سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر:غلام رباني

گذارش

سنڌ جا ٻار ــــ منهنجي ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ!

ڇهن مهينن جي وڇوڙي کان پوءِ ”گل ڦل“ جو هيءُ پرچو گهڻيءَ اُڪير ۽ قرب سان اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿو.

هي پرچو هن سال جو ٻيو نمبر پرچو آهي. پهريون پرچو (جنوري ــ فيبروري 1963ع) پيش ڪندي اسان اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته ”گل ڦل“ اڳتي بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي باقاعدي نڪرندو رهندو. پر، چوندا آهن ته ”بندي جي من ۾ هڪڙي، ته صاحب جي من ۾ ٻي“، سو اسان جي اها اميد برصواب نه ٿي. ڇا ٿيو جو سرڪار جي اطلاعات کاتي ”گل ڦل“ جي ڊڪليئريشن جي سلسلي ۾ هڪ قانوني پيچيدگيءَ جو سوال اُٿاري، رسالي جو ڊڪليئريشن ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ سبب ڪري رسالي جي اشاعت في الحال وري روڪجي ويئي. تازو، اهو مسئلو حل ٿيو آهي ۽ ”گل ڦل“ جي اشاعت وري شروع ڪئي ويئي آهي.

”گل ڦل“ جي گذريل پرچي ۾ اسان پنهنجن پڙهندڙن کي ٻڌايو هو ته بورڊ جي فيصلي موجب ”گل ڦل“ آئينده ٻن ٻن مهينن کان پوءِ نڪرندو رهندو. انهيءَ موجب هي پرچو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جو آهي. نومبر ۽ ڊسمبر جو پرچو پريس ۾ ڇپجي رهيو آهي، ستت شايع ٿيندو.

اسان جي پيارن پڙهندڙن کي ياد هوندو ته 1959ع ۾ ”گل ڦل“ جي اشاعت جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ جي لائق سيڪريٽري محترم محمد ابراهيم جويي ڪئي هئي. جويو صاحب فيبروري 1961ع تائين بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ انهيءَ حيثيت ۾ ”گل ڦل“ جو ناشر هئو. چنانچ، ”گل ڦل“ ۾ سندس شخصي دلچسپي ۽ اداري ”گل ڦل“ سان سندس قرب ڀرئي تعاون سببان سندس ايامڪاريءَ ۾ رسالو باقاعدي نڪرندو رهيو، ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو. فيبروري 1961ع ۾ جويي صاحب جي بورڊ ڇڏڻ کان پوءِ ويندي اڄ ڏينهن تائين ”گل ڦل“ جي اشاعت ۾ بدقسمتيءَ سان ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ ڪري هميشہ رخنو پوندو رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان کي سخت افسوس آهي. هاڻي، ”گل ڦل“ جي پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري بيحد خوشي ٿيندي ته جويي صاحب تازو سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج، اعزازي طور، وري اچي ورتي آهي. چوند آهن ته ”ماڻهو ايندا ويندا آهن ليڪن ادارا ۽ انجمنون قائم هوندا آهن.“ اهو صحيح آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ڪي ڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ ’انجمن‘ هوندا آهن. هنن جي هوندي، محفل ۾ موج متل هوندي آهي ۽ سخن جي شمع جرڪندي رهندي آهي. ۽ جڏهن هو هليا ويا ته پوءِ اردو زبان جي شيرين زبان شاعر فيض احمد ”فيض“ جي چوڻ موجب:

ويران هي ميڪده، خم و ساغر اداس هين،

تم ڪيا گئي ڪه روڻهه گئي دن بهار ڪي!

”گل ڦل“ جو ٻوٽو محترم محمد ابراهيم جويي پنهنجن مبارڪ هٿن سان لڳايو هو. دعا آهي ته هاڻي سندس آئي، ”گل ڦل“ جي چمن ۾ بهار جا ڏينهن موٽي ايندا ۽ ان جي ٽارين تي وري گل ڦل نڪرندا!

ــــ غلام رباني

7 ــ آڪٽوبر 1963ع تي، ٻارن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي، حڪومت جي اعليٰ عهديدارن جا ڏنل پيغام

 

 

صدر پاڪستان

ٻارُ اسان جو سڀ کان قيمتي خزانو آهي. اسان جي قوم جو مستقبل ان جي ئي صحيح پرورش ۽ سڌاري تي مدار رکي ٿو؛ بلڪ، سڄيءَ دنيا جو مستقبل ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته موجوده نسل جي ٻارن جي پرورش ڪيئن ڪئي وڃي ٿي. ٻارن جي والدين، استادن ۽ عام ماڻهن تي وڏي جوابداري آهي.

 

گورنر اولهه پاڪستان

اڄ هِن ڳالهه جي ضرورت آهي ته ٻارن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪا اهڙي قومي پاليسي هجي، جنهن موجب اسان جي ملڪ جي سڀني طبقن جي ٻارن کي هڪجهڙا ۽ هڪجيترا موقعا ملن ته جيئن هُو وڏا ٿي، پنهنجين جوابدارين کي منهن ڏينِ.

 

گورنر اوڀر پاڪستان

اڄ اسان جون قوتون گهڻي ڀاڱي مستقبل کي ٺاهڻ جي ڪمن ۾ خرچ ٿين ٿيون، پر انهن سڀني ڪمن ۾ ڪوبه ڪم اسان کي آئنده ايڏو فائدو نه پهچائيندو، جيڏو فائدو ٻارن کي سڌارڻ لاءِ ورتل ڪوششون پهچائينديون.

