خط
پيارا ٻارؤ! اوهان گل ڦل پڙهي منهنجي راء ۽ مشورن
کان اسان کي آگاهه ڪريو. اسين اوهان جي راءِ ۽
مشورن تي عمل ڪنداسين.]
ادل، گهڻي سڪ محبت مان لکجي ٿو ته مان اوهان جو
رسالو ”گل ڦل“ هر مهيني پابندي سان وٺي وڏي چاهه
سان پڙهندو آهيان. گلڦل جو اپريل وارو شمارو
منهنجي هٿن ۾ آهي رسالي جو اکر اکر پڙهيو اٿم، هي
واحد رسالو آهي جيڪو هر مهيني ننڍڙن پتڙڪن ٻارن جي
امنگن جي ترجماني ڪري ٿو. ”غلام محمد بلو“ جو
تحرير ڪيل ” سپنو ٿي ويوسچ“ حضرت يوسف عليه السلام
جو ننڍي هوندي جو جواب، جيڪو اڳتي هلي سچ ثابت ٿيو
سو دل کي ڏاڍو وڻيو، انهي ڪري ڀاءُ کي لکين
مبارڪون پيش ڪريان ٿو. تصويري فيچر سحر امداد
”صنم“ به تصوير سان گڏ سٺو لڳو، انهيءَ علاوه
رسالو سمورو سٺو هيو. اڳتي به اميد ٿو ڪريان ته
اهڙي ڪاوش سان نوازيندا رهندا.
فقط وفا عبدالغفار سنگھڙ.
ادا، اپريل وارو گل ڦل ڪن سببن ڪري اسان کي ٿورو
دير سان مليو. جنهن ڪري هي پهرين خط به تمام دير
سان لکي رهيا آهيون. اميد ته محفل ۾ جڳهه ڏيندا.
شروعات ڪلام الله سان ڪري اسان جي ٻارن کي دين جي
تعليم ڏيڻ جو به سٺو ۽ اهم قدم آهي۽ ٻيو پيغام
رسول به هڪ سٺو سلسلو آهي. اوهان جو لکيل ٻار اسان
جو آئندو به تمام بهترين آهي.ان بعد اه صاحب جي
ڪلام ۽ سمجھاڻي اسان لاءِ اها تمام اهم ڳالهيون
آهن. ان لاءِ اوهان کي اهڙن مسلسل سلسلن هلائڻ تي
اسان جي طرفان مبارڪون هجن سحر امداد جو تصويري
فيچر تمام صنم تمام بهترين. ان تي سحر امداد کي
اسان جي طرفان مبارڪ چوندا. نئين قسطوار ڪهاڻي نٿو
نانواڻي تمام سٺي هئي ٻي قسط جو شدت سان انتظار
آهي ۽ مڪبيٿ جي آکاڻي ۽ ٻيو سڄو گلڦل تمام بهترين
هو.
فقط
مرڪ لغاري ۽ مختيار علي لغاري
ڳوٺ حاجي مير حسن لغاري.
ادا، شال هميشه پنهنجي ساٿ سان خوش هجو ۽ پنهنجي
املهه ڪاوش سان سنڌي ٻارڙن ۾ ادبي ذوق شعوري سگھ ۽
سندن صلاحتن کي اجاگر ڪندا رهو. ڪنهن ڏاهي جو قول
آهي ته هر چڱي ڪم جي شروعات ڪمزور ٿيندي آهي. جيئن
گذريل سال پنهنجي اسڪول (هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ) ۾
اسٽوڊنٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن ٺاهي سون، جيڪا ساٿ نه
ملڻ تي ناڪام ٿي ويئي هڪ ننڍڙي راءِ پيش ڪندس.
راءِ هي آهي ته هينئر تعليم جي تباهي ڪنارن پئي
ڇهي، نقل عروج کانپوءِ زوال ٿيندو آهي بهرحال (
ٿورن لفظن ۾) گل ڦل ۾ هڪ سليسليوار ڪالم هجي جنهن
۾ هر پرچي ۾ ڪنهن هوشيار پوزيشن هولڊر شاگرد سان
گفتگو هجي.
