهل هنان ٿو.“ (بابا مون کي ٻاهر وٺي هل، آءٌ ٻاهر هلان ٿو). ظهير وري ڳالهه کي زور وٺائڻ لاءِ مٿان چوندو: ”سهيل، ماٺ ڪري ويهه، بابا ٿڪجي آيو آهي تون وري پيو ٻاهر هلان، ٻاهر هلان ڪرين.“ هو تيئن پيو چوندو ته ”بابا، الو نه وادئن جي پل مان ڌمي اتون،“ (بابا هلو نه واڍن جي پڙ مان گهمي اچون) ضد وري اهڙو ڪندو، جو جڏهن سندس پيءُ کيس شيءَ ڏيئي چوندو ته ”سهيل، هي کٽمٺڙو وٽ، هي بسڪوٽ وٺ، ڀلا هي آنو وٺ“. سهيل ڪڇي جهڙي ڀت. چڙ وچان منهن ڳاڙهو ٿي ويندو اٿس. آخر جڏهن پڻس تنگ ٿي چوندو اٿس: ”سهيل، پوءِ آخر ڇا کائيندين؟“ ته پڻس جا ڳل پٽيندي چوندو: ”تج نه ٿي، باهل الو“. (ڪجهه نه کپي ٻاهر هلو) لاچار جڏهن پڻس سهيل کي کڻي گهمائڻ لاءِ اٿي بيهندو ته يڪدم وڏو ڀاءُ ظهير به ٽپ ڏيئي اٿندو: ”بابا، ڀلا هاڻي آءٌ به ٿو هلان“. نهايت معصوماڻي انداز ۾ چئي، منهن ڀت ڏانهن ڪري پيو مٿو کنهندو.

ظهير ۽ سهيل جون عادتون لڳ ڀڳ ساڳيون آهن. وڏو جيڪڏهن ڪا شيءِ وٺندو آهي ته ننڍو به يڪدم اهڙي ئي شيءِ جي گهر ڪندو آهي. ظهير کي نپايو سندس ماءُ آهي، هو سمهندو به ساڻس آهي. سهيل کي ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ پاليو آهي ۽ هو انهن سان سمهندو آهي پر ٻنهي ڀائرن جا ڪپڙا لٽا، بوٽ جوراب، کائڻ جو سڀ انتظام ڪرڻ سندن ماءُ جي حوالي هوندو آهي. هڪ ڀيري سندن ماءُ بازار مان سندن لاءِ ڪپڙو وٺڻ ويئي. ڪپڙو وٺڻ کان پوءِ، جيڪي پئسا بچيس، انهن مان ظهير لاءِ هڪ سوٽ وڌيڪ وٺي آئي ته سهيل، ظهير کي اهو تيستائين ڏسڻ به ڪونه ڏنو جيستائين ان لاءِ به ساڳيو سوٽ نه آيو. چي: ”اهو ڇوت مون جو آهي، ظهيل تون تو نه پائي، آءٌ پايان.“ (اهو سوٽ منهنجو آهي، ظهير ڪونه پائي، اءٌ پايان). پنهنجين ننڍڙين ننڍڙين ٻانهن ۾ لڪائي ويهي رهيو.

ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ پيار ايتري قدر آهي، جو شيءِ کائڻ مهل هو پنهنجي پنهنجي شيءِ پنهنجي هٿن سان هڪٻئي جي وات ۾ وجهندا آهن. سندن پيءُ جڏهن ظهير کي شيءِ ڏيندو آهي ته ظهير يڪدم چوندو آهي: ”ابا سهيل جي شيءِ ڪٿي آهي؟“ رات جو سمهڻ مهل جڏهن سندن ماءُ هڪ کي کير جي بوتل آڻي ڏيندي آهي ته اهو کير هو تيستائين نه پيئندو آهي، جيستائين سندس ڀاءُ کي کير جي بوتل نه ملي. اهو ئي سبب آهي جو ظهير، سهيل کان وڏو هوندي به اڃا تائين بوتل سان کير پيئندو آهي. کيس جيڪڏهن گلاس يا پيالي کير وجهي ڏجي ته يڪدم چوندو ته ”سهيل به گلاس ۾ کير پئي ته پوءِ مان به گلاس ۾ پيئندس.“ ڪيڏي ڪيڏي مهل گهڻو سمجهائڻ جي ”ابا، سهيل ننڍڙو آهي، ان ڪري ٿو بوتل سان کير پئي، تون وڏو آهين، تون ته گلاس ۾ کير پِي.“ خار وچان نهاري، اکيون ڦوٽاري، ڪاوڙ ۾ گلاس کي اڇلائيندي چوندو آهي: ”پوءِ سهيل ننڍو ڇو آهي؟!“