 

 

ڪارل سئنبرگ                                  [سوانح حيات]

 

ابرهام لنڪن

 

سنه 1809ع جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير، ٽام لنڪن پنهنجي جهوپڙيءَ مان ٻاهر نڪري رستي تي آيو ۽ پاڙيسريءَ کي چيائين، ”پنهنجي گهر واريءَ کي چؤ ته مهرباني ڪري منهنجي زال نئنسيءَ وٽ جلد پهچي وڃي، ڇو ته هوءَ وِيَم جي سُورنِ ۾ آهي.“

اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ فيبروري مهيني جي 12 تاريخ. نئنسيءَ پٽ ڄڻيو. ڇوڪر جي پيءُ ٽام لنڪن، چلهه ۾ وڌيڪ ڪاٺيون وجهي، گهڻي گرمي ۽ روشنائي ڪئي، ۽ پوءِ زال جي مٿان وڌيڪ اوڇڻ وجهي، ٻين پاڙيسرين کي ٻار ڄمڻ جي خبر ٻڌائڻ ويو. سڀ کان اول کيس رستي تي اسپئرو وارن جو ڇوڪرو ڊينس گڏيو. ان کي چيائين، ”اسان کي پٽ ڄائو آهي.“ ڊينس نوَن سالن جو ٻار هو. خبر ٻڌي، ڊوڙندو ٽام لنڪن جي گهر آيو. نئنسيءَ ڪنڌ ورائي ڏانهنس نهاريو، ۽ پوءِ کيس چپن تي مُرڪ آئي. ڊينس نئين ڄاول ٻار ڏي گهُوري رهيو هو: گهڙي رکي چيائين، ”چاچي، نالو ڇا رکندينئس؟“ ”ابرهام“، نئنسيءَ جواب ڏنو، ڏاڏَنهسِ جي نالي پٺيان.“

ستت ئي ڊينس جي ماءُ آئي، ۽ هُن ٻار کي وهنجاريو. کيس پِيلي رنگ جي ڪپڙن سان ڍڪيائين، ۽ نئنسيءَ جي کائڻ لاءِ ڪجهه رڌائين. ان بعد ائين چئي، موڪلائي ويئي ته ”وري سڀاڻي صبح جو اينديس.“ پر، ڊينس گهر ڪونه ويو. هُو رات جو به ٽام لنڪن ۽ نئنسيءَ وٽ ٽِڪي پيو. کَٿو کڻي، ويڙهجي سيڙهجي، چلهه جي ڀرسان وڃي ستو. رات جو ننڊ مان جاڳي پيو جو ٻار رڙيون پئي ڪيون. ٽام لنڪن پنهنجي زال کي پئي چيو، ”مٿان ڪپڙو وجهينس، ٿڌ نه لڳيس.“ صبح جو ڊينس ننڊ مان اٿي ننڍڙي ابراهام ڏانهن نهاريو، ۽ نئنسيءَ کي چيائين، ”چاچي، ابرهام ڪهڙو نه ڳاڙهو آهي! مان هنج ۾ کڻانس؟“ ”هائو، ڀلي، پر خيال ڪج!“ نئنسيءَ ورندي ڏنيس. ڊينس ننڍڙي ابرهام کي هنج ۾ کڻي ڪُڏايو ته کيس ڏاڍو مزو آيو. دل ۾ چوڻ لڳو ته ’هاڻي راند روند لاءِ سنگتي ٿي پيو.‘

ڏينهن گذرندا ويا. ستت لنڪن جو خاندان لڏي، اولهه طرف الينوز ڏانهن ويو. ابرهام لنڪن سخت محنت ڪئي: پاڙيسرين کان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي اچڻ واسطي ڪيترائي ميل پنڌ ڪيائين. هڪ ننڍڙي شهر ۾، هڪڙي اِسٽور تي ڪلارڪ ٿي ڪم ڪندي، عام ماڻهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ۽ پوءِ جلد ئي آسپاس جي سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو.

ابرهام لنڪن جي عمر ايڪونجاهه سال اچي ٿي. انهيءَ عمر کي پهچندي، پهچندي، هو ڏاڍو مشهور ٿي ويو هو. عام ماڻهو ۽ ٻار سندس عجيب غريب ڳالهيون ڪندا هئا: ڊگهو ۽ سنهڙو، اداس ۽ گنڀير، ڀوڳائي ۽ دلچسپ؛ چؤ ته سندس اندر ۾ ڪو شمعدان آهي جو ٻري، وسامي ٿو وڃي، ۽ هُو وري ان کي ٻاري ٿو. ابرهام هر اَجنبي ماڻهوءَ جو دوست هو. ٻارن لاءِ ته ائين هئو جيئن ڪتاب ۾ ڪا وڻندڙ مورت هجي.

ابرهام کي ڪپڙا ٺهندا ئي ڪونه هئا: سندس بت تي ڪپڙا ائين هوندا هئا، ڄڻ ته ڪنهن ڪپڙا ڌوئي سُڪڻ لاءِ ڪاٺيءَ تي وڌا هجن. ڪڏهن ڪهڙا لَٽا پائيندو هو، ته ڪڏهن ڪهڙا.

ماڻهو چوندا هئا: ’ابرهام ويچارو آهي هڏا ۽ کَل! لَٽا ائين ٿا لڳنس جو ڄڻ ته ڪنهن مڙدي تي ڪفن پيو آهي.‘

ابرهام پنهنجي مٿي تي ٽوپلو پائيندو هو. اهو ٽوپلو به عجيب هوندو هو. ماڻهو چوندا هئا. ”ابرهام جو ٽوپلو ائين آهي، جيئن جاءِ جي ڇت؛ ابرهام انهيءَ ۾ پنهنجا خيال ائين اٽڪائي ڇڏيندو آهي، جيئن ڇت ۾ ماڻهو شمعدان ٽنگيندا آهن.“

ابرهام جي ٽوپلي تي سندس نالو ۽ ائڊريس به لکيل هوندي هئي ـــ ”ابرهام لنڪن، اسپرنگ فيلڊ ـــ 3“ انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪو ويسارو شخص ڀُل چُڪَ ۾ کڻي وڃي ته مالڪ ڳولي، پهچائي ڏئي.