ادا سائين جيئن ته 9 مئي تي اسن جا امتحان آهن،
نائين ڪلاس ۾ منهنجو پرسنٽيج 80 آهي ڪوشش اٿم ته
مئٽرڪ اڃان ڪجھ وڌي انهن جي ڪري في الحال ٻيون
مصروفيتون ڇڏي ڏنيون اٿم پر توهان ڏي هن خط لکڻ جي
وڏي آرزو هئي، جيستائين توهان جو جواب اچي ذهن ۾
ٽينشن رهندو تنهنڪري وري اها التجا ڪندس ته جواب
ڏيڻ ۾ ڪا به دير نه ڪندا.
چڱو خدا حافظ اوهان جو
ممتاز گل ٻٻر نئون ڪوٽ.
ادا، مان هي پهريون ڀيرو مواد موڪلي رهيو آهيان ۽
انهيءَ سان گڏ تصوير به موڪلي رهيو آهيان. مهرباني
فرمائي تصوير ۽ مواد گلڦل رسالي ۾ ضرور شايع ڪندا
۽ منهنجي دل کي خوش ڪندا مون کي گل ڦل گھڻو پسند
آهي. مان چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان.
ارشد الله ٻگھيو
گورنمنٽ پرائمري ايگريڪلچر فارم ڏوڪري.
گل ڦل نون رنگن ۽ ڍنگن سان شايع ٿيو. آئون هي
رسالو ڏاڍي شوق چاهه سان پڙهندو آهيان. هي رسالو
ٻارڻي ادب جي کوٽ خلاف هڪ قدم اڳتي آهي. وڏا وڏا
ليکڪ ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ لاءِ الاهي ڇو عيب سمجھندا
آهن جيستائين وڏا اديب ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ ۾ قدم
کڻن. تيستائين ٻارن تائين سٺو مواد نٿو پهچي سگھي.
ٻاراڻي ادب کانسواءِ ادب اڌورو ۽ اڻپورو آهي. ٻار
نه رڳو زندگيءَ جي سونهن پڻ آهي. اپريل واري شماري
۾ سنتوش ڪامراڻي جي مضمون سچ ته موهي وڌو جيڪو
ماحول جي آلودگيءَ بابت لکيل هو.
فقط اوهان جو ملهار سنڌي، رتوديرو
ساٿي، آئون هر مهيني اوهان جو پيارو ۽ پسنديده
رسالو گل ڦل تمام شوق سان پڙهندو آهيان هن رسالي
جون سڀ آکاڻيون تمام سٺيون آهن جھڙوڪ، ويران
حويلي، ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر، بادشاهه ۽ هاٿي ۽ نٿو
نانوائي سڀ آکاڻيون تمام دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن ۽ ٻيو
ته اوهان جيڪي هاڻي ٻيو نئون سلسلو شروع ڪيو آهي
جانورن جا نالا ڳولهڻ، اهو سلسلو تمام گھڻو پسند
آيو، ننڍڙي صنم جون ڳالهيون تمام گھڻيون پسند
آيون.
فقط اوهان جو دوست
الاهي بخش منگي
آئون ڪافي عرصي کان ”گل ڦل“ پڙهندو پيو اچان، پر
خط آئون پهريون دفعو لکي رهيو آهيان اپريل 1993ع
جي پرچي ۾ ”سپنو ٿي ويو سچ“ ”ڪوئل“، ٽلو جو خطرناڪ
سفر، ويران حويلي“، شمس الدين سومري جو ورتل ” بي
بي حسنه بانو“ جو انٽريو ۽ ٻيون تحريرون تمام
سٺيون لڳيون.
اوهان جو حبدار علي سولنگي ڳيريلو
نمبر ملايو
هيٺ ڏنل تصوير ۾ نمبر ته ملائي ڏسو، ڪهڙي تصوير
ٺهي ٿي.
گل ڦل قلمي دوستي
• نالو: سليم الرحمان شيخ.
ڪلاس اٺون (اي) وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ.
عمر 14 سال.
ائڊريس: لطيف هائوس ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو.
• نالو: اميتاب جوڳي.
ڪلاس: اٺون.
وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: پوسٽ خير محمد آريجا ڏوڪري.
• نالو: غلام محمد چاچڙ.
ڪلاس: اٺون (اي).
وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌ ڪوٽ.
• نالو: محمد موسيٰ مير بحر
ڪلاس: ڏهون. ڍ
وندر: قلمي دوستي رکڻ.
عمر: 14 سال.
ائڊريس: الماس ڪريانه اسٽور ٺٽو.
• نالو: خالد علي مهر.
ڪلاس: پنجون.
وندر: ونجھ وٽي راند ڪرڻ.
عمر: 10 سال.