ٻه چار ڏينهن سهيل ڏاڏيس سان گڏجي ٽنڊي محمد خان ويو (هونئن ظهير ماڻس يا پڻس کان سواءِ ڪنهن سان به ڪيڏانهن به ڪونه ويندو آهي پوءِ ڀلي سهيل اڪيلو هليو وڃي ته ڀلي هليو وڃي) ته ظهير ڄڻ سڀ ڳالهيون وساري ويٺو. ڪا ڳالهه نه پيئي وڻيس. سندس پيءُ ڪا شيءِ وٺي پيو ڏئيس ته ”نه، ابا، آءٌ شيءِ ڪونه ٿو وٺان. سهيل اچي ته پوءِ وٺندس.“ سڄو ڏينهن خاموش ئي خاموش. نه راند رونڊ جي پرواهه نه کاڌي پيتي جي چنتا. کير گلاس ۾ ڏينس ته به پي وڃي. کير پيئندي پيئندي ننڊ اچيو وڃيس. نه ئي چوپڻي ياد پويس ۽ نه ئي بوتل ۽ نپل.

خيرن جو سهيل جڏهن گهمي ڦري آيو ته ائين ڀاڪرين پئجي ويا ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هجن. بار بار پيا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائين. ظهير ور ور ڪيو پيو پڇيس ته ”سهيل، بس ڪيئن هلي؟“ ته سهيل ٻئي هٿ مٿي کڻي وات سان ”ڦر... ڦر...“ ڪيو پيو ٻڌائيس ته هيئن هلي. سهيل تو اتي کير ڇا ۾ پيتو؟ تو اتي ڪهڙي ڪهڙي شي کاڌي؟ سوال مٿان سوال پيو ڪريس. سهيل ايترا سوال ٻڌي خاموش ٿي ويو. پوءِ ڏاڏيس کان خبر پيئي ته اتي سهيل به گلاس ۾ کير پيتو هو.

هليا جو شيءِ وٺڻ ته ظهير به ساڳي شيءِ پيو وٺي ته سهيل به ساڳي شيءِ پيو وٺي. وري هڪٻئي کي پنهنجي هٿن سان پيا کارائين. رات ٿي ته ظهير کي، سهيل کي ڏسي بوتل به ياد اچي ويئي ته چوپڻي به ياد اچي ويئي. سهيل کي وات ۾ چوپڻي ڏسي، پاڻ چوپڻي چوسڻ جو ضد ڪرڻ لڳو. پوءِ تيستائين ننڊ نه آيس جيستائين چوپڻي نه چوسيائين.

رات جو سمهڻ به گڏ. جيتوڻيڪ ظهير پنهنجي ماءُ سان سمهندو آهي ۽ سهيل پنهنجي ڏاڏيءَ سان. پر رات جي سمهڻ مهل هڪ ئي کٽ تي ٻئي ڄڻا گڏ ليٽيندا، پيا مستيون ڪندا وڙهندا، پوءِ ائين ئي راند ڪندي ڪندي ننڊ اچي ويندن. ظهير کي جڏهن سندس ماءُ اچي کڻندي ته هلي پنهنجي بستري تي سمهي، پوءِ اوچتو هو جاڳي پوندو آهي ته ڪڏهن به ماڻس سان گڏ نه ويندو آهي. صبح جو جيڪڏهن ظهير جلدي اٿندو آهي ۽ سهيل کي پاسي ۾ نه ڏسي يڪدم وڃي هنڌ ۾ لڪندو آهي، پوءِ تيسين اتي ئي ليٽيو پيو هوندو آهي، جيسين سهيل جي اک کُلي، يا وري سهيل کي ڪتڪتائي ڪري جاڳائيندو آهي. پوءِ گهڻي دير تائين اتي پيا راند ڪندا آهن. ڪجهه دير راند ڪري، بستري مان اٿي ٻئي گڏجي سماور وٽ منهن ڌوئڻ لاءِ ايندا آهن. اتي ظهير، سهيل جي منهن تي پيو پاڻي هڻندو آهي ته سهيل وري ظهير جي منهن تي پيو پاڻي هڻندو. هٿ منهن ڌوئي ٻئي ڄڻا صاف سٿرا ڪپڙا پائي، اکين ۾ سرمو، مٿي ۾ تيل وجهرائي، بوتل ۽ آنن سان نيرن ڪندا آهن.

صبح جو سويل گهر ۾ رهندڙ ٻيا ٻار سؤٽ، ماسات ۽ ماروٽ- پنهنجن پنهنجن اسڪولن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن ته انهن ٻين ٻارن کي ڏسي ظهير به اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. ڏهاڙي صبح جو انهن سان گڏجي اسڪول وڃي.