ابرهام ڇَٽي به ساڻ کڻندو هو، جنهن گهڻين ئي برساتن ۾ کيس ڀِڄي پوڻ کان بچايو هو. انهيءَ تي به ابرهام جو نالو ۽ ائڊريس لکيل هئي ـــ ”ابرهام لنڪن، اسپرنگ فيلڊ ـــ 3“.

ابرهام جڏهن ڊگهو ڪارو ڪوٽ ۽ سوٽ پائي، مٿي ۾ ٽوپلو وجهي، ۽ ڇٽي ساڻ کڻي هلندو هو، ته عجيب قسم جو لڳندو هو. ٻارن کي ائين معلوم ٿيندو هو ته ابرهام ڪو ڏُٻرو گهوڙو آهي، جو هلي، هلي، ٿڪجي پيو آهي. عام ماڻهو کيس ڪڏهن وڪيل ڏسندا هئا، ڪڏهن آمريڪا جي ريپبليڪن پارٽيءَ جو چونڊن ۾ اميدوار، ته ڪڏهن معتبر ماڻهو. پر ابرهام هر حالت ۾ هرڪنهن جو اَجنبي دوست لڳندو هو.

لنڪن جي مشهوري وڌندي ويئي، ۽ هرڪو سندس ايمانداريءَ جي ساک ڏيندو هو. ايمانداريءَ سان گڏ لنڪن بابت ٻي ڳالهه هيءَ عام مشهور هئي ته ”لنڪن ماڻهن کي غلام بنائڻ جي خلاف آهي. هُو گهري ٿو ته غلاميءَ کي ٻنجو اچي ۽ جيڪي غلام هن وقت آهن، تن کي عام انسانن وارا حق ملن.“

ستت ابرهام لنڪن، آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. اهو سخت هنگامي وارو زمانو هو. غلاميءَ خلاف لنڪن جي آواز جو پڙاڏو آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونججي رهيو هو. آمريڪا جون ڏکڻ طرف واريون رياستون، اتر طرف وارين رياست کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪيون هيون. خانه جنگي جا ڪَڪر آمريڪا جي مٿان ڇانئجي ويا ۽ آخر جنگ لڳي. ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا. انهيءَ جنگ ۾ جن ميدانن تي فيصله ڪُن لڙائيون لڳيون، تن ۾ هڪ لڙائيءَ جو ميدان گيٽسبرگ واري لڙائيءَ جي ميدان کي جنگ جو قومي يادگار بنائڻ لاءِ هڪ جلسو ٿيو، ته لنڪن کي چيو ويو ته ’اوهين ڪجهه اکر چئو.‘

لنڪن پنهنجي ڪرسي سيري، ميز کي ويجهو ڪئي، ۽ اکين تي چشمو چاڙهي ڪوٽ مان لکيل تقرير جو مسوّدو ڪڍي اُن تي نظر وڌائين، ۽ پوءِ ان کي وري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين.

لنڪن جي گيٽسبرگ واري اها تقرير آمريڪا جي تاريخ جو اَهم باب آهي. هن چيو:

”ستاسي سال اڳ، اسان جي وڏڙن هن کنڊ ۾ هڪ نئينءَ قوم جو پايو وڌو؛ جا ”آزاديءَ“ جي علمبردار هئي ۽ انهيءَ اعتقاد واري هئي ته ’سڀ ماڻهو برابر آهن.‘ ”هاڻي اها قوم گهرو لڙائيءَ ۾ مبتلا آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي پَرک ٿي رهي آهي ته اهڙن اصولن واري قوم؛ زندهه رهي سگهي ٿي يا نه.

”اڄ اسان انهيءَ لڙائيءَ جي هڪ مشهور ميدان تي گڏ ٿيا آهيون: اسان انهيءَ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته انهيءَ ميدان جي هڪ حصي کي انهن شخصن جي يادگيريءَ لاءِ وقف ڪريون، جن اسان جي قوم جي بقاءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ پنهنجيون زندگيون ڏنيون.

”اهو نهايت ئي مناسب آهي ته اسان هيءُ يادگار قائم ڪريون، ـــ وسيع معنيٰ ۾، اسان پاڻ ته ڪوبه يادگار قائم ڪري نٿا سگهون؛ ڇاڪاڻ ته اُهي سورهيه جوان جي هن ميدان تي وڙهيا، پوءِ اُهي هن وقت مئل آهن يا جيئرا آهن، تن ئي هن ميدان کي ’قومي يادگار‘ جو شرف بخشي ڇڏيو. ميدان کي مليل انهيءَ شرف مان، اسين نه ته ذرو گهٽائي سگهون ٿا، ۽ نه وڌائي سگهون ٿا.

”اڄ اسين هتي جيڪي ڪجهه چونداسون انهيءَ جو دنيا ۾ شايد گهڻو ذڪر يا يادگيري نه به رهي، پر دنيا اهو ڪڏهن به وساري نه سگهندي ته هن ميدان تي ڪهڙو ڪارنامو ٿيو هو.