ائڊريس: پرائمري اسڪول ڌاماجي پوسٽ عادل پور.
• نالو: ديدار علي سومرو.
ڪلاس: ڏهون (بي).
وندر: علم سان چاهه.
عمر: 16 سال.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري.
• نالو: امتياز احمد ڀٽي.
ڪلاس: ستون (اي).
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ.
عمر: 13 سال.
ائڊريس: مڊل اسڪول مٺياڻي.
• نالو: دلبر خان سنجراڻي.
ڪلاس: ڇهون (اي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ.
عمر: 12 سال.
ائڊريس: پوسٽ آفيس ٻرهون شهداد پور.
• نالو: قلندر بخش ساريو.
ڪلاس: ڇهون.
وندر: قوم سان محبت.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: پوسٽ بگي ڏوڪري.
• نالو: ايم اڪرم جوڳي.
ڪلاس. ڏهون (اي)
وندر: ادب سان چاهه.
عمر: 16 سال.
ائڊريس پوسٽ آفيس ڪيهر لاڙڪاڻو.
• نالو: محمد اسماعيل سنجراڻي،
ڪلاس نائون.
وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس مهراڻ ميڊيڪل اسٽور جھول.
• نالو: آصف علي مهر.
ڪلاس: پنجون.
وندر: رسالا پڙهڻ.
عمر: 11 سال.
ائڊريس: پرائمري اسڪول ڌاماجي پوسٽ آفيس عادل
پور.
• نالو: عروج جبين مهر.
ڪلاس: پنجون (اي).
وندر: ادب سان چاهه.
عمر: 9 سال.
ائڊريس: معرفت قادر بخش گورچاڻي شاپ ڪيپر سڪرنڊ
روڊ عظيم ڪولوني نواب ساهه.
• نالو: حسين احمد مهر.
ڪلاس نائون.
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: ڳوٺ وڌڻ مهر تعلقو گھوٽڪي.
• نالو: غلام رباني مهڙ.
ڪلاس: ستون (بي).
وندر: ادب سان چاهه.
عمر: 14 سال.
ائدريس: عظيم ڪالوني نواب شاهه.
• نالو: شهزادو سنگهڙ.
ڪلاس: ڏهون
وندر: علم سان چاهه.
عمر: 17 سال.
ائڊريس: هاءِ اسڪول قادر پور.
• نالو: امتياز علي شيخ.
ڪلاس: نائون (سي).
وندر: سٺا ڪتاب پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ.
• نالو: اشفاق احمد ميمڻ.
ڪلاس نائون (اي).
وندر: رسالا پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: ميمڻ محلو وارڊ 8 سجاول.
• نالو: نادر حسين مڪراڻي.
ڪلاس: ستون (اي)
وندر: فوٽ بال راند کيڏڻ.
عمر: 13 سال.
ائڊريس: هاءِ اسڪول ٺٽو.
• نالو: مختيار علي لغاري.
ڪلاس ڏهون (بي)
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ.
عمر: 15 سال.
ائڊريس: هاءِ اسڪول تلهار بدين.
کل ته سهي
* هڪ همراه هوٽل تي ماني کاڌي، هٿ ڌوئڻ لاءِ جڏهن
ٽوال کنيائين ته ميرو هو. بيري کي چيائين ته: صاف
ٽوال ته رکو.
بيري جواب ڏنو: سائين ڪمال آهي، صبه کان وٺي سئو
کن ماڻهو هٿ اگهي ويا آهن. ڪنهن به اعتراض نه ڪيو
آهي. اوهان چئو ٿا ته ميرو آهي.
* هڪ بيوقوف (ٻئي بيوقوف کان پڇيو) جڏهن اکين ۾
مرچ پئجي وڃن ته ڇا ڪجي؟
ٻئي بيوقوف جواب ڏنو: ڇا وري ڇا ڪجي اکين ۾ کنڊ
وجھجي“.
[علي اظهر قريشي ٺٽو]
* مهمان هڪ گھر ۾ رهيل هئا. اتي ميزبان، مهمان
لاءِ گوشت ڀڃي رهيو هو. هڪ مهمان اٿيو ٽي چار
ٻوٽيون ڪڍي کائي چيائين ” لوڻ ٿورو اٿس“. وري ٻيو
مهمان اٿيو. ”ان به ٽي چار ٻوٽيون ڪڍي کائي چيو ”
مرچ گھٽ اٿس“ ٽئين مهمان جو وات پاڻي پاڻي ٿيڻ
لڳو، سو اٿي چار ٻوٽيون ڪڍي کائي چيائين ”گھ به
ٿورو اٿس“ ميزبان ڇا ڪيو جو بڇيل ٻوٽيون ڪڍي کائي
چيائين: ” ديگڙي ۾ ٻيو سڀ ڪجھ آهي، پر گوشت ڪونه
آهي.