سهيل ننڍڙو ٿي ڪري به ضد ڪندو ته ”مان به اڪول ونان.“ (مان به اسڪول وڃان) پر رضوان ۽ بولاني ڪٿي ٿا ان کي اسڪول وٺي وڃن. هو روئي روئي پٽ تي سمهيو رهي. هڪ ڏينهن سهيل ماڻس سان ظهير جي شڪايت ڪئي: ”امان موٿي ظهيل اڪول نٿو وٺي وني.“ (امان ظهير مون کي اسڪول نٿو وٺي وڃي) ماڻس ظهير کي سهيل جي دل رکڻ لاءِ چيو: ”ظهير تون ته پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي اسڪول وٺي وڃ.“ گهر ۾ سڀني کي رونشو ٿي آيو، سو سڀني ظهير کي ستائڻ لاءِ ۽ ڀاءُ جي ساڻس محبت ڏسڻ لاءِ چيو ته ”هاڻي ظهير سڀاڻي سهيل کي اسڪول وٺي ويندو.“ تڏهن ظهير رعبدار آواز ۾ منهن ۾ گهنڊ وجهي چيو: ”رستي تي موٽرون ۽ گاڏيون پيون هلن. چپجي پوي ته پوءِ؟“ اها ڳالهه ٻڌي سڀ ماٺ ٿي ويا.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندن پيءُ دل ۾ خيال ڪيو ته هاڻي ظهير جي اسڪول ۾ وڃي خبرچار وٺجي. سو ان خيال سان سندس اسڪول ويو. اسيمبلي ختم ٿئي ڪلاڪ ٿيو هو. سياري جي مند هوندي به شاگرد ڪلاسن ۾ اچي ويا هئا.

ظهير جو استاد اڃا ڪجهه دير ٿي ته ڪلاس ۾ پهتو هو. سندس پيءُ ظهير کي اشاري سان ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. ظهير پڻس کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڻس وٽ آيو. کيس ڀاڪر پائي ”بابا- بابا ڪري چنبڙي پيو. پڻس کانئس پڇيو: ”ظهير، اڄ ماستر صاحب اوهان کي ڇا پڙهايو آهي؟“

نهايت ئي پيار مان پڻس کي هڪ ڀيرو وري ڀاڪر پائيندي چيائين: چوي پيو ”الف- انب، ب- بلا، ٻ- ٻڪري ۽ ڀ- ڀولڙو.“ پڻس کي اوڏي مهل ظهير تي ڏاڍو پيار آيو- وري پڇيائينس:

”ڀلا ٻيو ڇا ڇا پڙهايو اٿس؟“

”ايڪو ايڪ، ٻڪو ٻه ۽ ٽڪو ٽي“

ظهير تمام بردباري سان جواب ڏنو. پڻس جڏهن ظهير جي استاد سان ملڻ لاءِ ڪلاس ڏانهن وڌيو ۽ ماستر صاحب ڏانهن نهاريائين ته اوڏي مهل ماستر صاحب واقعي ٻارن کي پڙهائي رهيو هو:

”الف- انب، ب- بلا، ٻ- ٻڪري ۽ ڀ- ڀولڙو“

شام جو ٻئي ڀائر پنهنجي پيءُ سان گڏجي گهمڻ ويندا آهن. پوءِ رستي تي جيڪا شيءِ پيا ڏسندا، ان لاءِ پيا چوندا ته ”اٺ گاڏي وٺي ڏي، موٽر وٺي ڏي، رڪشا وٺي ڏي“. ظهير چوندو: ”ابا، مون کي سائيڪل وٺي ڏي“ ته سهيل به سر ملائيندو آهي: ”ابا، مون کي به وٺي ڏي نه!“ هڪ ڪن ۾ ظهير جو آواز هوندو ته ٻئي ڪن ۾ سهيل جو آواز. پوءِ جيستائين ڪا شيءِ ٻئي ڀائر نه وٺندا آهن تيستائين اهو ئي پيا چوندا: ”ابا نٿو وٺي ڏين نه، ڀلي نه وٺي ڏي، ڀلي نه وٺي ڏي! اسين به توسان ڪونه ڳالهائينداسين.“

هڪ ڏينهن جڏهن ٻئي ڀائر شام جو سندن پيءُ سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتا ته ٿورو پريان هلڻ کان پوءِ اچي رستي تان خوبصورت سهڻي ۽ گاڏي (گهوڙي گاڏي) لنگهي. جنهن ۾ ظهير جو ههڙو سهڻو گهوڙو ڏٺو. چي: ”ابا، ههڙو ٽانگو وٺي ڏي نه ته هڪ قدم به اڳيان ڪونه هلندس“.