”درحقيقت اسين جيڪي جيئرا آهيون ۽ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون، تن کي پنهنجو پاڻ وقف ڪرڻو آهي انهيءَ ڪم لاءِ جيڪو اسان جي سورهيه جوانن هٿ ۾ کنيو. اسان کي انهيءَ ڪم کي پورو ڪرڻو آهي. اسان کي اهو عهد ڪرڻو آهي ته بهادرن جي قرباني اجائي نه ويندي. اسان جي قوم کي خدا جي مهربانيءَ سان، آزاديءَ جو نئون جنم ملندو. ’عوام جي عوام لاءِ، عوام تي حڪومت ڌرتيءَ تان ختم نه ٿيندي.“

جلسي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ابرهام لنڪن، آمريڪا جو صدر، ملڪ جي گاديءَ واشنگٽن ڏانهن روانو ٿيو. صدر جي سواري اڌ رات جو واشنگٽن پهتي. لنڪن ٿڪجي پيو هو. ٿورڙو ڳالهايائين، ۽ پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون ڊگهيري ويٺو ۽ پاڻيءَ ۾ آلي ٿيل ٽوال سان هٿ منهن اُگهيائين.

ستت جنگ جو فيصلو ٿيو. اتر وارين رياستن جي سوڀ ٿي، ۽ آمريڪي رياستن جو اتحاد قائم رهيو. پر عين انهيءَ وقت، لنڪن وفات ڪئي ــــ 14 اپريل 1865ع تي، جمعي جي ڏينهن، لنڪن هڪ ناٽڪ ــ گهر ۾ هو، جتي هڪ بيوقوف شخص کيس قتل ڪري ڇڏيو.

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماتم جي صف وڇائجي ويئي. اخبارن جا ڪالم ڪارا هئا، گهرن ۾ روڄ راڙو هو، گهٽين ۾، ريلن ۾، هرهنڌ اهائي وائي وات هئي، ”ابرهام لنڪن قتل ٿي ويو.“ جٿي ڪٿي ماڻهو ابرهام لنڪن کي ساراهي ياد ڪري رهيا هئا، ۽ جڏهن دردناڪ واقعي جي اظهار لاءِ لفظ پورا نٿي پيا، ته هو خاموش ٿِي پئي ويا. جن لنڪن کي پيار ڪيو ٿي، سي ڏک سببان خاموش هئا: سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هئا.

سوين هزارين ماڻهو جيسين جيئرا هوندا، تيسين اِها ڳالهه هميشہ ياد رکندا، ته جڏهن کين لنڪن جي قتل جي وحشتناڪ خبر پهتي هئي، ته هُو ڪٿي بيٺل هئا، ڪٿي ويٺل هئا ۽ ڇا ڪري رهيا هئا. وٽن لفظ ڪونه هئا، رڳو ڏک هو. لنڪن جي موت جي خبر باهه وانگر چوڌاري پکڙجي ويئي. ٻيلي ۾ هڪ ڪڙمي، هڪ تيز رفتار گهوڙي تي سوار هو، هن هڪ پاڙيسريءَ کي واڪو ڪري ٻڌايو ۽ پوءِ ٻئي کي ته ”لنڪن کي گولي لڳي ويئي“ ”لنڪن قتل ٿي ويو.“ـــ بس، ان کان وڌيڪ لفظ هن وٽ ڪونه هئا. سوار هليو ويو. ماڻهن خبر ٻڌي، ۽ هُو اتي جو اتي بيٺا رهيا: حيرت ۾، ڏکويل، گونگا! ڪن ماڻهن رڳو ايترو چيو، ”هاڻي ملڪ جو ڇا ٿيندو!“

فلاڊيفيا ۾ هڪ ماڻهوءَ صبح جو سوير ننڊ مان اٿي، در جي چائنٺ وٽان اخبار کنئي ـــ کانئس دانهن نڪري ويئي، ”يا خدا! هي ڇا ٿي ويو! لنڪن قتل ٿي ويو!“ گهٽيءَ ۾ ويندڙ ماڻهن اهو ٻڌي پنهنجو منهن کڻي هٿن ۾ جهليو، ۽ سندن گرم لڙڪ اکين مان وهي، فرش تي ڪِرڻ لڳا.

اخبارون وڪڻندڙ ڇوڪرا، جيڪي هونئن واڪا ڪري هنگامو مچائي ڏيندا هئا، سي به خاموش هئا. هنن گراهڪن کي چپ چاپ اخبار کڻي ٿي ڏني. هڪڙي ڇوڪر گراهڪ کي اخبار ڏيندي روئي ڏنو، ۽ پوءِ پنهنجي ميري هٿ سان ڳوڙها اُگهي ڇڏيائين. هزارين دڪانن جي مالڪن پنهنجن نوڪرن کي چيو ته ”دڪان بند ڪري ڇڏيو.“ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن سُڏڪا ڀريندي شاگردن کي چيو، ”گهر وڃو، اڄ اسڪول بند آهي.“ گهر ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٻار کي ايترو جلد موٽي ايندو ڏسي، ماءُ پڇيو ”ڇاهي؟“ ”امان“ سندس ٻار جواب ڏنو، ”ابرهام لنڪن اسان جو صدر قتل ٿي ويو!“ انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جاءِ جي دروازي تي ڪارو جهنڊو لڏي رهيو هو.

هنٽنگٽن شهر جي هڪڙي گهر ۾، ماءُ ۽ پٽ صبح جو سوير خبر ٻڌي. هو نيرن ڪرڻ لاءِ ميز تي اچي ويٺا، پر ڪجهه ڪونه کاڌائون، منجهند جي مانيءَ تي به ڪجهه ڪونه کاڌائون، ۽ رات جو مانيءَ تي به ڪجهه ڪونه کاڌائون؛ حالانڪ ميز تي ماني رکيل هئي. هو خاموش هئا. فقط اخبارون پئي ڏٺائون. ڇوڪر دل ۾ اقرار ڪيو، ”جيسين جيئرو هوندس، هر سال 14 آڪٽوبر تي موتئي جي گلن جا هار ٺاهي، ابرهام لنڪن جي تصوير کي وجهندس.“

هاڻي قوم جو وڏو ابرهام هميشہ لاءِ موڪلائي ويو هو. هاڻي ٻار ۽ ٻڍا سندس عجيب غريب ڳالهيون نه ڪندا! هُو هاڻي فقط اهي اخبارون پاڻ وٽ محفوظ رکندا، جن ۾ گيٽسبرگ واري تقرير ڇپيل هئي، ۽ جن جا ڪالم ڪارا ٿيل هئا. هاڻي رڳو ابرهام جي حياتيءَ جي يادگيري قائم رکڻي هئي، ــــ سندس حياتي، جا ڪن اصولن موجب گذري هئي. انهيءَ حياتيءَ جي يادگيري ڪير به کانئن کسي نٿي سگهيو.