[فرزانه ياسمين ميراڻي ڪنڌڪوٽ]
* مالڪ نوڪر کي چيو ” ريڊيو بند ڪر“ نوڪر ريڊيو
کڻي چيو: ”سائين ڇا ۾ بند ڪيان صندوق ۾ يا الماڙي
۾“.
[سنعيه فرح شيخ سکر]
* پٽ روئندي پيءُ کي دانهن ڏني ته، هن کي وڏي ڀاءُ
ماريو آهي. پيءُ وڏي پٽ کي چيو: ”ڀاءُ کي ڇو ماريو
اٿئي؟“
وڏي پٽ جواب ڏنو: بابا توهان ئي ته چوندا آهيو ته
جيڪو تون کائين اهو ننڍي ڀاءُ کي به کارائيندو ڪر،
سو مون امان کان مار کاڌي سو مون وري ننڍي ڀاءُ کي
ڏني.
[عاجز گل بهار لغاري ڪامارو شريف]
*استاد شاگرد کي انڊسٽري جي معنيٰ ٻڌاءِ؟
شاگرد: سائين انڊس معنيٰ سنڌو۽ ٽري معنيٰ وڻ، سو
اندسٽري معنيٰ ٿيندي سنڌوء جا وڻ.
[محمد صديق ميراڻي، ٻيرڙي شريف]
زال (مڙس کي) اڙي! اُٿ الائي ڪير گهر کي ٻهاري ويو
آهي؟
مڙس: (آرس ڀڃندي) چڱو ٿيو. هڪ ڏينهن جي ٻهاري ڏيڻ
کان بچي پيس.
[انيل ڪمار پرچاڻي ڏوڪري]
* عيد جي ڏينهن تي هڪ ماڻهو جي گھران چوري ٿي وئي،
ٻن ڏينهن کانپوءِ کين عيد ڪارڊ مليو، جنهن ۾ لکيل
هو، عيد جهڙيون خوشيون خدا توهان کي سدائين نصيب
ڪري.
[شاهد علي لاڙڪاڻو]
امتحان حال ۾ شاگرد (استاد کي) چيو ته سائين لفافو
ڏيو؟
استاد پڇيو ڇو؟ شاگرد جواب ڏنو. ته سائين پرچي ۾
لکيل آهي ته پنهنجي دوست کي خط لکيو، سو لکيو اٿم.
لفافو ڏيو ته ان تي ائڊريس لکي کيس موڪليانس.
[وجيش ڪمار ڪنڌ ڪوٽ]
* ڊاڪٽر ( مريض کي) مان تو کي هري دوا ڏيندس جو
تون جوان ٿي ويندين. وريض چيو سائين اهڙو ظلم نه
ڪجو، مون کي پينشن ملڻ واري آهي.
[خالد ميراڻي ٻيرڙي]
سوال مڪمل ڪريو؟
هيٺ ڏنل سوال مڪمل ڪري موڪليو. جنهن ٻار جا جواب
صحيح هوندا، ان کي رسالو ٽن مهينن تائين مفت ۾
موڪلبو. سوال وارو حصو ڪٽي موڪليو. هن سلسلي ۾
مئٽرڪ تائين ٻار حصو وٺي سگھن ٿا.
1_ الوحيد اخبار...................سن کان جاري
ٿي.
2_ ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جو رسالو جرمني
مان............... سن ۾ سنڏي ۾ ڇپرايو.
3_ سنڌ جي حاڪم ..........جي امڙ لطيف سائين جي
عقيدت مند هئي ۽ پٽ جو نالو به شاهه جي عقيدت ۾
رکيائين.
4_ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري
دفتري ٻولي..............هئي.
5_ گنجو ٽڪر سنڌ جي مشهور شهر ...............۾
آهي.
رنگ ڀريو
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو. پهريون نمبر
ايندڙ تصوير جي رنگ ڀريندڙ کي هڪ مهيني جو رسالو
مفت ۾ موڪلبو.
پورونالو:........................................................
|