پڻس چيو ته ”پٽ، گهوڙو ماڻهن کي چڪ پائي ته پوءِ!“

يڪدم جواب ڏنائين: ”ته پوءِ هي گهوڙو ماڻهن کي چڪ ڇو نٿو پائي! گهوڙو ماڻهن کي چڪ ڪونه پائيندو آهي.“

تڏهن وري پڻس سمجهايس ته ”پٽ، هيڏي وڏي گهوڙي گاڏي تون ننڍو ڪيئن هلائيندين؟“

ظهير وراڻيو: ”مان گاڏي ڪڍي، رڳو گهوڙي تي چڙهي گهمندس.“

”ته پوءِ گهوڙي جو گاهه ڪير آڻيندو، ان کي گاهه ڪير کارائيندو؟“ پڻس بيزار ٿيندي چيو:

ظهير جواب ڏنو: ”مان پاڻيهي گهوڙي کي بوتل سان کير پياريندس.“

انهيءَ ڳالهه ٻولهه ڪندي هو هڪ هوٽل وٽ پهچي ويا. پڻس چيس: ”ظهير، ڪوڪا ڪولا پيئندين يا آئيس ڪريم کائيندين؟“

”آئون ڪجهه ڪونه کائيندس“. ظهير جواب ڏنو.

تڏهن سندس پيءُ چيو ته ”پوءِ تون هتي ويهي ڇا ڪندين؟“

نهايت معصوميت سان جواب ڏنائين: ”مان ماٺ ڪري ويهندس، ڪجهه نه کائيندس، جيسي ٽانگو وٺي ڏين، تيسين توسان ڳالهائيندس به ڪونه“. سهيل ۽ سندس پيءُ هڪ هڪ ڪوڪا ڪولا پي ويا پر ظهير انهن ڏانهن نهاريو به ڪونه. آخر جڏهن پڻس ٿڪجي بازار مان پلاسٽڪ جي گهوڙي گاڏي وٺي ڏنس، تڏهن ان کي حيرت مان ڏسي وري چيائين ته: ”هيڏڙي ننڍڙي! اها هلندي وري ڪيئن، هن ۾ ته ٻيا ٻار ته ڇا، مان به ويهي ڪونه سگهندس.“ پڻس کيس پيار سان سمجهائيندي چيو: ”ظهير، تون به ننڍڙو آهين ته هيءَ گاڏي به ننڍڙي. تون وڏو ٿيندين ته هيءَ گاڏي به وڏي ٿي ويندي.“ (سهيل ويچارو ماٺ ڪيو سمورو لقاءُ ڏسي رهيو هو ۽ ٻنهي کي اٽڪيل ڏسي صبر ڪيو ويٺو هو). تڏهن وڃي همراهه ريڌو. پوءِ به چيائين ته ”ڀلا، سهيل کي به گهوڙي گاڏي وٺي ڏي ته پوءِ وٺندس.“ اهڙي طرح سهيل کي به بنا چوڻ جي ساڳي گهوڙي گاڏي ملي.

جڏهن سندن پيءُ کين خرچي ڏيندو آهي ته ظهير اها خرچي وٺي وڃي سندس ماءُ کي ڏيندو ۽ سهيل وري پڦيس يا ڏاڏيس کي ڏيندو آهي. گهڻو ڪري سهيل ئي ٻنهي جا پئسا وٺندو. سندن پيءُ ظهيرکي هڪ رپيو ڏيندو آهي ته سهيل کي اٺ آنا. سهيل، ظهير جا پئسا هڪ هٿ ۾ ۽ پنهنجا پئسا ٻئي هٿ ۾ رکندو آهي. پوءِ ماءُ کي رپيو ڏيندي سمجهائي چوندو: ”اي وت لپيو ظهيل دو آئي“. (هي وٺ رپيو ظهير جو آهي) ۽ ٻئي هٿ وارا اٺ آنا ڏيکاريندي: ”اي اٿ آنا مون جا آئن“. (هي اٺ آنا منهنجا آهن) ۽ اٺ آنا وڃي پڦيس کي ڏيندو آهي. هڪ ڏينهن پڻس سهيل کي ٻه رپيا ڏيندي چيو: ”هڪ رپيو تنهنجو آهي ۽ هڪ رپيو ظهير جو آهي“. سهيل ٻئي رپيا وٺي چيو: ”اي لپيا زهيل دا آئن، مون جا اٺ آنا تتي آهن؟“ (اهي رپيا ظهير جا آهن، منهنجا اٺ آنا ڪٿي آهن؟) تڏهن پڻس کيس چيو ته ”سهيل اڄ تو لاءِ به رپيو ۽ ظهير لاءِ به رپيو خرچيءَ جو آهي“. ليڪن سهيل انهيءَ ڳالهه کي نه مڃيو ۽ ڊوڙ پائي وڃي اهي ٻئي رپيا ماءُ کي ڏئي آيو: ”اي لپيا ظهيل دا آئن“. (هي رپيا ظهير جا آهن) ۽ پڻس وٽ اچي ضد ڪرڻ لڳو: ”ابا، مون ٿي اٿ آنا ٿپن، لپيو نه ٿپي! مون ٿي اٿ آنا ڏي.“ (ابا، مون کي اٺ آنا ڏي) ۽ تيستائين ماٺ نه ڪيائين، جيستائين پڻس کان اٺ آنا نه ورتائين.