هڪڙو ننڍڙو نينگر پنهنجي پيءُ جي چيچ هٿ ۾ جهلي، ڳوٺ کان شهر پئي ويو. هن سڄو ڏينهن ديولن ۾ گهنڊ وڄندي ٻُڌا ۽ ماڻهن جا منهن لٿل ڏٺا. هن آسمان ۾ نهاريو ـــ ڪاري ڪاري رات هئي، آسمان ۾ تارا هئا. لنڪن مري ويو هئو ـــ ليڪن انهيءَ هوندي به ڪاريءَ رات ۾ تارن جو آسمان ۾ سفر جاري هو.

شام جو جيئن شفق جو شعلو سون جيان رِجي ڏينهن جي خاتمي جي نشاني ڏئي ٿو، تيئن ماڻهن جو اَجنبي دوست ابرهام، هن ڌرتيءَ کي ڇڏي آسمان ۾ تارن ڏانهن هليو ويو. هزارين لکين گهرن ۾ ماڻهو دعائون گهري رهيا هئا، ”شال ڌڻي ابرهام کي پنهنجيءَ رحمت سان نوازي!“ ٻئي ڏينهن ملڪ جي اخبارن لکيو، ”آمريڪا جي ڌرتي ۽ آمريڪا جو هر ڪٽنب، ابرهام لنڪن جي موت تي ماتم ڪري ٿو.“

[ترجمو، از: اداره]

 

 

پاٽِنجر

 انگريزن جو ايلچي ميرن جي درٻار ۾

[هن مضمون جو احوال، ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر جي ڪتاب ”ٽريولس اِن بلوچستان ائنڊ سنڌ“ (سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مسافريون) تان ورتل آهي، جو لنڊن ۾، سنه 1816ع ۾ شايع ٿيو هو.]

 

آگسٽ 1808ع

جنهن ڏينهن اسين حيدرآباد پهتاسين، ان جي ٻئي ڏينهن صبح جو ميرن پنهنجا ماڻهو اسان جي ڪئمپ ڏانهن موڪليا. اسان حيدرآباد جي قلعي کان ڏکڻ- اوڀر طرف، اٽڪل هڪ ميل جي پنڌ تي، ڦليليءَ جي ڪپ تي اچي خيما کوڙيا هئا. ميرن پنهنجا ماڻهو اسان جي اڳواڻ يعني انگريز سرڪار جي ايلچيءَ جي مزاج پرسي ڪرڻ لاءِ موڪليا هئا. اُهي پاڻ سان مٺائيءَ سان ڀريل خونچا ۽ ميرن جون دعائون ۽ سلام کڻي آيا هئا. جيئن ته اسان کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو ته ميرن جا ماڻهو ڪي وڏي درجي جا عهديدار نه هئا، پر معمولي خذمتگار هئا، ان ڪري فيصلو ڪيوسون ته اسان جو اڳواڻ مسٽر سمٿ، پاڻ انهن سان نه ملي. هنن کي اول ته اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي، پر پوءِ جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪري پٺتي موٽيا ته راضي ڏسڻ ۾ پئي آيا. ميرن اسان جي انهيءَ هلت کي پنهنجي بيعزتي ڄاتي، ۽ ان تي اعتراض ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ ديوان، مشتاق رام اسان ڏانهن موڪليائون. هُن اسان جي ايلچيءَ کي اِها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ميرن جي دل وٺڻ لاءِ ظاهري طرح سمورا آداب بجا آندا وڃن. مشتاق رام اها به شڪايت ڪئي ته اسان موٽ ۾، ميرن جي مزاج پرسيءَ لاءِ پنهنجو ڪوبه ماڻهو نه موڪليو هو. انهيءَ تي اسان کيس ٻڌايو ته حقيقت ۾ اسان پنهنجو منشي موڪليو هو، پر اُن کي قلعي ۾ گهڙڻ نه ڏنو ويو، جنهن تي هن ڪوشش ڪئي ته ميرن جو ڪو عملدار ساڻس ملي ته انهيءَ جي هٿان ئي اسان جو پيغام ميرن تائين پهچائي. پر انهيءَ ۾ به هن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي.

اسان ديوان مشتاق رام کي وڌيڪ ائين به چيو ته حيدرآباد پهچڻ کان اڳ اسان جي اڳواڻ مسٽر سمٿ، ميرن سان لهه وچڙهه ۾ اچڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ۽ جيڪو منشي ميرن ڏانهن موڪليو هئائين، ان کي به قلعي ۾ اندر گهڙڻ نه ڏنو ويو. هو پيغام جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ قلعي ۾ اندر گهڙڻ نه ڏنو ويو. هو پيغام جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ قلعي کان ٻاهر بزار ۾ بيٺو رهيو. ظاهر آهي ته اهڙيءَ صورت ۾ هاڻي ميرن کي شڪايت ڪرڻ جو سبب ئي ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ غير دوستانه رَويي جي شروعات ميرن جي ئي طرف کان ٿي آهي؛ انهيءَ ڪري جو اسان جو موڪليل ماڻهو اسان جو منشي هو ۽ ان جو عهدو ميرن جي موڪليل ماڻهن، يعني خدمتگارن کان گهڻو مٿي هو.