سهيل جڏهن پڦيس ۽ ماءُ کي پئسا ڏيئي بس ڪندو اهي ته ظيهر يڪدم وڃي ماڻس کي چوندو: ”امان، منهنجا سڀ پئسا گڏ ڪري رک، آءٌ طاهرا جهڙي موٽر سائيڪل ۽ لاري وٺندس.“

سهيل به سر ملائي چوندو: ”آءٌ ولي ات دادي وتندت.“ (آءٌ وري اٺ گاڏي وٺندس).

اسڪول مان اچڻ کان پوءِ ظهير ڪيڏي مهل ننڍڙو ڪاٺيءَ جو ٽڪر کڻي، ان کي هڪ هٿ ۾ جهلي، ٻئي هٿ ۾ اڳڙي کڻي پيو سيما، ريشما، رياض، قبول ۽ شيديءَ جي پٺيان پيو پوندو.

”اڄ آئون توکي سئي هڻندس.“ پوءِ سڀ ٻار اڳيان پيا ڊوڙندا ۽ هو انهن جي پٺيان پيو ڊوڙون پائيندو چوندو: ”مان به وڏو ٿي، پڙهي ڊاڪٽر ٿيندس.“

باقي سهيل وري گهر ۾ چاچس بدر جا ڪوڪا ۽ ڪليون کڻيو، ننڍين ننڍين ڪاٺين کي پاڻ ۾ ڳنڍي انهن ۾ ڪو ڪاٺو ٺوڪندو آهي. (حالانڪ هڪ ڪوڪو به ٺوڪي ڪونه سگهندو آهي). پوءِ جڏهن پڦيس هٿ مان مترڪي ڦرينديس ته روئڻ شروع ڪندو. چونديس ته: ”سهيل، تون اسڪول ڪونه ويندي، ڇا، جو مترڪن سان ڪوڪا پيو ٺوڪين؟“ پنهنجي پياري ۽ ٻاتي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندو: ”نه، مان تاتا بدل تان تمتي ويندٿ“- (نه مان چاچا بدر سان ڪم تي ويندس). پوءِ وري سمجهائي چئبس ته تون اسڪول نه ويندين ته پوءِ چاچهين بدر توکي ڪم تي ڪونه وٺي ويندو. تون انجنيئر ڪيئن ٿيندين؟ تڏهن مجبورا چوندو: ”تنو مان اڪول به ويندٿ. تاتا بدل تان تمتي به ويندٿ“. (چڱو مان اسڪول به ويندس ۽ چاچا بدر سان ڪم تي به ويندس.)

ظهير ۽ سهيل جي پيءُ کان جڏهن هنن ٻارن جي باري ۾ آخري سوال ڪيو ويو ته: ”اوهان پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي روپ ۾ ڏسڻ چاهيندا؟“ ان تي سندن پيءُ وراڻيو:

مان چاهيان ٿو، منهنجو هڪ پٽ ڊاڪٽر ۽ ٻيو پٽ پروفيسر ٿئي. جيئن ٻئي وڏي هوندي غريب ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهن.“

 

 

نوان ڪتاب

 

پاڇي پٺيان ڊوڙ

گلن جهڙا ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيندڙ ڪتاب هي ٻاراڻي ادب جي ڪهاڻيڪار نظير شوري جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. نظير شوري جيتوڻيڪ 1975ع کان لکڻ شروع ڪيو آهي، ان هوندي به هن جيڪي لکيو آهي ان ۾ حقيقت جو روپ آهي ۽ سچائي جي سرهاڻ آهي. سندس ڪهاڻيون، گهڻو ڪري سنڌ جي مظلوم طبقي جي ترجماني ڪن ٿيون، عدل ۽ انصاف جو پيغام ڏين ٿيون ۽ سماجي ناسور جو علاج سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ ماروئڙن جي نياپي جو روح آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارهن ڪهاڻيون آهن، جن مان ڪي ٻارن لاءِ لکيل آهن ته ڪي وڏن لاءِ. ڪي ڪهاڻيون ته اهڙيون آهن جن کي هروڀرو ڪو سمجهي نه سگهندو، اهڙين سٺين ڪهاڻين لکڻ تي نظير شوري کيرون لهڻيون. ڪهاڻي، پيلي سمنڊ جو عشق، بنا نالي ۽ پاڇي پٺيان ڊوڙ، فلسفانه آهن منجهن زندگيءَ جي گهري سوچ ۽ فڪر سمايل آهي. باقي 9 ڪهاڻيون: مان ڊاڪٽر ٿيندس، نانگا ننڊ نه ڪن، ڀڳل ماڻهو، آخري سهارو، منزلون ۽ فاصلا، هارڊ وي، خالي هٿ، مئل جيئرا جنم ۽ گهاٽي پاڻيءَ ۾ ٻڏل شهر ۾ پڙهندڙن لاءِ اجراڻ جا اهڃاڻ موجود آهن جن کي پڙهڻ سان نه رڳو سٺو سبق ملي ٿو پر هڪ نئين فڪر ۽ نئين سوچ جي دعوت پڻ ملي ٿي.

ٻه رنگو ٽائيٽل سنڌ جي مشهور فنڪار خدا بخش ابڙي جي محنت ۽ فڪر جو نتيجو آهي. اسي صفحن جو هي ڪتاب ٻن روپين ۾ گلن جهڙا ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان گهرائي سگهجي ٿو.

(تاج الملوڪ)

 

ناقابل اشاعت

چندن هار، لالچ، جهڙي ڪرڻي تهڙي، ڀرڻي، ٻئي سان ڀلائي ڪرڻ جو انجام، خدا جي حڪمت، والاتقولو...، اسان جون اکيون، ڏکن پٺيان سک، الله محنت ڪنهن جي نه ٿو وڃائي، ٽي ڪم، ڪفايت شعاري، ملائڪ ۽ انسان، گار نه ڏجي، اڄ ڇا پڪو آهي، افسوس جهڙو واقعو، ڇوڪري ۽ ڦلا، سياڻو ريڍار، علم ۽ ان مان فائدا، صبر جو ڦل، مسٽر ڪَنُون خان، سگريٽ، محنت جو ڦل، وير ۽ ڪينو، پهت ڙي پهت، سياڻو ڇوڪر ۽ ڏنگو ڇوڪر، ڪنگ، سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي، ماءُ جو رنج، لوڀ جو لقاءُ، شينهن ۽ گدڙ، پوڙهي جي آتم ڪهاڻي، رحمدل پري، بزرگن سان بي ادبي، ٿيو دور افلاس ختم، علم ۾ وڏي طاقت آهي، ماءُ جي خدمت، اکيون انسان لاءِ نعمت آهن، وفادار دوست، نظم، وطن جي حب، هٿن جا ستارا، پراپڪاري، منهنجو ڪير ڪونهي، ماءُ جو روح، ٻٽاڪي، وفادار دوست، بهادر جانو، عقلمند قاضي، خدا دوست، چالاڪي، هڪ هنڌ رهڻ، سياڻو ڇوڪر، ڪمڻ خان جا ڪارناما، محبوبه، جيڪا تنهنجي من ۾ سا منهنجي دل ۾. استادن جو استاد علم جي ڪرامت، وصيت، ظلم جو بدلو، منهنجو دلچسپ سفر، طوطي جي سڃاڻپ، ٽي دوست، شهزادي قدم برگ، ٻه دوست، صبر ۽ سوال، انوکو جاسوس، وهم، چالاڪ گدڙ بيوقوف گڏهه، قاعدي جي سختي، ڪڙميءَ جون خصلتون، اٽڪل، عقل جي همدردي، وتايو فقير، شينهن بگهڙ ۽ لومڙ، ٻڌي جو فائدو، چالاڪي، سترهن هاٿي، ناڻو، چالاڪ برهمڻ، نيڪي، عقلمند بادشاهه، هاريءَ جون خصلتون، گذريل زمانو ۽ اکين ڏٺي ڳالهه.

 

 

ننڍڙا اديب

 

ڪهاڻيون

 

امتحان ۽ ڪاپي

امتحان اچي مٿان پيا هئا، اسان چڪرن ۾ پورا هئاسين، مون ٿورو گهڻو پڙهيو هو، سو به ان ڪري جيئن امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي، هونئن به سڄو سال هڪ ڇوڪرو نور نچوئي محنت ڪري ٿو ۽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿئي ٿو، پر ٻيو ڪاپي ڪري فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿئي ٿو، ته ته پوءِ محنت مان فائدو به ڪهڙو. ٻن ٽن ڏينهن ۾ امتحان لاءِ بم ۽ ڪارتوس ٺاهيم، جيئن پيپر ڪرڻ وقت سهوليت ٿئي، مون هڪ پني جي ننڍڙيءَ پٽي تي تمام سنهڙا اکر لکيا، جنهن ۾ ٽي چار سوال اچي ٿي ويا- پهرين ڏينهن امتحان تي ويس، پاڻ سان گڏ گرم مصالحو موجود هو.