اسان جي ماڻهن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ذري گهٽ هڪ ڳالهه تان سخت جهيڙي ٿيڻ جو امڪان هو: ڇا ٿيو جو ڪنهن ڳالهه تان هڪ سنڌيءَ اسان جي ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي، سندس ٽوپي لاهي وڌي. ملزم کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو ماڻهن جي هجوم ۾ لڪي، ڀڄي ويو. اهڙي قسم جي واقعي جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ها، پر اسان جي سپاهيءَ جي بردباريءَ سببان جهيڙو ٽري ويو. اسان جي ايلچيءَ حڪم ڪيو ته تنبن جي چوڌاري سپاهي بيهاريا وڃن؛ سو ائين ئي ڪيو ويو.

اسان جي تنبن جي چوڌاري ڄڻ ته ڪو ميلو متل هو. هر طبقي ۽ هر شغل جي ماڻهن اسان جي ڪئمپ جي چوڌاري هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦيريون پاتيون. مسخرن، بازيگرن ۽ رڇ- نچائيندڙ فقيرن رات ڏينهن دهل ۽ توتارا وڄائي اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. انهن مان ڪيترا ته سخت ضدي هئا ۽ اسان جي ايلچيءَ جي خاص تنبوءَ جي ويجهو رات ڏينهن ميڙو مچايون بيٺا هئا؛ چيائون پئي ته جي اسان کين راضي نه ڪنداسون ته اسان تي خدا جي رسول جو ڏمر ٿيندو ۽ سنڌ جا مير اسان کي سزا ڏيندا. ڪي وري بنهه چپ چاپ بيٺا هوندا هئا، ۽ جڏهن اسين شام جو، ڏينهن ٺرڻ بعد، گهوڙن تي چڙهي گهمڻ نڪرندا هئاسون ته ڊوڙي اچي اسان جي ايلچيءَ جو رستو روڪيندا هئا ۽ چوندا هئا ته جي اسان کين راضي نه ڪنداسون ته پوءِ سندن پِٽون ۽ پاراتا اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. پهريائين ته هنن ماڻهن، جن ۾ ايشيا جي گهڻو ڪري سڀني قومن جا ماڻهو شامل هئا، اسان کي ڏاڍو ڪڪ ڪيو، پر پوءِ ستت ئي اسان سندن رڙين ۽ واڪن تي هِري وياسون ۽ هنن جون پِٽون ۽ پاراتا اسان کي کِل ڏياريندا هئا.

حيدرآباد پهچڻ جي ٻئي ڏينهن، مختلف ماڻهن جي ذريعي اسان جي ايلچيءَ جون ميرن سان ملاقات بابت ڳالهيون ٿيون. اسان جو اندازو هو ته جهڙيون حالتون ڏسجن ٿيون ته اسان ميرن سان ملڻ کان سواءِ سنڌ مان واپس هليا وينداسين.

اسان ڀانيو ٿي ته مسند يا تخت زمين کان ضرور مٿانهين هنڌ هوندو. انهيءَ لاءِ اسان اها گُهر ڪئي ته ايلچيءَ جي ويهڻ لاءِ ڪرسي وڌي وڃي، ۽ جڏهن اسان جو ايلچي ميرن وٽ پهچي ته ٽيئي مير اٿي بيهن. پر، ميرن نه رڳو ايلچيءَ جي آڌرڀاءَ طور اٿي بيهڻ کان انڪار ڪيو، پر اُٽلو اها به گُهر ڪئي ته جڏهن اسين درٻار ۾ داخل ٿيون ته سڀ هٿيار لاهي اچون. اسان جي ايلچيءَ مسٽر سمٿ، انهيءَ ڳالهه تي سخت اعتراض واريو ۽ ميرن جي ماڻهوءَ کي چيائين ته ’مان پاڻ ته کڻي اها ڳالهه قبول به ڪريان، پر پنهنجن ٻين ساٿين کي ان لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهان. اها ڳالهه بيعزتيءَ جي آهي ۽ مان پنهنجي سرڪار جي شان ۾ رتيءَ برابر به ڪَس کائڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، ۽ هڪدم سنڌ ڇڏي هليو ويندس.‘ ميرن اها ڳالهه ٻڌي، ولي محمد خان نالي پنهنجو سردار، جيڪو اڳ ۾ اسان کي سفر ۾ ٺٽي وٽ مليو هو، اسان ڏي موڪليو ۽ کيس اختيار ڏنائون ته هُو جيڪا ڳالهه مناسب سمجهي، ان موجب اسان سان ملاقات جا شرط طي ڪري. پر جڏهن هُو اسان وٽ آيو ۽ اسان جي ايلچيءَ جو محڪم ارادو ڏٺائين، ته اسان کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏيائين.

 

ميرن جا سپاهي

باقي اسان جي طرفان وڌل شرطن تي ڳالهائيندي چيائين ته ’اِها ڳالهه اڻ ٿيڻ آهي ته ايلچيءَ جي اچڻ تي مير درٻار ۾ اٿي بيهن.‘ پر، اسان جي مضبوط ارادي کي ڏسي، هو انهيءَ ڳالهه تان به لٿو. پوءِ وري چيائين ته ’چڱو، ڀلا ائين ٿيندو جو مير ٿورڙو ائين چُرندا، جو ڀانئجي ته هو اُٿڻ گهرن ٿا.‘ پر آخرڪار هُن اُهي سڀ چالاڪيون ڇڏي، اها ڳالهه قبول ڪئي ته ايلچي جي اچڻ تي مير اٿي بيهندا ۽ تيسين بيٺا رهندا، جيسين اسان جو ايلچي انهيءَ جاءِ تي ويهندو جا ميرن جي ساڄي پاسي مقرر ٿيل هوندي، ۽ وري جڏهن اسان جو ايلچي درٻار مان نڪرندو، ته مير ساڳيءَ طرح اٿي بيهندا.