استاد پيپر ڏئي ويو. اصل سمجهه ۾ ڪجهه نه پي آيو. پر سامهون منهنجو دوست هاشم ويٺو هو، جنهن سٺي محنت ڪئي هئي، مون ان کي ڪاپي ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو هو، پر ان وقت هن ڪاپي ڪانه ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هن پورو سال نور نچوئي پڙهيو هو ۽ آئون سڄو سال گهميو هوس ان ڪري امتحان ڏيڻ وقت هر هر ٻين ڇوڪرن ڏي تڪي رهيو هوس. پوءِ ڪجهه سوال سمجهه ۾ آيا، ڪارتوس ڪڍي ڪاپي ڪيم. ائين سڀ پيپر ڪيم، امتحان هلندي هال ۾ اهڙي ته بيعزتي ٿيندي جو ڇوڪرا به ٽهڪ ڏيندا هئا پر امتحان ڏيڻ کان پوءِ مون کي سورهن آنا پڪ هئي ته مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندس. دوست هاشم تي ٽوڪون ڪندو هوس، پر جڏهن رزلٽ نڪتي، نتيجو اخبار ۾ آيو، پهرين سيٽ نمبر فرسٽ ڪلاس ۾ ڏٺم ڪونه هو، سيڪنڊ ۾ به ڪونه ٿرڊ ۾ به نظر ڪونه آيو. روڪيل لفظن تي نظر پئي، پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي، دوست هاشم سيڪنڊ ۾ پاس ٿيو. منهنجي نمبر جي هيٺان لکيل هو، (ڇوڪرو ڪاپي ڪرڻ وقت ڪاپي واري هرڪا پٽي جوابي پيپر جي وچ ۾ وساريندو آيو آهي) سڀ دوست کلڻ لڳا، مان تمام گهڻو پشيمان ٿيس، هينئر دل ۾ پڪو ويساهه اٿم ته قدرت ڪنهن جي محنت وڃائيندي نه آهي ان ڪري پيارا ڀائرو منهنجي تجربي مان سبق حاصل ڪري محنت ڪريو، جيئن پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري سگهو. ڇاڪاڻ ته محنت ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.

سڪندر علي سرواڻ، جوهي

 

ٿوري تي راضي رهڻ

هڪ درويش ڪنهن جبل جي غار ۾ خدا جي عبادت ڪندو رهندو هو جنهن کي قدرت جي طرفان هڪ نه ٻئي ڏينهن رزق ملندو هو- هن کي عبادت ڪندي اتي گهڻو وقت گذري ويو، تنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن جي بجاءِ کيس ٽئين ڏينهن رزق ملڻ لڳو ته به هو پنهنجي عبادت ڪندو رهيو آخرڪار ٽئين ڏينهن جي عيوض هن کي اهو رزق پنجين ڏينهن ملڻ لڳو ۽ چار ڏينهن بک تي رهندو هو- ايتري ۾ شيطان انساني صورت ۾ ٿي غار ۾ آيو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته اي درويش! هت جبل جي چر ۾ ڇاڪاڻ ويٺو آهين تنهن تي درويش وراڻيو ته خدا جي عبادت ڪندو رهان ٿو ۽ مون کي قدرت جي طرفان رزق ملندو رهي ٿو جنهن تي زندگي بسر ڪيان ٿو. شيطان چيس توکي رزق هت ڪائين ڏينهن ملي ٿو؟ درويش چيو ته اڳ ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن ملندو هو؟ ۽ پوءِ وري ٽئين روز ملڻ لڳو ۽ هاڻي پنجين ڏينهن ملي ٿو. شيطان چوڻ لڳو ته اها ته ڳالهه ڀلي آهي، پر چار روز بک تي رهڻ ٺيڪ نه آهي، تنهن کان سواءِ اجايو هٿ بکون ڪاٽي مري ويندين ۽ ڪجهه به ڪين ورندءِ. بهتر آهي ته هتان ٻاهر نڪري گهم ڦر: جو دنيا ۾ ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن، هت غار ۾ جانورن واري زندگي گذارڻ مان ڪهڙو سود؟ شيطان جي انهيءَ چوڻ تي درويش جي دل ۾ ڦيرو آيو ۽ غار کان يڪدم ٻاهر نڪري گهمڻ ۽ ڦرڻ لڳو- ايتري ۾ درويش کي گهمندي ڦرندي پري کان هڪ دونهين جي لاٽ ڏسڻ ۾ آئي ۽ سمجهيائين ته شايد اتي ڪا وسندي آهي. ٽن چئن ڏينهن کان لنگهڻ تي به هو. اهو خيال ڪري اُن دونهين طرف هلڻ لڳو ۽ جڏهن دونهين کي ويجهو وڃي پهتو ته هڪ ڪکائين جهوپڙي ڏٺائين جنهن ۾ کيس هڪ ٻڍڙي عورت نظر آئي. درويش جي سڏ ڪرڻ تي اها ٻڍڙي عورت پنهنجي ڪکائينءَ جهوپڙي مان نڪري آئي ۽ درويش کان پڇڻ لڳي ته ڪير آهين؟ تنهن تي درويش چيو ته آءٌ مسافر آهيان ۽ مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي ۽ رات جا چار پهر اتي رهندس. ٻڍڙي يڪدم اٽو ڳوهي کيس ماني پچائي ڏني، جا کائي ڍؤ ڪري سمهي رهيو، جڏهن صبح ٿيو ته درويش ساڳئي غار طرف هلڻ لڳو ۽ ٻڍڙي وٽان جيڪا ماني کنئي هئائين، سا کڻي هلڻ لڳو ته ٻڍڙيءَ وٽ جو ڪتو رهيل هو سوبه ساڻس گڏجي هلڻ لڳو واٽ تي اڌ پنڌ ۾ ڪتو مٿس ڀونڪڻ لڳو، تنهن ڪري درويش ڇا ڪيو، جو ٻڍڙي وٽان آندل مانيءَ مان هڪ ماني ان کي ڏنائين جا کائي وري ڀونڪڻ لڳو، تنهن تي درويش چيس ته بي فرمان اڃا به مون تي ڀونڪين ٿو. ايتري ۾ رب تعالي ڪتي کي ڳالهائڻ جي طاقت بخشي ۽ درويش کي چوڻ لڳو، ته منهنجو مالڪ مون کي مانيءَ جو ڳڀو ڏئي ٿو، جو کائي سندس در تي پيو آهيان ۽ ٻئي ڪنهن جي در تي نٿو وڃان- پر تون ڌڻيءَ جو در ڇڏي ٻين جي در تي ڇو ڀٽڪندو وتين. ڪتي جي ان چوڻ تي درويش واپس غار ۾ وڃي عبادت ڪرڻ لڳو ۽ عبادت ڪندي مري ويو ۽ غار کان ٻاهر نه نڪتو.

محمد پنهل سمون، ڪرمپور

 

عقل مند ڪتو

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ ڪتو رهندو هو هي ڪتو سڀن کي پسند هو ڇاڪاڻ ته ڪتو هڪ اهڙو جانور آهي. جو چورن کي ڀڄايو ڪڍي ۽ جيڪو به غير واقف ماڻهو ڳوٺ مان لنگهندو آهي ته ان کي به ڀڄائي ڪڍندو آهي. اهڙيءَ طرح سان ڳوٺ وارا به هن کي ٽڪر ڀور ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته ايترا ڏينهن ٿيا آهن جو آئون ساري رات جاڳي پهرو ڏيندو آهيان ۽ اڄ هڪڙي رات سمهي ته ڏسان. سو ڇا ڪيائن جو سج لٿو ۽ ماڻهو ماني کائڻ ويٺا ۽ هي به اتي وڃي ويٺو ۽ هن کي به ريت موجب ماني ٽڪر ڏنائون هي کائي وڃي سمهي رهيو. صبح جو اُٿي ڏسي ته ماڻهو پير پيا کڻن. انهيءَ مان هن کي به معلوم ٿيو ته واقعي ڪا چوري ٿي ويئي آهي. اهو سوچي هي روانو ٿيو ڇاڪاڻ ته هن کان سمهڻ واري غلطي ٿي هئي. نيٺ هلندي هلندي هڪڙي اهڙي هنڌ اچي پهتو جتي ڏسي ته ڪي ماڻهو آهن جي سامان لڪائي رهيا آهن. جي سامان لڪائي رهيا آهن. پوءِ هي واپس آيو ۽ جيڪي ورهاڙي وارا پير کڻي اچي رهيا هئا انهن جي اڳيان وڃي لڪايل سامان ڏانهن هلڻ لڳو.

ورهاڙي وارن سمجهو ته هي پير ٿو ڊاهي. سو ڪتي کي ڀڄائي ڪڍيائون. اهو ڏسي ڪتو سامان وٽ ويو ۽ اتان هڪڙي شيءِ کڻي آڻي ورهاڙي واري ماڻهن جي اڳيان رکيائين اهو ڏسي ورهاڙي وارا سڀ ڪتي جي پويان هلڻ لڳا، آخر وڃي ڏٺائون ته سامان سڀ سهي سلامت ۽ ساڳيو هو. اهو ڏسي ڪتي جي عقل تي سڀ حيران ٿيا ۽ هٿ جي اشاري سان سڀ ماڻهو ڪتي کي شاباس ڏيندا خوش ٿيندا گهر هليا ويا.

محب الله علياڻي، ڳوٺ سائينداد علياڻي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com