هن قسم جي ڳالهين جو نتيجو سنڌ جي حڪومت تي بلڪل صحيح قسم جي راءِ زني آهي،- نه رڳو سنڌ، پر ايشيا جي به سڀني حڪومتن جي اِهائي ساڳي صورت حال آهي. هُو ڌارين تي اهڙي قسم جا شرط شروط وجهي، پنهنجي ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرنديون آهن. تنهنڪري هر شخصِ کي انهن رسمن بجا آڻن جي گُهرَ کي سختيءَ سان دٻائڻ کپي، نه ته آخرڪار پشيمان ٿيڻو پوندس.

آخر جڏهن اسان جي آجيان جا شرط شروط طي ٿي ويا ته اسان جي ميرن سان ملاقات مقرر ٿي. ميرن جي طرفان آخوند محمد بقا خان، اسان جي استقبال لاءِ آيو. اسان شام جو قلعي ڏانهن روانا ٿياسون. قلعي جي ڀِتِ تي، ۽ جاين جي ڇِتين تي زالن ۽ مردن جا هشام مڙيا بيٺا هئا، جن تاڙيون وڄائي، اسان جي مرحبا ڪئي، قلعي جي دروازي اندر داخل ٿياسون ته سامهون چڙهائيءَ وارو هڪ پيچرو هو. انهيءَ پيچري جي ٻنهي پاسين هٿياربند ماڻهو بيٺا هئا. اسان اتان لنگهي درٻار تائين پهتاسين. گهٽين ۾ ايترا ته هٿياربند ماڻهو بيهاريا ويا هئا، جو خطرو پئي ٿيو ته ڪو منجهانئن اسان جي گهوڙن جي هيٺان نه اچي وڃي. آخر ان هنڌ پهتاسين، جتي اسان کي گهوڙن تان لهڻو هو. اتي ولي محمد خان ۽ ٻيا ڪيترا وڏا عملدار اچي اسان سان مليا، ۽ اسان کي هڪ وڏي شاهي ٿلهي ڏي وٺي هليا، جنهن جي هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ٽيئي مير ويٺل هئا. ٿلهي تي بهترين ايراني قسم جا غاليچا وڇايل هئا، جنهنڪري اسان اتي پنهنجا بوٽ لاٿا. پوءِ اسان جي ايلچيءَ جيئن ئي ميرن ڏانهن پهريون قدم وڌايو، ته هو هڪدم اٿيا ۽ تيسين بيٺا رهيا، جيسين اسان جو ايلچي پنهنجيءَ مقرر جاءِ تي وڃي ويٺو. اها جاءِ هن طرح سان پڌري هئي، جو ان تي هڪ ڀرٿ- ڀريل ڪپڙو وڇايل هو.

اسان اڃا پنهنجين جاين تي ويٺاسين مس ته هڪدم اهڙي مونجهاري واري ڳالهه ٿي ويئي، جنهن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته ائين پئي معلوم ٿيو ته ميرن کي اسان جي نيت ۽ ارادن ۾ شڪ شبهو آهي؛ ڇو ته بيشمار هٿياربند ماڻهو اوچتو اچي درٻار ۾ ڳاهٽ ٿيا، ايتريقدر جو ڪيترن کي ته بنهه بيهڻ جي جاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي. اسان جي ترارين ۽ چوغن جا پلوَ ڪن ماڻهن جي پيرن هيٺان اچي ويا. اهڙي حالت ڄاڻي ٻجهي قائم ڪئي ويئي، يا اهو رڳو اتفاق هو، سو چئي نٿو سگهجي. ميرن مان هرهڪ واري واري سان اسان کان خيرعافيت پڇي. جيئن ته اها ملاقات رسمي هئي، ان ڪري هڪٻئي جي مزاج پرسيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه گفتگو ڪانه ٿي. اسان کي درٻار ۾ ويٺي اڌ ڪلاڪ کن ٿيو، ته سڀني ميرن مان جيڪو وڏيءَ عمر وارو هو، تنهن اسان کي آرام ڪرڻ جو چيو. اهڙي قسم جو اشارو هونئن ٻين هندستاني محفلن ۾ پانَ ۽ سوپاريءَ آڇڻ سان ڪيو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ اهو رواج ڪونهي. هتي ايراني رواج موجب ڪافيءَ پيارڻ جي صلاح به ڪانه ٿِي ڪئي وڃي.

ميرن کي، سندن ترارين جي مياڻن ۽ خنجرن جي مٺين تي گهڻي تعداد ۾ هيرا ۽ جواهر جَڙيل هئا ۽ اُهي هٿيار کين بدن تي پاتل هئا. انهن قيمتي ٽپڙن کان سواءِ، سندن ڪمربندن ۾ وڏا زمرد ۽ ياقوت لڙڪندا نظر اچي رهيا هئا. ميرن جي ويهڻ جو طريقو، هرهڪ جي عمر مطابق هو: سڀني کان وڏيءَ ڄمار وارو مير وچ ۾، ٻيو نمبر ان جي ساڄي پاسي، ۽ سڀني کان ننڍو مير ڏائي پاسي کان ويٺل هو- ٽيئي ڄڻا، سنهيءَ بنات جي هڪ اهڙيءَ پٽيءَ تي ويٺل هئا، جيڪا گول چڪر جي صورت ۾ چوڌاري ڦري ٿي آئي، ۽ جنهن جي مٿان فقط ميرن جي ويهڻ وارين جاين تي، اٽڪل هڪ انچ جي ٿولهه وارا ننڍا ريشمي غاليچا رکيل هئا. اُهي غاليچا نهايت خوبصورت نمونيءَ ۾، زريءَ جي گلن سان سينگاريل ۽ ململ جي پوشن سان ڍڪيل هئا. سندن پٺيان ٽي طول وهاڻا ۽ هيٺان گديون رکيل هيون، جي پڻ اهڙي ئي سهڻي نموني سان ڀريل ۽ سينگاريل هيون. انهن سڀني قيمتي شين ۽ هيرن جواهرن جي چَمڪ دمڪ گڏجي، درٻار کي اهڙو ڀڀڪو ٿي بخشيو، جنهن جو اسان کي خواب خيال به نه هو. مطلب ته هرطرف کان دولت جي نمائش ٿي رهي هئي. سرڪاري ڪامورا ۽ عامل پڻ اهڙي ئي شان ۽ ٺٺ سان درٻار ۾ ويٺل هئا. انهيءَ سڄي نظاري جي تجلي ۽ عام شان و شوڪت اسان جي روبرو حيدرآباد جي درٻار جي اهڙي تصوير پيش ڪئي، جا هن کان اڳ اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به ڪانه هئي.

جسماني ڏيک ويک ۾ مير بدن جا ڀَريل ۽ وچولي قد ڪاٺيءَ جا ماڻهو آهن. سڀني کان وڏو، مير غلام علي[1] پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار کان وڏو نٿي نظر آيو؛ ۽ سندس ٻه ڀائر، جن مان هڪ جو نالو مير مراد علي، ۽ ٻئي جو مير ڪرم علي آهي، سي کانئس گهڻو ننڍا هئا. سڀني کان ننڍي مير ڪرم عليءَ جي پيشاني کُليل ۽ وڻندڙ آهي. سندس منهن تي هميشه مرڪ رهي ٿي، جا سندس رِلڻيءَ مِلڻيءَ طبيعت جي نشاني آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻيئي ڳالهيون، ٻنهي وڏن ميرن جي سڀاءَ جي ابتڙ آهن ۽ رڳو هن جي سڀاءَ ۾ سمايل آهن. هنن ٻنهي لاءِ عام طور ائين مشهور آهي ته طبيعت جا چيڙاڪ ۽ ڪنهن جي غلطيءَ کي درگذر ڪرڻ وارا ناهن؛ پر ساڳئي وقت هو ڪنهن به صورت ۾ ظالم نه آهن.

پوشاڪ جي معاملي ۾، ٽنهي ڀائرن جي لباس ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو. کين نفيس ململ جا ويڪرا چولا پهريل هئا، جن جي مٿان نهايت قيمتي لونگين جا ڪمربند ويڙهيل هئا. سندن پٽڪا سنهي ۽ شفاف ڪپڙي جا هئا ۽ ٿولهه ۽ ويڪر ۾ ايڏا وڏا هئا، جو اهڙا پٽڪا هن کان اڳ مون ڪٿي به نه ڏٺا هئا[2]. اندازي طور آءٌ ايترو چئي سگهان ٿو ته انهن جي گِيل ٻن ۽ اڍائي فوٽن جي وچ ۾ هئي، پر ان هوندي به اُهي اهڙيءَ صفائيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان ٻڌل هئا، جو نڪي ايڏا وڏا ٿي معلوم ٿيا ۽ نه وري ڏيک ويک ۾ اڻوڻندڙ.

جيڪو عرصو اسان حيدرآباد ۾ رهيل هئاسون، ان سموري عرصي ۾ اسان کي انتهائي زبردست برسات کي منهن ڏيڻو پيو. ڦليلي پنهنجن ڪنارن تان پلٽجي اُٿلي پيئي، ۽ اسان جي ڇانوڻيءَ کي ذري گهٽ ٻوڙيو هئائين. آخر مينهن جي پاڻيءَ کي واهن ۾ لوڙهيو ويو. اهي واهه آسپاس ڄارَ وانگر پکڙيل آهن. جڏهن ڪي کاهيون کوٽيون ويئيون تڏهن وڃي اسان جو پنهنجي ميدان ۾ رهڻ ڪجهه سولو ٿيو، جيڪو هونئن ڏاڍو ڏکيو نظر پئي آيو. آبهوا جي ٻُوسٽ ۽ گُهٽ کي وري زمين مان نڪرندڙ اوٻر ۽ بخار هيڪاري وڌايو. انهيءَ ڪري اسان جي ڪئمپ جا ڪيئي ماڻهو بخار ۽ ٻين اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا، جيڪي آبهوا جي اهڙيءَ اوچتيءَ تبديليءَ سببان پئدا ٿينديون آهن. انهن شريف ماڻهن، بهرحال، باقاعدگيءَ سان ڪسرت ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ضروري حفاظتي قدمن کڻڻ سان، جيئن تيئن ڪري پنهنجيءَ صحت کي برقرار پئي رکيو، حالانڪ سڀئي ماڻهو ٿورو ڪي گهڻو گرميءَ جي سختيءَ ڪري ڪڪ ٿي پيا هئا. گرمي ايتريقدر وڌي ويئي هئي جو ٿرماميٽر ڪڏهن ڪڏهن 102 ڊگرين کان مس هيٺ لهندو هو. مون اهڙو خراب وقت سڄي هندستان ۾ ڪٿي به ڪونه گذاريو. خاص ڪري حيدرآباد جون راتيون ڏاڍيون ڏکيون گذريون.

 [ترجمو، از: ادارو]


[1] . مير غلام علي هيلتائين انتقال ڪري ويو آهي.

[2] . سنڌ جي وڏن ماڻهن جي پٽڪي جي گِيلِ جو اندازو هن مان لڳائي سگهبو ته منجهانئن ڪي 80 وال مٿي تي ٻڌندا آهن. ڪپڙي جي ويڪر 8 کان 12 انچ هوندي آهي. ـــ پاٽنجر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com